سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:5 

پھرئين سنڌي ناٽڪ جي لکجڻ جا سال ١٨٧٩ع ۽ ڪن ليکڪن موجب ١٨٨٠ع آھن. ھن ”سنڌي ناٽڪ صدي“ پئي ملھائي ويئي ته، ان ۾ مرزا قليچ بيگ جي منظوم ڊراما”ليليٰ مجنون“ (١٨٨٠ع) کي اڳيان رکي صدي ملھائڻ واري ڳالهه ذھن ۾ رکيل ھئي. ان سان ئي اِھا ڳالهه سامھون آئي ته حاجي امام بخش خادم جو ناٽڪ ”ھير رانجھو“ ھڪ سال اڳ يعني ١٨٧٩ع جو لکيل موجود ھو. ”ڪليات خادم“ جي مھاڳ ۾ پروفيسر لطف لله بدويءَ لکيو: ”خادم جي پھرين تصنيف جا منهنجي نظر کان گذري آھي، سا آھي”ھير رانجھو“ جو ڊرامو. ننڍي تقطيع جي ٢٥٠ صفحن تي پکڙيل آھي. ھيءَ تصنيف مصنف حيدرآباد ۾ لکي. ھڪ ھنڌ سال ١٨٧٩ع لڳل آھي(١).“

ائين ناٽڪ جي باري ۾ ليکڪن ۾ اختلاف پيدا ٿيا، ناٽڪ صدي ١٩٨٠ع ۾ ملھائي وئي، مذاڪرا ٿيا، ناٽڪ اسٽيج ٿيا ، پر ھيءَ حقيقت آھي ته پھريون ناٽڪ امام بخش خادم جو ھو، جو مرزا قليچ بيگ جي منظوم”ناٽڪ ليليٰ مجنون“ کان ھڪ سال اڳ لکيو ويو. البت اِھا حقيقت آھي ته مرزا قليچ بيگ سنڌي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ناٽڪن ۾ ھڪ يگانو ناٽڪ نويس ٿي اڀريو.

ابتدا کان سنڌ ۾ ناٽڪ اسٽيج ٿيڻ جو جيڪو سلسلو ھليو، ان جي مختصر تاريخ پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ بيان ڪئي آھي. ھو خود جديد سنڌي ناٽڪ جو باني آھي؛ بلڪ ١٩٢٣ع کان وٺي سنڌي ناٽڪ جي تحرير، تياري ۽ اداڪاريءَ جو حصو رھيو آھي. تنهن سان گڏ ويھين صديءَ جي سنڌي ناٽڪ جو اکين ڏٺو شاھد به آھي. ملڪاڻي صاحب ناٽڪ جي تاريخ ۽ ڊراماٽڪ سوسائٽين توڙي ناٽڪن جي پروڊڪشن جي مڪمل تاريخ به بيان ڪري ٿو.

سنڌ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ به سنڌين مختلف ناٽڪ منڊليون/ ڊراماٽڪ سوسائٽيون قائم ڪيون. جن جا تفصيل پروفيسر ملڪاڻيءَ جي لکيل ”سنڌي نثر جي تاريخ“، ”سنڌي ساھتيھ ڪلا درسني“ (ھري ھوتومل تنواڻي نماڻو ١٩٨٠ع) ۽ ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور جي ”سنڌي ناٽڪ صدي“ (١٩٨٠ع) ۽ ان کي وڌايل معلومات سان ”سنڌي ناٽڪ جي تاريخ“ (١٩٩٢ع) ۾ آيل آھن. ڊاڪٽر پنهور ناٽڪ جي تاريخ سان گڏ ترتيبوار ناٽڪن جي اشاعت، ناٽڪن، ناٽڪ نويسن، اداڪارن ۽ ھدايتڪارن جون ڏسڻيون به ڏنيون آھن.

پراڻين ۽ نين ناٽڪ منڊلين مان ڪي ھي آھن: سنڌ ڪاليج ناٽڪ منڊلي ڪراچي (١٨٩٤ع)، نانڪ رام ناٽڪ منڊلي حيدرآباد (١٩٢١ع)، رابندرناٿ لٽرري ۽ ڊراماٽڪ ڪلب حيدرآباد (١٩٢٨ع)، ھندو ڊراماٽڪ سوسائٽي ڪراچي (١٩٢٥ع)، سنڌي ساھتيھ منڊل بمبئي (١٩٤٨ع)، سنڌي ساھتيھ سڀا دھلي (١٩٥٠ع)، سنڌو ڪلا ڪيندر دھلي (١٩٥٠ع)، سنڌي نئون جيون سڀا دھلي (١٩٥٣ع)، ڪلاڪار منڊل ڀوپال (١٩٥٤ع) ۽ مھراڻ آرٽ سرڪل حيدرآباد (١٩٥٧ع) وغيره. ناٽڪ منڊليون تمام گھڻيون قائم ٿيون. انهن جو ڪل تعداد ھڪ سؤ کان مٿي آھي. ڀارت ۾ اڃان به دھلي ۽ بمبئيءَ ۾ ڪي ڊراما اسٽيج تي اچن ٿا، سنڌ ۾ وقفن سان ورلي ڪو ڊراما اسٽيج تي آندو وڃي ٿو(٢). ڊاڪٽر پنهور ڇپيل ناٽڪن جي مڪمل فھرست ۾ ٧٤٠ ناٽڪ شامل ڪيا آھن، جيڪي ١٨٨٠ع کان وٺي لکيا ۽ ڇپيا ويا ۽ آخري ناٽڪ ١٩٨٠ع ۾ ڇپيو. ھنن ھڪ سؤ سالن ناٽڪن جي ڪل تعداد کان سواءِ ڪي ٻيا ناٽڪ به ٿي سگھن ٿا، جيڪي گم نام رھيا ھوندا.

سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ خادم جي ھير رانجھي (١٨٧٩ع) کان پوءِ جنهن پھرئين ناٽڪ جو نالو اچي ٿو (جيئن ذڪر ڪيو ويو آھي) سو مرزا قليچ بيگ جو منظوم ناٽڪ ”ليليٰ مجنون“ (١٨٨٠ع) آھي. ھي شعرن ۽ گانن تي آڌاريل آھي. انهن ڏينهن اِھو منظوم ناٽڪ اسٽيج تي نه آيو، البت ٻيو ترجمو ڪيل ناٽڪ ”خورشيد“ جيڪو ١٨٨٧ع ۾ ڇپيو، سو ١٩٠٥ع ۾ اسٽيج تي ڏيکاريو ويو. ھي گجراتي ناٽڪ پاڻ اردوءَ مان ترجمو ڪيائين. اِنهن ٻن ناٽڪن کان پوءِ”رتناولي“ (١٨٨٨ع) جو ڪوڙيمل کلناڻيءَ جو لکيل ناٽڪ ھو، سو ڏکي سنسڪرت آميز زبان جي ڪري اسٽيج تي به نه آيو ۽ مقبول به نه ٿيو. ”خورشيد“ ۾ ھمت واري عورت (خورشيد) جو بنيادي ڪردار آھي جا حالات سان مقابلو ڪري ٿي ۽ ھڪ سچي عاشق کي پنهنجو جيون ساٿي چونڊي ٿي؛ ھوڏانهن ”رتناولي“ راجا ھريش ديو جي سنسڪرت ڪتاب جو ترجمو آھي. ان ۾ سريلنڪا جي راجڪماريءَ جي ڀارت جي ھڪ راجا سان پريم ڪھاڻي جي ڪٿا آھي(٣).

ناٽڪ جي اوسر جي ابتدا اٽڪل ٽيھن سالن ۾ ھندو ناٽڪ نويسن ڌرمي نوعيت ۽ ھندو راجائن بابت ناٽڪ لکيا ۽ مسلمان ليکڪن ۾ خاص طور مرزا قليچ بيگ گھڻي ڀاڱي شيڪسپيئر جي ڊرامن جو ترجمو ڪيو ۽ انهن کي مسلم سماج جي رنگ ۾ تبديل ڪيائين. جي ڪٿ ڪنهن ھندوءَ جي ڪردار کي يھوديءَ بجاءِ آندائين ته اعتراض ٿيا. شيڪسپيئر جي ڊراما ”مرچنٽ آف وينس“ اھڙو ھڪ مثال آھي، جنهن کي ”حسنا دلدار“ (١٨٩٧ع) جي نالي سان ترجمو ڪيائين. ھن ناٽڪ ۾ ظالم ۽ وياج خور شائلاڪ (shylock) کي ھريداس جو نالو ڏنائين، جيڪو قرض عيوض جسم مان گوشت ڪپڻ جو شرط رکي ٿو. قليچ Antonio کي ھندو ۽ Bassanio کي مسلمان جو روپ ڏنو.

ھندو ڪلچر مطابق”رام ليليٰ“ ۽ ”راس ليلا“ ناٽڪ جي روپ ۾ ڏيکاربا ھئا. ان کان پوءِ ٻيا ڌرمي ناٽڪ رچيا ويا. انهن ۾ ڄيٺانند کلڻداس جو نل دمينتي (١٨٩٤ع)، ليلارام وطن مل جو مقفيٰ نثر ۾”ھرشچندر“ (١٨٩٥ع) ۽ ”رامائڻ“ (١٨٩٨ع)، والميڪي جو”رام بنواس“(١٨٩٧ع)، ڏيئو مل گاگن داس ترجمو ڪيا. ليلارام وطن مل جو ناٽڪ دروپدي (١٩٠٥ع)، مھا ڀارت تان ورتل ھو. ديوان ليلارام وطن مل ان کان سواءِ سماجي ناٽڪ”سورجن راڌا“ (١٨٩٧ع) ۽”مھن تارڪا “ (١٨٩٦ع) لکيا، جيڪي اسٽيج ڪيا ويا. ٻيا به ڪي ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج تي آيا، انهن مان ڪي اڻ ڇپيل رھيا ۽ گم ٿي ويا. ھن ھندو ڌرمي سلسلي جي آخري ڪڙي مرزا قليچ بيگ مڪمل ڪئي ۽ ڪاليداس جو شڪنتلا (١٨٩٦ع) اصل متن کي اڳيان رکي نئين سر سنڌي سماج جي رنگ ۾ آندائين.

انهن ئي چند سالن (٩٤- ١٨٩٧ع) ۾ مرزا قليچ بيگ ٻيا به ٽي ناٽڪ لکيا، جيڪي طبعزاد آھن. اھي آھن: بڪاولي (١٨٩٤ع)، نورجھان ۽ جھانگير (١٨٩٦ع) ۽ نادرشاهه (١٨٩٧ع) پھريون عشقيھ داستان جي پسمنظر ۾ ۽ پويان ٻه ناٽڪ تاريخي آھن. ٽيئي ناٽڪ سکر واري ھريسنگهه ڇپايا. ان سان گڏ مرزا قليچ بيگ، شيڪسپيئر جي King lear جو ترجمو”شاهه ايليا“ (١٩٠٠ع) جي نالي سان ڪيو. ان ۾ بادشاهه ليئر، سندس ڌيئرن ۽ ٻين ڪردارن جا نالا مشرقي طرز جا رکيا ويا. ھن ناٽڪ جي ڪھاڻي انهيءَ نڪتي تي آڌار رکي ٿي ته ھر، ھا ۾ ھا ملائڻ وارو سچو نه ھوندو آھي. جيئن بادشاهه جون ٻه خوشامد ڪندڙ ڌيئرون ڪن ٿيون ۽ ٽين ظاھري خوشامد کان پاسو ڪري ٿي، ته ڀوڳي ٿي ۽ ھو ٻه نيٺ پڌريون ٿي پون ٿيون. لوڪ داستانن ۾ به اھڙو ھڪ داستان آھي. منهنجي ڪھاڻي”بادشاهه جي ڌيءَ“ به انهيءَ پسمنظر ۾ لکيل آھي.

