مير محمد ٽالپر جو ڪتاب پنهنجن ساٿين، واقفڪارن،
سياستدانن ۽ ٻين ماڻھن سان ملاقاتن توڙي واقعن تي
مشتمل آھي. ڪتاب جو نالو آھي. ”موچارا منهن ڪارا
منهن“(يادگيريون، خاڪا ۽ ڪچھريون). مير صاحب جھڙو
ڳالھير ماڻھو خاڪن کي به پنهنجي فطري گفتگوءَ جي
انداز ۾ بيان ڪري ٿو. سندس تحريرن ۾ اسان جي سماج
جي سڀني طبقن جا ماڻھو شامل آھن. دستوري خاڪن واري
جوڙجڪ به ھن وٽ موجود نه آھي ۽ زبان به بي ساخته
آھي!
راقم به ڪن ماڻھن جي باري ۾ خاڪا لکيا آھن، جيڪي
سندس آتم ڪھاڻين: ديپڪ ۽ ملھار ۽ مجاز ۾ ڇپيل آھن.
حوالا:
١- الطاف شيخ جا ٻيا ھي سفرناما آھن: دنگي منجهه
دريا- جت جر
وھي ٿو جال، ڳالھيون آھن ڳچ، خبرون کيڙائن جون ۽
اوھريا جي عميق ڏي.
٢- ڏسو بندر بازاريون (1975ع)
مـُھاڳ ص ١١.
باب اٺون
تنقيد/
Criticism:
جيئن تعليم جي وصف ڪندي ان جي ٻن حصن جو بيان ڪيو
ويندو آھي، يعني نظري تعليم ۽ عملي تعليم، تيئن
تنقيد جي اڀياس جي مدنظر تقسيم به نظري تنقيد ۽
عملي تنقيد جي ٻن قسمن ۾ ڪئي پئي وئي آھي. ھاڻي
تنقيد جو مطالعو به نئين انداز سان ڪيو ٿو وڃي.
ھاڻي تنقيد جي وصف بيان ڪرڻ جو طريقو به نئون ھجڻ
کپي.
تنقيد بابت معلومات مھيا ڪندڙ ڪتابن ۾ بنيادي
ڳالهه نقاد جي باري ۾ ڪئي ويئي آھي. نقاد ۾ ڪھڙيون
خوبيون ھجڻ کپن. عملي تنقيد ۾ فقط ڪن نقادن ۾ اھي
لڀن ٿيون نه ته ھڪ نه ٻئي لاڙي جو شڪار ٿين ٿا.
مذھب ۽ فڪر جي ڪري به ۽ ذاتي ويجھڙائي ۽ دوريءَ
سبب به نقادن قلم وھايو. ورھاڱي کان اڳ شاعرن جي
ڪلام بابت لکيو ويو ۽ انهن جي ادبي قدڪاٺ جو جائزو
ورتو ويو. ڳالهه شاهه عبداللطيف کان شروع ٿي. انهن
ليکڪن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڪوڙو مل، ديوان ليلا رام
سنگهه ۽ لالچند، ڄيٺمل، ڀيرومل ٽمورتي به شامل
آھي. ھنن شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي حيات ۽ ڪلام تي
لکيو. ھنن رڳو وصف ۽ بيان ۾ ڳالهه ڪئي؛ اختلاف جي
نه. تيرٿ وسنت جا مضمون ۽ ليکراج عزيز تي ڊاڪٽر
خليل جي تنقيد ھن سلسلي ۾ اچي ٿي. ڪيسواڻيءَ جي
”شعر جي ڪسوٽي“ (١٩٤٦ع) تي به ڊاڪٽر خليل جي تنقيد
”ڪيسواڻيءَ جي ڪسوٽي“(١٩٤٧ع)انهيءَ سلسلي جون
ڪڙيون آھن. گربخشاڻيءَ جي ايڊٽ ڪيل ”شاهه جي
رسالي“ تي به ڊاڪٽر خليل ۽ ٻين جون تنقيدون يا
ادبي معرڪا موجود آھن.
ان کان پوءِ ترقي پسند ادب جو دؤر آيو ته ان جي
باري ۾ موافق ۽ مخالف نظرياتي تنقيد ٿي. ان ۾ نثر
۽ نظم ٻئي بحث ھيٺ آيا. ھن سلسلي ۾ اتم، منگھارام
ملڪاڻي، خليل، بدوي ۽ ٻيا ليکڪ سنڌي ادب جو جائزو
وٺندي، ھڪ طرح سان سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو وٺي
رھيا ھئا. شعر جي وصف، وزن ۽ ٻين پھلوئن جو جائزو
وٺندي ڊاڪٽر خليل ڪتاب”رھنماءِ شاعري“ (ٽن ڀاڱن ۾)
لکيو. ھيءُ ڪتاب بالترتيب ١٩٣٥ع، ١٩٣٦ع ۽ ١٩٤٨ع ۾
ڇپيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر خليل جو ڪتاب”ادب ۽
تنقيد“ ١٩٤٩ع ۾ شايع ٿيو، ان جو ٻيو وڌايل ڇاپو
١٩٧٥ع ۾ نڪتو. غلام محمد شاھواڻيءَ جو ڪتاب ادبي
اصول (ٻه ڀاڱا) ۾ ادبي موضوعن، شعر جي سمجھاڻي ۽
ناٽڪ توڙي ناول بابت لکيو ويو. شعر جي وزن بابت
سيد فاضل شاهه جي شعر جي تارازي ۽ محمود خادم جو
رياض البلاغت (١٩٢٦ع) شعر جي اصولن، مناسبات ۽ بحر
وزن بابت ڇپيو. محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو سنڌي
ناول ۽ ناٽڪ ڇپيو.
ادب جي وصف ڏيڻ کان سواءِ خليل ۽ شاھواڻيءَ جي
ڪتاب ۾ نقاد بابت به لکيو ويو آھي. ڊاڪٽر خليل ادب
۽ تنقيد ۾ نسبتا ادب ۽ تنقيد جي وصف تفصيل سان ڏني
آھي. سنڌي زبان ۾ نقاد جيڪي به لکي چڪا سو وصف جي
لحاظ کان آءِ اي رچرڊس، ڊبليو ايڇ ھڊسن، ايليٽ ۽
ميٿو آرنلڊ جي ڪتابن مان لکيو ويو. ڊاڪٽر خليل جون
تحريرون وصف ۾ ته معتدل آھن، پر عملي تنقيد ۾ فڪري
سبب ڪري سخت ۽ انتها تي آھن. ھـُو نقاد جون جيڪي
خوبيون ٻڌائي ٿو، خود انهن جي پابندي نٿو ڪري.
نقاد لاءِ پھرين ڳالهه اھا آھي ته ھـُو موضوع تي
بحث ڪري ذاتيات تي نه اچي پوي (١). ڊاڪٽر خليل خود
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي تنقيد ڪندي (جيڪو سندس استاد
به ھو) کيس اڻ ڄاڻ ۽ بي حوصلــھ سڏي ٿو(٢).
