ملائيشيا ۾ ملئي قوم کان سواءِ ھندو، مسلم، سک ۽
چيني رھن ٿا. انهن جا ڌرمي ۽ مذھبي ڏڻ پڻ ملھايا
وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ الطاف شيخ لکي ٿو: ”نومبر ۾
گرونانڪ جي ڄمڻ جو ڏينهن آھي. ملائيشيا ۾ اھو
ڏينهن ڌام ڌوم سان ملھائجي ٿو. نومبر ۾ ئي عيسائي
مذھب جا ملائيشين روحن جو ڏينهن ملھائين ٿا. آگسٽ
۾ چيني ستن ڀينرن جو جشن ملھائين ٿا. ”سينگاپور
ويندي ويندي“ ۾ پکين جي پارڪ بابت لکي ٿو: ”پکين
جو ھي پارڪ ايڏو وڏو آھي، جو جيڪو صبح جو جاگنگ نه
ڪري آيو ھجي، اھو ئي ويٺو کڙيون ھڻي. روزانو پارڪ
۾ شام جو ٽين بجي ڌاري پکين جو شو کيل تماشو مفت ۾
ڏيکارين. مثال طور طوطن ۾ ڪو باسڪٽ بال کيڏي ته ڪو
توپ ھلائي، ڪو سائيڪل جي سواري ڪري ڪو جھنڊو چاڙھي
ته ڪو راڪيٽ ذريعي چنڊ تي مٿي واپس ڇٽيءَ ذريعي
موٽي ۽ ڪو ڪيبل ڪار ۾ چڙھي ڏيکاري.“
ارائونڊ دي ورلڊ، جيئن عنوان مان ظاھر آھي. سنڌ جو
سندباد جھازي اوڀر ڏي رخ رکڻ بدران اولهه ڏي وڃي
ٿو. سندس لفظن ۾ ھتان يورپ، ناروي، ڊينمارڪ، اسپين
وڃڻو آھي. ان بعد ڪئناڊا ۽ آمريڪا پوءِ جي خبر
ناھي.
ائين الطاف سنڌي زبان کي بهترين سفرناما ڏنا آھن،
جن ۾ مختلف ملڪن، شھرن ۽ بندرن جو احوال آھي.
مختلف ملڪن جي رواجن ۽ ڪن ماڻھن جي مزاج جي به ڄاڻ
ڏي ٿو. مقدار جي لحاظ کان به سندس سفرناما گھڻا
آھن، ان ڪري ڪن ھنڌن تي بيان ۾ يڪسانيت ملي ٿي.
سندس تحريرن مان ماڻھن جي مزاج جي وڌيڪ معلومات
حاصل ٿئي ٿي. جھاز بابت به واقفيت ٿئي ٿي. ملڪن جي
تاريخي پھلوءَ تي وڌيڪ معلومات ڏجي ھا. بهرحال سنڌ
جو ھي يگانو سياح ھن موضوع تي گھڻو مواد فراھم ڪري
ٿو.
الطاف کان سواءِ ٻين مسافرن جا ھڪ يا ڪن جا ٻه
سفرناما آھن. لوڪرام ڏوڏيجا جو سفرنامو سڪارٿو سفر
١٩٨٠ع ۾ ڇپيو ۽ پنجن سالن کان پوءِ ان جو ٻيو
ڇاپو”آپڻي گھوٽ ته نشا ٿيوئي“ جي نالي سان نڪتو.
ھي جپان، ھانگ ڪانگ، سينگاپور، ٿائيلئنڊ ۽ فلپائن
جو سفرنامو آھي. انهن ملڪن جي مذھبي حالت ۽ سماج
جا سٺا انگ اکر ڏنا اٿس. مثال طور ٿائيلئنڊ بابت
لکي ٿو: ”بنگڪاڪ جو آدم آھي ٤٥ لک ۽ مينام نديءَ
جي ٻنهي ڪنارن تي وسيل آھي: پر مکيھ حصو اوڀر طرف
آھي. ٿائيلئنڊ جون ٻيون به ٽي نديون بنگڪاڪ مان
لنگھن ٿيون ۽ انهن مان نڪتل واهه به شھر ۾ جھجھا
آھن، جيڪي دوڪان ۽ گھر آھن، سي ڪي ڌرتيءَ تي ڪي
پاڻيءَ ۾ کتل ڪاٺ جي ٿنڀن تي آھن. ھتي ٻيڙيءَ تي
سڄي شھر جو سير ڪري سگھجي ٿو.“
انهيءَ کان سواءِ انهن ملڪن بابت ضروري انگ اکر ۽
پنهنجي سفر جا حال احوال ڏوڏيجا ڪيا آھن.
