منهنجي پڻ سلسلئه ڪلام جاري رکندي چيو، ”منهنجي صبر جو پيالو هاڻي مڪمل طرح لبريز ٿي چڪو هو، هزارين بي آبرو ٿيل سامن کي منهن ڏيڻو پيو هو، انهن کان بيزار هئڻ سبب مون پاڻ کي
فنا ڪرڻ جي تمنا ٿي رکي، فقط ڪا ڳڙڪ مون کي پاڻ ۾ سمائڻ لاءِ گهربل هئي، مونپاڻ کي انهن خسيس شين مان هڪڙو سمجهيو، جن کي قدرت ڪن ڪچري
واريءَ جاءِ تي اڇلڻ ۽ اتي گمناميءَ ۾ ناس ٿيڻ لاءِ منتخب ڪيو آهي، انهن سڀني ڳالهين هوندي به مون وٽ اڃا تائين اڌ گني بچيل هئي، مون ان اڌ
گنيءَ بابت ويچار ڪيو، ته قدرت کي پڻ مون کي ان کان محروم ڪرڻ نه گهرجي، پر ان کان مطمئن ٿيڻ لاءِ مون يڪدم ان کي خرچ ڪرڻ ۽ پوءِ وڌيڪ وقت
لاءِ حالات تي ڀروسي رکڻ جو ارادو ڪيو، جيئن آءٌ ان ارادي سان وڃي رهيو هئس، تيئن مون کي ”مسٽر ڪرسپ“ جو دفتر ڏسڻ ۾ آيو، جو نهايت دلڪشيءَ
پيدا ڪندڙ نموني ۾ کليل هو، ۽ مون کي پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيو هو، هن آفيس ۾ ”مسٽر ڪرسپ“ سرڪار نامدار جي سڀني رعيتن کي ساليانو ٽيهن پائونڊن جي
ڏيڻ جو سخاوت ڀريو وعدو ڪري رهيو هو ۽ ان وعدي جي عيوض سڀ ڪجهه جيڪي ڪجهه هنن ڏنو ٿي، سو هو حياتيءَ ڀر پنهنجي آزاديءَ تان هٿ کڻڻ، ۽ کيس
اها اجازت ڏيڻ ته هو ڀلي کين ”آمريڪا“ ڏانهن غلامن طور روانو ڪري آءٌ اهو دفتر ڏسي خوش ٿيس، ڇا ڪاڻ ته اتي آءٌ پنهنجي نا اميدي جي خوفن کي
وڃائي ٿي سگهيس، آئون انهيءَ غار ۾ گهڙيس، جنهن جو ظاهري ڏيک هڪ راهب جي عابد گاهه جهڙو هو، اتي مون پاڻ جهڙن ٻين غريب انسانن جو وڏو هجوم
ڏٺو، اهي سڀئي مون وانگر خراب حالتن ۾ مبتلا ٿيل هئا ۽ ”مسٽر ڪرسپ“ جي تشرف فرما ٿيڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا هئا ۽ انگريزي بي صبريءَ جو
حقيقي نمونو پيش ڪري رهيا هئا. هر هڪ بد نصيب انسان پنهنجي بدنصيبي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو، آخر ”مسٽر ڪرسپ“ تشريف فرما ٿيو ۽ اسان جي سموري
ڀڻ ڀڻ بند ٿي ويئي، هن مون تي خاص نموني ۾ تعظيم ڪرڻ جي نوازش ڪئي ۽ سچ پچ ته گذريل مهيني کان هيءُ ئي پهريون ماڻهو، جنهن مون سان مشڪي
ڳالهايو، ٿورن سوالن پڇڻ کان پوءِ کيس معلوم ٿيو، ته آءٌ دنيا جي هر ڪنهن ڪم ڪرڻ لائق هوس، هن ڪجهه وقت منهنجي لاءِ تمام موزون طريقن مهيا
ڪرڻ جي سوال تي ويچار ڪيو ۽ پنهنجي پيشانيءَ تي اهڙي نموني ڌڪ هنيائين جو ڄڻ ته کيس اهو طريقو سجهي آيو هو، هن مون کي چيو، ” هن وقت
”پينسلوينيا“[1]
جي ڪائونسل طرفان ڏکڻ ”آمريڪا“ جي هڪ قوم، ”چڪاسا انڊين“[2]
ڏانهن هڪ ايلچيءَ موڪلڻ بنسبت گفتگو هلي رهي آهي، آءٌ پنهنجي سموري طاقت توکي سيڪريٽري جي جڳهه وٺي ڏيڻ لاءِ ڪم آڻيندس“. مون پنهنجيءَ دل ۾
سهي ڪيو، ته هن ڪوڙ ڳالهايو، پر سندس آواز ۾ اهڙي ڪا ڪوشش هئي، جو ان هوندي به سندس وعدي مون کي خوشي ڏني، انهيءَ سبب مون پنهنجيءَ اڌ
گنيءَ کي ايمانداريءَ سان ورڇيو، ان جو اڌ سندس ٽيهن هزارن پائونڊن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سندس حوالي ٿيو، ۽ ٻئي مان مون ڀر واري شراب خاني ۾
کانئس وڌيڪ خوش ٿيڻ لاءِ وڃڻ جو ارادو ڪيو.