ڊاڪٽر خليل پنهنجي ھن ڪتاب ۾ ادب ۽ تنقيد بابت
قابل قدر مواد گڏ ڪيو آھي. يوناني مفڪرن ۽ پوءِ
يورپي نقادن جي حوالي سان وزنائتيون ڳالھيون ڪيون
اٿس. رڳو نظريات جي مدنظر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي
تنقيد ڪندي، ھن راقم تي به ٻئي وڌايل ايڊيشن ۾ ٥٠
صفحا لکيا اٿس جن ۾ گربخشاڻيءَ جي حمايت سبب مون
کي به تنقيد جو نشانو بنايو اٿس. بهرحال ھن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر خليل نظري ۽ عملي تنقيد بابت تفصيل سان لکيو
آھي.
پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ جو”ادبي اصول“ به ادب ۽
تنقيد جي باري ۾ بنيادي معلومات فراھم ڪري ٿو.
اھڙن ٻين ڪتابن ۾ حڪيم فتح محمد سيوھاڻيءَ جو ڪتاب
”آفتاب ادب عرف ساھت جو سج“ آڳاٽو لکيل ھو، پر
سنڌي ادبي بورڊ ان جو پھريون ڇاپو ١٩٥٦ع ۾ شايع
ڪيو. ھن ڪتاب ۾ حڪيم صاحب زبان، ادب ۽ شعر جي باري
۾ علم بديع ۽ علم عروض جو ذڪر ڪيو آھي. انهن مڙني
موضوعن تي مرزا قليچ بيگ پنهنجي تاليف ”سنڌي
وياڪرڻ“ جي چوٿين جلد ۾ معلومات فراھم ڪئي. حڪيم
صاحب ڪتاب جي شروع ۾ آسان زبان جي ڳالهه ڪري ٿو ۽
مختلف سماجي طبقن جي زبان جو بيان ڪري ٿو(٣). ادب
جي وصف بيان ڪندي علم بديع ۽ علم عروض تي اچي ٿو.
ھيءُ ڪتاب سڌو تنقيد جي ضمن ۾ نٿو اچي، پر ادب ۽
شعر بابت منجھس ڪافي مواد موجود آھي ۽ ھيءَ ھڪ
باذوق انسان جي ڪاوش آھي.
ھڪ شاعر جو مڪمل جائزو وٺڻ يا ڪيترن شاعرن ۽ نثر
نويسن تي لکڻ جا سنڌيءَ ۾ ڪيئي مثال آھن. سنڌ ۾ به
۽ ھند ۾ به. ھند ۾ اڪثر نقادن پنهنجين تحريرن ۾
سنڌي ادب جو جائزو ورتو آھي، انهن ۾ پوپٽي، ديال
آشا، ھيرو شيوڪاڻي، اتم، موتي لعل جوتواڻي ۽ لعل
پشپ توڙي ڪيترا ٻيا به آھن. اڪثر ڪن لکڻين تي سخت
رمارڪ به ڏنا اٿن. خود تنقيدن تي به ڇوهه ڇنڊيا
اٿن. لعل پشپ جي تحريرن ۾ اھڙا رمارڪ آھن، جن تي
اتم پنهنجي ليک ۾ بحث ڪيو آھي (٤). سنڌ ۾ به زبان
۽ ادب تي ڪي قلمي معرڪا ٿيا آھن. انهن ۾ لسانيات
تي ڊاڪٽر بلوچ، سراج، پروفيسر جتوئي ۽ گنگا رام
سمراٽ خاص طور لکيو. مولانا گراميءَ جو طويل مقالو
”سنڌي شاعريءَ جا فني قدر ۽ رجحانات“ مھراڻ ۾ ڇپيو
ته ان تي به قربان علي بگٽي، عبدالڪريم لغاري،
عبدالمجيد ميمڻ، معمور يوسفاڻي ۽ ٻين لکيو.
عبدالڪريم لغاري، جديد سنڌي شاعرن خلاف
اخبار”آزاد“ ۾ انهن جي ڪلام کي يورپ جي شاعرن جو
سرقو ۽ نقل سڏيو. اھائي ڳالهه رومي ۽ شاهه لطيف
لاءِ نه ڪري سگھيو. مرزا اجمل بيگ ۽ ڊاڪٽر خليل جو
قلمي معرڪو رباعيءَ جي فني حيثيت جي موضوع تي
سماھي”مھراڻ“ ۾ ٿيو. ننڍا وڏا بحث، مھراڻ، نئين
زندگي، روح رھاڻ، سوجھري، تحريڪ ۽ ٻين رسالن ۽
روزانين اخبارن ۾ ٿيندا رھيا ۽ ٿين پيا. مستقل
ڪتابن جي ٻي ڳالهه آھي. خاص طور انهن ليکڪن جا
ڪتاب جيڪي باذوق ۽ اڀياسي آھن، انهن ۾ ڪي ھي آھن:
احسان بدوي، پروفيسر لطف لله بدويءَ جو فرزند ھو.
ھن جو مطالعو شعر و ادب ۾ مڃيل ھو. احسان بدوي
ڪافي مقالا لکيا. سندس ڪتاب سانگي: شخصيت فن ۽
ڪلام (١٩٦٥ع)، انهي سلسلي ۾ ھڪ اھم ڪاوش آھي.
احسان، سانگيءَ جي سوانح حيات کان پوءِ عروضي
شاعريءَ جو ذڪر ڪندي، سانگيءَ جي ڪلام تي اچي ٿو.
سندس تنقيد ۽ تبصرو جديد انداز جو آھي. ڪمي ھيءَ
آھي ته نقاد سانگيءَ جو ھمعصر شاعرن گدا، قليچ،
ماتم ۽ حامد سان ڪو تفصيلي موازنو نٿو ڪري ۽ آخر ۾
چونڊ غزل ڏئي ٿو. پوءِ به ھـُن جو سانگيءَ جي
شاعريءَ جو جائزو قابل قدر آھي. عام طور اسان جا
نقاد جڏھن ڪنهن وڏي شاعر تي لکن ٿا ته خامي ڪا نٿا
ڏسن، جيئن ڪيسواڻي، بيدل جي ڪلام کي ھڪ رنگو سڏيو.
پوءِ اھو تصوف جي يڪرنگيءَ ڪري نقاد کي ائين لڳو،
پر ڪجهه ته چيائين. احسان، سانگيءَ جي ڪلام جي
تعريف ئي ڪئي آھي.
رسول بخش پليجو، سنڌ جو سياستدان ۽ اديب، ھڪ وڏو
اڀياسي
(Bibliophile)
آھي. ھن جي وطن دوستي ھڪ طرف ته قلم جي قوت ٻئي
طرف آھي. پليجو سنڌ، سنڌي ماڻھن، سنڌي زبان، ادب ۽
اديبن خلاف ڪجهه به سھي نٿو سگھي. ان ڳالهه جو
ثبوت سندس ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ (١٩٦٧ع) آھي. جيڪو
ھن سنڌي ادب خلاف رجعت پرستن جي واويلا جي جواب ۾
لکيو. ھن ڪتاب جا مختلف مضمون پھريائين اخبار
”خادم وطن“ ۾ ڇپيا. پليجو جديد سنڌي ادب بابت ڪيل
پٽڪي جي جواب ۾ لکندي بلڪل چٽي ڳالهه ڪري ٿو:
”ڪجهه ڏينهن کان سنڌ ۾ پاڻ ھـُرتڙن نقادن جي ھڪڙي
ٽوليءَ موسمي مڇرن وانگر اوچتو وٺي منهن ڪڍيو آھي.
