غالب (1976ع):
غالب جي ھيءَ سوانح عمري پروفيسر ايم. مجيب لکي
آھي ۽ دھليءَ ۾ ھن جو سنڌي ترجمو نارائڻ شيام ڪيو
۽ ساھتيه
اڪادمي ڇپايو. نارائڻ شيام سنڌيءَ جو برک شاعر ته
آھي، پر ھـُن ھي ترجمو به نهايت سليس زبان ۾ ڪيو
آھي. غالب فارسي ۽ اردوءَ جو وڏو شاعر آھي. ھن جو
اردو ديوان برصغير جو گھڻو پڙھيو ويندڙ ڪتاب آھي.
اھل زبان کان سواءِ سنڌيءَ سميت ٻين ٻولين جا
دانشور ۽ اديب ’ديوان غالب‘ کي گھڻي اھميت ڏين ٿا.
غالب جي شرابخوري ۽ طوائف دوستي مشھور ھئي. ھميشه
تنگ دست ۽ قرضدار رھندو ھو. گھر واريءَ جون ڇڙٻون
ان کان سواءِ ھيون. دھليءَ جي حالت ڪھڙي ھئي. ان
جي خبر ھن ڪتاب مان به پوي ٿي. ڪتاب”مـُرقع دھلي“۾
آيو آھي ته :”ڪيئن نه طوائفون شھر جي سوشل ۽ ڪلچرل
زندگيءَ تي ڇانيل ھيون. لکنؤ ۽ ٻين وڏن شھرن جو به
لڳ ڀڳ اھو ئي حال ھو. ھڪ مزيدار ڳالهه ڪندا آھن ته
اوڻيھين صديءَ جي ٻئي ڏھاڪي ۾ ھڪ دفعي شاهه
اسماعيل شھيد قيمتي پوشاڪن پھريل عورتن جو ھڪ ننڍو
جلوس ھر قسم جي گاڏين ۾ دھليءَ جي ھڪ ڳليءَ مان
لنگھندو ڏٺو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اھي سڀيئي
طوائفون ھيون ۽ ھڪ مشھور ھم پيشھ جي گھر ڪنهن جشن
۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رھيون ھيون. ھن تبليغ جو اھم
سٺو موقعو ڄاتو ۽ فقير جو بيک بنائي، جنهن گھر ۾
اھي گڏ ٿيون ھيون، اجازت وٺي ان ۾ داخل ٿيو.“
ڪتاب ۾ غالب جي سوانح کان سواءِ ڪجهه شعرن جو آزاد
ترجمو به ڏنل آھي.
ھو ڏوٿي ھـُو ڏينهن (1977ع):
سنڌ جي فارسيءَ ۾ لکيل ماخذن کي ايڊٽ ڪري ميدان ۾
آڻيندڙ محقق ۽ اسڪالر پير حسام الدين راشديءَ ھي
ڪتاب لکيو آھي، جو ھڪ مؤرخ طرفان تحرير ڪيل ھي
سوانح حيات جو مجموعو فردن ۽ سماج جي نشاندھي ڪري
ٿو. سنڌ جي زندگيءَ ۾ ڪھڙا رنگ بدليا. ڪھڙين
شخصيتن سنڌ ۾ پنهنجون خدمتون پيش ڪيون. پير صاحب
حسام الدين ھن ڪتاب جو نالو شاهه جي ھيٺئين بيت
آڌار رکيو آھي:
ھـُو ڏوٿي ھـُو ڏينهن، ھـُو ڏونگر ھـُو لڪيون،
ڪنهن جنهن لڌا نينهن، جيئن پيا لھسن لـُڪ َ ۾.
پنهنجي وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ وٽ منيلا ۾
رھندي کيس ڊاڪٽر بلوچ جو خط ملي ٿو، جنهن ۾
لاڙڪاڻي جي شاعر نواز علي نياز جي لاڏاڻي جي خبر
ملي ٿي. ھي محرڪ جذبو ھو، جو پير حسام الدين سنڌ
جي اھڙين شخصيتن بابت سوچيو، جن سنڌ جي تاريخ،
سماج، ثقافت ۽ ادب ۾ نالو ڪڍيو ھو. پاڻ نواز علي
نياز بابت لکيائون :”نياز انسان ھو. فاني ۽ بي بقا
. نيٺ ھتئون ھلڻو ھئس. آخر رھي به ڪيترو رھي ھا؟
موت سندس مـَرڪ ھو. ھن فاني جسم جو معاملو آخر ته
مٽيءَ سندو مامرو آھي. نياز جي موت ڪري سنڌي ادب
کي نقصان پھتو.“
لاڙڪاڻي جي اوج، لاڙڪاڻي جي ادبي اوج کي ياد ڪندي،
پير صاحب، نياز جي باري ۾ لکي ٿو. ڪن ٻين شخصيتن
کي ياد ڪري ٿو. انهن ۾ نواب امير علي لاھوري به
آھي. شھر ۾ ڪچھرين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”شھر ۾ ٽن
زميندارن جون ڪچھريون روزانو لڳنديون ھيون. باقي
زميندارن جا بنگلا اگرچ موجود ھئا، پر رھندا
ٻهراڙين ۾ ھئا. ھڪ ھوندي ھئي ڪچھري
شھر جي اصلوڪي ۽ بنيادي زميندار نواب حاجي امير علي لاھوريءَ جي جيڪا سياري ۾
بنگلي جي اڱڻ ۾ تڙڪي تي ۽ سانوڻ ۾ وڏي نم جي ٿڌي
ڇانو ھيٺان ٻاھرئين دروازي جي آمھون سامھون لڳندي
ھئي. پاڙن جا چڱا مڙس، شھر جا مـُک ماڻھو، ميونسپل
جا ميمبر، سرڪاري ڪامورا ۽ ٻهراڙيءَ جا ننڍا ننڍا
وڏيرا، صبح ٿيندو اچڻ شروع ڪندا. لڙي ٽپھڙيءَ
تائين ھڪ ايندو ٻيو ويندو.“ ٻي ڪچھريءَ جو سرواڻ
سرشاھنواز ڀٽو ۽ ٽينءَ جو خانبهادر کھڙو ھو.
ان کان سواءِ پير صاحب ڪيترن ئي خاندانن، اديبن ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن
جو ذڪر ڪيو آھي. سندس انداز بيان پير علي محمد کان
قطعي مختلف آھي. انهن ۾ سياست جي دنيا وارا به آھن
ته اديب ۽ صحافي به آھن. آغا نظر علي به آھي. جنهن
کي ٻنهي راشدي ڀائرن تمام گھڻي اھميت ڏني آھي. پير
صاحب حسام الدين لکي ٿو: ”افسوس آھي جو سنڌ جي
مسلمانن باوجود مرده پرست ھجڻ جي به آغا نظر علي
خان جھڙي مخلص خدمتگار کي نه ڇڙو جلدي وساري ڇڏيو،
بلڪ مرڳو ئي دل جي ڦرھيءَ تان ڌوئي ڇڏيو. حالانڪھ
گھرئون پنهنجي کائي سڄي عمر مرحوم ڳڻ سندن ڳايا.
جڏھن انتقام ڪيائين، تڏھن ماڻھن جو خيال ھو ته
خانبهادر کھڙو مٿانئس ڇپر جـُھلائي رکندو، ڪفن
دفن، پٿر پوتي، ڏنو ورتو، ملو موراڻو، جماڻو
چاليھو سڀ پاڻ ڪندو، ليڪن ميت سينگار جي سنوار جي
نماز لاءِ جڏھن وڃي جنازي گاه ڀيڙو ٿيو، تيسين ڪو
انهيءَ طرف کان وانگي ڪو نه وريو.“
بهرحال پنهنجي انداز ۾ لکيل ھيءُ ڪتاب سائين حسام
الدين جو وڏو ڪارنامو آھي.
اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ (1980ع):
جناب جي الانا ھيءُ ڪتاب لکيو آھي. سنڌي ترجمو
اياز حسين قادري ۽ نواز علي بلوچ ڪيو آھي.