جيئن آءٌ انهيءَ ارادي سان ٻاهر پئي ويس، تيئن دروزاي وٽ مون کي هڪ جهاز جو ڪپتان مليو، ان ماڻهوءَ سان منهنجي اڳي ڪجهه واقفيت هئي، ۽ هن مون سان شراب جي پيالي ۾ شريڪ ٿيڻ قبول
ڪيو.
جيئن ته مون پنهنجي حالات کي ڳجهو رکڻ پسند نه ڪيو، انهي ڪري هن مون کي خاطري ڏني، ته ان آفيس جي ڪارڪنن جي وعدن تي اعتبار ڪرڻ سبب آءٌ اصل پنهنجي برباديءَ جي ڪڙيءَ تي اچي پهتو
هوس، ڇاڪاڻ ته ”مسٽر ڪرسپ“ جو ارادو صرف مون کي آمريڪا جي نو آبادين ڏانهن وڪري ڪرڻ جو هو، هن وڌيڪ چيو، ”مون کي اميد آهي، ته تمام ننڍي
بحري مسافريءَ بدولت، تون بلڪل سهولت ۽ شرافت سان روزگار جو ذريعو هٿ ڪري سگهندين، منهنجي صلاح وٺ، منهنجو جهاز سڀاڻي ”آئمسٽرڊئم“[3]
ڏانهن روانو ٿيندو، تو کي خبر آهي ته جيڪڏهن تون اوڏانهن هلندين ، ته ڇا ٿيندو؟ انهيءَ ساعت جڏهين تون زمين تي پير رکندين، تڏهين تو کي ڊچن
کي انگريزي سيکارڻ جو ڪم ڪرڻو پوندو، ۽ آءٌ توکي خاطري ٿو ڏيان ته تو کي ڪافي شاگرد ۽ پئسا ملندا، هن پنهنجي سلسلي ڪلام کي جاري رکندي چيو،
”آءٌ سمجهان ٿو ته تون هن وقت تائين انگريزي چڱيءِ طرح ڄاڻين ٿو، نه ته ان ڪم ۾ مشڪلات ٿي پوندي“. مون ان بابت کيس خاطري ڏني، مگر ڊچن جي
انگريزيءَ سکڻ جي چاهنا متعلق شڪ ظاهر ڪيم، هن قسم تي مون کي خاطري ڏني، ته ڊچ ماڻهو ان جي سکر جي شوق ۾ پريشان آهن، هن جي يقين ڏيارڻ تي
مون سندس رٿ قبول ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن ڊچن کي انگريزيءِ سيکارڻ لاءِ جهاز رستي ”هالينڊ“ ڏانهن روانو ٿيس، هوا سڻائي ۽ مسافري ننڍي هئي، پنهنجي
متحرڪ ملڪيت جو اڌ ڀاڙي طور ڏيڻ کان پوءِ، مون پاڻ کي ”ائمسٽرڊئم“ جي گهٽين مان هڪ ۾ آسمان مان هيٺ ڪريل هڪ اجنبي ماڻهوءَ وانگر ڏٺو، هن
حالت ۾ مون نٿي چاهيو، ته منهنجو ڪجهه به وقت سيکارڻ ۾ مشغول هئڻ کانسواءِ گذري، تنهن ڪري مون کي جيڪي به ماڻهو مليا، انهن مان اهڙن ٽن چئن
ماڻهن سان پنهنجو احوال ڪيم، جن جو ٻاهريون ڏيک ويک اميد افزا هو، مگر اسان جو هڪ ٻئي کي پوريءَ طرح سمجهڻ ناممڪن هو، ان ساعت تائين مون کي
ڪڏهن به اها ڳالهه ڌيان تي نه آئي، ته ڊچن کي انگريزي سيکارڻ لاءِ اهو تمام ضروري هو، ته کين پهريائين مون کي ڊچ ٻولي سيکارڻ گهرجي، آءٌ
ڪيئن اهڙو پڌرو عذر نظر انداز ڪري سگهيس، تنهن جو مون کي پڻ عجب آهي، پر اها خاطري اٿم، ته مون ان کي نظرانداز ڪيو.
