سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:6 

باب چوٿون

افسانو/ڪھاڻي/ Short Story:

سنڌي افسانو جنهن کي اڳتي ھلي ڪھاڻي سڏيو ويو، ان کي به ھڪڙو پسمنظر آھي. اڳ ۾ اھو خيال ھو ته ڪھاڻي/ افسانو، اڳوڻن ننڍن قصن يا آکاڻين مان اسريل آھي. پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ به پنهنجي ڪتاب”سنڌي نثر جي تاريخ“ جو ٻيو باب ڪھاڻيءَ جي اوسر بابت لکندي، ڪھاڻيءَ جي بنياد بابت اھڙي ڳالهه ڪئي آھي ۽ مثال ۾ ھن راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي، شھزادي املھه ماڻڪ، سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري، طوطي نامو، ڪيولرام جو ڪتاب سوکڙي، شيڪسپيئر جو ترجمو دلسپند قصا، ۽ ڪي ٻيا داستان ۽ ٻارن جون آکاڻيون ڏنيون آھن(١). حقيقت ۾ ھي پراڻا قصا ۽ آکاڻيون آھن. انهن سان افساني جو پسمنظر ڪونه ٿو ٺھي. انهن کي ڪي ماڻھو ناول جون اصلي صورتون به ليکين ٿا، پر اھو صحيح نه آھي. افسانو/ ڪھاڻي ھڪ جديد نثري صنف آھي. ھن صنف بابت آمريڪا جي افسانه نگار ھي راءِ ڏني آھي: ”افسانو ھڪ اھڙو ننڍو داستان آھي جو ھڪ ئي نشست ۾ پڙھي ختم ڪري سگھجي ٿو، جيڪو ھڪ تاثر پيدا ڪرڻ لاءِ لکيو ويو ھجي. جيڪي ڳالھيون ھڪ تاثر بنائڻ ۾ مدد نه ڪنديون ھونديون، سي افساني ۾ ضمني طور به نه اينديون.“ ساڳيو خيال ھندي/اردوءَ جي اولين افسانه نگار منشي پريمچند پنهنجي لفظن ۾ ھيئن بيان ڪيو آھي: ”زندگيءَ جي ڪنهن به ھڪ پھلوءَ ۽ جذبي کي افسانو ظاھر ڪري ٿو.“

مشرق ۾، ۽ سنڌ توڙي ھند ۾ مغربي افسانه نگارن جو اثر پھتو آھي. انهن ۾ روس جو ٽالسٽاءِ، گوگول ۽ چيخوف، فرانس مان بالزاڪ ۽ موپاسان، انگلينڊ مان چارلس ڊڪنس ۽ آمريڪا جا اوھيني ۽ ايڊگر ايلن پو سرفھرست آھن. ايران ۾ صادق ھدايت ۽ محمد علي جمال زاده جا افسانه مشھور ٿيا. ھندوستان ۾ منشي پريمچند جو نالو اولين افسانه نگارن ۾ اچي ٿو. سنڌيءَ ۾ ويھين صديءَ جي ابتدا ۾ ڪي ننڍيون اخلاقي آکاڻيون لکيون ويون، جن ۾ نانڪ رام ڌرمداس جي ”ڌرم راءِ جي وھي“ ۽ ”جيوت جو جس“ (١٩١٥ع) مشھور آھن. ڪي بنگالي افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا. انهن ابتدائي سالن کان ڪي رسالا ۽ اشاعتي سلسلا ھليا، جن ڪھاڻيءَ کي ھٿي ڏني. انهن ۾ سنڌي ساھت سوسائٽي (١٩١٤ع)، سک ينگ مين ائسوسيئيشن ٽرئڪٽ (١٩١٧ع)، سندر ساھت (١٩٢٤ع)، ڪوڙومل ساھتيھ منڊل (١٩٢٥ع)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي (١٩٣١ع)، رتن ساھتيھ منڊل (١٩٣٤ع)، ڪھاڻي (١٩٣٩ع) ڀارت جيون (١٩٤٠ع) ۽ آشا (١٩٤١ع) وغيره آھن. ڪيتريون ڪھاڻيون انهن سلسلن ۽ رسالن ۾ ڇپيون جن ۾ طبعزاد ۽ ترجما شامل آھن. ٽئگور، اپيندرناٿ اشڪ، خليل جبران، ڪملا ڪانت، پريمچند، سدرشن، ڪرشن چندر، بنڪم، شرت چندر، عشرت رحماني ۽ منٽو جا ترجما ڇپيا. ڪن يورپي ليکڪن جا ترجما به ڇپيا. انهن ۾ اھم آھن: الاڪان، موپاسان، چيخوف، ٽالسٽاءِ، گورڪي، پشڪن، اوھينري، پرل بڪ ۽ ميري ڪاريلي وغيره.

طبعزاد ڪھاڻين جا ابتدائي ليکڪ ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل مھرچند ۽ لعلچند امرڏنومل آھن. انهن ۾ ڄيٺمل جون ”چمڙا پوش جون آکاڻيون“ مقبول ٿيون. ھنن ۾ سماجي اوڻاين ۽ شاھوڪارن جي ڏاڍاين تان پردو کنيل ھو. ڀيرومل جو پٽ پرڀداس به ڪھاڻيڪار ھو. ھن جون ڪھاڻيون اندر جا اڌما (١٩٣٢ع) ۾ شايع ٿيون.

ڪھاڻيءَ ۾ جنهن ليکڪ جو نالو اڄ تائين قائم آھي، سو آھي امرلعل ھنڱوراڻي. ھن پنهنجي مخزن ڦلواڙيءَ سان ابتدا ڪئي. سندس مجموعو ادو عبدالرحمان، ساڳئي نالي واري ڪھاڻيءَ جي نالي سان آھي. ھن مجموعي جو ١٩٨١ع ۾ ڀارت ۾ ھڪ ايڊيشن نڪتو ۽ وري ١٩٨٥ع ۾ نيوفيلڊس حيدرآباد ھڪ ايڊيشن ڇاپيو. ھن ۾ ١١ ڪھاڻيون آھن، جن جي لکجڻ جو زمانو ١٩٣٠ع کان شروع ٿئي ٿو. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، ليکڪ امرلعل ھنڱوراڻي ٢٢- ٢٣ سالن جو ھو، گذريل اٽڪل ستر سالن ۾ ھنڱوراڻيءَ جي ڪھاڻيءَ جي فن تي ڪافي لکيو ويو آھي. سندس ٻيون ڪھاڻيون: ”ڏس ڏيوم ته ڪٿان ملندي“ ۽ ”ھيءَ به رانجھوءَ سندي رمز“ گھڻو مقبول ٿيون، پر”ادو عبدالرحمان“ نمايان نالي ۽ منفرد ڪردار سبب اڄ به نئين آھي. ادو عبدالرحمان ھڪ مست الست ماڻھوءَ وانگر لڳندو ھو. پاڻ سان ڳالھائيندو ھو. ڪو مانيءَ جو پڇي ته به پاڻ سان مخاطب ٿي چوندو ته مانيءَ جو ٿو پڇي. ائين سادگيءَ جا عجيب رنگ ھئا ھن ڪردار ۾، عدالت ۾ به ائين ئي بي ڊپو ٿي پيش ٿيو.

”لکيو ڪين ٽريو“، امرلعل ھنڱوراڻيءَ جي پنهنجي زندگيءَ جي جھلڪ پسائي ٿي.