مرزا قليچ بيگ”فيروز دل افروز“(١٩٠٥ع) ناٽڪ، اصل انگريزي ليکڪ لارڊ لٽن جي ”نائيٽ ائنڊ مارننگ“ جي اردو ترجمي”ليل و نهار“تان ورتو. ھن ناٽڪ ۾ بغداد جي وڏ گھراڻن جي فردن جي ڪھاڻي ھئي ۽ منجھس عام انساني جذبن ۽ وھنوارن جو به ذڪر ھو. رومانس ۽ حقيقت پسندي ھن ناٽڪ کي ڪافي مقبول بنايو. سورميءَ دل افروز جو پارٽ نهايت وڻندڙ ۽ موھيندڙ ھو. ھيءُ ناٽڪ اسٽيج تي آيو ته ٻين اداڪارن سان گڏ (ڪاڪي) لعلچند امرڏني مل به ھڪ رول ادا ڪيو ھو.

شيڪسپيئر جي ناٽڪ Cymbeline جو ترجمو مرزا قليچ بيگ ”شمشاد مرجانه“جي نالي سان ڪيو ۽ ١٩٠٨ع ۾ اسٽيج تي کيڏيو ويو. ساڳيو ناٽڪ گھڻو پوءِ عثمان علي انصاريءَ به ڪيو. ائين شيڪسپيئر جو ناٽڪ “Two Gentlemen of Verona”به مرزا قليچ بيگ”عزيز ۽ شريف“ (١٩٠٩ع) جي نالي سان ڪيو. ان جو ترجمو عثمان علي انصاريءَ ”گمراهه دوست“ (١٩٤٠ع) جي نالي سان ڪيو. ساڳئي سال قليچ بيگ، شيڪسپيئر جي مشھور ڊراما Romeo & Juliet جو ترجمو”گلزار ۽ گلنار“(١٩٠٩ع) نالي سان ڪيو. ھيءَ ھڪ روماني ڪھاڻي آھي. شيڪسپيئر جي ناٽڪ ۾ سورمو ۽ سورمي آخر ۾ پاڻ کي ماري ٿا ڇڏين. ان جي ابتڙ مرزا صاحب ناٽڪ جو انت عاشقن کي ملائڻ تي آندو آھي. آغا حشر جو ناٽڪ”خوبصورت بلا“جيڪو اصل نه پر خود ترجمو ھو، تنهن جو مرزا قليچ بيگ”نيڪي ۽ بدي“(١٩١١ع) جي نالي سان ترجمو ڪيو. ھيءُ ناٽڪ توڙي ”فيروز دل افروز“ اسٽيج تي گھڻو مقبول ٿيا. اھڙيءَ ريت Hamlet جو ترجمو ”شھزادو بهرام“(١٩١٤ع) نالي سان ڪيائين. ديوان ٺاڪرداس به ھڪ سال اڳ ھئملٽ جو ترجمو تريا چلتر (چرتر) جي نالي سان ڪيو ھو ۽ ڄيٺمل پرسرام به ھئملٽ جو ترجمو ڪيو ھو. ھن ناٽڪ جو سورمو شھزادو بهرام آھي. ھو ھڪ منجھيل شخص آھي. آخر ۾ خود مري وڃي ٿو.

مرزا قليچ بيگ جا ٻه ناٽڪ”جمشيد حميده“ (١٩١٨ع) ۽ موھني (١٩٢٤ع)، شيڪسپيئر ۽ ڪنهن اردو ناٽڪ تان ورتل ھئا. ان کان سواءِ به مرزا قليچ بيگ جا ٻيا ھي ناٽڪ رڪارڊ تي آيا آھن: لوڀي ۽ ٺوڳي (١٨٩٥ع- طبعزاد)، نيم طبيب خطره جان (١٨٩٧ع، طبعزاد) ١٩٠٦ع ۾ ڇپيو. مرزا صاحب جو ناٽڪ انڪوائري آفيسر به ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي آيو.

شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو (١٨٩٩ع- طبعزاد)، گشت ڪي ڪشٽ (١٩١٥ع- طبعزاد)، شھريار  شھربانو (١٩١٨ع- طبعزاد)، شيرين فرھاد (١٩١٨ع- طبعزاد) ۽ بدرمنير ۽ بينظير (١٩١٨ع- طبعزاد) وغيره(٤).

شيريڊن جو ناٽڪ Pizzaro شيواسنگهه اجواڻيءَ ”ڪشٽ“ (١٩٠٢ع) جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. ھيءُ ھڪ ڪامياب ناٽڪ رھيو. ھن ناٽڪ ۾ گانا به آھن ۽ ڪردارن کي ھندوستاني نالا ڏنا ويا آھن. پزارو جي ڌر وارن کي راجپوتي رنگ ۾ آندو ويو آھي، جو بقول مترجم”ٻي ڪنهن به قوم جي استرين ۾ اھڙي جرئت ڪانه آھي.“

ويھين صديءَ جي ابتدا کان ڪي ٻيا اھم ناٽڪ ھي آھن:

١

خوبصورت بلا (حشر)

ڪشنچند بيوس

٢

راجا ھريشچندر

ڪشنچند بيوس

٣

شڪ جو شڪار

ڪشنچند بيوس

٤

فريبي فتنه

نانڪ رام ڌرمداس

٥

نيڪ پروين (ترجمو)

