سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:11 

جويو صاحب سنڌ جي ھڪ دور جي علمي، ادبي ۽ تعليمي تاريخ آھي، سندس جاکوڙ جو جائزو وٺڻ وارن ۾ ڊاڪٽر الانا، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي، سراج، علي احمد بروھي، تاج صحرائي، غلام محمد لاکو، تاجل بيوس، بيدل مسرور ۽ ھدايت پريم شامل آھن.

جويو صاحب ھڪ سلجھيل، حقيقت پسند ۽ ترقي پسند اديب بلڪھ قافلي جو سالار آھي.

سنڌيءَ ۾ سوانح حيات جا ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا ويا آھن، جن ۾ شاعرن، درويشن، عالمن، سياستدانن ۽ عوامي ماڻھن جي زندگيءَ جو احوال آھي. ڀارت ۾ به اھڙا ڪتاب آھن. انهن جي فھرست مرتب ڪبي ته اھا به طويل ٿيندي. بهرحال ھڪ اھڙي فھرست ھيءَ آھي، جنهن مان ھن موضوع تي ڇپيل ڪتابن جو اندازو ٿيندو:

سيد سمن شاهه سرڪار

اصل لکيل محمد سومار شيخ (ڪور تي نالو ٻيو آھي)

حفيظ شيخ

 

سنڌ جو امير

اختر عباسي

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

محبوب علي چنا

امام انقلاب مولانا عبيدلله سنڌي

پير علي محمد راشدي

ايڇ. ايم خوجا، ھڪ مثالي استاد

حامد علي خانائي

يادن جا ديرا کوسن جا پيرا

نظام الدين کوسو

وياسي وينجھار

غلام محمد گرامي

آديسي اٿي ويا

ڊاڪٽر نواز علي شوق

ھمايون نامو

احمد خان آصف ۽ ٻٻر

جيڪي ڏٺو مون

مريم راھو

سردار بهادر محمد بخش

علي اڪبر درازي

مرد مومن

عنايت لله زنگيجو

علامھ آءِ . آءِ قاضي

پروفيسر علي نواز جتوئي

حضرت بهاءُ لله

پروفيسر علي نواز جتوئي

خليفو ميان صوبدار

سائين بخش جوڻيجو

قاضي احمد دمائي

سائين بخش جوڻيجو

سنڌ جو سيد

محمد امين کوسو

پير بادشاهه

عبدالعزيز

عمر بن محمد دائودپوٽو

غلام مصطفيٰ دادوي

امام انقلاب سورھيھ سائين

 

خان محمد پنهور

ناصر پنهور

سنڌ جو سورمو مولانا تاج محمود امروٽي

عبدالرحمان جتوئي

سـُرھا گل سنڌ جا

عابد لغاري

حضرت عثمان مروندي

علي نواز شاهه

خدا يار خاني ميان سرفراز

مرزا عباس علي بيگ

ٻري جن ٻاري

خان محمد پنهور

شھيد لله بخش سومرو

آزاد قاضي

سفر زندگيءَ جو

غلام نبي صابر سڌايو

سنڌ جي پنجن ادبي شخصيتن تي بندهه راقم جا ھيٺيان ڪتاب ڇپيل آھن:

١- ڊاڪٽر بلوچ: ھڪ مطالعو

٢- شيخ اياز: ھڪ مطالعو

٣-تنوير عباسي: ھڪ مطالعو

٤- ڊاڪٽر سنديلو: ھڪ مطالعو

٥- محمد سومار شيخ: ھڪ مطالعو

باب ڇھون

آتم ڪھاڻي:Autobiography/

پنهنجي ڪھاڻي، پنهنجي زباني بيان ڪجي يا لکجي ته اھا ٿي آتم ڪھاڻي، آتم ڪٿا يا خود نوشت. ھيءَ نثري صنف سوانح حيات جو ٻيو، ھڪ قدم اڳتي ۽ نئون روپ آھي. پنهنجي سڄي آتم ڪھاڻي لکڻ لاءِ دل گردو کپي. اھا فقط افسانو/ ڪھاڻي نه ٿي وڃي، پر سچن احوالن تي مبني ھجي. منجھس تر جيتري به ملاوت نه ھجي ۽ لـِڪ َ ته بنهھ نه ڪجي. آتم ڪھاڻي لکڻ لاءِ ھڪ محرڪ جذبو ھوندو آھي. ڪڏھن ڪي لکڻ وارا جوانيءَ واري دور ۾ ئي لکندا آھن. بيشتر ماڻھو وڏي عمر ٿيڻ بعد پنهنجي آتم ڪھاڻي لکندا آھن. اھي سوچيندا آھن ته زندگيءَ جو ھيترو دؤر گذري آيو. ڪيترا مشاھدا ٿيا. اھي لکجن ته ماڻھن کي پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي جواني ۽ پيريءَ جي حالتن کان واقف ڪجي، جي ڪي غلط فھميون آھن ته دور ڪجن. سنڌيءَ ۾ آتم ڪھاڻيون لکڻ وارا سياستدان، قومي ورڪر، اديب ۽ شاعر وغيره آھن.

آتم ڪھاڻي، انسان جي اندر جا سڀ راز کولي ٿي. اھي ڳجهه جو ھـُو اصل ھر ڪنهن جي اڳيان بيان نه ڪري، سي آتم ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪري ٿو، پر ڪو ڪو! علامھ آءِ . آءِ . قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي ھفتيوار ليڪچرن ۾ ھڪ ڀيري چيو ته پنهنجي زندگيءَ جي گذريل واقعن ۽ دؤر کي جيڪڏھن ڪو لکي ته اھو به ادبي خزاني ۾ ھڪ اھم اضافو آھي.

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو:

سنڌ جي ھن عالم، اديب ۽ ماھر تعليم جي آتم ڪھاڻي، منهنجي مختصر آتم ڪھاڻي (١٩٥٩ع)، پھرين رسالي نئين زندگي (ڪراچيءَ) ۾ ڇپجندي رھي: ڊاڪٽر صاحب جي وفات کان ھڪ سال پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپي. ھن ۾ ننڍپڻ کان وٺي بي اي ڪرڻ تائين جو ذڪر ڪيو اٿس. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي جاکوڙ، ادم ۽ عزم جي ھڪ طويل ڪھاڻي آھي. علم جي طلب ھڪ طرف، غربت جو زو، ٻئي طرف، مڙس ٿي مقابلو ڪيائين. لکي ٿو : ”مان اڃان پنجن ڇھن ورھين جو ھوس ته مون کي اسڪول ۾ موڪليائون، امان جا مون کي خرچي لاءِ ھڪ پيسڪ ڏنو. وڏي ماستر فيءَ جي گھـُر َ ڪئي. اھو ٽڪو ان کي ڏئي اچي اوڇنگارن ۾ ڇٽڪيس. جنهن تي وڏي ماستر ڪھل آڻي اھو ٽڪو به موٽائي ڏنو ۽ ھميشه لاءِ في معاف ڪري ڇڏيائون.“

علم حاصل ڪرڻ لاءِ واڍڪو ڪم سکيو ۽ ٻيا محنت جا ڪم ڪري پاڻ ۽ گھر َ جي مدد ڪيائين. تغاريون ڍوئڻ ۽ پاڻي ڀرڻ کان به نه ڪيٻايائين. اھڙيءَ طرح ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ پنهنجي تعليم، اعتقادن ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالھين جو ذڪر ڪري ٿو. ڪاليج ۽ استادن جو ذڪر ڪري ٿو. آخر ۾ بي اي جو امتحان ڏيڻ جو بيان ڪندي لکي ٿو :”پڇاڙيءَ وارو سال اچي خير سان ختم ٿيو. مون تياري تمام ڪري ورتي ھئي. ان وقت بي اي آنرس جو امتحان بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيندو ھو، پر ترڪ موالات جي تحريڪ زور ھئي. عام طور افواهه ھو ته جيڪڏھن اسين اتي امتحان لاءِ وينداسين ته ڪانگريسي ڪم ڪندڙ يونيورسٽي ھال جي دروازي تي پئجي رھندا ته ڀل اسان کي لتاڙيو پوءِ اندر وڃو. ڪو به باغيرت انسان اھا روش اختيار ڪري نٿي سگھيو. انهيءَ ڊپ ۾ منهنجا ٻيا سنگتي اتي رھجي ويا، فقط مان جھاز ۾ چڙھي سامونڊي سفر ڪري وڃي بمبئي نڪتس. امتحان جا ڏينهن اتي نهايت آسودگيءَ سان گذاريم.“