٣٠- ١٩٤٠ع واري ڏھاڪي ۾ ڪيتريون ٻيون به ڪھاڻيون شايع ٿيون، جن ۾ عثمان علي انصاريءَ جي مجموعي پنج (١٩٣٧ع) مان ”ململ جو چولو“، آسانند مامتورا جي سندس مجموعي ”جيوت، پريم ۽ پاپ جون ڪھاڻيوڻ“ مان ”ڳنوارڻ“ اھم ڪھاڻيون آھن. مامتورا جي ٻي ڪھاڻي ”جا آگيا“ مقبول ٿي، جا سندس ٻئي مجموعي ۾ ڇپي. ڳنوارڻ ۾ جنسياتي مسئلن کي ڇيڙيو ويو آھي. گوبند پنجابي به ھن دور جو اھم افسانه نگار آھي. سندس مجموعو”سرد آھون“ (١٩٤٢ع) شڪارپور ۾ ڇپيو. ھنن ڪھاڻين ۾ سماج واد ۽ انقلاب جو رنگ آھي ۽ عام خلق توڙي پورھيتن جي ڏکن دردن جا آواز آھن. گوبند پنجابي ترقي پسند تحريڪ جي ابتدائي ليکڪن مان آھي. سندس ٻيو مجموعو”سورج مکي“آھي. ٽئين مجموعي”ھوءَ موٽي آئي“۾ ١٤ ڪھاڻيون آھن، جنهن جو بمبئيءَ مان ١٩٨٠ع ۾، ۽ شڪارپور مان ١٩٨٤ع ۾ ايڊيشن آيو آھي. اتم، گوبند کي ترقي پسند خيالن جي ڦھلاءُ ڪرڻ وارو سڏيو آھي (ھوءَ موٽي آئي ص ٨). ھن کي ماھتاب محبوب، ترقي پسند ڪھاڻيءَ جو مرد اول سڏيو آھي (جيءَ جھروڪا).

ڪھاڻين جو مجموعو ريگستاني ڦول ١٩٤٤ع ۾ ڇپيو ۽ گوبند مالھي مرتب ڪيو. ھن ۾ ١٣ طبعزاد ڪھاڻيون آھن. ھن ۾ رام پنجواڻي، گوبند مالھي، آنند گولاڻي، سوڀي گيانچنداڻي، ڪرشن کٽواڻي، ليلي رچنداڻي ۽ ٻين جون ڪھاڻيون آھن. گمان آھي ته ڪامريڊ سوڀي ”آکيري جو ٽٽڻ“ سان گڏ ”رحيما“ به فرضي نالي شيخ عبدالستار سان لکي آھي. ڪامريڊ وطن کي آکيرو سڏي ٿو، ان کي ڇڏڻ جو درد ھن ڪھاڻيءَ ۾ سمايل آھي. ”ريگستاني ڦول“ ١٩٧٢ع ۾ وري سھڻي پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو آھي. ھن ڳٽڪي ۾ ورھاڱي کان ٿورو اڳ جون ڪھاڻيون ليکڪن جي خيالات کان واقف ڪن ٿيون. اندازا انهيءَ دؤر جا ٻيا افسانه نگار آھن: آنند گولاڻي، ڀڳوان لعلواڻي، نانڪي گدواڻي، ايم. آر. مائيداساڻي، خوشيرام واسواڻي، ايشوري جوتواڻي، ڊي ڪي منشاراماڻي، حشو ڪيولراماڻي، چندر آڏواڻي، ڀڳونتي ديالاڻي، ڪرشنا ڪيولراماڻي، تيرٿ وسنت، محمد عيسيٰ نظاماڻي، ليکو تلسياڻي ۽ لڇمڻ راجپال وغيره. انهن ۾ ھڪڙو ليکڪ نمايان ٿيو، جو ھو مرزا قليچ بيگ جو فرزند نادر بيگ (١٨٩١- ١٩٤٠ع). ھي پڙھيل ڳڙھيل ۽ بئريسٽر ھو. سندس ڪجهه ڪلام، ناول”دلڪشا“ (غيرموجود) ۽”محبوبِ ڪربلا “۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به آھن. نادر بيگ جي مشھوري سندس افسانن جي ڪري آھي. خاص طور موھنيءَ بابت لکيل ڪن ڪھاڻين سبب ھئي. اھي ڇهه آھن ۽ ھڪ ڊرامو به. مرزا نادر بيگ ھڪ حقيقي موھنيءَ کي ڏٺو ھو ۽ ساڻس مليو به ھو. اھا ڳالهه ڪتاب نادربيگ جون ڪھاڻيون (١٩٩١ع- سنڌالاجي) جي مھاڳ مان (ص ٤١) ظاھر ٿئي ٿي. ھن مھاڳ مان مرتب جي تحرير ۾ انگريزي لفظن جو ڄاڻي ٻجھي ٽنبڻ سان مھاڳ فقط انگريزي پڙھيل ماڻھوءَ لاءِ ليکبو. اھڙيءَ طرح لفظن جي اجائي ٽنب انگريزي زبان نه ڄاڻڻ تي دلالت ڪري ٿي.

ڪھاڻين ۾ سماجي معاملا به آھن، پر مجموعي طور نادر بيگ جي تحريرن جو محرڪ رومانس آھي. ڪٿي جنسياتي پھلو به آھي. اھڙو مثال ڪھاڻي ”محبت جو معجزو“ ۽ ”پاڪ محبت“ ۾ موجود آھي. نادر بيگ جي تحرير ۾ زبان جو حسن موجود نه آھي. ڪٿي ڪٿي سندس شخصيت ۽ داخليت موجود آھي. نادربيگ جي ھڪ ٻي ڪھاڻي”منهنجي خوش نصيبي“به آھي، جا ڪتابي صورت ۾ ڇپيل آھي، جا سنڌ الاجيءَ واري ذڪر ڪيل مجموعي ۾ شامل ناھي. ھيءَ سستو عمدو ساھت مال نمبر ٢٢ جي سري ھيٺ بلوٽسڪي پريس حيدرآباد مان ڇپيل آھي. سال لڳل ڪونهي، پر ڪاغذن مان اندازو ٿئي ٿوته  سندس زندگيءَ ۾ ئي ڇپيل آھي.

آزاديءَ واري موڙ تي نادر بيگ کي ڇڏي ٻين اڪثر ليکڪن جي ڪھاڻين ۾ واضح اشارا ملن ٿا. ڪراچيءَ جو باغي سلسلو به ھن جدوجھد ۾ اڳرو رھيو. ھن سلسلي پوري ڄاڻ ۽ ارادي سان ڪھاڻين جا ڪتاب شايع ڪيا. جن ۾ شيخ اياز جي ڪھاڻين جو مجموعو سفيد وحشي (اپريل ١٩٤٧ع) ۽ اسان جي سنڌ (جون ١٩٤٧ع) اھم آھن. پوئين مجموعي ۾ موھن پنجابيءَ جي ”سائو سوٽ“، شيخ اياز جي ”پاڙيسري“، رام پنجواڻيءَ جي ”ھراس“ ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ”دشمن ڪير“ ڇپيل آھن. ھي ڪھاڻيون ورھاڱي جي چوٻول، اٿل پٿل، حالات ۽ سياسي وٺ پڪڙ جي پسمنظر کي ظاھر ڪن ٿيون. شيخ اياز جو مجموعو”سفيد وحشي“ سندس ان وقت جي خيالات کي ظاھر ڪري ٿو. اياز بنا عنوان مھاڳ ۾ ڪيتريون ڳالھيون چيون آھن: ”نه ھندوستاني نه پاڪستاني، نه سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نه انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نه ساھتيھ جي جھوني يڪ رنگ تصور جو قائل، نه ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي اگھاڙپ جو مشتاق(٢)“.

