سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:14 

اھڙيءَ طرح مھذب ماڻھن ۾ ھاڻي ريڊ انڊين به شامل ٿيندا وڃن. شاهه صاحب اھو جائزو ڀرپور نموني ورتو آھي.

شيخ اياز جي خطن جو مجموعو جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (١٩٦٣ع). انهن خطن تي مشتمل آھي، جي سماھي”مھراڻ“۾ (سواءِ ھڪ جي) ڇپيا. ھي پري ويٺل ھڪ شاعر جا خط آھن ۽ انهن ۾ ڪي ادبي خط به آھن. ھي خط شيخ اياز سکر مان ١٩٥٥ع ۽ لکيا. اِنهن خطن ۾ انهن علائقن جو ذڪر آھي، جتي اياز صاحب ويو.

ادبي خطن مان ھڪڙي ۾ کيئلداس فانيءَ بابت لکي ٿو: ”ھو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چڪو آھي ۽ اسان جا آئيندا نسل سندس ڪلام بيحد رقت  ۽ گداز سان پڙھندا رھندا. ادڙا! فاني منهنجو استاد ھو؛ نه فقط ھن مون ۾ ڏھين ٻارھين ورھئين جي عمر ۾ شاعريءَ لاءِ شوق پيدا ڪيو، پر ھن ئي مون کي سنڌي شاعريءَ جو روح ڏيکاريو. فاني لفظن جو سنگتراش آھي.“

انهيءَ کان سواءِ اياز جي ڪتاب ”خط انٽرويو، تقريرون“ ۾ به خط آھن. ڪتاب جا ٻه ڀاڱا آھن. پھريون ڀاڱو (١٩٨٧ع) رشيد ڀٽيءَ ترتيب ڏنو آھي ۽ ٻيو (١٩٩١ع) اياز خود ترتيب ڏنو. ٻئي ڀاڱي ۾ ڏيپلائي صاحب تي خاڪو ۽ مھاڳ شامل آھن، جيڪي اياز، نند جويري، تاجل بيوس، اياز گل، ادل سومري ۽ بدر ابڙي جي ڪتابن تي لکيا. ٻنهي جلدن ۾ ڪي خط ساڳيا آھن. ھي خط اياز، ادا حميد (سنڌي) ۽ مدد علي سنڌيءَ کي لکيا آھن. ھـُو خطن ۾ پنهنجن اديب دوستن، ملاقاتين، تجربن ۽ ادبي صنفن (ھائڪو) بابت لکي ٿو. اياز جي گفتگو ۽ ھن جي نثر جو تسلسل ھڪ وھڪري وانگر آھي. پنهنجي انداز سان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندو ٿو وڃي. اياز جي نثر ۾ به شعر جيتري قوت آھي. ھنن ٻن جلدن ۾ جيڪي اياز جا انٽرويوز آھن، اھي به عام انٽرويوز کان مختلف ۽ جواب جي برجستگيءَ جا حامل آھن.

رھاڻ (١٩٦٥ع): ھي خط سيد ميران محمد شاهه، محترم جي ايم سيد کي لکيا ۽ سيد صاحب ترتيب ڏيئي، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي شايع ڪيا. ھي خط ١٩٢٤ع کان وٺي ١٩٦٣ع جي عرصي دؤران لکيا ويا. ڪل ٻه سؤ چوئيتاليهه خط آھن. ھي خط حيدرآباد، ڪراچي، احمد نگر، بمبئي ۽ سرينگر مائونٽ آبو کان لکيل آھن. منجھن گھڻا، زندگيءَ ۽ سياست جي مختلف پھلوئن تي آھن؛ پر گھڻو لاڙو مجلسي زندگي، دعوتن ۽ حسينائن جي ملاقاتن بابت آھي. انهن ۾ نمايان ڪردار خانم طريقي جو آھي، جنهن بابت سيد ميران محمد شاهه وري وري لکي ٿو. جي ھي ناول ھجي ته خانم طريقي ان جي بنا شڪ شبهي جي ھيروئن آھي. ان لاءِ مھاڳ ۾ سيد صاحب لکي ٿو: ”اھا عورت کيس غير معمولي ڏسڻ ۾ آئي ھئي. ھـُوءَ به رند مشرب ھئي. انتهائي خوشي حاصل ڪرڻ زندگيءَ جو مقصد ٿي سمجھيائين ۽ جذباتي به ھئي. آخر ۾ منهنجي به ان عورت سان واقفيت ٿي. اھا ھڪ تثليث ٺھي پئي، ان دوستيءَ مان اڳتي ھلي ڇا نتيجو نڪري ھا، اھا خبر خدا کي. ليڪن ھن جي اوچتي انتقال انهن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.“

مدموزيل طريقي ھڪ عرب (تيونس جو) شيخ ۽ فرانسيسي عورت جي ڌيءَ ھئي. زندگيءَ ۾ وفا ۽ جفا جا ذائقا چکندي بمبئيءَ پھتي ھئي. ھـُن جو ۽ خود سيد ميران محمد شاهه جي باھمي جذباتيت جو ڊگھو داستان ھو. ھـُوءَ پئرس ۽ لنڊن جي گريجوئيٽ ھئي. ڏانهس لکيل ھڪ خط جو نقل به ميران محمد شاهه ڪتاب ۾ شامل ڪيو آھي. اھو خط ھيئن شروع ٿئي ٿو: ”پياري خانم طريقي، توکان موڪلائي تنهنجي نهايت عجب زندگيءَ جو حال ٻڌي مون کي رات جو ننڊ ڪا نه آئي. تنهنجي موجودهه حالت تنهنجي ذھني زرخيزي، طريقھء زندگيءَ ۽ اخلاقي بلنديءَ تي گاڏيءَ ۾ ۽ پوءِ بستري تي ليٽي غور ڪندو رھيس.“