هن تجويز جي ناڪام ٿيڻ بعد، منهنجيءَ دل ۾ جهاز وسيلي ”انگلينڊ“ ڏانهن واپس ورڻ جو خيال پيدا ٿيو، پر هڪ ”آئير لنڊ“ جو شاگرد جو ”لوون“[4]
کان واپس وريو هو، ان سان ملڻ تي اسان جي گفتگو ادب جي موضوعن تي پهتي، (ڇاڪاڻ ته لٿي پٿي ائين چئجي ته، جڏهين آءٌ اهڙن موضوعن تي گفتگو
ڪري سگهندو هوس، تڏهن پنهنجي حالات تي گهٽتائيءَ کي وساري ڇڏيندو هوس) ۽ کانئس مون کي معلوم ٿيو، ته ان سڄيءَ دانشڪده ۾ صرف ٻه ماڻهو به ڪو
نه هئا، جن يوناني ٻولي سمجهي ٿي ان ڳالهه مون کي حيرت ۾ وڌو ۽ مون يڪدم ”لوون“ ڏانهن مسافري ڪرڻ ۽ اتي يوناني ٻوليءَ سيکارڻ وسيلي گذران
حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو، هن ارادي ۾ منهنجي شاگرد ڀاءُ منهنجي همت افزائي ڪئي، ۽ ڪجهه اهڙيون هدايتون ڏنائين، جن جي وسيلي دولت حاصل ٿي سگهي
ٿي.
ايندڙ صبح جو آءٌ جرائت سان اڳتي وڌيس.
هرڪنهن ڏينهن ”لقمان حڪيم“[5]
۽ سندس مانين جي ٽوڪري“ وانگر منهنجي متحرڪ ملڪيت کي گهٽايو ٿي، ڇا ڪاڻ ته جيئن مون اڳتي مسافري پئي ڪئي، تيئن اهي پئسا ڊچن کي رهائش واسطي
پئي ڏنم، جڏهن ”لوون“ پهتس، تڏهن پهريائين مخفي طرح پروفيسرن وٽ نه ويس، مگر کليءَ طرح پنهنجن لياقتن کي ”پرنسيپال“ وٽ پيش ڪرڻ جو ارادو
ڪيم. آءٌ ويس ، اجازت مليم، ۽ پنهنجون خدمتون يوناني ٻوليءَ جي ماستريءَ لاءِ آڇيم، جنهن جي لاءِ مون ٻڌو هو ته ان دانشڪده ۾ ضرورت هئي،
پرنسيپال پهريائين منهنجي لياقتن بنسبت شڪي ڏسڻ ۾ آيو، پر کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ آڇ ڪيم، ته هو پاڻ مون لاءِ ڪنهن به يوناني تصنيف جي ڪنهن به
ڀاڱي کي لاطيني ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪري. مون کي پنهنجي تجويز ۾ بلڪل پختو ڏسندي هن نموني مون کي خطاب ڪيو، ”نوجوان تون مون کي ڏسين ٿو“.
هن وڌيڪ چيو، ”مون اصل يوناني ڪانه سکي آهي، ۽ آءٌ نٿو ڀانيان ته مون ڪڏهن به ان جي ضرورت محسوس ڪئي آهي. مون کي ڊاڪٽريءَ جي سند يونانيءَ
سکڻ کان سواءِ مليل آهي، يوناني ٻوليءَ کانسواءِ مون کي ڏهه هزار فلارينس (ويهه هزار شلنگ) ساليانو ملن ٿا. المختصر:
جيئن ته آءٌ يوناني ٻولي ڪو نه ڄاڻان، انهيءَ ڪري مون کي يقين ئي ڪونهي، ته ان ۾ ڪو هڪ به قابل ماڻهو ملي سگهي ٿو.