شايد شيخ اياز اعتدال جي ڳالهه ڪري ٿو، نه ته ترقي پسندن کي ڍونگي ۽ غير ڍونگي سڏڻ سمجهه ۾ نٿو اچي. ان وقت ھن جي ادبي زندگيءَ جا ابتدا وارا سال ھئا ۽ سياسي اٿل پٿل ليکڪن جي ذھن تي سوار ھئي. سڀ سنڌي آھن واري سوچ اديبن جي ذھن ۾ ھئي. آزاديءَ جو تصور به ھو ته سفيد وحشي (انگريز) ھتان وڃي. اسين سڀ ھڪ ٿي اڳتي وڌون ۽ ٻه ٽڪر نه ٿيون. اياز جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”پنهل کان پوءِ“ ڇپيو ۽ مڙني ڪھاڻين کي گڏ ڪري ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙي ١٩٩٨ع ۾”جي تند برابر توريان“جي سري سان ڇپايو. ھن ۾ مھاڳ، ڪھاڻيون ۽ آخر ۾ ”اسان جي سنڌ“ عنوان سان ھڪ مضمون حالات حاضره بابت آھي. ان ۾ ھندن کي نه لڏڻ جي صلاح ڏي ٿو. جيڪو ڪتاب ”اسان جي سنڌ“ ۾ مھاڳ طور به ڇپيل آھي.

اياز جي ڪھاڻي کلڻي ھڪ محجوب دوشيزه بابت آھي ۽ اھا منهنجوبيت سبب منزل تي نٿي رسي. ائين ڪھاڻي ”ڪاري رنگ“ جي سورمي ڪا رنگ رنگ جي ھئي. ان ۾ اياز ڏسي ٿو ته ھوءَ پنهنجي رنگ جي ڪري احساس ڪمتريءَ جو شڪار ھئي. ھن جي ڀرپور جواني انهيءَ جي ڪري برباد ٿي ويئي. اياز ھڪ شاعر واري ڳالهه ڪري ٿو: ”ڄڻ ڪائنات جي شروعات وقت رات ڏينهن کي چئي رھي ھئي ته مان ڪاري آھيان، تون مون سان پنهنجو رنگ مٽاءِ. ڏينهن کيس چئي رھيو ھو ته چڱو جو تون ڪاري آھين سڀ عيب ثواب لڪا پيا اٿئي. منهنجي اڇاڻ گھوري! سڀ چڱائي مدائي پڌري ٿيو پوي.“

اياز جون ڪھاڻيون ان وقت جي مسئلن ۽ سوچ جي پسمنظر ۾ آھن. ھو ڪھاڻيڪاري قائم نه رکي سگھيو. جي ائين ڪري ھا ته ھو پھرين ڪھاڻيڪار ليکيو وڃي ھا.

ڪتاب”اسان جي سنڌ“جون ذڪر ڪيل ڪھاڻيون به ورھاڱي جي چؤٻول ۽ ان جي اثر ھيٺ ٿيندڙ خوفناڪ ڳالھين، ويچار ۽ لڏپلاڻ بابت آھن. رام پنجواڻيءَ جي ڪھاڻي”ھراس“ اِن نالي سان پوري مناسبت رکي ٿي.

جمال ابڙو (١٩٢٤- ٢٠٠٤ع)، ورھاڱي بعد ھڪ اھم افسانه نگار جي حيثيت ۾ نشانبر ٿيو. ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، گوبند مالھي، رام پنجواڻي ۽ موھن پنجابي ۽ شيخ اياز ھن صنف جي آبياري ڪري چڪا ھئا. حالات جي مدنظر ڪيرت جي ڪھاڻي”ھوءَ ۾“ فسادن جي ماريل ھڪ عورت جو بيان ھو. اھڙا واقعا ٿيا، جن جو اردو ادب ۾ به پاڇو آھي. نسيم حجازيءَ جو ناول”خاڪ اور خون“ ۽ منٽو جي ڪھاڻي”کول دو“انهن ۾ نشانبر آھن.

جمال ابڙي جي جائزي کان اڳ ڪي ڪھاڻيون ورھاڱي جي ڏک ۽ لڏپلاڻ توڙي حالات بابت آھن. نجم عباسيءَ جي”کنڊ جي چوري“۽ ”ھمت ۽ ڪوشش“، ڪروڙپتيءَ جي ”عاشق معشوق“ (مزاحيھ)، سائينداد سولنگيءَ جي ”ملاقات“ ۽ دلبرخان کوسي جي ”بيڪاري“ اھم آھن، جي ١٩٤٧ع جي شروع ۾ ڇپيون. دلبرخان کوسو اصل ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي ھالائي ھو. ھي ڳالهه سائينءَ ١٩٥٨ع ۾ مون کي بدين ۾ خود ٻڌائي ھئي.

جمال جي پھرين ڪھاڻي ”ھو حر ھو“ سال ١٩٤٩ع ۾ حيدرآباد جي ھفتيوار”طوفان“ ۾ ڇپي. آخري شايد ”سينڌ“ ھئي جا ھن شيخ اياز جي چوڻ تي، جو ان وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو، جرنل پرک لاءِ ڏني ۽ خط به لکيائين. ڪھاڻي ۽ خط پرک (١٩٧٧ع) ۾ ڇپياسون. ”سينڌ“ ڪارو ڪاريءَ جي موضوع تي ھئي. ڪيئن ھڪ معصوم ڇوڪريءَ کي ذاتي مفاد خاطر ڪٺو ويو، اھو درد ھن ڪھاڻيءَ ۾ آھي.

جمال جو پھريون ۽ آخري مجموعو ”پشو پاشا“ انهيءَ نالي واري ڪھاڻيءَ جي ٽائيٽل سان ١٩٥٩ع ۾ ڇپيو. سندس ٻيون ابتدائي ڪھاڻيون شاهه جو ڦر، پشو پاشا، بدمعاش، ڪارو پاڻي ۽ پاشا (ترجمو) سماھي مھراڻ جي ١٩٥٥ع کان ١٩٥٧ع تائين جي پرچن ۾ شايع ٿيون. پشو پاشا جو ٻيو ايڊيشن سھڻيءَ جي ايڊيٽر تڪڙ ۽ ڳجهه ڳوهه ۾ ڪڍي ھڪ ڏينهن ۾ وڪڻي ڇڏيو، جنهن جي شڪايت کيس ”واپاري“ چئي جمال ڪئي. ٽيون ڇاپو ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇاپيو ۽ آخري ڇاپو سنڌ ثقافت کاتي (١٩٩٢ع) ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ ڪھاڻين سان گڏ سندس مضمون، انگ اکر ۽ شخصيت بابت ليک به آھن. پھرئين ڇاپي ۾ ١٣ ۽ آخري ۾ ١٧ ڪھاڻيون آھن. آخري چار پھرئين ڇاپي ۾ نه آھن.

