سيڪشن: ادب

ڪتاب: سنڌي ادب جي تاريخ (جلد ٽيون)

باب:

صفحو:12 

آتم ڪھاڻيءَ وارن چئن جلدن ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ اياز پنهنجي زندگيءَ جو بيان ڪرڻ کان اڳ ڪي ڳالھيون جيئن ياد پيون آھن ۽ ان کان پوءِ جوانيءَ وارن سالن جو ذڪر ڀرپور انداز سان ڪيو آھي. پنهنجي معاشقن ۽ عورتن سان تعلقات جي ڳالهه به کولي بيان ڪئي آھي. البت بقول سندس نالا بدلايا اٿس. نه رڳو ايترو بلڪھ پنهنجن سفرن ۽ ماڻھن جي باري ۾ به ڪيترا رايا ڏنا اٿس. جيڪڏھن شخصيتن جي باري ۾ اياز جي پرک کي ڏسجي ته ھـُن جنهن کي جيئن سمجھيو آھي، تيئن بيان ڪيو آھي. روس جي سفر جو بيان ڪندي، ننڍين ننڍين ڳالھين کي پوري جوش سان بيان ڪري ٿو. ھڪ چرچ ۾ وڃڻ ۽ اتي جي ماحول جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”چرچ ۾ سنگمرمر ۾ حضرت عيسيٰ ۽ بيبي مريم جا بت ۽ شمعدان، صليبون، در، دريون، قبائون، ڪرست جون مورتيون، سڀيئي ڪنهن ٽامي جھڙي ڌاتوءَ مان ٺھيل ھيون، جن تي سونو پاڻي چڙھيل ھو . چرچ ۾ سؤ کن ماڻھو موجود ھئا ، جن ۾ اڪثر پيرسن ھئا ۽ ڪجهه جوان به ھئا. سڀيئي پاڻ کي واري سان ڪراس ڪري رھيا ھئا. انهن جي اکين مان ڳوڙھا ڳڙي رھيا ھئا ۽ پادري وعظ ڪري رھيو ھو. مون کي الائي ڇو من ۾ آيو ته ھتي ڪنهن وقت عيسائيت اڀري ايندي.“

اياز اشتراڪي دوستن، ساٿين ۽ واقعن بابت به لکيو آھي: جن ۾ ڪيترائي ماڻھو اچي وڃن ٿا. مختلف حوالن سان ھن اشتراڪيت جي باري ۾ به لکيو آھي. اياز ٽئين جلد ۾ ھڪ واڻئي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”ھـُو ھڪ نفس پرست انسان ھو. عورت ھـُن لاءِ خـُرمي جي پاءُ ۽ ڏونگھيءَ جي اڌ کان وڌيڪ اھميت نه رکندي ھئي. تمام ٿورا انسان آھن، جيڪي عشق ۽ ھـَو َس ۾ توازن رکي سگھن ٿا. انهن ۾ شاعر به شامل آھن. شيلي ھڪ طبيعت جو انسان ھو ۽ لارڊ بائرن ٻي طبيعت جو. امراءُ القيس ھڪ طبيعت جو ھو ته المتنبي ٻي طبيعت جو ھو. جسم جي تقاضا کي خيال ۾ رکي عورت جي تقدس سان ھٿ چراند نه ڪرڻ مشڪل ڪم آھي. مون کي خواجھ فريد جي گيت (وائي) مان ھڪ سٽ (ٿلهه) ياد اچي رھي آھي. وچ روھي دي رھنديان نازڪ ناز جٽيان. مون وٽ وڪالت ۾ ايتريون نازڪ ۽ نم جي تازي چھي جھڙيون ڄٽيون آيون ھيون، جي انهن جا فقط نانـو ھار ڪري پويان ته اھو ھار ان ھار کان ڳورو ٿيندو جو بمبئي ايئرپورٽ تي مون کي سنڌي ھندن منهنجي آجيان لاءِ ڳچيءَ ۾ پاتو ھو.“