آءٌ هاڻي گهر کان ايترو ته پري هوس، جو موٽڻ جو خيال ئي ڪري نٿي سگهيس، انهيءَ ڪري مون اڃا به اڳتي هلڻ جو ارادو ڪيو، مون کي موسيقيءَ جي پوري پني ڄاڻ هئي، هاڻي اها، جا ڪنهن
وقت منهنجي وندر هئي، تنهن کي هن وقت مون روزگار حاصل ڪرڻ جي ذريعي ۾ تبديل ڪيو آءٌ ”فلينڊرس“ جي بي ضرور هارين ۽ انهن فرينچن جي ڳوٺن
وٽان لانگائو ٿيس، جي اهڙا ته ڪافي غريب هئا، جو آسودگيءَ سان گذران ڪري نٿي سگهيا، مگر مون کين سندن ضرورت جي نسبت ۾ هميشه خوش طبع ڏٺو،
جڏهن به رات پوڻ وقت آئون ڪنهن هاريءَ جي گهر کي ويجهو ٿيندو هوس، تڏهن خوشي پيدا ڪندڙ سرن مان ڪو هڪ ڇيڙيندو هوس ۽ اهو مون کي نه فقط
رهائش مگر ايندڙ ڏينهن جو قوت پڻ حاصل ڪري ڏيندو هو، مون ٻه يا ٽي دفعا نئين فئشن وارن ماڻهن اڳيان موسيقيءَ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر هنن
منهنجي پيشڪش کي هميشه حقارت وارو سمجهيوٿي ۽ مون کي ڪا خسيس شيءِ به معاوضي طور نٿي ڏنائون، هيءَ منهنجي لاءِ هڪ وڏي غير معمولي ڳالهه
هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آءٌ پنهنجي آسودگيءَ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي سنگت (جيءُ بهلائڻ) لاءِ وڄت ڪندو هوس، ۽ جڏهن موسيقيءَ جي پيشڪش منهنجي وندر
هوندي هئي، تڏهن ڪڏهن به منهنجي وڄت کين خاص طرح صنف نازڪ کي بيحد خوش ڪرڻ ۾ ناڪامياب نه ٿيندي هئي، مگر جيئن ته هينئر اها صرف منهنجي
گذران جو ذريعو هئي، تنهن ڪري کيس حقارت سان ڏٺو ٿي ويو، (هيءُ) هڪ ثبوت آهي (جو ڏيکاري ٿو) ته دنيا انهن لياقتن جو ڪيترو نه گهٽ قدر ڪري
ٿي، جن جي بدولت ماڻهو پلجي ٿو.
هن طريقي آءٌ ڪنهن به تجويز کان بغير، صرف پنهنجي پيٽ قوت حاصل ڪرڻ ۽ اڳتي هلڻ لاءِ ”پيرس“ ڏانهن وڌيس، ”پيرس“ جا ماڻهو لياقتن کان وڌيڪ سرمائيدار اجنبين جا شائق آهن. جيئن ته
آءٌ ٻنهي مان ڪنهن به هڪ جي هام هڻي نٿي سگهيس، انهيءَ ڪري کين گهڻو پسند نه پيس، شهر جي چوڌاري اٽڪل چئن يا پنجن ڏينهن جي گهمڻ، ۽ عاليشان
گهرن جي ٻاهرين پاسن کي ڏسڻ کانپوءِ آءٌ جوفي جي مهمان نوازيءَ واري پناهه گاهه مان نڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هوس، ته مکيه گهٽين مان
گهمندي، آءٌ اتفاقاً هڪ ماڻهوءَ سان گڏيس، جو پنهنجو اهو سئوٽ هو، جنهن کي توهان پهرين منهنجي لاءِ سفارش ڪئي هئي، هيءَ ملاقات مون لاءِ