جي پاڻ کان وڏيون قلمي بڻڇيون کڻي ملڪ ۾ ڪاھي پيا
آھن ۽ ھنبوڇيون ھڻندا، رنڀون ڪندا، ٽاڏون ڏيندا،
جيڪو ڪو سامھون ٿو اچين تنهن کي سٽيندا ڪـُٽيندا
ڏاڙھيندا وڃن. وڏا پھتل ادبي اولياءَ، ڪانيءَ
ڪرامت جا ڌڻي، ٿئي ٿيندي جي خبر، اکيون ڄڻ ته
ٽانڊا، منهن تي مصنوعي جلال. اسلام اسلام. مذھب
مذھب، اخلاق اخلاق جا نعرا، بچايو بچايو جا واڪا،
ايڏو ته ڌمچر مچايو اٿن جو ماڻھن جو ساهه سـُڪي
ويو آھي (٥)“.
اھڙن نام نهاد نقادن کي جواب ڏي ٿو ۽ سنڌ جي ورثي
کان کين واقف ڪري ٿو. ان ۾ شاهه عبداللطيف جي باري
۾ به لکي ٿو. اھو سڀ پليجو پنهنجي مخصوص بلند آھنگ
واري لھجي ۽ انداز ۾ لکي ٿو. پنهنجن قومي، عدل،
انصاف ۽ ادب جي باري ۾ خيالن کي پليجو پنهنجي ٻئي
ڪتاب ”سندي ذات ھنجن“ ۾ قدري مڪمل ڪري ٿو. ھـُو
ٻڌائي ٿو ته ادب ڇا آھي، ڍونگ ڇا آھي. ڪوڙا پوش
پردا ڪھڙا ٿا ٿين. ادب کي بلڪ انسان کي جيڪي خطرا
لاحق آھن، جيڪي عالمي سازشون آھن، جيڪي سرمايھ
دارانه تاويلون آھن، انهن جو پليجي صاحب پردو چاڪ
ڪيو آھي. سندس ٻيون به تحريرون آھن، جيڪي ڪنهن حد
تائين ادب ۽ تنقيد جي دائري ۾ اچن ٿيون.
شيخ عبدالرزاق راز (١٩١٩- ١٩٨٣ع) جو شمار سنڌ جي
جديد شاعرن، افسانه نگارن ۽ نقادن ۾ ٿئي ٿو. سندس
ڪيترائي مقالا مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن.
سندس ھڪ طويل مقالو: ”سنڌي شاعري خليفي گل کان وٺي
اڄ تائين“ نئين زندگيءَ ۾ قسطوار ڇپيو. ان کي ھـُن
مڪمل صورت ڏيئي ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ سنڌي غزل جو
تجزيو (١٩٧٩ع) جي نالي سان سنڌالاجي ڇاپيو ۽ ٻيو
ڇاپو (٢٠٠٤ع) به نڪتو. ھن عنوان کي راز صاحب گل،
قاسم، فاضل، حامد، گدا، سانگي ۽ مرتضائي کان وٺي،
نواز علي نياز ۽ مراد علي ڪاظم تائين آندو آھي. ھي
جائزو ھڪ طرح سان ھنن صاحب ديوان ۽ عروضي شاعرن جي
پڙھندڙن سان واقفيت به آھي ۽ سندن شاعرانه ڪٿ به
ڪيل آھي. شيخ راز ھڪ نقاد جي اک سان ھنن شاعرن کي
پرکيو آھي ۽ ٻڌايو اٿس ته غزل ۾ ھنن جون ڪھڙيون
خدمتون آھن.
ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو (١٩٣٤- ١٩٩٤ع): سماجيات جي
مطالعي ۽ زبان جي ان پھلوءَ تي لکڻ سان گڏ ٻوھيو
تنقيد جي باري ۾ به لکندو رھيو. ان سلسلي ۾ مھراڻ
۽ ٻين رسالن ۾ سندس مقالا ڇپيا. سندس ٻه ڪتاب اھم
آھن: تنقيدون (١٩٨٠ع) ۽ ادب جا فڪري مـُحرڪ
َ(١٩٨٤ع). ٻئي ڪتاب ادب جي وصف ۽ تنقيد جي باري ۾
آھن. مغربي ادب ۽ تنقيد جي مطالعي جي نتيجي ۾
لکيائين. ”تنقيدون“ ۾ ادب تي ڪيل تنقيد جي مختلف
پھلوئن جو جائزو ورتو اٿس. اھي آھن: نظرياتي،
مذھبي، اخلاقي، جمالياتي، عملي، افادياتي ۽
سماجياتي پھلو. ان کان سواءِ ذاتي تنقيد واري
پھلوءَ تي لکيو اٿس. يوناني استادن ۽ يورپ جي ٻين
نقادن جي حوالن ۽ پنهنجي مطالعي جي آڌار تي ٻوھيو
تنقيد جي فن جي اپٽار ڪري ٿو. ارسطو، رچرڊس، ايس
اليگزينڊر، ميٿو آرنلڊ ۽ ھڊسن وغيره جي سندن سان
پنهنجي بحث جي تڪميل ڪري ٿو. اھڙيءَ طرح ٻئي ڪتاب
”ادب جا فڪري محرڪ“ ۾ انساني فڪر جي تاريخ جي اوٽ
۾ ادب جي سمجھاڻي ڏي ٿو. ادب ۾ تاريخ جي اوٽ ۾ ادب
جي سمجھاڻي ڏي ٿو. ادب ۾ انساني فڪر جي دخل جو
بيان ڪري ٿو. ان ۾ مذھب جو به حصو آھي. پھرين
يونانين، سوفوڪلس، آسڪائيلس. سيفو، ارسطو، سقراط،
ھومر ۽ مذھبي ڪتابن انجيل، ويدن، ڪنفيوشس، قرآن ۽
زردشت توڙي ٻين شخصيتن جو ذڪر ڪري ٿو. ارتقا جي
نظريي ۽ نون لاڙن، عقليت، روشن خيالي، ترقي پسندي،
توڙي مارڪس، ھيگل توڙي ٻين مفڪرن جي خيالن جي اوک
ڊوک ڪندي، ڊاڪٽر ٻوھيو، ھن سڄي بحث کي سماجي
تبديليءَ جي عنوان تي مڪمل ڪري ٿو. سماج جي مختلف
طبقن جي سوچ ۽ ويچار تي انساني فڪر جي ھي ڳالهه
انهيءَ طرح مڪمل آھي جو پويون ڪتاب پھرين پڙھجي
جيئن پھرين ادب بابت ڄاڻجي ۽ پوءِ تنقيد بابت (٦).
مرزا مراد علي اختر جو ترجمو ڪيل ڪتاب ادبي تنقيد
جا اصول (١٩٨١ع)، ھن موضوع تي ھڪ ڪارائتو ڪتاب
آھي. ھن ڪتاب مان تنقيد جي بنيادي اصولن جي ڄاڻ
پوي ٿي. ادب جي وصف کان پوءِ ارسطو ۽ ٻين ناقدن جي
حوالي سان اھو ڄاڻايو ويو آھي ته ادب کي ڪيئن
پرکجي. اھڙيءَ طرح بدر اڄڻ جو ڪتاب ٽي. ايس. ايليٽ
(١٩٨٩ع)،ايليٽ جي فن ۽ فڪر بابت معلومات مھيا ڪري
ٿو. ايليٽ بحيثيت ھڪ نقاد جي وڌيڪ مشھور آھي.