ساھڙ جا سينگار (١٩٦٩ع)، ھي خط علامه آءِ آءِ قاضيءَ جا جي ايم سيد ڏانهن لکيل آھن. ڪتاب جو تعارف اي ڪي بروھيءَ جو لکيل آھي. ڪتاب ۾ علامه صاحب ۽ مدر ايلسا قاضيءَ جا فوٽو ۽ سندن زندگين جو احوال به ڏنل آھي. علامه صاحب جيئن ته ھڪ تعليمي ماھر، فيلسوف ۽ اعليٰ اديب ھو. اھا ڳالهه ھن ٻين ڳالھين سان گڏ خطن ۾ به ورجائي آھي. سنڌ جي ماڻھن جي بي توجھي ۽ ڳالهه ھنئين سان نه ھنڊائڻ جي شڪايت ھيئن ڪري ٿو: ”ساڌو واسواڻيءَ جو معاملو مختلف آھي. جڏھن ھـُو رواجي ڳالهه ڪري ٿو ته به سندس محب ۽ مداح سندس چوڌاري مڙيو وڃن، ھي به اسان جو ئي ھندو آھي. ھندو به سندس ظاھري عزت ۽ پوئلڳيءَ سبب سندس حقيقي سمجھاڻيءَ طرف ڌيان نٿا ڏين.“

علامه صاحب سن ۾ ھڪ تعليمي ۽ تربيتي مرڪز قائم ڪرڻ ٿي گھريو. ان جي باري ۾ ھڪ خط ۾ لکي ٿو ته :”خط پھچڻ کان ٿورو اڳ اھو خيال دل تي آيو ھو ته سن ۾ اچي تو وٽ رھي، ان مرڪز تان مخلص ڪارڪنن جي تربيت ۽ تعليم جو ڪم ڪريان. منهنجون گھرجون تمام ٿوريون آھن. اھڙي جاءِ ھجي جتي پکي به نه پھچي سگھي. ان روم کي آءٌ ڪپڙو ڪري ڪتب آڻيان. ڪپڙن (روم) اندر ماڻھو ڏسڻ جي ڪوشش ڪو نه ڪندا. گھر منهنجي لاءِ ڪپڙن جو ٻيو وڳو آھي. ڪپڙا ۽ گھر ھڪ جيترو ستر ڏين ٿا.“ ھي خط ١٩٣١ع ۾ لنڊن مان لکيل آھي. جن ماڻھن پوءِ علامھ قاضي وائيس چانسلر جا سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جمعي وارا ليڪچر ٻڌا ھوندا، تن کي معلوم آھي ته علامھ صاحب ڪيڏي وڏي ھستي ھو.

خط ۽ مضمون (١٩٧٠ع ، ھي خط پير علي محمد راشديءَ جا جي ايم سيد ڏانهن ۽ سندس باري ۾ لکيل آھن. راشدي صاحب جو لھجو تـُند ۽ تيز رھيو ۽ تکو مٺو ڳالھائڻ ۽ لکڻ ھـُن جي خصوصيت رھي. ڪٿي چرچو گھٻو به ھنن خطن ۾ موجود آھي. سنڌ جي سياستدانن، وڏيرن ۽ ڪامورن تي جـُلھون به ڪيون اٿس. خطن سان گڏ انهيءَ موضوع تي مضمون به ڪتاب ۾ شامل آھن. خطن ۾ سيد صاحب کي خبردار ڪندو رھيو ته وزيرن ۽ ڪامورن ۾ اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي. ھـُو فقط ذاتي مفاد کي اھميت ڏين ٿا، سنڌ جو ڀلو ڇا ڪندا؟ ھي خط ١٩٣٧ع کان ١٩٥٨ع واري عرصي ۾ ڪراچي، بهمڻ، دھلي ۽ ٻين ھنڌن تان لکيل آھن. انهيءَ دور جي سياست ۾ راشديءَ جو ڪردار ظاھر ڪن ٿا. ڪٿي ڪنهن جو نالو نٿو لکڻ گھري ته رمز سان ھيئن لکي ٿو: ”سنڌ جدا ٿيڻ کان پوءِ سارا سترھن سال پنهنجي سنڌي مسڪينن ۽ گگدام ڳوٺاڻن جي پاڻ ويھي رت چوسيائون، نه داد نه فرياد! جو مسڪين وڏيري تي دانهين بنجي ڪراچيءَ پھتو، تنهن جي وزيرن وٽ ته بنهه شنوائي ڪا نه ٿي.“

اڌ ملاقات (١٩٧٧ع) ، رسالي سھڻيءَ جي ايڊيٽر طارق اشرف ڏي جيل ۾ آيل خطن ۽ جيل مان سندس لکيل خطن جو مجموعو آھي. ھنن خطن ۾ ھڪڙا خط ماءُ ڏي ۽ ماءُ طرفان آھن. ٻيا پٽ ڏانهن ۽ پٽ کان آھن، پر ٽيان ”ھن جا“ ۽ ”ھـُن ڏانهن“ آھن. اھا”ھـُن“ڪير آھي؟ ان لاءِ طارق اشرف جي حياتيءَ ۾ ئي سندس دوستن جو خيال ھو ته ”ھـُوءَ ھئي ئي ڪا نه.“ طارق ڪھاڻي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انهن ئي خطن ۾ مصنوعيت به جھلڪي پئي. ھونئن به طارق جي ڪنهن به تحرير ۾ زور نه رھيو. پنهنجو رسالو ۽ پنهنجي پريس ھئس. ليکڪن تي به ڪڏھن ننڍو وڏو ھجڻ جا ليبل ھڻندو ھو ۽ ڪنهن کي پھرين ڇاپڻ جون دعوائون ڪندو ھو.