تمام پسنديده هئي، مون کي يقين آهي ته سندس لاءِ ناراضگيءَ واري نه هئي، هن مون کان پيرس منهنجي مسافريءَ جو سبب پڇيو، ۽ مون کي پڻ پنهجيءَ
مشغوليءِ کان آگاهه ڪيائين، سندس مشغولي هئي، ”لنڊن“ جي هڪ سکر ماڻهوءَ لاءِ مورتيون ٻلا ، جواهر ۽ ٻيون سڀ ڪنهن قسم جون قديم شيون گڏ ڪرڻ،
جنهن ماڻهوءَ کي تازو انهن لاءِ شوق پيدا ٿيو، هو، ۽ وڏيءَ دولت جو مالڪ بڻيو هو. آءٌ پنهنجي سئوٽ کي هن ڪم لاءِ مقرر ٿيل ڏسي ڏاڍو حيران
ٿيس، ڇاڪاڻ ته هن خود اڪثر طرح مون کي ٻڌايوهو، ته پاڻ ان بابت ڪجهه به نه ڄاڻندو هو، جڏهن مون .کانئس پڇيو ته تون ڪيئن ايترو جلدي اهڙو
عيب ڪڍڻ جو هنر سکئين؟ تڏهن هن مون کي يقين ڏياريو، ته ڪو به ڪم ان کان وڌيڪ سولو نه آهي، ”سمورو راز ٻن قانونن جي پوريءَ پوريءَ استقامت ۾
پنهان آهن، هڪ ته هميشه ائين ظاهر ڪرڻ ته مورت وڌيڪ سٺي ٿئي ها، جيڪڏهن نقاش وڌيڪ تڪليف وٺي ها، ته ٻيو ”پيٽرو پيروگنو“[6]
جي نقشت کي ساراهڻ. هن چيو، ”پر جيئن مون تو کي هڪ دفعي لنڊن ۾ مصنف ٿيڻ سيکاريو هو، تيئن آءٌ هاڻي تو کي پيرس ۾ مورتن خريد ڪرڻ جي هنر
سيکارڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندس.“
جيئن ته هن جي تجويز دلپسند هئي، انهيءَ ڪري مون ان کي يڪدم قبول ڪيو، هاڻي منهنجو سمورو ذوق زنده رهڻ ڏانهن هو، آءٌ سندس رهاش گاهه تي ويس، سندس مدد سان پنهنجي لباس کي درست
ڪيم ۽ ساڻس گڏ مورتن جي نيلام گاهن ڏانهن رفيق ٿي ويس، جتي اميد هئي ته معزز انگريز خريدا هوندا. آءٌ زيب و زينت وارن انهن ماڻهن سان سندس
گهرائي ڏسي ٿورو حيران ٿيس، جن هر هڪ ٻلي يا مورت تي هڪ صحيح پسنديءَ جو ڪسوٽيءَ وانگر سندس رايو پڇيو ٿي، هن اهڙن موقعن تي منهنجي مدد مان
تمام گهڻو فائدو ورتو، ڇاڪاڻ ته جڏهن سندس رايو پڇيو ٿي ويو، تڏهن سنجيدگيءَ سان مون کي هڪ پاسي وٺي ٿي ويو ۽ منهيجو رايو پڇيائين ٿي، ڪلهو
موڙيائين ٿي، موڙو ڏنائين ٿي، سياڻپ سان نهاريائين ٿي، موٽيو ٿي ۽ پڇندڙن کي چيائين ٿي، ته اهڙيءَ تمام اهم ڪم تي آءٌ پنهنجو رايو ڏيئي نه
ٿو سگهان ، صرف ڪن وقتن تي سندن چونڊ جي پٺڀرائي ڪيائين ٿي، ۽ کين ان شيءَ جي سهڻائي بنسبت خاطري ڏنائين ٿي. مون کي ياد آهي ته مون کيس
ڏٺو ته، پنهنجي ان رائي ڏيڻ کان پوءِ ته مورت جو رنگ پوريءِ طرح رسيلو نه آهي، تمام سوچي ۽ ويچاري هڪ برش ڀوري رنگ جو کنيائين جو اتفاقا