قائداعظم اڪيڊمي ھيءُ ڪتاب ڇپايو آھي. ھن ۾ انهن
ايڪيهه شخصيتن جي سوانح حيات لکيل آھي، جن آزاديءَ
جي تاريخ ۾ حصو ورتو. حضرت مجدد الف ثاني، شاهه
ولي لله ۽ حيدر عليءَ کان وٺي نواب بهادر يار جنگ
۽ قائد اعظم تائين اڳواڻن جي سوانح حيات ۽
تحريڪ ۾ ڪردار
جو جائزو ورتل آھي. ٻين اھم شخصيتن ۾ ھوشو شيدي،
ٽيپو سلطان، مولانا عبيدلله سنڌي، سر آغا خان ۽
مولانا محمد علي اچي وڃن ٿا.
ھيءُ ڪتاب قومي جذبي سان لکيل آھي. ان سان گڏ ليکڪ
جو محققانه انداز به آھي ۽ ضرورت آھر ڪتاب جا
حوالا به ڏنل آھن. مولانا محمد علي جوھر جي سوانح
سندس ھن يادگار گفتگو سان شروع ڪيل آھي: ”مان
پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ ٿو چاھيان. مان ھن شرط سان
وطن وڃڻ چاھيندس ته منهنجي ھٿ ۾ آزاديءَ جو پروانو
ھجي، نه ته ٻي حالت ۾ آءٌ ڪڏھن به غلام ڌرتيءَ تي
پنهنجو قدم رکڻ گوارا نه ڪندس. آءٌ ڏيساور جي ڪنهن
اجنبي ملڪ ۾ مرڻ کي وڌيڪ پسند ڪندس، پر اھو آزاد
ملڪ ھجي.“
اھڙي طرح ٻين اڪابرن جي زندگيءَ جي حالات سان گڏ
سندن ڪارنامن سان ھيءُ ڪتاب سينگاريل آھي: جن
پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
وطن جي آزاديءَ جو امام (1984ع):
ھيءُ ڪتاب اصل ۾ سيد محمود شاهه بخاريءَ جي پي ايڇ
ڊي ٿيسز آھي. ھن ۾ مشھور عالم ۽ آزاديءَ جي اڳواڻ
حضرت تاج محمود امروٽيءَ جي سوانح حيات، عالمانه ۽
مجاھدانه ڪردار جو تذڪرو ڪيو ويو آھي. ليکڪ،
مولانا امروٽي صاحب جي سوانح بيان ڪندي، ان جي حسب
نسب ۾ وڏن جو ذڪر ڪندي، سندس زندگيءَ جا وڌيڪ
حالات تفصيل سان لکيا آھن. سوانح حيات ۾ ڪل پنج
باب آھن، جن ۾ بزرگ جي حيات، شخصيت، قومي ڪارنامن،
علمي خدمتن ۽ خليفن جو ذڪر ڪيو ويو آھي.
مولانا امروٽيءَ جي قومي جذبي جو ذڪر ڪندي محمود
شاهه بخاري لکي ٿو :”مولانا امروٽي آزاديءَ جو
ڪوڏيو ھو. وطن جي حب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھئي.
پياري وطن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ سڀ کان اڳرو
ھو. انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ خلافت تحريڪ،
قطع تعلقات ۽ ترڪ موالات ۾ انتهائي جوش ۽ جذبي سان
ڪم ڪيائين. دين جي حفاظت سندس اولين اصول ھو. ان
ڪري تحريڪ تحفظ مساجد جو باني ھو. مسجدن جي بچاءُ
لاءِ انگريزن خلاف سندس جھاد مشھور آھي. حضرت
امروٽي جڏھن سرڪار جي بد ارادي کي سمجھي ورتو،
تڏھن ھن وقت جي آفيسرن خواه بيراج جي حاڪمن کي
ٻڌايو ته اسلام ۾ عبادت جون جايون مسجدون قيامت
تائين قائم رھنديون. ڪنهن کي به انهن ۾ ردو بدل ۽
شھيد ڪرڻ جو حق ڪونهي.“
سوانح حيات قاضي علي اڪبر درازي (١٩٨٥ع):
ھن سوانح حيات کي قاضي علي اڪبر جي فرزند علي
مردان مرتب ڪيو آھي. قاضي علي اڪبر درازي، درگاهه
شريف درازا ۽ سچل سرمست جو عاشق ھو. ھن جيڪو به
ادبي ڪم ڪيو، اھو سچل سائين جي ڪلام تي ھو. مثنوين
جا اردو ۽ سنڌي ترجما اِن سلسلي ۾ اھم آھن. ھن جي
خيال ۾ سچل سرمست آل ورلڊ عاشق، شھنشاهه عشق ۽ ھفت
زبان شاعر آھي. سندس جذبي جو قدر ڪرڻ کپي. ھيءَ ان
ئي عاشق شاهه درازا جي سوانح حيات آھي. ھن ۾ قاضي
صاحب جي زندگيءَ جو احوال، اديبن ۽ ٻين قدردانن جا
رايا، تصويرون، سندس ڇپيل مضمونن جون اخبار وار
فھرستون ۽ ٻيو گھڻو مواد شامل آھي، جن ماڻھن قاضي
صاحب جي ادبي خدمتن بابت رايا ڏنا ۽ ڇپيا، انهن ۾
بنده راقم جو رايو به شامل آھي. ان جو سرو آھي ”
عاشقانه جذبو“. رايو ھن ريت آھي: ”مرحوم قاضي علي
اڪبر درازي، سچل سرمست جي پيغام کي شايع ڪرڻ ۾
جيڪا جاکوڙ ڪئي، ان کان ڪير واقف نه ھوندو. مرحوم
قاضي صاحب سچل سائين جي ڪلام کي جنهن نموني ظاھر
ڪيو، سو سندس سچي عشق جو نتيجو ھو. اھو ڪو معمولي
ڪم نه ھو، جيڪو ھن اڪيلي سر انجام ڏنو، جنهن ۾
سندس والھانه عشق ۽ عقيدت جو دخل ھو.“
ڪتاب ۾ ڪي ڪچا ڦڪا ۽ شوبزنس جي ماڻھن جا رايا به
شامل ڪيل آھن، جي سوانح جي معيار تي منفي اثر وجھن
ٿا.
گانڌي (١٩٨٧ع):
مھاتما گانڌيءَ جي ھيءَ سوانح حيات انگريزيءَ ۾
لوئي فشر لکي ۽ ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪئي. ٻين اڪابرن ۽ سياستدانن جون سوانح عمريون به
سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيون آھن.
سنڌيءَ جي برک ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس نجم عباسيءَ
ھي تمام سھڻو ترجمو ڪيو آھي. زبان ۽ بيان ۾ بلاغت
فصاحت قائم رکي اٿس. ڪٿي به تحرير ۾ خال ۽ جھول نه
آھي. پھرئين باب جي بلڪل ابتدائي پئرا ۾ گانڌيءَ
جي آخري رسمن جو ذڪر اچي ٿو :”دھليءَ جي ڀرسان
جمنا جي ڪناري لکين ماڻھو اس ۾ بيٺا آھن ۽ ماتمي
جلوس جي پھچڻ جو انتظار ڪري رھيا آھن. گھڻو ڪري
سڀني اڇا ڪپڙا پھريا آھن، عورتن اڇيون ساڙھيون
ڍڪيون آھن ۽ مردن اڇا پٽڪا يا اڇيون ٽوپيون. ان
ڪري ھر طرف اڇاڻ ئي اڇاڻ پئي ڏسجي.“
قائد اعظم جي گانڌيءَ سان لکپڙه جو ذڪر ڪندي، ھڪ
خط جو بيان آيو آھي:”جون ١٩٤٤ع ۾ وري سياست جي
ميدان ۾ اچڻ کان پوءِ ھن نئين وائسراءِ لارڊ ويول،
جو خانداني ماڻھو، فوجي جنرل ۽ شاعر ھو، تنهن سان
ملاقات جي ڪوشش ڪئي، پر ھن انڪار ڪيو. گانڌيءَ
مسلم ليگ جي صدر محمد علي جناح کي خط لکي، ٻنهي جي
ملاقات جي رٿ پيش ڪئي. ھن جو خيال ھو ته، ليگ ۽
ڪانگريس جي ٻڌي انگريزن کي ٽپڙ ٻڌائڻ تي مجبور
ڪندي. ھن خط جي شروعات،”ڀاءُ جناح“سان ڪئي ۽
پڇاڙيءَ ۾”تنهنجو ڀاءُ گانڌي“لکيائين. جناح جواب ۾
پيارا گانڌي سان خط جي شروعات ڪئي ۽ ھيٺيان”ايم اي
جناح“لکيائين.“.