چوٿين جلد جي ابتدا ۾ اياز لکيو ته زندگي ڪيئن نه شھاب ثاقب وانگر تيزيءَ سان تاريڪيءَ ۾ گم ٿي وڃي ٿي! اِھو کيس عمر جي وڌڻ ۽ بيماريءَ سبب خيال پيدا ٿيو، جو الوداعي گيتن ۾ به چيائين: ٿو موڪلايان الوداع، ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾ مھڪ چنبيليءَ ول جي وغيره. ھو آخري جلد ۾ پنهنجي ساٿين ۽ واقعن جو ذڪر ڪري ٿو. وڪالت سان لاڳاپيل ڪن ڳالھين جو به بيان ڪري ٿو. پنهنجي ڪنهن مرحوم وڪيل دوست جي ڳالهه ڪندي، ھڪ عورت لاڄيءَ جو بيان ڪري ٿو؛ جا وڌوا (رن زال) ھئي. ڪنهن چيو ته ھن جا ڳل ته ناھن رس گــُلا آھن. اياز ! ھـُن جا چپ مصرع اول ۽ مصرع ثانيءَ وانگر آھن. ھوءَ سر تا پا غزل آھي. تون ھن کي ڏسين ته شاعري وسري وڃيئي. ڪنهن سان بگيءَ تي ٿي گھمي. اياز کي دوست ٻڌايو ته ”لاڄي آسودي ڪـُل َ جي وڌوا ھئي. ڪجهه ڏينهن اڳ ھـُوءَ ٺھي سنبري، چوٽيءَ ۾ سونو چوٽيءَ ڦل، نڪ ۾ جڙادار ڦلڙي پائي آئي. ھن کي گھنگھرو واريون پنڙيون ۽ ڳچيءَ ۾ ڪٺمال پئي ھئي. ڄڻ سوناري جي دڪان جي نمائش ڪري رھي ھئي! سوني تي سھاڳو ھي ته وڪيل صاحب جڏھن شاھي باغ ٽپندو آھي ۽ بي سـُري آواز ۾ ڏوھيڙا ڳائيندو آھي ته لاڄي ھن جي وات تي ھٿ رکي ساڳيان ڏوھيڙا سـُريلي آواز ۾ ڳائيندي آھي. ھڪ ڀيري ھو شاھي باغ ٽپيا، ته جھنگ مان چار شاھينگ ڪھاڙين سان نڪتا ۽ وڪيل صاحب کي ڌڪ به ھنيائون. گھوڙي جون واڳون زوريءَ کسيائون. پوءِ ھـُو لاڄيءَ کي جھنگ ۾ ڇڪي ويا ۽ ھن جو سارو قـِمام لاٿائون.“

شيخ اياز جي شاعري ۽ ٻين تحريرن وانگر آتم ڪھاڻيءَ جو بيان به چند صفحن ۾ مڪمل نٿو ٿي سگھي. سندس انداز بيان ۽ موضوعن ۾ ايتري وسعت، جھاجهه ۽ نيرنگي آھي جا پڙھڻ واري کي مسحور ۽ محصور ٿي ڪري ڇڏي.

جمال ابڙو:

سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ وڏو نالو آھي. جمال جي آتم ڪھاڻيءَ جا چار جلد ڇپيا آھن:

١- ڏسي ڏوهه اکين سين (١٩٩٨ع)

٢- اونهي ڳالهه اسرار جي(١٩٩٨ع)

٣- ٿوھر ۾ ڳاڙھا گل (١٩٩٩ع)

٤- ايندو نه وري ھي وڻجارو (٢٠٠١ع)

ھر جلد جي عنوان مٿان لفظ ’ڪٿا‘ لکيو ويو آھي، جمال ابڙو گھڻو وقت جج رھيو ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ رھڻ جو کيس موقعو مليو. ان مان ڪي تجربا ھن ڪھاڻين ۾ آندا. آتم ڪھاڻي ۽ ڪھاڻين جي وچ ۾ گھڻو وقت ھن جي لکڻ جو سلسلو ٽٽل رھيو. سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري رھيو، رٽائر ٿيو. ڏسڻ ۾ به ڄڻ ٻيو ماڻھو، چھرو نوراني ڏيک ڏيڻ لڳو. پھرئين جلد جو عنوان به اھڙي ڏک َ ڏيڻ لڳو.