نانڪ رام ڌرمداس

٦

پريم ڀڳتي

نانڪ رام ڌرمداس

نانڪ رام ڌرمداس ۽ انهيءَ دؤر جي ڪن ٻين ناٽڪ نويسن ڪي ڌرمي ۽ سماجي ناٽڪ ترجمو ڪيا ۽ اسٽيج ڪيا ويا. ھڪڙو وڏو ليکڪ جو ناٽڪ لکندي فلم ڪمپنيءَ ڏانهن ھليو ويو، سو ھو خانچند درياڻي، جنهن گجراتي ۽ ٻين زبانن مان ڪي ترجما به ڪيا، پر سندس مشھور ناٽڪ ھي آھن: جيئريءَ تي جيئري (١٩٢٦ع ۾ اسٽيج تي آيو). زمينداري ظلم (١٩٢٨ع ۾ اسٽيج تي آيو)، انسان ڪي شيطان (ترجمو ١٩٣١ع). گلاب جو گل (طبعزاد)، موتئي جي مکڙي (١٩٢٣ع)، ملڪ جا مدبر (ابسن جو ترجمو ١٩٢٣ع) غلط فھمي (ترجمو ١٩٢٤ع)، عجيب انصاف (ترجمو ١٩٢٥ع)، ديش صدقي (ترجمو ١٩٢٧ع)، رتنا (طبعزاد ١٩٢٤ع)، زماني جي لھر (طبعزاد ١٩٢٩ع)، مايا جو انڌ (طبعزاد ١٩٣٠ع) ۽ بک جو شڪار (طبعزاد ١٩٣٢ع).

خانچند درياڻيءَ جا ڪي ٻيا ناٽڪ به آھن. سندس گھڻا ناٽڪ اسٽيج تي آيا. ھن خود ڪن ۾ اداڪاري به ڪئي. مثال طور”رتنا“جيڪو گھرو زندگي، مرد توڙي عورت جي ذميدارين بابت ھو. ان ۾ نائڪ جو رول منگھارام ملڪاڻيءَ ڪيو ۽ سورميءَ جو رول خود درياڻيءَ ڪيو. ائين اداڪاريءَ جو ھي داستان تمام ڊگھو آھي، جيڪو پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ پنهنجي تصنيف ”سنڌي نثر جي تاريخ“ جي چوٿين فصل ۾ بيان ڪيو آھي.

خانچند شامداس درياڻيءَ جي ناٽڪ ”جيئريءَ تي جيئري“ ته نالي مان ظاھر آھي ته ھڪ زال ھوندي ٻيءَ سان شادي ڪرڻ جو رواج خراب ڄاتو ٿي ويو، پر سورمو ارجن ٻي شادي ڪري ٿو. پڻس به دولت خاطر ڳجهه ڳوهه ۾ راضي آھي. ناٽڪ ۾ ههڙين حرڪتن کي ننديو ويو آھي. ناٽڪ ۾ اھڙين ڳالھين تان پردو کنيو ويو، جن جي ڪري تڪليفون ۽ خرابيون پيدا ٿين ٿيون.

ترجمن ۾ درياڻيءَ جا ٻه ناٽڪ مقبول ٿيا، اھي آھن،”ملڪ جا مدبر“ ۽ ”ديش صدقي“. ھنن ۾ پھريون اِبسن جي ناٽڪ جو ترجمو ھو. درياڻيءَ ان ۾ تبديلي ڪئي ۽ ان کي سنڌي مسلم سماج سان ھم آھنگ ڪيائين. ھن ۾ آپي شاھي ۽ شاھوڪار شاھيءَ جي نقصانن تان پردو کنيو ويو ھو. ٻيو ناٽڪ بيلجم جي ناٽڪ نگار مئٽرلنڪ جي ”مونا وانا“تانورتل ھو ۽ ان کي ھتي جي ماحول موجب راجپوتن جي جيوت سان ٺھڪايل ھو. ھي وطن پرستيءَ جو ھڪ شاھڪار آھي. راڻي دشمن کي ھٽائڻ ۽ وطن جي آزادي قائم رکڻ لاءِ عزت ۽ عصمت قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿئي ٿي ۽ عزت توڙي وطن جو بچاءُ ڪري ٿي. بي لوث جذبن ۽ قربانيءَ جو سبق ھن ناٽڪ جو بنيادي موضوع آھي.

سنڌي زبان جو ليکڪ ۽ خانچند درياڻيءَ سان گڏ ھڪ ٻيو وڏو نالو ناٽڪ نويس پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ (١٨٩٦- ١٩٨٠ع) جو آھي. ھو نه رڳو وڏن ۽ ننڍن يڪ بابي ناٽڪن جو ليکڪ ھو، پر پنهنجن جوڀن وارن ڏينهن کان سنڌي ناٽڪ جو ھڪ برجستو اداڪار ۽ اکين ڏٺو شاھد به آھي. سندس مختصر ناٽڪ ڪٿا ھيءَ آھي ته: ”ھن چار وڏا ناٽڪ لکيا، جن مان پھريون ھو”قسمت“جيڪو انگريزي ناٽڪ نويس نابلاڪ جي ساڳئي نالي واري ناٽڪ جو ترجمو ھو، جيڪو”الف ليليٰ“ جي آکاڻين وانگر خليفن جي زماني ۾ بغداد شھر جي ھڪ فقير جي آزمودن بابت ھڪ آکاڻي آھي.“ ٻيو ناٽڪ عبرانيءَ جي ليکڪ زئنگول جي Melting Pot تان ورتل”ايڪتا جو آلاپ“ (١٩٣٠ع) جي نالي سان آندو. ھن ناٽڪ جي اصلي متن ۾ آمريڪا کي ھڪ اھا کڏ چيو ويو آھي جنهن ۾ وڙھندڙ قومون نيٺ ملي ھڪ ٿي وينديون آھن. ملڪاڻيءَ ان کي ھندوستان جي مختلف قوميتن جي پيش منظر ۾ ڏٺو آھي. ٽيون ناٽڪ”کن جي خطا“ (١٩٣٠ع) ھو، جنهن ۾ ھڪ فلمي ڪھاڻيءَ وانگر ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ميل جول جي خراب نتيجن کي ڏيکاريو ويو ھو. ھن ناٽڪ تي ناٽڪ نويس کي انعام به مليو. سندس چوٿون ناٽڪ”انارڪلي“ (١٩٣٠ع) ھو. جيئن نالي مان ظاھر آھي، ھي ناٽڪ شھزادي سليم ۽ انارڪليءَ جي پيار ڪھاڻيءَ بابت آھي. ملڪاڻيءَ ھن ناٽڪ ۾ بادشاهه اڪبر جي خيالن جي آئيني ۾ ھندو مسلم اتحاد جي به ڳالهه ڪئي(٥).

