سراج ھڪ ڪھاڻيڪار ، محقق ۽ لساني ماھر به آھي. وطن
جي تاريخ جي گھري اڀياس ھن ۾ اھو احساس پيدا ڪيو
ته سنڌ تي صدين کان ڌارين پئي ظلم ڪيو آھي. ان ظلم
۽ استبداد جي ڪا حد نه آھي. ارغون، ترخان ۽ پوءِ
مغل دؤر ان ظلم جا بدترين مثال پيش ڪيا. ھنن ڌارين
جيڪو ظلم ڪيو، تنهن ۾ اسلام جو لبادو اوڍيائون.
سنڌين تي ظلم ڪرڻ ۽ سنڌ جي پيداواري ذريعن تي
ناجائز قبضي کي پنهنجو حق ڄاتو ھئائون. سراج ھڪ
سجاڳ دل واري وطن پرست جو حق ادا ڪيو ۽ پھريون
تاريخي ناول پڙاڏو سوئي سڏ (١٩٧٠ع) لکيائين. ھي
ناول وطن جي بچاءُ لاءِ ڌارين سان ويڙهه تي آڌار
رکي ٿو. سوڍل جي بي جگريءَ جو مثال آھي. آخري باب
۾ سراج ھن ويڙھاند جو مثال ھيئن ڏي ٿو: ”سنڌ جي
ڌرتيءَ، سنڌ جي آسمان، سنڌ جي وڻن ٽڻن، سنڌ جي
مٽيءَ جي ذرڙن، ۽ سنڌ جي ماڻھن اھڙي جنگ نه اڳ
ڪڏھن ڏٺي، نه پوءِ ڪڏھن ڏسندا، سوڍو جڏھن پنهنجي
لشڪر سان ميدان ۾ لٿو، تڏھن سج به ڪھڪاءَ کان ھڪ
ڪڪر ھيٺان لڪي ويو.“
زبان ۽ بيان ۾ جذبات جو ھڪ طوفان آھي، جو ناول
نگار جي ھن ڪاوش کي ھوا ۾ اڏائيندو وڃي توڙ رسي
ٿو. اِن کان سواءِ سراج جو ناول”مرڻ مون سين آ“ پڻ
سندس بيان جو اھڙو نمونو آھي جو جذبات جو ترجمان
آھي. ھن ۾ ڪا ڦلھڙي ڪھاڻي ناھي ڪو ڦلھڙو بيان نه
آھي. سراج کي ھڪ پنهنجو اسلوب ۽ انداز بيان آھي.
ان ڳالهه جو بهترين مثال سندس ”پياسي ڌرتي رمندا
بادل“ سلسلي جا ناول آھن، جيڪي نياز ھمايونيءَ جي
گيت جي مختلف مصراعن تي آڌار رکي لکيل آھن. پھريون
ناول آھي، منهنجي دنيا ھيڪل وياڪل (١٩٨٨ع). ھيءَ
به حق ۽ باطل جي ويڙهه جو بيان آھي. ھيڻن ۽ ڏاڍن
جو معرڪو آھي. شاهه عنايت شھيد ۽ سامھون مفاد پرست
ٽولن جو جانگاڙ ھو. انهن ۾ حمل جت به ھو، جنهن جو
قبو اڄ رولو گڏھن جي ٺاڻ جي شڪل ۾ موجود آھي. ھي
ناول نورل ۽ مھروءَ جي پيار جي ڪامياب پڄاڻي آھي.
ھن تسلسل جو ناول تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول
(١٩٨٩ع) ۾ به سنڌ جي آجپي جي تمنا جي پسمنظر ۾
مھرو ۽ نورل (نور پخاليءَ) جي زندگيءَ جي ھڪ ٻئي
دؤر جو پرتوو آھي. نه رڳو ايترو پر اختيار ۽ بي
اختياريءَ جو بيان آھي، جنهن ھن داستان حيات کي
نهايت اثرائتو بنايو آھي. ھن سلسلي جو ٽيون ناول
منهنجي دنيا مرگهه ترشنا (١٩٩٠ع) ڇپيو، جنهن سان
ھي ٽن ناولن جو سلسلو مڪمل ٿئي ٿو. ھن سلسلي جو
مجموعي نالو ”پياسي ڌرتي رمندا بادل“ رکيو ويو ۽
ٽن ناولن
Triology
جي صورت ۾ مڪمل ٿيو. سراج معيار ۽ مقصد جي لحاظ
کان ھڪ ناول نگار جي حيثيت سان گھڻو ڪامياب ٿيو
آھي.
