ناشر پاران
”سنڌي
ادب جي تاريخ“ جلد ٽئين کي ڇپائي، اوهان جي هٿن
تائين پهچائڻ کان پوءِ ادارو نهايت خوشي محسوس ڪري
رهيو آهي. اداري پاران تمام ٿوري وقت ۾ پڙهندڙن جي
هٿن تائين سنڌي ادب جي جامع تاريخ (ٽن جلدن ۾)
پهچائي وئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ ۾
ادبي تاريخن جي حوالي سان هي هڪ وڏو ڪم آهي.
سنڌي ادب جي جامع تاريخ تيار ڪرڻ واري
خواهش وقت بوقت ادارن ۽ ادب جي شاگردن پاران ظاهر
پئي ڪئي وئي آهي. پر جيئن ته اهو هڪ اهم ڪم هو ۽
ان تي گهڻو وقت، ڳچ ماڻهو ۽ پئسو درڪار هو، ان ڪري
ان ڪم کي مڪمل ڪري عملي جامو پهرائڻ ڏاڌو مشڪل پئي
لڳو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ سنڌي لئنگويج
اٿارٽيءَ پاران اڳ اهڙين رٿائن جا خاڪا تيار ڪيا
ويا، پر فنڊ ۽ وسيلا نه هئڻ ۽ مختلف مسئلن جي ڪري
اهي رٿائون شروع نه ٿي سگهيون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ
جي ادبي تاريخن جي حوالي سان نهايت وڏو نالو آهي،
تنهن اداري سان مڪمل سهڪار ڪندي، سنڌي ادب جي
تاريخ جا ٽي جلد تيار ڪري، واري واري سان اسان جي
حوالي ڪيا. ان سلسلي ۾ هي ٽيون ۽ آخري جلد ڇپائي
پڌرو ڪري رهيا آهيون.
هن ٽئين جلد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نثري ادب جي
اوسر، ارتقا ۽ تخليقي ادب کان علاوه تحقيق،
لسانيات ۽ لوڪ ادب جي صنفن، ادبي خطن، سفرنامن،
تنقيد ۽ ٻاراڻي ادب جي پڻ گهڻو مواد شامل ڪيو ويو
آهي، جيڪا هن جلد جي اهم ڳالهه آهي. ان ڪري هي
ٽيون جلد سنڌي ادب جي جامع تاريخ جي اهم حصي هجڻ
سان گڏ ”سنڌي نثر جي جامع تاريخ“ پڻ آهي.
اسان هن جامع ادبي تاريخ جي اهم رٿا جي
تڪميل لاءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سميت سهڪار
ڪندڙ سڀني ڌرين جا نهايت ٿورائتا آهيون، جيڪي بر
وقت پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪري، ادب جي شاگردن
۽ عام ماڻهن لاءِ هن جامع ادبي تاريخ کي مهيا ڪري
ڏيڻ لاءِ اسان سان ٻانهن ٻيلي ٿيا. اسان جي ايندڙ
رٿا ۾ ٽنهي جلدن کي هڪ ئي جلد جي شڪل ۾ اوهان
تائين پهچائڻ کان علاوه سي ڊيءَ تي مهيا ڪرڻ به
شامل آهي. اميد ته سنڌي ادب جي شاگردن ۽ سنڌ جي
سڄڻن جي لاءِ اٿارٽيءَ جي هي ڪاوش لاڀائتي ثابت
ٿيندي.
عبدالقادر جوڻيجو
چيئرمن
27 مارچ 2006ع
حيدرآباد، سنڌ
مهاڳ
خير سان سنڌي ادب جي تاريخ جو ٽيون ۽ مڪمل
ڪندڙ جلد اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي ٽئي جلد بظاهر
مون ٻن سالن (2003- 2004ع) ۾ لکيا آهن، پر سرجيا
تڏهن هئا، جڏهن اندازا 1950ع ۾ شاهه عبدالطيف
ڀٽائيءَ جي هڪڙي سٽ 15 سالن جي عمر ۾ منهنجي ڪنن
سان ٽڪرائي ۽ دل ۾ جاءِ وٺي بيٺي: ”حقيقت هڻي
منهنجي جان جدا ڪئي.“ ان کان پوءِ جيڪي پڙهندو
ويس، اهو هن سٽ وانگر اندر ۾ ويهندو ويو. ان وقت
کان وٺي جيڪي ادب پاران نظم توڙي نثر جا ياد ٿيندا
ويا، تن مان پهرين ” سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“
(1973ع) ۽ پوءِ هيءُ تاريخ جُڙي راس ٿي آهي.
جيڪي پڙهيم سو ڄڻ قرض وانگر منهنجي مٿان
واجب ٿيندو ويو، اهو قرض لاهڻ جي به هيءَ هڪ ڪوشش
آهي. لهي نه به لهي؟ ادبي تاريخ هڪ اهڙو موضوع
آهي. جنهن ۾ نظم توڙي نثر مان معياري ليکڪ ۽ انهن
جا معياري ادب پاران تجزئي سميت شامل ڪيا ويندا
آهن، ادب ۾ سچ سان گڏ مُٺ به هوندو آهي. هو نئن ته
اها انساني فطرت آهي ته کيس پنهنجي ئي تخليق وڻندي
آهي ۽ ادبي تاريخ ۾ هر ڪو شامل رهڻ جو خواهان
هوندو آهي. اهڙي تنقيد منهنجي مختصر ادبي تاريخ تي
به ٿي، چي فلاڻا شامل نه آهي. استاد بخاريءَ يا
ذوالفقار راشديءَ کي ڪاٽو ڪيو ويو آهي! ڪنهن
اسرندر ڪهاڻيڪار پاڻ کي ادبي تاريخ ۾ نه ڏسي
واويلا ڪئي وغيره. اُنهن تنقيدن مان مون پرايو ۽
ڪوشش اها ڪئي اٿم ته معياري ليکڪ ۽ تخليقون شامل
رهن ۽ انهن تي منهنجو تبصرو به هجي. جي اُن تبصري
کان ڪير ناراض ٿئي ته اُن جو دليل ٻڌڻ لاءِ به
تيار آهيان.