ھڪ چڱي وقفي کان پوءِ آتم ڪٿا جي ميدان ۾ ٽپي پيو ۽ ڏسڻ ۾ آيو ته ھڪ قداور ليکڪ جي موٽ ٿي. ھڪ طويل آتم ڪھاڻي پنهنجن وڏن جي بيان کان شروع ٿي. ابڙا ڪير ۽ ٻين ذاتين سان ڪھڙو تعلق ۽ لاڙڪاڻي واري سڄي ايراضيءَ جا حالات ۽ وڏي ڳالهه ته ھڪ اعليٰ انسان سندس والد علي خان ابڙو ھڪ ڀيرو وري اسان جي اڳيان آيو. علي خان ابڙو ڪير سڏائي! علم، عرفان، ايمان ۽ شائستگيءَ جو مينار . تعليم کاتي جا آفيسر ته گھڻا پر ھڪ مثالي انسان!! سندس ٻيا به ڪتاب ڇپيل آھن. قرآن شريف جو ترجمو وفات کان پوءِ ڇپيو. جمال پنهنجي والد جي تربيت جون ڳالھيون ڪندي، ان جي اعليٰ ڪردار جو بيان به ھنڌ ھنڌ ڪندو وڃي. ان سان گڏ ملڪ جي سياسي حالت، ورھاڱي وقت ماڻھن جون سوچون، انگريزن جي کيڏ جو بيان به ڪيو اٿس.

پنهنجي والد، ڀائرن، گھر ڀاتين کان وٺي نوڪرن ۽ ٻين واسطيدار ماڻھن بابت به لکيو اٿس. پنهنجي اولاد جو وري وري ذڪر ڪيو اٿس. ان سان گڏ ٻيون ھزار ڳالھيون ڏک سک بابت زندگيءَ بابت ۽ انهن شخصن بابت جن سان مليو، اثر ورتائين يا جيڪو پڙھيو ۽ ڪڙھيو، اھو سارو ذڪر آتم ڪھاڻين جي ھنن چئن جلدن ۾ سميٽيو اٿس . عمل ۽ عقيدي جو بحث ڪندي ، قرآن کان وٺي شاهه جي رسالي کي وچ ۾ آڻي ٿو. عمل جي ڳالهه ڪندي علي خان ابڙي جو مثال وٺي ٿو ، جنهن تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو. ڳوٺ ڳوٺ وڃي ماڻھن ۾ تعليم کي عام ڪرڻ ۾ ھڪ روايتي ماستر کان گھڻو مٿي ٿي غريبن لاءِ جاکوڙ ڪئي. اھو ماڊل ھو جمال لاءِ. گھر جون ڳالھيون به جمال ابڙو کــُلي ڪري ٿو. نياڻين کي پسند جي شاديءَ کان نه روڪجي. ان تي عمل پيرا ٿيو. اھڙيون ٻيون ھزار ڳالھيون ھن آتم ڪھاڻيءَ جو حصو آھن.

