سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:16 

شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ھي ادارو اندازا ١٩٥٠ع کان شاهه جي ورسين ملھائڻ جي سلسلي ۾ ڪم ڪري رھيو آھي. سنڌ سرڪار جي تعليم ۽ پوءِ وزارت ثقافت جي ھٿ ھيٺ آھي. مرڪز، ثقافت جي سيڪريٽريءَ جي ھٿ ھيٺ ھوندو آھي ۽ عوامي سطح تي ان جو انتظام نه ڏنو ويو آھي. ھي مرڪز شروع کان لطيف ڪانفرنس/ ورسي منعقد ڪرڻ ۽ انهن جون ڪارروايون ۽ مقالا ڇپائڻ جو ڪم ڪندو رھيو.”ياد لطيف“۽ ٻين مناسب نالن سان ھر سال مخزن به شايع ڪندو رھيو. ڪتابن ۾ گنج ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب به مرڪز شايع ڪيا.

ان کان سواءِ ٻيا به ننڍا وڏا خانگي ادارا ۽ اشاعتي سلسلا ھلندا رھيا. انهن ۾ مھراڻ اڪيڊمي، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، اداره سنڌي ادب ٽنڊو محمد خان، آواز ادب حيدرآباد، اداره ادب نؤ حيدرآباد، انجمن علم و ادب ھالا اھم رھيا.

ڪيترا ليکڪ پنهنجا ذاتي ادارا کولي پنهنجا ۽ ٻين اديبن جا ڪتاب شايع ڪندا رھيا. خانگي ادارن جن ٿوري وقت ۾ اشاعت جو ڪم معيار ۽ مقدار ۾ چوٽ تي پھچايو، اھي آھن: نيو فيلڊس حيدرآباد، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي ۽ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. ھنن ٽن ادارن تاريخ، ادب ۽ ثقافت بابت سوين ڪتاب ڇاپيا آھن ۽ پوري طرح سرگرم آھن. سنڌ سرڪار جو اطلاعات کاتو به ھر سال لطيف ڪانفرنس جي موقعي تي مخزن شايع ڪري ٿو.

سنڌ جون يونيورسٽيون به اشاعت جو ڪم ڪنديون اچن. سنڌ يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو مخزن ڪينجھر، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو مخزن”ڀٽائي“۽ سچل چيئر مخزن”آشڪار“شايع ڪري رھيو آھي. ان کان سواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامھ قاضي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه لطيف چيئر ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ سچل چيئر قائم آھن. انهن ۾ شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ جو اشاعتي سلسلو نسبتا بهتر آھي.

ادبي رسالا:

ڪتابن ۽ رسالن جي اشاعت سنڌ ۾ اڻويھين صديءَ کان ھلندڙ آھي. شروع ۾ سرسوتي، ۽ ٻيا رسالا نڪتا. سنڌ ڪاليج مسلني، ڦليلي، توحيد، رتن، فردوس، نئين زندگي، پيغام، تقاضا، اسان  جي منزل، رھنما، روح رھاڻ، تحريڪ، مھراڻ، سوجھرو، لطيف، بادل، ڳوٺ سڌار، ھلچل، نئين کيتي ۽ ٻيا رسالا نڪتا (١٠).

ادبي سطح تي ھن وقت يا گذريل سٺ سالن ۾ اھم رسالا آھن: سنڌو، مھراڻ، نئين زندگي ۽ ڀارت جا ڪـُونج، نئين دنيا ۽ سئنا. ”سنڌو“سنڌ ۽ پوءِ ھند مان نڪتو. بولچند راجپال ھن جو ايڊيٽر ھو.”نئين زندگيءَ“جو ايڊيٽر مولوي عبدالواحد سنڌي ھو ته ان جو معيار بلند ھو. ائين سماھي”مھراڻ“به محمد ابراھيم جويي ۽ غلام محمد گراميءَ جي ادارت واري معيار تي وري نه پھتو.

سنڌي ادبي رسالن کان سواءِ ادبي ليک ۽ شعر ڪاليجن،اسڪولن ۽ ٻين ادارن جي پرچن ۾ ڇپبا رھيا. سنڌي اخبارن به ھن سلسلي ۾ پاڻ موکيو آھي. ابتدائي دور واريون اخبارون ھند واسي، سنسار سماچار، الوحيد، قرباني، ڪاروان، نواءِ سنڌ ۽ نئين سنڌ ھي خذمت ڪئي. اڄ ڪلهه ھلال پاڪستان، عبرت، عوامي آواز، ڪاوش، شام، ھلچل، تعمير سنڌ ۽ خبرون وغيره ادب پارا ڇاپي رھيون آھن. اھڙيءَ طرح ڀارت ۾ به ھي سلسلا جاري آھن.

ٻين ٻولين ۽ ٻين موضوعن تي لکڻ:

سنڌي زبان ۾ ايتري وسعت آھي، جو ان ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ۽ مقالا لکي سگھجن ٿا ۽ پڻ سنڌ جي مختلف ماڻھن زبانن انگريزي، عربي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ لکيو آھي. شاعرن به فارسي، اردو ، عربي ۽ سرائڪيءَ ۾ ڪلام چيو آھي. ٻين زبانن ۾ ڪيترائي ڪتاب موجود آھن. سنڌ جي عالمن عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيو، سندن ڪي ڪتاب ادبي بورڊ شايع ڪيا. اڃا ڪافي ڪتاب لئبررين ۾ قلمي صورت ۾ موجود آھن. ائين سنڌ جي ماڻھن انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيا. انهن ۾ ھرومل سدا رنگاڻي، ڊاڪٽر بلوچ، ايم ايڇ پنهور، تاج صحرائي، ڊاڪٽر جوتواڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري سائنس سوسائٽيءَ ”سائنس“ رسالو ڪڍيو ۽ ٻيا ڪتاب ڇپايا، ڪراچيءَ مان طبي رسالو ويڄ شايع ٿيو. زراعت ۾ نئين کيتي ۽ ھاڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام پاران رسالو ”زراعت“ ڇپجي رھيو آھي. طب تي نياز ھمايونيءَ جو”سنڌ جي طبي تاريخ“۽”فرھنگ جعفري“ ڇپيا. سنڌالاجيءَ ٽائپنگ ۽ شارٽ ھئنڊ بابت ڪتاب شايع ڪيا. زرعي يونيورسٽيءَ ھڪ سائنسي ڊڪشنري شايع ڪئي. اھڙيءَ طرح شمس الدين تنيي ھڪ انگريزي سنڌي سائنسي ڊڪشنري شايع ڪئي.