جيئن عرض ڪيم ته ادبي تاريخ ۾ اهم شاعر ۽
نثرنگار ايندا ۽ ڄاڻو ماڻهن لاءَ اهو پرکڻ مشڪل نه
آهي ته اهم ۽ معياري لکڻ وارا ڪهڙا آهن. ڪي هٿن
ٺلها ماڻهو هر تحرير کي ڏسي اهو به سمجهندا آهن ته
اسين به پڙهيل آهيون. لکون ههڙو لکي وڃون! بيشڪ
لکي ويندا، پر جي لکن. ٻيا ماڻهو ائين به ظاهر
ڪندا آهن ته سنڌيءَ ۾ تنقيد ڪونهي. ها برابر حسن
عسڪري، ڪليم الدين احمد، انور سديد، ڊاڪٽر وزير
آغا جهڙا يگانا نفاد سنڌي زبان ۽ ادب کي نه مليا،
پر ڊاڪٽر خليل، لطف الله بدوي، احسان بدوي، شيخ
راز، اُتم، عبدالحليم جوش ۽ ممتاز مهر، هيرو
شيوڪاڻي ۽ ٻيا نقاد اسان وٽ آهن، جن تنقيد سان گڏ
شعر ۽ ٻيون نثري صنفون به لکيون.
انهن ماڻهن کي نقاد نٿو چئي سگهجي. جيڪي
انهيءَ خيال ۾ آهن ته اسان کان سواءِ سب اونده
آهي! ادب، تنقيد ۽ ادبي تاريخ ۾ ٺهر، مروت ۽ انصاف
جي ضرورت هوندي آهي. خود ساخته سوچون ۽ سڀ پنهنجي
جهوليءَ ۾ ڀرڻ سٺي عادت نه آهي. مون اهڙين غلط
سوچن ۽ روين کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انساني
ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيڻ فطري آهي. ذاتي ضد ۽ ناپسند
جي ڪري به اسين غلط قدم کڻون ٿا. مون ڪوشش ڪئي آهي
ته اهڙي سوچ کان ادبي تاريخ ۾ پهلو بچايان، سڀاڻي
ڪو غيرمعياري ليکڪ پاڻ کي هن ادبي تاريخ ۾ نه پسي
اعتراض ڪري ته به منهنجو دليل معيار جو هجڻ آهي.
ڪنهن جي ذات سان ادبي تاريخ ۾ ضد نه پاڙيو اٿم،
تنقيد ڪئي اٿم ۽ تنقيد ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان. تنقيد
ته اديب لاءِ ڏاج آهي. جيڪو تنقيد کان ڊڄي سو ادب
جي ميدان ۾ پير نه پائي!
سنڌي ادب جون تاريخون ۽ تذڪره اڳ به لکيا
ويا آهن. اُنهن ۾ 1950ع کان پوءِ ليکڪن جو ذڪر نه
آهي. فقط ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ واري ادبي تاريخ ۾
همعصر دؤر جو ذڪر ڪندي، هر ليکڪ تي چند سٽون ئي
لکيل آهن. مون ڪوشش ڪري همعصر دؤر جو تفصيلي جائزو
ورتو آهي. اڃا هن کان وڌيڪ تفصيلي ادبي تاريخ لاءِ
ميدان کليل آهي. خدا توفيق ڏيندو، انشاءَ الله
تعاليٰ.
منهنجا دوست مهربان ۽ ڪي شاگرد هميشه
وانگر هن ڪم ۾ به ٻانهن ٻيلي رهيا. اُنهن ۾ ڊاڪٽر
نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ٻين کان اڳرا
رهيا ۽ دل جان سان مواد فراهم ڪيائون. صلاحون به
ڏيندا رهيا. سندن ٿورا مڃڻ فرض ٿو ڄاڻان هيءَ ادبي
تاريخ لکڻ شروع ڪيم (جنوري 2003ع) ته منهنجو پير
69 سال ۾ هو ۽ منهنجي جيون ساٿي زينت مون کي اهڙو
ماحول فراهم ڪيو جو هيءَ ڪاوش تڪميل کي پهتي.
آخر ۾ شڪر گذار آهيان، سنڌي لئنگويج
اٿارٽيءَ جي چيئرمئن محترم عبدالقادر جوڻيجي جو،
جنهن جي سعيءَ سان هي ڪتاب ڇپيو.
ڊاڪٽر عبداجبار جوڻيجو
شهريار منزل، بدين
8 جنوري 2006ع
باب پھريون
سنڌي نثر جي ابتدا:
ان سلسلي ۾ ڪي به مستند روايتون نه مليون آھن ته
سنڌي نثر جي ابتدا ڪڏھن ٿي؟ جيڪي زباني روايتون
ڪتابن ۾ آنديون ويون، انهن سان وري نثر جو ڪو
نمونو شامل نه آھي. اڪثر روايتن کي به سنڌي نثر جي
ابتدا ڄاتو ويو آھي. انهن سان نثر جو نمونو ميسر
ھجي ھا ته ٻي ڳالھه ھئي. ان سلسلي ۾ چچ نامي ۾
راجا ڏاھر بابت آيل ھڪ حوالو شامل آھي: جنهن موجب
راجا جي خطن جو ذڪر ٿيو آھي. ان کان سواءِ سنڌ جي
ھڪ راجا جو اسلامي عقيدا سمجھڻ لاءِ ھڪ عراقي عالم
کي گھرائڻ ۽ ان جون سنڌي تحريرون به بيان ٿيون
آھن. انهن ۾ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو به ذڪر ھيٺ
آھي. نمونو ان جو به موجود ڪونهي.
اھڙيءَ طرح بيان العارفين ۽ ملفوظات مخدوم نوح جو
حوالو اچي ٿو. ان کان پوءِ مخدوم جعفر بوبڪائي
(وفات ١٥٨٩ع) جي طلاق تي لکيل عربي ڪتاب ”حل
العقود في طلاق السنود“ ۾ ڪي سنڌي فقرا موجود آھن.
ھي ٻھ حوالا ترتيب وار يارھن سؤ ۽ پنج سؤ سال
پراڻين تحريرن بابت آھن. ٻنهي تحريرن مان پھرينءَ
جو نمونو موجود ڪونهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي،
”سنڌي نثر جي تاريخ“ (ملڪاڻي) جي مھاڳ ۾ ھڪ فقھي
بياض جو ذڪر ڪيو آھي. جنهن ۾ فتوائن جا فقرا موجود
آھن. ھي بياض اندازا پنج سؤ سال پراڻو آھي. انهن
جملن ۽ فقرن مان ڪي ھي آھن: ”شرع محمد جي مون مڃي،
لله جي رسول ھي فرمايو، آءٌ واڻيو ناھيان، ھل آءٌ
تو جھڙو ناھيان وغيره.“
ميين عبدالرحيم گرھوڙيءَ جي ملفوظات ۾ ڪي فقرا
ھئا، جيڪي ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ايڊٽ ڪيل ”ڪلام
گرھوڙيءَ“ ۾ ڇپجي ويا. ان کان پوءِ خليفي محمود
نظاماڻيءَ ڪڙيي واري جي ملفوظات ۾ ڪي فقرا آھن.