سائين جي ايم سيد ڏانهن لکيل خطن جا ٽي وڏا مجموعا آھن: اڄ پڻ چڪيم چاڪ (١٩٧٧ع) ، ڪجهه خط (١٩٨٥ع) ۽ واڄٽ ويراڳين جا (١٩٨٧ع). ھنن خطن ۾ سنڌ کان ٻاھر ھندوستان سطح جي سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن، سنڌ جي سياستدانن، اديبن ۽ ٻين ماڻھن جا خط آھن، جيڪي سيد صاحب ڏانهن لکيا ويا آھن. ٽئين مجموعي واڄٽ ويراڳين جا ۾ محمد امين کوسي جا لکيل خط آھن. مجموعي طور ھي خط ھند ۽ سنڌ جي سياست ۽ قومي زندگيءَ جو احاطو ڪن ٿا. ھنن خطن ۾ جناح صاحب، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، شيخ عبدالمجيد، ڄيٺمل پرسرام، حاتم علوي، ڊاڪٽر دائودپوٽي، ڊاڪٽر بلوچ، شيخ اياز ۽ ٻين جا خط آھن. ’ڪجهه خط‘ ۾ به ھند جي وڏن سياستدانن جا خط آھن، جن ۾ نهرو، آزاد، ڀاشاني، مجيب ۽ ٻيا ڪيترا شامل آھن. محمد امين کوسي جا خط جذبات سان پـُر آھن. ھنن ٽن ڪتابن مان ٻه اقتباس ھي آھن: مولانا غلام محمد گرامي سنڌي ادبي بورڊ ۾ مھراڻ جو ايڊيٽر ھو، ھـُو تنگدست ھو. انهيءَ سلسلي ۾ ھن سيد صاحب کي ڪي خط لکيا. پھرين خطن ۾ دل جي ڳالهه ڪندو رھيو. نيٺ ھڪ خط ۾ تنگدستيءَ کان تنگ ٿي ھيءَ گذارش ڪيائين: ”بورڊ مون کي مھراڻ جو ايڊيٽر ڪيو. مخدوم صاحب، ميران محمد شاهه، آغا عبدالنبي، سڀني منهنجو پگھار ٥٠٠ رپيا ڪرڻ گھريو، پر جويو صاحب منهن (منع) ڪري بيٺو. وڙھي وڙھي ساڻا ٿي پيا. آخر ٥٠ رپيا وڌايائون. ھينئر ٢٤٦ رپيا پگھار آھي، ان ۾ ٨-٩ ڀاتي پيا ڏکيا ڏينهن گذاريون.“

محمد امين کوسو ھڪ دردمند دل رکندڙ قومي رھبر ھو. سندس خطن ۾ به وڏي گوناگوني آھي. ان دردمنديءَ جو ههڙو اظھار نه ٿيندو ته ٻيو ڪھڙو ٿيندو: ” سنڌ جو ھاڻوڪي دور ۾ جيڪو تضاد آھي، سو به حيرت ڪـُن آھي. ھڪ طرف اونده انڌوڪار آھي: ٻئي طرف وقت ۽ زماني جو مجدد اعظم منهنجو آقا ۽ پير ڀرچونڊي شريف جو فقير درويش سلطان عبدالرحمان، مولانا عبيدلله سنڌي، سياست ۾ تون ۽ فخر سنڌ و ھند شيخ صاحب!! پوءِ ههڙن آفتابي جلون جي سامھون مايوسيون پنهنجيون تاريڪيون فقط ان وقت تائين ڪاميابيءَ سان ڦھلائي سگھنديون آھن، جڏھن دلين ۽ اکين تي انهن جي عڪس کي روڪڻ واسطي پردا چڙھيل يا چاڙھيل ھوندا آھن. اھي پردا چاڪ ڪرڻ ڪم تنهنجو!“

محمد امين کوسي جي ھنن خطن جا سھڙيندڙ عبدالواحد آريسر ۽ تاج جويو آھن.

سنڌيءَ ۾ خطن جا ڪي ٻيا به مجموعا آھن ۽ خط سھڻي، مھراڻ، نئين زندگيءَ، سوجھرو ۽ ٻين رسالن ۾ به ڇپيل آھن. انهن جي نوعيت ادبي راءِ واري آھي. پنڊت نهروءَ جي خطن جو مجموعو پيءُ جا ڌيءَ ڏي خط (٢٠٠١ع) پرويز، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آھن. انهن کان سواءِ جمال الدين مومن ڏي لکيل خطن جو مجموعو سڄڻن جا سنيھا (١٩٨٤ع) آھي، جنهن ۾ ڏانهس لکيل اديبن ۽ دوستن جا ١٣٤ خط آھن. خط نمبر ١٣٥ ۾ خط لکندڙ جملي صاحبن جو ٿورو مڃي ٿو ۽ فارسي آميز زبان ۾ لکي ٿو ته :”ھي خط ھن لاءِ باعث انبساط بنيا ۽ مستقبل استمراريءَ لاءِ به اھڙي توقع وابسته رکي ٿو.“ سادي ۽ فطري زبان ۾ مطلب ٿيو ته ھـُو خوش ٿيو ۽ آئيندي به اھڙي اميد رکي ٿو.