گانڌيءَ جي ھيءَ سوانح حيات، سياسي، رھنمائن جي
سوانح حياتن ۾ انداز بيان ۽ زبان جي لحاظ کان اھم
جڳهه والاري ٿي.
منهنجو ڀاءُ (١٩٩١ع):
ھيءُ قائداعظم محمد علي جناح جي باري ۾ سندس ڀيڻ
محترمھ فاطمھ جناح جي انگريزي ڪتاب جو سنڌي ترجمو
آھي. مترجم آھي شيخ عزيز، محترمھ فاطمھ جناح، جا
زندگيءَ جو گھڻو عرصو پنهنجي ڀاءُ سان رھي ۽ سندس
سياست ۾ به مددگار رھي ته قائد اعظم جي صحت جي به
نگراني ڪندي رھي. تنهن پنهنجين يادگيرين کي قلمبند
ڪيو. ھيءُ ڪتاب ٽن بابن تي مشتمل آھي. اھي آھن:قوم
يتيم ٿي ويئي، ڪاٺياواڙ کان ڪراچيءَ تائين ۽ ھڪ
واپاري قانوندان بنجي ويو. آخر ۾ حوالا ۽ ٻه ضميما
رکيا ويا آھن. ضميمن ۾ ڪن خطن ۽ ٻين ڪاغذن جا عڪس
آھن.
محترمه
جي تحرير ھڪ تجربيڪار ليکڪه
وانگر آھي. زيارت ريزيڊنسيءَ جو نظارو ھن ريت چٽي
ٿي: ”زيارت جي ريزيڊنسي جتي اسين ترسيل ھئاسين، ھڪ
نهايت ئي خوش منظر خوبصورت پراڻي ٻه
– ماڙ جاءِ ھئي. ھيءَ جاءِ ھڪ اوچي ٽڪريءَ تي ڪنهن
راکي سنتريءَ وانگيان سڌي بيٺل ھئي. ان جي موڪري
لان ۽ باغ ۾ جھرڪيون صبح ساجھر نغما ٻولينديون
ھيون ۽ شام جو مٺڙا گيت ڳائينديون آکيرن ڏانهن
موٽنديون ھيون. ميوي ۽ وڻن جا جـُھنڊ َ ۽ رنگ
برنگي گلن جون قطارون سونهن کي سوايو ڪري ڇڏينديون
ھيون. ھن جاءِ جي سونهن ۽ سڪون کي قائد اعظم گھڻو
پسند ڪندو ھو.“
ھيءُ جيتوڻيڪ سنڌي ترجمو آھي، پر مصنفه جي خيالن ۽ جذبن جي پوري پوري ترجماني ڪري ٿو.
جھڙا گل َ گلاب جا (ٻه ڀاڱا – ١٩٩١ع):
سوانح عمرين جي ھن ڪتاب جو مصنف غلام رباني آگرو
آھي. ھن جي پھرئين ڀاڱي ۾ ١١١ صفحن تي مشتمل ھڪ
مقدمو آھي. پھرئين ڀاڱي ۾ ٧ ۽ ٻئي ۾ ١٧ شخصيتن جي
سوانح عمري آھي. ڪنهن جي شخصيت بيان ڪندي، رباني
صاحب جو انداز بيان روايتي نه آھي. مختلف زاوين
سان ان شخصيت جي اصل محاسن کي بيان ڪري ٿو وڃي.
اِھي اھم شخص سندس ڏٺل وائٺل آھن ۽ انهن مان ڪن
سان کيس گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو به مليو آھي. پاڻ
اسلام آباد ۾ ملازمت جي سلسلي ۾ رھيو ۽ اتي به ڪن
ماڻھن سان ڏيٺ ويٺ ٿيس. دوستي رکڻ، قائم رکڻ ۽
تعلقات کي وڌائڻ جو ڏانءُ کيس عطا ٿيل آھي. مثال
طور صديق سالڪ بابت لکي ٿو :”چيائين تو منهنجا
ڪتاب
witness to surrender
۽”ھمه ياران دوزخ“ڪو نه پڙھيا آھن؟ مون چيو ته نه. چيائين ته پڙھي
ڏس. انهيءَ ٽائيگر جو انهن ڪتابن ۾ ڪافي احوال
اٿيئي. ٻئي ڏينهن ٻئي ڪتاب موڪلي ڏنائين. سالڪ وڏو
اھل ِ دل انسان ھو. “ ٻئي ھنڌ به سالڪ لاءِ لکيو
اٿس:”ھڪ دفعي صديق سالڪ سان ايوان صدر ۾ ويٺو ھوس.
چانهھ ويٺي پيتيسون. شيشي جي دريءَ مان مرغلا جي
سرسبز پھاڙن تي نظر پئي. مٿن ڀورا بادل ڇانيل ھئا.
ڏک سک جا ڪيئي زمانا ياد آيا ۽ عمر خيام جي
رباعيءَ جي سٽ چپن تي آئي. اين قافلھ عمر عجب مي
گذرد.“
ھن ڪتاب ۾ علامھ قاضي، ڊاڪٽر دائودپوٽي، عثمان علي
انصاري ميران محمد شاهه، پير حسام الدين، شيخ
عبدالمجيد سنڌي، مخدوم طالب الموليٰ، مولانا قاسمي
۽ ٻين شخصيتن جي سوانح حيات شامل آھي، جيڪا نهايت
سليقي سان لکيل آھي ۽ منفرد طرز تحرير جو نمونو
آھي.
سـُورداس (١٩٩١ع):
ھن سوانح جي اصل ليکڪا اشا نيلسن آھي. مترجم
سنڌيءَ جو مشھور شاعر گوورڌن محبوباڻي ڀارتي آھي.
سـُورداس ھڪ شاعر، گائڪ ۽ ڀڳت ھو. سورداس ١٤٧٨ع ۾
ڄائو ۽ ١٥٨١ع کان ١٥٨٥ع واري عرصي ۾ گذاري ويو.
ھندي ڪاويھ(شعر) ۾ ســُورداس لاءِ ھي گفتو مشھور
آھي ته : سج آھي سورداس، چنڊ تـُلسي ۽ تارو
ڪيشوداس. اڪبر جي درٻار جي ھڪ رتن گندرپ تانسين به
کيس ساراھيو آھي. ھن سوانح ۾ سـُورداس جي بادشاهه
اڪبر سان ملاقات جو به ذڪر آيو آھي.“
”اڪبر جي درٻار جي نامياري گائڪ تانسين جي ڪوشش
ٻنهي کي ملايو. اھا ملاقات پنهنجو پاڻ ۾ ايتري
اھميت واري ناھي، جيتري اھا حقيقت ته اڪبر سورداس
کان سندس بي نوريءَ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. اھو اڻ سڌو
حوالو اِن مت (راءِ) جي پشتي (پٺ ڀرائي) ٿو ڪري ته
سورداس جڏھن اڪبر سان گڏيو، تڏھن انڌو ھو.“
سورداس جي زندگي ۽ شعر جو ذڪر ڪيترن پراڻن گرنٿن ۾
آھي. اھو سڀ زباني روايتن مان ڪـَٺو ڪيو ويو. ڪتاب
جي آخر ۾ ڪوي سورداس جي ڪلام مان چونڊ شعرن ۽ ڀڄنن
جو سنڌي ترجمو به ڏنو ويو آھي:
ڪير پتا يا ماتا منهنجي!