سراج وانگر آغا سليم به سنڌ کي پنهنجي تخليق ۾
اجاگر ڪيو آھي. ان سان گڏ زندگيءَ جي ڪارزار ۾
جذباتي دنيا جا رنگ به پسايا آھن. آغا سليم جو
ناول/
ناولٽ روشنيءَ جي تلاش (١٩٦٤ع) سندس افسانه
نگاريءَ جي جوڀن وارن ڏينهن يا ائين چئجي ته سندس
جوڀن وارن ڏينهن ۾ شايع ٿيو. ھي ناولٽ واقعن سان
گڏ حادثن جي بيان ۾ به آھي ۽ سماج جي ڪن پھلوئن کي
ظاھر ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ٻيو ناول/ ناولٽ اڻ پورو انسان (١٩٩٧ع) انساني جذبن ۽ خواھشن جو
امتزاج آھي. روح ۽ جسم جي رشتي جي فرق تي سوچڻ
لاءِ آڀاري ٿو. ان سان گڏ ھڪ ليکڪ جو ڪردار خواھشن
جي تارازيءَ ۾ توريو
ويو آھي. ھي
ٻئي ناولٽ پوءِ گڏ ھڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپيا. آغا جو
ٽيون ناول اونداھي ڌرتي روشن ھٿ (١٩٧٨ع) آھي. ھي
ناول ساڻيهه سنڌ جي ساک ۽ سنڌين جي جذبن جي بيان ۾
آھي. سارنگ جيڪو ھن ديس جو اڙٻنگ پر ھوشمند جوان
ھو، سو زندگيءَ جا دور گذاري ٿو ۽ وطن جا ويري
جيڪي
ڪلمي گو ھوندي به مسلم سنڌ، سنڌي زبان ۽ سنڌين جا
ويري ٿي بيٺا، تن سنڌ کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. ناول
۾ سنڌ جي تاريخ جي ماضي قريب جي تاريخ بيان ڪيل
آھي. ائين ڄاڻڻ کپي ته ١٩٧٠ع ۾ سنڌي زبان جي جائز
حق وارو بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ آيو ته ان جي خلاف رد
عمل جو ھي داستان آھي.
آغا صاحب جو چوٿون ناول ھمه
اوست (١٩٨٥ع) آھي. اونداھي ڌرتي روشن ھٿ کان وٺي،
آغا سليم راڳ سنگيت، تصوف ۽ سنڌ سڀيتا ڏي راغب نظر
آيو. ”ھمھ اوست“ ۾ مڪمل طور ساڻيهه جي ساک جي رنگ
۾ رتل محسوس ٿئي ٿو. ناول جي ڪھاڻي مغل درٻار جي
گورنر نواب لطف عليءَ جي دؤر کان شروع ٿئي ٿي ۽
شاهه عنايت جي شھادت تي ختم ٿئي ٿي. ناول جا خاص
ڪردار سارنگ، علي، پدمڻي، عنايتي، ماڻڪ ۽ ٻيا آھن.
سارنگ جي زندگيءَ جا دؤر ھڪ طويل جدوجھد ۾ گذرن
ٿا، جا شاهه عنايت جي صوفيانه رنگ جو حصو بنجي وڃي
ٿي. آغا سليم ھن ناول جي مجاھدانه جدوجھد کي مذھبن
جي پسمنظر ۽ يڪجھتيءَ جي رنگ ۾ بيان ڪيو آھي. ناول
۾ موقعي آھر بيت به ڏنا ويا آھن ۽ شاهه جي ڪلام کي
به ناول سان ھم آھنگ ڪيو ويو آھي.
