سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:8 

ثميره زرين (١٩٤٤- ١٩٧٧ع):

اصل نالو سڪينه اعواڻ ھوس. سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ نالو ڪڍيائين. ثميره جي ڪھاڻي ”وطن“ گھڻي مقبول ٿي. ھيءَ ڪھاڻي مھراڻ ١-٢/ ١٩٥٧ع ۾ ڇپيل آھي. ھن ۾ ڀارت ويل راج جڏھن موٽي سنڌ ۾ پنهنجي جاءِ ڏسڻ ٿو اچي ته ات ويٺل مھاجر جو سخت ڳالھائڻ ھن کي صدمو ٿو رسائي. ثميره جي ڪھاڻين جا مجموعا ”گيت اڃايل مورن جا“ (١٩٧١ع) ۽ ”آءٌ اھائي مارئي“ (١٩٨١ع) ڇپيل آھن. ٻئي مجموعي ۾ اھو خط به آھي، جنهن ۾ ھن ڪونج جي ايڊيٽر ھري موٽواڻيءَ کي اِھا صفائي پيش ڪئي آھي ته ھوءَ ڇوڪرو نه پر ڇوڪري آھي ۽ رباني نه پر ھوءَ پنهنجون ڪھاڻيون خود لکي ٿي. اِھو شڪ سھڻيءَ جي ايڊيٽر طارق اشرف ظاھر ڪيو ھو ۽ اھو به ته ھن ڪنهن ثميره کي ڏٺو ناھي. خير ان وضاحت ۾ حقيقت ھئي ۽ ١٩٧٦ع ۾ سنڌالاجيءَ جي ھڪ شعبي ۾ سڀني ثميره ڏٺي! ڪتاب ”مھراڻ جون ڇوليون“ جو مقدمو ڪنهن لکيو ھو. ان لاءِ ثميره جي وفات کان پوءِ ڪجهه چوڻ مناسب نه آھي، ڇو جو ھن ۾ اِن موضوع ۽ ڪھاڻيءَ جي تاريخ بيان ڪرڻ جيتري قابليت نظر نٿي آئي!

بهرحال ثميره زرين جون ڪھاڻيون اسان جي سماج جي ڪردارن تي آھن. اھي ڪردار سماج جي مٿئين ۽ وچولي طبقي جا آھن. ھنن ڪھاڻين ۾ ”پروس ٿيم پرياڻ“، ”گيت اڃايل مورن جا“ ۽ ”آءٌ اھائي مارئي“ اسلوب ۽ زبان جي ڪري به سرس معيار جون آھن.

ماھتاب محبوب (ولادت ١٩٤٥ع):

ناول ۽ ٻين تحريرن جي ليکڪا آھي. سندس ڪھاڻين جو پھريون مجموعو ”چانديءَ جون تارون“ (١٩٧٠ع) آھي. ان کان پوءِ ”پرهه کان پھرين“ (١٩٧٣ع)، ”مٺي مراد“ (١٩٧٩ع) ۽ ”لھر لھر زندگي“ (١٩٨٥ع) ڇپيا. خاڪا ۽ سفرناما ان کان علاوه آھن. ماھتاب جي جاندار ڪردارن ۽ انداز بيان جي ڪري سندس ڪھاڻين کي مڃتا ملي آھي. ڪتاب ”مٺي مراد“  ۾ ڪھاڻي ”سريت“ منافقيءَ تي ھڪ چوٽ آھي. ھيءَ اھڙي عورت جي ڪھاڻي آھي جا گھٽ حيثيت ۽ گھٽ دولت واري (شھباز) تي دولت واري وڏيري کي فوقيت ڏي ٿي ۽ سڀڪجهه وساري وڏيري جي اچڻ تي شھباز کي ھي لفظ ٿي چوي: ”ادا!! ھاڻي توکي موڪل، تون ڀلي وڃ ڳوٺ، ادي ايمڻا کي سلام ڏجان.“

ماھتاب وٽ عورت ڪردارن جا به رنگا رنگ گيٽ اپ آھن. ھرڪا ٻيءَ کان علحدي. سائين سرفراز جي قبر تي سلام ڀرڻ واريون ۽ انهن جون ڳالھيون ٻڌڻ وٽان (محشر موچارو)، ڪو ويٺو گفتگو ٻڌي! ڄڻ جيڪي چيو ويو سو سڀ سچ! لله رسول کان وٺي ميان سرفراز تائين سڀني کي عرض اگھائڻو آھي، ڪوبه ڪردار ڏسو ته ان ۾ انفراديت آھي. اسين انسان مختلف طبيعتن جا آھيون. ”آڙاه“ ۾ ليکڪا جو انداز بيان ۽ ڪردارن جي اٿ ويهه توڙي وھنوار ڌيان ڇڪائي ٿو. ماھتاب جي شگفته بياني سون تي سھاڳي جو ڪم ڪري ٿي.

خيرالنساءِ جعفري (١٩٤٧- ١٩٩٨ع):

ھڪ بهادر ڇوڪري خيرالنساءِ،جا ويجھن حلقن ۾ خيرو ۽ گڏي سڏجڻ ۾ آئي. نيٺ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي پروفيسر بني. رٺي ته ڪنهن جي پرواهه نه ڪيائين. شادي ڪامياب نه ٿيس، پيارو مامو عزيز گذاري ويو. بقول سندس وجود وڍجي پيو. اھڙن صدمن کيس لکڻ ۾ ڪٺور بنائي ڇڏيو. تلخ معاملن کي بهادريءَ سان لکيائين. پھرين ڪھاڻي ١٩٧٤ع ۾ ماھنامي سوجھري ۾ ڇپيس. سندو مجموعو ”تخليق جو موت“ (١٩٧٨ع) ۽ ان جي ڪھاڻي ”تخليق جو موت“ مامي عزيز تي لکيائين. اھو سندس دوست به ھو، ڀاءُ به ھو، مامو ته ھوئي، اھو ڪعبو اڄ ڊٺو پيو ھو!