شيخ اياز ۽ ٻين ڪيترن اديب دوستن سان ملاقاتن ۽ تعلقات جو ذڪر ڪري ٿو. اياز جي بيماريءَ واري دؤر لاءِ لکي ٿو ۽ ٻين ڪيترن سفرن ۽ واقعن جو تفصيلي ذڪر به ڪري ٿو. ڏيپلائي سان واسطو رکندڙ ھڪ واقعو ھيئن لکي ٿو: ”واهه ڏيپلائي صاحب واهه، دڳ به لاتائين، قانوني تحفظ به ڏنائين ۽ ڪم جو ذمو به کنيائين. محض انسان دوستيءَ خاطر. چيائين ته شام تائين جيترا پرچا چئو ته ڪڍي ڏيانو. چيوسون پنج سو، چيائين ھيترا پئسا لڳندا. پئسا ته اسان وٽ ھئا ڪو نه، سو مون ۽ تاج محمد صلاح ڪري چيو ته ٻه سؤ پرچا! ڏيپلائي صاحب چيو ته ڪو خاص فرق ڪو نه پوندو توھان کان رڳو پني جا پئسا ٿو وٺان ، مزدوري ۽ منافعو ڪو نه ٿو وٺان.

جمال ابڙي جي آتم ڪھاڻيءَ جا ھي جـُلد سندس زندگي ، تجربن ، مشاھدن ، واقعن ۽ شخصيتن جي گھڻي ڄاڻ تي مشتمل آھن.

لعل پشپ جي ٻن ڪتابن لعل پشپ آتم جيوني، ناول – تواريخ (٢٠٠٢ع) ۽ حياتين جا حصا: آتم جيوني – ناول – تواريخ (٢٠٠٢ع) ۾ لعل پشپ جي آتم ڪھاڻي، ڪٿي ناول ته ڪٿي تواريخ (تاريخ) جي روپ ۾ پکڙي پئي آھي. سندس تحرير ڪوڙاڻ ۽ مٺاڻ جي وچ ۾ بيان ٿيل آھي. ملڪ جو ورھاڱو سٺو يا خراب، مسلمان فائدي ۾ رھيا يا ھندو؟ ھـُو انهن ٻن مکيارين (options) تي تفصيل ۾ پنهنجن جذبن جو اظھار ڪري ٿو . ڪنهن کي وڻي نه وڻي! افسانه نگار ۽ ناول نگار لعل پشپ ڪنهن حد تائين آتم ڪھاڻيءَ ۾ به نظر اچي ٿو. زبان جو ڇوٽ آھي. تخليقي مضمون به لکيائين. ورھاڱو ٿيو ان جو ھيرو ڪير يا ولين/ ڏوھاري ڪير؟ لعل پنهنجو خيال لکندو ويو آھي. ڪي حصا ٻنهي ڪتابن ۾ ساڳيا آھن. مثال طور: ”٢ آڪٽوبر ١٩٤٧ع . ڪراچيءَ مان ئي نڪرندڙ ھڪ انگريزي اخبار، شھرن جي گھڻن سنڌي مسلمانن ۽ پناھگيرن وچ ۾ تڪرار ۽ داداگيريءَ جا واقعا مليا آھن. رام باغ جي نالي وارو پٿر ٽڪرا ٽڪرا ٿيل نظر آيو. “ (ھاڻي اھو آرام باغ آھي). عام طور تي ھر ڪو مڃي ٿو ته ورھاڱي جي ابتدائي دور ۾ سنڌي مسلمانن ڪا به زيادتي ۽ ڏاڍ نه ڪيو. ڪو اڙيو ٿڙيو واقعو ٿيو ھجي. لعل لکي ٿو: ”ڏاڍ ھڪ طرفان نه آھن. توھان مسلمان سنڌين ھڪ ڏاڍ ڏيکاريا، اسان ھندو سنڌين ٻيا ڏاڍ ڏيکاريا. اسان آدمشماريءَ ۾ توھان جو چوٿون حصو، حصي موجب برابري قائم رکندي، وطن جي آرٿڪ ذريعن جو چوٿون حصو ھٿن ۾ رکون ھا. پر اھا نابرابري دنيا جي نقشي ۾ ڪٿي به ڪونهي.“ انهن ڳالھين کي ڳڻيندي لعل ھن آتم ڪھاڻيءَ کي جڳ بيتي به بنايو آھي.