سر آغا خان (١٩٥٩ع):

ھز رائل ھاءِ نيس سر آغا خان سلطان محمد شاهه جي زندگيءَ ۽ دور تي لکيل ھي آتم ڪھاڻي خواجھ محبوب علي ھاشم سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪئي آھي. سر سلطان محمد شاهه آغا خان اسماعيلي فرقي جي روحاني پيشوا جي حيثيت ۾، ۽ پڻ مسلمانن، عالم اسلام، تهذيب و تمدن ۽ سماج ۾ بيمثال خدمات سر انجام ڏنيون. ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ سر آغا خان پنهنجي ننڍپڻ ۽ تعليم تربيت کان شروع ڪري، پنهنجي مغرب سان تعلق جو ذڪر ڪندي، پنهنجي دؤر جي دنيا جا حالات بيان ڪيا آھن. تحريڪ پاڪستان، ٻي جنگ عظيم جو به ذڪر ڪري ٿو. ھن آتم ڪھاڻيءَ جو مھاڳ مشھور ليکڪ سمر سيٽ مھام لکيو آھي. ھو لکي ٿو ته : ”عام ماڻھو آغا خان صاحب جن کي ھڪڙي شرطي گھوڙن جي ڪوڏئي جي حيثيت ۾ سڃاڻن ٿا. ممڪن آھي ته ھن ڪتاب جو مطالعو ڪندڙ جڏھن انهن صفحن کي ياد ڪندو جن ۾ آغا خان صاحب  جن پنهنجا تجربا بيان ڪيا آھن، جي لکين گھوڙن جي چڱي نسل پاليندڙ ھجڻ سبب ۽ گھڻين ئي گھوڙا ڊوڙن ۾ خوش قسمت ۽ ڪامياب انسان جي حيثيت سان حاصل ٿيا آھن. آغا خان صاحب جن ھڪ ھنڌ فرمايو آھي ته، ”اسين سڀ مختلف ۽ متضاد عناصرن مان ٺھيل آھيون. اھا ڳالهه جيتريقدر سندس شخصيت متعلق درست نظر اچي ٿي، اوتري قدر ڪن ٿورن ماڻھن لاءِ صحيح نظر ايندي.“

ھن آتم ڪھاڻي ۾ سر آغا خان پنهنجي تربيت کان وٺي جوانيءَ ۽ زندگيءَ جي تجربن جا احوال تفصيل سان لکيا آھن. انهن احوالن ۾ ننڍا وڏا گھڻا واقعا اچي وڃن ٿا. جن جو تعلق ھن عظيم رھبر سان آھي.

سائو پن يا ڪارو پنو(نئين ڇاپي جو پھريون ايڊيشن (١٩٦٥ع):

مرزا قليچ بيگ جي آتم ڪھاڻيءَ جو ھڪڙو ڪتاب ”يادگيريون“ ١٩٥٨ع ۾ ڇپيو ھو. ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ مرزا صاحب پنهنجي وڏن، اصل نسل ۽ پنهنجي ننڍپڻ ۽ پرائمري تعليم جو ذڪر ڪندي، پنهنجي نوڪري، تجربن ۽ مختلف ماڻھن جو بيان ڪيو آھي. آخر ۾ پنهنجي زندگيءَ بابت شعر ڏنا آھن ۽ پنهنجين تضنيفات جو به ذڪر ڪيو آھي.

مرزا قليچ بيگ، سنڌ جو عظيم ليکڪ آھي. سندس ٻين ڪتابن جي مطالعي مان سندس زندگيءَ جي ڪٿ ڪري سگھجي ٿي. پنهنجي پيري ۽ گوشھ نشينيءَ جو ذڪر ڪندي، زندگيءَ جي مختلف روين ۽ سوچن جو ذڪر ڪري ٿو. ”محبت ادب ۽ اخلاق“ بابت مرزا صاحب لکي ٿو: ”ننڍي ھوندي جون عادتون مٿي به ڏنل آھن. اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن جي پنهنجي ماءُ پيءُ سان پنهنجي پاڻ ۾ گھڻي محبت رھندي ھئي: جھڙو ماءُ پيءُ جي جيئري تهڙو پوءِ. اھا ڳالهه آسپاس مشھور ھئي ۽ سڀ ڪنهن کي معلوم ھئي ۽ چوڻي ٿي وئي ته اھڙي محبت ٻئي ڪنهن گھر ۾ ٿوري ھوندي.“

سنڌيءَ جي ابتدائي افسانه نگار ۽ پنهنجي وڏي پٽ نادر بيگ جو ذڪر فخر سان ڪري ٿو: ”منهنجو وڏو پٽ نادر بيگ بئريسٽر ٿي آيو، تنهن کان پوءِ ھو لاڙڪاڻي ۾ بئريسٽري ڪرڻ لڳو. سگھوئي پوءِ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. جڏھن منهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر مرزا جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، تڏھن نوڪري ڇڏي وڃي ڪراچيءَ ۾ رھيو ۽ اڃا تائين اتي آھي. ھو ٿياسافيڪل سوسائٽي جو ميمبر آھي ۽ ڪتابن لکڻ پڙھڻ جو شوق اٿس. ڊرائنگ، نقاشي، ميوزڪ ۽ راڳ چڱو ڄاڻي، واڍڪو ۽ اڪـَر جو ڪم به اچيس. انگريزي شعر به چوندو آھي.“

حافظ حيات شاهه:

پنجاب کان عشق جي ناڪاميءَ جي باهه ۾ سڙندو، پچندو ۽ پڄرندو، ڳوٺ ڳوٺ شھر شھر مان درد دل ۾ سانڍيندو حيدرآباد سنڌ ۾ دينوءَ جي پڙ ۾ اچي رھيو. اکين جي روشني ھلي ويس. پنهنجو ديوان مڪمل ڪيائين (ڏسو ھن ڪتاب جو ٻيو جلد). زير نظر ڪتاب سلطانه بيگم عرف داستان غم(١٩٦٥ع)، سندس آتم ڪھاڻي آھي. ان کان سواءِ ھڪ اصلاحي ناولٽ ”وڇڙيلن جو ميلو“به لکيو اٿس.

ھيءَ آتم ڪھاڻي ننڍپڻ جي مٺڙن ڏينهڙن ۽ پوءِ ماسات سلطانه بيگم کان جدا ٿيڻ جو پـُردرد داستان آھي. ان جدائي ۽ محروميءَ کيس واديءِ حيرت جا سير ڪرايا ۽ جڏھن سلطانه بيگم جي حسن جھازن سوز کي ڏٺو ھئائين ته ان نظاري جو بيان ھيئن ڪري ٿو: ”سلطانه بيگم وھنجي سھنجي ڪپڙا ڪري، اچي کٽ تي ويٺي. وارن کي ڦڻي ڏيئي وار سڪائڻ لاءِ ڇوڙي ڇڏيائين. مون اھو نظارو سالن کان پوءِ ڏٺو ھو: تنهن ڪري مون لاءِ چوڌاري رات پئجي ويئي ۽ منهنجي اکين اڳيان اوندهه ٿي ويئي. تيسين سلطانه بيگم سينڌ ڪڍڻ لاءِ آھستي آھستي ڪري منهن تان وار ھٽايا، وارن مان سندس سھڻو منهن ائين ظاھر ٿيو، جيئن ڪڪرن مان سج ٻاھر نڪري. مون تي ان حسن بيمثال جو جلوو وڄ وانگر ڪريو ۽ مان سڙي ويس. تيسين ھن وار سنواري ڪلھن تي ڇوڙي ڇڏيا. مون ھيڪلائيءَ ۾ سلطانه بيگم جو مٿو پنهنجي سيني تي رکيو ۽ سندس زلفن جا نانگ منهنجي سيني تي اچڻ وڃڻ لڳا. مون تي زھر چڙھي ويو ۽ مان ان گھڙي لاءِ مري ويس.“

ازل جي انگ حافظ جي محبت کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. برملا چيو اٿس ته:

نڌڻڪو ھو نه حافظ، ڪو نه ھئي ماني کـُٽي گھر ۾،

مگر تنهن کي تڙي سنڌ ۾ رلايو ڪنهن؟ ازل جي انگ.