خيرالنساءِ جعفري ھمت سان لکيو ۽ حقيقت نگار افسانه نويس بني. اٽڪل ٽن سالن جي اندر ھن کي مڃتا ملي. ڪھاڻي ”حويليءَ کان ھاسٽل تائين“ لکڻ دوران مون کي چيائين، ”تنهنجي ڪھاڻيءَ ون يونٽ جو ٿِيم ھن ڪھاڻيءَ ۾ آھي.“ سندس ڪھاڻي ھڪ نفسياتي ماھر جي قلم مان ھئي. اھا گھڻي مقبول ٿي: ”ڇا آءٌ به ڪا مومل آھيان جا ڀيڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري راڻي جو ويس ڪري اندر کي آٿت ڏيئي سگھان ٿي؟“ اِھو ابتدائي جملو ھو ۽ آخر ۾ لکيائين: ”ڇا منهنجو جيون، ھي جيون به ڪوئي ريڊيو اسٽيشن آھي جو ڇپيل پروگرام جي جاءِ تي ڪوئي به پروگرام ڇيڙي من کي ماٺو ڪري سگھي ٿو.“

ڪھاڻين کان سواءِ مضمون به لکيائين، انهن ۾ اڪثر طنز مزاح ۽ برجسته جملا ھوندا ھئا. ھيڏانهن سندس ڪھاڻيون تمام گھري سوچ کي ظاھر ڪن ٿيون.

رشيده حجاب، سنڌيءَ جي ھڪ سٺي ڪھاڻيڪار آھي. سندس ڪھاڻي .جيئڻ جو سھارو“ ھڪ سٺي ڪھاڻي آھي. ان کان پوءِ زينت چنه ڪھاڻي ”مٺي“ لکي جا مقبول ٿي. ھي ليکڪائون انهن ۾ آھن، جن گھڻو ڪونه لکيو.

نورالھديٰ شاهه (ولادت ١٩٥٧ع):

سنڌي ۽ اردوءَ ۾ لکيل ناٽڪ، ناول ۽ ڪھاڻيون، سندس سڃاڻپ آھن. پھريون مجموعو ”جلاوطن“ (١٩٨٠ع) ٻيو ”ڪربلا“ (١٩٨١ع) ۽ ٽيون ”رڻ ۽ رڃ جو اتهاس“ (١٩٨٨ع)، نورالھديٰ شاهه جي ادبي وجود مڃرائڻ لاءِ ڪافي آھن. ان کان سواءِ ٻيون به ڪھاڻيون اٿس. نورالھديٰ شاهه مڙني سنڌي ڪھاڻيڪار خواتين کان منفرد آھي، جو ھن وڏن جي ويچارن ۽ حويلين جي قانونن تي ظاھر ظھور قلم کنيو آھي. وڏين حويلين جا وڏا راز آھن. وڏا سائين ۽ ننڍا سائين انسانن جي آئيندي جا مالڪ آھن. وڻي ته فيصلو ڪري ٻانهن ھڪ يا ٻي ڌر کي ڏين، وڻي ته اھا ٽِي ڌر (پاڻ) وٽ امانت رکن. اتفاق سان جي حويليءَ مان ڪو جِيو ٻاھر نڪري وڃي ته حويلي اٿلي پوندي، آسمان باهه وسائيندو! ماٺ ميٺ ۾ عزت سادات جي بچائڻ لاءِ چپ رھبو. اٽڪل سان ان جيو کي شرط شروط مڃي واپس آڻبو ۽ ڪنهن پوڙھي ٺوڙھي ڪاري ڪٺ مائٽ جي حويليءَ ۾ ڌڪي ڇڏبو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪونه ھو، نورالھديٰ شاهه اھڙن ظلمن تي قلم کي سراپا احتجاج بنائي ڇڏيو. ”جلاوطن“ جي مھاڳ اناالحق ۾ ھن کولي کولي لکيو ته منهنجي ھر ڪھاڻي منهنجو اڻ پورو سپنو آھي. مون ڪڏھن به ڊئش ڪونهي ڏٺو. مون ڪنهن ڊئش ٻار جي تخليق ڪانهي ڪئي.

نورالھديٰ شاهه، قائم رسمن ۽ حويلين جي مقرر نيمن جي اپٽار ڪندي ڪھاڻي ”جلاوطن“ ۾ حقيقتن ۽ حقيقي انسان جي حالت بيان ڪئي آھي. مھرو ھجي يا ڪا ٻي سورمي قانون سڀني لاءِ ھڪ جھڙو آھي! (خبر نه آھي، آھي يا نه آھي) ھا! ڏوهه عورت تي ئي مڙھي سگھجي ٿو.

جنگ ته ڪربلا  آھي، پر بک به ڪربلا آھي، ڪمزوري به ڪربلا آھي. ڪھاڻي ڪربلا لاڳيتن ڪربلائن جي ڪھاڻي آھي. ڏک جو بيان ڪرڻ واري قلم مان نڪتل ھيءَ ڪھاڻي نورالھديٰ شاهه جي بهترين ڪھاڻين مان ھڪ آھي. درد ڪنهن به ڪھاڻيءَ وسيلي بيان ڪجي درد آھي. اھو درد، گورڪن، پيڙا، دوزخي يا پاروٿو گوشت ۾ ھجي.

بشير مورياڻيءَ جي ڪھاڻين جا مجموعا، ”زندگيءَ جي راه تي“، ”اڌوري اڏام“ ۽ ”اجنبي“ ڇپيل آھن. ترجما به ڪيا اٿس. بشير جي ڪھاڻي ”چھڙي“ گھڻي مشھور ٿي. ”ڇيمي“ ھڪ ڀنگياڻيءَ جي ڇوڪري آھي. ھوءَ بگيءَ جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيئي. ھرڪو پيو ھن کان پري ڀڄي. چھڙي جو ھئي. ڪھاڻيءَ جو ڪردار”مان“ان ڇوت ڇات جي مرض کي رد ڪري ٿو ۽ علاج لاءِ ھن کي کڻي ٿو ۽ اھوئي آھي پيغام ته انسان انسان آھي.

منير احمد / ماڻڪ (١٩٤٣- ١٩٨٢ع):

سنڌي ڪھاڻي، ناولٽ ۽ ناول جو ھيءُ ليکڪ دنيا کان ناراض ٿي آپگھات جھڙو ڪٺور عمل ڪري ويٺو. ٣٩ سالن جي ھن جوان جي اندر ۾ ڪي آڙاه ھئا. سندس تحريرون نراليون ھيون. يوناني ڏند ڪٿائن کان بيٺو ته اچي گارين جو سزاوار ٿيو. ماڻڪ جون ڪھاڻيون ”حويليءَ جا راز“، ناولٽ ”پاتال ۾ بغاوت“، ناول ”لڙھندڙ نسل“، ”رڃ ۽ پڙاڏا“ ۽ ”ڇهه انام ڪھاڻيون“ لکيون. ھو ھڪ سچو ليکڪ ھو. رک رکاءُ ۽ لڪ لڪوٽي نه ڪيائين. جيئن کيس پڙھڻ وارن جي اڪثريت نه سمجھي سگھي، تيئن ھن جي ڪھاڻين جو جائزو لکڻ به مشڪل آھي. ھن جن ڪردارن کي آندو، انهن بابت چٽا چٽا رمارڪ ڏنائين. اھو ڪوبه ھو. ڊاڪٽر ھو، رئيس ھو، يا سورمي ھئس. اھڙا لفظ ڪم نه آندائين، جن جي ڪابه معنيٰ نه ھجي. انام ڪھاڻين مان پھرين ڪھاڻي پڙھبي ته سڀڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو. ڌيءَ به ماءُ کان سڙي، ان ساڙ جو بيان فقط ماڻڪ ڪري سگھي ٿو. ھاڻي نواب شاهه جي موني بازار جي آرپار قبرستان ۾ آرامي آھي.