موسيقيءَ، ھارمونيم ۽ ٻين سازن سکڻ جا ڪي ڪتاب به شايع ٿيا آھن. ھوميوپيٿيءَ تي حڪيم محمد عثمان جو ڪتاب ڇپيل آھي. ان کان سواءِ نصاب جا ڪتاب آرٽس ۽ سائنس جي موضوعن تي ڇپجي چڪا آھن. مذھبي موضوعن تي قرآن، تفسير، حديث، فقه تي ڪتاب/ ٿيسز به شايع ٿيل آھن ۽ اھو سلسلو جاري آھي. انهن ڪتابن ۾ مخدوم محمد ھاشم، ابوالحسن، ضياءُ الدين ۽ ٻين جا علمي ڪارناما اچي وڃن ٿا. انهن عالمن جي ڪم تي به ڪتاب لکيا ويا آھن. تازو ڪم ڊاڪٽر مولوي عبدالرسول قادري بلوچ ڪيو آھي. اھو آھي مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي حيات ۽ علمي ڪارنامن تي پي ايڇ ڊي ٿيسز لکڻ ۽ شايع ڪرڻ. ان کان سواءِ پروفيسر اسرار احمد علويءَ پاران سيرت النبي تي محققانه تصنيف ڇپائڻ.

اھڙيءَ طرح عبدالھادي سـُرھئي، گل محمد شاهه ۽ رسول بخش تميميءَ جو سيرت تي ڪم نمايان آھي. سيرت سڳوريءَ تي حڪيم فتح محمد، فضل احمد غزنوي، پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي ۽ مولوي محمد عظيم شيدا جو ڪم به نمايان آھي. مذھبي موضوعن تي سنڌ جي عالمن جو ڪم نمايان آھي. فارسيءَ ۾ لکڻ وارن ۾ مير علي شير قانع، محسن ٺٽوي، مير اعظم الدين، غلام علي مائل ۽ ٻين جو نثر توڙي نظم ۾ ڪم نمايان آھي، پروفيسر سدارنگاڻيءَ فارسيءَ بابت ڪم ڪيو آھي. عربيءَ بابت به تفصيلي جائزي جي اڃا ضرورت آھي. سنڌ جي سرائيڪي شاعرن به نمايان حيثيت حاصل ڪئي آھي.

ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌ جي ليکڪن پنهنجي مادري زبان ۾ لکڻ سان گڏ ٻين زبانن ۾ به ڪاميابيءَ سان لکيو ۽ ٻين موضوعن جھڙوڪ: سائنس، طب ۽ مذھب بابت تفصيل سان لکيائون.

حوالا:

١- خليل، شيخ محمد ابراھيم، (ڊاڪٽر) ادب ۽ تنقيد، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، سنڌ ، ١٩٧٥ع (ٻيو ايڊيشن ) ص ص ١٢٨ کان ١٣٧.

٢- ايضا، ص ٢٠٨.

٣- حڪيم فتح محمد سيوھاڻي، آفتاب ادب عرف ساھت جو سج، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٦ع، ص ٣ کان ٣٠.

٤- اتم، اي جي. سنڌي ڪھاڻي، ناٽڪ ۽ تنقيد، ڪلپنا ڪتاب گھر، الھاس نگر، ١٩٨١ع، ص ١١٢-١١٣.

٥- پليجو، رسول بخش. انڌا اونڌا ويڄ، انسائيڪلوپيڊيا ڪارپوريشن، حيدرآباد، ١٩٦٧ع، ص ١.

٦-ڏسو تنقيدون ۽ ادب جا فڪري محرڪ.

٧- بدر اڄڻ. ٽي ايس ايليٽ (فن ۽ فڪر) مھراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو، ١٩٨٩ع، ص ٤٥.

٨- فھميده حسين (ڊاڪٽر)، ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ، سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، ١٩٩٧ع، ص ١٤٤.

٩- پرمانند ميوا رام، گل ڦل، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٦ع، ص ٣٢.

١٠- ٻٽ، الهه رکيو. سنڌي رسالن جي تاريخ، سنڌ پبلشرس حيدرآباد ١٩٨١ع.

باب نائون

مـَحـَقـِق / Research Scholars:

ماضي قريب ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي اڪابر ٿي گذريا آھن، جن جا علمي، ادبي ۽ ديني ڪارناما نشانبر آھن. انهن ۾ حڪيم فتح محمد، علي خان ابڙو، مولانا وفائي، لطف لله بدوي، ھدايت علي نجفي، منگھارام ملڪاڻي، ڊي ڪي منشاراماڻي، ڊاڪٽر سنتداس جھانگياڻي، دين محمد اديب، حافظ احسن، احسن ڪربلائي، مخدوم طالب الموليٰ، اجمل بيگ، تيرٿ داس ھوتچند، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائودپوٽو، جي ايم سيد، جئرام داس دولترام، جھامنداس ڀاٽيھ، ڄيٺمل، ڀيرو مل، لالچند امرڏنو مل، خير محمد نظاماڻي، رحيم بخش قمر، ظفر حسن، عبدالحسين شاهه موسوي ۽ ٻيا ڪيترا آھن، جن سنڌي ادب ۾ بيمثال خدمتون سر انجام ڏنيون آھن، انهن مان ڪن وفات ڪري ويل ۽ باقي زندھ محققن جي علمي ڪم جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

مولانا دين محمد وفائي (١٨٩٣- ١٩٥٠ع):

مولانا صاحب اصل ڳڙھي ياسين جو ھو. صحافت، تاريخ، ادب ۽ قومي ڪمن ۾ سندس اھم حصو آھي. ھو الوحيد اخبار جو اٽڪل ٢٣ سال ايڊيٽر رھيو. سندس علمي خدمتن ۾ ماھنامو توحيد به اچي وڃي ٿو. مولانا وفائي ديني ڪتاب لکڻ کان سواءِ شاهه عبداللطيف جي حيات ۽ ڪلام تي ٻه ڪتاب لطف اللطيف ۽ شاهه جي رسالي جو مطالعو لکيا. ان کان سواءِ سندس تحقيقي ڪتاب تذڪره مشاھير سنڌ، ٽن جلدن ۾ ڇپيو. مولانا صاحب ھڪ عظيم ديني عالم ۽ سنڌپرست اديب ھو. سندس علمي، ادبي ۽ ديني خدمتون گھڻيون آھن.

خان بهادر محمد صديق ميمڻ (١٨٩٠-١٩٥٨ع):

جناب محمد صديق ميمڻ جو تعلق حيدرآباد جي ھڪ متمول ڪٽنب سان ھو. ھو ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد جو پرنسپل ٿيو. ميمڻ محلي سان متصل سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي قائم ڪيائين. جنهن ڪيترائي ادبي ۽ ديني ڪتاب شايع ڪيا. مدرسة البنات به ھن اداري طرفان قائم ٿيو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ان جي ابتدائي تقريب ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي کيس روبرو چيو ھو ته تو مسافر سان ظلم ڪيو آھي، جو ان جي لکيل ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ پنهنجي نالي ڇپائي اٿئي! ان باري ۾ عبدلله عبدالواسع عبد به ھڪ مضمون ۾ لکيو آھي ته خانبهادر ميمڻ شاعرن بابت وٽس پيل مواد جو فائيل کڻي ويو، جيڪو وري موٽي نه مليو (١) . ياد رھي ته خانبهادر سنڌي ادب جي تاريخ جا ٻه جلد شايع ڪيا، جيڪي سندس نالي سڏجن ٿا. بهرحال سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي خانبهادر ۽ سندس ساٿين جو وڏو ڪارنامو آھي. ادبي تاريخ جو پھريون جلد ھن سوسائٽي ۽ ٻيو سنڌ يونيورسٽيءَ شايع ڪيو.