ڪڏھن ڏٺو تو مون کي ڄمندو،
ڳالهه نه ڪر کـِل َ جھڙي،
کاڌم ڪڏھن مکڻ چورائي،
ڪڏھن ٻڌم جسودا؟
پريم تنهنجا پار (١٩٩٢ع):
شھيد عوام فاضل راھوءَ جي سوانح ۽ سياسي جدوجھد
بابت ھي ڪتاب عبدلله ملاح مرتب ڪيو آھي. ھن ۾
تقريرون، مقالا ۽ مضمون آھن، جن ۾ شھيد بابت ڪافي
مواد موجود آھي. ليکڪن ۾ ابراھيم جويو، علي احمد
بروھي، نجم عباسي، زيب نظاماڻي، اسلم راھو ۽ ٻيا
شامل آھن. ھن ڪتاب ۾ فاضل راھوءَ جي سياسي ۽ عوامي
جدوجھد جو ذڪر خصوصيت سان ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر
شاھنواز سوڍر لکي ٿو: ”شھيد شاهه عنايت صوفي کان
شھيد فاضل راھوءَ تائين وارو عرصو تقريبا ٽي سؤ
ورھين تي محيط آھي. انهيءَ عرصي اندر سنڌ ۾ ڇا
وھيو ڇا واپريو. انهيءَ جي ڏس ڏيڻ کان تاريخ کي
گونگو ڪيل آھي، پر تاريخ جي ورقن کي ڀل ته جامد
ڪيو وڃي ۽ ظلم جي آثارن کي شجاعت جا نشان سڏي،
پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن کي لڪايو به ويو ھجي، پر پوءِ
به انهن واقعن ۽ ظلمن جي اصل حقيقت جو عڪس سنڌي
عوام جي چھرن تي اڄ به آسانيءَ سان پڙھي سگھجي ٿو.
ان کان سواءِ سنڌ ڌرتي ھميشه اھڙا به ڪي ڳڻائتا
اڳواڻ پيدا پئي ڪيا آھن، جن ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾
ان روئداد کي اسان تائين پھچائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي
آھي.“
فاضل راھوءَ بابت عبدلله ملاح ٻيا به ڪتاب لکيا ۽
ايڊٽ ڪيا آھن. جن ۾ ”ڪيئي سج اڀاري ويا“(١٩٩٣ع) به
ھڪ اھم سوانح حيات ۽ سياسي جدوجھد جي نشاندھي ڪندڙ
ڪتاب آھي. اھڙيءَ طرح محمد اشرف سيال بابت به ھڪ
ڪتاب ”رڻ ۾ پيئي رات“ لکيو اٿس.
ھڪڙو پيارو ماڻھو(١٩٩٢ع):
ھيءَ قاضي عبدالحئي قائل جي سوانح حيات آھي. ھن
ڪتاب کي سندس فرزند قاضي منظر حيات مرتب ڪيو آھي.
ھن ڪتاب ۾ قاضي عبدالحئي جي سوانح ۽ سندس شعري سفر
سميت، ڪن شاعرن جا رايا ۽ خط به شامل آھن. ھي
حقيقت ۾ ايم . اي سنڌيءَ جي ڊگريءَ لاءِ منظر حيات
جو لکيل مونوگراف آھي، جنهن کي ڪتابي صورت ڏنل
آھي. ڪتاب ۾ قائل جي شاعريءَ جو ذڪر به ڪيو ويو
آھي ۽ سندس شعر به ڏنا ويا آھن.
منظر حيات، قائل صاحب جي نثر نگاريءَ بابت لکي ٿو
:”اصطلاحي قسم جي مضمونن ۽ مختصر معلوماتي سلسلن
کان سواءِ تاريخي، نيم تاريخي ۽ سوانحي خاڪن ۾
ڪيترائي نقش ڇڏيا آھن. سندس ذھني تخليقي قوت جو ان
وقت شديد احساس ٿئي ٿو، جڏھن بظاھر مزاحيـھ ۽
تفريحي تحريرن ۾ لڪل انيڪ معاشي ۽ سماجي مسئلن کي
نروار ڪرڻ سان گڏ ماحول ۾ ڦھلايل برائيءَ جا پھلو
پڻ اجاگر ٿيندي نظر اچن ٿا. جڏھن به مزاح جي رنگ ۾
رچيل سندس پرڪشش لکڻي اسان آڏو پھتي ته اھا وڌيڪ
مزو ڏيندڙ ۽ لطف واري نظر آئي. سندس تاريخي/
تحقيقي مقالا ۽ مضمون به نهايت منفرد انداز ۾
سرجيل آھن، جيڪي دقيق ھجڻ ۽ دماغ تي بار بڻجڻ
بجاءِ دلچسپ ۽ سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آھن.
سندس نثري مواد ٿوري ئي ڇپيل صورت ۾ آھي، پر سنڌي
ادب ۾ ھڪ جڳهه والاري ٿو.“
ڏٺم، ٻڌم، پڙھيم، لکيم (١٩٩٥ع):
ھن ڪتاب جو ليکڪ شھيد سومرو آھي. ڪتاب ۾ ڪوٽڙيءَ
جي شخصيتن جي سوانح حيات آھي. ھنن شخصيتن ۾ علمي،
ادبي، سياسي، سماجي، تعليمي، ديني ۽ ثقافتي شعبي
جي ماڻھن جو بيان آھي، ابتدا ۾ ڪوٽڙي تعلقي جو
سماجي ۽ معاشي تعارف ڏنو ويو آھي.
جن اھم شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، انهن ۾ جناب جي
ايم سيد، ملڪ سڪندر خان، ساقي، قاضي يار محمد، شمس
الدين قريشي ۽ علي بابا اچي وڃن ٿا. سوانح حيات
مان اندازو ٿئي ٿو ته ليکڪ ڪن ماڻھن کي راضي ڪرڻ
لاءِ ھي ڪشالو ڪيو آھي. ڪتابن جا مھاڳ اڪثر ليکڪن
کي ساراھڻ لاءِ لکيا ويندا آھن ۽ ٻين کي اجايا لفظ
ڳالھائڻ لاءِ نه ! پر ھن ڪتاب جو مھاڳ لکندڙ
عبدالقادر جوڻيجو محققن کي اجھو ھي تحفو ٿو ڏي:
”اسان وٽ جيڪو ريسرچ جو ڪم ٿئي ٿو، انهيءَ جي
پويان ھڪڙو ئي مقصد ھوندو آھي، ڊگري حاصل ڪرڻ جو.
ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين ته موضوع ئي اھڙو چونڊيو
ويندو آھي، جنهن ۾ ڪا ڀڄ ڊڪ ڪرڻي نه پوي ۽ رولڙو
ڪڍڻو نه پوي. انهيءَ ھوندي به جيڪڏھن ڪو اھڙو
موضوع ريسرچ ڪرڻ واري جي مٿي ۾ لڳندو آھي ته جنهن
۾ فيلڊ ۾ وڃي ڀڄ ڊڪ ڪرڻي پوندي آھي ته انهيءَ جو
حل به لئبررين ۾ ڳولھيو ويندو آھي ۽ آئوٽ ڊيٽيڊ
ڪتابن مان حوالا ڪڍي بند ڪمرن ۾ ويھي ڪم ٽپايو
ويندو آھي. اتفاق سان ڪنهن سخت مجبوريءَ سببان
جيڪڏھن ڪو اسڪالر فيلڊ ۾ پھچندو به آھي ته اھو
اسڪالر پنهنجن ڪپڙن، پنهنجي چھري ۽ پنهنجي علمي
ٽرڙپائي جي استري خراب ٿيڻ نه ڏيندو آھي.“ بقول
مھاڳ لکندڙ”اھڙن جي ريسرچ رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اڇلڻ
جھڙي ھوندي آھي ۽ جنوني فقير ههڙا ڪم ڪري سگھندا
آھن!“ افسوس آھي ههڙي مھاڳ تي!