ماھتاب محبوب جو ڀارت جو سفر نامو اندر جنين اڃ
(١٩٨١ع)، اتان جو احوال ۽ ملاقاتن جي ذڪر خير جي
سلسلي ۾ آھي. ھوءَ ھڪ ڪھاڻي نويس جي حيثيت سان به
مشھور آھي. ماھتاب سنڌ جي راڳ ساگر ماسٽر چندر جي
دعوت تي ڀارت ويئي. ھن سفرنامي ۾ ھن گھڻو بيان
ڀارت جي اديبن سان ملڻ ۾ خرچ ڪيو. انهن جي دعوتن ۽
ميڙن ۾ شامل ٿي، اتم، ھري موٽواڻي، ارجن شاد،
سندري ۽ ٻين سان ملي. انهن جي ڏنل محبت جو ذڪر
ڪندي، کيس گھڻي خوشي ٿي، ان جو ذڪر ڪري ٿي. موھن
ڪلپنا ھن سفرنامي کي رپورٽيج سڏيو آھي.
ڳالھين ڳالھين ۾ بمبئيءَ جي اديبن جو تعارف ڪرائي
ٿي ڇڏي. نارائڻ ڀارتيءَ جي گھر مليل دعوت جو ذڪر
ھيئن ڪري ٿي: ”صلاح اھا ٿي ته ھر ڪو پنهنجو تعارف
پاڻ ڪرائي. تعارف جو اھو انداز مون کي ڏاڍو وڻيو.
نهايت ئي تيز ذھن واري نقاد ۽ ليکڪ پروفيسر ھيري
شيوڪاڻيءَ سان گڏ سڀا جو سيڪريٽري ۽ شاعر ٽيڪچند
مست به ھجي ته ھند جي ليکڪن جي ڊائريڪٽريءَ جو
مرتب ھري تلواڻي ۽ اخبار نويس اشوڪ ڪشوراڻي، جڳديش
۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ پروفيسر به ھئا.“
سندري اتمچنداڻيءَ سان ملاقات جو بيان ڪندي لکي
ٿي: ”سندري ٽئڪسيءَ واري کي ڪرايو ڏيئي، مون کي
فليٽ تي وٺي آئي. ھـُو ان ۾ اڪيلا رھن. سندن ٻئي
ڌيئر پنهنجي ور گھر واريون آھن. مون کي پنهنجي بيڊ
روم ۾ سھڻي اجرڪ وڇايل پلنگ تي ويھاري پاڻ چپي
چوري جو بندوبست ڪرڻ رڌڻي ڏي ھلي ويئي.“ ڪمري ۾
ڪتابن سان سٿيل ڪٻٽ کان سواءِ ھر ھنڌ ڪتاب ڏسي
سنڌي ادب جي سندري ۽ اتم جي سنسار جو اندازو لڳائي
سگھجي ٿو.
مھتاب مختلف ڏسڻ جھڙين جاين جو بيان به ھن سفرنامي
۾ ڪيو آھي.
ڏوريم ڏيساور (١٩٨٣ع)، عبدالحئي پليجي جو سفرنامو
آھي. سندس ھن کان سواءِ ”ھي وري نه ورندو وڻجارو“
۽ ٻيا به سفرناما ڇپيل آھن ۽ انگريزيءَ ۾ به لکيو
اٿس. عبدالحئي خود ھوائي اڏي جي تمام اھم شعبي ۾
رھيو. ان ڪري گھڻي تڪليف سھڻ کان سواءِ ئي ھوائي
جھاز جي حوالي ٿي ويو، سينگاپور، ملائيشيا ۽ جپان
جو ھي سفرنامو مختصر طور انهن ملڪن جي معلومات
مھيا ڪري ٿو. جپان ۾ قومي جھنڊو ھنڌ ھنڌ نه ڏسڻ جو
ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: ”ٻي ڳالهه جيڪا مون کي عجيب
لڳي سا اِھا آھي ته سڄي ٽوڪيو شھر ۾ جپان جو جھنڊو
مون کي ھڪ يا ٻن ھنڌن تي ڦڙ ڪندو نظر آيو. جڏھن ته
جپان جا ماڻھو پنهنجي مادر وطن جپان تي اصل ساهه
ٿا ڏين. انهيءَ مان سمجهه ۾ آيو ته جيڪي قومون
پنهنجي وطن ۽ پنهنجي قومي جھنڊي سان دلي اڪير ۽
محبت رکن ٿيون، تن کي ڏيکاءُ ۽ نمائش جي جھنڊن
ڦڙڪائڻ جي ضرورت نه ھوندي آھي.“
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو سفر نامو ”ڏوري ڏيهه“
(١٩٨٤ع)، يورپ جي سفر بابت آھي. تنوير ھڪ شاعر ۽
محقق جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪو آھي، سندس ھي
سفرنامو آھي. جھاز ۾ ويھڻ کان اڳ پاسپورٽ ويزا ۽
پوءِ ايئرپورٽ وارن جا قرب ته عالم آشڪار آھن.