جھڙوڪ ”ڏڏو ڪجي ڏيڪر ڪجي ھو نه ڀڄي ته پاڻ اٿي
ڀڄجي.“ سنڌي زبان موجود ھئي. ڳالھائڻ ۽ لکڻ جو
سلسلو به ھو. ڪي جملا ۽ فقرا ڪتابن ۾ اچي ويا.
انهن سان ڪا عبارت ۽ نثر جو نمونو موجود نه ٿي
سگھيو. جيڪو نثر جو نمونو حاصل ٿيو، سو آخوند
عزيزلله (١٧٤٦- ١٨٢٤ع) جي ڪيل قرآن شريف جي نثري
تحت اللفظ سنڌي ترجمي سان ٿيو(١).
ان کان سواءِ سنڌي عالمن جون ديني ۽ نصابي ضرورتن
لاءِ سنڌيون اچن ٿيون. انهن ۾ الف اشباع وارو يا
ٻين قافين جي آڌار تي نظم آھن، پر ڪن ڪتابن ۾ نثر
جا نمونا به آھن. سنڌي نثر ۽ سنڌي ز بان جي مقرر
صورتخطيءَ ۽ ترويج لاءِ پھرين ابوالحسن ۽ ٻين
عالمن ڪوششون ورتيون. پوءِ انگريز سرڪار ١٨٥٣ع ۾
عالمن جي ھڪ ڪميٽي ترتيب ڏني، جنهن جا ھي ميمبر
ھئا: راءِ بهادر نارائڻ، جگن ناٿ، ديوان ننديرام،
ديوان پرڀداس رامچنداڻي، ديوان اڌارام ٿانورداس،
مرزا صادق علي بيگ (مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ نه).
ميان محمد، قاضي غلام علي ٺٽوي، ميان غلام حسين.
ھي ميمبر ڪراچي، ٺٽي، حيدرآباد ۽ سيوھڻ جا ھئا.
اسسٽنٽ ڪمشنر ايلس ھن ڪميٽيءَ جو سربراھه ھو (٢).
ھن ڪميٽيءَ گھڻي غور ۽ بحث کان پوءِ عربي- سنڌي
صورتخطي قائم رکڻ جي سفارش ڪئي. نج سنڌي آوازن
لاءِ نوان حرف مقرر ڪيا ۽ موجوده سنڌي الف- ب رائج
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان سنڌي لفظن جي ھڪ جھڙي ۽
مقرر اِملا قائم ڪرڻ جون سفارشون به ڪيون ويون.
اِھو فيصلو مرزا قليچ بيگ جي سربراھيءَ ۾ ٿيو ۽
اھڙيون درست ۽ ھڪ جھڙي اِملا وارن لفظن جون
فھرستون مئي ۽ جون ١٩١٥ع واري اخبار تعليم ۾
ڇاپيون ويون(٣).
ھڪ مقرر الف- ب جي سفارش کان ھڪدم پوءِ اڳ موجود
دستخط ڪتابن ۽ نون لکيل ڪتابن جي اشاعت سرڪار
پاران يا خانگي طور شروع ٿي ويئي. اھڙن ڪتابن جي
فھرست ۾ نصاب جا توڙي ٻيا ڪتاب آھن. ھيءَ فھرست
پھرين پھرين خانبهادر ميمڻ جي ادبي تاريخ (جلد-٢)
۾ شايع ٿي. اھا ١٨٥٣ع کان وٺي ١٨٧٥ع تائين ٢٢ سالن
جي آھي. ھن عرصي ۾ ٦٧ ڪتاب شايع ٿيل آھن (فھرست
موجب). پھريون پھريون ڪتاب ديوان ننديرام
ميرچنداڻي سيوھاڻيءَ جو آھي، جيڪو سرڪاري اسڪولن
لاءِ ٻاراڻي ڪتاب طور ڇپيو. ننديرام ان وقت ٻيا
ڪتاب به لکي ۽ ترجمو ڪري چڪو ھو. ڇپيل ڪتابن جي
ذڪر ڪيل فھرست ھيءَ آھي:
ڪتاب |
سال |
مصنف |
ڪيفيت |
باب نامو |
١٨٥٣ع |
ننديرام ميرچنداڻي |
سرڪاري ٻاراڻو ڪتاب |
پھريون ڪتاب |
١٨٥٣ع |
اڌارام |
سرڪاري پھريون ڪتاب |
ٻيو ڪتاب |
١٨٥٣ع |
اڌارام |
سرڪاري ٻيو ڪتاب |
ٽيون ڪتاب |
١٨٥٣ع |
پرڀداس |
سرڪاري ٽيون ڪتاب |
چوٿون ڪتاب ڀاڱو-١ |
١٨٥٣ع |
پرڀداس |
سرڪاري چوٿون ڪتاب |
چوٿون ڪتاب ڀاڱو-٢ |
١٨٥٣ع |
پرڀداس |
سرڪاري چوٿون ڪتاب |
تاريخ سنڌ |
١٨٥٤ع |
ننديرام ميرچنداڻي |
تاريخ معصوميءَ جو ترجمو |
ايسپ جون آکاڻيون |
١٨٥٤ع |
ننديرام ۽ ايلس |
انگريزيءَ مان ترجمو |
ھندوستان جي تاريخ |
١٨٥٤ع |
قاضي غلام علي |
اردوءَ مان ترجمو |
ڀنڀي زميندار جي ڳالھه |
١٨٥٤ع |
ميان غلام حسين |
زباني قصو |
سنڌي وياڪرڻ |
١٨٥٤ع |
اڌارام |
گرامر |
چٽ جي پاڙ |
١٨٥٤ع |
ننديرام۽ ڪاننداس |
ڊرائنگ سکيا |
سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو |
١٨٥٥ع |
ميران محمد شاھه (اول) |
ھندي قصي جو ترجمو |
ليکي جي پيڙھه |
١٨٥٥ع |
ننديرام |
انگي حساب |
ڌرتي نروار-١ |
١٨٥٥ع |
ننديرام ۽ مھاديو شاستري |
دنيا جي جاگرافي |
ڌرتي نروار-٢ |
١٨٥٥ع |
ساڳيا ليکڪ |
ساڳيو موضوع |
پئمائشي حساب |
١٨٥٥ع |
ننديرام ۽ ڪاننداس |
پئمائشي حساب |
دنيا جي تاريخ |
١٨٥٥ع |
اڌارام |
اردوءَ تان ترجمو |
سيکائتو نروار |
١٨٥٦ع |
ننديرام |
سنڌي سيکارڻ جو ڪتاب |
ليکي جو ڪتاب-١ |
١٨٥٦ع |
ننديرام ۽ ڪاننداس |