سنڌ جا بر، بحر ۽ پھاڙ (١٩٩٧ع):
ھيءُ ڪتاب جناب غلام رباني آگري جو لکيل آھي. ھيءَ
سنڌ ۽ اڳوڻي وڏي سنڌ جي ٽن وڏن خانوادن جي رھبر
پير سائين محمد راشد روضي ڌڻي، حضرت غوث بهاءُ
الدين زڪريا ملتاني ۽ قلندر لعل شھباز سيوھاڻيءَ
جي باري ۾ آھي. قدري تفصيلي آھي. ’جھڙا گل گلاب
جا‘ وانگر ھنن بزرگن جي سوانح لکندي به رباني صاحب
پنهنجو مخصوص، منفرد ۽ پيارو انداز ِ بيان اختيار
ڪيو آھي. روايتي انداز بيان جي تقليد نه ڪئي اٿس.
ھي ٽئي بزرگ سنڌ جي روحاني ڪردار ۽ صوفياڻي رنگ جا
معمار ھئا. انهن جي اثر جو دائرو وسيع ھو. ملتان
وڃو ته اوھان کي ھر ھنڌ سنڌي نظر ايندا. پير صاحب
روضي ڌڻي به سنڌ جو ھڪ وڏو اھل ِ دل درويش ھو.
ائين قلندر لعل شھباز جا رنگ اڄ به چٽا آھن. رباني
صاحب سنڌ جي انهيءَ صوفياڻي ڪردار جو اشارو ھيئن
ٿو ڏي :”مون کان مخدوم امير احمد کھڙن واري جو ھڪ
گفتو ڪڏھن ڪو نه وسريو آھي. ھڪ دفعي حيدرآباد جي
بسنت ھال ۾ تقرير ڪندي چيائين ته، سنڌ، لله وارن
جو ديس آھي. مخدوم صاحب جي ڳالهه ۾ ڏاڍو ڪو تاثير
ھو. سندس گفتو منهنجي دل تي نقش ٿي ويو. بيشڪ
سونهاري سنڌ وڏا وڏا اولياءَ پيدا ڪيا آھن. ليڪن
پير سائين روضي ڌڻي گلستان سنڌ جو ھڪ اھڙو ته
بيمثال گلابي گل آھي، جنهن جي سونهن ۽ سرھاڻ سنڌ َ
۽ بيرون سنڌ ڪيئي پرانهان پٽ، پڌر، پوٺا پھاڙ ۽ ٿر
بر واسي ڇڏيا آھن.“ ڪتاب جي آخر ۾ اضافا ۽ نوٽ
لکيل آھن ۽ ‘پس نوشت‘
(Post script)
جي عنوان سان ڪتاب مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جون ڪي ضروري
ڳالھيون آندل آھن. پاڻ پوسٽ اسڪرپٽ جو ترجمو ”قلم
تازو“ اختيار نه ڪيو اٿس. اھو به قبول ڪري سگھجي
ٿو.
شھدادڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر (٢٠٠٠ع):
ھن ڪتاب جو مرتب جناب سيد گل محمد شاهه رضوي آھي.
ھن کان سواءِ سندس نعتيھ ڪلام جا ڪيترائي مجموعا
شايع ٿيل آھن. ھن ڪتاب ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽
ادبي شخصيتن جو بيان آھي. انهن ۾ گذاري ويل
شخصيتون به آھن ته زند ه به، مولانا قاسمي صاحب ۽
ڪيترن ٻين اڪابرن، ديني عالمن ۽ اديبن جو تذڪرو
ڪيو ويو آھي. وڏو حصو زنده اديبن ۽ شاعرن جو آھي،
شاعرن جي ڪلام جو نمونو به ڏنو ويو آھي. اھم
شخصيتن ۾ مولانا نور محمد ميڪڻ، مولانا قاضي الهه
بخش، لعل چند مجروح، نواب گل محمد خان زيب، مولانا
عبدالغني مھجور، فيض محمد کرل، جمع خان عاجز،
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، عاطف عبدالجبار جوڻيجو، وينا
شرنگي، سبحان خاتون، محمد علي جوھر ۽ مھتاب احمد
تنيو وغيره اچي وڃن ٿا. ڪتاب ۾ زنده ۽ نوجوان
اديبن جو ذڪر نسبتا وڌيڪ آيل آھي. اندازو آھي ته
بيشتر اديبن کان احوال گھرايو ويو آھي ۽ انهن جي
ئي تحرير ۾ آھي. اھو ئي سبب آھي جو انداز ِ بيان ۾
فرق آھي. تنهن سان گڏ مواد ۾ انهيءَ لحاظ سان به
توازن نه آھي جو ڪنهن گھٽ ۽ ڪنهن وڌ احوال ڏنو آھي
۽ انهيءَ صورت ۾ ئي شامل ڪيل آھي. بهرحال انگن
اکرن ۽ شھدادڪوٽ جي شخصيتن جو ھي جائزو فن سوانح
نگاريءَ ۾ ھڪ اضافو آھي.
نئون ديرو: نوان ۽ پراڻا ورق (٢٠٠١ع):
نئين ديري جي تاريخ، سماجي، تعليمي ۽ صحت جي باري
۾ معلومات ۽ شخصيتن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ آھي. نئون
ديرو ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ھيءُ ڪتاب شايع ڪيو آھي.
ھن ۾ جن شخصيتن جي سوانح آيل آھي، انهن ۾ ھي اھم
آھن: پير علي محمد راشدي، قمر الدين قاضي، غلام
علي سانگي ۽ سراج ڪٽپر وغيره. ڪتاب ۾ شخصيتن جي
باري ۾ دلچسپ ننڍا مضمون به آھن. انهن جو دائرو
نهايت وسيع آھي. مثال طور گــلومل ۽ جيسارام تي
پير علي محمد راشديءَ جو مضمون آھي: ” گـلومل ۽
جيسارام ٻئي ڀائر ھئا. نئين ديري جا رھاڪو، ڌنڌو
ھوندو ھون عريضي نويسي. ڪاروبار ھڪٻئي کان جدا،
تڪرارن ۽ فسادن وقت ھڪ ڌر جو مددگار گلومل ته ٻيءَ
ڌر جو معاون جيسارام، سرائون(اوطاق يا بيٺڪ) کوليو
ويٺا ھوندا ھئا. تعلقي اندر جنهن تي به ڪو معاملو
بڻيو ته پھرين ساھي اچي اتي پٽيندو. گلي مل جو
اجلاس ڏسڻ وٽان ھوندو ھو. پڪي وڏي موڪري سراءِ
ھوندي ھيس. جنهن ۾ چؤطرف کٽون پيل ھونديون ھيون.
کٽن جا به ٻه قسم ھوندا ھئا. جن کٽن تي فراسيون
ھونديون ھيون، سي ھندن ۽ معزز وڏيرن جي ويھڻ لاءِ
ھونديون، باقي خالي ۽ پري پيل کٽن ۽ مـُوڙن تي عام
مسلمان اچي ويھندا. وچ ۾ پيل ھوندي گلي مل جي
پنهنجي کٽ، ان جي مٿان گلي مل کان سواءِ قاعدي جا
ڪتاب، پراڻا ڪاغذ، عريضين لکڻ جا پنا، اخبارون ۽
قلمدان پيل ھوندا.“
پير علي محمد راشديءَ جو منفرد انداز تحرير ۽
ڪردارنگاريءَ جي ته ھونئن ئي اھميت آھي. اھڙي طرح
ٻين شخصيتن تي مضمون به ھن ڪتاب ۾ آھن.
تذڪره مخدومان ھالا(٢٠٠١ع):
ھيءُ سوانح حيات جو ڪتاب مخدوم صاحب جميل الزمان
مرتب ڪيو آھي. ھن تي مھاڳ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيو
آھي. مخدوم نوح رحمة لله عليه جي خانوادي جي ھيءَ
سوانح حيات خود مخدوم نوح جي سوانح کان شروع ٿي،
مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ جن تائين اچي
ٿي. ٻين جن بزرگن جو احوال آھي، اھي آھن: مخدوم
امين محمد ثاني، مخدوم محمد زمان رابع، مخدوم امين
محمد ثالث، مخدوم محمد زمان سرڪار، مخدوم محمد
ظھير الدين، مخدوم غلام محمد گل سائين.