تنوير عباسي اٿندي ئي
N.O.C
ڊوڙ ڊڪ جو دلچسپ بيان ڪري ٿو: ”سڀني دوستن چيو ته
ڪھڙي کٽيءَ کنيو ھـُيئھ جو ڊاڪٽر جي نالي پاسپورٽ
ٺھرايئـھ
؟ تنگ اچي مون به سوچيو ته ايم .
بي . بي . ايس جي ڊگري واپس ڪري قسم نامو لکي ڏيان
ته مان ڪو ٻيو ڌنڌو روزگار ڪندس. اسان جي ملڪ ۾
ڀنگي به چاھي ته ملڪ مان ٻاھر وڃي سگھي ٿو، پر
ڊاڪٽر نٿو وڃي سگھي. پنڌرھن ڏينهن جي پريڊ کان
پوءِ مس مس وڃي اھو سرٽيفڪيٽ مليو.“
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ھيءُ سفرنامو برطانيھ ،
اٽلي، يونان، فرانس ۽ ھالنڊ جي باري ۾ آھي . ٻين
لفظن ۾ ھيءَ ھڪ شعر ۽ فن جي پرستار جي خيالي اڏام
به آھي. برطانيا ۾ گھڻو ڪجهه ڏسڻ جھڙو آھي، پر
تنوير جو پنڌ پنهنجي ادبي ساٿي وليم شيڪسپيئر ڏي
آھي. ھـُو ان جي سلام لاءِ سڌو اسٽرئفوڊ آپان
ائوان ڏانهن رخ رکي ٿو. ڪتاب جي بئڪ ڪور تي ڊاڪٽر
تنوير ۽ سندس جيون ساٿي ڊاڪٽر قمر، شيڪسپيئر جي
مجسمي وٽ بيٺا آھن، اھو فوٽو آھي.
تنوير جو سفرنامو ڪو معمولي سفرنامو ڪونهي، جنهن ۾
ھـُو معمولي سياحن جيان ھوٽلن، بازارن، بسن ۽ روڊن
جو بيان ڪري. ھو ھڪ شاعر، مصور ۽ محقق وانگر گھمي
ٿو. آرٽ جي جڳ مشھور نمونن کي ڏسي ٿو ۽ داد ڏي ٿو.
ڊاڪٽر آلچن، شئڪل ۽ ٻين شخصيتن جو بيان ڪري ٿو.
شھرن، مجسمن ۽ ڪليسائن جو بيان ڪندي، انهن جو
احوال مڪمل جذبات جي اثر ھيٺ ڪري ٿو. روم لاءِ چوي
ٿو: ”روم شھر ۾ گھڙڻ سان عجيب احساس ٿئي ٿو. ھتي
حال ۽ ماضي ھڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آھن.“ اسان
جو سياح، اسان جو شاعر ۽ مصوريءَ جو دلدادو تنوير
عباسي گھڻو ڪجهه گھمي ٿو. لنڊن ۾ برٽش ميوزيم ڏسي
ٿو. پئرس جي آرٽ جا رنگ پسي ٿو. ھالنڊ ۽ اٿينس جي
سونهن ھڪ طرف ته گلن ٻوٽن جو احوال به ڪري ٿو.
ھـُن وٽ مصور ڄڻ سندس دوست آھن. ريمبران، وان گاگ
۽ مائيڪل اينجلو ته ڄڻ ھاڻي ڪچھري ڪري وٽانئس اٿيا
آھن. تنوير مائيڪل اينجلو جي ڳالهه ڪندي ٿڪي نٿو.
ھو سسٽين شئپل جو بيان ڪندي لکي ٿو: ”ان کان پوءِ
اسان ان ڇت ھيٺان پھتاسين، جنهن ھيٺان مون زندگيءَ
جون بهترين گھڙيون گذاريون . اھو ٿورو وقت منهنجي
حياتيءَ جو خوبصورت ترين وقت ھو. منهنجين اکين
پنجيتاليهه سال گھڻو ڪجهه ڏٺو ھو. گھڻي سونهن ڏٺي
ھئي. پر اھڙي سونهن ڪڏھن به نه ڏٺي ھئي: جيڪا
مائيڪل اينجلو جي ٺاھيل سسٽين شئپل جي ڇت تي ڏٺي.