يادگيريون

ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون (١٩٨٩ع):

شيخ اياز جي سڀني صنفن جو ذڪر ٿي آيو آھي. خطن، ڊائرين جو بيان ايندڙ باب ۾ ايندو . آتم ڪھاڻيءَ کان پوءِ ھي يادگيريون سندس ڪراچيءَ ۾ رھڻ جي دؤران ٿيل واقعن ۽ ملاقاتن بابت آھن. اھو دؤر سال ١٩٨٨ع جو آھي. ڪٿي ڪٿي ڊائريءَ جي طرز تي تاريخون به لکيل آھن. واقعات لکندي، جيڪي به سندس خيال آھن، انهن جو بيان ڪندو وڃي ٿو. ڪيتريون ئي سياسي ڳالھيون بيان ڪري ٿو. پنهنجي اردو مجموعي جي اشاعت جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”شام جو ھوري نورانيءَ کي ’نيل ڪنٺ‘ جو مسودو ڏنم ۽ اھو طئي ڪيو ويو ته ان تي پيش لفظ فھميده رياض لکندي، پوءِ ھوري، ھوريءَ جو ڏير ۽ مان جمالستان تي وياسين جتي چينائي ڪتابن جي نمائش ھئي.“

پاڻ کي مڻھيار سان ڀيٽيندي ھڪ ھنڌ لکي ٿو: ”مان به ڪنهن مڻھيار وانگر آھيان ۽ پنهنجين يادگيرين جي ھڙ کنيو گــُھمندو ٿو وتان، جتي وڻي ٿو اتي پنهنجي ھڙ کولي پنهنجا ڪچ ڪاوا ڏسي خوش ٿو ٿيان. مان جڏھن به ڪراچيءَ ايندو آھيان ته ٻه ٽي ڀيرا سمنڊ تي ضرور ويندو آھيان. سنڌ جو بحر و بر ٻئي منهنجي روح ۾ سمائجي چڪا آھن ۽ اھي منهنجن خيالن جي ظاھر توڙي باطن ۾ آھن ۽ انهن جو حصو ٿي چڪا آھن. منهنجي شاعريءَ ۾ به ھتان جي بحر و بر جي موسيقي آھي، جا ڪڏھن روان دوان ۽ مترنم آھي ته ڪڏھن اٽل ۽ گنڀير آھي.“

شيخ اياز جا شعر سندس نثر ۾ پڙاڏا ڪن ٿا، ڇو جو اھي ھن جي بنيادي طور شاعر ھجڻ جو ثبوت آھن: پوءِ کڻي اسين سندس اضافو، مضمون، آتم ڪھاڻي، خط يا ڊائري پڙھون.

يادگيريون: چولو منهنجو چڪ ۾ (١٩٩٠ع):

سنڌي زبان جي مشھور شاعر ھري دلگير جي يادگيرين تي مشتمل ھيءُ ڪتاب اسان کي سندس گذريل ڏينهن جي ياد ڏيکاري ٿو. ھڪ انجنيئر ۽ شاعر طور ھري مشھور رھيو ۽ ھڪ انسان طور ھن جا لاڳاپا، تجربا ۽ مشاھدا پڙھندڙن جو ڌيان ڇڪائين ٿا. خود چوي ٿو اڃا اڌوري آھي ته به واقعات اھم آھن. ھڪ وڏي شاعر جي يادگيرين جو سلسلو آھي. ان ڪري ڳڻڻ جھڙو آھي. انتهائي ڏک جو اظھار آھي، سندس ھن تحرير ۾ :”٨ آگسٽ تي الوداع ڪري ڪراچي ھوائي اڏي تي پھتس ته نوڙي ڪراچيءَ جي ڌرتيءَ کي نمسڪار ڪيم. ھوائي جھاز ۾ ويٺس ته ائين سمجھيم ته مان ھڪ نهايت ئي ذليل، نڌڻوڪو ۽ نڀاڳو انسان آھيان. مون جھڙو ڪو بدبخت ھوندو ئي ڪو نه. اھڙو به ڪو اڻاسو انسان سنسار ۾ ھوندو ڇا، جنهن جو ھيانءُ ديس کان ھميشه لاءِ دور ٿيڻ تي ڦـِسي نه پوي.“