سراج ۽ آغا سليم جي قومي جدوجھد وارن ناولن کان
سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ناول لکيا ويا، پر پوءِ به گھٽ
آھن. ڀارت جي سنڌي ليکڪن جي مقابلي ۾ سنڌي ناول
سنڌ ۾ ھڪ سيڪڙو مس لکيو ويو آھي. انهن چند ناولن
جو تعارف ھي آھي:
راز بلڙائي (١٩٢٣- ١٩٧٣ع) جا ٻه ناول گناهه ۽ شرابي (١٩٥٢ع)
ڇپيا. ھنن ۾ وقت جي سماجي حالتن موجب ڪردار ۽ انهن
جي زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڳالھيون ناول جي صورت
وٺي بيٺيون آھن. عبدالرحمان انجم ھالائيءَ جو ناول
ڪاروان زندگي (١٩٥٢ع) اخلاق ۽ بي راه رويءَ جي ڀيٽ
۾ لکيل آھي. محمود ھڪ چڱي خاندان جو نوجوان آھي،
پر پنهنجي خراب عادتن ڪري تباهه ٿئي ٿو ۽ حميد ھڪ
غريب ۽ نيڪ نوجوان آھي ته بهتر زندگي گذاري ٿو.
انهيءَ ڀيٽ ۾ ھي ھڪ ناصحانه ناول آھي. انهيءَ طرز
تي انجم ھالائي ھڪ ٻيو ڪتاب حقيقت زندگي لکيو جيڪو
ڪجهه ناول، ڪجهه ناٽڪ باقي نصيحت بنجي رھجي ويو.
لاش (١٩٥٢ع)، خواجھ غلام علي الانا ناشاد (ھاڻي ڊاڪٽر الانا) جو
ناول آھي. ھي غربت جي زندگيءَ جو ھڪ داستان آھي.
ھن ۾ ناول نگار جذباتي انداز ۾ عباس، مريم، زينت ۽
ٻين ڪردارن وسيلي ڏک ۽ جدوجھد جي ڪھاڻي پيش ڪئي
آھي.
آواره (١٩٥٥ع) ناول محمد شفيع انور (ھالائيءَ) جو لکيل آھي. ھي
ٻن دوستن منصور ۽ يونس جي زندگين ۽ سوچن تي مشتمل
آھي. يونس کائو پيئو خوش رھو جو قائل آھي. منصور
زندگيءَ جي آدرشي رنگ کي اھميت ڏي ٿو. شاھده ھن
لاءِ ملڪيت ڇڏي ٿي وڃي ۽ عذرا سان باقي زندگي آرام
سان گذاري ٿو.
قاضي فيض محمد (١٩٠٨- ١٩٨٢ع):
ھڪ سڄاڻ قوم پرست، رھبر، موسيقار ۽ ليکڪ ھو. سندس
ٻه ناول جنسار (١٩٥٦ع) ۽ ٻاويهه سؤ ٻاويهه (١٩٧٩ع)
آھن.”جنسار“ قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ ڪاغذ جي ٽڪرن ۽
سگريٽ جي خالي پئڪيٽن تي لکيائين جو سنڌ جي ماڻھن
جي زندگيءَ جو عڪس آھي. ٻيو ناول”ٻاويهه سؤ
ٻاويهه“ ايندڙ وقت جي دنيا ۾ رھندڙ ماڻھن جي
زندگيءَ ۽ پيار جو داستان آھي. ناول جي پھرين پئرا
۾ ناول جي ابتدا ھيئن ڪري ٿو: ”اڄ ٻي تاريخ، ٻئي
مھيني سال ٢٢٢٢ع جي آھي. اڄ پراڻي زماني کي گذرئي
اٽڪل پوڻا ٽي سؤ سال ٿيا. ھي نئون زمانو آھي. اڄ
ھت نئين دنيا آھي ۽ نوان شھر آھن. اڳين ڌرتيءَ کي
ڌرتا ولايت سڏين ٿا. اڳئين چنڊ کي چندرتا ولايت
سڏين ٿا. ائين مارستا، وينستا، جپترتا ۽ ٻيا ڪيترا
اڳين سيارن ۽ تارن تي ڳوٺ ۽ شھر لڀي ۽ ٺھي پيا
آھن.“
خيالي دنيا ۽ پريم ڪھاڻين تي آڌاريل ھي ناول توجهه
لھڻي ٿو. ان کان سواءِ ناول تباھي/
حسين نانگڻ، حافظ شاهه حسيني (ناطق) جو لکيل آھي.