ھي آتم ڪھاڻي، ان درد جو ئي داستان آھي.

پنهنجي ڪھاڻي پنهنجي زبان (١٩٧٤ع):

ھي ھڪ طويل داستان جو پھريون جلد آھي، جو سڄو اڃا نه ڇپيو آھي، پر جي ايم سيد جي ٻين ڪتابن ۾ ڪي حصا اچي چڪا آھن. سيد صاحب جو ٻيو ڪتاب به سندن آتم ڪھاڻي ئي آھي، اھو آھي،”دريار دل  داستان محبت“ سيد صاحب  جي ھنن ڪتابن ۾ سندس زندگيءَ جي حـَالات، سندس سوچ، سياسي حالات ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالھين جو ذڪر آھي. ڪن شخصيتن جي بيان سان گڏ زندگيءَ جي روين ۽ جبلتن جو به بيان شامل آھي. ”دريار دل“۾ انهن شخصيتن جو، جن سان ملاقات ٿي، انهن جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ان کان پوءِ عشق جي ماھيت، عشق مجازي جي باري ۾ پنهنجي جذبات جو اظھار آھي ۽ مجاز کي ابتدائي دور، سن بلوغ، جواني ۽ پيريءَ جي دورن ۾ ورھايو اٿس. لکي ٿو :”عشق منهنجي ساري تگ و دو ۾ طاقت ۽ ھمت جو ڪم ڏنو ٿي ته غور و فڪر جي حاصلات مشعل راهه جو ڪم ڏنو آھي. ابتدا ۾ ھوش کان جوش وڌيڪ ھوم. پر آھستي آھستي ٿي عمر ۽ آزمودي موجب ھوش وڌڻ لڳو. اڄ تائين زندگيءَ ۾ عمل جي واڳ جذبي جي ماتحت پئي رھي اٿم، ليڪن ذھني لياقتن کي وڌائڻ لاءِ مسلسل ڪوشش ۾ رھيو آھيان. مذھب، سياست، نفسيات ۽ زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي معلومات وڌائڻ واسطي ھر موقعي مان فائدو ورتو اٿم.“

سيد صاحب جي آتم ڪھاڻين، ٻين تحريرن ۽ سياسي رھنمائي سبب سندن ڪردار روز روشن وانگر چٽو آھي ۽ ڪـَٿ َ ڪرڻ جي ڪا ضرورت به ناھي.

منهنجي ماضيءَ جا چند ورق (١٩٧٥):

ھي آتم ڪھاڻي بدين (بلڪ لاڙ پٽ) جي ھڪ معزز شخصيت ۽ سياستدان محترم پير عالي شاهه جيلانيءَ جي آھي. پير صاحب لاڙ جي ھڪ وڏي شاعر ڀاون علي شاهه ساقيءَ جو فرزند ھو. لاڙ (ھاڻوڪي بدين ضلعي) ۾ پير صاحب عالي شاهه جو پيري مريدي ۽ لاڳاپن سبب گھڻو اثر ھو. ھڪڙي شادي ڪڇ مان پنهنجي مامي جي گھران ڪئي ھئائين. ھيءَ ھڪ سياسي آتم ڪھاڻي به سڏي سگھجي ٿي. پنهنجي سياسي زندگي ۽ اليڪشنن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو اٿس. ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ۽ ھڪ ڀيرو مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. منهنجو والد صاحب ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو سندس گھرو دوست ۽ سياسي ساٿي به ھو. ڪن سياسي سببن ڪري پري به ٿي ويا، پر ذاتي دوستي قائم رھي. مون کي ياد آھي آڪٽوبر ١٩٦٦ع ۾ آءٌ چين مان تعليم مڪمل ڪري موٽيس ته ساڻس ملڻ ويس، ڪي سوکڙيون به ڏنم ته حال احوال به ورتائون. آخر ۾ پڇيائون ته چين ۾ پير آھن؟ مون عرض ڪيو ته جي پير اتي ھجن ھا ته ھي جيڪي ترقيءَ جون ڳالھيون ڪيم سي ڪوڙ ھجن ھا! مـُرڪي چيائين: تنهن جي معنيٰ پير َ ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ بنيل آھن!

حيدر بخش جتوئي، جو بدين ۾ مختيارڪار ٿي آيو ھو، تنهن سان يارھين جي ميلي منعقد ڪرڻ بابت نوٽيس ڏيڻ سبب بدمزگي ۽ غلط فھمي ٿي. مختيارڪار نائڪ جي غلط بيانيءَ ڪري پير صاحب جي گرفتاريءَ جو وارنٽ ڪڍيو. پر پوءِ حيدرآباد جي ڪليڪٽر، ايس پي ۽ چڱن جي وچ ۾ پوڻ سان معاملو ٽري ويو.

ھيءَ ئي آتم ڪھاڻي آھي جا پير صاحب جي تحرير جو اڪيلو يادگار آھي.

ڪيئي ڪتاب (ٻه جلد ١٩٨٠-١٩٨٢ع):

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي آتم ڪھاڻي ماضيءَ جي يادگيرين جو داستان آھي. ماتليءَ جو زميندار ۽ راڳ جو ذوق رکندڙ رئيس ڪريم بخش فلم جي شوق ۾ بمبئيءَ جي نگار خانن جو سير ڪندي فلمن ۾ اداڪاري به ڪري چڪو ۽ ورھاڱي بعد سک سان گھر ويٺو. راڳ رنگ جي شوق ۾ ڪيترا ڳائڻا، ڳائڻيون ۽ سازڪار سندس محفل جو سينگار رھيا. سنڌ جي ڄام خاندان ۽ ٻين خاندانن، سياستدانن سان سندس ذاتي تعلقات رھيا. اھي نه رڳو نڀايائين، پر ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ انهن جو تفصيل سان ذڪر به ڪيائين. ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ جن ڳالھين جو تفصيل سان ذڪر آھي، اھي آھن، بمبئيءَ جي فلمي زندگي، اھم خاندانن ۽ فردن جو بيان، موسيقيءَ سان واسطو رکندڙ فردن جو ذڪر ۽ ڪي ٻيون ذاتي ڳالھيون ۽ يادگيريون. انهن ۾ ھند ۽ سنڌ جو ذڪر تفصيل سان وڻندڙ پيرايي ۾ ڪيو ويو آھي. خاص عنوان به ڪيترائي آھن، جيئن ڦليليءَ جا ڪنارا، خاڪسار تحريڪ، ڪشمير ۾ پھل گام جو سير، تاج محل آگره، ابراھيم منشيءَ کي خراج تحسين. نيلم جي پيار جون ڳالھيون ۽ ولي فلم ڊائريڪٽر ۽ ممتاز شانتي ۽ ٻين ڪيترن فلمي ستارن جون ڳالھيون، لاھور جو بيان. نظاماڻي صاحب کي سازندن جي ساز ملائڻ ۽ صحيح ڳائڻ ٻڌڻ جو خاص شوق ھو. انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو: ”سڄي ھندوستان ۾ جتي به ويندو ھوس، اتي سازن ملائڻ کان ضرور لطف اندوز ٿيندو ھوس. اھڙي طرح اڄ به ميراثي ساز ملائي رھيا ھئا ته اکيون پوري محويت سان ساز ملائڻ جو لطف وٺي رھيو ھوس ته انهيءَ سراپا ناز و ادا نازنين کماچ مان ڪرشن پد لھري شروع ڪئي. ميراثين جي اچڻ کان اڳ انهيءَ ديويءَ مون کان نالو پڇيو ته مون کيس پنهنجو نالو ڪنهيو ٻڌايو.“