مائيڪل اينجلو جي ھٿن ۾ نور ھو؛ جنهن جي ڇـُھاءَ
سان پٿر سونهن جا معجزا ۽ ڪينواس، معجزن کان وڌيڪ
ٿي پيا.“ پھرين ته ھـُن انڪار ڪيو ۽ چيائين ته آءٌ
پينٽر نه آھيان. ھو سنگتراش ھو، پر پوءِ کيس راضي
ڪري ورتائون. مائيڪل اينجلو ٻڌل ڪوازن تي پٺيءَ ڀر
ليٽي ڇت ۾ ھي اعليٰ شاھڪار چٽيو. تنوير لکي ٿو:
”ٽڪنڊن ۾ ھـُن حضرت عيسيٰ جا ابا ڏاڏا ٺاھيا، سي
به اھڙيءَ طرح جو انهن جا خاڪا به ٽڪنڊن جھڙا آھن.
ڇت جي وچ ۾ نو مستطيل آھن، جن مان پھرين ٽن ۾
تصويرن جو سائيز ننڍو آھي ۽ پوين ۾ سائيز وڌايل
آھي. اھڙي طرح پنجينءَ ۾ ڏاڏي آدم جي پاسريءَ مان
ڏاڏي حوا ٿي نڪري، ڇھينءَ ۾ شيطان برغلائي ٿو ۽
ستينءَ ۾ آدم ۽ حوا بهشت مان ڪڍيا ٿا وڃن. سڀ
تصويرون فن جو معراج آھن. ھنن تصويرن ۾ ايڏي
زندگي، ايڏي موسيقي ۽ ايڏي نفاست آھي، ڄڻ لله ۽
آدم ۾ ڪو ويڇو ناھي.“
ھالنڊ کي لاله
جي گلن جو ملڪ سڏي ٿو. اتي گلن ٻوٽن جي سنڀال جو
ھڪ مثال پيش ڪندي لکي ٿو: ”ھالنڊ ۾ گلن جي شوق جو
ھڪ ٻيو دلچسپ واقعو معلوم ٿيو. ڪيس جو والد پوڙھو
آھي ۽ سرڪاري پينشن تي گذر ڪندو آھي، جيڪا ھالنڊ ۾
ھر ان پوڙھي کي ملندي آھي، جيڪو ڪم ڪار نه ڪري
سگھندو آھي. ھن واندڪائيءَ جي وندر طور پنهنجي
بنگلي جي اڱڻ ۾ گــُل َ پوکيا ۽ آخر ان عمر کي
پھتو جو انهن گلن جي سار سنڀال به نه ٿي لھي
سگھيو. ھن سرڪار کي لکيو ته ھاڻي ھـُو ايترو ضعيف
ٿي ويو آھي جو پنهنجن گلن جي سار سنڀال نٿو لھي
سگھي. ان ڪري گلن جي سار سنڀال حڪومت طرفان لڌي
وڃي. ان ڪري سرڪار کيس مالھي رکي ڏنو.“
اھڙا دلچسپ مثال ۽ گلن سان پيار جا مثال خود تنوير
عباسي جي انسانيت ڏي اشارو ڪن ٿا. سندس ھي سفرنامو
خالي گھٽين گھمڻ ۽ روڊن ماپڻ جي ڪھاڻي نه آھي،
بلڪھ گلن جي خوشبوءَ سان به معطر آھي، ان سان گڏ
ادب ۽ آرٽ جي بيان سان به ڀرپور آھي. سنڌي سفرنامن
۾ منفرد ۽ اھم جاءِ والاري ٿو.
عنايت بلوچ، شاعر ۽ براڊڪاسٽر جا ٻه سفرناما پرين
جي پرديس (١٩٨٤ع) ۽ پرديسي ڪھڙا پرين (١٩٨٧ع) سندس
نشريات جي تربيت ۽ ڪرڪيٽ جي ڪمينٽريءَ جي سلسلي
سان ڳنڍيل آھن. انهيءَ سلسلي ۾ ھـُن برطانيا،
ملائيشيا ۽ سينگاپور جو سفر ڪيو. ٻنهي ڪتابن ۾ ھن
پنهنجو انداز بيان ھڪ جھڙو رکيو آھي. ڪا ڳالهه
بيان ڪندي ھو مختلف نظارن ۽ ماڻھن سان ملڻ جا
معاملا گھڻو ڪري شگفته بيانيءَ سان ڪري ٿو. اھڙائي
وڻندڙ عنوان قائم ڪيا اٿس. لنڊن جي مختلف اھم جاين
جو ذڪر ڪندي ڄڻ انهن جو سير ڪرائي ٿو ڇڏي.