انگي حسابن جون سمجھاڻيون |
ليکي جو ڪتاب-٢ |
١٨٥٦ع |
ساڳيا ليکڪ |
ساڳيو موضوع |
آڪاسي نروار |
١٨٥٦ع |
ميران محمد شاھه (اول) |
علم ھيئت |
جج و مقابلـھ |
١٨٥٦ع |
ننديرام ۽ وشوناٿ |
آلجبرا |
سنڌي صرف و نحو |
١٨٦٠ع |
ميان محمد |
گرامر |
راءِ ڏياچ جو قصو |
١٨٦١ع |
اڌارام |
نثر ۽ نظم |
سنساري نروار |
١٨٦١ع |
ننديرام |
مطالعھ فطرت |
جغرافيھ جديد-١ |
١٨٦١ع |
ننديرام ۽ مھاديو |
دنيا جي جاگرافي |
جغرافيھ جديد-٢ |
١٨٦١ع |
ساڳيا ليکڪ |
ساڳيو موضوع |
مفيد العبيان |
١٨٦١ع |
ميران محمد شاھه (اول) |
ٻاراڻيون آکاڻيون |
سنڌ جي تاريخ |
١٨٦٢ع |
سيٺ آلومل |
درسي ڪتاب |
ڪولمبس جي تاريخ |
١٨٦٢ع |
ڪوڙومل کلناڻي |
اردوءَ مان ترجمو |
تاريخ انگلستان |
١٨٦٢ع |
واڌومل |
اردوءَ مان ترجمو |
ھندوستان جي تاريخ |
١٨٦٣ع |
پريتمداس |
درسي ڪتاب |
انڊين پينل ڪوڊ |
١٨٦٣ع |
ھاسارام |
انگريزيءَ مان ترجمو |
پڪو پھه |
١٨٦٥ع |
ڪوڙو مل |
زناني تعليم بابت |
شاھه جو رسالو |
١٨٦٦ع |
ارنيسٽ ٽرومپ |
شاھه جو رسالو متن |
بمبئي کاتي جي جاگرافي |
١٨٦٨ع |
گرڏنومل |
درسي ڪتاب |
راسيلاس |
١٨٦٨ع |
اڌرام ۽ نولراءِ |
ترجمو |
انگلينڊ جي تاريخ-١ |
١٨٦٨ع |
پرڀداس |
ترجمو |
انگلنڊ جي تاريخ- ٢ |
١٨٦٨ع |
پرڀداس |
ترجمو |
اصول علم طب |
١٨٦٨ع |
ڪوڙومل |
تارمل اسڪول جو درسي ڪتاب |
سيتلا جا ٽڪا |
١٨٦٨ع |
ڪوڙومل |
طب ۽ عام واقفيت |
ديوان گل |
١٨٦٨ع |
آخوند گل محمد |
ديوان |
ڪامسين ۽ ڪامروپ |
١٨٦٩ع |
اڌارام |
نظمي قصو |
انگي حساب |
١٨٦٩ع |
ڪرشنا شاستري |
انگي حساب |
گل شڪر |
١٨٦٩ع |
ڪيولرام سلامت راءِ |
پھاڪا |
گل |
١٨٦٩ع |
ڪيولرام سلامت راءِ |
پھاڪا |
دل جا حساب |
١٨٧٠ع |
ڪرشنا شاستري |
زباني حساب |
وڪيو ڏاتار |
١٨٧٠ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
قصو |
قصو دلوراءِ |
١٨٧٠ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
قصو |
سيف الملوڪ |
١٨٧١ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
قصو |
عمر مارئي |
١٨٧١ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
قصو |
سسئي پنهون |
١٨٧١ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
قصو |
ڪئا ۽ ٻلي |
١٨٧١ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
قصو |
جواھرالغات |
١٨٧١ع |
آخوند عبدالرحيم وفا |
نج سنڌي لفظن جون فارسيءَ ۾ معنائون.
(آخوند وفا جا مٿيان ڇھه قصا نظم ۾ آھن) |
ليکي جي پيڙھه |
١٨٧١ع |
پريتمداس |
انگي حساب |
قصو مھر منير |
١٨٧١ع |
اڌارام |
نظمي قصو |
مفتاح القلب |
١٨٧١ع |
مرزا غلام رضا بيگ |
علم منطق |
سنڌي زبان جو گرامر |
١٨٧٢ع |
ارنيسٽ ٽرومپ |
انگريزي |
منتخب شاھه جو رسالو |
١٨٧٣ع |
قاضي احمد |
نارمل اسڪول لاءِ |
سنڌي پنجون |
١٨٧٤ع |
ڪوڙومل |
درسي ڪتاب |
ميزان الشعر |
١٨٧٥ع |
فاضل شاھه |
شعر جي سمجھاڻي |
ديوان فاصل |
١٨٧٥ع |
فاضل شاھه |
غزل |
چونڊ ڪافيون |
١٨٧٥ع |
فاضل شاھه |
ڪافيون |
ديوان قاسم |
١٨٧٥ع |
آخوند محمد قاسم |
ديوان |
سنڌي انگريزي ڊڪشنري |
١٨٧٥ع |
مرزا صادق علي بيگ ۽ شرٽ |
لغت |
ڪاشف الغموض |
١٨٧٥ |
آخوند فتح محمد |
لفطن جا اشتقاق |
ھن فھرست جي ڪتابن جي تياريءَ کان اڳ ڪن انگريز
اسڪالرن جون ڊڪشنريون تيار ھيون، جن مان مدد ورتي
ويئي. اھي ھئا: واٽن ١٨٣٦ع، ايسٽوڪ ١٨٤٣ع، ليچ
١٨٤٣ع ۽ اِسٽئڪ ١٨٤٩ع. ٻاويھن سالن جي عرصي ۾
ھيترا ڪتاب ڇپجن. اھو ھونئن ته وڏو ڪارنامو ڪونهي،
پر اشاعت جي ابتدا سبب ان جي اھميت آھي. ابتدا
واري ھن دؤر ۾ ڪي ليکڪ نمايان ٿي بيٺا آھن. انهن ۾
ننديرام ميرچنداڻي انهيءَ ڪري به اھم آھي جو ھو
تعليم کاتي جو ترجمان ٿيو ۽ اتي پھتل مسودن جي
تصحيح، ترتيب ۽ اشاعت جو ڪم ھن جي حوالي ھو.