اتي پيو هو، ۽ تمام گهڻيءَ دل جي جمعيت سان سڄيءَ جماعت جي روبرو ان مورت جي مٿان لڳايائين، ان کانپوءِ پڇيائين ته آيا، سندس ائين ڪرڻ ان
چِٽَ کي سڌاريو هو يا نه. هن جڏهن ”پيرس“ ۾ پنهنجو رکيل ڪم ختم ڪيو، تڏهن ڪيترن ئي اعليٰ مرتبي وارن ماڻهن وٽ مون کي سياحت جي استاد جي
جڳهه لاءِ هڪ نهايت موزون شخص طور زوردار سفارش ڪيل ڇڏيائين. سندس وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ هڪ معزز جنهن پنهنجي سنڀال هيٺ رهندڙ هڪ صغير
ڇوڪري کي يورپ جي سير تي اڳتي رواني ڪرڻ لاءِ پيرس ۾ آندو هو، ان مون کي هڪ استاد جي حيثيت ۾ مقصد ڪيو. آءٌ ان ڇوڪر جو استاد ٿيڻو هوس، پر
ان شرط سان ته کيس هميشه اجازت رهندي، ته هو پنهنجي نگراني پاڻ ڪندو، حقيقت ۾ منهنجو شاگرد پئسي جي ڪاروبار ۾ رهبريءَ جو فن مون کان گهڻو
وڌيڪ ڄاڻندو هو، هي ٻه سئو هزار پائونڊن جو مالڪ هو، جي سندس چاچي سندس لاءِ ويسٽ انڊيز[7]
۾ ڇڏيا هئا، سندس سنڀاليندڙن کيس انهن جي پوريءَ ڪاروبار هلائڻ ۾ لائق بنائڻ لاءِ کيس هڪ مختيار وٽ شاگرد ڪري رکيو هو، انهي ڪري هو لالچي
ٿي پيو هو، رستي تي هن جا سڀئي سوال ان متعلق هئا، ته پئسو ڪيئن بڇائجي، مسافريءَ جو ڪهڙو طريقو گهٽ ۾ گهٽ خرچ وارو ٿيندو، ڪا به شيءِ اهڙي
خريد ڪري سگهجي ٿي، جا جڏهن وري ”انگلينڊ“ ۾ نيڪال ڪجي، ته پئسا موٽي وري به ساڳيا ملن، رستي تي اهڙيون تشويش پيدا ڪندڙ شيون جي ڪجهه ڏيڻ
کان سواءِ ڏسي ٿي سگهياسون، انهن جي ڏسڻ لاءِ هو ڪافي تيار هو، پر جيڪڏهن انهن جي ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڏيڻو ٿي پيو، ته هو هميشه چوندو هو ته مون
کي ٻڌايو ويو آهي، ته اهي ڏسڻ لائق نه آهن، هن ڪڏهن به اهڙو هڪ به خرچ جو بل نه ڏنو، جنهن تي ائين نه چيو هجيس، ته مسافري ڪيتري نه خرچ
واري آهي، جيتوڻيڪ پاڻ اڃا (جهڙيون مٿي بيان ڪيون ويون آهن). جڏهن ”ليغارن “ پهتاسون. تڏهن اسين بندر ۽ جهازن ڏسڻ لاءِ اوڏانهن گهمڻ
وياسون، بندر تي هن انگلينڊ ڏانهن سمنڊ رستي مسافريءَ جي خرچ جي پڇا ڪئي، کيس ٻڌايو ويو ته اهو (خرچ) سندس خشڪيءَ رستي وڃڻ جي مقابلي ۾
ٿورو آهي، انهيءَ ڪري هن مون کي منهنجي پگهار جو حصو جو ڏانهس وارو هو، سو ڏيئي، مون کان موڪلايو ۽ لنڊن وڃڻ لاءِ صرف هڪ خدمتگار سان گڏ
جهاز ۾ روانو ٿيو.