برج موھن (ولادت ١٩٤٣ع):

ھن ڪھاڻيڪار جا ڪافي ڪھاڻين جا مجموعا شايع ٿيل آھن، جن ۾”ممتا جا ٻنڌن“،”ٽٽل ماڻھو سندر سپنا“۽”ٻه پريمي“اچي وڃن ٿا. مجموعو ”پٿر جو ديوتا“ (١٩٦٦ع) ۾ يارھن ڪھاڻيون آھن. برج جي پھرين ڪھاڻي ”چري“ (١٩٥٧ع) ۾ ڇپي. برج جون ڪھاڻيون رشتن، جذبن، جيون ۽ روزگار جي باري ۾ آھن. ھن جا ڪردار گھڻو ڪري گھرو جيوت، روزگار ۽ ڪاروبار جي ٽھ - واٽي تي چرندڙ پرندڙ آھن. رشتن ۽ روزگار جي ڪھاڻي ”پٿر جو ديوتا“ برج جي ھڪ سٺي ڪھاڻي آھي؛ جنهن ۾ زندگيءَ جي ڊوڙ جاري آھي. ”ڪرشن مون کي ڪجهه ڪرڻ گھرجي. بامبي ۾ ھر ماڻھوءَ کي گھٽ ۾ گھٽ پنج سؤ ڪمائڻ گھرجن. جو نٿو ڪمائي سو بيوقوف آھي.“ اھڙا فڪر ھر جيو ڪري ٿو. ھيٺئين وچولي طبقي جا ڪردار برج جي ڪھاڻين ۾ پکڙيا پيا آھن.

علي بابا (ولادت ١٩٤٠ع):

مشھور ناٽڪن جي ڪري ٿيو، پر انهن جو بنياد به ڪي ڪھاڻيون ھيون. افسانوي ادب ۾ گھڻو ئي لکيو اٿس. سادو سادو ماڻھو پر پيٽ ۾ ڳالھيون ڳچ سانڍيندو آيو. ڪھاڻين جي مجموعي ڌرتيءَ ڌڪاڻا (١٩٨٣ع) ۾ سندس ١٨ ڪھاڻيون آھن. اندازا ٻن سون کان مٿي ڪھاڻيون لکيون اٿس. ھن مجموعي مان ڪھاڻي ”جيون ڪوئي جھوٽو آھي“، نه رڳو ھڪ رومانوي ڪھاڻي آھي، پر لفظن ۽ جملن جي موسيقيت جي لحاظ کان بيمثال ڪھاڻي آھي: ”تارا ڪڻ ڪڻ، نديءَ ڪنارو، پورنماس اڱڻ ۾، نشي ۾ ڍرڪيل رات. ڪارا ڪارا بادل، ڀنڀا ڀنڀا وار، وٽڙيل وٽڙيل روشني، اڍڙيل اڍڙيل ساهه، ڇمر جھمر ۾، چنڊ ٽٻيءَ ۾، اره جو تجلو آڳ بدن ۾، اوست سنڱيڻي پيار وھيڻي، سپنن جي راڻي! تنهنجو مکڙو وسون سمان، تنهنجو ڌڙ ھيرن جي کاڻ، ھي چنڊ جو تيج ۽ ھي ڪڻ ڪڻ تارا سڀ بي معنيٰ آھن.“

ھي ڪھاڻي اڪھاڻيءَ مثل آھي. آمھون سامھون جا مترنم جملا ڪھاڻي بنائين ٿا، پر ان ۾ عام ڪھاڻيءَ واري پکيڙ، ڪردار ۽ انهن جو عمل ڪونهي. خاتمو ھيئن ٿيو: ”چنڊ ٻري ٿو، نيڻ ٽمن ٿا. چنڊ ٺري ٿو نيڻ ٻرن ٿا. لاٽ ٻاٽ جي راند.“

اھڙي زبان جي لحاظ کان ڪھاڻي ”ڀاڳان“ به علي بابا جي ڪھاڻين ۾ نشانبر آھي. ڇوري ڄڻ ڪا گھوڙي، پر جڏھن زخم کاڌائين ته ريھون ڪندي ڦان ٿي اچي ڪري. اڇي پڙي تي ڳاڙھا چِٽ! سمجھو ڪي سمجھن!

علي بابا وشال نڀ وانگر وشال سوچن ۾ رھي ٿو. مٿس سوڪ جا مھينا به اچن ٿا، پر ڪڪر ڀرجي پون ٿا ته خوب وسي ٿو. سندس ڪھاڻيون انهيءَ ريت سانوڻيءَ جا مينهن آھن. وسي تڏھن وس.

آنند ٽھلراماڻي: بقول پروفيسر ملڪاڻي، ھڪ پڪل، رسيل پر دير سان لڌل ليکڪ آھي. ھن جون ڪھاڻيون رشتن ناتن ۽ جيون جي ڏينهن ۾ ھر پل جو اظھار آھن. سندس مجموعو ”ھيءَ به ھڪ زندگي“ اھڙي ساک ڀري ٿو. سندس ڪھاڻين ۾ ”وساريان نه وسرن“ شادي شده زندگيءَ جي پيار جو نمونو ۽ جذبن جي چاڙهه جي ڳالهه آھي.”ھيءَ به ھڪ زندگي“۽”نه پڪڙجڻ جو ڊپ“سٺيون ڪھاڻيون آھن. اھڙي ريت ڪھاڻين جا ٻه ۽ ٻه ناول، توڙي ھڪ ناٽڪن جو مجموعو آنند جي ادبي زندگيءَ جو سرمايو آھن.

ھيرو شيوڪاڻي، ھڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت سان مڃيل ليکڪ آھي. سندس انداز بيان نهايت وڻندڙ آھي. مجموعو ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ (١٩١٨ع) ھن جي قلم جي قوت ۽ جذبن جي جھاجهه کي ظاھر ڪري ٿو. سوچن جي گھيري ۾ ورتل انسان ”بيابان جو ھڪ اڌوڻ“ ۾ زندگيءَ جي لاءِ سوچي ٿو. وقت جو ھن کي احساس نٿو رھي. زال انتظار ڪندي ھوندي. بيبيءَ جي برٿ ڊي آھي!