ايليٽ جو نظم
The waste land
مقبول ٿيو ۽ ڊرامو ڪليسا ۾ قتل
(Murder in Cathedral)
سالن جا سال لنڊن ۾ خاص طور اسٽيج تي رھيو. ايليٽ
جي تنقيد جي باري ۾ بدر اڄڻ لکي ٿو: ”ايليٽ جي نثر
کي مٿانهون سمجھڻ مان ٻه فائدا آھن؛ ھڪ ته ايليٽ
جا تنقيدي ڪارناما اسان جي زبان ۽ ادب لاءِ وڏي
اھميت وارا آھن ۽ ٻيو ته سندس تنقيد ھن جي شاعريءَ
جي ذيلي شاخ ناھي، بلڪ ان کان جدا ھڪ سرگرمي آھي
(٧)“.
بدر ابڙو، سنڌ جي ادب، تاريخ، آثار قديمه
۽ ثقافت جو ڳوڙھو اڀياس ڪندڙ ليکڪ آھي. ھـُو تنقيد
جي فن جو به قدردان آھي. ھـُو ڪتاب تنقيدنگاري
(ارتقائي جائزو) (١٩٨٥ع) جو ليکڪ آھي. ھن ڪتاب ۾
بدر تنقيد جي وصف ڏيندي، ان جي يوناني، رومي ۽
عيسائي دور جو بيان ڪري ٿو. ان کان پوءِ نئين
جاڳرتا ۽ عقليت پسنديءَ تي بحث ڪري ٿو. يورپ ۾
رومانويت ۽ وڪٽورين عھد جي نقادن جو ذڪر ڪري ٿو.
ان سان گڏ ادبي تحريڪن ۽ جديديت ۽ سماجي حقيقت
پسنديءَ جو بيان ڪندي، آخر ۾ ڀٽائيءَ جو نظريو
بيان ڪري ٿو. ھيءُ ڪتاب بدر ابڙي جي ھن موضوع تي
مطالعي جو تت آھي.
سنڌي زبان ۾ تنقيد تي ھڪ ڀرپور جائزو ڊاڪٽر فھميده
حسين جو ڪتاب ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ (١٩٩٧ع) ھڪ
اھم ڪتاب آھي، جنهن ۾ سنڌ ۾ تنقيد جو پس منظر
ڄاڻائيندي اڻويھين صديءَ جي آخري چوٿ کان ڳالهه
شروع ڪندي، ان کي ورھاڱي کان اڳ واري دؤر تائين
آندو ويو آھي. ان کان پوءِ ورھاڱي کان پوءِ واري
دؤر تي بحث ڪيو آھي. انهيءَ سلسلي ۾ ھن مختلف
ليکڪن ۽ ڪتابن جو ذڪر ڪيو آھي. اھو ھڪ سھڻو جائزو
آھي. منهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ(١٩٧٣ع)
تي به تفصيل سان لکيو اٿس. ھڪ ليکڪ جي حيثيت سان
ڊاڪٽر فھميده حسين جو ھيءُ جائزو مون کي مطمئن ڪري
ٿو. ڊاڪٽر بلوچ جي ڪم تي موصوفھ ھڪ رمارڪ پاس ڪيو
آھي، جيڪو ذاتي يا خانداني رنجش ٿو لڳي. اھو ھي ته
ڪيترن ھنڌن تي ادارن جا ملازم سمجھي ڪن ماڻھن جي
مڃتا نه ڪئي اٿس ۽ سمورو ڪريڊٽ پاڻ کنيو اٿس (٨)
حقيقت ھي آھي ته انهن ملازمن ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين
جو والد جناب محمد يعقوب به آھي. آفيس ۾ ڪم ڪرڻ
وارن جو ڪم نقل نويسي ۽ پريس ڪاپي ٺاھڻ ھو. تحقيق
جو ڪم ڊاڪٽر صاحب خود ڪيو ۽ سندس ڪم دنيا جي اڳيان
آھي.
آخري باب ۾ ادب جي ساڃاهه يعني پرک جي باري ۾
ضروري معلومات فراھم ڪيل آھي. ويھين صديءَ جي آخر
۾ ايندڙ ھي ڪتاب تنقيد تي ھڪ اھم ڪتاب آھي، جيڪو
سنڌي زبان ۾ تنقيد جي تاريخ بابت آھي ۽ ادب توڙي
تنقيد جي طالبعلم لاءِ مفيد آھي.
سنڌي زبان ۾ سنڌ توڙي ھند ۾ تنقيد بابت ڪافي مقالا
۽ ننڍا وڏا ڪتاب آھن. انهن مان چند ھي به آھن:
ادبي اھڃاڻ |
غلام محمد گرامي |
گڏيل تنقيد |
لعل پشپ |
ادبي شناس |
جڳديش لڇاڻي |
تنقيدون ۽ تبصرا |
قربان علي بگٽي |
ادبي اھڃاڻ |
خورشيد عباسي |
ميان مٺو |
شيخ نياز محمد |
ان کان سواءِ تحقيق جي باب ۾ به تنقيد جو پھلو
اجاگر ٿئي ٿو.
مضمون/
Essay:
وصف: ھيءَ نثري صنف ھڪ تمام مقبول صنف رھي آھي.
مضمون ڪنهن به ڏٺل وائٺل ۽ پرکيل شئي تي لکي سگھجي
ٿو. مثال طور ڪا عام جاءِ جيئن جبل، ندي، وسيع
ميدان يا ڪوٽ قلعو وغيره. قلعي وغيره تي آثار
قديمھ، تاريخ يا تحقيق جي انداز سان نه پر جيئن
ليکڪ جي ان جي حسن تي نظرپئي، تيئن ان تي لکي.
جيئن ميران محمد شاهه جو ”گنجي ٽڪر جو سير“. رات
جي وڻندڙ پھلوءَ تي لکجي جيئن ليکراج عزيز جو
”سھائي راتڙي“. ڪنهن ڳوٺ، پکيءَ يا ڪنهن رويي تي
لکجي، جيئن منهنجو ڳوٺ، ڪونج، فائدو، نيڪي ۽
وفاداري وغيره. جيئن مرزا قليچ بيگ جا ترجمو ٿيل
مضمون ”تهذيب الاخلاق“ ڪتاب ۾ آھن يا مقالات
الحڪمت، بيڪن جي مضمونن جو ترجمو آھي. ڪوڙيمل ۽ ان
کان پوءِ ڄيٺمل، ڀيرو مل، ساڌو ھيرانند ۽ لالچند
ڪي مضمون لکيا. ان کان پوءِ تيرٿ وسنت جي مضمونن
جو مجموعو ”چڻنگون“ ڇپيو. ان کان سواءِ به انيڪ
مضمون سنڌيءَ ۾ ڇپيا. مضمونن جي مشھور مجموعن ۾
پرمانند ميوا رام جو گل ڦل، ليکراج عزيز جو ادبي
آئينو ۽ سيد عطا حسين شاهه موسويءَ جو ڪچ ڪوڏيون
خاص طور ڳڻيا وڃن ٿا. مضمون لکڻ جو ڏانءُ ڪن ماڻھن
کي ئي ھوندو آھي. سنڌيءَ مان ڪن چونڊ مضمونن جي
مجموعن جو ھي مختصر جائزو آھي.