ڀارت ۾ آديپور (ڪڇ) ۾ وڃي رھيو. ادبي ساٿ ڪيئن ميسر ٿئي. نيٺ اھو ٿيو. ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”١٩٥٩ع ۾ جڏھن آديپور ۾ آيس ته ساھتڪ سنگت فقط دکايل وٽان ئي ڪي قدر ملندي ھئي. پر ھـُو به ديوناگري دنيا جو رھواسي. اسڪولن ۾ وايو منڊل سنڌيءَ کان وڌيڪ ھنديءَ جو ھو. ان ڪري گھـُٽ ٻـُوسٽ ٿيڻ لڳي. مون ادبي دوستن کي ڪٺي ڪرڻ لاءِ سنڌي ساھتيھ سنگت شروع ڪرائي. ان جو پريزيڊنٽ مان ٿيس ۽ سيڪريٽري ٿيو تـُلسي لونگاڻي. ھن کي سنڌي ادب سان ڄڻ عشق ھو.“

اھڙي طرح ھري دلگير ادبي ماحول ۽ پنهنجين ٻين مصروفيتن جون يادگيريون دوھرايون آھن.

منهنجي يادن جون ريکائون (٢٠٠١ع):

محمد ملوڪ انڙ، ھڪ علم دوست انسان آھي. کيس ڪتابن پڙھڻ ۽ لئبرري سھڻي طريقي سان رکڻ جو جنون آھي. اخبارن کي به ترتيب سان رکي ٿو. ڳوٺ راھب شاهه تعلقي سڪرنڊ ضلعي نواب شاهه ۾ ھن پنهنجي طارق لئبرري قائم ڪئي آھي. ڪي مضمون به ڇپيا اٿس جي ڄڻ ماضيءَ جي سوچن جون يادگيريون آھن . استاد بخاريءَ جي باري ۾ لکي ٿو : ”ھي شاعر ھڪ غريب گھراڻي ۾ پيدا ٿيو . پيري مريدي ڇڏي ادب دوستن سان ادبي گڏجاڻيون ڪندو رھيو. جو دم جيئرو ھو، قومي شاعر جي حيثيت سان ھمٿ ۽ مردانگيءَ سان ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ سان جھيڙيندو رھيو.“

بنده راقم جي به ھڪ آتم ڪھاڻي ديپڪ ۽ ملھار (١٩٨٤ع) آھي ۽ ٻي مجاز زير طبع آھي.

خودشناس َSelf  Interview/:

آئيني جي اڳيان(١٩٦٦ع):

پنهنجي منهن ڳالھائڻ (Monologue) ڪا ٻي شئي آھي. پنهنجي منهن ته چريا به ڳالھائيندا آھن، پر ھي سياڻا ۽ اديب پنهنجي ڪـَٿ ۽ شناس خود ڪن ٿا. اھڙا ڪي ٻيا مضمون ۽ خود ڪٿ وارا مضمون ۽ انٽرويو به سنڌيءَ ۾ آھن. ھي ڪتاب ھري موٽواڻيءَ جي مشھور رسالي”ڪونج“۾ وقت بوقت ڇپيا. عنوان به ھو”آئيني جي اڳيان“. پوءِ ڪتابي صورت ۾ آيا. سترھن سنڌي اديبن آئيني جي اڳيان اچي پاڻ کان پڇيو ۽ چيو: ”ماهه طلعت وانگر مان به اچي آئيني جي آڏو بيٺس. پڇيم ، اڙي آئينا! مون جھڙو سھڻو ۽ سياڻو به ڪو ڏٺئي؟“ (رام پنجواڻي). جي آئيني جي اڳيان اچي بيٺا اھي آھن: رام پنجواڻي، موھن ڪلپنا، لعل پشپ، پوپٽي ھيراننداڻي، گوبند مالھي، گنو سامتاڻي، ڪلاپرڪاش، آنند گولاڻي، ايشور آنچل، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن راھي، گوبند پنجابي، تارا مير چنداڻي، موتي پرڪاش، ارجن حاسد، نارائڻ ڀارتي ۽ ڪرشن کٽواڻي.