”زندگي ۽ ڪئڪٽس“، ھڪ سوچ جو درياءَ آھي. ٿوھر (ڪئڪٽس) ھٿ ڦٽي وجھي ۽ گلاب! ڪھڙو فرق آھي گلاب ۽ ٿوھر ۾! زال بيمار ھئي. اھا به ته ڪنهن وقت گلاب مثل ھئي. موھن به زالس کي ساراھيو ھو. ھاڻي ھو ڪئڪٽس ۾ سونهن ڳولھي رھيو ھو. ائين ھيري جي ننڍين ڪھاڻين ۾ وڏا ويچار سمايل آھن.

شوڪت شورو (ولادت ١٩٤٧ع):

شوڪت جون ڪھاڻيون انهن جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي ڏوهه ثواب، غم ۽ خوشيءَ جي ھن دنيا ۾ پلجن ٿا. انهن جذبن جون ڪھاڻيون آھن، جيڪي ھميشه جوان آھن. شوڪت جو مجموعو ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس“ (١٩٨١ع) انهن ئي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. ”ھڪ ڊنل ماڻھو“ ڪھاڻيءَ وارو ڊنل ماڻھو ڪتابن جو شوقين ۽ طبعا به شوقين پر ڊنل ماڻھو! ”ساٿ لاءِ مھرباني“ ئي چئي سگھيو.

اکين ۾ ٽنگيل سپنا (١٩٨١ع) ۾ شوڪت جون ڪھاڻيون به مختلف موضوعن تي آھن. انهن ۾ ھيسيل چھرا به آھن ته ڏڪندڙ جسم به. ڪھاڻي ”اڌورا ماڻھو“ ھيجان ۽ جذبات جي وھڪري جو ٻيو نالو آھي. ھيرو ڪجهه جذبات وھيڻو ڪجهه ڊڄڻو! ڪو جنسياتي معاملو، سورمي ڪتي سڏائڻ به پسند ڪري ٿي، پر سورمو وري الائي ڪھڙا خيال ٿو ڪري. ھي ڪھاڻي ليکڪ جو نالو تاريندي يا ٻوڙيندي.

مشتاق شوري، پنهنجي مجموعي ”ٿڪل جذبن جو موت“ (١٩٧٨ع) جي مھاڳ ۾ پنهنجي مطالعي، سوچ ۽ ڪھاڻيءَ بابت طويل گفتگو ڪئي آھي. سندس ڪھاڻيون ان پسمنظر ۾ واضح آھن. نالي واري ڪھاڻيءَ ۾ آفيس ڏي ويندي سوچون، سياسي معاملا، مجيب، اندرا ۽ گھڻو ڪجهه، عورت ملي ٿي. ڪيئن ڌيان ڇڪائجي؟ ھوندي پڪ ھوءَ! کڏ ۾ وڃي پوي. مشتاق وڏي اھليت وارو ليکڪ، روزگار جي تلاش وارا ڪردار، غربت جو شڪار ماڻھو ۽ گھڻيون پنهنجي ڌرتيءَ جون ڳالھيون ھن جي ڪھاڻين ۾ موجود ھيون. ڪھاڻي ڪلا مان في الحال ته گم ٿي ويو، ته به ھو پنهنجن ڪھاڻين ۾ واهه جو نظر آيو. ”ھڪ بور ڏينهن“ ھجي يا ”مئل ماڻھوءَ جي ڀومي“ مشتاق جي سوچ پڌري. ھن وٽ لڪ ڇپ نه ھئي. لفظ چٽا مطلب واضح، لفظ چٻيائين ڪونه.

سنڌي ڪھاڻين جو خزانو ڀرپور آھي. اڃان ڪو لڪل خزانو به ھوندو. انهن ۾ ڪيترا مجموعا به آھن ته بنا مجموعن جي به ڪھاڻيڪار آھن. مجموعن وارن ۾ رعنا شفيق جو ”پولار“ ۽ طارق قريشيءَ جو ”پنجين موسم کان پوءِ“ اچي وڃي ٿو. نئين ٽھيءَ ۾ به ڪي ڪھاڻيڪار آھن. انهن کي به مشق جاري رکي مڃتا وٺڻي آھي. اھڙن ۾ ھڪ نمايان نالو تهمينه مفتيءَ جو آھي. ٿوري وقت ۾ تهمينه ٿوريون ڪھاڻيون لکي اھو چٽو ڪيو آھي ته، ڪھاڻيءَ جو موضوع اھڙو ھجي جو پڙھندڙ جي دل سان لڳي ۽ ڪردار نمايان ٿي بيھن. ھڪڙو ڪردار سامھون اچي ته ان جي ڪھاڻي ان جي پيڙا ظاھر ڪري. ڪھاڻي ”در لاهه ڏيئو ٻار“ (مھراڻ ١- ٢٠٠٣ع) اسلوبِ بيان ۽ تسلسل جو ھڪ بهترين نمونو آھي. ھڪ ڪم واري اڌڙوٽ عورت جي ماضيءَ جي ڪھاڻي ته تمام گھڻي ھئي. ماضيءَ جا سک ۽ ڏک به وقت جو بدلجڻ ۽ ڏکيا ڏينهن اچڻ، اھي ھڪ انسان جي زندگيءَ جا مختلف پھلو آھن. ليکڪا ڪھاڻيءَ جو بياني انداز تمام سھڻي نموني نباھيو آھي. ڪردارنگاريءَ جو ھڪ ڪامياب نمونو پيش ڪيو اٿس. تهمينه جي ٻي ڪھاڻي ”اسين رھياسين اڌورا اڌورا“ (مھراڻ بهار ٢٠٠٤ع) لنڊن ۾ سنڌ جي پسمنظر ۾ لکيل آھي. ھڪ انسان ماضيءَ ۽ حال ۾ ڇا ٿو ڏسي. زندگي واقعات ۽ حادثات ۾ وڪوڙيل آھي. انسان جي دنيا ۾ جيڪا حيثيت آھي، اھا ھن کي اڌورائيءَ جو احساس ڏياري ٿي. تهمينه ”سنڌي افساني جو سماجي ڪارج“ جي عنوان تي ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي آھي. اميد ته ان ڄاڻ جي آڌار به ھوءَ اڃان سٺيون ڪھاڻيون سنڌي ادب کي ڏيندي.