ان کان سواءِ انهن بزرگن جي اولاد جو به ذڪر ڪيو
ويو آھي. تنهن کان سواءِ درگاهه نوح سان واسطو
رکندڙ ٻين اھم ماڻھن جو بيان به ھن ڪتاب ۾ موجود
آھي. جيڪي شاعر ھئا، انهن جي ڪلام جو انتخاب به
شامل ڪيل آھي. ڪتاب ۾ حاشيا، واڌارا ۽ ضروري
وضاحتي نوٽ به ڏنل آھن. انهن واڌارن کان سواءِ
ڪنهن شخصيت جي دؤر ۾ ٿيل واقعن جو به سال وار ذڪر
ڪيو ويو آھي: پوءِ کڻي اھا شخصيت ڪيتري به پري ۽
غير متعلق ھجي. ڪتاب ۾ يادگار تصويرون ۽ انڊيڪس به
شامل آھن.
ھيءُ تذڪرو ھڪڙي ٻي به خصوصيت رکي ٿو. اھا ھيءَ ته
ههڙي سوانحي تذڪري جو اثر وٺي، جيڪڏھن سنڌ جي ٻين
خاندانن جا سجاڳ ۽ سڄاڻ فرد محنت ڪري، پنهنجي
خاندان جي وڏن جو تذڪرو ۽ سوانح لکن ته پڙھڻ وارن
۽ محققن جا گھڻا مسئلا حل ٿي ويندا. ھن سلسلي ۾
اھڙن خاندانن جا فرد سنڌي اديبن ۽ محققن جي مدد به
حاصل ڪري سگھن ٿا.
ڊاڪٽر بلوچ: ھڪ مثالي عالم(١) (٢٠٠١ع):
ھيءُ ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سوانح ۽ علمي
ڪاميابين جي باري ۾ آھي. ھن جو مرتب ڪرڻ وارو تاج
جويو آھي. ھن ڪتاب ۾ آندل سوانحي مضمون سنڌ ماڻڪ
موتي تنظيم، ڊاڪٽر صاحب سان ڪيل رھاڻ جي موقعي تي
ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا آھن. خاص مقالانگار آھن:
محمد حسين ڪاشف، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ضياءُ
الدين بلبل، ممتاز مرزا، نياز ھمايوني ۽ مراد علي
مرزا.
ھن مجموعي ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪتابن جي جائزن کان
سواءِ سندن زندگيءَ جا اھم انگ اکر
(Bio- data)
به ڏنل آھن: جن سان اسان جي ھن جڳ مشھور شخصيت جو
تعارف دنيا اڳيان اچي ٿو. ان ڪتاب جي تسلسل ۾ ٻيو
ڀاڱو ساڳي تنظيم ٢٠٠٢ع ۾ شايع ڪيو. ھن ۾ به ڪن
اديبن پاران ڊاڪٽر صاحب کي خراج تحسين پيش ڪيل
آھي. انهن ۾ رئيس علي نواز انڙ، بيگم خديجھ بلوچ
(جيون ساٿي)، شيخ اسماعيل، شيخ محمد فاضل ۽ ٻيا
شامل آھن. ھن مجموعي ۾ انگريزي ۽ اردوءَ ۾ به
مضمون شامل آھن. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي تصنيف
”شاهه عبداللطيف ۽ ١٢-١٣ صدي ھجريءَ جا ڪي ٻيا
شاعر“ به شامل آھي. ھي مقالو ڊاڪٽر بلوچ طرفان
شاهه عبداللطيف تي ڪيل تحقيق جو حصو آھي. ھن ۾ جن
ٻين شاعرن جو احوال آھي، اھي آھن: احسان، احمد،
اشرف، ايوب، بلال، بلند شاهه، ٻڍو کٽي، تماچي،
تمر، جوڻيجو، حاجي محمد سمون، حبيب حافظ پنيو،
حڪيم، خاڪو، ڏتو، راول، رنگريز، روحل، راضي شاهه،
زبير، عبداللطيف قادري، سائينداد، طالب، صالح،
صادق، صمد، طيب، عبدلله ۽ عجيج (عزيز) وغيره. ھن
ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو به ڇپيو آھي. سنڌ ماڻڪ موتي
تنظيم پوءِ ٻين عالمن ۽ اديبن بابت اھڙا ڪتاب شايع
ڪيا.
ميان غلام شاهه ڪلھوڙو- سنڌ جو شاھجھان (٢٠٠٢ع):
ميان غلام شاهه خان حاڪم سنڌ جي ھيءَ سوانح اسلم
عباسيءَ مرتب ڪئي آھي. ھن ۾ ميان صاحب جي حيات،
ڪارنامن ۽ سياسي ڪردار بابت مقالا آھن: ھن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر حبيب لله صديقي، محمد پنهل ڏھر، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي ۽ خضر نوشاھي توڙي ٻين ليکڪن جا
مقالا شامل آھن. ميان غلام شاهه خان جي سال وار
دؤر حڪومت جي ڏسڻي آزاد قاضيءَ ڏني آھي. ميان غلام
شاهه جي تخت نشينيءَ کان ڳالهه شروع ڪندي انعام
شيخ پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو :”ميان غلام شاهه تخت
نشين ٿيڻ سان ئي نه رڳو صدين کان آزار جا انواع
بڻيل عام سنڌي ماڻھن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ واسطي
رستن جا ڄار وڇائڻ، آبپاشيءَ جو سرشتو جوڙڻ، آسپاس
جي ملڪن
(Regions)
۽ پرڏيهه سان ڪاروباري واسطن کي وڌائڻ جھڙا ڪم جھاد
سمجھي شروع ڪيا. ميان غلام شاهه حالتن کي نظر ۾
رکندي، ڪيترن ئي دنياوي معاملن ۾ تدبير ۽ مصلحت
کان ڪم ورتو: پر زندگيءَ جي آخري پساھن تائين فالج
جي حملي ھيٺ ھوندي به ھـُن پنهنجن پونيرن کي سنڌ
جي اقتدار اعليٰ جي تذليل ۽ سندس جاگرافيائي
اِڪائيءَ جي خاتمي وارين سازشن آڏو رڪ َ جي ديوار
بنجڻ جو درس ڏنو. ميان صاحب کي خبر ھئي ته تاريخ ۾
قومن جي بقا، قوم ۾ موجود سگهه
(National Power) جي طفيل ممڪن بڻبي آھي ۽ اھا قومي سگهه قومي وحدت جي محتاج
ھوندي آھي.
سياسي رھنمائن جي سوانح اصل ۾ سندن سياسي ڪردار ۽
جدوجھد جي تاريخ تي ھوندي آھي.
مٺڙا مارو(٢٠٠٢ع):
ھيءُ ڪتاب ڊاڪٽر داد محمد ’خادم‘بروھيءَ لکيو آھي.
ھن ۾ ضلعي جيڪب آباد جي نامور شخصيتن جون مختصر
سوانح عمريون ڏنيون ويون آھن. شخصيتن کي الف – ب
وار رکيو ويو آھي. ڊاڪٽر داد محمد خادم ھونئن سنڌي
زبان جي باري ۾ معياري تحقيقي مقالا لکيا آھن.
ھيءُ ڪتاب ھن پنهنجي شھر ۽ ضلعي جو ڄڻ حق ادا ڪرڻ
لاءِ لکيو آھي. ڪتاب ۾ جيڪي شخصيتون شامل ڪيل آھن،
سي زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکن ٿيون.
انهن ۾ قومي سردار، زميندار، فنڪار، اديب ۽ عام
ماڻھو آھن. مثال طور مائي حـُرمت شيدڻ جي باري ۾
لکي ٿو: ”حـُرمت شيدڻ ١٩٢٢ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڄائي.
ھـُن چار درجا پڙھيا. ھـُوءَ ھڪ دائي ۽ سماجي
ڪارڪن ھئي. دائپو به ڪندي ھئي ۽ پنهنجو گذارو به
ڪندي ھئي. غريبن کان في ڪو نه وٺندي ھئي. ھـُوءَ
ھڪ دلير ۽ بهادر عورت ھئي. ھميشه مردانا اڇي رنگ
جا ڪپڙا پائيندي ھئي ۽ ڪوٽ به مردانا پائيندي ھئي.