(ج) ڊائري/ Diary:

روزمره جي روئداد لکڻ جي ڪن ماڻھن کي عادت ھوندي آھي. ڪير آيو ويو، صحت ڪيئن رھي يا گھر جو خرچ ڪھڙو ٿيو، ان جي داخلا ڊائريءَ (روزنامچي) ۾ رکندا آھن. ڪي رڳو گھر جي بجيٽ جي ڪٿ خاطر به خرچ لکندا آھن، روزنامچن ۾ خواجه حسن نظامي دھلويءَ جو روزنامچو مشھور آھي. ان ۾ ھو مڪمل طور روزمره جي روئداد لکندو رھيو ۽ شايع ڪندو رھيو. پنهنجي صحت ۽ ھاضمي جي به پوري داخلا ڪندو رھيو. اڄ جنهن صنف کي اسين ڊائري ٿا چئون، اھا يادداشت جو تاريخوار رڪارڊ آھي. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڊائريون به ڪي آھن، انهن مان چونڊ ڊائرين جو جائزو وٺون ٿا:

قيدياڻيءَ جي ڊائري (١٩٧٢ع):

ھيءَ اختر بلوچ جي انهن ڏھاڙن جو رڪارڊ آھي، جڏھن ھوءَ قيد ۾ ھئي. سنڌ جو نالو وٺڻ ۽ حق گھرڻ جي ڏوهه ھيٺ جيل ۾ وڌي ويئي. ھن جيل جي روزنامچي ۾ سکر ۽ حيدرآباد جيل مان خط لکيا. ماءُ زرينه بلوچ ۽ رسول بخش پليجي ھمت افزائي ڪندي، کيس خط لکيا. اھي به ڊائريءَ ۾ شامل آھن. ڊائريءَ ۾ خط لکڻ جو وقت به لکيو اٿس. جيل ۾ ٻين عورتن ۽ ڇوڪرين جو به ذڪر ڪيو اٿس. انهن ۾ ھڪ جو ذڪر ھيئن ڪري ٿي ”ھينئر رتني رھاڻ ڪري ويئي آھي. ڏٺم ته ھڪ پٺن اگھاڙي ڇوڪري ميز جي ڀرسان بيھي مون کي گھوري گھوري ڏسي رھي ھئي. جڏھن منهنجي نظر پيس ته مون کي ڄڻ دل ۾ کـُپي ويئي. عمر اٽڪل ١٥ سال کن ٿينديس. سانورو رنگ، چيرويون اکيون، نڪ ٿورو منو، کاڏيءَ تي نيرو ٽـُٻڪو، ايڏي ته معصوم ۽ پياري ٿي لڳي جو ڇا چئجي. مون کانئس خبرون چارون ورتيون. مڙس کي زھر ڏيڻ ڪري ١٤ سال سزا مليل اٿس. سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايائين ته ڪيئن ننڍپڻ ۾ ھـُوءَ زميندار جي گھر ۾ ڪم ڪندي ھئي ۽ ڪيئن زميندار جي پٽ سان ٺھي، ڪيئن مائٽن شادي ڪرائي ڇڏيس. اتان زميندار جي پٽ سان ڀڳي وري موٽي ملي، ھڪڙي مڙس کان طلاق مليس وري ٻئي سان پرڻي. نيٺ زميندار جي پٽ زھر آڻي ڏنس ته مڙسھين کي مار ته ھميشه لاءِ جند ڇٽي پئي. مڙس مري ويو ۽ ھيءَ ١٤ سال سزا وٺي اچي بند ٿي.“

ھن ڊائريءَ جو مھاڳ سراج لکيو آھي ۽ ڊائريءَ کي ٿڌي، صاف ۽ وڻندڙ ھير جو جھوٽو سڏيو اٿس.

جيل ۾ ٢٢ مھينا (١٩٧٧-١٩٧٨ع):