آءٌ هاڻي هيڏي وڏي دنيا ۾ وري به هڪ دفعو اڪيلو ڇڏيو ويس، پر ان وقت اها هڪ اهڙي ڳالهه هئي، جنهن تي آءٌ هري ويو هوس، بهرحال منهنجو موسيقي ۾ فن هڪ اهڙي ملڪ ۾ جنهن ۾ هر هڪ هاري
مون کان وڌيڪ سٺو سنگيت ڪار هو، مون کي فائدو ڏيئي نه سگهيو، پر هن وقت تائين مون هڪ ٻيو هنر به حاصل ڪيو هو، جنهن منهنجي مقصد جي چڱي طرح
مدد ڪئي، اهو هو بحث ڪرڻ جو هنر، سڀني خارجي يونيورسٽين ۽ مَڙَهَين ۾ ڪن ڏينهن تي ٻاهرئين ايندڙ بحث ڪندڙ واسطي مشقي مناظرا مقرر ڪيا ويندا
آهن ان ۾ جيڪڏهن ڪامياب ٿيندڙ ماڻهو ڪنهن ڪاريگريءَ سان مقابلو ڪندو آهي، ته هو انعام، ماني ۽ رات لاءِ بستري جو حق رکي سگهندو آهي، تنهن
ڪري انگلينڊ ڏانهن ويندي رستي جو سفر انهيءَ نموني جي جدوجهد سان هٿ ڪيم، هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن پنڌ ڪيم ۽ انسانذات کي وڌيڪ قريب ٿي
جانيچيم، يا ائين چوان ته، مورت جا ٻئي پاسا ڏٺم، تاهم منهنجا چند رايا هي آهن: مون ڏٺو ته شخصي حڪومت غريبن جي رهڻ لاءِ بهترين آهي ۽
شاهوڪارن لاءِ رعيتي راڄ. مون ڏٺو ته عام طرح شاهوڪار آزاديءَ جو ٻيو نالو آهن ۽ ائين ته هرڪو ماڻهو پنهنجي سر خود آزادي جو ايترو شوقين
آهي، جيترو جماعت ۾ ڪن فردن جي خواهشن کي پنهنجي ما تحت ڪرڻ لاءِ خواهشمند نه ٿيڻ جو.
انگلينڊ ۾ منهنجي پهچڻ تي مون پهريائين اوهان کي تعظيم پيش ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ پهرين مهم جا اڳتي وڃي رهي آهي، ان ۾ رضا ڪار طور پنهنجي نالي داخل ڪرائڻ جو ارادو ڪيو، پر مسافري
ڪندي، منهنجا ارادا هڪ جهوني واقفڪار سان ملڻ تي بدلجي ويا، جو مون ڏٺو ته هڪ ناٽڪي ڪمپنيءَ جي ٽولي مان هو، جا ٻهراڙيءَ ۾ اونهاري جي سير
تي پئي ويئي، ان ٽوليءِ مون کي هڪ رفيق طور پاڻ سان شآمل ڪيو، ۽ مون کي ان ڪم جي اهميت کان آگاهه ڪيو، جنهن کي مون پنهنجو نصب العين بنايو
هو، هنن چيو ته عوام الناس گهڻن ذهنن واري عجيب خلقت آهي ۽ صرف اهو جنهن کي تمام سٺو دماغ آهي، اهو ئي ان کي راضي ڪري سگهي ٿو، ۽ ائين ته
اداڪاري هڪ ڏينهن ۾ سکي نٿي سگهجي ۽ ماڻهن کي سواءِ ڪن روايتي موڙن جي، جي صدين کان وٺي اسٽيج تي ۽ صرف اسٽيج تي ٿي رهيا آهن، آءٌ ڪڏهن به
راضي ڪرڻ جو ڍونگ ڪري نٿي سگهيس. ٻي مشڪلات پاڻ کي پنهنجن ڪردارن متعلق لائق بنائڻ جي هيم، ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري سڀڪو اداڪار پنهنجي ڪردار
لاءِ تيار هوندو هو آءٌ ڪجهه وقت لاءِ هڪ پارٽ کان ٻئي پارٽ ڏانهن تبديل ڪيو پئي ويس، جيستائينڪ آخر مون کي ”هوريشو“ جي پارٽ لاءِ مقرر ڪيو
ويو، جنهن کي ادا ڪرڻ کان خوش نصيبي سان اوهان جي تشريف آوريءَ مون کي روڪيو.
چڪاساانڊين؛-اتر
آمريڪا جي هڪ قوم کي هن نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي.
ائمسٽرڊئم
ـــ هيءُ هالينڊ جي گاديءَ جو هنڌ
آهي.
لقمان
حڪيم:
هي 600 سال عيسوي سن کان اڳ رهندو هو، هيءُ يونان جو رهاڪو هو، ۽ سندس ڪيتريون آکاڻيون ”ايسپ جي آکاڻين“
جي نالي سان مشهور آهن. شروعات ۾ هي هڪ غلام هو، مگر
پوءِ آزاد ٿيو.
پيٽرو
پيروگنو:
هي اٽليءَ جو هڪ مشهور نقاش هو.
ويسٽ
انڊيز:
هي هڪ پيٽن جو ميڙ آهي.
|