لطف الله بدوي (١٩٠٤-١٩٦٨ع):

پروفيسر بدويءَ جو تعلق شڪارپور سان آھي. پاڻ ٻين ڪيترن ڪتابن سميت تذڪره لـُطفي (ٽن جلدن ۾) لکيائين، جو گذريل اندازا سٺ سالن کان ادبي تاريخ جو اھم ماخذ رھيو آھي. ھي تذڪرو شاعرن بابت آھي ۽ ھر باب جي شروع ۾ ان دؤر جي تاريخ جو به ھڪ باب رکيو اٿس. پروفيسر بدويءَ جو فرزند پروفيسر احسان بدوي به ھڪ اديب ھو. سندس به ڪيترا مقالا ۽ سانگيءَ تي ھڪ ڪتاب ڇپيل آھي. بدوي صاحب جو انداز تحرير نهايت مدلل ۽ حقيقي آھي.

پروفيسر محبوب علي چنه (١٩٢٢-١٩٧٧ع):

سيوھڻ ۾ ڄائو ايم اي ڪرڻ کان اڳ ئي تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. ١٩٦١ع ۾ آمريڪا جو تعليمي دورو ڪيائين. واپس اچي تدريس جو سلسلو جاري رکيائين. ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿيو. سروري خاندان سان عقيدت سبب سروري ڪاليج ھالا جو پرنسيپل ٿيو. چنه صاحب ڳالھائڻ ۾ به فصيح ۽ بليغ انسان ھو. سندس ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب ڇپيل آھن. انهن ۾ ھي ڪتاب اچي وڃن ٿا: لطيفي لنؤ، ڪليات امين، ڪليات نورل، ڪچڪول طالب الموليٰ، سنڌي رسم الخط جي ارتقا ۽ سنڌي ادب جو سرسري جائزو (سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾). مختلف علمي ۽ ادبي ادارن ۽ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ  ڪائونسل جو ميمبر به رھيو.

رحميداد خان مولائي شيدائي (١٨٨٤-١٩٧٨ع):

ھن منفرد نالي وارو سنڌ جي تاريخ جو عاشق سکر ۾ ڄائو. پاڻ ذات جو بروھي ھو. ٿوري ئي تعليم مليس. ريلوي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين ۽ گارڊ ٿيو.  ھوڏانهن ريل جون جھنڊيون لوڏيندو رھيو. ھيڏانهن تاريخ تي لکڻ ۾ جھنڊا کوڙي ڇڏيائين. مولائي صاحب جا سنڌ جي تاريخ تي ٻه ڪتاب جنت السنڌ ۽ تاريخ تمدن سنڌ آھن. ان کان سواءِ تاريخ بلوچستان، تاريخ سکر، ٽالپرن جي تاريخ ۽ ٻيا ڪيترا ڪتاب تاريخ تي لکيائي، جيڪي اڃا قلمي صورت ۾ موجود آھن.

پير حسام الدين راشدي (١٩١١- ١٩٨٢ع):

سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي ڪيترن ماخذن کي پير صاحب مرتب ڪيو ۽ فارسيءَ ۾ ئي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن شايع ڪيا. انهن ۾ مقالات الشعراء، تڪملھ مقالات الشعراء، مڪلي نامھ، تاريخ مظھر شاهه جھاني، روضة السلاطين، ترخان نامھ، مثنوي مظرالاثار، مثنوي و قصائد قانع ۽ مثنوي چنيسر نامھ وغيره اچي وڃن ٿا. ان کان سواءِ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ به لکيائين. کيس ايران ۽ ٻين ملڪن مان ڊاڪٽريٽ (اعزازي) ۽ ٻيا ميڊل ۽ انعام مليا. دنيا گھميو ۽ سندس علميت ۽ محنت جو کيس داد مليو.

پروفيسر عطا محمد حامي (١٩١٩-١٩٨٢ع):

سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جو شاعر، ڪيترن مقالن جو ليکڪ ۽ مٺي زبان وارو حامي صاحب خيرپورميرس ويجھو پنهنجي ڳوٺ سوھو قناصرا ۾ ڄائو. تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿيو. خيرپور جي ميرن جي علم ادب ۽ ثقافت سياست ۾ ڪردار بابت لکي، پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪيائين. ٿيسز سنڌالاجي شايع ڪئي. درازن جا درويش، نينهن جا نعرا، وکريل موتي ۽ ٻيا ڪتاب ۽ مقالا ڇپيل اٿس. ادبي سرگرميون تسليم، پر حامي صاحب جي شخصيت ۽ انسانيت سڀ کان اتم، جن ڏٺو انهن کان ڪو پڇي.

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو (١٩١٩-١٩٩٠ع):

خيرپور کان پري دريا پار لاڙڪاڻي جو واسي ڄڻ حاميءَ جي تصوير! ادب ۾ شاعريءَ جو پارکو ۽ لغت ۾ به يگانو. خاص طور ھندي ۽ سنسڪرت جو ڄاڻو ھو. مختلف لغتن جي آڌار تي لفظن جي بنياد ۽ ڌاتـُن جو ڌڻي. شاعرن جو ڪلام مرتب ڪيائين. ان جا حوالا ھن تاريخ جي ٻئي جلد ۾ اچي چڪا آھن. سندس خاص ڇپيل لغات ھي آھن: تحقيق لغات سنڌي، سچل لغات ۽ سامي ڌاتوڪوش، اشتقاقي لغت لطيف اڌوري ۽ آڻ ڇپيل رھجي ويئي. لوڪ ادب ۾، سنڌ جو سينگار، وينجھار ۽ ڏھس نامو، پھاڪن ۽ اصطلاحن بابت به سنديلي صاحب جا ڪتاب ڇپيل آھن. پي ايڇ ڊيءَ جو عنوان ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ ھوس. سندس ٿيسز ڇپجي چڪي آھي(٢).

ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو (١٩٣٤-١٩٩٤ع):

سنڌ جو ھي محقق ڳوٺ پيچوھا ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. انگريزيءَ ۾ ايم اي ۽ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ھو. ٻوھيو صاحب تعليم کاتي ۾ استاد ۽ تعليمي انتظامي آفيسر رھيو. ابتدا ۾ ڪھاڻيون ۽ شعر به لکيائين. سندس لاڙو زبان ۽ ادب ۾ سماجي پھلوءَ ڏانهن وڌيڪ ھو. تنقيد جا ٻه ڪتاب ۽ پي ايڇ ڊي ٿيسز ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ (١٩٧٨ع) ڇپيل اٿس. سماجياتي لسانيات تي ڪافي مقالا به لکيائين. تحقيق تي به لکيائين. ٻوھيو صاحب ھڪ محنتي ۽ کلمک انسان ھو. ھن تعليم ۽ تحقيق ۾ توڙي ھڪ اورچ انسان جي حيثيت ۾ سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ ڪم ڪيو.