بقول پروفيسر ملڪاڻيءَ جي نه ننڍو نه وڏو، پر سندس وچولو ناٽڪ شانتا (١٩٤٣ع) ھو. آُن کان سواءِ پاڻ ننڍا ۽ يڪ بابي ناٽڪ (one act plays) به لکيائين. اھي ھي آھن: پھريون مجموعو”پنج ننڍڙا ناٽڪ“ (١٩٣٧ع)، پاپ ڪين پڃ، ٻه باھيون، ٽي پارٽي، پريت جي ريت ۽ بٽئي. ھنن ننڍن ناٽڪن تي ٽن وڏن ليکڪن پرمانند ميوارام، ڄيٺمل پرسرام ۽ لعلچند امرڏني مل تِکا مٺا تبصرا ڪيا. ملڪاڻيءَ جي ننڍن ناٽڪن جو ٻيو ڳٽڪو آھي، پنگتي پردا (١٩٣٨ع)، اڪيلي دل، ليڊيز ڪلب، ناخلف، ميلاپ، ضعيف انسان، ماتا جي ممتا ۽ پتا جو پاپ. ان کان سواءِ ٻيا ننڍا ناٽڪ، سمنڊ جي گجڪار، ڪوڙو ڪلنڪ ۽ جيون ناس، بئراج ۽ دلسوز داستان آھن. پروفيسر ملڪاڻيءَ پنهنجن ننڍن توڙي وڏن ناٽڪن ۾ زندگيءَ جو عڪس چٽيو آھي. سماج ۾ جيڪي خرابيون آھن، انهن جو بيان ڪيو اٿس. گھرو جيوت، روزگار، ڏيتي ليتي توڙي جيئريءَ تي جيئري ھن جا خاص موضوع آھن. ناٽڪ جي عمارت جو ھڪ ٿنڀو پروفيسر منگھارام ملڪاڻي سنڌ- ھند ۾ ملھايل ناٽڪ صديءَ واري سال ١٩٨٠ع ۾ ڪلڪتي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

سنڌ جي نيم تاريخي داستانن ۾ ناٽڪ جو انگ رنگ اڳ ئي سمايل ھو. بلڪ انهن جي متن ۾ مڪالما به ھئا ته منظرنامو به ڄاتل ھو. رڳو ليکڪ جو قلم ۽ اسٽيج گھربل ھو. اھو مھيا ٿي ويو ۽ تقريبا سڀني داستانن تي ناٽڪ لکجي ويا ۽ رنگ منچ تي به آيا. گھڻو پوءِ ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن جو به سينگار بنيا. اھڙن ناٽڪن جي تاريخ ڏسبي ته خانچند درياڻيءَ جو”مومل مينڌرو“ ١٩٢٢ع ۾ ڇپيو ۽ ١٩٢٨ع ۾ اسٽيج تي آيو. لعلچند امرڏني مل جڳتياڻيءَ جو ناٽڪ ”عمر مارئي“ ١٩٢٥ع رابندرناٿ ڪلب اسٽيج تي آندو. ھن ۾ شاهه جا بيت به موقعي مھل موجب شامل ڪيل ھئا. لعل چند امر ڏني مل، ڊنگي مل ٿڌاڻيءَ سان گڏجي”سھڻي ميھار“ لکيو ۽ سسئي پنهون به لکيو ھو. جيڪو (شايد) اڃان به اڻ ڇپيل آھي. ”سسئي پنهون“ ھڪ ٻئي ليکڪ منگل سنگهه رامچنداڻيءَ به لکيو ھو، جيڪو رنگ منچ تي آيو.

اھڙيءَ طرح ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻيءَ، ليلاچنسير جو داستان ناٽڪ روپ ۾ ”ھڪ رات“ جي نالي سان لکيو. ھن ۾ ڪردار ۽ مڪالما ايترا گھڻا ھئا جو بقول پروفيسر ملڪاڻي”ھي ناٽڪ سئنيما جي پردي تي آڻڻ جھڙو ھو“. ھن ناٽڪ جي زبان شڪارپوري ۽ موسيقيت واري آھي. پروفيسر رام پنجواڻي ”مومل راڻو“١٩٤١ع ۾ لکيو ۽ عمر مارئيءَ جي داستان کي”پکي ۾ پدمڻي“ (١٩٤٣ع) جي نالي سان ناٽڪ جي روپ ۾ آندائين. اھو اسٽيج تي آيو. نانڪ رام ڌرمداس جو”سھڻي ميھار“ ١٩٤٦ع ۾ رسالي”ڀارت جيون“ ۾ ڇپيو. ممڪن آھي، اھي ۽ باقي نيم تاريخي داستان ”نوري ڄام تماچي“ ۽ ”مورڙو ميربحر“ وغيره به ڪن غيرمعروف ماڻھن لکيا ھجن.