ڪرشن راھي لکي ٿو: ”ننڍي ھوندي منهنجي ھٿان ڪو آئينو ڪري ڀڄي پيو ھو. منهنجي پيءُ کلي چرچي ۾ چيو، پٽ تنهنجي شڪل ته ھاڻي ئي شيشا ٿي ڀڃي! مون ڏڪندڙ ھٿن سان ڀڳل آئينو کڻي ان ۾ پنهنجا اڌورا عڪس ڏسي چيو ھو، شيشي به ته منهنجي شڪل ڀڃي ڇڏي آھي، بابا!“

لعل پشپ لکي ٿو: ”آئيني جي اڳيان بيٺو آھيان، ٺيڪ آھي. من کان وڌيڪ ڪھڙو سچو آئينو؟ منهنجو ڪوئي ڀڳوان نه آھي. منهنجو ڀڳوان منهنجو من پسند ليکڪ آھي، منهنجي ڪائي دولت نه آھي. منهنجي دولت پنهنجي ننڍڙي گھر ۾ گذريل چند گھڙيون، دوستن سان گڏ ڏنل ٿورا ٽھڪ، کيسي ۾ ٿورا سگريٽ، ٽيبل تي ٿورا پنا، ٿورا ڪتاب ۽ ٽي نيون قيمتي فائونٽين پينس آھي.“

پوپٽي چوي ٿي: ”چوندا آھن ته آرسي نينگريءَ جي پڪي ساھيڙي آھي. ٻـُڌڙي منهنجا پاڇا! مان جنس مؤنث آھيان ۽ تنهن سان گڏوگڏ وواه ٻنڌن کان آزاد عورت. ان ڪري جڏھن لکڻ شروع ڪيو اٿم، ماڻھو مون کي شڪي نگاهه سان ڏسي ٺٺوليءَ ڀريا رايا مون مٿان اڇليندا آھن. انهن ۾ مکيھ رايو اِھو ھوندو آھي ته مون کي جنس مذڪر جي ذات مان ڪنهن ضرور دوکو ڏنو آھي. جنهن ڪري ئي منهنجي ان جنس سان عداوت آھي، تون ڇا ٿو سمجھين؟“

وڏو سائين ڪيرت آئيني کي کـُتا جواب ڏي ٿو: ”مان سڀني ھٿراڌو بنڌنن کان مڪت آھيان. منهنجي ڀاونا ڪنهن به ھٿراڌو قيد کي قبولڻ لاءِ تيار ڪينهي. مان ڪٽر پنٿي ناھيان، مان ويسهه وسوڙيل ناھيان، مان عقيدي منديءَ جو شيدائي ناھيان. مان ڪنهن جو به پوڄاري ناھيان، ڪنهن به ويچار يا ويڪتيءَ اڳيان سجدو ڪندڙ ناھيان، پوءِ به مان مار ڪسوادي آھيان.“

اھڙيءَ طرح سڀني ليکڪن آئيني جي اڳيان پنهنجي ڪٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽پنهنجا ويچار ونڊيا آھن. باب ختم ڪرڻ کان اڳ ڪن آتم ڪھاڻين ۽ يادگيرين جي مختصر فھرست ھيءَ آھي:

اسان زنده رھنداسين

ليليٰ خالد/ زيب سنڌي

جنم قيدي (ناول/ آتم ڪھاڻي)