سنڌي ڪھاڻيءَ جي ھيءَ مختصر تاريخ آھي. ان ۾ اڃان ڪن فھرستن جو واڌارو ڪرڻ سان ادبي تاريخ جو گھڻو ڀلو ڪونه ٿيندو؛ پر رڪارڊ مڪمل رکڻ لاءِ ٽي فھرستون شامل ڪريان ٿو. پھرين فھرست باقي چونڊ مجموعن جي، ٻي گڏيل مجموعن جي، ۽ ٽين چونڊ ترجمو ٿيل مجموعن جي آھي:

چونڊ مجموعا:

رھيل قرض

ظفر حسن

امرت منجهه ڪڙاڻ

تنوير جوڻيجو

عيبن ھاڻي

تنوير جوڻيجو

عبرت ڪده (٣ ڀاڱا)

ڊاڪٽر خليل

سوکڙي

عبدالجبار جوڻيجو

اباڻو گھر

عبدالجبار جوڻيجو

سندي سڪ پرين

غالب لطيف

پاپ جي مايا

سنتداس جھانگياڻي

پن ڇڻ کان پوءِ

شرجيل

ڪارو ڪارونڀار

عبدالحق عالماڻي

رات سانت ۽ سوچون

طارق عالم

پل تي ويٺل ھڪ نوجوان

ڪيھر شوڪت

تو سنگ تو بن ڏينهڙا

محمود مغل

محمود مغل جون ڪھاڻيون

محمود مغل

زندگيءَ جو وھڪرو

ممتاز مھر

رياست جھنگل جي آکاڻي

بدر ابڙو

پاڇي پٺيان ڊوڙ

نظير شورو

خوشبوءِ

بهرام طارق

روڳن جي مالھا

اڪبر اديب

دادلي

معصوم ھالائي

جتي نينهن اڇل

غفور ميمڻ

پانڌي

منير گوزائي

شبنم

جواھر بٺيجا

پاڪستان ۾ ھڪ اجنبي

نظير شيخ

درد

الطاف قادري

سڏڪا سڏڪا زندگي

ايم امين اڏيرائي

ھيلوڪو وري آ

نذير ناز

ڪم چور

امان لله ٻگھيو

ايشور ڪرپا

تيرٿ سڀاڻي

سھڻا ٽوهه

غلام قادر سومرو

سڄن پيٽان وڍيا

محمد صالح شيخ

وحشي انسان

ناصر حيدر

دل اندر درياءَ

مدد علي سنڌي

اڌ کليون اکيون

وينا شرنگي

ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل يادون

محمود مغل

سامائي ته سک ويا

نيلوفر مظفر

سڏڪا ۽ سپنا

اشانت

آخري ڳوڙھي ڳاڙڻ لاءِ

ليليٰ بانا

زميندار

سيد حيدرشاهه

پڇاڙي چابڪ

عبدالرحيم جوڻيجو

ڪافر ديوتا

رسول ميمڻ

امن جي نالي

رسول ميمڻ

چچريل زندگين جا قافلا

رسول ميمڻ

گم ٿيل محبتون

عابد مظھر

پاڇا پوئين پھر جا

انور بلوچ

ٽٽل شيشا ۽ آڱريون

نور گھلو

لاس ائنجلس جي ھڪ خوبصورت شام

سليم چنا

پيار جي گھٽ

الطاف شيخ

ڪٺيس ڪيچن

شريف کوسو

انصاف ڪٿي آھي؟

دائود بلوچ

شرابي

راز بلڙائي

درياءَ جي ھن پار

ابراھيم کرل

نازبُو

فضل بچاڻي

اجھاڻل آس

مشتاق باگاڻي

اڻ ڄاتل شھر جو نقشو

شبنم گل

مٽيءَ سندو مامرو (ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب گڏ)

رفيق سومرو

مرشد جي ڏاڙھي

ڏيپلائي

ٽيٽياڻي

ڏيپلائي

گڏيل مجموعا:

گل ۽ مکڙيون

مرتب: مقبول صديقي

چار ڪھاڻيڪار چار نقاد

مرتب: دائود بلوچ

وڇڙيا ڪين ورن

مرتب: رياض انور

سرحد پار جون آکاڻيون

مرتب: نبي بخش کوسو

سنڌ جون پراسرار ڪھاڻيون

مرتب: شيخ عزيز

نازان

مرتب: جيوت چاولا

تنهنجون ڳالھيون سڄڻ

مرتب: شمشيرالحيدري

نڪور لکڻيون

اسلم لغاري

امر سنڌي ڪھاڻيون

مرتب: نبي بخش کوسو

انڌو يگ

مرتب: ڪونج

جنم چونڊ ڪھاڻيون

مرتب: زيب سنڌي ۽ تاج جويو

مھراڻ جون چونڊ ڪھاڻيون

مرتب: حميد سنڌي

ڪھاڻي نمبر

مرتب: دائود بلوچ

سرحد جي ھن پار

مرتب: محمد خان سيال

سنڌي قومي ڪھاڻيون

مرتب: امداد محمد شاهه

سنڌي ڪھاڻيون

مرتب: غلام رسول ڪلھوڙو

کنڊھر

مرتب: ڪونج

ٻيو قدم (طبعزاد ۽ ترجمو)

مرتب: طارق اشرف ۽ مغل

چونڊ ڪھاڻيون

مرتب: طارق اشرف

چونڊ ڪھاڻيون

مرتب: فيروز احمد

آزاديءَ خاطر

مرتب: فيروز احمد

مھراڻ جون ڇوليون

مرتب: ثميره زرين

ترجما:

ڪنهن سان سور سليان

ترجمو: فيروز احمد

گلبدن

ترجمو: راز بلڙائي

ڏوھاري ڪير

ترجمو: ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

قلندر

ترجمو: مدد علي سنڌي

ست ڪشميري آکاڻيون

ترجمو: ايشور چندر

ماستر ھريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

ترجمو: الطاف شيخ

دنيا جا عظيم افسانا (١)

ترجمو: رشيد ڀٽي

ٽالسٽاءِ جون ٢١ آکاڻيون

مرتب: شيوارام ڀاڳچند لالا

ڌارين ٻولين جون ڪھاڻيون

ترجمو: غلام نبي ميمڻ

ويٽنامي ڪھاڻيون

ترجمو: پليجو ۽ ٻيا

فلسطيني ڪھاڻيون

ترجمو: زيب سنڌي ۽ ٻيا

ٽڙندڙ مکڙيون

ترجمو: ڪوڙومل چندن مل

چونڊ آمريڪي مختصر افسانا

ترجمو: سراج ۽ رباني

دنيا جا عظيم افسانا (٢)