سندس سماجي خدمتن جي عيوض جيڪب آباد واسين کيس
ڪيترا ڀيرا ميونسپل ڪائونسلر چونڊيو. سندس
نگرانيءَ ھيٺ شادين جون تقريبون منعقد ٿينديون
ھيون. ھڪ ڀيري نور واهه وارين شاخن تي ٻن چورن کيس
اڳ وٺي ڦـرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن دلير عورت ٻنهي کي
ماري ڪـُٽي ٻڌي اچي ٿاڻي تي پيش ڪيو. ٻئي ڀيري ھڪ
چور سندس گھر ۾ گھڙيو، تنهن کي پڻ پڪڙي ورتائين.
شيدين جي رواج مطابق ھـُوءَ ھر سال پنهنجي خاندان
سان ڪجهه عورتن ۽ مردن کي گڏ ڪرائي ڌمال ڪرائيندي
ھئي. ـ١٩٧٧ع ۾ وفات ڪيائين.“ ھن ڪتاب جي سوانح
عمرين ۾ مائي حـُرمت جي ھڪ انوکي شخصيت آھي.
عالمن جو آفتاب،علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي شخصيت ۽
علمي خدمتون(٢٠٠٢ع):
ھيءُ ڪتاب استاد العلماء مولانا قاسمي صاحب جي
سوانح ۽ علمي ڪم جي موٽ ۾ نذر عقيدت طور شايع ڪيو
ويو. ڪتاب سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران ڇپيو ۽ ايڊٽ
ڪندڙ آھي تاج جويو. مولانا صاحب بابت مقالا لکندڙن
۾ ھيٺيان ليکڪ نمايان آھن: ڊاڪٽر بلوچ، مظھرالحق
صديقي، ڊاڪٽر الانا، نياز ھمايوني، حبيب لله
صديقي، مولانا عبدالوھاب چاچڙ ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو. ڪتاب جي ابتدا ۾ قاسمي صاحب جي زندگيءَ جا
انگ اکر(Bio-data)
ڏنل آھن ۽ ڏانهس لکيل ڪجهه خط به شامل ڪيل آھن.
کين خراج عقيدت پيش ڪندي، بنده راقم ھيئن لکيو:
”جيڪي استاد، شاگرد جي زندگيءَ تي ھميشه لاءِ اثر
قائم رکندا آھن، سائين قاسمي صاحب انهن استادن مان
ھڪ آھي. سندن پيار ۽ ھمدرديءَ جو ته ڪاٿو ڪري نه
سگھبو. پاڻ محبت جا اٿاهه ساگر آھن. مون کي سندن
علم ۽ عرفان جو جائزو وٺڻ جي ته ڪا اھليت ۽ قابليت
نه آھي، فقط سندس ذات بابت چند ڳالھيون بيان ڪريان
ٿو. قاسمي صاحب بحيثيت شخص ۽ عالم جي ھڪ عظيم ھستي
آھي. سندس ٻنهي حيثيتن ۾ تـِر َ جيترو به تضاد نه
آھي. اسان جا عظيم شاعر اھڙن ئي سنياسين بابت جيڪي
چئي ويا آھن، انهن شعرن جو ته ڪو سنڌو سيڙھو
ڪونهي. مون فقط شاهه جي رسالي ڏي نهاريو ته ھر
سـُر َ ۾ مون کي منهنجو سائين قاسمي صاحب نظر آيو.
رسالي جي بيتن جو اطلاق ٻين ھستين تي به ڪري سگھجي
ٿو، پر رامڪليءَ جو ھي بيت سائينءَ تي به صادق اچي
ٿو:
اڃان ڪي آھين، سزاوار سنڱين جا،
ويٺا وڄائين، جي سنياسي سـُڻيين.
مارو جي مليرجا (٢٠٠٣ع)
ھيءُ ڪتاب زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ
٦٦٧ شخصيتن بابت آھي، مرتب ڪندڙ خادم حسين چانڊيو
آھي، مختلف شعبا ھي آھن: سياست، ادب، موسيقي،
ڪمپيئر ۽ فنڪار. سوانح عمريون الف- ب وار ترتيب
ڏنل آھن. شخصيتون فقط ويھين صدي عيسويءَ جون آھن.
انهن ۾ ھيٺيون شخصيتون به شامل آھن: استاد بخاري،
اظھر گيلاني، لله بچايو سمون، الھداد ٻوھيو، احمد
خان آصف، احمد خان مدھوش، الھڏنو نوناري، مخدوم
امير احمد، شيخ اياز، مائي بختاور، بينظير ڀٽو،
مائي ڀاڳي، تاج صحرائي، تنوير عباسي، پرسرام ضيا،
جان محمد جوڻيجو، جمال ابڙو، جھان خان کوسو، جي .
ايم سيد، جيوڻي ٻائي، حسام الدين راشدي، حماد لله
ھاليجوي، حميد سنڌي، حافظ حيات شاهه، حيدر بخش
جتوئي، دادا سنڌي، دين محمد اديب، دين محمد وفائي،
ذوالفقار علي ڀٽو، رشدلله شاهه، زمان شاهه ساقي،
سرويچ سجاولي، سينڌو خان، شير ميربحر، ڄام صادق
علي، طالب الموليٰ، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، علي
بابا، مرتضائي، فاضل راھو، ڄام ڪانڀو خان، گلزار
علي خان، منظور علي خان، نارو ڀڳت ۽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ.
سوانح عمرين جو ھيءُ ھڪ وڏو مجموعو آھي. ھن ۾ خاص
طور اديبن جي تخليقات جي باري ۾ تفصيل به شامل
آھن. ھن ڪتاب تي خادم حسين گھڻي محنت ڪئي آھي،
ڪتاب جي ٻئي وڌايل ڇاپي جون تياريون ڪري رھيو آھي.
آخر ۾ رھجي ويل شخصيتن جون شعبي وار فھرستون به
شامل ڪيل آھن.
انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي: محمد عثمان
ڏيپلائي (2003ع):
ڏيپلائي صاحب کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ھيءُ
ڪتاب سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم شايع ڪيو آھي. ھن ۾
مختلف اسڪالرن جا ڏيپلائي صاحب بابت مضمون شامل
آھن. ان کان سواءِ سندس حياتيءَ ۽ تخليقي ڪم جا
انگ اکر
(Bio-data)
چونڊ مضمون ۽ خط به شامل آھن. ھن ڪتاب جو سھڙيندڙ
تاج جويو آھي. جن اسڪالرن جا مضمون آھن، انهن ۾
خاص آھن: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو، ڊاڪٽر حبيب لله صديقي، حميد سنڌي، محمد
ابراھيم جويو، علي محمد راشدي، غلام رباني، ڪريم
بخش خالد ۽ مراد علي مرزا وغيره.
دنيا کي خبر آھي ته محمد عثمان ڏيپلائي ھڪ منفرد
اديب ۽ صحافي ھو. ھن جو انداز تحرير به مخصوص ھو.