ناول تي ڇپجڻ جو سال لکيل نه آھي. اندازا ٥٦-
١٩٥٧ع جو آھي. ھي ھڪ طوائف سان پيار جو دردناڪ
داستان آھي.
ناول درياءَ جي ڪپ تي (١٩٦٠ع)، منهنجي وڇڙي ويل
دوست گل نصرپوري (وفات ١٩٦٥ع) جو لکيل آھي. پيار ۽
جدوجھد جي ڪھاڻي آھي، جا شايد گل اکين سان ڏٺي
ھئي. مھراڻي مينڌرا (١٩٦٠ع)، ظھور انصاريءَ جي
ڪاوش آھي ۽ سنڌ جي حقن جي روشنيءَ ۾ لکيل آھي.
ليکڪ ھي ناول جذباتي انداز ۾ لکيو آھي، سوري آ
سينگار، منهنجو ناول آھي جو ١٩٥٦ع ڌاري لکيو ھوم،
پر ١٩٦٣ع ۾ ڇپيو. ھن ۾ پنهنجي ويھن سالن جي عمر
جون خواھشون ڪاغذ جا ڪبوتر ٺاھي اڏايون ھئم. ڄڻ ڪا
دوشيزه منهنجو ڪنهن شھر ۾ انتظار ڪندي ھوندي!
ماڻڪ (١٩٤٣- ١٩٨٢ع):
نواب شاهه ۾ آپگھات ڪري، پنهنجي بيقرار جند کان
آزاد ٿيو. ڪھاڻين کان سواءِ ھن ناول لڙھندڙ نسل
(١٩٧٢ع) لکيو، جيڪو ھن پنهنجي وقت ۾ سنڌ تي ڏاڍ
ڏٺو، ان جي پسمنظر ۾ لکيائين. کاھوڙي کجن (١٩٧٣ع)
ڄام ساقيءَ جي قومي جدوجھد کي ظاھر ڪري ٿو. جانب
علي اھم ڪردار آھي. جيڪا به تبديلي ٿئي ٿي، سا سنڌ
لاءِ ساڳيا سور کڻي اچي ٿي.
پيار ۽ سپنا (١٩٧٧ع)، قاضي خادم جو ناول آھي، ھيءَ
ھڪ پيار ۽ سماج جي بيان ۾ سپنن کي ساڀيان ڪرڻ جي
ڪھاڻي آھي. ليکڪ ان ۾ جذبن ڀرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي
آھي. قاضي خادم جو ٻيو ناول درد جي خوشبو (١٩٨١ع)
آھي. ليکڪ وڏن واقعن بدران ھن ناول ۾ ننڍن ننڍن
مسئلن جي پسمنظر ۾ ھي ناول لکيو آھي. رعنا ۽ ٻين
ڪردارن جي حوالي سان ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اڻيو
ويو آھي. رشتن ۽ سوچن جي دائري ۾ ھي ناول ڦري ٿو.
رھجي ويل منظر (١٩٨٤ع)، طارق عالم جو ناول آھي. ھن
جا ڪردار (سنڌ) يونيورسٽيءَ جي حدن، ڪلاسن ۽
ڪاريدارن ۾ گھمندا ۽ رومانس جي روح رچندي ڪندا نظر
اچن ٿا. ھيءُ ھڪ روماني وايومنڊل ۽ جوان جذبن جي
ڪھاڻي آھي. فرسوده زبان ۽ بيان کان آجو ھي ھڪ
ڪامياب ناول آھي.