جواني ديوانيءَ جي دؤر ۾ گھمڻ، تلاش يار ۾ وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ حيدرآباد ۾ گھمڻ ۽ وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ مدھوش رھڻ جا احوال کولي کولي بيان ڪيا اٿس. سنڌ جي وڏن خاندانن ۽ شخصيتن جو بيان ڪندي، جڏھن ڄام ڳوٺ (ڄام نواز علي) جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس لفظن جا خزانا ۽ جذبن جا درياءَ اٿلي ٿا پون. پھرين وڏن نوابن ڄامن مٺا خان، ڪانڀو خان ۽ جان محمد جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ مختصر طور ڄام امير علي، ڄام صادق علي ۽ ٻين نوابزادن جو ذڪر ڪندي، پنهنجي يار دلدار ڄام انور عليءَ جو بيان ڪري ٿو ته نظاماڻي صاحب جي جذبات جو اندازو لڳائڻ مشڪل ڪونهي. ھـُو ڄام ڳوٺ کي ڊريم وليج (خوابن جي بستي) سڏي ٿو. ڄام انور علي خان سان فون تي دعوت ملي آھي ۽ ڏٺو به نه اٿس. پھرين قاضي سچيڏني کان پڇي ٿو، ھـُو ٻڌائيس ٿو ته ڄام صادق علي ته يار ويس ماڻھو آھي ۽ گھڻو متحرڪ آھي، انور علي ته خلق ۾ گھڻو اچي وڃي ڪو نه ٿو. تسلي نه ٿي ته به ’سچو ھليو سوز مان ڇڏي لوڪ ميارون‘. ”ڄام ڳوٺ ۾ پھچڻ تي توقع کان وڌيڪ آجيان ٿيندي ڏٺم، جنهن ۾ نوابزادو ڄام انور علي خان سڀني کان پيش پيش ھو. ساڻس گڏ ڪيترائي معززين ۽ خدمتگار ھار کنيو بيٺا ھئا، جيڪي مون کي پارائي پـُر خلوص محبت، صداقت ۽ عقيدت جو ثبوت ڏيندي بيحد عزت افزائي ڪئي ويئي. سندن محل نما بنگلي ۾ ھڪڙو خاص ڪمرو مون لاءِ مخصوص ڪري، ان ۾ رھايائون.“ ان کان پوءِ ڄام ڳوٺ جي مھماندارين جو تفصيلي بيان ڪري ٿو.

ٽيون جلد يا ان جو ڪو حصو تيار ھو، پر ڇپيو ڪو نه. ھنن ٻن جلدن جا به ڪاتب ٻيا ھئا. نظاماڻي صاحب رڳو چوندو ويندو ھو.

ڏٺم اڻ ڏٺل (١٩٨٠ع):

ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جي آتم ڪھاڻي سندس سوچن جو خزانو آھي. سياسي، سماجي ۽ ذاتي خيال واريون ڪھاڻيون ته ھـُو ڊزن کان وڌيڪ ڪتابن ۽ رسالن وسيلي ظاھر ڪري چڪو. ناول به لکيائين. نيٺ خيال ٿيس ته ڪي ٻيون ڳالھيون به پيٽ ۾ وڪڙ پيون کائين. انهن کي به ظاھر ڪجي. پاڻ ۾ سمر سيٽ مھام جي ناول of Human Bondage جي ڪردار فلپ واريون ڪيتريون ڳالھيون نظر آيس. ان جي خيالن جي ساڻس ھڪ جھڙائي ھئي. ھـُو پير کان منڊو ھو. نجم نواب شاهه ۾ ريل پار سئنيما ۾ فلم ڏسي موٽيو ته ريل جي وسل ٻڌي ٿاٻڙيو ۽ پٽڙيءَ تي ڪريو. ڏند ڀڄي پيس. فلپ شرميلو ھو. سندس دوستن جو دائرو محدود ھو. بس نجم عباسيءَ ان ڳالهه تي کڻي ڳنڍ ٻڌي. ھڪجھڙا آھيون، ائين اسڪول ۾ آيل خانبهادر کھڙي ۽ يوسف ھارون جي آمد تي آجياڻي واري تقرير لاءِ چيائونس. تقرير ٿو ڪري: ”اسين اِين... اين.“ بيھوش ٿيڻ وارو ھو جو مھرباني چئي اسٽيج تان لھي آيو.

اھڙين ڪمزورين مان اڀري آيو. جڏھن ڊاڪٽر ٿي ڪلينڪ ۾ ويٺو ته ھميشه چيرمن مائو جو اھو گفتو ورجائيندو ھو ته ’ڏک مان طاقت حاصل ڪريو‘. ھن جا ھي خيالات سندس ڪھاڻيڪاري ۽ زندگيءَ جو حاصل بنيا. آتم ڪھاڻيءَ ۾ ڪيترا سياسي ۽ مذھبي نقطا بيان ڪندي، پنهنجو موقف ظاھر ڪري ٿو. انهن ۾ آزادي، وطن پرستي ۽ خاص طور سنڌ جي سوچ نمايان آھي. ”سوچيان ٿو صدين کان وٺي آفريڪي شيدي عيسائيت ۽ اسلام جي آغوش ۾ آيل آھن. پر ھـُو پاڻ کي غلاميءَ مان آجو ڪري نه سگھيا. مگر موجوده دؤر ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي نظرين سان ھٿياربند ٿي مارڪس، لينن ۽ مائوزيتنگ جي سکيا جو سھارو وٺي ۽ ھنن جي ورتل راهه اختيار ڪري، آفريڪا جا ڪيترا ملڪ قومي آزادي ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪا آھن ۽ ٻيا ڪن پيا.“

ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ ڊاڪٽر نجم سان ڪيل ھڪ انٽرويو به آھي. آخر ۾ ھڪ باب ’ذاتي نوٽ بڪ مان‘ عنوان سان به آھي. ان ۾ به ڪي يادداشتون آھن: جن مان ڪافي خيال پروڙجن ٿا. ھڪ ڳالهه شايد مذھب ۽ منافقت جو فرق ظاھر ڪري ٿي. لکي ٿو: ”منهنجو ھڪ ننڍپڻ جو گھرو سنگتي ۽ ڳوٺائي غلام حسين آھي. ھـُو ڪنهن زماني ۾ تپيدار ھو. پوءِ رشوت جي ڪري نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ان ڪمائيءَ مان ھـُن واپار شروع ڪيو، جنهن ۾ ڪافي ڪامياب ويو. ھاڻي ته وڏو واپاري، وڏو زميندار ۽ لکاپتي ٿي ويو آھي. ھـُو گفتگوءَ ۾ اڪثر مون کي چوندو آھي، تون وڏي اخلاق وارو آھين، قوم پرست ۽ سنڌ دوست آھين. تو ۾ لالچ ڪانهي، غريب نواز به آھين. تو ۾ وڏي وڏ اھا آھي ته تون مذھب کان بيگانو آھين. نه نماز نه روزو نه زڪوات نه حج، جيتوڻيڪ اِھي سڀ شيون توتي فرض آھن. اسين گنهگار بندا آھيون، پر اِھي سڀ فرض پـُورا ڪندا آھيون.“

نجم اھڙين منافقتن بابت به لکيو آھي، جو ڪي ماڻھو سنڌ تي يلغار ڪندا اچن، چي غريب آھيون، علاج لاءِ پئسو ڪونهي، ملڪ سڀ مولا جو آھي. پاڪستان سڀن جو آھي. بلڪ سنڌ سڀن جي آھي ۽ (پنجاب پنجابين جو آھي) وغيره.

ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ پڙھندڙن کي ھڪ ترقي پسند، قوم پرست، سنڌ دوست ۽ سچو ڊاڪٽر ملندو، جو ڊاڪٽر جي ناتي سڀن جو آھي، پر سنڌ جي ناتي، جوڳي نه ڪنهن جا مٽ َ؛ فقط ۽ فقط سنڌ جو آھي.

منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق (١٩٨١ع):

مشھور ليکڪا پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي آتم ڪھاڻي آھي. پھرين پنهنجي ڪٽنب ۽ وڏن جو ذڪر ڪري ٿي ۽ پنن (ڪاغذن) جي ازلي ساٿ جو بيان ڪندي لکي ٿي: ”منهنجي زندگي پنن ۾ ويڙھجي ويئي آھي، ياد نه اٿم، فائيل اندر پنا فائيل کان ٻاھر پنا، ڪٻٽ جي مٿان پنا، ميز تي پنا ۽ پرس ۾ پنا. ساڙھين جي وچ ۾ پنا ۽ بلائوزن جي ڀرسان پنا. ائين ئي پنا مون کي گھيري ويٺا آھن.“

پوپٽي پنهنجي ننڍپڻ، تعليم ۽ نوڪريءَ جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ جنهن ڳالهه کي اھميت ڏني آھي، سو آھي اڪثر مردن جو بداخلاقيءَ وارو رويو. اديب ساٿين ۾ به ڪي اھڙا ماڻھو مليا، جن ھلڪڙائپ جو مظاھرو ڪيو. ان تي پوپٽيءَ جو رد عمل سڀاويڪ آھي. لکي ٿي،”ڀوپال ۾ سميلن ھو. رھڻ جو بندوبست ھڪ اسڪول ۾ ٿيل ھو. ٻن ھٿن ۾ سامان کڻي مان زالن لاءِ ڪيل بندوبست واري ڪمري ڏانهن ويس ته اتي مرد پنهنجي زالن سوڌا رھيل ھئا. مون کي ڏسي لوڪناٿ جيٽلي، جو به اتي رھيل ھو، کلي چوڻ لڳو: ھتي سڀ جوڙا رھيل آھن، توکي کپي ته تون به ڪنهن کي وٺي .......... ھن قسم جي بيھودگيءَ کي، ٻيا جيڪي اتي رھيل ھئا، چرچو سمجھڻ لڳا، پر مون کي سخت غصو آيو ۽ مون سندس کل لاٿي.“اڪيلي ڄاڻي ڪي ھلڪڙا ماڻھو جھڙو به رويو رکندا ھئا، پوپٽي انهن جو مقابلو ڪيو ۽ آتم ڪھاڻيءَ ۾ لکيو اٿس. دنيا چڱن ماڻھن کان خالي ناھي. اھڙن پيارن ماڻھن جو به ذڪر ڪري ٿي: ”گھر کان ٻاھر نڪري جيڪا عورت مردن سان گڏ ڪم ڪري ٿي، ان کي ڪيترائي عجيب و غريب آزمودا ملن ٿا. سڀا ۾ ڪم ڪندي اتم، مالھي ۽ ڪيرت سان واسطو پيو ھو. انهن ٽنهي مان ڪنهن ھڪ جي به اک ميري نه ھوندي ھئي.“

تان ڪـِي ڏونگر ڏوريان (١٩٨١ع):

محمد صادق ميمڻ جي آتم ڪھاڻي آھي. ھـُو صاحب آبپاشي کاتي جو ننڍو ملازم ھو. ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ ھن نوشھري تعلقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ڪـُنڍن ۽ ڀرپاسي جي عام ۽ تعليمي حالتن جي ذڪر کان پوءِ پنهنجي خاندان جو بيان ڪيو آھي. پنهنجي اولاد جي، خاص طور نياڻين جي تعليم جو احوال قلمبند ڪيو اٿس. پنهنجي ملازمت، ان دوران ٿيل واقعن جو ذڪر البته تفصيل سان ڪيو اٿس. سندس ھي ئي ھڪ ڪتاب لکيل آھي. حڪيم فتح محمد ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ سان ملاقات جو ذڪر به ڪري ٿو.

خاص ذڪر پنهنجي نوڪري ۽ اولاد جو ڪري ٿو. ٻارن کي پڙھائڻ سان شوق ھوس. ابتدا ۾ مذھبي تعليم ۽ پوءِ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم. ان ۾ ھو ڪامياب رھيو. پنهنجي وڏي نياڻيءَ جي ابتدائي تعليم بابت لکي ٿو: ”سال ١٩٣٠ع ۾ منهنجي وڏي ڪڪي فاطمه جنهن جي عمر ٦ سال ھئي، مولوي صاحب جي صلاح سان مدرسي ۾ داخل ڪيم، جا مولوي صاحب جي ٻچن سان سندس گھر ۾ رھندي ھئي ۽ مولوي صاحب جي نياڻي به ان سان رھندي ھئي. منهنجي بدلي جھلوريءَ ٿي. ڪنگور جي چارج ڇڏي جھلوريءَ آيس پر ننڍڙي فاطمه کي مولوي صاحب جن وٽ ئي ڇڏيم. جيتوڻيڪ مسئلو ڏاڍو ڏکيو ھو، پر منهنجي گھر واري مون سان متفق ھئي. اھڙي ريت ٻه سال ننڍڙي مولوي صاحب جن وٽ رھي. جنهن دؤران قرآن شريف مڪمل ڪيائين ۽ ٻه درجا سنڌي به پاس ڪيائين.“

سڄي آتم ڪھاڻي اھڙن احوالن تي مشتمل آھي. منجھس ڪا ادبي چاشني نه آھي.

تاريخ جو وساريل ورق(شيخياڻيءَ جي ڪھاڻي ١٩٨٣ع):

ھيءَ آتم ڪھاڻي شيخ عبدالرحيم ۽ ٻين انهن ھندن جي آھي، جي اٽڪل ھڪ سؤ سال اڳ حيدرآباد ۾ مسلمان ٿيا ۽ سنڌ جي زندگي ۽ تمدن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائون. محترمھ غلام فاطمه شيخ ھي داستان لکيو آھي. سندن والد ڪٽنب جو وڏو شيخ عبدالرحيم ھو. ھن بزرگ خاتون جي نياڻي بيگم خديجھ دائودپوٽي جي نالي سان آھي. مسلمان ٿيڻ تي ھڪڙو مانڌاڻ مچي ويو. گھڻو پوءِ ماٺار ٿي. ھڪ ٻئي کان جدائيءَ پنهنجا رنگ ڏيکاريا. محترمـھ فاطمه لکي ٿي: ”بابي مرحوم کي ھندن کان ايتري نفرت ھوندي ھئي جو جڏھن ڏاڏي وفات ڪئي ۽ اسان ڏانهن کاڌو موڪليو ويو ھو ته بابي اھو نه پاڻ کاڌو ۽ نه ٻين کي کائڻ ڏنو، بلڪھ اڇلارائي ڇڏيائين.“

مذھب تبديل ڪرڻ ڪري، نفرتون وڌيون ۽ ھڪ ئي خاندان مان ڪو ھندو رھيو ته ڪو مسلمان، محترمھ غلام فاطمه پنهنجي ور سان مديني ھجرت ڪئي. اتي وارو ابتدائي وقت ڏکيو گذريو. مالي معاملن کي بهتر رکڻ لاءِ ننڍين نوڪرين جي آڇ ٿي، پاڻ پنهنجي ور کي تجويز ڏنائين ته ڪپڙي جا ٽڪراٽا وٺي اچ ته آءُ انهن مان قميصون تيار ڪريان، اھي وڪامنديون. ان ڪم ۾ ڪاميابي ٿي. پوءِ حالات بهتر ٿيندا ويا. لڏپلاڻ، ترڪي ۽ بيت المقدس جو سفر ۽ صعوبتون ھن خاندان کي درپيش رھيون. محترمھ جي لکڻ موجب ھن خاندان جي فردن اسلام قبول ڪيو ۽ جيڪي تڪليفون سٺائون سي عام ماڻھوءَ جي سھڻ کان مٿي آھن. بهرحال ھيءَ آتم ڪھاڻي ھڪ خاتون جي زباني سندس والد ۽ خاندان جي ٻين فردن جي ڪھاڻي آھي.