جمال ھڪ اھڙي انسان جي نظر سان سماج ۽ ان جي سٺن ۽ خراب ماڻھن کي ڏٺو جي جج جي سامھون اچن ته ڇا ٿئي؟ ھن جا ڪردار جي ارڏا آھن ته سماج انهن جي ڪنڌ تي لت رکي، انهن کي اھڙو بنايو. مئڪسم گورڪي وارو پاشا ۽ جمال ابڙي جو پنهنجو پشو پاشا ارڏا آھن. پشو پاشا لاءِ رياست جي عدالت موجود ھئي. ڦاسي گھاٽ مان سوين پشو اڏامندا نظر آيا. ھو جابلو شينهن مشھور ھو. ھو چالو قانون جي نظر ۾ باغي ھو. جج چيو: ”تون ڏوھي آھين توکي ڦاسي ايندي“ ان کي ورائي اھي ئي لفظ منهن تي ڦھڪائي ڏنائين. گورڪي وارو پاشا به اھڙو ھو، جھڙو رڇ. چيائون جھڙو ڪتو ھو، اھڙو ٿي مئو. ھي ڪردار خود ڳالھائين ٿا ۽ افسانه نگار انهن جي زبان بنجي لفظ ادا ڪري ٿو.

اھڙيءَ طرح جمال جا ڪردار زناني زبان سان به جذبن جو اظھار ڪن ٿا،”پيراڻي“ سٺ روپين ۾ وڪجي ٿي. خريدار ھن کي روئندو رڙندو کڻي وڃن ٿا. بيوس اٺن بار ڇڏيا، پر”شاهه جو ڦر“واري مريم، شاهه کي ماما چوڻ جي ڏوهه ۾ معتوب ٿئي ٿي ۽ ان کي ڪاوڙ مان شاهه جو ڦر چوي ٿي. ائين جمال جا ٻيا ڪردار به جاندار آھن. بي جان ۽ معمولي ڪردار ھن کي پسند نه ھئا. ٿوريون ڪھاڻيون لکيائين. ڪھاڻيڪارن جي صف ۾ اول ٿي چمڪيو(٣). جمال جي ڪھاڻي”سينڌ“پڙھي ڏسو ته، اڄ به ظالمن جي ڪھاڙين جا چمڪاٽ اسان کي ٻڌائيندا ته عورت ذات ڪيڏو نه ظلم سھي ٿي ۽ زندگي به، ھن کان ڪھاڙيون ۽ بندوقون کسي وٺن ٿيون(٤). پھرين ڪھاڻين مان ”ڪارو منهن“ به مقبول ٿي.

شيخ حفيظ جو مجموعو ١٩٧٦ع ۾ سندس وفات کان پوءِ ڇپيو. ان کان اڳ سندس افسانا”مھراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيا. ھو پنهنجي سوچ ۾ منفرد ۽ انتهاپسند ھو. سندس ڪھاڻين”مبارڪون“ ۽ ”ساگر جي لھرين تي“مٿان ھن جي اھڙي سوچ تي تنقيد ٿي. ھو زندگيءَ ۾ پنهنجي ڳالهه تي پختو رھيو. نياز ھمايوني، حفيظ جي وفات بابت لکيو: ”آءٌ شيخ حفيظ جي مرڻ تي ڏاڍو خوش آھيان. ڪو وقت ھو جو سندس موت جي صدمي کان ھيانءُ ڦاڙي ھنجون ھاريندو رھيس، پر ھاڻي ڪل پيم ته ھن زماني ۾ مرڻ غنيمت آھي(٥).“ حفيظ پنهنجن خيالن ۾ سختيءَ سبب خاندان وارن وٽ به نه ٺھڪندڙ (مس فٽ) ھو. اھا سختي ۽ تلخي ھن جي ڪھاڻين ۾ به ھئي. ”مبارڪون“جو سورمو سازش ھيٺ ڦاسيءَ جو سزاوار ٿئي ٿو. سورمي جانل عمرقيد ۾ آھي. اڳوڻي مڙس جي وفات کان پوءِ ھيءَ ٻي آپدا! گلڻ ۽ جانل جو جيل ۾ ھجڻ ۽ ڦاسيءَ وقت کيس ٻار ڄمڻ اھي واقعات ڊرامائي انداز ۾ ٿين ٿا.

”پن ٻوڙين پاتال ۾“ حفيظ پنهنجين ڪھاڻين جي نرالپ جي ڳالهه ابتدا ۾ ڪري وڃي ٿو. ھيءَ ڪھاڻي به زندگيءَ جي ڪارزار ۽ پيار توڙي پاٻوهه کي ظاھر ڪري ٿي. ايئن ”ساگر جي لھرن تي“ واري شادان گھر مان نڪري خط ڇڏي ٿي وڃي. ھوءَ حالات سان ٺاهه نٿي ڪري. اھا سوچ حفيظ جي آھي. ھيءَ ڪھاڻي ١٩٥٦ع ۾ لکندي، ھو پنهنجي ڀيڻ کي به اھا صلاح ٿو ڏي ته مرضيءَ خلاف زندگي گذارڻ کان بهتر آھي ته ڪنهن سان نڪري ھلي وڃ. حفيظ جي پنهنجي زندگي ڪيتري دک ۾ گذري رھي ھئي؟ ان جي قطع نظر چئجي يا مدنظر چئجي، ھن جو سوچيو سو بنا ڊپ ڊاءَ ۽ ھٻڪ جي ڪاغذ جي سيني تي آندو(٦).

ڊاڪ بنگلو (١٩٥٤ع)، شيخ عبدالرزاق راز جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ راز شعر، تنقيد، خاڪا ۽ سکر جي تاريخ به لکي آھي. افسانا سندس ابتدائي دور جون ڪاوشون آھن. ھو ترقي پسند تحريڪ سان شروع ۾ وابسته ھو. پوءِ البت ڪن فردن سان دوريءَ سبب تحريڪ کان به دور دور رھيو. بهرحال ھو ھڪ سڄاڻ ماڻھو ۽ اڀياس ڪندڙ ھو. ”ڊاڪ بنگلي“ ۾ اٺ افسانا آھن. پھريون  ”آکاڻي“ ھڪ مھاڳ به لڳي ٿو ۽ افسانو به . ھر پئرا ۾ ڪورٽ ۾ قسم کڻڻ وارا فقرا اچن ٿا. خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي سچ چوندس. ڪھاڻي”مڪتي“ جنسياتي مسئلي تي لکيل آھي. ٺٽي جي پسمنظر ۾ ھيءَ ڪھاڻي جماليات کان ٿيندي، عام انساني جذبن تي ختم ٿئي ٿي. ”ڊاڪ بنگلو“ به انساني جبلتن ۽ جذبن جي ڪھاڻي آھي. شيخ راز ھي ڪھاڻيون پنهنجي جوانيءَ جي زماني ۾ لکيون. ان کان پوءِ ھو ادب جي ٻين صنفن ۾ لکڻ لڳو.

”آب حيات“ غلام ربانيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. پھرين ١٩٦٠ع ۾ شايع ٿيو. ان کانپوءِ”افسانا“ نالي سان ١٩٧٦ع ۾. پوئين ايڊيشن ۾ ھڪ ڪھاڻي ”بدلو“ وڌيڪ آھي. ھي سورھن ڪھاڻيون آھن. ربانيءَ جو افسانو ”آب حيات“ ڏند ڪٿائي انداز جي حوالي سان مقبول ٿيو. اھو ٻيڙيءَ جي ملاح جي زباني ٿيو ته مھراڻ سنڌ جي ھڪ شھزادي جو نالو ھو. ھڪ ڀيري شڪار تي وڃي ٿو ۽ ھڪ چشمي مان مڇي ھن کي گھوري ٿي ۽ چشمي جي پاڻيءَ کي آب حيات سڏي ٿي، تنهن سان گڏ شھزادي کي ملڪ جي ماڻھن جي حقن جي لحاظ جي تلقين ڪري ٿي. شھزادو متاثر ٿئي ٿو ۽ جڏھن مري ٿو ته رعيت پيار وچان سنڌ جي ساهه پساهه سنڌوءَ جو نالو مھراڻ رکي ٿي. ھي ماجرا ڪھاڻيءَ ۾ رباني خوبصورتيءَ سان بيان ڪئي آھي.