وقت جو ويڇو ھوندي به وڏي شاعر، نقاش فطرت ۽ دوست
وليم ورڊس ورٿ ڏانهن ڇڪجي ٿو وڃي ۽ ليڪ ڊسٽرڪٽ ٿو
پھچي. فطرت جي حسن جي بيان ۾ وليم ورڊس ورٿ بيمثال
آھي ته عنايت اتي پھچي ان حسن کي ڏسي ٿو ۽ لکي ٿو:
”ونڊر ميئر جي ريلوي اسٽيشن ڏسي مون کي ٽنڊومستي
ياد اچي ويو. ذري گھٽ ساڳيان پرڪار ھئا. بس ھتي
لائيٽ ھئي ۽ ٽنڊي مستيءَ ۾ فانوس پيا ٻرندا آھن.
ونڊر ميئر کان گراس ميئر تائين ويندي، اندازو ٿيو
ته وليم ورڊس
ورٿ ڇو قدرتي حسن ۽ خوبصورتيءَ جو شاعر ھو. سبزي ۽
ساوڪ جي سائي چادر ته انگلينڊ يا پوري برطانيا جي
زمين تي وڇايل آھي. اِھي نظارا ڏسي جڏھن ورڊس ورٿ
جي مزار تي پھتس ته کيس چيم، اي قدرتي نظارن جا
شاعر! ٻڌاءِ داد ڪنهن کي ڏيان؟ تنهنجي شاعريءَ کي
يا تنهنجي دلڪش حسين ترين ۽ من موھيندڙ نظارن کي؟“
ڪيرت ٻاٻاڻي، سنڌي زبان، ادب ۽ ترقي پسند تحريڪ ۾
ھڪ وڏو نالو آھي. ڪيرت جو روس جو سفرنامو ”جيڪي
ڏٺو ھو مون“ ھند ۾ ١٩٨٢ع ۾ ۽ سنڌ ۾ ١٩٨٥ع ۾ ڇپيو.
سندس اوڏانهن وڃڻ وقت سوويت يونين قائم ھئي. ڪاڪا
ڪيرت مختلف شھرن، ماسڪو، لينن گراڊ، سمرقند ۽
تاشقند جو احوال بيان ڪري ٿو. ان ۾ سماج، ادب،
ڇاپخانا ۽ انتظام وغيره اچي وڃي ٿو. ڪنهن سان سنڌي
زبان جو ذڪر نڪري ٿو ته ان باري ۾ لکي ٿو: ”سنڌي
ڀاشا جي ڳالهه تان اليزيڊر کي ھڪ ٻي ڳالهه ياد اچي
ويئي. ھو چوي ٿو، ڪٿي پڙھيو اٿم ته سنڌي ڀاشا جو
مول بنياد سنسڪرت آھي. توکي ٻڌي عجب لڳندو ته
لئٽوي ڀاشا ۽ سنسڪرت جو پڻ تمام ويجھو لاڳاپو آھي.
لئٽوي ۽ سنسڪرت جا سوين بلڪ ھزارين لفظ ساڳئي اچار
۽ معنيٰ وارا آھن. اوھان جو ماھر ڀاشا وگياني
سنيتي ڪمار چئٽر جي ڪيترائي ڀيرا ھت آيو ھو.“
ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو ھي سفر سندس سوچ ۽ خيالن جي دنيا
جو به سفر آھي. سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ ھاڻي اتي
سماج آھي، پر سماج واد نه آھي!
جي ھينئڙي منجهه ھـُرن(١٩٨٧ع)، ڪلا پرڪاش جي سنڌ
جي سفر جي اپٽار آھي. ھن ۾ سنڌ جي ڪن ليکڪن جا
خاڪا به شامل آھن. انهن ۾ رشيد ڀٽي، ڪيھر شوڪت،
وليرام ولڀ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. موتي ۽ ڪلا جي سنڌي
ادب ۾ ھونئن به اھم جاءِ آھي. ڪلا سنڌ سان پيار جو
ھن سفرنامي ۾ جذباتي انداز ۾ ذڪر ڪيو آھي. ھـُوءَ
جذبات جي راڻي آھي: ”سنڌ مان چلڪي نه موٽنديس ته
ڪٿان چلڪي موٽنديس! سنڌ جي ھوا ئي ته آھي جنهن ۾
حياتي ملندي پھريون ساهه کنيو ھوم (شل پويون ساهه
به اتي کڻان!).