اولين مضمون نگارن ۾ ڪوڙو مل چندن مل، مرزا قليچ
بيگ، ساڌو ھيرانند، ڀيرومل، پرمانند، ڄيٺمل،
لالچند، مخدوم محمد صالح ڀٽي، ڊاڪٽر دائودپوٽو،
حڪيم فتح محمد، دين محمد وفائي، مسافر ۽ ٻيا اچي
وڃن ٿا. سنڌي مضمونن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. پرمانند
ميوا رام جنهن ڊڪشنريون ٺاھيون، سي
پنهنجي”جوت“اخبار ۾ جيڪي مضمون ڇاپيندو رھيو، تن
کي ڪتابي صورت ۾ آندائين. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي
صلاح سان اھي”گل ڦل“ جي سري ھيٺ ٻن ڀاڱن ۾ (١٩٢٥ع
۽ ١٩٣٦ع) شايع ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ انهن ٻنهي
ڀاڱن کي گڏي ھڪ جلد ۾ ١٩٥٦ع ۾ پھريون ڀيرو شايع
ڪيو. ھي مضمون گوناگون ۽ رنگارنگ عنوانن تي آھن.
ڪي چند ٻين جا به لکيل آھن. پرمانند ھي مضمون نه
رڳو آسان ۽ وڻندڙ زبان ۾ لکيا آھن. پر وندر ۽
معلومات به فراھم ڪن ٿا. ڪن عنوانن کي ڏسڻ سان اھا
ڳالهه چٽي آھي: چرچائي پکي، سڀ راڳ تي عاشق، پلو،
ماکيءَ جي مک، تارن ڀري راتڙيءَ جو سنيھو، سارنگ
سانوڻ لايا، جھنگل جوشيل، ماءُ ته ههڙي، سگھڙ زال
۽ تند بنا تار وغيره. ھڪ مضمون ”ماءُ ٺاھي ڇڏيس.“
۾ لکي ٿو: ”اِٽاليءَ جي مشھور شھر پادوئا ۾ ھڪ
ڇوڪري نالي مرينا ٿي ويئي آھي. ڄائي ١٩١٢ع ۾، ۽
گذر ڪري ويئي ١٩٢٧ع ۾. اڃا ٽن ورھين جي مس ھئي ته
ڏاڍي اڇھري، ھٺيلي ۽ ٽانڊيءَ تپڻي ھئي. ماءُ کي
ڌيءَ ھڪڙي، منجھس پراڻ ھئس. ڀانيون ٿا ته آرهه رکي
کاري ڇڏيائينس ؟ نه نه ڏاڍي عقل ۽ ٺھر سان پاڻ
جيتڻ ۽ پنهنجي کـُھري سڀاءَ کي مارڻ ۽ قابوءَ ۾
رکڻ سيکاريائين. ڇوڪري ھڪ مٺڙو، سٻاجھڙو ۽ مشڪڻو
ٻار ٿي پيئي(٩).“
ڪتاب گلدستو، ليلا رام پريمچند ۽ ڏيارام وسڻ مل
ايڊٽ ڪري، پھرين ١٩٠٧ع ۾ شايع ڪيو . ان جو ١٩٣١ع
وارو ٽيون ڇاپو اسان جي اڳيان آھي. ھن ۾ مختلف
اديبن جا مضمون شامل آھن. مضمون نگار آھن: ڪيولرام
سلامتراءِ، بولچند ڏيارام، بولچند ڪوڏو مل،
نولراءِ، اڌا
رام، ڪوڙومل چندن مل، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر
گربخشاڻي، ڀيرو مل مھر چند، محمد صديق ميمڻ،
ڏيارام گدومل، تاراچند شوقيرام ۽ عبدالحئي. ڪن
مضمونن جا عنوان ھي آھن: تاج محل، اڪبر جو موت،
پريم، سچو سينگار، راڳ، نر
ويرتا جو ڦل، وويڪ، موت کان ڪھڙو ھنڌ خالي آھي ۽
گورستان مان گذر وغيره. آخري مضمون تي نالو
”عبدالحجي“ لکيل آھي شايد ”عبدالحي“ ھجي. ھن مضمون
جي آخر
۾ مضمون نگار لکي ٿو: ”ھڪ قبر جو نوشتو
ھو. اي منهنجي قبر کان لنگھندڙو! اوھان کي منهنجو
سلام آھي. ھي وقت توھان لاءِ نعمت آھي. جيئن نه
تون منهنجي بـُٺيءَ وٽان لنگھين ٿو تيئن مان به
ماڻھن جي مقبرن کان لنگھندو ھوس. توکي به ڪنهن
ڏينهن مون وانگر زمين جي اندر اچي رھڻو آھي ۽ پوءِ
ٻيا ماڻھو تنهنجي لوڙهه پيا لتاڙيندا. اھڙي ڪا
ڪمائي ڪر، جا ھن اونداھي گھر ۾ تولاءِ ڏيو بنجي ۽
اھڙي ڪا نيڪي ڪر جا ھن اڪيلائيءَ ۾ توسان ھمدرد
رھي.“
ادبي آئينو (١٩٤١ع)، مضمونن جي سلسلي جو مشھور
ڪتاب آھي. شاعر ليکراج ڪشنچند عزيز جي مضمون
نگاريءَ جو ھڪ بهترين نمونو آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ
جي نصاب تي سالن جا سال رھيو. ان ڪري ڪافي ايڊيشن
ڇپيا. عزيز جي مضمونن ۾ سھائي راتڙي، بهار، جيوڻ
جت ۽ رنگ ۾ ڀنگ وغيره گھڻو مقبول ٿيا. ھي مضمون
نهايت معلوماتي آھن. سھائي رات ته ھونئن به ھڪ
رومانوي ماحول جي ترجماني آھي. ھنن مضمونن مان
ليکڪ جي مشاھدي جي خبر پوي ٿي. ڪيئن ھن فطرت جي
حسن کي ڏٺو ۽ بيان ڪيو آھي.
ادبي گلشن (١٩٤٦ع): مضمونن جو ھيءُ مجموعو ٽن ڀاڱن
۾ نڪتو. ھن جو سھڙيندڙ نارائڻ داس ميوارام ڀنڀاڻي
آھي. ڪتاب اندر نهالچند ريواچند چئناڻيءَ جو به
نالو آيل آھي. ھن ڪتاب ۾ غلام حسين قريشي، لطف لله
آخوند، بولچند ڏيارام، ڏيارام گدومل، ڊاڪٽر
دائودپوٽي، منگھارام ملڪاڻي، محمد صديق ميمڻ ۽
محمد بخش واصف جا مضمون آھن. ڊاڪٽر دائودپوٽي جا
مضمون،”اڄوڪي سنڌي ساھت جي حالت ۽ باران رحمت“شامل
ڪيل آھن. ايڊيٽر جي نوٽ موجب ھي مضمون ڊاڪٽر صاحب
١٩٢٢ع ۾ ڪاليج مسلنيءَ لاءِ لکيو ھو، پر شايع نه
ٿيو. ھن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب جي مخصوص زبان ۽ انداز
بيان جي خبر پوي ٿي: ”ڪيتري وقت کان وٺي عالم
شھادت ۾ حشر ۽ واويلا پديدار ھئي ۽ شور ۽ غـُل
نمودار. انسان پنهنجي رب جي رحمت کان نااميد نه ٿي
استسقا لاءِ استدعائون پئي ڪيون. جانور پکي به
پنهنجي زبان حال سان قطره باران لاءِ ٻاڏائي رھيا
ھئا. سپ سمندر جي وچ ۾ مينهن ڦڙي لاءِ تشنه لب ٿي
ابر نيسان ڏي نگران ھئي ته من سندس پيٽ ۾ ھڪ موتي
سرجي. سبزي ۽ ساوڪ، گل ۽ نزاڪت پنهنجو منهن پرده
خمول ۾ لڪائي رھيـَا ھئا. بلبل گل جي صحت ۽ وصال
لاءِ پريشان آزاده خاطر ٿي آهه و فغان پئي ڪئي.“
ھي ڊاڪٽر دائودپوٽي جي عربي فارسي آميز زبان جو ھڪ
نمونو آھي. آسان زبان به لکندو ھو.