ڪھاڻي ”شيدو ڌاڙيل“ ٻين ٻن ارڏن ڪردارن پشو پاشا ۽ بلو دادا سان گڏ ٽيون ارڏو ڪردار آھي. شيدو ھڪ گوسڙو ڇوڪرو وڏو ٿي ڌاڙيل بنجي ٿو. ڳوٺ ۾ زيبيءَ سان دل اٿس جا ھڪ رن زال آھي. وڏيرو ڌڱاڻو خان، شيدوءَ کان ڏاڍائي ۽ ظلم جا ڪيترائي ڪم وٺي ٿو. جڏھن ھو ڏسي ٿو ته وڏيرو زيبيءَ سان کري پوي ٿو ته شيدو ڇتو ٿي ٿو پوي. نيٺ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا، شيدو ڦاسي چڙھي ٿو.

رباني واقعات کي ڪھاڻيءَ جي توڙ تائين موڙي سنڌ جي سماج جي ھن پھلوءَ بابت پنهنجي ڪھاڻي مڪمل ڪري ٿو. ڳوٺن جو ماحول، ڪمزورن ۽ ڏاڍن جا قصا ربانيءَ جي ڪھاڻين جو بنيادي موضوع آھن. انهن موضوعن سان ربانيءَ خوب نباھيو آھي.

سراج بحيثيت ڪھاڻيڪار جي به پنهنجي فن ۾ يگانو ۽ ھڪ سجاڳ انسان آھي. ھن ھڪ معيشت دان ۽ قانوندان جو رتبو به حاصل ڪيو آھي. ڇٻلاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ جو ترجمو ڪيائين. ٻوليءَ بابت ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ لکيائين. شيڪسپيئر جي ڊرامن مان ميري ۽ لئمب جي تيار ڪيل آکاڻين جو ترجمو ڪيائين. مضمون، مقالا، ناول ۽ ناٽڪ لکڻ سان گڏ افسانا به لکيائين. افسانن جو پھريون مجموعو ”اي درد ھلي آ“ ١٩٦٢ع ۾ ڇپيو. ڪتاب جو عنوان پھرين ڪھاڻيءَ موجب آھي ۽ اھو نياز ھمايونيءَ جي نظم تان ورتل آھي (اي در ھلي آءٌ ته يادن جي جزيرن ۾ ھلون)، جيئن سراج جي ناولن جي ٽِھ ڪتابيءَ جو نالو به نياز جي نظم تان ورتل آھي.

ڪھاڻي ”اي درد ھلي آءٌ“ قدري طويل آھي ۽ مٿئين طبقي جي ڪردارن تي بيٺل آھي ۽ پڻ انساني جذبات ۽ محبت جي ڪھاڻي آھي. سراج جي ڪھاڻين جا اڪثر ڪردار خوش باش، خوش پوش آھن. مٿئين طبقي جي غلام گردشن ۾ گھمن ٿا، ڪي ڏک سھڻ وارا به آھن. ”فراڊ“ اھڙن ڪردارن ۽ واقعن تي مشتمل آھي. مجموعي اٺون ماڻھو (١٩٨٥ع) جي ساڳئي نالي واري ڪھاڻي ھڪ ارڏي انسان جي آھي جو تشدد ۽ ڏاڍ اڳيان نٿو جھڪي. ڪاٺ جو ماڻھو خاڪي ڊريس جو مستطيل بڻجي ويو. آسمان جي ٽڪنڊي ۾ بي انداز تارا جھرمر ڪرڻ لڳا. روشنيءَ جي ٿوھر ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀرجڻ لڳا ۽ انهيءَ ست رنگي نور ۾ ھن کي اٺون ماڻھو نظر آيو، جنهن جي ھٿ ۾ رائفل ھئي. ڪا آس مرڪ بڻجي ھن جي چيريل چچريل چپن جي ڦوڦينڊن ۾ ڦھلجي ويئي، ۽ ھن پنهنجو سمورو ست آخري پساھن ۾ گڏ ڪندي چيو: مان اوھان کي ڪجهه نه ٻڌائيندس.“ سراج جي اڳوڻين ڪھاڻين مان ”ٻهڻي“ ھڪ سٺي ڪھاڻي آھي.

ھي اھو انسان ھو جو سراج جي ذھن مان ڪاغذ تي آيو. ڪو خيالي ڪردار نه ھو، پر سچو پچو ھو. ڪي ڪھاڻيون بقول سندس سراج ڇپائڻ نه گھريون آھن. انهن ۾ به ڪي اھڙا ڪردار آھن جن ۾ نائون ۽ ڏھون ماڻھو ھوندو(٧).

غلام علي الانا (ڊاڪٽر) (ولادت ١٩٣٠ع):

١٩٥٢ع ۾ ناول”لاش“ڇپجڻ کان پوءِ سندس افسانن جو مجموعو ”چور“ (شايد) ١٩٥٤ع ۾ ڇپيو. زبان ۽ موضوع جي لحاظ کان سندس ٻه افسانا ”وري ڪين وريا“ (مھراڻ ١- ١٩٥٥ع) ۽ ”درياءَ شاهه“ (مھراڻ ٣- ١٩٥٥ع) مقبول ٿيا. جن مان فقط ھڪ مجموعي ۾ شامل آھي. لاڙ جي زبان کي نهايت خوبصورتيءَ سان ڪم آندو اٿس. ”اسان ڳنوارن ۽ ڌڻولين جو ڪيڙو جيئڻ! گھاريون جناورن سان سو جيئڻ جو مطبل به ڪونه ڄاڻون.... سانوڻ جي وس به وس ھئي. جھرجھنگ ڪرڙ ڪانڊيرو سائو، نرت ڪر ته اڇ ئي اڇ. ڍور ڍڳا ڍاول، ڪنڌ ھڻي مٽرن مان واڄٽ پئي ڪڍئون، (وري ڪين وريا). سڄي ڪھاڻي لاڙ جي ٻوليءَ جو بهترين نمونو آھي.

موتي لال جوتواڻي (ڊاڪٽر) (ولادت ١٩٣٦ع):

ڊاڪٽر جوتواڻيءَ سنڌي، ھندي ۽ انگريزيءَ ۾ گھڻو ڪجهه لکيو آھي. ناولٽ ۽ ڪھاڻيون به لکيون اٿس. ”ڪوٺ“ (١٩٨٥ع) ۾ به ناولٽ ۽ ست ڪھاڻيون شامل آھن. سندس مجموعي ”سڃاڻپ جو سنڪٽ“ (١٩٩٢ع) ۾ اٺ ڪھاڻيون آھن. جوتواڻيءَ جا ڪردار گھريلو ماحول جا ۽ گھڻو ڪري شھري آھن. سفر ڪرڻ ڪري، ھن ڪھاڻين ۾ آمريڪا جو ماحول ۽ ڪردار آھن. ڪھاڻي ”سڃاڻپ جو سنڪٽ“ ۾ ھڪ عزيز جي مرڻ ۽ پوءِ جا حالات ۽ ھمدرديون توڙي لاش جون آخري رسمون، ماءُ جا جذبات، جوتواڻيءَ سھڻي نموني بيان ڪيا آھن.