موھن ڪلپنا جي آتم ڪھاڻي ”بک عشق ادب“(١٩٨٤ع):

پھريون ڀيرو سنڌ ۾ ڇپي. موھن سنڌيءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نويس ته آھي ئي سندس ھيءَ آتم ڪٿا ھن جي زور بيان کي ظاھر ڪري ٿي. ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. موھن اٿندي ئي لکي ٿوي ”ھڪ نهايت ڊگھو رستو طئي ڪيو آھي مون، ھونءَ ڪو رستو ٿيندو ته نه آھي زندگيءَ ۾. پيچرا، پھاڙ ۽ ميدان تي ڪـِريل گــُل َ، پير رکجن ته اڪثر ڪنڊا لڳن. واديون لھندو وڃجي، ڪرندو وڃجي، ڪرڻ ۾ موج آھي. ڏاڏيءَ جو پھريون پوٽو، ناني ۽ نانيءَ جو پھريون ڏوھٽو ۽ ماءُ پيءُ جو پھريون پٽ ھوس. چوندا آھن ته پئسو ھٿن جو ميل آھي. شايد جنم جي پھرئين ڏينهن منهنجا ھٿ ايترا ته چميائون جو منهنجن ھٿن ۾ اڌ صديءَ جي عمر تائين ڪا ميل ڄمي نه سگھي.  ديڳيون چڙھيون، شرنائيءَ وارا گھرايا ويا. ان ڏينهن ھر رستو سيوھاڻي گھٽي، لنگھڻ جي پاڙي ڏانهن ٿي ويو.“

موھن دوستن اتم، گوبند مالھي ۽ ٻين جو ذڪر به ڪيو آھي. سنڌ مان ويل دوستن جو به بيان ڪيو اٿس. سڀ ڪجهه چٽو چٽو لکيو اٿس. ڪٿي به سائين منهنجا ۽ جناب جي وڪڙ ۾ نه ڦاٿو آھي: ”اتم دروازي مان گھڙندو ته ھميشه پنهنجو تڪيو ڪلام پيش ڪندو. فلاڻو ڪتي جو پٽ پئسي جي گپ ۾ ڦاسي پيو آھي. ڪمل (زال) کي ماني کائيندي ماءُ ياد ايندي آھي. ڪيرت اڪثر گنڀير رھندو يا وقتي ڪمل سان چرچو ڪندو. “ ھاڻ کيس پنهنجي زلفن جي پيچ و خم مان آزاد ڪر ته ڪجهه سنڌي ھلچل ۾ اڳرو ٿئي.”مالھي گھٽ اچي، پر اچي ته ڀڳونتي ۽ ڪلاڪارن سان.“

پنهنجي شاديءَ کان اڳ جيون ساٿيءَ لاءِ لکي ٿو ته: ”ھڪ دفعي ميران چيو: ”تنهنجي لاءِ ڪمل سٺي ٿيندي. مون ڪمل جي گھر جو رخ رکيو. ھڪ دفعو ڏٺومانس. ميران کي چيم اِھا زال ملي ته پاڻ کي خوشنصيب سمجھندس. چيائين ڏاڍي نيڪ ۽ بااخلاق آھي. ڪتابن جي به شوقين. ڪنهن جي وڏائيءَ جو رعب نه چڙھيس. چيومانس: ڀلي ڪو ٻوٽو ٻار. عشق ۾ منهنجون مڙيئي ناڪاميون کيس پائڻ جون تياريون آھن. ميران ڪمل سان ڳالهه ڪئي. ڪمل چيس: اڄ ڪلهه جا ڇوڪرا ھلڪٽ ٿين ٿا. ذھين ڇوڪريءَ لاءِ شادي ڪرڻ مشڪل آھي، پر مان کيس ڏسان. ھڪ دفعي ھن مون کي سئلون ٻاھران اخبار پڙھندي ڏٺو. ميران کي چيائين: ”ڏسڻ ۾ ٺيڪ آھي، پر سندس سڀاءُ، خيال؟ ميران چيس: ڏاڍي سـُٺي سڀاءُ جو اٿئي. ٿورو غريب آھي. ڪمل چيس: اھو ڪو عيب ڪونهي. ھڪ دفعي نيتا جيءَ تي ڪمند جو رس ويٺي پيتم. ان ڏينهن شيڪسپيئر جو ڪمپليٽ سيٽ ورتو ھئم. خبر نه ھئم ته مسواڙ نه ڀرڻ سبب شيڪسپيئر مھانگو پوندو. ھـُوءَ پنهنجي ڀيڻ سان اتي آئي. سانوري، ڪٽيل وار، سلوار ۽ ڪرتو ڪجهه گنڀير ۽ سانت. مون من ۾ چيو: يا خدا! بس اھا ڏي زندگي پر تنهنجو ٻانهو ٿي رھندس. درگاھن تي پوڄا ڪندس. مندرن ۾ جاپ ڪندس.“

خبر نه آھي ڪمل جو ھٿ ملڻ کان پوءِ ڪيتريون پوڄائون ڪيائين، موھن جھڙي ارڏي ماڻھوءَ لاءِ اھي ارادا به ڪافي آھن. ھڪ ھنڌ پنهنجي لاءِ لکي ٿو: ”عمر جي اڌ صديءَ ۾ فقط خوابن جي لاشن کي اکين ۾ چـُڀندو ڏٺو اٿم، مان ھڪ ليکڪ آھيان، اڌ زندگي ٽيبل تي گذاري اٿم. روشنيءَ جي تلاش ۾ اوندهه ۾ قلم کنيو آھي مون. رواجي ماڻھو آھيان مان، رواجي.“

بقول سندس ھڪ رواجي ماڻھوءَ جي ھيءَ آتم ڪھاڻي رواجي نه آھي. غير رواجي آھي.

اڳي ائين ھـُياس (١٩٨٤ع):

ھي يادگيريون، منهنجي دوست ھم سبق فضل احمد بچاڻيءَ جون آھن، جن ۾ اندازا ورھاڱي جي وقت جو ذڪر ڪندي ، پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي الھيار جو ذڪر ۽ پنهنجي زندگيءَ جون يادگيريون بيان ڪري ٿو . پنڊت نهروءَ جي اچڻ جو بيان ڪندي لکي ٿو: ”١٩٤٦ع جي سياري ۾ پنڊت جواھر لال نهروءَ جي اچڻ جي ھاڪار ٿي ته ڏاڍي اتساهه سان سندس آجيان جون تياريون ٿيڻ لڳيون. ميونسپل باغ ۾ سندس جلسي جو انتظام ڪيل ھو. مھراج جشن نالي ھڪ ھندو زميندار ھو. جو پھلوان به ھو، ملهه به وڙھندو ھو ۽ ناميارو حڪيم به ھو. پنڊت نهرو ءَ جي آمد تي ھن گھوڙو تيار ڪري پليٽ فارم تي آندو، چي پنڊت جيءَ کي گھوڙي تي چاڙھي اسٽيشن کان باغ تائين آڻيندس.“

اندازا ٤٧-١٩٤٨ع ڌاري حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ ڦل ماڇي، ميري نظاماڻي، گلو ۽ پيرو ڌاڙيل جو ڏھڪاءُ ھو. انهن جي به ھڪ اخلاقيات ھئي. عورتن جو احترام ڪندا ھئا. پھرين زيور اصل نه کسيندا ۽ فقط اميرن کي لٽيندا ھئا. اھڙي ھڪ واقعي جو ذڪر ڪندي فضل لکي ٿو: ”ائين به ٻڌوسين ته فلاڻي ڌاڙيل ڪنهن سوناري کي ڏٺو ته رئيس جي نياڻيءَ جي ڏاج جا زيور ٺاھي رھيو ھو؛ پر خود سوناري جي نياڻي ڏاج جي اڻ ھوند سبب پرڻجي نه پئي سگھي. ڌاڙيلن پاڻ اچي ان سوناري کي چيو، ته، اِھيئي زيور تيار ڪري انهن سان پنهنجي نياڻي اٿار، رئيس پاڻيھي ٻيا زيور ٺھرائيندو ۽ منهنجو ھي حڪم رئيس تائين پھچائي. ڪا ريڙهه پيڙهه ڪري ته مون کي ٻڌائجين.“

اِن کان سواءِ ٽنڊي الھيار ۽ نصرپور جي ٻين ڪيترين ڳالھين جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ آخر ۾ لکيو اٿس ته، مصري شاهه جي دعا آھي ته پلو ھڪ ڀيرو وري ھت جھلبو يعني درياءُ ھڪ ڀيرو وري نصرپور وٽان وھندو.