ڪي ناٽڪ موضوعن جي گوناگونيءَ سبب مقبول ٿيا. انهن ۾ گماني گھمسان، شيڪسپيئر جي Othelo جو ترجمو آھي، جو ١٩٢٥ع ۾ ڇپيو. پروفيسر ملڪاڻي ۽ ڊاڪٽر پنهور انهن جو ليکڪ ڀاڳسنگهه آڏواڻي ڏسيو آھي. مون وٽ موجود ڇاپي تي ليکڪ جو نالو آر. جي. سدا رنگ ڄاڻايل آھي. (منهنجي خيال ۾ پراڻي ڇاپي تي نئون جلد چاڙھيل آھي) ھن ناٽڪ جا ڪردار سندر، چنچل، جڳديو ۽ ڪرشنا وغيره آھن. ڄام نگر جي ھڪ گھٽيءَ جي حوالي سان پھريون منظر شروع ٿئي ٿو. ھي ناٽڪ سماجي پسمنظر ۽ مختلف واقعات تي آڌاريل آھن.

جھمٽ مل ڀاوناڻي، جنهن جا ڪتاب ڪامل جو ڪلام، ڍولا مارو، چند سڳند ۽ ائٽ جي اوٽ وغيره موجود آھن، سو نو عمريءَ ۾ ناٽڪن جو اداڪار ھو. ھن کي ادڪاريءَ مان ناٽڪ لکڻ جو شوق جاڳيو ۽ ھن جيڪي ناٽڪ ترجمو ڪيا ۽ لکيا، انهن ۾ موليئر جو مکر ۽ موذي مزاحيھ ناٽڪ ھئا. ١٩٣٦ع ۾ ھڪ ٻئي اداڪار جڳو آڏواڻيءَ به موليئر جي مزاحيھ ناٽڪ کي افلاطون نالي سان سنڌيءَ ۾ آندو. ليکراج عزيز به ڪي ناٽڪ لکيا جن ۾ ڪمار اجيت سنگهه (١٩٣١ع)، راجپوتن جي تاريخ تي آڌاريل ھو. ٻيو ناٽڪ ”غريبان مار“آھي، جو ھاري زميندار تعلقات بابت آھي. ٽيون ناٽڪ عزيز، جڳو آڏواڻيءَ سان گڏجي”مسٽر مجنون“ لکيو. اھڙيءَ طرح ٣٠-٤٠ واري ڏھاڪي ۾ ڪي ٻيا به ناٽڪ لکيا ۽ اسٽيج ڪيا ويا.

عثمان علي انصاريءَ شيڪسپيئر جا ٻه ناٽڪ ترجمو ڪيا، جن جو حوالو اڳ قليچ بيگ سان گڏ اچي چڪو آھي. (اھي ئي ناٽڪ قليچ ترجمو ڪيا). انصاريءَ اھي جرم وفا (١٩٣٧ع) ۽ گمراهه دوست (١٩٣٩ع) نالي سان ڪيا(٦).

ڪيترا ٻيا ننڍا وڏا ناٽڪ تخليق ٿيا. انهن ۾ ھڪ اھم ناٽڪ بدنصيب ٿري (١٩٣٩ع) آھي، جو محمد اسماعيل عرساڻيءَ (١٩٠٦-١٩٨٦ع) ميرپورخاص ھاءِ اسڪول ۾ اسٽيج تي آڻڻ لاءِ لکيو. ھن ناٽڪ کي ٿر جو پسمنظر آھي، جنهن ۾ اتان جي جھالت ۽ سادگيءَ جو ذڪر آھي. چنيسر، ڏوڪري، سڄڻ، دودو ۽ ٻيا ھن ناٽڪ جا اھم ڪردار آھن. عرساڻيءَ جا ڊزن ڊايالاگ، سورٺ راءِ ڏياچ، حسن پروين، خيال خاطر، سير ريگستان، سنڌي سٻاجھڙا، دلڪشا، ڊراما ۽ ناول ۽ سکر سيئي ڏينهن وغيره ڪتاب لکيل آھن. انهن ۾ ڊراما به آھن. ان مان ليکڪ جو ڊرامن ڏانهن لاڙو چٽو نظر اچي ٿو. عرساڻيءَ سان گڏ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جا ڪي ناٽڪ مقبول ٿيا. اھي ھي آھن: نورجھان جو پٽ (١٩٤١ع)، اسلام تي مقدمو (١٩٤٩ع)، ڏاھري رنگ محل، شاھدي، ڪورٽ، سجائي موڙي، نجومي سائنس جو پٽ، واڀيڙو، ڏڪار ۽ مرزا غازي بيگ.

ڏيپلائيءَ جا سڀ ناٽڪ ھڪ مقصد ھيٺ لکيا ويا. انهن ۾ ان سان گڏ طنز ۽ شوخي به آھي. شاھدي، ھڪ دلچسپ منظر، شاھد جي اٽڪل واري شاھدي ۽ حاضر جوابيءَ جي ڪري ناٽڪ ۾ اھميت وارو ٿيو. جنهن ۾ شاھد ھر سوال کي وٽ سٽ ڏئي چوي ته ھيئن به آھي ته ھونئن به آھي. مثال طور ڪورٽ ۾ وڪيل جي آڏي پڇا ۽ جواب ھي آھن:

وڪيل: ڀلا ھو پوڙھو يا جوان؟

شاھد: عمر جي لحاظ کان ته پوڙھو ڪونه ھو، پر اڪثر صحت خراب ھجڻ سبب وڏو پيو نظر ايندو ھو.

وڪيل: وار اڇا ھئس يا ڪارا؟

شاھد: نزلي سبب وار اڇا ٿيل ھئس، پر جڏھن ڪيس لڳائيندو ھو ته جھڙو جوان!