طارق اشرف جي جيل ۾ ڪاٽيل ٢٢ مھينن جي ڊائري آھي. سھڻيءَ ۾ سخت ايڊيٽوريل لکڻ سبب ھـُو جيل جو ياتري ٿيو. ضد سبب تڪليف سٺائين ۽ ھن ڊائريءَ جي پھرئين جلد کي ان وقت جي ھوم سيڪريٽريءَ محمد خان جوڻيجي جي نالي طنز طور منسوب ڪيائين. بقول سندس ”جنهن فرمايو ھو- جيستائين مان (آءٌ) نوڪريءَ ۾ آھيان، طارق اشرف جيل مان نٿو نڪري سگھي.“ خبر ناھي طارق اھو گفتو ڪٿان ٻڌو ھو؟ ھوم سيڪريٽريءَ کي ته سرڪار جي پاليسيءَ ھيٺ ھلڻو ھو. ائين ويجھڙا دوست ملڻ نه ويا ته انهن سان به ناراضگيءَ جو اظھار ڪيو اٿس. جيل جا ڏينهن راتيون ۽ اتان حاصل ٿيل تجربن جو ڊائريءَ ۾ ذڪر آھي. ھنن صفحن ۾ ھن ڏکين ڏينهن جو ذڪر ڪيو آھي. ھنن ٻن جلدن کان سواءِ جيل جي ڊائريءَ جو ھڪ ٻيو ڪتاب به طارق اشرف جو آھي. اھو آھي ھٿين ھٿ ڪڙول (١٩٨٥ع). ھن ۾ ھـُن پنهنجي جيون ساٿي کي خط ذريعي جيل جي گھڙين کان واقف ڪيو آھي. ان ۾ ملاقات لاءِ اچڻ وارن، جيل جي ساٿين ۽ ٻين ڳالھين جو ذڪر ڪيو آھي. پبلشر ساٿي کي چوي ٿو ته تنهنجو ادارو نيو فيلڊس منهنجن ڪتابن جي ڪري ھلي ٿو ۽ کيس نفعو ڪمائڻ جو طعنو ڏي ٿو. ان کان سواءِ ٻيا مختلف ننڍا ننڍا واقعا لکي ٿو. اھي گھڻو ڪري معمولي نوعيت جا آھن. ليکڪ پنهنجي ذات جي ڪري انهن کي گھڻي اھميت ڏني آھي.

جيتامڙي جي ڊائري (١٩٨٢ع):

ھيءَ ڊائري ڊاڪٽر سرلا ديويءَ جي لکيل آھي. ھن ۾ ھـُن پنهنجي جيون ساٿي ا. ح . جئسنگھاڻي سام جي ساٿ ۽ خيالن جي اپٽار ڪئي آھي. سام جئسنگھاڻيءَ جي رباعين ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب به ڇپيل آھن. ھيءَ ڊائري سندن خيالن جي ھڪ وڏي داستان وانگر آھي. ليکڪا ور جي عقيدت ۽ انسان ذات جي خدمت جو جذبو رکندي عملي ڪم به ڪيو ۽ اڪبر آشرم (لاڙڪاڻي ۾) قائم ڪيو. ڊائريءَ ۾ سام جي خيالن جا پرتوا بنيادي حيثيت رکن ٿا. اھي ھن ٦٨٦ صفحن کان وڌيڪ ضخيم ڊائريءَ ۾ موجود آھن. سام جي ساٿ ڊاڪٽر سرلا ديويءَ کي زندگيءَ جي خوشي ڏني، ان جو ھنڌ ھنڌ ذڪر آھي. وري سام به سندس ساٿ کي زندگيءَ جو مقصد ڄاتو. پنهنجن تجربن ۽ مشاھدن جو سام ذڪر ڪري ٿو. ھڪ ھنڌ آيو آھي ته :”سام ٻڌايو ته ھماليھ پھاڙ تي مون ھڪ ٻوٽي ڏٺي، جنهن کي ھٿ لائڻ سان ڏينڀوءَ جھڙو ڏنگ ٿي لڳو. پر ان جي ھيٺان ڇانوري ۾ ھڪ ننڍڙي ٻـُوٽي اسريل ھئي، جنهن جي لڳائڻ سان ڏنگ جو اثر ميٽجي ٿي ويو. ساڳي طرح پرڀـُوءَ پنهنجي پورڻ گيان سان سنساري ڪمن ۾ ٿڪ جو اثر وجھي ڇڏيو آھي، اھو ٿڪ ڪوڙي چاھنا کي ماري ٿو.“

ھن ڊائريءَ ۾ ليکڪا ۽ سام جي گفتگو مان زندگي، خدمت، ڌرم، تصوف ۽ ويدانت بابت خيالن جي ڳوڙھي اپٽار آھي. جنهن مان ھنن جي اعليٰ ويچارن جي پروڙ پوي ٿي. ڊائريءَ تي ڀرپور مھاڳ جھامنداس ڀاٽيھ لکيو آھي، جو ھڪ طرح سان ھن ڊائريءَ جي شرح آھي، مگر ھـُوءَ بنسريءَ وانگيان سام جي ٻولي ٿي الائي.“ ان کان پوءِ ھـُو بنسريءَ ۾ گوپين واري وارتا بيان ڪري ٿو.

شيخ اياز جي ساھيوال جيل جي ڊائري (١٩٨٦ع):

ڪا عام ڊائري نه آھي، پر سندس شاعرانه ۽ دانشورانه ڪردار جو ھڪ آئينو آھي. ھـُن ماڻھن کي جيل ۾ ڪيئن ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. آمريت جي بدترين دور ۾ اياز ھن تجربي مان گذريو. ھن جيل ۾ بند ماڻھن جا حوصلا ڏٺا. ڪيئن پارٽيءَ جي اقتدار مان ٻاھر ھجڻ تي رويا بدلايا ۽ وفاداريون تبديل ڪيون. اياز ٦٨ ۽ ١٩٦٩ع ۾ ھن ڊائريءَ جا صفحا لکيا. ١٩٨٦ع ۾ ڇپجڻ تائين خود ڊائريءَ ۾ تبديليون ٿيون ھجن. ان جو انديشو ڪن حلقن ظاھر ڪيو ھو، جو ڊائريءَ ۾ ڀٽي صاحب، محترمھ بينظير ۽ پيپلزپارٽيءَ جي تعريف شامل نظر آئي. ان کان پوءِ ھي اقتباس اياز جي ڀـُٽي ڏانهن لاڙي جو شاھد آھي: ”جيل مان رھائيءَ کان پوءِ مان ڀـُٽي صاحب سان نه ملي سگھيو ھوس. ھن سان منهنجي پھرين ملاقات تڏھن ٿي، جڏھن ھو پاڪستان جو پرائم منسٽر ھو ۽ شملا معاھدي لاءِ وڃڻ کان اڳ مون کي ڪراچيءَ گھرائي مون سان مشورو ڪيو ھئائين. ان کان پوءِ منهنجون ھن سان ڪافي ملاقاتون ٿيون؛ خاص ڪري يونيورسٽيءَ جي ملازمت واري وقت ۾. مان انهن تي ھڪ ڪتاب مليووئن جلاس جي ڪتاب Conversation with Stalin جي نموني تي لکڻ چاھيان ٿو.“