ڪچ ڪوڏيون، پھرين ١٩٥٠ع ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ان جا ٻيا
ڇاپا به نڪتا. ھي مضمونن جو مجموعو صاحب طرز مضمون
نگار سيد عطا حسين شاهه موسويءَ (١٨٩٨- ١٩٦٦ع) جي
ڪاوشن جو نتيجو آھي. ھن ڪتاب ۾، حضرت انسان، دوست،
دل جا دليل، ڪاري عينڪ، شڪار، ڪوڙ، نشو ۽ ٻيا
مضمون آھن. موسوي صاحب جي تحرير نهايت سادي ۽
پـُراثر آھي. مضمون ”ڪاري عينڪ“۾ لکي ٿو: ”ڪنهن
بادشاهه جي ڳالهه ڪندا آھن؛ جو اک کان ڪاڻو، ھٿ
کان لـُولو ۽ ٽنگ کان منڊو ھو، پر ھو بادشاهه
(ليکڪ پراڻي اِملا موجب پادشاهه لکيو آھي) اچي
شاديءَ لاءِ شائق ٿيو. شادي ٿئي به مـَٽ خاندان
مان. پر ھي عيب، جي چغل ٿيو بيٺا ھئا، تن کي ڇاڪري
۽ ڪيڏانهن ڪري! سو پنهنجي بادشاھيءَ ۾ پڙھو
گھمارايائين ته جو شخص منهنجي اھڙي تصوير ڪڍندو،
جنهن ۾ اھي ظاھري عيب ميٽيل ۽ ميساريل ڏسڻ ۾ اچن،
سو منهنجي خزاني جي اڌ جو انعام طور حقدار ٿيندو.
ڪئين نقاش مانيءَ (نقاش) مثل اچي ڪٺا ٿيا؛ پر سڀ
شهه کائي بيٺا. مائيءَ جا لعل گھڻائي لڪل پيا آھن.
ڪک ھيٺان لک پيو آھي. استاد جي جاءِ به ڪڏھن خالي
نه ھوندي آھي. ھڪڙي کي ڳالهه خيال ۾ ويٺي، تصوير
ڪڍي پيش ڪيائين. سڀني طرفن کان واهه واهه! ۽ سبحان
لله جا آواز نڪتا ۽ قبوليت جي درجي کي رسي. پر
ڪيئن ڪڍيائين جو بادشاهه کي شينهن جي شڪار جي
موقعي ۽ مھل ۾ بيھاريائين. بندوق ھڻڻ مھل شست وٺڻ
تي ھڪ اک پوربي آھي. سا ڪاڻي اک پوريل ٺاھيائين.
وري جڏھن ڪو خاص نشانو چٽڻو ھوندو آھي ته گوڏو
ڀڃي، فئر ڪبو آھي، سو اھا منڊي ٽنگ بندوق جي واسطي
اڏيءَ طور ڪڍيائين ۽ لولي ٻانهن بندوق جي قنداڪ جي
اندرئين پاسي ڪڍي ڇپايائين. اھڙيءَ طرح پنهنجي ڪار
استادي ڏيکاري انعام کٽيائين.“
عطا حسين شاهه موسويءَ جي مضمونن جو ٻيو مجموعو
ڪشڪول (١٩٩٢ع) ڪافي پبليڪيشن ڪراچيءَ شايع ڪيو. ھن
مجموعي ۾، دوست جو خط، دشمن جو خط، مھمان، ڪانءُ،
امتحان، جي شيطان مري وڃي ته، فون جا فتنا ۽ فائدا
۽ ٻيا مضمون شامل آھن.
ڪک ھيٺان لک (١٩٦٢ع): ھي مضمونن جو مجموعو ھڪ زرعي
ماھر ڪريم ڏني راڄپر جو آھي. ھن ۾ ڪک ھيٺان لک،
ڪـُڪڙ، امداد باھمي، کيتي سر سيتي، ٻار ۽ ڀاڄيون،
جو وھي سو لھي، گداگري ۽ ٻيا مضمون شامل ڪيل
آھن.”جو وھي سو لھي“ ۾ لکي ٿو: ”ھي دستور آھي ته
جنهن به خيال جو غلبو ٿيندو آھي ته پوءِ ان کي
اھڙن لفظن ۾ ادا ڪبو آھي، ڄڻڪ اھو خيال ئي آھي،
گــُر ڪاميابيءَ جو. ٿي سگھي ٿو ته ھي به ھڪ خيال
منهنجي دل ۽ دماغ تي سوار ٿيو ھجي، مگر مان ته
ھوند ائين چوان ته جو وھي سو لھي.“
مرزا قليچ بيگ جا مضمون سندس ڪتاب تقريرون ۽
تحريرون توڙي ٻين ھنڌن ڇپيا ۽ گھڻو مقبول رھيا. ھڪ
مضمون آھي. ”ڏاڙھياري جبل جو سير“. ھي سير مرزا
صاحب ١٨٨٥ع ۾ ڪيو، جڏھن ھـُو شڪارپور ضلعي ۾ نصير
آباد جو مختيارڪار ھو. ھي مضمون ڪتابڙي جي صورت ۾
پھرين ١٩٠٠ع ۾ ڇپيو ھو. مضمون جي آخر ۾ انگ اکر
ڏيندي لکي ٿو: ”ڏاڙھيارو جبل، سمنڊ جي سطح کان ڇهه
ھزار فوٽ مٿي آھي ۽ ڪتي جي قبر واري چوٽي ته ست
ھزار ٻه سؤ فوٽ مٿي آھي. ھوا نهايت موافق ۽ صحت
بخش آھي. اتي جي تمام گھڻي گرمي به اس ۾ ١٤٨ درجي
ٿر ماميٽر کان مٿي نه ويندي آھي.“
سير بابت لکيل مضمون ۾ ميران محمد شاهه ثانيءَ جو
مضمون ”گنجي ٽڪر جو سير“ گھڻو مقبول ٿيو. نثر جي
مجموعن ۾ آيو ۽ نصاب ۾ به شامل رھيو.
محمد اسماعيل عرساڻيءَ جي مضمونن جو ڪتاب ’خيال
خاطر‘ به ھڪ مقبول ڪتاب رھيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڇپيو.
ان ۾ وسڪارو، خواب، عورت، عبرت خانو، تقدير ۽ ٻيا
مضمون آھن.”وسڪارو“ھن مجموعي جو بهترين مضمون آھي،
عرساڻي صاحب لکي ٿو: ”ڪھڙي نه کــُپ ورندي ڏنائين.