وڪيل: رنگ ڳورو ھئس يا ڪارو؟

شاھد: ھو بلڪل عمدي ڳوري رنگ جو ھو، پر پوين ڏينهن ۾ بيماريءَ جي دور سبب البت ڪاراٽجي ويو ھو.

ائين ھن شاھدي ناٽڪ جي خاص شاھد جي ابتن سبتن جوابن ڪري ناٽڪ نمايان ٿي بيٺو. شگفته بياني ڏيپلائيءَ جي خصوصيت آھي. ناٽڪ واڀيڙو (وھابي)، ڪڇي ۽ ٿري محاوري ۾ لکيل آھي. ڏکين لفظن جي معنيٰ به ناٽڪ نويس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن جو پسمنظر مسلمانن جي ٻن فرقن جو آھي. پھريون منظر ڀڄ (ڪڇ) جي ھڪ پراڻي مسجد جو آھي. ھي ناٽڪ ڏيپلائيءَ وقت جي حالتن جي مدنظر لکيو. سنڌالاجيءَ ڏيپلائيءَ جا چونڊ ناٽڪ ھڪ جلد ۾ ١٩٨٥ع ۾ وري شايع ڪيا آھن.

آغا سليم جا مقبول ناٽڪ دولهه درياخان، دودو چنيسر ۽ تماشو اسٽيج تي آيا ۽ بحيثيت ناٽڪ نويس جي به آغا سليم پاڻ مڃايو. سندس ناٽڪ ريڊيو تان به نشر ٿيا. اھڙيءَ طرح ڪيترا ٻيا ناٽڪ اشاعت، ريڊيو، اسٽيج ۽ ٽي ويءَ ذريعي پڌرا ٿيا.

ڇپيل ناٽڪن ۾ چند ھي آھن:

فائوسٽ

گوئٽي، ڄيٺمل پرسرام

شڪنتلا

ڪاليداس، ڪلياڻ آڏواڻي

شڪنتلا

ڪاليداس، رشيد لاشاري

دنيا دورنگي

آغا غلام نبي پٺاڻ

مئڪبيٿ

شيڪسپيئر، مرزا حبيب لله

عاشق زھر پياڪ

رشيد ڀٽي

حريص پتلو

آغا عبدالنبي عليگ

ڳاڙھو لالٽين

نجم عباسي

گوگھو چوھاڻ

محمد سومار شيخ

خورشيد جو نيلام

محمد عثمان ڏيپلائي

چڱو ۽ مدو

محمد سومار شيخ

اڪيلي

آنند ٽھلراماڻي

مونجھارو

توفيق الحڪيم، مراد علي مرزا

ڀارت ۾ ڄيٺانند ناگراڻيءَ جا”گامٽو“سلسلي جا ناٽڪ گھڻو مقبول ٿيا، جي طنز ۽ کل ڀوڳ جو تاثر رکن ٿا. چورنگي نالي سان ڇپيا ۽ اسٽيج ٿيا. سنڌ ۾ ورھاڱي کانپوءِ اسٽيج جو زور ڀڄي پيو. پوءِ به ڪن ليکڪن ۽ ھدايتڪارن پنهنجي سر ڪوششون ڪيون. محمد يوسف پنهور جا اسٽيج ڊراما ڪتابي صورت ۾ ١٩٨٠ع ۾ شايع ٿيا. ھن ڪتاب ۾ ڏهه اسٽيج ناٽڪ شامل آھن، جيڪي رنگ منچ تي آيا. ان کان پوءِ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما آھن، جن جا به ڪي مجموعا شايع ٿيا، ھونئن ته ريڊيو تان ڪئين ننڍا وڏا ڊراما نشر ٿيا، پر ڪن ناٽڪ نويسن جا مجموعا به شايع ٿيا. انهن ۾ ٽي مجموعا قمر شھباز، ممتاز مرزا ۽ قاضي خادم جا آھن.

قمر شھباز جي مجموعي ۾ ڇهه ريڊيو ناٽڪ ۽ ٽي ٽيليويزن ناٽڪ آھن. ھي ڪتاب ١٩٨٧ع ۾ ڇپيو آھي. مھاڳ ريڊيو جي پروڊيوسر خواجھ امداد علي ۽ صحافي فقير محمد لاشاريءَ لکيا آھن. خواجھ، قمر جي ڊرامن ۾ ٿورن ڪردارن واري ڳالهه کي ساراھيو آھي. اِنهن ناٽڪن ۾ واقعات حقيقي لڳندا آھن. ناٽڪ نويس زندگيءَ کي قريب کان ڏٺو آھي. سندس ڪردار ڏکن سکن جا ڏينهن به برداشت ڪن ٿا ۽ اھو حقيقي لڳي ٿو. وطن سان محبت جو اظھار ڪيئن به ڪجي ان جو ڪو ٻيو نالو ڪونهي. سنڌوءَ بابت ھاشم خان ۽ ناکئو ڳالھائين ٿا ته ناکئو سنڌوءَ کي پنهنجو ساهه پساهه سڏي ٿو (واچوڙن ۾ لاٽ). اھڙيءَ طرح جذبات جي برملا اظھار ڪرڻ ۾ ٻيو ڇا کپي، جڏھن پٽ (يوسف) ماءُ کي مخاطب ٿي چوي ٿو: ”امان! مون شھزاديءَ سان امر ۽ لازوال محبت ڪئي آھي. ريڊيو جو ٻيو ڊرامو قرض مرض فرض، اھڙن ڪردارن تي آڌاريل آھي، جيڪي زندگيءَ جي ڪارزار ۾ ٿڌيون گرم ھوائون سھن ٿا. اھڙيءَ طرح ٽي وي ناٽڪن ۾ قمرشھباز جا ڪردار سجاڳ ماڻھن وانگر آھن. انهن ۾ زيادتي ڪرڻ وارا به آھن ته سھڻ وارا به آھن. قمر جا مڪالما نهايت جاندار آھن، انهن وسيلي ھو ڪھاڻي ۽ عمل کي مڪمل ڪري ٿو.