ھن ڊائريءَ ۾ اياز جنهن نموني يادگيرين، ڪورٽ ۽ ٻاھر جي واقعن توڙي شخصيتن جي باري ۾ قلمبند ڪيو آھي. ائين ھي ھڪ اھم دستاويز بنجي پيو آھي. اھو اياز جو شعر، افساني، سفرنامي ۽ خطن ۾ نظر اچي ٿو، سو ھـِت به پوري حـُسن سان جلوه گر آھي.

چين جي ڊائري (١٩٩٥ع):

پير علي محمد راشديءَ جي ڊائري آھي. پير صاحب ھڪ سياستدان، صحافي، وزير ۽ سفير ھجڻ سان گڏ ھڪ منفرد انداز وارو ليکڪ به آھي. ھـُن کي پڙھندڙن سندس ٽھ – جـُلدي تصنيف”اھي ڏينهن اھي شينهن“۾ پرکي پروڙي ورتو. سندس تحرير ۾ جا شگفتگي آھي، تنهن سبب ھـُو سنڌي زبان جو ھڪ صاحب طرز مصنف آھي. چين ۾ سفير رھيو. انهن ئي سالن (٦١- ١٩٦٢ع) جي ھيءَ ڊائري آھي. چين ڏانهن وڃڻ جو احوال ھن ريت ڪري ٿو: ”موڪلائڻ لاءِ مينهن به اچي موجود ٿيو. سرڪاري موٽر اڳ ۾ ئي رستي تي خراب ٿي پيل ھئي. دوستن جي موٽرن ۾ آڪهه کي کنڀي کڻي آڻي، جھاز تي پھتاسين. دفتر جا ساٿي ۽ ٻيا دوست گھڻي انداز ۾ جھاز تي آيل ھئا. منجھانئن گھڻا ته اوڇنگارون ڏيئي پئي رنا، مون کي پاڻ کي روئڻ جو ٽائيم نه ملي سگھيو، ڇو ته جھاز تي سامان رکرائڻ جو فڪر دامنگير ھو.“

راشدي صاحب پيڪنگ (پي چنگ) جي دعوتن، بازارن خاص طور وانگ فـُوچـِين بازار ۽ ناس جي شيشين گڏ ڪرڻ جو بيان ڪندي، گھڻي راحت محسوس ڪئي آھي. بيان ۾ ڪٿي غير ضروري ڊيگهه به آھي. جيئن چين جي مختلف وزارتن جي فھرست ڏيڻ ۽ پيڪنگ ۾ مختلف ملڪن جي سفيرن جي نالن جي فھرست ڏيڻ وغيره.

ڊائريءَ جا بهترين حصا پيڪنگ جي اھم تاريخي عمارتن ڪـُوڪـُنگ(محل ممنوع) ۽ اونهاري جي محل جي سير جا احوال ۽ تفصيل آھن. ڪيترن ئي چينين کان حاصل ڪيل احوال به ڊائريءَ ۾ شامل آھن.

اخبارن ۽ رسالن ۾ اڃان به ڪي سير سفر جا حالات، يادگيريون ۽ خط آھن. ھـِت اھم ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آھي.

(د) خاڪو/ Sketch:

خاڪو ڪنهن ماڻھوءَ جي ذات، طبيعت ۽ شخصيت بابت ھڪ مختصر مضمون جي صورت ۾ ھوندو آھي. ان ۾ ڪنهن جي تفصيلي سوانح حيات بيان نه ڪبي آھي. ڪڏھن سنجيدو انداز بيان ھوندو آھي ته ڪڏھن شگفته بياني کان ڪم ورتو ويندو آھي. خاڪو لازما ان ماڻھوءَ جو لکيو ويندو آھي جو نه رڳو ڏٺل وائٺل، بلڪ ملاقاتي ۽ دوست آھي. ھـُو لکڻ واري جي قريب ھوندو آھي. اسان جي سنڌي ليکڪن اڪثر اديبن جي باري ۾ خاڪا لکيا آھن. ان سان گڏ ڪن ٻين شخصيتن تي به لکيا اٿن، جيڪي کين دلچسپ لڳا. اردوءَ ۾ خاڪا گھڻا لکيا ويا آھن، انهن ۾ نقوش ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل خاڪا اچي وڃن ٿا. شاھد حنائيءَ جا خاڪا ڪتابي صورت ۾ ڇپيا ۽ اردوءَ ۾ ڪي ٻيا به خاڪن جا ڪتاب آھن. سنڌيءَ ۾ خاڪا ٿورا ڇپيا آھن. انهن جا ڪتاب اڃان به ٿورا آھن.