ھي ڪتاب ڪلا جي ”سنڌ جي سفر جا تاثرات“ ۽ ھر باب
ڪنهن ھڪ يا ٻن شخصيتن جي عنوان ھيٺ به آھن. جيئن
ٽھڪن جو آبشار، بشير بلالي، سنڌين جي ڳولھا ظفر
حسن، روح جا رشتيدار عابده پروين ۽ غلام حسين شيخ
۽ پڃاريءَ پرار جنهن جو روح رلندو رھيو، موتي
پرڪاش وغيره. انهيءَ لحاظ کان ھي خاڪن تي آڌاريل
سفرنامو آھي. ڪلا ھت سنڌين سان ملي گھڻو خوش ٿي ۽
خاڪن ۾ ڪن اھڙن ماڻھن جو ذڪر به پيار ۽ پاٻوهه سان
ڪيائين، جن خود سنڌين سان ڪلور ڪيا آھن. ڪلا
پنهنجي سنڌ لاءِ پيار جي اثر ھيٺ سڀني کي ساراھيو
آھي. ھـُن جي سوچ جو ۽ سنڌ سان پيار جو سمنڊ
سفرنامي ۾ موج زن آھي. ھـُوءَ لکي ٿي: ”ھوائي جھاز
جي ڏاڪڻ لھي پوري ڪئيسون ته اسان پھرين ڌرتيءَ
اڳيان سيس نوايو ۽ دل ئي دل ۾ ڄڻ ڌرتيءَ پنهنجي
جيجل کي اطلاع ڏنوسين ته امڙ اسين آيا آھيون،
تنهنجا ڀٽڪيل دربدر ٿيل ٻار، توکان وڇڙڻ بعد
ستٽيهه سال اسان ڌڪا ٿاٻا کاڌا آھن. رليا آھيون،
خوب جدوجھد ڪئي اٿئون، جيئڻ لاءِ. جيئندا رھيا
آھيون، پر توکان وڇڙڻ جو غم سيني ۾ کڻي وقت گذاريو
اٿئون. ان غم ۾ روئڻ جو وقت به اسان کي نه مليو
آھي. وقت نبرندو رھيو آھي. سال اڏامندا رھيا آھن،
اسان جي بيگاني زندگيءَ ۾ ڪا ڪمي نه رھي آھي، پر
اندر ئي اندر ۾ ھڪ لڪل ڪمي ھنياءٌ ڪتريندي رھي
آھي. اھا ڪمي آھي، تنهنجي گود جي. او! سنڌ جي
ڌرتي!! اسان تنهنجي ڪوسيءَ ھنج کي ڏاڍو ساريو
آھي.“
خبر نه آھي ھي ڪيھر شوڪت، بيدل مسرور يا بلاليءَ
جي دل جا جذبا آھن يا ڪلا جا ڳوڙھا؟ بهرحال جذبات
جي وھڪري ۾ ڪلاپرڪاش جو ھي سنڌ جو سفر لفظن ۾ به
آھي، لڙڪن ۾ به آھي.
ھري موٽواڻي، وطن کان وڇڙيو، پر سنڌ وطن تان ڀيرو
نه ڀڳائين. ھتي آيو ۽ حيدرآباد، ڪراچي، ڀٽ شاهه
توڙي ٻين ھنڌن ڏي ويو. سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو ھـُن جي
جيءَ سان جڙيل رھيا. ١٩٨٨ع ۾ سندس سنڌ جو
سفرنامو”جڙيل جن سان جند“ڇپيو. ابتدا ۾ ئي ھـُو
لکي ٿو ته: ”منهنجي ھنن يادگيرين جو پھريون حصو
سپنو ۽ ٻيو ساڀيان. نه! ھي سفرنامو ناھي. آءٌ
ڏيساور ڪو نه ويو ھوس: جو اتان جو حال احوال لکان،
آءٌ ته پنهنجي جنم ڀوميءَ ويو ھوس. مون جيڪي ٽيهه
ڏينهن پنهنجي وطن ۾ گھاريا، ھي انهن ٽيھن ڏينهن
جون سڪ سنديون ساروڻيون آھن، جي آءُ دنيا جي سنڌين
سان ونڊي رھيو آھيان.“
ان سفر ۾ ھري سنڌ الاجيءَ جي لئبرريءَ ۾ پيھي آيو ۽ بنده راقم سان مکا ميلو ٿيس.
ان ملاقات جو حوالو ڏيندي، مون کي موج مستيءَ ۾
مھراڻ يونيورسٽيءَ جو استاد سڏي ويو. لکيائين
:”اتي، سنڌ
الاجيءَ جي لئبرريءَ ۾ ئي منهنجي ملاقات ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي صاحب سان ٿي، جيڪو کوجنا لاءِ
اڪثر سنڌالاجيءَ ۾ ايندو رھندو ھو. پوءِ خبر پيم
ته پاڻ مھراڻ(سنڌ) يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جا
سربراهه آھن.“
ھريءَ سان مون ۽ ٻين ليکڪن جا فوٽو به ھن ڪتاب ۾
شامل آھن. ھريءَ جو ڀاڪر ھريءَ جي محبت ھڪ ڪتاب ۾
ته سمائجي نٿي سگھي، پوءِ به ھن سنڌ ۾ پنهنجي
مصروفيتن ۽ ملاقاتن جو ذڪر گرم جوشيءَ سان ڪيو
آھي. جن سان ملاقاتون ڪيائين سڀ اديب ئي ھئا.