ترجمو: مراد علي مرزا

چونڊ ترڪي ڪھاڻيون

ترجمو: بشير مورياڻي

ھنگريءَ جون ڪھاڻيون

ترجمو: بشير مورياڻي

ست يوگوسلاويائي آکاڻيون

ترجمو: جڳت آڏواڻي

ٿڪل سريت

ترجمو: وليرام ولڀ

گلن جي بغاوت

ترجمو: رابيل پبليڪيشن

ھن جو عاشق

ترجمو: ڄام وقار حسين

خدا ڏي خط

ترجمو: الطاف شيخ

ھوءَ ڪير ھئي(١)

ترجمو: محمد موسيٰ سومرو

ڪروڙپتي

ترجمو: ابن حيات پنهور

وارن جي سنوار تائين

ترجمو: زيب ڀٽي

ڪاري

ترجمو: ايسر ڪلياڻي

ٽين دنيا جون ڪھاڻيون

ترجمو: ولي رام ولڀ

ڏھين جو نوٽ (ڪرشن چندر)

ترجمو: دائود بلوچ

مان انتظار ڪندس (ڪرشن چندر)

ترجمو: جيوت چاولا ۽ ٻيا

مان باغي آھيان (ڪرشن چندر)

ترجمو: نظام عباسي

پٿر دل (ڪرشن چندر)

ترجمو: زيب سنڌي ۽ ٻيا

موھن جي دڙي جو خزانو (ڪرشن چندر)

مقصود گل ۽ مختيار گھمرو

زندگيءَ ڏي موٽ (ڪرشن چندر)

مقصود گل ۽ مختيار گھمرو

ڪھاڻيءَ ۾ مزاح:

ھونئن سنڌي ادب ڏي نظر ڪبي ته مزاحيھ عنصر ڪافي آڳاٽو ملندو، جنهن ۾ پيراڻي ڀنڀري وارا بيت ۽ گفتا، وتائي فقير جا ٽوٽڪا، شاهه جي رسالي ۾ وڳند جي باري ۾ لطيفي فرمان ۽ پوءِ ويھين صديءَ ۾ بلبل، مخلص، مولوي نورمحمد جا شعر ۽ ويھين صديءَ جي ڇھين ۽ ستين ڏھاڪي ۾ قلب علي ٽڪلو، نوراحمد پرواز، لطف علي ايم خاصخيليءَ جا شعر، روڏي مواليءَ جا ڪالم اچي وڃن ٿا. ورھاڱي کان اڳ ڪن مضمونن ۽ ڪھاڻين ۾ به مزاح موجود آھي. باقاعده ڪھاڻيڪارن ۾ رشيد ڀٽيءَ جي ڪھاڻي ”مس پرنٽ“ ڳڻجي ٿي. ان سان گڏ ڪروڙپتي، محمد عثمان ڇلگري، غلام رسول ڪلھوڙي، نور عباسي، حليم ۽ علي احمد بروھيءَ جا نالا  اچن ٿا. رشيد ڀٽيءَ جون مزاحيھ ڪھاڻيون ”سياري جي رات“ (١٩٨٥ع) ۾ وري ڇپيون. انهن ۾”مس پرنٽ،”حنيف ڪاري جو پنجون پيار“۽”رجو فوٽو ڪڍائڻ“۽ ٻيون ڪھاڻيون نئين زندگيءَ ۾ ڇپيون. غلام رسول ڪلھوڙي جو مجموعو ”ويرون ۽ لھرون“ ۾ ڪل ١٠ ڪھاڻيون آھن. انهن ۾ ”رٺل کي پرچائڻ“ ھڪ سٺي ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ زال رٺل مجازي خدا کي خط رستي پرچائي ٿي.

محمد حسين ڪروڙپتي نواب شاهه جو ھو، پوءِ آخري سالن ۾ لڏي ڪراچيءَ ۾ وڃي ويٺو. سندس ابتدائي مزاحيھ ڪھاڻين ۾ ”خوشبو ڏي ته ٽاٽائي وٺان“ مشھور ٿي. ڪي مزاحيھ ناٽڪ به لکيائين. ١٩٨٧ع ۾ سندس ڪھاڻين جا ٻه مجموعا ڏنڊو ڪونڊو پبليڪيشن جي طرفان ڇپيا. ”نبض شناس“ ۽ ”ماسي ۽ مجيد“. انهن ۾ ڪروڙپتيءَ جون ڪھاڻيون،”قادن ھڪ شاعر خوش ڪلام“،”مڌوبالا سان ملاقات“،”ڪروڙپتيءَ ۽ ڪامني ڪوشل“، ”بيگم پاره سان ملاقات“۽”مينا شوري سان ملاقات“مزاح نگاريءَ جو سٺو مثال آھن.

حليم بروھي مزاحيه ليکڪن ۽ ناولن جي ڪري مشھور ٿيو. ھن جي ننڍين ڪھاڻين ۽ ناول نما ليکن ۾ ورجاءُ آھي. آخر ۾ ھو سنڌي الف- ب ۽ موھن جي دڙي جي اڀياس ۾ لڳي ويو. سندس ڪتابڙو”خواب نامو“به ذاتيات جو شڪار ٿي ويو. مسز شاهه وارو ڪيس به ورجاءَ جي نظر ٿي ويو. حليم مزاح نگار آھي، پر باضابطھ مزاحيھ ڪھاڻيڪار نه بنجي سگھيو.

نور عباسيءَ (١٩٢٧- ١٩٨٢ع) جا مزاحيھ افسانا،”چمڙي جا واپاري“،”پاڻيءَ جو راڳ“،”رئيس متيرو خان“،”مومل ۽ تيل“،”چنڊ زمين تي“، ”مريم جو خط۽راڻي“، سندس مجموعي چمڙيءَ جا واپاري (١٩٦٤ع) ۾ ڇپيل آھن. مزاح ۽ شگفته بيانيءَ ۾ نور عباسي ھڪ ڪامياب مزاح نگار ھو.

مزاحيھ ڪھاڻين جي مجموعن ۾ ھڪڙو مجموعو ”مزاحيھ ڪھاڻيون“ (٢٠٠٠ع) ڪاوش گروپ ڇپايو، جنهن ۾ علي احمد بروھي، ڊاڪٽر شوق ۽ ٻين جون مزاحيھ ڪھاڻيون شامل آھن.