ڊاڪٽر نجم عباسي، ھڪ مشھور ڪھاڻيڪار ۽ گھڻن مجموعن جو خالق آھي.
سندس ٻه ناول بلنديون (١٩٨٤ع) ۽ پيار ڪھاڻي
(١٩٨٤ع)، ھڪ ئي سال ۾ ڇپيا آھن. بلنديون ڪردن جي
جدوجھد جو داستان آھي، پر ھر مظلوم قوم جو داستان
به آھي. ھي ناول اسان جي سياسي سوچ کي دڳ لائيندڙ
آھي. ٻيو ناول پيار ڪھاڻي، نالي تي پورو آھي. خطن
جي روشنيءَ ۾ ناول جي ڪھاڻي ھلندي پڄاڻيءَ کي رسي
ٿي. نجم عباسي پنهنجن جذبن جو ناول جي صورت ۾ سھڻو
اظھار ڪيو آھي.
علي بابا جو ناول موھن جو دڙو (١٩٨٠ع) بقول سندس ھن ١٢ سالن جي
عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو. قديم دنيا، موھن جو دڙو،
ناچڻي، پروھت، ڍڳو ۽ سنڌ جا ٻيا اھڃاڻ ھن ناول کي
قائم ڪن ٿا. سونمياڻي ۽ ان جا رھاڪو، قديم ريتون ۽ رواج، مھا پرلئھ اھو سڀ ڪجهه ھڪ وڏي داستان جو حصو ٿئي ٿو. علي
بابا جي لکڻ موجب ھي پھريون حصو آھي. ھي ناول
تفصيلي بيان ۽ واقعن سان ڀرپور آھي. ھڪ وڏي ڳالهه
جي پھرئين باب وانگر آھي. گھڻين، گھرين ۽ ڪڏھن
منجھائي وجھندڙ علي بابا جي سوچن کي لفظن ۽ جملن،
توڙي ڪھاڻين ۽ ناولن ۾ پناهه ملي ٿي وڃي. ھي ناول
به ھن جي اندر لاءِ ھڪ آٿت آھي.
نيروليءَ جو ڪن (١٩٨٧ع)، ملڪ آگاڻيءَ جو ناول آھي. ھيءَ ھڪ گھر
جي ڪھاڻي آھي ۽ ان سان گڏ سڄي سنڌ جي ڪھاڻي آھي.
ليکڪ ٻڌيءَ جي ڳالهه ڪري ٿو. ھن وٽ اتحاد جو مطلب
سنڌ جي ستابائيءَ جو نئون دؤر آھي. ھي ناول ٻين
لفظن ۾ سجاڳيءَ جو سڏ آھي. خبر ناھي ڪيترا ماڻھو
ناول پڙھي ڳالهه کي سمجھن ٿا.
چاھتن جي ٽواٽي تي (١٩٩٩ع)، بيدل مسرور جا ٻه
ناولٽ ھڪ ئي جلد ۾ آھن. ٻيو ناول آھي، آءِ لو يو
(آءٌ توکي پيار ڪريان ٿو). پھرئين ناولٽ جو سورمو
ٻيجل آھي. ھو زندگيءَ جي نازڪ تجربن مان لنگھي ٿو.
ھي مڪالمو جذبات جي انتهائي اڀار واري ڪيفيت کي
ظاھر ڪري ٿو: ”زوارا تنهنجي لفظن تي رڻ ماتام ڪيو
آھي.“ ٻيو ناول به رشتن ناتن ۽ چاھتن تي آڌاريل
آھي. بيدل ھڪ سريلو ماڻھو آھي. ان ڪري ھن جي لکيل
مڪالمن ۾ لفظن ۽ خيالن جو سريلو پڻ به آھي.
سنڌيءَ ۾ ڪي ٻيا به طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ناول آھن.