ھن ابتدائي دؤر ۾ ڪي عالم ۽ اسڪالر خاص طور نمايان
ٿيا. اھي آھن: ننديرام ميرچنداڻي ۽ آخوند
عبدالرحيم وفا عباسي. مٿيئن فھرست ۾ ڪي ٻيا به
نالا آھن. انهن کان پوءِ ديوان ڪوڙومل چندن مل
کلناڻي ڀرياواسيءَ جو ادبي ڪم اھميت وارو آھي. چند
ئي سالن ۾ مرزا قليچ بيگ ھن سلسلي ۾ پنهنجا جوھر
ڏيکارڻ لاءِ آيو.
ننديرام ميرچنداڻي:
جيئن مٿي حوالو اچي چڪو آھي، ننديرام نئين دؤر جو
پھريون سنڌي عالم ھو، جنهن جي علميت جو ڌاڪو
انگريزي آفيسرن جي دل تي ويٺو. سندس فارسي دانيءَ
توڙي ادبي قابليت سبب کيس تعليم کاتي ۾ ترجمان جو
عھدو مليو.
ننديرام جيڪي ڪتاب لکيا، ترجمو ڪيا ۽ ترتيب ڏنا،
اھي تعليم کاتي جي ضرورتن خاطر ھئا. انهن ۾ تاريخ
معصوميءَ جو ترجمو گھڻي اھميت وارو ڄاتو ويو. ٻيا
ڪتاب ھئا: سيکائتو نروار، ليکي جي پيڙھه، باب نامو
۽ سنساري نروار.
تاريخ معصوميءَ جي سنڌي ادبي بورڊ واري سنڌي ترجمي
۽ ننديرام واري ترجمي ۾ سؤ سالن جو عرصو وچ ۾ آھي.
سنڌي زبان ننديرام جي زماني ۾ اِنهيءَ پد تي نه
ھئي جو ان ۾ سليس، تز ۽ بامحاوره ترجمو ڪري سگھجي.
تنهن ھوندي به ننديرام اڪثر تحت اللفظ ۽ بامعنيٰ
ترجمي جي ڪوشش ڪئي. ننديرام جو ٻيو ڪتاب ’بابنامو‘
آھي، جو ھڪ درسي ڪتاب آھي. ھن ۾ ڪل ٻٽيھه صفحا
آھن، جن مان ٻاويھه صفحا ھجي بابت آھن. باقي صفحن
۾ اٺ سبق درج آھن. ڪتاب ’سيکائتو نروار‘ ھڪڙي اردو
ڪتاب ’شارع تعليم‘ جو ترجمو آھي، جيڪو بنارس ۽
بريليءَ ۾ مدرسن ۾ رائج ھو. ننديرام ان ۾ سنڌ جي
حالتن پٽاندڙ ڪجھه ڦيرڦار ڪئي (٤). انتظام تعليم
بابت سنڌيءَ ۾ ھي پھريون ڪتاب آھي. اسڪولن ۾ ڪيئن
تعليم ڏجي ۽ ان جي رٿابندي ڪيئن ڪجي؟ اھو ھن ڪتاب
جو لب لباب آھي. اھڙيءَ طرح ننديرام جو ڪردار ھڪ
بهترين استاد، ليکڪ ۽ محقق وارو آھي.
سنڌي نثر جي سلسلي ۾ ٻيو نالو سيد ميران محمد شاھه
(اول) (١٨٢٩- ١٨٩٢ع) جو آھي. ھن ھندي مان ٻھ ڪتاب
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. اھي آھن: سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو
(سبودي ڪبودي)، ۽ آڪاسي نروار (نظام شمسي). انهن
ڪتاب جو اصل ليکڪ پنڊت بنسي ڌر ھو. ڪتاب ”سڌاتورو
۽ ڪڌا تورو“ ھڪ قصي تي ٻڌل آھي. سڌاتورو سمھابي
جو ۽ ڪڌاتورو امھابي جو پٽ آھي. انهن ٻن ڪردارن
سان قصي جو سلسلو ھلي ٿو. ھڪڙو نيڪ ۽ ملڪي قانون
جو پاسدار آھي ته ڪڌاتورو، نڀاڳو ۽ غيرذميوار آھي.
ھي قصو ناول جي ابتدائي شڪل واضح ڪري ٿو. ٻيو
ترجمو ڪيل ڪتاب ’آڪاسي نروار‘ مٿين درجن لاءِ درسي
ڪتاب طور ڪم آيو. ھن ۾ علم ھيئت جي بنيادي معلومات
ڏنل آھي.
ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي ڀرين وارو (١٨٤٤-
١٩١٦ع) به ھن ابتدائي دور جي ھڪ علمي شخصيت طور
مشھور ھو. سندس اصل نالو پريتم ھو. ھو سرڪاري
نوڪريءَ ۾ تعليم کاتي ۾ رھيو. ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد جو پرنسپال رھيو. تعليم بابت ھن جي نظر
وسيع ھئي. عورتن جي تعليم ۽ اخلاق جو گھڻو اونو
ھئس. ان سلسلي ۾ ”آريھ ناري چرتر“ لکي پنهنجو نڪته
نظر چٽو ڪيائين. ديوان ڪوڙي مل جا چند ڪتاب ھي
آھن: رتناولي (ڊراما)، پڪو پھه، پول مالا، روھني ۽
ساميءَ جا سلوڪ (٥). ان کان سواءِ ڪن علمي اصطلاحن
جو موجد به ڪوڙومل آھي. انهن ۾ جاميٽريءَ جا
اصطلاح مستطيل، ٽڪنڊو، متبدل ۽ ڪنڊون شامل آھن.
سواءِ ڪن ڌرمي ڪتابن جي باقي ڪتابن ۾ ديوان ڪوڙيمل
جي زبان وچٿري ۽ آسان آھي.