علي نواز جتوئي (١٩١٤-١٩٩٦ع):

موري تعلقي جو عالم ۽ استاد سائين علي نواز جتوئي، بي اي بي ٽي ڪري استاد جي منصب تي فائز ٿيو. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ٿيو. سندس خاص موضوع شاهه عبداللطيف، خواجھ محمد زمان، گرھوڙي صاحب ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام رھيو. بنده راقم ھي ٻه اکر لکڻ جي قابل بنيو ته اھا ڳالهه به جتوئي صاحب جي تعليم ۽ تربيت باعث آھي. سندن ڪيتريون تحريرون اڌ ۾ به رھجي ويون. سوچيندو گھڻو ھو. ايترو لکي نه سگھندو ھو. جوانيءَ کان وٺي دم جو عارضو ھوس. ڪيترا مقالا لکيائين. انهن ۾ سندن مقالو: ”ڀٽائي صاحب جو ڀاري ڀيد“ مقبول ٿيو. ھن مقالي ۾ ھي نـُڪتو پيش ڪيائين ته شاهه صاحب جا محبوب حضور صلي لله عليه وسلم جن آھن، جيڪي بيت دليل طور ڏنائون، انهن ۾ ھڪ ھي ھو ته خدا جو قسم کڻي چيو اٿن ته ، ”بالله ري پرين سڀ اونداھي ڀانيان.“ يعني محبوب خدا نه پر حضور جن آھن.

سائينءَ جا ھي ڪتاب ڇپيل آھن: مئين عبدالرحيم گرھوڙيءَ جو ڪلام، ديوان حافظ، سياست نامو، اخلاق محسني، لطيفي لھرون ۽ سنڌي زبان ۽ علم لسان. ترتيب ۽ ترجمي ۾ ڪي ٻيا ڪتاب به اٿن. ٽکڙ ويجھو مقبره شريف ۾ سندن آخري آرام گاهه آھي. ھڪ صوفي منش ھئا.

ڊاڪٽر محبوب ٻـُرڙو (١٩٥٢-١٩٩٧ع):

ھڪ ڪـَلي کلڻ کان اڳ مرجھائجي وڃي. اھو مثال محبت تي ٺھڪي ٿو. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ھو. پاڻ قمبر جو ھو ۽ اتي ئي ڪلينڪ ھئس. زبان ۽ صرف و نحو تي مقالا لکيائين. سندس مقالن جو معيار ڏسي سطحي ڪم ڪرڻ وارن کوٽن سڪن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو. زندگيءَ وفا نه ڪئي ٤٥ سالن جي عمر ۾ وڇڙي ويو.

ھنن وڇڙي ويل اسڪالرن کان سواءِ ڊاڪٽر سنتداس جھنگياڻي، ڊي ڪي منشاراماڻي ۽ گنگارام سمراٽ به سنڌي زبان ۽ ادب جا محقق ھئا. جھانگياڻي دھلي يونيورسٽيءَ ۾ شاهه تي پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيقي مقالو لکيو، جيڪو ڇپيو. منشاراماڻيءَ به ڪيترا مقالا لکيا. گنگارام سمراٽ به ھڪ پراڻو ليکڪ ھو. ھـُن جو لاڙو گھڻو تڻو ھندن جي اوليت ڏيکارڻ ڏانهن ھو. سنڌيءَ جي انهن لفظن تي ھڪ ڪتاب اسان کي متان وساريو (١٩٩٩ع) لکيائين، جن لاءِ کيس وسرجڻ جو انديشو ھو. پروفيسر مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي (١٩٢٤-٢٠٠٣ع) قرآن، حديث، عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو وڏو عالم ھو. سندس ڪم نهايت معياري آھي.

زنده اسڪالرن جي به ھڪ وڏي فھرست آھي. انهن ۾ پھرين لساني ماھرن جو مختصر ذڪر پيش خدمت آھي:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:

نالو وٺي کڻي بس ڪر، سنڌ جو مايھ ناز ڊاڪٽر بلوچ دنيا جو ھڪ نابغھء روزگار، محقق ۽ دانشور آھي، جنهن پنهنجي عزم، ھمت، جستجو ۽ تحقيق ۾ منزل ماڻي. انهن بلندين تي پھچي چڪو آھي، جنهن لاءِ ھر انسان ڪوشان ھوندو آھي. سندس تعلق ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجھوري سان آھي. تعليم پنهنجي ڳوٺ، نوشھري مدرسي، جھونا ڳڙهه، علي ڳڙهه ۽ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون. تعليم ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائون. ان وقت به ڊاڪٽر صاحب جي ھٿ ۾ جيڪو تحقيق جو ڪم ھو سو ٻيلي جي شاعرن بابت ھو. اھو ڪتاب ٻيلاين جا ٻول نالي ڇپيو، ڊاڪٽر صاحب مڪمل رٿابندي ۽ تنظيم سان ڪم ڪيو. تعليم بابت به ڪم ڪندا رھيا، پر سنڌي زبان ۽ ادب کي عروج تي رسائي ڇڏيائيون.

ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ڪم ۾ جامع سنڌي لغات پنج جلد، سنڌي- اردو ۽ اردو سنڌي لغات (ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان سان گڏ)، ھڪ جلدي لغت ۽ روشني (لطيفي لغت) زبان بابت ھڪ بنيادي ڪم آھي. ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ لکيائون. جنهن جا سڌاريل ۽ وڌايل صورت ۾ چار ايڊيشن شايع ٿيا آھن. سنڌ جي تاريخ جي اھم ماخذن تاريخ معصومي، چچ نامي ۽ تحفة الڪرام جي سنڌي ترجمي تي وضاحتون ۽ نوٽ به ڊاڪٽر صاحب لکيا. سنڌي لوڪ ادب جي رٿا تيار ڪيائين. ان جا چاليهه جلد ڇپيا. وڏن ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام تي تحقيق ڪيائين ۽ تفصيلي مقدمن سميت ڪلام مرتب ڪري شايع ڪيائين. ان کان سواءِ به ڊاڪٽر صاحب جا سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ ادب تي ھڪ سؤ جي قريب ڪتاب مختلف زبانن ۾ شايع ٿيا آھن.