بيمار ٿيو ته دوست ڊاڪٽر نجم عباسيءَ وٽ وٺي آيس.
ان ملاقات جو ذڪر ھيئن ڪري ٿو: ”منهنجو پيٽ مون
سان رٺل ھو. ڪا به چيز ھضم ڪا نه پئي ڪيائين، حميد
وارا مون کي ڊاڪٽر نجم عباسيءَ وٽ وٺي ويا، جو
گھڻو لکندڙ ڪھاڻي نويس پڻ آھي، ڊاڪٽر نجم عباسيءَ
ايتريون گھڻيون ڪھاڻيون لکيون آھن، جو کيس ڪھاڻي
ڪلا جو ڊاڪٽر چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ھاڻي به
ڪجهه لکيائين ويٺي. آءٌ جڏھن سامھون ويس ته
پھريائين مون کي به ڪو مريض سمجھيائين، پر جڏھن
نالو ٻڌايومانس ته منهن سرھو ٿي ويس.“ ائين نجم
کانئس احوال وٺي ٿو ۽ سوال پڇڻ تي کيس معلوم ٿئي
ٿو ته نجم اسپتال ۾ به وٿي ملڻ تي لکي ٿو ۽ ڪيترا
موضوع اتي ئي ملن ٿا. ائين نجم سان ڪچھري ختم ٿي ۽
دوا وٺي ويو. سنڌ کان جدا ٿيو ته ٽيهه ڏينهن ڄڻ
ٽيهه منٽ ھئا. جدا ٿيندي دل ڀرجي آيس. سندس ۽ ھر
ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙھا! ھري اچي ۽ روئي روئاڙي نه
وڃي، اھو کوڙو ئي نٿو لڳي. جن سان جند جڙيل ھجي
اھي ڳوڙھن جو تحفو ڏين ۽ وٺن ته ڪھڙو عجب!!
لنڊن تنهنجا ڪيئي روپ (١٩٩١ع)، ھي طارق عالم ابڙي
جو سفرنامو آھي. ھـُو علاج خاطر لنڊن ويو ۽ لنڊن
جي مختلف رنگن ۽ روپن جو عڪس ھن سفرنامي ۾ پيش ڪيو
اٿس. ھن سفرنامي ۾ ھن مختلف جاين جو ذڪر ڪيو آھي.
تصويرون ۽ عجائبات به ڏٺائين ته انهن جي سونهن جو
به ذڪر ڪري ٿو، ڇو جو ھـُو ھڪ آرٽسٽ به آھي. ھو
ٽرئفلگر اسڪوائر ۾ ڪبوترن جي اڏام ڏسندو نئشنل آرٽ
گئلري ڏانهن اچي ٿو، جت ٻين سان گڏ وان گاگ جا
شاھڪار به آھن. طارق عالم لکي ٿو: ”مين گيٽ اڪري
سڌو وڃڻ بجاءِ ساڄي پاسي ٽرن ڪري ڏاڪڻيون چڙھي وان
گاگ جي پينٽنگز آڏو اچي سڄو اکيون بنجي پينٽنگز ۾
وڃائجي ويم. مان جڏھن به وان گاگ جي ھنن پينٽنگز
کي ڏسندو آھيان، جنهن ۾ (سن فلاور، چيئر ائنڊ پائپ
به رکيل آھن) ته ڏاڍو جذباتي ٿي ويندو آھيان. وان
گاگ جي سموري شخصيت سندس پينٽنگز تي بي چينيءَ مان
لڳايل اسٽروڪس مان چٽي نظر ايندي آھي.“
طارق عالم پنهنجي سفر جا تفصيل زبان ۽ بيان ۾
وڻندڙ نموني پيش ڪيا آھن ۽ سندس جذبات تحرير ۾
مڪمل طور ظاھر آھن.