ھنن ابتدائي عالمن ۾ آخوند عبدالرحيم وفا عباسيءَ
جو نالو به اھم آھي. خانبهادر ميمڻ آخوند
عبدالرحيم جي رھائش جو اشارو ڏيندي، کيس ڪوھستان
جو رھاڪو سڏيو آھي. پنهنجي اھم تاليف
”جواھراللغات“ ۾ ڪي مذڪر اسم مؤنث ۽ مؤنث اسم مذڪر
ڪري لکيا اٿس. ان مان اندازو لڳائجي ٿو ته ھو اصل
سنڌ جو نه ھو. ڪتاب جي سبب، تاليف ۾ لکي ٿو: ”جڏھن
ڏينهن ھيڪڙي ھي اٻالو عبدالرحيم پٽ محمد وفا جو
عباسي گنبذي، ھاڻي رھاشو ڪراچيءَ جو منجھه سٿ
ساٿارين جي ويٺو ھو ته اوچتوئي ڳالھه ٻولھه لفظن
سنڌين جي وچ ۾ آئي. تڏھن ڪن منجھان ساٿارين چيو ته
جيڪڏھن تون ڪو ڪتاب سنڌي جوڙين ته جيڪو ماڻھن گھڻن
جو گن ۽ لاھو ٿيندو. تڏھن ڪيترا لفظ گڏ ڪري نالو
ھن ڪتاب جو ”جواھراللغات (سنڌي اڪيچار) رکيم ۽
ٺھوڙ ھن ڪتاب جو مٿي ٽن ڀاڱن ۾ ڪيم.(٦)“
آُن کان سواءِ آخوند عبدالرحيم ڪن شاعرن جا بيت گڏ
ڪري، ڪتاب ھرگنيو تيار ڪيو(٧). ان ۾ آيل بيت ڪن
ٻين ڪتابن ۾ به آيا ھئا. ڪيترن زباني قصن مان بيت
گڏ ڪري، اھي ورنيڪيولر ڪميٽيءَ جي حوالي ڪيائين.
اھي ۽ ھرگنيي وارا بيت مختلف شاعرن جا آھن. قصا
آھن: سيف الملوڪ، عمرمارئي، بهرام شاھه، جمجمھ
سلطان ۽ عجائب شاھه وغيره.
اِن ريت آخوند عبدالرحيم به ابتدائي عالمن جي قطار
۾ اچي ٿو. ھنن چند ليکڪن ۽ اڌارام ٿانورداس توڙي
ٻين سنڌي نثر توڙي نظم جي ڪتابن جي تياريءَ ۾
تعليم کاتي جو ڀرپور ساٿ ڏنو. نثر جي تاريخ جي
ابتدا ۾ ھنن عالمن، استادن ۽ اديبن جو ڪم نمايان
آھي. اھوئي سلسلو اڳتي ھليو ۽ سنڌي نثر ادب جو
قافلو مختلف مرحلا طئي ڪندو، ھڪ اھڙي منزل تي پھتو
جا ان جي تڪميل ھئي. مختلف مرحلا ھئا: قصو، ناول،
ناٽڪ، افسانو (ڪھاڻي)، سوانح عمري، آتم ڪھاڻي،
سفرنامو، خاڪو ۽ خط وغيره.
قصو/
داستان
(Fable):
پراڻا زباني قصا، داستان ۽ آکاڻيون نسبتا قديم
آھن. انهن جي روايت وڏن ۽ قصو کڻندڙ ماڻھن جي
وسيلي قديم وقت کان ھلي اچي. تحرير ۾ گھڻو پوءِ
آيا. جانورن، پکين، ديون، پرين، ڌوتين، جادوگرن
بابت آکاڻيون ۽ داستان اول آيا. ڇو جو قديم دنيا
جي رھواسين جا اعتبار ۽ اعتقاد انهن ۾ آيل واقعات
موجب ئي ھئا. انهن کان پوءِ عام انساني ڪردار
داستانن ۾ آيا. جن ۾ ڪابه ڳالھه مافوق الفطرت نه
ھئي. جي ڪٿي ڪنهن پکيءَ جي ڳالھائڻ جو ذڪر ڪيو ويو
ته اھو ضمني ھو. داستان منظوم به ڪيا ويا ته نثر ۾
به بيان ڪيا ويا ۽ گھڻو پوءِ قلمبند ٿيا ۽ وندر
ورونهن کان ھڪ ڏاڪو مٿي چڙھي، ادب جو حصو بنيا.
عام بادشاھن جي ڳالھين جي به اھميت آھي. اھي ھاڻي
قلمبند ٿي ادب/
لوڪ ادب جو حصو بنجي چڪيون آھن. قصي ۽ داستانن ۾
گھڻو اھم اھي ڄاتا ويا، جن جي دنيا ۽ خاص طور مشرق
۾ ھڪ جھڙي اھميت رھي. عرب، ايران، ھند ۽ سنڌ ۾ ھڪ
ادبي ورثي طور اھي داستان رھيا. انهن ۾ داستان
امير حمزه، حاتم طائي، چار درويش، ممتاز دمساز ۽
ٻيا داستان سنڌ ۾ خاص طور ترجمو ٿي آيا. قديم دنيا
۾ آکاڻين جا ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ ۽ انوار
سھيلي مقبول رھيا. اھي به سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا.
پکين ۽ جانورن جي آکاڻين مان نصيحت وٺڻ خاطر قديم
دنيا ۾ ننڍين ننڍين ڳالھين چوڻ ۽ لکڻ جو رواج پيو.
انهن ۾ پھريون اھم ڪتاب پنڊت وشنو شرما اٽڪل
ٽيويھه سؤ سال اڳ لکيو، جيڪو قديم ڀارت ۾ پنج تنتر
نالي سان مقبول ٿيو. ان جو اٺين صدي عيسويءَ ۾
عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو. ڄاتو ائين ويو ته اھو ڪتاب
”ڪليھ و دمنه“ نالي ڪو اصل عربيءَ جو ھو. اٽڪل ست
سؤ سال پوءِ ملا حسين ڪاشفيءَ فارسيءَ ۾ ”انوار
سھيليءَ“ جي نالي سان ترجمو ڪيو. سنڌيءَ ۾ ھن جو
ترجمو ھندي ترجمي ”ھتو پديش“ تان منشي ھاسارام
١٨٨٢ع ۾ شروع ڪيو. جنهن جي تڪميل سندس ئي فرزند
سوڀراج ھاسارام آڏواڻي ١٨٩٤ع ۾ ڪئي.(٨) ھي ترجمو
”سڀا جو سينگار“ اڳ به ڇپيو ھو. سنڌي ادبي بورڊ ھن
ڪتاب کي ١٩٥٨ع ۾ شايع ڪيو ۽ ٻھ ايڊيشن پوءِ به آيا
(٩). سنڌيءَ ۾ ”انوار سھيليءَ“ جو ترجمو محمد بخش
واصف ڪيو. اھو فارسي آميز تڪبنديءَ ۾ ھو، ان کي
محمد عثمان ڏيپلائي اڍنگي تڪبندي سڏيو آھي (١٠).