ڊاڪٽر صاحب جي علمي حيثيت جي مڃتا طور ڪن ادارن تي سندن نالو به رکيو ويو آھي. انهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اولڊ ڪئمپس ۾ ماڊل اسڪول به ڊاڪٽر صاحب جي نالي منسوب ڪيل آھي. سنڌي ٻولي اختياريءَ جو ھال ڊاڪٽر صاحب جي نالي آھي. بنده راقم جي ذاتي درالسلطانيھ لئبرري بدين ۾ ڊاڪٽر صاحب جي نالي ڪارنر مخصوص ڪيل آھي. جنهن جي پڌرائي لاءِ مارچ ٢٠٠٣ع ۾ پاڻ ڪرم ڪري آيا. ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب جن علم جي وڏڦڙي مثل وسي رھيا آھن.(٣)

ڊاڪٽر غلام علي الانا:

الانا صاحب جو تعلق ڳوٺ تڙ خواجھ، تعلقي جاتي ضلعي ٺٽي سان آھي. ابتدائي تعليم کان پوءِ ٽنڊي محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر ٿيو. سنڌي اڪيڊمي (پوءِ سنڌالاجي) جي چارج ورتائين. سنڌالاجيءَ کي پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان عروج تي رسايائين. پھريائين ڪي افسانا ۽ ھڪ ناول لکيائين. ان کان پوءِ تحقيق ڏانهن لڙيو. ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيائين. لنڊن يونيورسٽيءَ مان لسانيات ۾ ايم اي ۽ پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ١٩٧١ع ۾ ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪيائين. سندس لاڙو لسانيات سان گڏ ثقافت ڏانهن به رھيو. ٻنهي موضوعن تي سندس اٽڪل ٤٠-٤٢ ڪتاب ڇپيل آھن. لسانيات تي ڇپيل ڪتاب ھي آھن: سنڌي صوتيات، سنڌي صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس.

انگريزيءَ ۾ به الانا صاحب جا ڪتاب آھن. ڪن ڪتابن کي ترتيب به ڏنو اٿن. الانا صاحب جي سوچ يا زبان بابت نظرين سان ڪنهن کي اختلاف ٿي سگھي ٿو، پر سندس عزم، محنت ۽ اورچائيءَ جو ھر ڪو داد ڏي ٿو. پاڻ غير ملڪي دورا به ڪيا اٿن ۽ اوپن يونيورسٽي اسلام آباد ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر، ان کان پوءِ سنڌي ٻولي اختياريءَ جا چيئرمن به رھيا.

لڇمڻ خوبچنداڻي:

ڀارت ۾ رھندڙ ڊاڪٽر لڇمڻ سنڌي زبان جي صوتياتي نظام تي ڪم ڪيو. سندس ٿيسز جو عنوان آھي:

The phonology and Morpho phonemics of Sindhi

ان کان سواءِ به سندس ڪيترائي مقالا سنڌي زبان بابت آھن. گھڻو ڪري انگريزيءَ ۾ لکيو اٿس. معيار جي مدنظر سنڌي صوتيات تي سندس ڪم ڳڻپ ۾ اچي ٿو.

سراج:

سنڌيءَ جو افسانه نگار، ناول ۽ ناٽڪ نويس ۽ ٻوليءَ جو اڀياسي سراج الحق ميمڻ، فقط سراج جي نالي سان به سندس سڃاڻپ آھي. ٽنڊي ڄام ۾ ڄائو، ايم اي ايل ايل بي ۽ سي ايس ايس ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رھيو ۽ پوءِ انڪم ٽئڪس آفيسر ٿيو. جتان واپس عوامي زندگيءَ ۽ صحافت ۾ آيو. سراج ۾ جيڪو لنگئسٽ (لساني ماھر) اندر ۾ ويٺو ھو. تنهن جي سڏ تي ڪتاب سنڌي ٻولي (١٩٦٤ع) لکيائين. ان کان پوءِ لسانيات جو مطالعو وڌيس. ڇٻلاڻيءَ جي سنڌ جي اقتصادي تاريخ ۽ ٻيا ڪتاب ترجمو ڪيائين. سراج ھڪ طرف سنڌي افسانوي ادب ۾ پاڻ موکيو آھي ته ٻئي طرف ھن سنڌي زبان جي قدامت تي لکيو. سندس محنت قابل قدر آھي. لساني ماھرن سان زبان بابت بحث ڪيا اٿس.

ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي:

حيدرآباد ۾ ڄائو. ورھاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو. سندس والد ڪشنچند جيٽلي به پنڊت ۽ سنسڪرت جو اسڪالر ھو. جيٽلي صاحب ھندي ۽ سنسڪرت ۾ به قابليت پيدا ڪئي ۽ انهن زبانن ۾ ايم اي ڪيائين. ”سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جي بناوت“ جي عنوان سان ڊاڪٽريٽ جو مقالو لکيائين. دھلي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو استاد رھيو. اسڪالرن جي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين لاءِ رھبري به ڪيائين. ادبي وفدن سان سنڌ به اچي چڪو آھي. ھن وقت دھليءَ ۾ رھي ٿو.

ڊاڪٽر جيٽلي جا ڪيترا مقالا زبان ۽ ادب بابت سنڌ ۽ ھند ۾ ڇپجي چڪا آھن. ڪتابن ۾، اوائلي شايع ٿيل ڪھاڻيون: سنڌي ساھتيھ جو اتهاس، ميگهه دوت، ڀارتيھ ساھتيھ ڪوش(ھندي)، ڊاڪٽر گربخشاڻي جيون چرتر ۽ رچنائون، لالچند امر ڏنو مل جيون چرتر ۽ رچنائون، ڄيٺمل پرسرام جيون چرتر ۽ رچنائون، سنڌي ويا ڪرڻ(٣ ڀاڱا)، ڀارتيھ ڪھاوت ڪوش، ھندي سنڌي ۽ ھندي سنڌي انگريزي ڪوش، سنڌوءَ جون لھرون، شاهه جو رسالو ھڪ اڀياس، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا، انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر ۽ سنڌيءَ جي لکاوٽ وغيره. ھنن مان ڪي ڪتاب ٻين لکيڪن سان گڏ لکيل آھن ۽ ڪي ترتيب ڏنل آھن.

بنيادي طور جيٽلي صاحب سنڌي زبان جي تحرير ۽ جوڙجڪ جو اسڪالر آھي. سنڌي ادب تي به سندس گھري نظر آھي.

ليلورچنداڻي ۽ لوڪناٿ جيٽلي به سنڌي زبان جي لپيءَ ۽ قدامت تي ٿورو گھڻو ڪم ڪندا اچن. ان کان سواءِ پوپٽي ھيراننداڻي به ڀاشا شاستر نالي سنڌيءَ بابت ڪتاب لکيو آھي. لوڪناٿ جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي لپي ۽ ليلي جو سنڌوءَ جي جھلڪ آھي.

محمد عمر چند:

چنڊ صاحب ڳوٺ نئون آباد ضلعي سانگھڙ ۾ ڄائو. مئٽرڪ ٽنڊي ڄام مان، بي اي سنڌي يونيورسٽي ۽ ايم اي انگريزي ڍاڪا مان ڪيائين. ان کان سواءِ ايم اي الينواءِ (آمريڪا) مان به ڪيائين. پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما آڪلنڊ مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي، ايران، عراق، برونائي ۽ نيوزيلنڊ ۾ استاد رھيو. عربي فارسيءَ جو به عالم آھي. ٻين ڪتابن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جون آراڌايون ڇپيل اٿس. ان جو ٻيو سڌاريل ڇاپو پڻ شايع ٿيو آھي. وڏو زبان دان ۽ مطالعي جو شوقين ماڻھو آھي.