سنڌي سفرنامن جو ھي مختصر جائزو آھي، اڃا به ڪي
سفرناما آھن، جن مان ڪن جي فھرست ھيءَ آھي:
ديسين وٽ پرديس ۾ |
عمر قاضي |
ديس پرديس |
سليم قريشي |
نيري آسمان ھيٺ |
محمد خان سيال |
نيويارڪ جو سير |
شوڪت علي شاهه |
افغانستان ۾ ڪجهه ڏينهن |
ڊاڪٽر خليل لاکو |
ميھڙ کان ماسڪو |
ڊاڪٽر محبوب علي شيخ |
لنڊڪيءَ کان لنڊن تائين |
ڊاڪٽر لائق زرداري |
ڪراچيءَ کان ڪربلا |
حسين بخش باريچو |
ڪنوارون ۽ ڪنول |
عبدالحئي پليجو |
ديس بديس |
عبدالحئي پليجو |
چار گھڙيون چين ۾ |
احمد علي رند |
ھوچي منهه جي ڏيهه ۾ |
احمد علي رند |
نائيجيريا ۾ سورنهن سال |
ڊاڪٽر احمد علي قريشي |
انگلنڊ جا اڍائي سال |
لعل جوڻيجو(ڪي خط به شامل آھن) |
روس جو سير |
نهرو/آزاد
قاضي |
نئين دنيا نوان رنگ |
محمد خان جروار |
سنڌي سفرنامن ۾ ڪي ترجما به آھن ۽ ڪي رسالن ۽
اخبارن ۾ ڇپيا به آھن، پر ڪتابي صورت ۾ نه آھن.
(ب) خط/
Letters
دنيا جي تقريبا سڀني زبانن ۾ خطن جا ذخيرا ڇپيل
آھن. ڪيترا قلمي حالت ۾ به آھن. انگريزي ۽ اردوءَ
۾ اھي سنڌ ۾ به ڄاتل آھن. خطن جي نوعيت مختلف آھي.
اھي سياسي، سماجي، تعليمي ۽ ٻين موضوعن تي لکيل
ھنن خطن ۾ ھڪ روپ محبت جي خطن/
پريم پتر/
Love Letters
جو به آھي. شادي شده جوڙي جا خط ڏسڻا ھجن ته صفيھ جانثار اختر جا خط حرف
آشنا جي عنوان سان ڇپيل آھن. صفيھ ھڪ شادي شده
نوجوان عورت پنهنجي ور مشھور اردو شاعر جانثار
اختر کي لکيا. بنياد اھو ھو ته ڌار نه گڏ رھون.
اھڙيءَ طرح اردو زبان ۾ مختلف نوعيتن جي خطن جا
مجموعا آھن. سنڌيءَ ۾ به خطن جا مجموعا ڇپيا، پر
اھي گھٽ آھن. انهن خطن ۾ جي ايم سيد، سيد غلام
مصطفيٰ شاهه، شيخ اياز، ميران محمد شاهه ۽ ٻين جا
خط آھن، جن مان انهن شخصيتن جي سوچ، زندگيءَ جي
حالات ۽ جنهن ڏي لکيا اٿن، انهن جي باري ۾ معلومات
به درج آھي. اھڙن خطن جي چونڊ مجموعن جو سرسري
جائزو ھن ريت آھي:
سير ۽ سفر (١٩٦٢ع)، مشھور تعليمي ماھر ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي
وائيس چانسلر
سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي انهن خطن جو مجموعو آھي،
جيڪي شاهه صاحب آمريڪا مان لکيا. ھـُو اتي اسلامي
تاريخ، وچ اوڀر ۽ ڏور اوڀر جي موضوعن بابت ھڪ
ليڪچر پروگرام ھيٺ ويو ۽ ساڍا چار مھينا اتي رھيو.
انهيءَ دؤران مختلف يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن
۾ ليڪچر ڏنائين.
سيد غلام مصطفيٰ شاهه ھتان جنوري ١٩٥٣ع ۾ روانو
ٿيو ۽ پھچڻ جي ٿوري عرصي کان پوءِ سندس خط اچڻ
شروع ٿيا ۽”الوحيد“اخبار ۾ ١٤ فيبروري ١٩٥٣ع کان
وٺي، ٢٩ آگسٽ ١٩٥٣ع تائين ڇپيا، شاهه صاحب جي طرز
تحرير شگفته ۽ معلومات مڪمل آھي. آمريڪا جي تمدن
جي باري ۾ لکي ٿو: ”آمريڪي تمدن ھڪ نئون مشين جو
تمدن ھو. ان ڪري آمريڪا جي حياتيءَ تي شروع کان
مدنيت جو اثر رھيو.“ مختلف ادارن ۾ پنهنجن ليڪچرن
جو بيان ڪندي، ڪي ٻيون دلچسپ ڳالھيون به ھنن خطن
جو حصو آھن. ريڊ انڊين ماڻھن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”ريڊ انڊين پنهنجون جايون ڇڏي ٻاھر نڪري رھيا آھن.
اھي وضع قطع ۾ بلڪل آمريڪي لڳن ٿا. ريڊ انڊين
آھستي آھستي پنهنجي زبان به وساري ويٺا آھن. ريتون
رسمون ۽ پوشاڪ به ختم ٿي رھي آھي.“ |