سچ پچ ته ھو به ابهم ٻارڙو، مگر سندس وراڻيءَ
منهنجا ٺپ ئي ٺاري ڇڏيا. ٻارن جا امتحان وٺندي سڄي
ڄمار گذري وئي اٿم، پر ههڙو تـُز جواب ڪڏھن ڪو نه
مليم. سو به ھڪ ٿر جي ڇوڪر کان! ٻئي ڪتاب ۾ مندن
جو سبق ھو. سنڌ جي ڇوڪرن کان جڏھن پڇندو آھيان ته
سال ۾ ڪيتريون مندون آھن ۽ ڪھڙيون آھن. تڏھن سڀڪو
طوطي وانگر چئي ويندو آھي ته سائين چار مندون آھن:
سيارو، اونهارو، بهار، سرءُ. وري جي پڇبو ته چئن
مندن ۾ چڱي ڪھڙي مند آھي ته ٺڪ ورندي ڏيندا آھن ته
بهار. پر ھن ٿر جي سادي سودي ٻار کان جڏھن پڇيم ته
پٽ! سڀني مندن ۾ سٺي مند ڪھڙي؟ تڏھن سمجھو ٿا ته
ڪھڙو جواب ڏنو ھوندائين! ٺڙٺپ چيائين ته :سائين!
وسڪارو، ڪا گھڙي ته ماٺ ۾ پئجي ويس، ڄڻ ڍڪر اچي
ويا. فل مارڪون ڏنيون مانس.“
محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو، ربانيءَ سان گڏ لکيل
ڪتاب ”سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار“ (١٩٧٧ع) آھي.
ھن ۾ تترن، ھرڻن، بـُربلن، پـَلن، مـُرن ۽ ڍنڍ جي
پکين جي شڪار جي باري ۾ مضمون آھن. باز جي شڪار
بابت رچرڊ برٽن جي مضمون جو غلام ربانيءَ پاران
ڪيل ترجمو به شامل آھي. عرساڻي صاحب جي مختصر
مضمونن جو ھڪڙو ٻيو به ڪتاب”نياريون وٿون“ (١٩٨٠ع)
شايع ٿيل آھي. ھي ھڪ سؤ ننڍڙا مضمون ٻارن لاءِ
آھن.
گرداس واڌواڻيءَ جي مضمونن جو مجموعو ”ڳالهه
ٻولهه“
(Table talk)
(١٩٨٢ع) شايع ٿيل آھي. ھن ۾ مضمون، ادبي جائزا ۽
ڪي ڪالم آھن. گرداس جا مضمونن ۽ ڪالمن جا ڪتاب
”جيڪي ڏٺو مون“ (١٩٨٠ع) ۽ ”ساروڻيون“ (١٩٨١ع) به
ڇپيل آھن. سندس تحريرون وڻندڙ زبان ۽ انداز بيان ۾
آھن. ڪالم امر جليل، سراج، رشيد ڀٽيءَ (اوڀاريون
لھواريون ١٩٨٥ع). نذير ناز (جھرڻا ١٩٨٦ع) ۽ ٻين
ڪيترن ليکڪن لکيا آھن، جن مان ڪي ڪتابي صورت ۾
آھن. باقي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ موجود آھن.
مضمونن جا به انيڪ مجموعا آھن. جيڪي سچ ته ھڪ طويل
۽ ضخيم باب جي تقاضا ڪن ٿا. انهن ۾ رسول بخش پليجي
(سنڌ جي سڏ تي ۽ ھرڻ ھٺيلا بيٺا سوچن) ۽ ڄام ساقي
(فتح آخر عوام جي ٿيندي) ۽ محمد ابراھيم جويي جا
نالا اچن ٿا.
مترجم/
Translators:
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وارن ۾ پھرين ننديرام، ڪوڙي
مل، مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين جا نالا اچن ٿا. ان کان
پوءِ ناول، ڪھاڻيءَ ۽ ڊرامن جا گھڻا ترجما ٿيا.
اھو ذڪر گذريل صفحن ۾ ڪري آيا آھيون. ان کان پوءِ
ترجما ٻيا به ڪيترا آھن، پر مترجم طور جن ماڻھن
نالو ڪڍيو، انهن ۾ محمد ابراھيم جويو، ولي
رام ولڀ ۽ غلام نبي ميمڻ خاص طور نشانبر رھيا،
پوين ٻن ناولن ۽ ڪھاڻين جا ترجما ڪيا.
ڪي پڙھڻ جھڙا ڪتاب/ The Best Books:
ھونئن ته شاهه، سچل، سامي، بيدل، سانگي، اياز،
تنوير ۽ ٻين سٺن شاعرن جا ڪتاب به سٺن
(Best)
ڪتابن ۾ اچن ٿا. قليچ بيگ جو ناول”زينت“، علي محمد
راشديءَ جو”اھي ڏينهن اھي شينهن“به بهترين ۽ پڙھڻ
جھڙا ڪتاب آھن. پنهنجي پنهنجي پسند جي حساب سان
ٻيا به ڪيترا ڪتاب آھن، پر ھي چند ڪتاب تازا ڇپيل
آھن ۽ تاريخ، تمدن، ادب ۽ سماج بابت آھن. ھڪ نظر
انهن تي به وجھندا ھلون.
قومن جي عالمي تاريخ (٢٠٠٣ع):
ھيءُ ڪتاب انگريزيءَ ۾ چئن ليکڪن جو لکيل آھي. ھن
جو سنڌي ترجمو ڪندڙ محمد بخش سومرو آھي. ڪتاب ۾
غار واري انسان کان وٺي چنڊ جي مھم سر ڪندڙ انسان
تائين جي تاريخ ڏنل آھي. آڳاٽين تهذيبن، وچ اوڀر
جي شھنشاھيتن، مذھبن، يوناني تهذيبن، اسلامي
تهذيب، چين جي غلبي، جپان، آفريڪا ۽ آمريڪا،
کوجنائن، ترقي، سائنس، ترڪي، ايران ۽ ھندستان جي
شھنشاھيتن، فرانس، صنعتي انقلاب، مھاڀاري جنگين،
سوويت يونين ۽ سرد جنگ کان پوءِ جي دنيا تي تفصيل
سان لکيو ويو آھي. انساني تهذيب، تمدن، تاريخ،
سياست ۽ ثقافت تي ھي بهترين ۽ پڙھڻ جھڙو ڪتاب آھي.
سنڌيڪا شايع ڪيو آھي. سنڌي زبان ۾ ڇپيل ڪتابن ۾ ھڪ
ديده زيب ڪتاب آھي.
ساڳئي مترجم جو ٻيو ڪتاب تاريخ جا اڏيندڙ (١٩٩٧ع)
آھي. ھن ڪتاب ۾ نبين، رھبرن، بادشاھن ۽ اھم شخصيتن
۽ انهن جي دؤر تي لکيو ويو آھي. ھنن اڪابرن جي
ڪارنامن جو وچور ھن ڪتاب ۾ موجود آھي. ھن نوعيت جا
ٻيا به ڪتاب علمي دنيا ۾ موجود آھن. ھي به سھڻي
ترتيب ۾ رکيل ھڪ اھم دستاويز آھي.
سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا (١٩٩٦ع):
ھيءُ ڪتاب اشتياق انصاريءَ جي تحقيق جو نتيجو آھي.