ھدايت پريم عرف ڊاڪٽر ھدايت الله آخوند:

اصل روھڙيءَ جو آھي. ھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد آھي. ماضيءَ ۾ افسانه به لکيائين. ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ۽ ڊپلوما لسانيات لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ان کان اڳ ٻيلي کاتي جو ھڪ ڪامياب آفيسر ھو. سنڌي زبان جي محققن تي سندس ڪتاب ڇپيل آھي. ان کان سواءِ اترادي ٻوليءَ تي به ھڪ ڪتاب ۽ ٿر جي ٻوليءَ تي ھڪ ڪتاب بنده راقم سان ساٿ ۾ لکيو اٿس. شاهه، سچل ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام جي نحوي بناوت تي مقالا ڇپيل اٿس. جيترو پڙھيل ماڻھو آھي، ايترو نه لکيو اٿس.

ڊاڪٽر حيدر سنڌي:

ڳوٺ مبارڪ ٻـُرڙي تعلقي موري ضلعي نوشھري جو غلام حيدر ٻرڙو، لسانيات ۽ ادب ۾ حيدر سنڌيءَ جي نالي سان مشھور ٿيو. ”سنڌي ٻوليءَ جو پاڪستان جي ٻولين ۾ درجو“ جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ ڪيائين. ھن وقت قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي نئشنل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽيڊيز جو ڊائريڪٽر آھي. سندس ڪتاب ”ٻولين جا سرچشما“ ۽ ٻيا سنڌي ۽ اردو ڪتاب شايع ٿيا آھن. حيدر صاحب سنڌي زبان ۽ پنهنجي اداري لاءِ قابل قدر ڪم ڪيو آھي.

ڊاڪٽر موتي لال جتواڻي:

ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ويو ۽ ايم اي، پي ايڇ ڊي ڪيائين. دھلي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ٿيو. شاهه عبداللطيف تي سندس ٿيسز انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪي آھي. ٻيا به مقالا ۽ ڪتاب لکيا اٿس. ڪھاڻيون، ناولٽ ۽ شعر به لکيا اٿس.

ڊاڪٽر نواز علي شوق:

شوق صاحب ڳوٺ رحمت آباد تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ ڄائو. سندس تعليم خيرپور ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿي ايم اي سنڌي، ايم اي اردو ۽ ايل ايل بي ڪيائين. اسلاميھ ڪاليج سکر ۾، ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رھيو. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمن به رھيو. ھن وقت شاهه لطيف چيئر جو صلاحڪار آھي. شوق صاحب، ھدايت علي نجفيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي. کيس ڪافين سان خاص شغف آھي. وٽس مختلف شاعرن جون ڪافيون به موجود آھن. ھڪ بهترين لئبرري اٿس، جنهن ۾ ناياب ۽ قلمي ڪتاب به موجود آھن. شوق صاحب جا ھيٺيان ڪتاب ڇپيل آھن: ملاوت جا ماھر، آديسي اٿي ويا، ڪلام سچل سرمست، ديوان تارڪ، ڪلام شاهه نصير، نينهن جا نعرا، ڪليات علوي، سنڌ جو عطار، فقير محمد صلاح،ڪلام فقير عبدلله ڪاتيار ۽ سچل سرمست جا طالب. ان کان سواءِ ڪي ترجمو ڪيل ڪتاب به اٿس. ٻيا ڪمپوز ٿيل ڪتاب آھن، پر ڇپيا نه آھن. ڪي ڪتاب اردوءَ ۾ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود اٿس.

ڊاڪٽر حبيب الله صديقي:

پاٽ جو اديب، تعليم کاتي جو استاد ۽ انتظامي آفيسر حبيب لله صديقي ھڪ شاعر آھي. پاٽ تي ڊاڪٽريٽ جو ٿيسز لکيائين. ٻين ادبي خدمتن سان گڏ سندس ڪتاب تاريخ باب الاسلام سنڌ ۽ انسان جي تاريخ (ٻه جلد) ڇپيل آھن. پوئين ڪتاب ۾ آسماني ڪتابن جي حوالن سان ھن انسان جي تاريخ رقم ڪئي آھي. دوست نواز ۽ مھمان نواز صديقي صاحب ھن وقت سنڌ يونيورسٽي اقامتي سوسائٽيءَ ڄام شوري ۾ رھي ٿو.

ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو:

اصل باڊهه تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جو، محمد قاسم ٻگھيي پھرين ڪجهه شعر ۽ ڪھاڻيون لکيون. سندس پھرين ڪھاڻي ”گندرف“ ١٩٧٦ع ۾ ڇپي. سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. لوڪ ادب، شاعري ۽ ٻوليءَ تي ڪيترائي تنقيدي ۽ تحقيقي مقالا لکيائين. اسڪالر شپ تي برطانيا جي اسيڪس يونيورسٽيءَ مان ٻولي ۽ لسانيات ۾ خاص سماجي لسانيات جي حوالي سان پي ايڇ ڊي ڪري ١٩٩٤ع واپس وطن وريو. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ڊاڪٽريٽ واري موضوع کان علاوه ٻين سماجي ۽ علمي مسئلن تي به لکي ٿو.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو:

دولت پور صفن جو ھي مؤرخ ڏسڻ ۾ ڪمزور، پر لکڻ ۾ طاقتور آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي شعبي ۾ استاد آھي. ڪلھوڙا دؤر حڪومت تي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز لکيائين، جيڪا ڇپي آھي. ڊاڪٽر لاکي جي ڪتاب ۾ ”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو، سمن جي سلطنت، مطالعو سنڌ جو (ٻه ڀاڱا) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آھن. ھو سنڌ جي تاريخ جو ھڪ سنجيدو اڀياسي ۽ محقق آھي.

ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو:

فداءِ شڪارپور ۽ ھڪ نوجوان محقق انور فگار ھر پـَل انهيءَ ڌن ۾ ھوندو آھي ته منجھيل ڳالهه کي سلجھايان. انور جي مرتب ڪيل ڪتابن ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جا مقالا سون برابر سڳڙا، شيخ اياز جا افسانا جي تند برابر توريان، ساميءَ تي مقالا سامي ساگر بوند ۾ ۽ کيئل داس فانيءَ جو ڪلام سمنڊ سمايو بوند ۾ بهترين ترتيب جا نمونا آھن.

شيخ اياز جي جنم جي تاريخ به اسڪول جي رجسٽر مان تحقيق ڪري انور درست ڪئي. اھا ٢٣ مارچ نه پر ٢ مارچ (١٩٢٣ع) ھئي. شڪارپور جي تاريخ، ثقافتي ۽ ادبي حيثيت تي تحقيقي مقالو لکي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي ڊگري ورتائين. اياز تي ڪتاب جنب جنب جي جيت اياز به شايع ٿيل اٿس. ڪيترا مقالا انور فگار جي علمي حيثيت مڃائي چڪا آھن. سندس تازو تحقيقي ڪتاب شڪارپور جي صحافتي تاريخ (٢٠٠٤ع) آھي، جنهن ۾ صحافين، اخبارن ۽ رسالن توڙي پريسن بابت مستند ۽ تفصيلي معلومات ميسر ڪئي اٿس. ننڍين ننڍين ڳالھين بابت نهايت ترتيب سان لکيو اٿس.

ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو ھڪ نوجوان محقق آھي. ھـُو ھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آھي. پنهنجي ڪم سان گڏ شاگردن ۽ ٻين لکڻ وارن جي حد کان وڌيڪ علمي مدد ڪندو رھي ٿو.

ڊاڪٽر تهمينه مفتي:

موصوفھ جو تعلق شڪارپور سان آھي. پاڻ ايم اي ڪري سنڌ يونيورسٽي جي شعبي سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿي. بنده راقم جي رھنمائيءَ ۾ ”سنڌي افساني جو سماجي ڪارج“ جي عنوان تي پي ايڇ ڊي به ڪئي اٿس. تحقيق ۾ ڊاڪٽر تهمينه، شاهه، سچل، سامي، مولوي احمد ملاح جي ڪلام تي علمي مقالا لکيا آھن. انهن مقالن ۾ ھن انهن شاعرن جي ڪلام جي موضوعن جو دليلن ۽ مثالن سان گھرو مطالعو پيش ڪيو آھي. ڪي ٻيا مقالا  ۽ افسانا به لکيا اٿس. شاعره به آھي. سندس تحقيق جو سلسلو جاري آھي. ھن وقت پروفيسر آھي ۽ سنڌ يونيورسٽي اقامتي سوسائٽيءَ ۾ رھي ٿي.

ھنن محققن کان سواءِ ڪيترا ٻيا محقق آھن، جن سنڌي زبان ۽ ادب تي گھڻو ڪجهه لکيو آھي. انهن جا موضوع به گوناگون آھن. مثال طور آثار قديمھ، تاريخ، تهذيب، ثقافت، رانديون، لطيفيات، ناول، ناٽڪ، ڪھاڻيون، تنقيد ۽ ادبي تاريخ وغيره تي لکيو اٿن. اڳتي ھلي سندن ڪم جو يقينا تفصيلي جائزو ورتو ويندو. ڪنهن فھرست ۾ سڀ نالا ته نه اچي سگھندا، پر ھي عنوان مڪمل ڪندي، ڪجهه نالا ڏيڻ مناسب ٿيندو. معذرت سان ته آءٌ انهن سڀني يا ڪن جو ادبي جائزو سردست پيش ڪو نه ٿو ڪريان:

الهه بچايو سمون، محمد عرس سمون، شفيع احمد علوي، مقبول ڀٽي، تاج صحرائي، تاج جويو، عبدالواحد آريسر، پير سعيد حسن، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو،ڊاڪٽر حامد علي خانائي، ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ، احسان بدوي، ڪريم بخش خالد، پرسوگدواڻي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر الهه رکيو ٻـُٽ، دادا سنڌي، پنهل ڏھر، امام راشدي، بدر ابڙو، ڊاڪٽر بدر اڄڻ، رسول بخش تميمي، عزيز جعفراڻي، حافظ حبيب سنڌي، خادم عباسي، موتي لعل رامواڻي، فيض حيدري، محمد حسين ڪاشف، ولي محمد طاھر زادو، احسن ڪربلائي، ممتاز مرزا، محمد يعقوب چانگ، سڪينه تيجاڻي، ھيرو ٺڪر، الاھي بخش دوداپوري، داد محمد خادم بروھي، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي، محمد سومار شيخ، شمس الدين رڪن الدين، مير حاجي محمد بخش ٽالپر، عطيھ دائود، امر سنڌو، روبينه ابڙو، رخسانه پريت چنڙ، ثريا سوز ڏيپلائي، ڊاڪٽر سرفراز احمد ڀٽي، انب گوپانگ ۽ ٻيا ڪيترا آھن، جن سنڌي ادب جي چمن جي آبياري ڪئي آھي ۽ ڪندا رھن ٿا.

ٻارن جو ادب:

ٻار انسان جو ابو آھي. ان لاءِ دنيا جي ادب ۾ سندس ڏانو جو ادب تخليق ٿيندو رھندو آھي. ڪي نقطھ چين، وڏن اديبن تي طعنه زني به ڪندا آھن ته ھـُو ٻارن لاءِ ڇو نه ٿا لکن. وڏن اديبن ٻارن جي ادب کي اھميت ڏيڻ ڇڏي ڏني آھي! ڪو پنجاهه ڪھاڻيون ۽ سؤ شعر لکي وڏو اديب نٿو ٿئي، جيسين ٻارن لاءِ نه لکي! اسان وٽ ٻاراڻو ادب تخليق ڪندڙ ٻار ئي رھيا آھن!! ٻاراڻا ۽ بي بنياد خيال ۽ الزام اديبن تي لڳندا ئي رھندا آھن (٤). جواب ھي آھي ته وڏن اديبن مان به ڪي ٻارن لاءِ لکندا آيا آھن. ڇا مرزا قليچ بيگ ننڍو اديب ھو؟ برابر ٻار به رسالن ۽ اخبارن جي ٻاراڻين ٻارين ۾ لکندا رھيا آھن. پر ٻارن لاءِ لکڻ وارا سڀ ٻار نه آھن. نه اسرار شام ٻار آھي نه ادل سومرو! ههڙا الزام واندا ماڻھو اديبن کي بدنام  ڪرڻ لاءِ ھڻندا آھن. اھو صحيح آھي ته وڏن جي ادب کان ٻارن جو ادب گھٽ تخليق ٿئي ٿو. اھو معاملو سڀني زبانن سان لاڳو آھي. سنڌ ۾ خواندگيءَ جي تناسب سان ادب تخليق ٿيو آھي. سڌريل ملڪن کان ھر ڳالهه ۾ پوئتي آھيون ته ٻارن جي ادب ۾ به پوئتي آھيون. ورھاڱي کان اڳ به ٻارن لاءِ ادب تخليق ٿيو. بلڪھ اڻويھين ۽ ويھين صديءَ ۾ مرزا قليچ بيگ جيڪي ٻارن لاءِ ننڍا ڪتاب لکيا، انهن ۾ ھي ڪتاب اچي وڃن ٿا: پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، عجيب طلسم، لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ، جاڙا ڀائر، پائي وائي ۽ پائي وزو، نيلو پکي، ٽي ديو يا راڪاس ۽ شيطان جي ناني وغيره. سنڌيءَ ۾ ٻارن لاءِ جن اھم ليکڪن ۽ شاعرن پنهنجو قلمي پورھيو ڪيو، انهن ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڪشنچند بيوس کان سواءِ اياز پاٽولي، پروانو سيوھاڻي، ادل سومرو، اياز گل، نصير مرزا، مختيار ملڪ، ذوالفقار سيال، مقصود گل، اڪبر جسڪاڻي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، عطا محمد ڀنڀرو، خير محمد بلوچ، خالد آزاد وگھيو، ملھار سنڌي، غلام محمد غازي ۽ ٻيا شامل آھن، جڏھن ته ھندستان ۾ جن ليکڪن سنڌي ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪيو آھي، انهن ۾ ڊاڪٽر ھوندراج ٻلواڻي، شيام جئسنگھاڻي، موتي پرڪاش، ڪلا پرڪاش ۽ ٻيا شامل آھن. حيدرآباد مان مقبول ۽ مرتضيٰ ڀٽي رسالو گلستان ڪڍندا رھيا. ماھنامي سان گڏ ٻيا به ڪتاب ٻارن لاءِ ڪڍيائون، اداره گلشن ادب ٽنڊو محمد خان پاران ۽ ھاڻي به رتي ديري مان ٻارن لاءِ مقصود گل ۽ مختيار گھمرو رسالو گلدستو ڪڍي رھيا آھن. جڏھن ته حيدرآباد مان اسرار شام گذريل ١٥ سالن کان ”سنڌي ٻارڙا بزم ساٿي“پاران اختر حسين سمون ۽ ذيشان عابد پنهنجي دوستن سان گڏ ”ساٿي“ رسالو، احسان لغاري ”گلزار سنڌ رسالو“، ٽنڊي ڄام مان شبير ساگر ”گلڙا“ ، مير شاھنواز ٽالپر ”روشن دنيا“ ۽ شڪارپور مان خالد ڀٽي رسالو ”سنگتي“ جاري ڪري رھيا آھن. ان کان سواءِ وقت بوقت سنڌ جي مختلف شھرن مان نوجوانن ٻارن لاءِ رسالا جاري ڪيا، جيڪي مستقل طور ھلي نه سگھيا. سنڌي ادبي بورڊ جو ٻارن جو رسالو گل ڦل به شايع ٿيندو اچي پيو. سنڌي زبان ۾ ٻارن لاءِ ادب تخليق ٿيندو رھي ٿو. ٻارن جي ڪتابن جي ھڪ مختصر فھرست ھيءَ آھي:

شاھي بلبل

گرداس واڌواڻي

سلطان آباد

سندباد ۽ ھند باد

محمد نواز بيگ

حيدرآباد

ڌرتيءَ جا گل

منظور ظفر

لاڙڪاڻو

رنگ به رنگي ڦوڪڻا

ڀڳوان نردوش

ڀارت

سڀان جا ٻيجل

سوسن مرزا

حيدرآباد

سوني زنجير

حميد سنڌي

حيدرآباد

شھيد

خواجھ غلام عباس

حيدرآباد

ديس لاءِ دعا

غفران عاقلاڻي

حيدرآباد

قيمتي ڪھاڻي

ميمڻ عبدالمجيد

ٽنڊو محمد خان

ھيراموتي

فدا سـُرھيو ۽ اياز پاٽولي

 

مھاڻو ۽ جن

بشير احمد ڀٽي

حيدرآباد

شفا بخش پاڻي

محمد عثمان کٽي

بدين

گل بانو

سليم ھالائي

 

شيخ چلي

محمد بخش جوھر

حيدرآباد

سونو ڪڪڙ

اياز پاٽولي

ٽنڊو محمد خان

چنڊ تارا

درشن نهالچنداڻي

ميرپور ماٿيلو

ٽي سپاھي

قربان جعفري

ڪراچي

روشن تارا

ڏيپلائي

حيدرآباد

حليمان پوپري

عنايت لله عباسي

حيدرآباد

اميدن جو آشيانو

اعجاز حسين

مٽياري

سجاڳ ٻار

 

حيدرآباد

روشن تارا، گيت ۽ ٻول

محمد ابراھيم  جويو

حيدرآباد

سندباد سيلاني

رھبر ڀٽي

حيدرآباد

چانڊاڻ

اياز پاٽولي

ٽنڊو محمد خان

عقلمند ڪـُوئا

دانيال طارق

حيدرآباد

رمون پيٽي

اڪبر جسڪاڻي

حيدرآباد

گل ۽ تارا

اياز گل

سکر

بتين واري ناني

اڪبر جسڪاڻي

حيدرآباد

چنڊ پشم گولو

ادل سومرو

سکر

روز ٽڙن رابيل

ادل سومرو

سکر

پتلين جو تماشو

ادل سومرو

سکر

آچر جا احوال

ادل سومرو

سکر

ڌرتيءَ جا تارا

نصير مرزا

حيدرآباد

ٽـِم ٽـِم ٽانڊاڻا

مختيار ملڪ

حيدرآباد

مکڙين مالھا

ذوالفقار سيال

لاڙڪاڻو

منهنجي ديس جا ٻار

ذوالفقار سيال

حيدرآباد

ڪوڏ ۽ سپون

نياز پنهور

حيدرآباد

ڌمڪ ڌم

تنوير جوڻيجو

ڪراچي

ڪرڻا ڪرڻا

مقصود گل

رتوديرو

گل ۽ مکڙيون

اختر درگاھي

روھڙي

ٻاراڻا گيت

استاد بخاري

حيدرآباد

مھڪار

خليل عارف سومرو

ڄام شورو

جيجل جي ھنج ۾

خالد آزاد وگھيو

حيدرآباد

ٻارن لاءِ آکاڻيون

مرزا مراد علي(ترتيب)

ڄام شورو

ٻارن جون آکاڻيون(جاپاني)

الطاف شيخ

حيدرآباد

ٻار سنڌي ڪھاڻيءَ ۾

وليرام ولڀ(ترتيب)

حيدرآباد

ڀولڙي جي ڀـُل َ

گوھر ممتاز قاضي

حيدرآباد

ٻارن لاءِ چونڊ آکاڻيون

تنوير جوڻيجو(چونڊ ۽ ترجمو)

ڄام شورو

ھنن ڪتابن کان سواءِ ٻيا به ٻارن جا ننڍا وڏا ڪتاب ڇپيا آھن، يا رسالن ۽ اخبارن ۾ مضمون، ڪھاڻيون، نقل نظير ۽ شعر ڇپيا آھن. ٻارن جي ادب ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو نسبتا چڱو ڪم ڪندو رھيو آھي. سنڌ يونيورسٽيءَ مان مس فيروزه سيما ايم. فل ڊگري ھن موضوع تي ورتي آھي.

آئيندي جي ابن تي ھن ڪتاب جي به تڪميل ٿئي ٿي. سنڌي ادب جي تاريخ جا ٽي جلد مڪمل ٿيڻ سان ھي موضوع مڪمل ڪو نه ٿو ٿئي. بنده راقم کي يا ڪنهن ٻئي محقق کي خدا توفيق ڏيندو ۽ ھي ڪم سچ پچ ته مڪمل  ٿيندو.

حوالا:

١- مھراڻ جا ماڻڪ، پاڪستان پبليڪيشن ڪراچي ، ص ١٦٦.

٢- ڏسو ھن بندي جو ڪتاب: ڊاڪٽر سنديلو، ھڪ مطالعو.

٣- وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو، بنده راقم جو ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ: ھڪ مطالعو.

٤- ڏسو روزانه ڪاوش ٣٠ نومبر ٢٠٠٤ع ۾ ھڪ خط.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org