علي احمد بروھي (١٩٢١- ٢٠٠٣ع):

مزاحيه ڪھاڻين سان گڏ علي احمد بروھيءَ ڪي ٽوٽڪا، مضمون ۽ ڪالم به لکيا. ھن ۾ شروع کان مزاح ڪرڻ ۽ لکڻ جو شوق رھيو آھي. ڪي ڪھاڻيون جھڙوڪ: ”چاچي جيوڻيءَ جو فوٽو ٽنگڻ“ (نئين زندگي مئي ١٩٥٩ع)، ”عثمان حجم جو روزو رکڻ“، عثمان حجم جو ڏند ڪڍائڻ ۽ ”عدو موچيءَ جو راڳ سکڻ“ وغيره مقبول ٿيون. خلق ۾ واه واه ٿي ويئي. دراصل پھرين ڪھاڻي ”چاچي جيوڻيءَ جو فوٽو ٽنگڻ“ نقل ھو. ان جي نشاندھي مون نئين زندگيءَ ۾ خط ذريعي ڪئي. بجاءِ اِن جي جو چوري تسليم ڪري، نئين زندگيءَ ۾ ھڪ خط ڇپايائين. ان ۾ ھيڏانهن ھوڏانهن جون ڳالھيون ڪيائين، پر ھن ڪھاڻي سلسلي مان ھٿ ڪڍي ويو. جيوڻي واري ڪھاڻي حقيقت ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل Three man aboat جو ترجمو آسودي مل ٽيڪچند گدواڻيءَ ڪيو ۽ ”ڪاڪو لڇيرام“ جي نالي سان اصل ليکڪ جي حوالي سان ’جوت‘ ۾ ۽ پوءِ گل ڦل (پرمانند ميوارام) ۾ ڇپي (١٣). اردوءَ ۾ به عبدالسلام خورشيد ’چچا ڇڪن‘ عنوان سان آندي. بروھيءَ پوءِ پنهنجي ڪتاب ”سڏن مٿي سڏڙا“ (١٩٨٧ع) ۾ پنهنجي متعلق لکندي مڃيو: ”علم ادب واري ميدان ۾ استاد نه ھئڻ ڪري مون گھڻائي سيکڙاٽن وارا ٿيڙ کاڌا ۽ ادبي چورين کان ويندي، ادبي کاٽ ھڻڻ تائين، ڪاٽڪن وارا ڪم به ڪيا.“ (ص-١). بهرحال علي احمد بروھيءَ جا ڪتاب ”سڏن مٿي سڏڙا“، ”ڄام، ڄاموٽ، ڄامڙا“، ”ڪک پن“ ۽ ”ڏيا تيل ڦليل جا“ ڇپيل آھن، انهن ۾ ڪالم، خاڪا، مضمون ۽ ڪھاڻيون آھن، پر چاچي جيوڻي واري ڪھاڻي شامل نه ڪئي اٿس. لکڻ کان سواءِ گفتي جو پڪو ۽ نقل ٻڌائڻ جو به استاد ھو.

ڪھاڻيءَ جو ھي قافلو لطف لله بدويءَ، پير حسام الدين، گوبند مالھي، ڪيرت، شيخ اياز، آنند ٽھلراماڻي، اتم، موھن ڪلپنا ۽ پوپٽيءَ کان ھليو آھي، پڄاڻيءَ تي اچي ٿو. ڪي مسافر رھجي به ويا ھوندا، پر ھڪ مسافر حاضر آھي، اھو آھي ھن ادبي تاريخ جو ليکڪ. منهنجا ٻه مجموعا فھرست ۾ اچي چڪا آھن. اھي مون کي به متاثر ڪونه ٿا ڪن. ڪي غربت جا موضوع ھئا. ڪي سگھڙ زالن جي تعريف ۾ ۽ جھيڙاڪ ماين بابت ھئا. ١٩٨١ع ۾ منهنجو مجموعو ”نه ڪر ھار سينگار سکي“ ڇپيو. ھن ۾ منهنجون ١٩٦٧ع کان وٺي ١٩٨٠ع تائين جون ڪھاڻيون ھيون. ڪتاب جي نالي واري ڪھاڻي مرد جي منافقت ظاھر ڪري ٿي، پر زال ته به ڳالهه کي لڪائي ٿي ته ڀرم رھجي اچي. ٻيون ڪھاڻيون”بهانو“،”پتلي“،”ڳالهه ھڪ ڄٽ زال جي“،”ون يونٽ“، ”زندگي آھي اشارن ۾ اسير“،”مھانڊا“،”بيگي ۽ بيگي“، ۽”ليليٰ تي پھاڄ“ھيون. منهنجون ٻه ڪھاڻيون”ٽڪلين جي جدائي“۽”مھاراڻي“پوءِ ڇپيون. داد لاءِ ھرڪو واجھائي ٿو. ھاڻ ته گھڻو وقت گذري ويو.

حوالا:

١- ملڪاڻي، سنڌي نثر جي تاريخ، ص ص ٢٤ کان ٤٠.

٢- شيخ اياز، سفيد وحشي، باغ ڪراچي، ١٩٤٧ع، ص – مھاڳ، پھرين پئرا.

٣- ڏسو ڪتاب، جمال ابڙو، ڪھاڻيون، مضمون، شخصيت، سنڌ ثقافت کاتو، ڪراچي ١٩٩٢ع.

٤- ڏسو حفيظ جو مجموعو، ساگر جي لھرن تي، بئڪ ڪور.

٥- ساگر جي لھرن تي، سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد، ١٩٧٦ع.

٦- سراج، اٺون ماڻھو، نيوفيلڊس، ١٩٨٥ع.

٧- ھيراننداڻي، پوپٽي رامچند، زندگي نه ڪوتا نه ڪھاڻي، سنڌي ادب اڪيڊمي، حيدرآباد، ١٩٨٤ع، ص- ٻه اکر.

٨- مخدوم محمد صالح ڀٽي، واندڪائيءَ جي وندر، محمد يوسف برادرس، حيدرآباد، ١٩٥٢ع.

٩- اياز قادري، سنڌي غزل جي اوسر، سنڌالاجي، ١٩٨٤ع، ص – هه.

١٠- آغا سليم، ڌرتي روشن آھي، نيوفيلڊس، حيدرآباد، ١٩٨٥ع (پيش لفظ).

١١- گڏيل صورت ۾ طارق جا ٽيئي مجموعا سنڌيڪا ”بند اکين ۾ ڪجهه يادون ڪجهه سپنا“ جي عنوان سان ڇپايا.

١٢- ڏسو گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٦ع، ڇاپو صفحو ١٩٧ کان ٢٠١.