ھن ۾ حيدرآباد جو پڪو قلعو، ڪچو قلعو، سيوھڻ جو
قلعو، عمرڪوٽ، ڪلان ڪوٽ، نندڪوٽ، رني ڪوٽ، نئون
ڪوٽ ۽ ٻيا ڪوٽ ۽ قلعا تحقيق ۾ شامل ڪيل آھن.
تحقيقي ۽ معلوماتي لحاظ کان ھيءُ بهترين ڪتاب آھي.
پڙھڻ ۽ نوجوان محقق کي داد ڏيڻ جھڙو ڪتاب آھي.
مطالعو سنڌ جو (ٻه ڀاڱا)، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي
تحقيقي مقالن جو مجموعو آھي. ھيءُ ڪتاب سنڌ جي
تاريخ جي مختلف پھلوئن کي اجاگر ڪري ٿو.
مٽيءَ ھاڻا ماڻھو (١٩٨٣ع):
ھيءُ ڪتاب اصل فرانزفينن جو آھي ۽ عبدالواحد آريسر
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي.
اِتهاس جا آواز (١٩٩٧ع)
انعام شيخ نوجوان ليکڪ، نقاد، سياسي ۽ بين
الاقوامي تعلقات جي پارکو، مختلف سياسي ۽ سماجي
رھبرن جي خيالن ۽ تحريرن کي سنڌي پڙھندڙن اڳيان
پيش ڪيو آھي. فڪري سڌاري لاءِ ھيءُ ڪتاب ڪارائتو
آھي.
اسان جي آزادي (٢٠٠٣ع):
ننڍي کنڊ جو، بلڪ اوڀر جو ھڪ وڏو دانشور، عالم ۽
اڪابر ننڍي کنڊ جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد ۽
حقيقي جاکوڙ تان پردو کڻي ٿو. ھيءُ ڪتاب جاويد
ميمڻ ترجمو ڪيو آھي.
سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو
(١٩٩٥ع):
ھيءُ ڪتاب جي آر ھنٽر جو لکيل آھي ۽ عطا محمد
ڀنڀري ترجمو ڪيو آھي. سنڌو لکت تي تحقيق ڪرڻ وارن
لاءِ مفيد آھي.
سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي (١٩٩٧ع):
اين جي مجمدار جي ھن ڪتاب جو ترجمو به عطا محمد
ڀنڀري ڪيو آھي. مجمدار موھن جي دڙي جي کوٽائي
ڪندڙن مان ھڪ ھو.
انساني تهذيب جي ارتقا (٢٠٠٣ع):
ھيءُ ڪتاب مشھور محقق
Will Durantجي
ڪتاب جو ترجمو آھي. ول ڊيورانٽ، ڌرتيءَ جي مختلف
تهذيبن تي ڪتاب لکيا آھن. ھن جو سنڌي ترجمو راز شر
ڪيو آھي. پڙھڻ جھڙو ۽ ڄڻ پاڻ پرکڻ جھڙو ڪتاب آھي.
اتي بس نه آھي، ڪتاب ٻيا به آھن.
سنڌ جي شھرن تي شايع ٿيل ڪتاب: ١٩٧٥ع ۾ ڪراچيءَ ۾
سنڌ صدين کان سيمينار ٿيو. ان موقعي تي ۽ ان کان
پوءِ ڪتاب ڇپيا. جن ۾ سنڌ بابت مقالا ھئا. ان کان
سواءِ سنڌ جي ضلعن ۽ شھرن بابت مقالا آھن. مثال
طور اٺا مينهن ملير،(ٿر بابت)گھڙ صدين کان،
لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، شڪارپور ماضي ۽ حال ۽ ٻيا
ڪتاب، حيدرآباد جو شھر، نوابشاهه، بدين جي ثقافتي
تاريخ، بدين جو مطالعو، بدين اديب، شاعر ۽ فنڪار،
سجاول، سکر ۽ جيڪب آباد تي ڇپيل اڌ ڊزن ڪتاب
وغيره. ھنن ڪتابن ۾ شھر ۽ ضلعي بابت معلومات گڏ
ڪيل آھي. ھي سڀ ڪتاب ڄڻ ته سنڌ بابت ھڪ عمومي
اڀياس جي حيثيت رکن ٿا.
ادبي ادارا:
سنڌ جا ادبي ادارا ڪنهن نه ڪنهن سطح تي ١٩ ھين
صديءَ جي وچ کان ھلندا اچن. مثال طور سنڌ جو
تعليمي کاتو ھڪ طرح سان ادبي ادارو به ھو. ننديرام
ان ۾ ترجمان (سيڪريٽريءَ) طور ڪم ڪيو. تعليم کاتي
۾ پھچندڙ ڪتابن جي درستي، ترتيب ۽ اشاعت سندس
حوالي ھئي. ان کان پوءِ ڪي نه ڪي ادبي ادارا،
اشاعت جو ڪم ڪندا رھيا. انهن جا نالا ساھتيه
منڊل وغيره ھئا. انهن جي پاران رسالا نڪرندا رھيا.
جيئن”سرسوتي“ماھوار رسالو ١٨٩٠ع کان نڪتو. ائين ھي
سلسلو ھلندو رھيو. ويھين صديءَ جي پھرئين چوٿ کان
به اھڙن ادارن، اشاعت گھرن پاران رسالا ۽ ڪتاب
شايع ٿيندا رھيا. وڏن ادارن ۾
سنڌي ادبي
بورڊ پھريون ادارو آھي جو ورھاڱي کان اڳ سنڌي ادب
لاءِ صلاحڪار بورڊ جي نالي سان قائم ٿيو. ھن اداري
سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب بابت ڪيترا ڪتاب شايع
ڪيا آھن. ڊاڪٽر بلوچ جا لوڪ ادب تي چاليهه جلد،
ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام جا مجموعا، جامع سنڌي لغات
۽ ٻيا ڪتاب بورڊ شايع ڪيا. سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي
فارسي ماخذن کي پير صاحب حسام الدين ايڊٽ ڪيو ۽
ٻين ليکڪن جا ڪتاب به بورڊ شايع ڪيا. بورڊ سماھي
رسالو”مھراڻ“، ٻارن لاءِ”گل ڦل“۽ عورتن
لاءِ”سرتيون“به شايع ڪندو اچي.
سنڌ الاجي به سنڌ جو ھڪ علمي ادارو آھي.
سنڌالاجيءَ ۾ لئبرري، ميوزيم ۽ اشاعت جو سلسلو به
آھي. سنڌالاجي پنهنجي معيار جي ڪري ھڪ عالمي ادارو
بنجي چڪو آھي. اشاعت جي لحاظ کان سنڌالاجيءَ سنڌ
جي آثار قديمھ، تاريخ، ثقافت، ادب ۽ ٻين لاڳاپيل
موضوعن تي ڪتاب شايع ڪيا آھن. راڳ ۽ ساز وارو شعبو
به موسيقيءَ جي تاريخي اسمن سان ڀرپور آھي.
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، نسبتا پوءِ قائم
ٿيو آھي، پر ھن اداري به لغتون ڇپائڻ ۽ ٻيو اشاعتي
ڪم ڪيو آھي. ھن اداري جو بنيادي ڪم سنڌي زبان جو
تحفظ ۽ ترويج آھي. اھو ڪم خوبيءَ سان سرانجام ڏيئي
رھيو آھي ١٥-١٦ سال ڪو وڏو عرصو ڪونهي. ان ھوندي
به سٺي ابتدا ٿي آھي. |