سکر سيئي ڏينهن(١٩٨٥ع):

جناب محمد اسماعيل عرساڻي، سنڌ جو برک تعليمي ماھر، ڊرامانگار ۽ اديب ھن آتم ڪھاڻيءَ جو ليکڪ آھي. ھن پنهنجي سڄي زندگيءَ تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي. نوڪريءَ مان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي ذاتي زندگي، وڏن، ننڍپڻ، تعليم ۽ تربيت توڙي ملازمت جي دؤر بابت ھي ڪتاب لکيو آھي. پاڻ ھالا تعلقي جا ھئا ۽ وڏا عرب کان آيا ھئا. عرساڻي صاحب اھي ابتدائي زندگيءَ جون ڳالھيون لکڻ کان پوءِ پنهنجي ننڍپڻ، تعليم  ۽ تربيت بابت لکي ٿو. سندس ثانوي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم حيدرآباد، ڪراچي ۽ علي ڳڙهه ۾ ٿي ۽ ھندوستان جي بعضي ٻين شھرن جو به سير ڪيائين. تعليم کاتي ۾ نوڪريءَ دؤران مختلف شھرن ۾ رھيو.

علي ڳڙهه ۾ شرارتن جو ذڪر به نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيو اٿس. شاگردن جي اليڪشن ۾ کٽڻ وارن لاءِ نعرا ھنيا ويا ته ھارائيندڙن لاءِ مرثيا پڙھيا ويا. يونين جي ھڪ ميٽنگ ۾ صدر نه اچي سگھيو ته نائب صدر کي ويھاريو ويو ته ڊگھي پٺ واري ڪرسيءَ ۾ ڇوٽي قد وارو ماڻھو نظر نه اچي، ته نعرا ھنيا ويا ته ڪرسي خالي آھي. صدارت ڪرڻ واري کي سڏيو وڃي وغيره، وغيره. اھا شخصيت به پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اھم ڪرسيءَ تي ويٺي. عرساڻي صاحب ته نالو ورتو آھي. ھتي احتراما نالو نه کڻبو. ڪتاب ۾ ڏسي سگھجي ٿو.

”علي ڳڙهه جا شاگرد مسٽر نظاماڻي اصل چئي نه سگھندا ھئا. مسٽر نظاماڻيءَ کي مسٽر نظامي چوندا ھئا.“ بهرحال پنهنجي زندگيءَ جي حالات ۽ واقعات جو تفصيلي ذڪر عرساڻي صاحب نهايت سھڻي انداز ۾ ڪري ٿو. آخر ۾ پنهنجن لکيل ڪتابن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن ۾ سندس اولين تخليق ناٽڪ ’بدنصيب ٿري‘آھي.

منهنجي پيشي جا گل و خار (١٩٨٦ع):

مشھور براڊ ڪاسٽر وينا شرنگيءَ جي ھيءَ آتم ڪھاڻي دھليءَ مان شايع ٿي آھي. جيئن نالي مان ظاھر آھي، بحيثيت ريڊيو براڊڪاسٽر ھن کي ڪھڙا تلخ ۽ شيرين تجربا ٿيا، جن کي ھن گل و خار سڏيو آھي. خود ئي لکي ٿي ته :”ريڊيو ھڪ اھڙو محڪمو آھي، جتي ھر طبقي جي ماڻھن سان واسطو پوي ٿو. وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي اچي. سياستدان، دانشور، اديب، ڪلاڪار، فوجي، آفيسر، پرڏيھي مھمان ۽ رانديگر وغيره.“

نه رڳو ايترو پر تمام اھم شخصيتن جا انٽرويو ڪرڻ ۽ ڪڏھن فلم وارن سان به واسطو پوي. فلم ائڪٽر فاروق شيخ سان انٽرويو جو ذڪر ڪندي وينا لکي ٿي: ”فلم اِسٽار فاروق شيخ سان منهنجي ھڪ يادگار ملاقات آھي. اھا فلم اِسٽار کي ڏسڻ يا ڳالھائڻ واري ڪريز جي لحاظ کان نه، بلڪھ ڊيوٽيءَ جي ادائگي ڪرڻ جي جوکم جي لحاظ کان يادگار ملاقات رھندي.“ انهيءَ سلسلي ۾ ٻين معاملن، ٽائيم طئھ ٿيڻ ۽ سوالنامو تيار ٿيڻ کان وٺي اداڪار اڳيان اچڻ جو مسئلو به ھو. پھچڻ ۾ دير ٿي، پر فاروق شيخ کلي کيڪاريو: ”منهنجي پويان فاروق شيخ ڪمري جو دروازو بند ڪيو. منهنجي لڱن ۾ سيئانڊي پئجي ويئي. گھٻراھٽ ۾ ائين لڳو رت جو دؤرو بند ٿي ويو آھي. دل ۾ سوچيم وينا تو وڏي حماقت ڪئي آھي. ھي ته ڪمري ۾ اڪيلو آھي. مون کي نه اچڻ کپندو ھو.“ اھڙا انيڪ خيال ۽ وڏي ڳالهه ته سوال نامو به ھٿ ۾ نه ھو. انٽرويو سٺو ٿيو. فاروق خوش اخلاقيءَ سان الوداع ڪندي موڪلايو. حسد ٿيا، جيڪي انساني سماج جا بنيادي انگ آھن. پروفيشنل زندگيءَ ۾ ’آءٌ سٺو تون خراب‘ جو مرض آھي ئي آھي، پر وينا جي آتم ڪھاڻي سٺو تاثر ڇڏي ٿي.

گوبند مالھي: ادب ۽ اديب، جي عنوان سان آتم ڪھاڻي پنجن جلدن ۾ لکي آھي، جيڪي ھن ريت آھن:

١- ڳالھيون منهنجي ڳوٺ جون (١٩٨٧ع)

٢- سنڌڙي منهنجي جندڙي (١٩٨٨ع)

٣- نرواس ۾ آس (١٩٨٩ع)

٤- زندگي ھڪ سفر (١٩٩٠ع)

٥- عجيب ! ھي رشتا ناتا (١٩٩١ع)

گوبند مالھيءَ جي ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ پنهنجي ننڍپڻ تعليم ۽ جوانيءَ کان وٺي سنڌ جا حالات ۽ ان کان پوءِ بمبئيءَ جو احوال آھي. وقت ڪيئن گذريو. ادبي ميڙن ۾ شرڪت ۽ سفر جو حال اچي وڃي ٿو. پنهنجي والد بابت لکي ٿو : ”شاهه، بابا جو به محبوب شاعر ھو. اسان جي اوطاق ۾ شاهه جي رسالي جا ٽئي جلد موجود ھئا. در حقيقت بابي کي نه صرف ڪتابن پڙھڻ جو، بلڪھ سانڍڻ جو به شوق ھو. اوطاق جي ڀتين ۾ چار ڪٻٽ ھئا. ھڪ ۾ دارونءَ جا شيشا، گلاس ۽ صراحيون وغيره ھيون، باقي ٽي ڪتابن سان سٿيل ھئا.“