شيخ عبدالرزاق راز جو خاڪن جو ڪتاب سانگي ڪي ساريام (١٩٧٢ع) آھي. ھن ڪتاب ۾ شيخ اياز، پروفيسر عطا محمد حامي، شاهه محمد شاهه، عبدالمجيد (ڊاڪٽر – ميمڻ)، آغا سليم، نارائڻ شيام، عبدالحليم جوش، اياز قادري، غلام رباني ۽ رام پنجواڻيءَ تي خاڪا لکيل آھن. بقول شيخ راز جي ھي خاڪن جو پھريون ڪتاب آھي. شيخ اياز واري خاڪي ۾ پنهنجي ڪاليج واري زماني ۽ سنڌي سرڪل کان ڳالهه شروع ڪئي اٿس. ڪو وقت اھڙو رھيو، جنهن کي ناراضگيءَ وارا اٺ سال سڏيو اٿس. انهن ۾ محبت قائم رھي. ھاسٽل وارا ڏينهن ياد ڪندي لکي ٿو: ”اياز ھاسٽل ۾ ماني نه کائيندو ھو. جتي اڪثر گوشت جا شوقين ماني کائيندا ھئا. ھو گوشت کان پرھيز ڪندو ھو. تنهن ڪري لائيٽ ھائوس جي سامھون ھندو ھوٽل تي کيس ٻه ڀيرا وٺي وڃڻ به منهنجي فرضن ۾ شامل ھو. بيري کي ھڪل ڏيئي پڇندو ھو: ”اڙي! ڇا تيار آھي؟ بيرو يڪساھي چوندو ھو: دال وڙيون، سائي ڀاڄي، واڱڻ.... مان بيدليءَ سان ٻڌندو ھوس. جيئن اياز کي گوشت سان چڙ ھوندي ھئي، تيئن مان ڀاڄين کان بيزار ھوندو ھوس. ھـُو ماني کائيندي ڀاڄين جا انيڪ فائدا ٻڌائيندو ھو ۽ بيمار ٻڪريءَ ۽ مئل رڍ جي گوشت جي نقصانن جي نشاندھي ڪندو ھو. پر مون تي ڪو اثر ڪو نه ٿيندو ھو. چوندو ھو: ”تڏھن ته ڪـُند دماغ آھين.“

اھڙيءَ طرح سنڌ جي محبوب شخصيت ۽ نهٺي نماڻي پروفيسر حاميءَ تي شيخ راز جو ھڪ شاگرد جي عقيدت جي اظھار سان گڏ سائين حاميءَ جي شخصيت جو پورو بيان ڪيو آھي. ھر ڪنهن کي مٺڙا سائين ۽ پيارا چئي مخاطب ڪرڻ ته حامي صاحب جو مذھب ھو. اھڙيءَ طرح ٻيا خاڪا به دلچسپ آھن.

جيل گھاريم جن سان (١٩٧٧ع):

طارق اشرف جي جيل جي اندر وارن سياسي ساٿين بابت خاڪا آھن. انهن ۾ سردار شير باز خان مزاري، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش ۽ جنرل شيروف سميت ڪل ٻارھن ماڻھن بابت خاڪا آھن. رسول بخش پليجي واري خاڪي ۾ صفائي سٿرائي، ننهن وڌڻ، بوٽ پالش ۽ اھڙن ٻين معاملن تي تفصيل سان لکيو اٿس. بهرحال ھي خاڪا طارق جي ساٿي سياسي قيدين جي عادتن ۽ ذات بابت آھن ۽ دلچسپيءَ کان خالي نه آھن.

شڪليون (١٩٧٩ع):

خاڪن جي ھن مجموعي جو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو آھي. ھـُن سنڌالاجيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ ھي خاڪا لکيا. انهن ۾ چند کي ڇڏي ٻيا ماڻھو سنڌ يونيورسٽيءَ جا آھن (ڪي ھئا). فقط وائيس چانسلر (اياز) ۽ پنهنجي ڊائريڪٽر (الانا) کي ڇڏي ٻين تي لکيائين. ڪن خاڪن تي نالي سان گڏ زائد عنوان به رکيائين؛ جيئن وڏيرو نسيم کرل، ٿوھر جي ماکي آغا سليم، ماسات سرفراز ۽ گڏي خيرو. ھي خاڪا جن ماڻھن/ شخصيتن تي آھن، اھي آھن: نسيم کرل، آغا سليم، خير النساءَ جعفري، ثميره زرين، سرفراز راڄڙ، حميد سنڌي، علي محمد چانگ، ماٺيڻو اوٺو، شوڪت شورو، علڻ فقير، مدد، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، مراد علي مرزا، تنوير جوڻيجو ۽ ناز ڀٽو.

عبدالقادر جو انداز بيان گھڻو ڪري شگفته ۽ مزاح وارو آھي. شخصيت جي طبيعت جي ھر پھلوءَ کي اجاگر ڪري ٿو. جن تي خاڪا لکيا اٿس. انهن سان ويجھو ۽ گھرو رھيو آھي. خيرالنساءَ جعفري جي خاڪي ۾ لکي ٿو: ”مون کي ته شڪ آھي ته سڀان جيڪو اولاد ٿيندس اھو کيس امان چوڻ بدران گڏي نه چئي وٺي. ڪپڙن ۽ قدبت ۾ به گڏي لڳندي آھي. ڪنهن ڳالهه پئي ڪئي ته شاديءَ وقت جڏھن کيس سنواري سينگاري سندس سھيلين سھرا پئي ڳايا ته انهن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو، جڏھن ھـُو گڏيون پرڻائينديون ھيون.“ عبدالقادر پنهنجي انداز ۾ سٺو خاڪو لکيو آھي. اھو منهنجو يقين آھي ته خيرالنساءَ تي سؤ خاڪا لکبا ته به ھوءَ ان جي باوجود ڪنڌ ٻاھر ڪڍي بيٺي ھوندي ۽ خاڪي ۾ سمائجي نه سگھندي.