انهن جي فھرست مان پڙھندڙ جو بنيادي طور فائدو نه
ٿيندو، پر معلومات ۽ رڪارڊ لاءِ اِھو به ضروري
آھي. چونڊ فھرست بنا تبصري ھيءَ آھي:
طبعزاد
-
راتيون جاڳن جي: ناصر مورائي
-
ابيلا: لطف لله بدوي
-
پيار ۽ پڇتاءُ: گل محمد چنه
-
پر ڪٽيل پکي: عنايت حسين رند
-
فراق: عنايت حسين رند
-
ڪندن: الھڏنو ڪاڪا
-
پرديسيءَ جو پيار: الهه بخش ٽالپر
-
اداسيءَ جون آھون: لله بخش ٽالپر
-
خزان جا موتي: صغران گل ڀٽي
-
نئون سفر: غلام علي کوکر
-
سکڻيون سوچون خالي ھٿ: پرويز ميمڻ
-
رويو وھامي راتڙي: نديم قاضي
-
آڌي رات: محمد سومار شيخ
-
نوران: قاضي عبدالڪريم
-
عبراني: محمد سومار شيخ
-
سورج شاخون ڪڍيون: محمد علي ڀٽي
-
اديون ڏيوم صلاح: شوق سنڌي
-
پريت جا پوڄاري: شاھده زيب
-
آڪاش کان اڳتي: محمد انور بلوچ
-
خواب خوشبو ۽ ڇوڪري: مھتاب محبوب
ڪيترا ٻيا ناول فھرست ۾ شامل ڪيل نه آھن. جن جو
معيار ڪو خاص ڪونهي. انهن ۾ جاسوسي ۽ جنسياتي ناول
به آھن. اڪثر جنسياتي ناول تمام ڪريل ذھنيت جي ڄاڻ
ڏين ٿا، انهن ۾ فرضي نالي سان ناولٽ به اچي وڃن
ٿا.
ترجمو ٿيل:
ريشمي ڄار |
ارل اسٽينلي گارڊنر، نظير شيخ |
نيٺ ڇا ڪجي |
ليئو ٽالسٽاءِ، نورالدين سرڪي |
ھڪ اداس ڇوڪري |
امرتا پريتم، عرفان مھدي |
شرابي نگاھون |
امرتا پريتم |
سيتاھرن |
قرة العين حيدر، ولي رام ولڀ |
پوئين پھر جا پانڌيئڙا |
قرة العين حيدر، ولي رام ولڀ |
سمتي |
شرت چند چئٽرجي |
ڌاريون |
البير ڪاميو، ولي رام ولڀ |
سڌارٿ |
ھرمن ھيس، فضل احمد بچاڻي |
ويرن جي وسندي |
آنهه ڊڪ، رشيد ڀٽي |
ڪئنڊيڊ |
والٽيئر، الهه رکيو، سومار علي سومرو ۽ شمشير |
ھاريءَ جي سجاڳي |
ڪرشن چندر، عبدالغفور انصاري |
دادر پل جا ٻار |
ڪرشن چندر |
غدار |
ڪرشن چندر، ولي رام ولڀ |
اڌورو سفر |
ڪرشن چندر |
ان داتا |
ڪرشن چندر، عمر |
مان زنده رھندس |
ڪرشن چندر، نظام عباسي ۽ سندر چانڊيو |
اٽو، لٽو ۽ اجھو |
ڪرشن چندر، عمر ميمڻ |
اڪيلي |
چارلس شا،ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |
پيار |
جان پال سارتر، قاضي خادم |
سونهن جي ديوي |
پيري لوئي، قاضي خادم |
زوال |
البير ڪامئو، قاضي خادم |
جواري |
دوستو وسڪي، قاضي خادم |
حر گوريلا جنگ |
ايڇ. ٽي. لئمبرڪ، عطامحمد ڀنڀرو |
دل جو بندر |