ٺاڪرداس ٿڌاڻيءَ، ”عقل جون ڪنجيون“ جي عرفيت ڏئي
ڇپايو. ان جي زبان سليس ھئي. انهيءَ نوعيت جا
آکاڻين جا ڪتاب ٻيا به ڇپيا. ھندوستان ساھتيھ مالا
بمبئي ”پنج تنتر“ شايع ڪيو. ان جي ٻولي سنسڪرت
آميز آھي. پروفيسر ملڪاڻي لکي ٿو ته، يوناني ”ايسپ
جون آکاڻيون“ به پنج تنتر تان ورتل آھن(١١).
نصيحت آموز ھنن آکاڻين جي پنهنجي نوعيت آھي، پر
وڏا داستان مذھبي، سماجي ۽ ادبي قدر و قيمت ۾ وڌ
آھن. انهن ۾ بادشاھن، شھزادن ۽ راڻين جي ڪردارن
سان گڏ عشقيھ ڪردار نمايان ٿين ٿا. انهن داستانن
جو به تعداد گھڻو آھي. عرب ۽ ايران کان ٿيندا، ھند
۽ سنڌ جي ادب جو حصو بنيا انهن مان ڪن جو جائزو ھي
آھي:
حاتم طائي:
ھي داستان ھڪ سخيءَ حاتم جي باري ۾ آھي. بنيادي
نڪتو حاتم جي سخاوت آھي. ڪن روايتن موجب عرب جي
طائي قبيلي جو وڏو سردار يا حڪمران ھو، نوفل سان
سندس جنگ ٿي، جيڪا نوفل کٽي ۽ سخا جي ڪري حاتم جي
عزت ڪيائين. فرضي ڪردار به ٿي سگھي ٿو. ڊاڪٽر
گيانچند جنهن اردوءَ جي نثري داستانن بابت تحقيق
ڪئي، اھو ھن داستان کي فارسيءَ مان ١٨٠١ع ۾ ھنديءَ
۾ ترجمو ٿيل سڏي ٿو. ھن داستان جا گھڻيئي ٽاڻا ۽
ڪردار آھن، پر مرڪزي نڪتو حاتم جي سخا ۽ نيڪي آھي.
ھن داستان ۾ طلسماتي عنصر به آھي. سنڌيءَ ۾ ھي
داستان حاجي امام بخش خادم ترجمو ڪيو. اڪثر پبلشرن
ھن داستان جا ڇاپا ڪڍيا. ڪن ته مترجمن جا نالا به
حق گھرڻ جي ڊپ کان نه ڏنا. بهرحال ھي طلسمات، اسم
اعظم، سخا، ھمت ۽ نيڪيءَ جو داستان پنهنجي وقت ۾
معروف، مقبول ۽ مشھور رھيو.
طوطي نامو:
ھن ڪھني قصي جي اصليت بابت گھڻو بحث به ٿيو آھي.
ھي فارسي ۽ اردوءَ کان سواءِ سنڌيءَ جو به مشھور
داستان رھيو. ھيءَ ھڪ بادشاھه جي ڪھاڻي آھي، جيڪو
موذي مرض ۾ مبتلا ھو. ھن کي ڪنهن داستان ٻڌڻ جو
مشورو ملي ٿو. ان خاطر طوطو ۽ مينا گھرائي ٿو.
ڪيتريون ئي ڪھاڻيون بيان ٿين ٿيون. ھن ۾ شھزادي گل
۽ نيلوفر پريءَ جي عشق جو داستان به اچي ٿو. ھر
ڪھاڻيءَ جي اندر ٻي ڪھاڻي قديم طرز موجب سمايل
آھي. ھن داستان جا سنڌيءَ ۾ ترجما آھن. ھاڻي عام
طور اڻلڀ آھن، پر ڪي پبلشر نفعو ڪمائڻ لاءِ مترجم
جي نالي بنا ڪتاب شايع ڪن ٿا. ھي تاريخ جو حصو
آھن، پر ھاڻي ادبي قدر و قيمت گھٽ اٿن.
ممتاز دمساز:
ھيئت ۽ ترتيب جي لحاظ کان ھي داستان به ٻين
داستانن وانگر آھي. ھن جو مرڪزي ڪردار شھزادو
ممتاز آھي. ھن جو مھم جوئيءَ ۾ ساٿي وزيرزادو
دمساز آھي. شھزادو تڪليفون سھندو نيٺ پنهنجي ھر
مھم ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. ھي داستان پنهنجي ترتيب ۾
نهايت وسيع ڪينواس تي پکڙيل آھي.
اصل داستان فارسي زبان ۾ آھي، جيڪو مولوي رفيع
الدين لکيو ۽ اردوءَ ۾ ظھير دھلويءَ ترجمو ڪيو.
١٨٥٧ع ۾ اردوءَ ۾ پھرين ڇپيو. سنڌيءَ ۾ ترجمو ھڪ
کان وڌيڪ مترجمن ڪيو. ھڪ پبلشر اصل پھرئين ترجمي
کان داستان ۾ ان ڪري ڦيرڦار ڪئي، جيئن ثابتي گم
ڪجي. اھڙي ڦيرڦار واقعن جي ترتيب ۾ گھٽ ۽ زبان ۾
وڌيڪ ڪئي. مضمون جي لحاظ کان ھي داستان انساني
عزم، محنت، اورچائي ۽ مقصد سان سچائيءَ جو ھڪ
داستان آھي. نهايت دلچسپ داستان آھي.