شايد ڊاڪٽر جوتواڻي انهن چند ليکڪن مان آھي، جن وٽ تحقيق ۽ تخليق گڏ گڏ ھلي ٿي.

پوپٽي ھيراننداڻي (ولادت ١٩٢٤ع):

پوپٽيءَ جو پھريون مجموعو مئي ١٩٥٣ع ۾ ڇپيو. ان سال ئي منهنجي ان مجموعي ”پڪار“ تي نظر پئي. پوپٽيءَ ناول، مضمون، ادبي تاريخ، تنقيد ۽ آتم ڪھاڻي به لکي آھي. سندس ڪھاڻين جا پنجن کان وڌيڪ مجموعا ڇپيل آھن. ’پڪار‘ پوپٽيءَ جو پھريون مجموعو آھي. ھن تي ڀرپور مھاڳ رام پنجواڻيءَ لکيو آھي. ھن ۾ ٽي افسانا آھن. ڪوبه ڪتاب جي نالي وارو ناھي. ھنن افسانن جا ڪردار وچولي طبقي جا آھن ۽ زندگيءَ لاءِ جاکوڙڻ وارا آھن.

پوپٽي زندگيءَ جي اڪيلي پڻ ۾ ھڪ ھمت واري انسان جو رويو رکيو. عورت کي مرد- سماج ۾ ڇاڇا ڀوڳڻو پئي ٿو. اھو ته ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ کلي بيان ڪيو آھي، پر ڪھاڻين ۾ به ھن عورت جي ڀوڳنا کي بنيادي حيثيت ڏني آھي. ھونئن ٻيا موضوع به سندس ڪھاڻين ۾ آھن. پنهنجي ڪھاڻين جي مجموعي ”زندگي نه ڪوتا نه ڪھاڻي“ ۾ ”ٻه اکر“ لکندي پوپٽي پاڻ کي وچ ۾ آڻيندي لکي ٿي: ”مان اھا عورت آھيان، جنهن تي نه ڪنهن زنجير وڌي آھي ۽ نه ئي ھن پاڻ، پاڻ کي ڪنهن نوڙيءَ سان ٻڌو آھي. اِن ڪري مان بنا ھٽڪ ھٻڪ زال جي زندگيءَ جا سڀ پھلو، ھن جي جيون- عمارت جون سڀ ڪنڊون ڏيکاري سگھان ٿي(٨).“ ليکڪا جي ھيءَ وڏي دعويٰ آھي. ان کي ادبي جامو پھرائڻ ۾ ھن وسان ڪونه گھٽايو آھي. ھن عورت جي، ٻار ڄڻڻ جي مشين، نپائڻ واري آيا، مڙس جي خدمتگار واري رول کي ننديو آھي. ڪھاڻي ”آنند ۽ گند“ ۾ پوپٽي رشين منين جي سوچ جي حوالي سان آنند ۽ گند جي ڀيٽ ھيئن ڪري ٿي: ”ان ئي گند کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀنگيءَ کان ويندي رشيءَ تائين سڀ مرد حيران پريشان رھن ٿا. جيستائين اھا چيز کين حاصل نه ٿي آھي، تيستائين اِن کي آنند سڏين ٿا ۽ پوءِ ان کي گند ڪري سمجھن ٿا.“

زندگيءَ جي مختلف پھلوئن ۽ عورت جي زندگيءَ جي جدا جدا روين تي پوپٽيءَ کلي لکيو آھي.

محترم مخدوم محمد صالح ڀٽي (١٨٨٧- ١٩٥٣ع):

ھڪ اسڪالر ۽ تعليمي سرواڻ طور ڄاتل آھي. ھن جا ڪتاب اسلام ۽ تعليم بابت آھن. عروس ڪربلا ناول ۽ ڪي افسانا به لکيا اٿس. افسانا ”واندڪائيءَ جي وندر“ جي نالي سان ڇپيا. انهن جو انداز ڪجهه پراڻي طرز جو نصيحت وارو آھي. افسانو ”ماءُ جي دل“ گھڻو مقبول ٿيو ۽ سٺ واري ڏھاڪي ۾ ٻه ٽي ڀيرا ادبي چورن جي به ور چڙھيو. ڪھاڻي ھيئن آھي ته موت جو فرشتو ٻار جو ساهه قبض ڪرڻ لاءِ اچي ٿو ۽ ان جو ھر ھڪ عزيز ان کي روڪي ٿو ته فرشتو چوي ٿو ته، ٻار جي بدلي ۾ تون ھل! اِتي ھر عزيز پويان پير ٿو ڪري. نيٺ ماءُ اچي ٿي، جڏھن ان جي اڳيان به ساڳي ڳالهه ورجائجي ٿي ته ھوءَ دل جان سان خود ٻار بدران پاڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ھيءَ ڪھاڻي توڙي ٻيون ڪھاڻيون ۽ ڪي ٽوٽڪا به مجموعي ۾ شامل آھن. انداز بيان ناصحانه آھي(٩).

ھيءَ ڳالهه ادبي تاريخ جو حصو ته نه آھي، پر ھڪ قداور شخصيت ۽ نوراني صورت بابت ايترو عرض ڪندس ته ھي ھيڏو وڏو عالم، تعليمي عملدار ۽ معلم، اسڪولن جا امتحان وٺڻ ايندو ھو ته اسڪولن جي ٻارن کي چوندو ھو ته: مون لاءِ ماني اوھين کڻي اچو. آءٌ آھيان گدڙخان پاٻوڙي! ڪي تحريرون دلبرخان کوسي جي قلمي نالي سان به لکيائين. انهن مان ھڪ جو حوالو پروفيسر ملڪاڻيءَ ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ ڏنو آھي.

ساقي سجاولي (١٩١٤- ١٩٦٠ع):

ھي بيقرار اديب ترجمن ۽ طبعزاد افسانوي ادب ۾ ناول ۽ ڪھاڻيون لکڻ سبب مشھور ٿيو. ھن پھرين خليل جبران جو ڪتاب پيغمبر سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مٿس جبران ۽ ڪرشن چندر جو گھڻو اثر ھو. ”ماھرو“ ۽”سندري“ سندس ناول آھن. ڪھاڻين جا مجموعا”بيروزگاري“ ۽ ”انسانيت جا دشمن“ ۽ ھڪ بنهه ننڍين تاثراتي ڪھاڻين جو مجموعو ”ڪافر“ اٿس. ھنن ڪھاڻين ۾ ھن جي بيقرار دل ظاھر آھي. ھو استحصال خلاف لکي ٿو. پر ماري طبقي، آفيسرن ۽ سرڪار پاران ظلم ساقي سجاوليءَ جو موضوع آھي. بقول سندس ڪتاب ڪافر ”سندس ڪافرانه خيالات جو پھريون مجموعو آھي (١٠).“ ھن مجموعي ۾ ننڍيون ڪھاڻيون زال، روٽي، مزدور ۽ للڪار ھڪ بيقرار دل جو اظھار آھن.