ھو ڪڏھن به ڪنهن کان نه ڊنو ۽ ڪڏھن به مصلحت جو
شڪار نه ٿيو. سندس بيباڪ قلم مان ڪيترا، مضمون،
اداريا، ناٽڪ، ناول ۽ افسانا تخليق ٿيا. انهن مان
ڪي ھن ڪتاب ۾ به شامل آھن. مضمون ”سبب تنهن جھيڙي
جو“ ۾ لکي ٿو: ”بقول قليچ، سبب تنهن جھيڙي جو ھي
ھو ته سنڌ جي ادبي تاريخ ان واقعي کي يادگار جي
حيثيت سان جاءِ ڏيندي. يعني اھو واقعو جڏھن ڀٽ
شاهه تي شيخ اياز جي ڪيل شاهه جي رسالي جو منظوم
اردو ترجمو محترم صدر مملڪت کي پيش ڪيو ۽ پاڻ
نهايت محبت ۽ عزت سان، کيس ڳراٽڙي پائي ان تي مسرت
جو اظھار ڪيائون ۽ ان کي پڙھڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن
ان تي وڌيڪ پسنديدگيءَ جو اظھار ڪيائون. ھن واقعي
انهن شخصن کي حسد جي باهه ۾ جلائي ڇڏيو، جي يا ته
ساڳيو منصب پنهنجي ڪلام کي به ڏيڻ چاھيندا ھئا، يا
اھي شيخ صاحب کي به خوشامد ۽ سلامين ڪرائڻ جا
خواھشمند ھئا ۽ ڀائيندا ھئا ته رسالي جي منظوم
اردو ترجمي جو ڏهه ھزار روپيا عيوضو ان ڪيل محنت
جي اجرت نه آھي، پر بخشش يا انعام آھي جو اسين ئي
ڏياري سگھون ٿا!“
مـُوحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح (2003ع):
ھن ڪتاب جو سھڙيندڙ تاج جويو آھي. ڪتاب ۾ لاڙ جي
وڏي شاعر مولوي احمد ملاح جي سوانح عمري ۽ ڪلام
بابت مختلف ليکڪن جا مقالا آھن. مقالانگارن ۾ ،
مولانا قاسمي، ڊاڪٽر بلوچ، مولانا گرامي، ڏيپلائي،
طالب الموليٰ، نياز ھمايوني، عبدالواحد آريسر ۽
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو شامل آھن. مھاڳ کان پوءِ
ڪتاب ۾ مولوي صاحب جي زندگيءَ جا انگ اکر
(Bio-data)
ڏنل آھن. مولوي احمد ملاح ھڪ اعليٰ شاعر ۽ عالم
ھو. ھن جو خاص ڪارنامو قرآن شريف جو منظوم سنڌي
ترجمو ھو. ھن جو ڪاتب سندس پيارو شاگرد مولوي
عبدلله جوڻيجو ھو. نورالقرآن جا پوءِ ٻيا ايڊيشن
نڪتا.
مولوي احمد ملاح سان ملاقات جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ
لکي ٿو: ”مولوي احمد سان راقم جي رغبت جي تاريخ سٺ
سال کن اڳ تائين پھچي ٿي. ٣٨-١٩٣٩ع وارن سالن ۾
جڏھن بهاءُ الدين ڪاليج جھوناڳڙهه ۾ پڙھندا
ھئاسون، تڏھن مولانا احمد ملاح جي ظريفانه نظمن جي
ھاڪ ھئي. بدين طرف جي پياري دوست احمد خان ڀرڳڙيءَ
کان مولوي صاحب جا دلپذير شعر ٻڌاسون ۽ ساڻس ملڻ ۽
کيس ڏسڻ جو شوق پيدا ٿيو. ١٩٤٤ع ۾ مسلم يونيورسٽي
علي ڳڙهه ۾ پڙھڻ وقت وئڪيشن ۾ آءٌ مولوي صاحب جي
سڪ ۾ بدين آيس، پر ان وقت پاڻ اتي ڪو نه ھو. ان
کان پوءِ پنهنجي استاد سائين مخدوم امير احمد صاحب
سان گڏجي بدين ويس. بهرحال پھرين ملاقات ١٩٥٠ع ۾
ٿي. ان وقت موٽ جوانيءَ ۾ به سندس چھري تي خنده
پيشانيءَ ۽ خوش طبعيءَ واري رونق ھئي. پنهنجي ڪلام
سان منهنجو شوق ۽ شغف ڏسي، مون تي مھربان ٿيا. آءٌ
سيپٽمبر ١٩٥١ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيس،
جنهن کانپوءِ پاڻ مھربان ٿي مون وٽ ايندا رھيا.“
جي . ايم . سيد جي سوانح حيات:
سيد صاحب جي سوانح حيات ڪيترن ئي ڪتابن، رسالن ۽
اخبارن ۾ آيل مضمونن ۾ موجود آھي. انهن ۾ تازو
مجموعو ورچي نه ويٺي (٢٠٠٣ع)، آزاد قاضيءَ ترتيب
ڏنو آھي، جنهن ۾ سائين جي. ايم . سيد جي سؤ سالا
جنم ڏينهن تي حيدرآباد ۾ پيش ڪيل مقالا گڏ ڪيل
آھن. ھن موقعي تي پيش ڪيل ھي مقالا ۽ تقريرون،
ڊاڪٽر بلوچ، مظھرالحق صديقي، ڊاڪٽر انور فگار،
ارباب نيڪ محمد، ڊاڪٽر شوق، ڊاڪٽر الانا، محمد
ابراھيم جويو ۽ غلام محمد لاکي توڙي ٻين اديبن جون
آھن. ھي مقالا سيد صاحب جي زندگي، سياسي ڪردار،
جدوجھد ۽ علمي ادبي ڪاوشن جي باري ۾ آھن. ھونئن به
سيد صاحب جي زندگي ۽ سياسي سوچ کان سنڌ جا ماڻھو
واقف آھن. سيد صاحب جي سوانح حيات جي باري ۾ ڪي
ٻيا ڪتاب آھن:
١- جي . ايم . سيد : قمر ڀٽي
٢- جي . ايم . سيد: عبدالواحد آريسر
٣- سيد اعظم: محمد امين کوسو
٤- جي . ايم . سيد: ڊاڪٽر درشھوار جي نظر ۾.
بلاشڪ سيد صاحب جون سنڌ ۽ سنڌي زبان لاءِ خدمتون
آشڪار آھن. سنڌي لغت لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڊاڪٽر
بلوچ ھيئن ڪري ٿو: ”لغت جي ڪم لاءِ ھارين نارين ۽
سگھڙن سان ڪچھريون ٿينديون رھيون، ڄڻ ميلو
مچي ويو. مون
کي محسوس ٿيو ته ھن منڊل مچڻ جي ڪري روزانو شام جو
مون سان ويھي لغت جي ڪم تي ويچارڻ ۽ ٻي ڪچھري ڪرڻ
سان سائينءَ جي دل به وندري ويئي ۽ پاڻ به ڪراچيءَ
وڃڻ بدران اطمينان سان سن ۾ ويھي رھيو.“
سٻاجھو ساڃھوند محمد ابراھيم جويو(2003ع):
جناب محمد ابراھيم جويو ھڪ سـُڄاڻ ليکڪ دانشور
انسان دوست ۽ سنڌ پرست انسان آھي. ھيءُ ڪتاب سنڌ
ماڻڪ موتي تنظيم جويي صاحب جي مڃتا طور شايع ڪيو
آھي. تاج جويو ڪتاب جو مرتب آھي. جويي صاحب جون
روسو جي ڪتاب جي ترجمي”ايملي“کان وٺي خدمتون آشڪار
آھن. پاڻ بحيثيت مترجم گھڻو ڪم ڪيو اٿن. ان سان
گڏ زباندان به آھن، کين انگريزي زبان تي به عبور
حاصل آھي. ھن ڪتاب ۾ سندن سوانحي انگ اکر
(Bio-data)
۽ زندگيءَ جي مختلف دورن بابت معلومات شامل آھي.
ان کان سواءِ ٻه انٽرويو به شامل آھن. جويو صاحب
زبان بابت پنهنجن تحريرن ۾ وڌيڪ نمايان نظر اچي
ٿو. ھن ڪتاب ۾ سندن لکيل بيشمار تحريرن مان ٽي
مضمون چونڊي ڏنا ويا آھن. اھي سنڌي زبان ۽ ادب
بابت آھن. مادري زبان جي بنيادي اھميت آھي. ھونئن
به ۽ وري اڄ ڪلهه جي پرائمري کان سنڌي سان گڏ
انگريزي پڙھائڻ واري حڪم ۽ موقف جو دليلن سان رد
ڏنو اٿن. جيڪو ھن ڪتاب ۾ موجود ٻن مضمونن: ”اسان
جي مادري زبان ۽ ان جي تعليم جي اھميت“ ۽ ”تعليم
جو مؤثر ذريعو مادري زبان آھي“ ۾ پڌرو آھي. |