ناٽڪن جو مجموعو آخري رات، ممتاز مرزا جو آھي. ھيءُ ڪتاب ريڊيو ۽ ٽيليويزن ناٽڪن تي آڌاريل آھي ۽ ١٩٧٩ع ۾ شايع ٿيو آھي. ممتاز مرزا جي ھن مجموعي ۾ ريڊيو ناٽڪ تي مراد علي مرزا ۽ ٽيليويزن ناٽڪ تي عبدالڪريم بلوچ ڀرپور مھاڳ لکيا آھن، جي ناٽڪن جي ھنن ٻن ذريعن (Mediams) جي ٽيڪنيڪي ڄاڻ ڏين ٿا. ھي ٻئي دوست بالترتيب ريڊيو ۽ ٽي ويءَ سان وابسته ھئا. ممتاز خود پھرين ريڊيو تي ھو، پوءِ ٽي ويءَ تي آيو. ھن ابتدا (١٩٥٦ع) ۾ افسانا لکيا. سندس ھي ناٽڪ، خاص طور پنرو بڊام، واٽون ۽ نيڻ، آخري رات ۽ لاکو ڦلاڻي، محبت مجاز ۽ سنڌ جي تاريخ جي پس منظر ۾ لکيل آھن. ساڳي ڳالهه ٽي وي ناٽڪن سان به لاڳو ٿئي ٿي. ”ڪي ڏور به اوڏا سپرين“ ۽ ”ستارن بنا رات“ اھڙي ساک ڀرين ٿا. ممتاز جا ڪردار سماج جي مختلف طبقن مان آھن. ميڊيا تي ڊرامن ۾ منظرنامي جي پختگي به اھم رول ادا ڪري ٿي.

انهيءَ لحاظ کان قاضي خادم جي ناٽڪن جو مجموعو لڙڪ لڙڪ زنجير ڪمزور آھي. ھيءُ مجموعو سنڌالاجيءَ ١٩٨١ع ۾ ڇاپيو آھي. ھن ۾ ڪل نو ناٽڪ آھن. وندر ۽ ورونهن جي لحاظ کان منزلون ۽ مسافر بهتر آھي، پر ڪردار اڀري سامھون اچن ۽ متاثر ڪن، اھا ڳالهه قاضي خادم جي ناٽڪن ۾ گھٽ آھي.

امرجليل جا افسانا پڻ پاڻ مڃائي چڪا آھن ته ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما ۾ به ھن نالو ڪڍيو آھي. سندس ناٽڪ اونداهه ۽ روشني، ماءُ ۽ ٻيا تمام ڪامياب به رھيا ته انهن مان ڪي ھن اردوءَ ۾ به آندا. امرجليل جا زوردار مڪالما ٻئي ڪنهن ليکڪ سان ڀيٽي نٿا سگھجن. ھو مڪالمن ذريعي نه رڳو ناٽڪ کي اڀار تائين پھچائي ٿو، پر پاڻ کي مڪمل طور ظاھر ڪري ٿو. علي بابا افسانن کان پوءِ ناٽڪن ڏي آيو. ريڊيو کان پوءِ ٽي ويءَ تي آيو. سندس بيان ۾ زور آھي. ٽي ويءَ تي سندس ناٽڪ ٻاليشاھي تمام ڪامياب رھيو.

ڪيترا ٻيا به ليکڪ آھن، جن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي اچي پنهنجا جوھر ڏيکاريا. انهن م مراد علي مرزا، منظور نقوي، اياز عالم ابڙو، طارق عالم ابڙو، عبدالقادر جوڻيجو ۽ شوڪت شورو وغيره اچي وڃن ٿا.

شيخ اياز، ”دودي سومري جو موت“، ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ منظوم ڊراما لکيا. ھونئن اياز جي ڪن نظمن ۾ به ناٽڪ روپ موجود آھي، پر ھي ٽي سنگيت ۽ نظم تي آڌاريل ناٽڪ ڪامياب رھيا. ١٩٩١ع ۾ ”دودي سومري جو موت“ لاڙ ثقافتي ميلي بدين ۾ اسٽيج تي آندو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ به اسٽيج تي آيو. آخر ۾ ايترو چوندس ته سنڌ ۾ ناٽڪ جي ڳڻپ ڪجي ته ھي داستان اڃان ڊگھو آھي. ان سلسلي ۾ تفصيل ڊاڪٽر محمد يوسف پنهور جي ڪتاب سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۾ ڏسڻ کپن. (٧)

حوالا:

١- خادم، امام بخش، ڪليات خادم، سنڌي ادبي بورڊ ١٩٥٨ع، ص ٣١.

٢- پنهور، محمد يوسف (ڊاڪٽر)، سنڌي ناٽڪ جي تاريخ، سنڌالاجي، ١٩٩٢ع، ص ص ٢٢ کان ٧٤.

٣- ملڪاڻي، منگھارام، سنڌي نثر جي تاريخ، ص ١١٨.

٤- تفصيل لاءِ ڏسڻ کپي، ڊاڪٽر پنهور جو حوالي نمبر ٻئي وارو ڪتاب.

٥- ملڪاڻي، حوالي نمبر ٽئين موجب ڏسو صفحا ١٦٩ کان ١٧٥.

٦- اڪثر ليکڪن”جرم وفا“کي”جرم بي وفا“ڪري لکيو آھي.

٧- سنڌي ناٽڪ تي غلام رسول بلوچ پي ايڇ. ڊي ڪئي آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org