ڪو به ماڻھو ايترو کليل ڪتاب نه ھوندو آھي، جو ان جي مڪمل پرک پروڙ ۽ ڪٿ ڪري سگھجي. ھنن خاڪن ۾ آغا سليم، نسيم کرل، حميد سنڌي ۽ ماٺيڻي تي نسبتا سٺا خاڪا لکيل آھن. ھن راقم واري خاڪي ۾ به عبدالقادر پرکڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آھي ۽ ڳجھو به ڄاتو اٿس. شايد ھـُو صحيح آھي.

جيءَ جھروڪا (١٩٨٢ع):

ھي خاڪا سنڌ جي ڪھاڻي نويس خاتون ماھتاب محبوب لکيا آھن. بجاءِ نالا ڏيڻ جي ھر ھڪ شخصيت بابت عنوان ڏنا اٿس. جھڙوڪ: جيئن چنڊ لڳي ڪو تارن ۾ (اِھو ٿيو حسام الدين راشدي) يا فرسٽ جينٽلمئن (اھو ٿيو گوبند پنجابي). خاڪي جي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ پئرا پڙھڻ کان پوءِ خبر پوندي ته خاڪو ڪنهن تي لکيل آھي. گھڻي جاکوڙ کان پوءِ خبر پئي ته ھي خاڪا پيرحسام الدين، رام پنجواڻي، نسيم کرل، موھن ڪلپنا، رشيد ڀٽي، ھري موٽواڻي، حميد سنڌي، ارجن شاد، جليل (امر)، گوبند پنجابي، الطاف عباسي، پوپٽي ھيراننداڻي، ثميره زرين، رشيده حجاب، تاج بلوچ ۽ ٽھلرام آزاد تي لکيل آھن.

ماھتاب جو بياني انداز نهايت خوبصورت آھي. خاڪي ۾ شخصيت جو مڪمل گھيرو ڪيو اٿس. انهن سان ملاقاتن ۾ ھـُوءَ ھر ھڪ ماڻھوءَ جي زندگيءَ کان واقف ٿي آھي. ھند وارن سان وقتي ملاقاتون ۽ سنڌ وارن سان ڊگھي رفاقت ھنن خاڪن ۾ جان وجھي ڇڏي آھي. جي سندس ٺاھيل پتلا ھجن ته به جاندار ٿي پيا. حميد سنڌي ھجي يا رشيد ڀٽي، ھري موٽواڻي ھجي يا پوپٽي، ماھتاب انهن جي ڪٿ ڪرڻ ۾ گھٽايو ڪونهي. پير صاحب حسام الدين راشدي سنڌ جو ھڪ وڏو اسڪالر آھي، پر ليکڪا ھـُن جي ذات کي اجاگر ڪيو آھي. ڪنهن مٺي ڀيڻ چيو ته اھو حميد ئي ھوندو. مٿس خاڪو نه به لکجي ته به ھو ھزارن ۾ پڌرو.

تاج بلوچ ڏسڻ ۾ سٺو دوست اچي، جيڪي سوچي سو بڙ بڙ ڪري ظاھر به ڪري ڇڏي. وڙھڻ به ڄاڻي، پرچڻ ۽ خوشامد ڪرڻ به ڄاڻي! جيئن ھتي. ”ادا! اسان جي صلاح آھي ته ڪتاب جو نالو مٺي مراد ھئڻ گھرجي. ته ھمراهه وڃائجي ويو ۽ پنهنجي خيال تان ئي ڦري ويو. چي – خدا جو قسم ادي، تو منهنجو سر تان ڄڻ ٻوجھو لاھي ڇڏيو. سوير کان ان ئي خفي ۾ پئي ڳريس ته اھو عنوان بدلائي مٺي مراد، رکجي پر ڊڄان پيو ته متان ناراض نه ٿيو.“

اڳ ذڪر ٿي آيل اياز جي ڪتاب خط انٽرويو. تقريرون (١٩٩١ع) ۾ ڏيپلائي تي ھڪ خاڪو آھي. جنهن جو عنوان آھي. ”محمد عثمان ڏيپلائي منهنجو محسن“. ان جي شروع ۾ ھم آواز لفظن جي ڪري کيس چـُواين لائي سان ڀيٽي ٿو. ھڪ دلچسپ شخصيت ڄاڻي ڏيپلائيءَ جي باري ۾ لکي ٿو: ”ڏيپلائي صاحب جي ظرافت نه امير حمزه جي داستان واري طفلانه ظرافت آھي نه اردوءَ جي مزاحيھ غزل وانگر واھيات آھي: پر ان ۾ شيخ سعديءَ واري بذلھ سنجي ۽ لطافت آھي، پر پاڪيزگي، ھمھ داني، ھمھ بيني ۽ ھمھ رنگي پڻ آھي.“

اياز، ڏيپلائيءَ جي ادبي اھليت، لطيفن ۽ سنڌ جي پيار کي پورو پروڙيو آھي. سنجيدگيءَ سان گڏ ويٺو لطيفا ۽ مناسب مثال ٻڌائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org