نجم عباسي (١٩٢٧- ١٩٩٥ع):

ھڪ رلڻو ملڻو، مٺو ڳالھائڻ وارو خانواھڻ واسي ڊاڪٽر نجم عباسي، سنڌ ۽ سنڌي زبان جو گھڻگھرو، علاج لاءِ بني نوع انسان ھن لاءِ سنڌين وانگر پيارو ھو، پر سنڌين ۽ سنڌي زبان تي ھو ڪک به نه سھڻ وارو ھو. ١٩٤٧ع کان اڳ سندس ڪھاڻي ڇپي ”ھمت ۽ ڪوشش“ پوءِ ته اچي پلٽيو، ١٩٦٩ع کان سندس افسانن جا مجموعا ڇپجڻ شروع ٿيا ته آخري وقت تائين بستري تي پيو ھو ته به پيو لکندو ھو. پھريون مجموعو ”طوفان جي تمنا“، سنڌ يونيورسٽيءَ جي بُڪ ڪلب طرفان ڇپيو. ان ۾ ڪھاڻيون ”دعا ۽ تاڙيون“ ۽ ”طوفان جي تمنا“ سبب، نجم ڏي سنڌي ادبي دنيا جو ڌيان ڇڪجي ويو. توھم پرستي، ملائيت ۽ سماج توڙي نفسيات جا مسئلا ڇيڙي وڌائين. ”دعا ۽ تاڙيون“ وارو ملان عبدالغفور عورت ذات کان خائف ھو ته گنهگار نه ٿي پوان! فطرت ته پڌري آھي. ھيجان کان ڪيئن آجو ٿئي! گناهه جي سلي کان ئي آجو ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ دعا لاءِ کڄڻ وارا ھٿ تاڙيون وڄائڻ لاءِ مخصوص ٿي ويا.

”طوفان جي تمنا“ ڪھاڻي ھڪڙي فطرت جو اظھار ڪري ٿي. جي گھر ۾ جھيڙو آھي ته مڙس خوش ۽ جي اھو ختم ٿيو ته زندگي بي مزي ۽ بي رنگ! ڪو طوفان ئي ڪونهي. ”طوفان جي تمنا“ ڪتاب تي مون ريڊيو تي تبصرو ڪيو ھو سو”للڪار“۾ شامل ڪيائين. ناولن کان سواءِ نجم جي ڪھاڻين جا مجموعا ھي آھن: طوفان جي تمنا (١٩٦٩ع) ناچڻي (١٩٧٨ع)، ايڏو سور سھي (١٩٧٨ع)، رشتا ناتا (١٩٨١ع)، اڪيلا نه آھيون (ترجمو ١٩٨٢ع)، پھاڙن ۾ پڪار (ترجمو ١٩٨٤ع)، پروفيسر (١٩٨٤ع)، دارون ھن ديواني جو (١٩٨٥ع)، مٿي سنڌ سڪار (١٩٨٨ع)، دوکو (١٩٨٨ع)، منهنجون بهترين ڪھاڻيون (١٩٩١ع)، پاڻ ۾ ويٺا آھيون (١٩٩٢ع)، ڪھاڻين کان سواءِ چند ٻيا ڪتاب به ڇپيا اٿس.

توھم پرستيءَ خلاف ڏيپلائيءَ وانگر جنگ ڪيائين. پٿر تي ليڪو ۾ ڪھاڻي ”پيرن جو لوڻ“ ۾ ھمراهه کي نانگ ٿو ڪکي ته کيس پير جو لوڻ استعمال ٿا ڪرائين ۽ علاج نٿا ڪرائين ته پوڻو پوندو وڃي ٿو ۽ مري ٿو وڃي. توھم پرستيءَ بابت نجم جي ڪھاڻي ”ڇوڏو“ (طوفان جي تمنا) ته ضرب المثل بنجي ويئي. ھن ۾ اٻوجهه ماڻھن طرفان ٽيڙ تپ جو علاج به ڪو اھڙو توھماتي ھوندو آھي. عارب ماءُ جو اعتقاد سٻاجھي پير جي ڪنڊيءَ جي ڇوڏي ۾ ھو. آڻيندڙ کي اھو وسري ويو ۽ گس تي بيٺل ٻي ڪنڊيءَ جو ڇوڏو آندائين ته به تپ ڇڏي ويو. اھڙا وھم گھڻا آھن. ڊاڪٽر جي حيثيت سان نجم عباسيءَ جا تجربا ۽ مشاھدا به ڪھاڻين جو سبب بنيا. ٢٠٠ کان مٿي ڪھاڻين جي خالق نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۾ موضوعن جي رنگارنگي به آھي.

نجم عباسي ڪھاڻيءَ جي حوالي سان ھڪ وڏو ليکڪ آھي. منهنجي خيال ۾ سندس ناولن ۽ ڪھاڻين جي باري ۾ ھڪ تحقيقي مقالو لکڻ جي ضرورت آھي. مصورع. ق. شيخ”مڪو مست“۽ ٻيون ڪھاڻيون لکيون.

(يارمحمد) ابن حيات پنهور، ھڪ انقلابي سوچ رکڻ وارو انسان ھو. ادب جي مختلف صنفن ۾ لکيائين. ترجما به ڪيائين. سندس مجموعي توکي ساري ساهه (١٩٦٥ع) ۾ سندس ست ڪھاڻيون آھن. جن مان ڪي پيڙھيل خلق جون ڪھاڻيون آھن. وڏيرن جي ظلم جو شڪار ٿيڻ وارا مجبور ٿي، ڪھاڙيون اڀيون ڪن ٿا. جيئن ”واهه وڏيرا“ وارو خميسو ظلم نٿو سھي ۽ وڏيري جو ڪنڌ لاھي ٿو ڇڏي. ابن حيات زندگيءَ ۾ جدوجھد ڪندو رھيو ۽ نوڪري ڇڏي قومي ڪم ۾ جنبي ويو. سندس ڪھاڻين جي مجموعي ”پيئي جن پروڙ“ (١٩٨١ع) ۾ ان جدوجھد جا عڪس آھن. ظلم خلاف جاکوڙ جو ھڪڙو مثال ڪھاڻي ”زن طلاق“ آھي. ڏسڻ ۾ ابن حيات ڪمزور ھو، پر عزم ۽ لکڻ ۾ شينهن ھو. وڏا ڀاڳ آھن، سنڌي زبان جا جن کي ابن حيات جھڙا ليکڪ مليا.

سندري، ھڪ روماني نالو آھي. ھيڏانهن سنڌي ادب جي سورمي سندري اتمچنداڻي (ولادت ١٩٢٤ع). حيدرآباد سنڌ جي ڄائي ۽ ورھاڱي کان پوءِ لڏي بمبئي ھلي ويئي. ھاڻي اتي پنهنجي جيون ساٿي اتم سان گڏ رھي ٿي. سندريءَ جي ناولن جو ذڪر ڪري آياسين. سندن ڪھاڻين جا مجموعا ھي آھن: اڇا وار ڳاڙھا گل (١٩٦٥ع)، تو جنين جي تات (١٩٧٠ع)، پيار پيار پيڙا پيڙا (١٩٧٩ع)، ڀوري (١٩٧٩ع) ۽ ٻنڌڻ (١٩٨٢ع).

سندريءَ جي موضوعن جي پکيڙ سماج جي پکيڙ جيتري آھي. سندس ڪھاڻين ۾ عورتن جا نازڪ جذبا ۽ نازڪ خيال سمايل آھن. انهن ۾ پيار ۽ پاٻوهه موجود آھي. ”پھريون پيار“ جي لاجونتيءَ جا جذبا پتيءَ لاءِ پاٻوهه وارا آھن. سنمک کي اھميت نٿي ڏي. ائين ”اڇا وار ڳاڙھا گل“ انساني جذبن جي اپٽار آھي. ننڍن جملن ۽ مڪالمن ۾ جذبن جا ڀنڊار آھن. ڪھاڻي ”دل شيشو آھي“ خطن وسيلي ڏکن سورن جو اظھار آھي. سندري ترقي پسند تحريڪ سان وابسته آھي. ھن سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پر نعري بازيءَ جو شڪار نه ٿي. ھن”شڪست“،”املهه ماڻڪن جو واپار“۽ ٻيون ڪيتريون اعليٰ معيار جون ڪھاڻيون لکيون.