آئيورل آئيويس، نصير اعجاز |
پيغامبر |
خليل جبران، ستار |
سونهري پشپا |
پرل ايس بڪ |
ڌرتي ماءُ |
چنگيز اعتماتوف، زيب سنڌي |
ڪوماڻو ڪنول |
خليل جبران، عبدالقيوم صائب |
ڀڳل کنڀڙاٽيون |
خليل جبران، محمد نواز محزون |
ڪنوار جو آئينو |
نذير احمد، عبدالڪريم تراب |
نيگرو، عشق ۽ بغاوت |
ڪرسٽافر نڪول، نصير اعجاز |
زلزلو |
ڊي ڪين، نجم عباسي |
چار داڻا |
خواجھ احمد عباس، ابن حيات پنهور |
عاشي |
ھينري رائڊر ھيگرڊ، فضل احمد بچاڻي |
روح جي ڳولا |
گل محمد شاهه ۽ فضل احمد بچاڻي |
آسيھ |
ھينري رائڊر ھيگرڊ، فضل احمد بچاڻي |
ميري چادر |
راجندر سنگهه بيدي، لڇمڻ ڪومل |
ڀلاري ڀونءِ |
پرل ايس بَڪ، رشيد ڀٽي ۽ لکانو خاصخيلي |
تصوير جو خون |
آسڪر وائلڊ، فضل بچاڻي |
عورت ۽ پيار |
پيري لوئي، غلام نبي مغل |
جميلا |
چنگيز اعتماتوف، نورگھلو |
پيار |
ليئو ٽالسٽاءِ (١٦) |
ادبي تاريخ جي پريس کان روانگيءَ وقت ھڪ ناول گوبند خوشحالاڻيءَ
جو پھتو آھي، جيڪو ڪشمير جي حوالي سان لکيل آھي.
گلستان غليظ ٿي رھيو آھي. خوشحالاڻيءَ جا ٻه ٻيا
به ناول آھن: ”پاڻ ھرتڙيون مايون“ ۽ ”پيار ۾ پاڻ
ڪھڙو“.
حوالا:
١- ملڪاڻي، منگھارام، سنڌي نثر جي تاريخ، زيب ادبي مرڪز
حيدرآباد، ١٩٧٧ع، ص ٦٤.
٢- راسيلاس، سنڌي ادبي بورڊ، ص ٢٤٣.
٣- سنڌي نثر جي تاريخ، ص ٦٧.
٤- فھرست لاءِ ڏسو خانبهادر ميمڻ جي سنڌي ادب جي تاريخ (جلد-٢)
١٩٥١ع ص ص ٤٣٤ کان ٤٣٨ ۽ پڻ ڏسو قرب قليچ.
٥- مرزا قليچ بيگ، زينت، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٨ع، ص
١-٢ (عرض).
٦- ڏسو غلام حسين پٺاڻ ۽ نور افروز خواجھ جون
ٿيسز.
٧- ڏسو سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري، سنڌالاجي، ١٩٧٤ع.
٨- فھرست بموجب مٿي ذڪر ڪيل ڊائريڪٽري، ص ص ٧٢ کان
٧٦.
٩- سنڌي نثر جي تاريخ، ص ١٠٩.
١٠- مامتورا، آسانند، شاعر، سنڌالاجي، ١٩٨٢ع، ص ٩.
١١- حليمان، مھاڳ، ص ٩.
١٢- ڪلپنا، سرڳ جي ڳولھا، سنڌ پبلشرس ڪراچي،
١٩٨٩ع، پبلشر پاران.
١٣- ھيراننداڻي، پوپٽي، سنڌي ادب جي تاريخ (انگريزي)، ١٩٤٧ع کان
١٩٧٨ع. فقط ڀارت جي تاريخ، انوراڌا پبليڪيشن
بمبئي، ١٩٨٤ع، ص ١٤١.
١٤- ڪملا گوڪلاڻي جو خط، جيڪڏو ھن لعل کي ڪتاب جي موٽ ۾ لکيو.
ڏسو لعل پشپ: اتم جيوني، ناول ۽ تاريخ، بمبئي
(ممبئي) ٢٠٠١ع، ص ١٦٧.