مالھي سنڌيءَ جي ابتدائي ڪھاڻي نويسن ۽ ناول نگارن مان ھڪ آھي. ھـُن پنهنجي آتم ڪھاڻيءَ جي پنجين جلد ۾ جنهن طرح پنهنجي آتم ڪھاڻيءَ کي ڀڳونتي ناواڻي جي ذڪر لاءِ مخصوص ڪيو سو عجيب لڳو. ھن سلسلي ۾ ھن چوٿين جلد ۾ به اھڙو اشارو ڏنو: ”ميزبانن اسان جي چڱي غير رواجي مھمان نوازي ڪئي. سڀني ڪلاڪارن لاءِ فراسيون پيل کٽون موجود ھيون.“ ڀڳونتيءَ جي ڳائڻ جي پروگرامن ۾ گڏجي وڃڻ ۽ ڄڻ ان جو مئنيجر ٿي رھڻ مناسب نه لڳو. نارائڻ ڀارتي پنجين جلد جي مھاڳ ۾ صاف صاف لکيو: ”گوبند مالھيءَ جي آتم ڪھاڻيءَ کان وڌيڪ ڀڳونتي ناواڻيءَ جي سنگيت ياترا جي ڪھاڻي آھي. سوال گوبند مالھيءَ جي آتم ڪھاڻيءَ جو آھي. جا ھن ۾ موجود ڪا نه آھي. ادبي تحريڪ ۾ آيل دوستن جي صحيح تصوير ڏيڻ کان مالھي ڪنارو ڪري ويو آھي ۽ ڀڳونتيءَ کي ڪتابي روپ ۾ آڻڻ چاھيو اٿائين.“

منهنجو ننڍپڻ(١٩٩٣ع):

مخدوم صاحب حضرت محمد زمان طالب الموليٰ جن جي ننڍپڻ بابت لکيل آتم ڪھاڻي آھي. ھي احوال ولادت (١٩١٩ع) کان وٺي ١٩٤٤ع تائين جو آھي، جڏھن پاڻ ٢٥ سالن جي ڦوھ جوانيءَ ۾ ھئا. ھن آتم ڪھاڻيءَ کي سندن پوٽي مخدوم جميل الزمان صاحب ايڊٽ ڪندي، ڪي ضروري واڌارا به ڪيا آھن. سائين طالب الموليٰ ھڪ شاعر ھجڻ سان گڏ نثر نگار به ھئا. سندن ڪتاب موجود آھن.

ھن آتم ڪھاڻيءَ ۾ مخدوم صاحب جن ننڍپڻ کان وٺي راند روند، تعليم ، تربيت ۽ شاعريءَ جي شروعات جو احوال لکيو آھي. ١٩٣٤ع کان وٺي شاعري به ڪتاب ۾ شامل آھي. مخدوم صاحب جن جي ھن ڪتاب مان اقتباس پيش ڪجن ٿا: ”جناب مرشدنا والد صاحب قبلا جن مون کي ڪتاب ”تحفة الڪرام“جو ھڪ فارسي قلمي نسخو ڏنو ۽ چيو ته اھو اول کان آخر تائين پڙهه، سمجهه ۾ اچي يا نه اچي پر پڙهه. ان پڙھڻ مان اھو فائدو ٿيو جو جيڪا به فارسي پڙھيم پئي سا”تحفة الڪرام“جي پڙھڻ ڪري وڌيڪ سمجھي سگھيس.“ اھڙي طرح ھڪ لفظ جي معنيٰ جي باري ۾ لکن ٿا: ”فارسي پڙھندي جڏھن ھڪ لفظ تي آياسون، جيڪو شوربختان ھو. استاد ان جي معنيٰ سمجھائي ۽ ٻئي ڏينهن اتفاقا ان جي معنيٰ منهنجي ملازم ۽ ھم سبق جمع جت کان پڇي ته ان وراڻيو ڪلراٺو بخت، ڏاڍو کلياسون ۽ استاد به نهايت محضوظ ٿيو، ڇو ته شور ڪلر کي به چئبو آھي. دراصل شوربختان، بدبختن کي چئبو آھي.

آخري پنا(١٩٩٧ع):

ھري موٽواڻيءَ جي آتم ڪھاڻي آھي. ھـُو عمر جي پوئين حصي ۾ پنهنجي نالي سان ’سنڌي‘ به گڏي لکي ٿو. ٽي ڀيرا سنڌ آيو. سنڌ جي پيار ۾ ٻن مان ٽي ٽڪر ٿي پيو: ھري موٽواڻي ۽ سنڌي. ’ڪونج‘ جو ايڊيٽر ۽ ادب تي فدا. پنهنجن خيالن وارو ھري. ملي ته پيار سان، موڪلائي ته پيار سان، شاهه لطيف چيو: ڪڻا منجهه قرار، ھئا ھيڪاندا سنگ سين. ھريءَ انهن ڪڻن لاءِ چيو: ”ورھاڱي بعد اسين سنڌي ھندو ڀارت ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وياسين. اسان جي زمين اسان کان کسي ويئي. اسان جي سامھون چنوتي ھئي ته اسين بي پاڙا، ھن زمين ۾ پنهنجون پاڙون پختيون کپائي ڏيکاريون، پنهنجي پيرن تي بيھي ڏيکاريون، ھڪ مالھا ۾ پوئجي ڏيکاريون. اسان اھا چنوتي قبول ڪئي. اڄ اسين سنڌي نه صرف پيرن تي پختا بيٺا آھيون، بلڪھ ٻين کي به سھارو ڏيئي رھيا آھيون.“

ھي پريم جو پتلو ھري ھڪ عاشق به آھي. آتم ڪھاڻيءَ کي خاتمي طرف آڻيندي لکي ٿو: ”اڄ مان اڌ صدي گذرڻ بعد پنهنجي پريمڪا سان ملي آيو آھيان. ملڻ بعد ڳالھائڻ وقت ھن جو مرم وچان ڪجهه نه ڪڇڻ ڪنڌ جھڪائي صرف ٻڌندو ۽ مشڪندو رھڻ منهنجي ذھني ڪئنواس تي لئنڊ اسڪيپ جيان چٽجي ويو آھي. پنجاهه سالن کان جنهن جي ياد کي سيني اندر سانڍيندو آيو آھيان، ملڻ چاھيندي به ملڻ کان ھٻڪندو رھيو آھيان، ڪنهن وواھتا ناريءَ(پرڻيل عورت) سان ڪنهن پـَرپـُرش(غير مرد) جو ملڻ سھائيندو ناھي، جڏھن ته اھو سندس پريمي آھي.“

ھريءَ جي ھيءَ آتم ڪٿا جذبات سان پـُر آھي ۽ سنڌ جي حوالي سان ته لـُڙڪن جي لڙي آھي.

شيخ اياز، جي آتم ڪھاڻيءَ جا چار جلد آھن، جن مان پھرئين جو عنوان ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“(١٩٩٦ع، ١٩٩٧ع ۽ ١٩٩٨ع) آھي. ان کان اڳ آتم ڪھاڻيءَ جو ھڪ ڪتاب ”جڳ مڙيو ئي سپنو“ (١٩٨٥ع) به ڇپجي چڪو ھو. جنهن ۾ به ھن گذريل واقعن، ڪن ماڻھن سان ملاقاتن ۽ ٻين ڳالھين کي ياد ڪيو آھي. ڪيترن اديبن سان ٿيل ملاقاتن جو ذڪر ڪيو آھي. سورئيلي آرٽ بابت ھڪ ھنڌ لکي ٿو: ”مون سورئيلي آرٽ تي ڳالھائيندي پنهنجي دوست حمايت علي شاعر کي چيو: مون سورئيلي مصور سئلويڊار ڊالي جي ڇپيل ڊائريءَ ۾ ھڪ ھنڌ پڙھيو ھو: نه ڄاڻان ھي ھوٽل جا بيرا منهنجي پليٽ ۾ تريل کيڙي بدران رڌل ٽيليفون ڇو نه ٿا کڻي اچن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org