”تو جنين جي تات“ ورھاڱي جي درد جي ڪھاڻي آھي. ھن درد جو ته ڪو درمان نه ٿيو. گھنو ھن درد جو شڪار ٿيو. ٻيا سنڌي ھندو به ٿيا. ڪڇي ته ڪڇ وڃڻ وارا ھئا، پر گھني لڏپلاڻ وقت چيو: توھان ته ڪڇي آھيو، پنهنجي ڪڇ ملڪ ڏانهن ويندا، اسان جي ٻي ڪھڙي سنڌ رکي آھي، جتي وينداسين؟

سندريءَ ٻيا به ڪتاب لکيا آھن، پر ناول ۽ ڪھاڻي سندس سڃاڻپ آھي.

سنڌيءَ جو ھر رنگ ۾ چمڪندڙ ھيرو موھن ڪلپنا (١٩٣٠- ١٩٩٢ع) ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو ۽ الھاس نگر ڀارت ۾ گذاري ويو. سنڌي زبان ۾ ھن ناول، آتم ڪھاڻي، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکيون. ڪھاڻين ۾ ھن جي سوچ کلي سامھون اچي ٿي. ھو خيالات جي اظھار ۾ ڪڏھن به مصلحت رکڻ وارو نه رھيو. موھن جا ڪردار يگانا ۽ طاقتور، ڳالهه جو اظھار ڪرڻ ۾ چٽا چٽا، جيڪي لاچار آھن ۽ ڪامياب نٿا ٿين ته ليکڪ جو اھڙو نظريو ته واضح ڪن ٿا. ھن نئين سماج تي چوٽون ڪيون آھن. ڪھاڻين ۾ مايوس بيروزگارن جا عڪس آھن. ”موھي نر موھي“ ۽ ”پيار ۽ پاپ“ ۾ ھو عورت جي حيثيت ۽ اھميت تي چٽو چٽو پنهنجن خيالن جو اظھار ڪري ٿو. ڪتاب ”چانڊوڪي ۽ زھر“ (١٩٦٤ع) جي ساڳئي نالي واري ڪھاڻي ھڪ پراڻي پيار جي پاڇن ۾ ويڙھيل آھي. راج ۽ اروڻا ھن ڪھاڻيءَ جا بنيادي ڪردار آھن. ڪيئن جذبن جي جھاجهه ۽ حقيقت جي وچ ۾ ھن ڪھاڻيءَ جو انت ٿئي ٿو. اِھو موھن ڪلپنا جي دک- انت سوچ جو عڪس آھي يا دنيا ائين آھي!

موھن ڪلپنا جي ڪھاڻي ۾ پيار جي چاھت به آھي. مثال طور مجموعي”اھا شام“جي ڪھاڻي ”پريم ۽ سندرتا“ مان ھي ظاھر ٿئي ٿو ته ٻن پيار ڪندڙ دلين کي قربت ۽ روماني ڳالھين مان پريم ۽ سندرتا جو رس حاصل ٿئي ٿو. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪن شعرن جا حوالا به ڏنا ويا آھن ۽ پيار جي ڳالهه ليکڪ ڄڻ سند سان ڪرڻ گھري ٿو.

لعل پشپ جا ڏھن کان وڌيڪ ڪھاڻين جا مجموعا آھن. ناول وانگر ڪھاڻيءَ ۾ به اھم نالو. سندس چونڊ ڪھاڻين جا ٻه ڪتاب شايع ٿيل آھن. پنهنجي انداز ۽ خيال وارو لعل پشپ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ موھن ڪلپنا ۽ گني سامتاڻيءَ سان گڏ ٽمورتيءَ ۾ ليکيو ويو آھي. لعل جي ڪھاڻي ”قرض جي درخواست“ ھڪ ننڍي ملازم جي ڄڻ زندگيءَ جو روڳ ھئي. ھيڊ ڪلارڪ جي بي توجھي، درخواست جو گم ٿيڻ، ان ۾ غلطي ۽ درخواست جو نئين فارم تي ھجڻ کپي! قرض ڪيئن ملي، ھڪڙو ننڍڙي نوڪريءَ وارو ماڻھو ڪيڏانهن وڃي!

لعل پشپ رمارڪ ڏيڻ ۾ ڇوٽ زبان وارو پر جي رمارڪ نه ڏي ته ڪھاڻي ٿي ڳالھائي. سندس مجموعا ”وشواس اوشواس“، ”ٻنڌن ۽ نرماڻ“ ۽ ”واريءَ جا محل“ وغيره اھو ڳالھائي رھيا آھن.

گنو سامتاڻي به سنڌي ڪھاڻيءَ جو ھڪ اھم نالو آھي. ڪھاڻيءَ کي ڪيرت، گوبند مالھي، رام پنجواڻي، ڦتن پرسواڻي، اتم داس طالب، ڄيٺانند تاب، ڪلاپرڪاش، وشنو ڀاٽيا، ڪرشن کٽواڻي، آنند گولاڻي، سڳن ۽ ٻين ڪيترن ڀارت ۾ رھڻ وارن جي ڪري اڀار مليو.

ايشور چندر (١٩٣٧- ١٩٩٢ع) به انهن ۾ ھڪ آھي، جنهن سنڌي ڪھاڻيءَ جي اوسر ۾ پنهنجو حصو ادا ڪيو. ھن سنڌيءَ سان گڏ ھندي، گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ به لکيو. ايشور جا مجموعا مئل ماڪوڙو (١٩٦٦ع)، ٿڌا چپ (١٩٧٩ع)، اندر جو ڄامڙو (١٩٨٤ع) ۽ نه مرڻ جو ڏک (١٩٨٥ع). سندس ڪھاڻي ڪلا کي مٿي کڻي بيٺا آھن. ھن ھيٺئين وچولي طبقي جي ترجماني ڪئي آھي. ھندي ڪھاڻيءَ ۾ نالو ڪڍيو اٿس. ”مئل ماڪوڙو“ ۾ ھڪ اعليٰ خاندان جي گھرڌياڻيءَ جي ڪھاڻي آھي. شرما کي ماڪوڙو پير ۾ چڪ پائي ٿو. بنگلي ۾ اندر اچي مسز گپتا جون اوچيون ڳالھيون ٻڌي ٿو. ٻاھر نڪري ٿو ته ماڪوڙو مئو پيو آھي. اھا ھئي وڏن ماڻھن جي ھڪ ملاقات! ان ۾ لڪل آھي ھڪ ڪردار ڪپور، جو ڪھاڻيڪار ھوشياريءَ سان لڪايو آھي.

”نه مرڻ جو دک“ ھڪ معمولي ملازم جي ڪھاڻي آھي. جو ماءُ جي علاج لاءِ پريشان آھي. ڊاڪٽر آپريشن ڪري، في الحال ٺيڪ قرار ڏين ٿا. پئسو ٿورو آھي. فنڊ ڪڍايو ويو ۽ اھو به جي کپي ويو ۽ پوءِ ماءُ کي ڪجهه ٿيو ته مسئلو ٿيندو! اھو آھي ھڪ ننڍي ملازم کي وقت سر ماءُ جي نه مرڻ جو دک!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org