١٥- حوالي نمبر ١٤ ۾ آيل ڪتاب سميت ڏسو، لعل پشپ جي زندگيءَ ۽
فن بابت: لعل پشپ ھڪ اڀياس (ايڊيٽر نام ديو
تاراچنداڻي ٢٠٠١ع ۽ گڏيل تنقيد (لعل پشپ ٢٠٠١ع).
١٦- ناول سڀ پنهنجي لئبرريءَ ۾ ۽ ٻين
لئبررين ۾ ڏسي پڙھي بحث ھيٺ آندا ويا آھن. ڪٿي ڪٿي
پروفيسر ملڪاڻيءَ جي سند سان ڪا ڳالهه ڪيل آھي.
باب ٽيون
ناٽڪ/
Drama:
سنڌي ناٽڪ يا ڊراما سنڌي نثري ادب جي ابتدائي دور
يعني اڻويھين صديءَ جي آخري ڏھاڪن ۾ لکيو ويو.
ناٽڪ/ ڊراما بابت ھڪڙو تضاد اھو پيدا ٿيو ته ھي افسانوي ادب
(fiction)
جو حصو آھي يا نه؟ انگريزي لفظ
fiction
(افسانويت) جي ھڪ مخصوص معنيٰ کي سنڌيءَ سان لاڳو
ڪندي، ڪا ھڪ صنف نٿي بنجي پوي، ته به اڪثر ناول ۽
افساني کي افسانوي ادب سڏي ناٽڪ کي ان کان جدا
ڪري، ڪارڪردگيءَ جي عملي فن
(Performing Art)
جو نالو ڏنو. اھو ڄاڻڻ کپي ته ناٽڪ ۾ ھڪ ڪھاڻي ٿئي
ٿي، جيئن ناول ۽ افساني ۾ آھي. ھي قديم فن يونان ۽
قديم ھند ۾ پھرين پيدا ٿيو، ڪنهن به ڳالهه کي نقل
ڪري ڏيکارڻ سان وجود ۾ آيو. ناٽڪ پھرين بنا ڪنهن
مخصوص اسٽيج جي ۽ پوءِ اسٽيج
(stage)
يا رنگ منچ تي عملي طور پوري ٺاهه ٺوهه ۽ لباس
(Costume)
سان تڪميل تي پھتو.
چين، جپان ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ به ناٽڪ ۽ اسٽيج جي
روايت قديم وقت کان رھي آھي. يونان ۽ قديم ھند جي
اسٽيج جي تاريخ ھن فن جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿي.
ڊرامي (ناٽڪ) جو بنياد يوناني لفظ ڊراءِ تي آھي.
ان جي معنيٰ ’عمل‘ جي آھي. ھن ۾ اتحاد زمان، اتحاد
مڪان ۽ اتحاد عمل کي مڪمل ڊرامي جو بنيادي اصول
ڄاتو ويو، جنهن کي شيڪسپيئر ۽ ٻين يورپي ڊراما
نگارن پيش نظر رکيو. يونان وارن پنهنجي نوعيت جا
وڏا اسٽيج ٺاھي ناٽڪ ڏيکاريا. قديم ھند ۾ ناٽڪ
سنسڪرت زبان ۾ لکيا ۽ ڏيکاريا ويا. قديم ھند
پنهنجين روايتن ۽ ضرورتن ھيٺ اسٽيج يا رنگ منچ
ٺاھيا. ڪاليداس جو مشھور ڊراما شڪنتلا قديم رنگ
منچ جو يادگار ڊراما آھي. قديم اسٽيج ۽ ڊراما جي
مقبوليت کان پوءِ مختلف علائقن ۽ زبانن ڏانهن ھي
فن آيو. سنڌي ناٽڪ ھندي، اردو ۽ گجراتي ڊرامن جي
اسٽيج ٿيڻ جي اثر ھيٺ رنگ منچ تي آيو. ان کي به ھڪ
صديءَ جي تاريخ آھي. سنڌي ڊراما لکجڻ جي تاريخ به
اڄ (٢٠٠٥ع) سوا سؤ سالن کي پھچي ٿي. |