 

باب پنجون

سوانح حيات/  Biography:

مير علي شيرقانع، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جي فارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتابن ۾ شخصيتن جي سوانح جا اھڃاڻ ملن ٿا. عالمن سيرت تي به ڪتاب لکيا. مير علي شيرقانع ۽ پوءِ محمد ابراھيم خليل”مقالات الشعراءِ“۽”تڪملھ مقالات“۾ شاعرن جون سوانح عمريون لکيون. شاهه جي رسالي ۾ سورمن ۽ سورمين جي ڪردار جا پاڇا موجود آھن. حقيقي ۽ جديد معنيٰ ۾ اسين جنهن صنف کي سوانح حيات چئون ٿا؛ اھا اڻيھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ڪوڙي مل ۽ قليچ جي انهن ڪتابن ۾ ملي ٿي، جي ھنن ساميءَ ۽ شاهه بابت لکيا. ان کان پوءِ ثابت علي شاهه ۽ سچل بابت قليچ ۽ علي قلي بيگ جا ڪتاب آيا، جن ۾ ڪلام کان اڳ شاعرن جي سوانح حيات آئي. اھو سلسلو ھلندو آيو، پر اِھي ڪتاب خالص سوانح حيات جا ڪتاب نه آھن. اوڻيھين صديءَ جي آخر ۽ ويھين صديءَ جي اوائل ۾ ھندو مھاپرشن، ھندو نارين ۽ سنتن ساڌن جا جيون چرتر لکيا ويا. ان کان پوءِ ويھين صديءَ ۾ بزرگن، اديبن، شاعرن، عالمن، صوفين ۽ سياسي اڪابرن جي زندگيءَ جو احوال لکيو ويو. اھي سوانح حيات جا ڪتاب سڄا ھڪ ليکڪ جا آھن ۽ ڪي ھڪ سھڙيندڙ مختلف ماڻھن جا ليک گڏ ڪري ڇپايا آھن.

ھن عنوان ھيٺ اھڙن ڪتابن جو ھڪ مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو، جيڪي سوانح حيات جي سلسلي ۾ اھم آھن.

فاروق اعظم (١٩٥٢ع):

ھي ڪتاب حضور جن صلي لله عليھ وسلم جن جي پياري اصحابي ۽ ٻئي خليفي راشد حضرت عمر بن الخطاب فاروق اعظم جي سڳوري سوانح بابت آھي ۽ استاد محترم سائين مخدوم محمد صالح ڀٽي ھالائيءَ تحرير ڪيو آھي. ڪتاب جي تاليف بابت مھاڳ ۾ لکن ٿا: ”ھن ڪتاب جي تاليف ڪرڻ جو نه شوق ھوم نه ارادو، پر پنهنجي مشفق ۽ محسن يار ڀاءُ ڊاڪٽر محمد علي ھالائيءَ جي بيوقتي ۽ افسوسناڪ رحلت سک سمھڻ نه ڏنم. طبع جي بي مزگي، ڪم مائگي ۽ بي بضاعتي ھوندي به ھن فرض ڪفايھ کي منهن ڏيڻ جو مصمم ارادو ڪري ورتم.“

اسلامي اڪابرن، فتوحات اسلام ۽ واقعھ ڪربلا بابت سائينءَ جا ٻيا به ڪتاب موجود آھن. حضرت عمر فاروق جي پاڪيزه ۽ مجاھدانه زندگيءَ تي ھي ھڪ مدلل ڪتاب آھي. حضرت عمر فاروق جي زندگيءَ بابت ڪيترائي واقعا آھن، جيڪي ھن ھستيءَ جي بي لوث ڪردار کي ظاھر ڪن ٿا. مخدوم صاحب جن به انهن جو ذڪر ڪيو آھي. ”ھڪ دفعي حضرت حذيفھ لکيس ته سڀني مسلمانن کي پگھار ملي چڪا آھن، پر اڃان ڪيتروئي مال بچي پيو آھي. حضرت عمر حڪم ڏنس ته اھو به مسلمانن ۾ ورھائي ڇڏيو جو اھو عمر يا آل عمر جو مال ڪونهي. ھڪ دفعي پاڻ بيمار ھو ۽ ماڻھن ماکيءَ جي استعمال جي صلاح ڏنيس، ته عام مجمعي ۾ اچي چيائين ته جيڪڏھن اجازت ڏيو ته بيت المال ۾ رکيل ماکيءَ مان ٿوري پنهنجي ڪم آڻيان.“ اھڙا ٻيا به واقعا آھن. انهن مان فاروق اعظم جو ايمان ۽ جذبو ظاھر ٿئي ٿو. مخدوم صاحب، ھي ڪتاب عقيدت ۽ حقيقت جي مليل جذبن سان لکيو آھي.

ياد رفتگان (١٩٥٣ع):

ھن ڪتاب جو مؤلف ۽ مرتب مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ آھي. ڪتاب جو ٻيو وڌايل ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ ١٩٩٤ع ۾ شايع ڪيو. ھي تذڪرو خاص طور انهن شاعرن جي باري ۾ آھي، جيڪي گذاري چڪا ھئا ۽ انهن جي ياد کي قائم رکڻ لاءِ لکيو ويو. ڪل ٢١٧ شاعرن جي تصويرن، مختصر تعارف ۽ ڪلام جي نموني ڏيڻ سان ذڪر ڪيو ويو آھي. پھريون شاعر شاهه عبداللطيف ۽ آخري مومن مليرائي آھي. ٻين جن شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، انهن ۾ ڪي اھم شاعر ھي آھن: روحل صوفي، مراد فقير، نواب ولي محمد، لله بخش اٻوجھو، حسن علي خان حسن، صاحبڏنو شاهه، عبدالغفور ھمايوني، محمد واصل درس، عبدالحسين سانگي، زمان شاهه ساقي، محمد ھاشم مخلص، منٺار فقير، ھدايت علي نجفي، مرزا نادر بيگ، ڪشنچند بيوس، عبدلله بسمل، حافظ حيات شاهه، مرزا ھمايون بيگ، محمود خادم، محمد صديق مسافر، احسن ڪربلائي، لطف لله بدوي، مولوي احمد ملاح، رشيد لاشاري، انجم ھالائي، سليم ھالائي، عبدالفتاح عبد، ثناءُ لله ثنائي، عطامحمد حامي، ڊاڪٽر خليل، شيخ راز، چيزل شاهه، اجمل بيگ، اسد بيگ ۽ حافظ احسن وغيره.

شاعرن جي سوانح حيات ھڪ يا ٻن پيرائن ۾ مجمل طور بيان ڪيل آھي. ڪتاب جو سڄو نالو در ناياب عرف ياد رفتگان آھي. انهيءَ لحاظ کان به ھي سوانحي تذڪرو اھم آھي، جو گذاري ويلن جي ياد کي تازه رکي ٿو. ھن ڪري مخدوم صاحب جن جي جذبي ۽ محنت کي داد ڏبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org