داستان امير حمزه:
ھي قصو ڪو مخصوص شخصيت امير حمزي رضھ جي سچي ڪھاڻي
نه آھي. ھن ۾ آندل ڪي اھم اھڃاڻ امير حمزي سان
ٺھڪن ٿا. اھي رڳو اسلامي جزبي ڏانهن اشاري طور
آھن. ھونئن ھي قصو فارسي زبان ۾ لکيو ويو ۽ ان جا
ڪردار نوشيروان عادل ۽ وزير بزر جھمر
ھن ۾ موجود آھن. ائين ھي داستان ھڪ ٻي شخصيت حمزه بن عبدلله جي
حوالي سان به ٿي سگھي ٿو. ھمايون مصورن کي قصي جي
متن پٽاندڙ تصويرون شامل ڪرڻ جو حڪم ڪيو.
ھن داستان جا سنڌي ترجما احمد خان ولد تڳيي خان
جلباڻي، گل محمد آزاد صوفي ۽ ٻين ڪيا. ھن قصي جو
لب لباب ھي آھي ته امير حمزو سچائيءَ خاطر اسلام
جي دشمنن سان جنگيون ڪري ڪامياب ٿئي ٿو. سندس عمل
۾ ديو ۽ پريون به شامل آھن.
چار درويش:
ھي ھڪ مقبول داستان آھي، جيڪو چئن درويشن جي ھڪ
ھنڌ گڏجڻ تي ۽ پنهنجو پنهنجو داستان ٻڌائڻ تي
آڌاريل آھي. ھندي ۽ فارسيءَ ۾ داستان چار/
چھار درويش جا آثار ملن ٿا. سنڌيءَ ۾ حاجي امام
بخش خادم جو ترجمو (١٨٩٥ع) مشھور آھي. سنڌي ادبي
بورڊ وارو ڇاپو موجود آھي. ھن قصي جا مختلف نسخا ۽
ڇپيل ڪتاب ميسر ھئا، جن مان ھيءَ صورت ورتائين. ڪن
ليکڪن ھن داستان کي مختلف نالن سان به لکيو. ھن
داستان ۾ به ٻين وانگر واقعات ۽ حادثات جو ھڪ ڊگھو
سلسلو موجود آھي، جو وقت جي ماڻھن جي اعتقادن موجب
ھو.
الف ليلا:
ھي ھڪ مقبول ڪتاب طور دنيا ۾ اڄ به ياد آھي. ھن جا
ھڪ نه پر ڪيترا پھلو آھن. انگريزي ۽ ٻين يورپي
زبانن ۾ ترجمو ٿيو ۽ وڌايو ويو آھي. فارسي، اردو ۽
ٻين ٻولين ۾ به آيو. ھن جا سنڌي ترجما احمد خان
تڳيو خان جلباڻي، امام بخش خادم، گل محمد آزاد
صوفي، حاجي حقير ابن مڱڻ ۽ ٻين ڪيا. جي گھڻي ڀاڱي
آر. ايڇ احمد برادرس حيدرآباد شايع ڪيا. سنڌي
مترجمن اڪثر اردو ترجمي تان ترجما ڪيا. ھن منفرد
داستان جي اندر ڪيتريون ئي ڪھاڻيون سمايل آھن.
ھن داستان جو مک سورمو بادشاھه شھريار آھي. ٻي
سندس راڻي شھرزاد ۽ ان جي ڀيڻ دينازاد آھي.
بادشاھه عورت تي شڪ ڪري ٿو، پنهنجي اڳوڻي راڻيءَ
جي چال چلت ۾ شڪ سبب عورت ذات کي ذليل ڪرڻ لاءِ
روز ھڪ عورت سان شادي ڪري ٿو. جڏھن شھرزاد سان
شادي ڪري ٿو ته ھوءَ بادشاھه کي چوي ٿي ته منهنجي
ڀيڻ دينازاد کي به گڏ رھايو. بادشاھه قبول ڪري ٿو.
دينازاد جي صلاح سان شھرزاد بادشاھه کي ھڪ داستان
ٻڌڻ تي راغب ڪري ٿي ۽ رات گذرڻ تي داستان جو ڪجھه
حصو باقي رھي ٿو ۽ ايئن حياتي بچيس ٿي. ھڪ ھزار ھڪ
راتين جا ھي ننڍا قصا ھن داستان جو حصو آھن.
سيف الملوڪ:
ھي داستان سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي اڪثر شاعرن منظوم به
ڪيو آھي، جن ۾ مولوي لطف عليءَ جو سرائڪيءَ ۾
منظوم داستان شاھڪار آھي. ھي داستان شھزادي سيفل ۽
شھزادي بديع الجمال جي عشق جي باري ۾ آھي. شھزادو
تصوير ڏسي بديع الجمال تي فريفته ٿئي ٿو. آخرڪار
بديع الجمال تائين پھچي، ان کي حاصل ڪري ٿو. ھي
داستان نظم ۾ وڌيڪ مقبول ٿيو. سنڌيءَ ۾ گذريل
صديءَ جي شروع ۾ ھن نثري داستان جون ڪي چوپڙيون
بازار ۾ ملنديون ھيون.
بهرام گور:
ھي داستان اصل ايران جي ھڪ بادشاھه/ پھلوان بهرام جي نالي آھي ۽ اصل فارسيءَ جو آھي. فارسي
شاعرن ھن کي منظوم به ڪيو آھي. ھو شڪار تي وڃي ٿو
۽ ڪو ديو کيس گورخر جو روپ ڌاري کڻي ٿو وڃي.
آخرڪار آزاد ٿئي ٿو. ھن قصي جا اردو ۽ فارسيءَ ۾
گھڻا متن آھن. حاجي امام بخش خادم سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪيو. ١٩٠٢ع ۾ شڪارپور مان ڇپيو. ڪن ٻين مترجمن به
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. فارسيءَ جي نصابي ڪتابن ۾
بهرام گور لاءِ ھڪ سبق ۾ ھيئن لکيل آھي ته ھو روز
ھڪ گابيءَ کي ڪلھي تي کڻي جبل تي چڙھندو ھو. گابي
وڌندي وڌندي ڳئون ٿي ته به روز جي معمول سبب ان کي
به ڪلھي تي کڻي جبل تي چڙھندو رھندو ھو.
گلشن بهار:
ھي داستان مشھور شاعر آخوند فقير محمد عاجز،
اردوءَ جي ليکڪ محمد بخش مھجور جي لکيل داستان
”گلشن نوبهار“ تان سنڌيءَ ۾ مقفيٰ ۽ مسجع نثر ۾
ترجمو ڪيو. اڳ به ڇپيو ھو ۽ پوءِ سنڌي ادبي بورڊ
شايع ڪيو. ھن جو نثر ٻين داستانن جي نثر جي ڀيٽ ۾
معمولي آھي. |