يوسف بلوچ

يادگيريون

نائون مل/ حنيف صديقي

علامھ قاضيءَ جون يادون

قاضي فيض محمد

منهنجون يادون منهنجو ننڍپڻ

پروانو سيوھاڻي

منهنجي ڪھاڻي

لعل بن يوسف

انڌي جي لٺ

ايڌي/ اسلم خواجا

خاموش مجاھد

برگيڊيئر محمد يوسف

مئڪسم گورڪي جي آتم ڪھاڻي

گورڪي/ اياز قادري

ساريان سيئي ڏينهن

ڪرشن چندر/ لطيف اياز پنهور

سنڌ جو سفر

لطف لله/ قادر بخش نظاماڻي

اوڀر ڄائي

بينظير ڀٽو

 

باب ستون

الف – سفر نامو/ Travelogue:

سير سفر ۾ انسان کي خوشي ۽ وندر توڙي معلومات حاصل ٿئي ٿي. قديم دنيا ۾ بحري ۽ بري سفر اختيار ڪرڻ ڪري تجارتي ۽ سياسي طور فائدا ورتا ويا آھن. آمريڪا ۽ ٻين نون نون علائقن جي دريافت ان سلسلي جي ھڪ ڪڙي آھي. ھن سلسلي ۾ واسڪو ڊي گاما، ڪولمبس، شئن چـُوانگ (ھيون سانگ)، ابن بطوطه ۽ ٻين ڪيترن سياحن، تاجرن ۽ دريافت ڪارن جا نالا تاريخ ۾ محفوظ آھن. اھڙن مان ڪن جا سفرناما به ڇپيا. سندباد جھازيءَ جو نالو داستانن ۾ اچي ٿو. ٻين ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به ڪيترا سفر ناما ڇپيا.

سنڌيءَ ۾ ابتدا ۾ ڪي ڌرمي نوعيت جا سفر ناما به آھن. جن ۾ اڪثر تيرٿ ياترا جا احوال درج آھن. انهن مان ڪيترا وري نه ڇپيا، ان ڪري دستياب نه آھن. انهن ۾ شري سوامي ٻوڌراج چداڪاشي جو گيان ياترا: ڪشمير جو سير (١٩٣٦ع) به ھڪ آھي. ڪيترا سفرناما اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا ۽ زماني جي لٽ ۾ لٽجي ويا. ھيءُ ڪتاب به ھڪ ڌرمي ياترا مثل آھي ۽ ڪشمير جي پـُرفضا مقامات جو سير به ھن ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو. سوامي ٻوڌراج ھي سفر نامو ڌرمي زبان ۾ لکيو آھي. سوامي ٻوڌراج مختلف مقامات جو ذڪر ڪندي، خاص طور سري نگر، ولر ڍنڍ، شاليمار باغ، ھرون ڍنڍ ۽ امرناٿ تيرٿ جو بيان ڪيو آھي. گانڌريل ۽ درياءَ شاهه جو نظارو به پيش ڪري ٿو. ھنڌ ھنڌ ڀڄن به شامل ڪيل آھن. ولر ڍنڍ لاءِ لکي ٿو: ”اتانهان جبل ماٺ ماٺ ۾ آسمان سان ڳالھائي رھيا ھئا. دور دور تائين ڪشادو پڙ ٺاھي بيٺا ھئا. انهن جي وچ ۾ اٿاهه پاڻيءَ جو بلوري فرش وڇايل ھو، ڪشمير علائقي ۾ ولر ڍنڍ وڏي ۾ وڏي ٻڌڻ ۾ آئي. سندس ايراضي اٽڪل ٦٠ چورس ميل آھي.“

اندازا ١٩٥٠ع کان پوءِ سنڌي سفرنامن جي ابتدا ٿي ۽ اخبارن ۾ انهن جي اشاعت شروع ٿي. ڪتابي صورت ۾ قاضي عبدالمجيد عابد جو سفرنامو سفر يورپ جي ڊائري (١٩٦٠ع) ڇپيو. ھيءُ ڪتابي صورت ۾ اچڻ کان ھڪ سال اڳ روزانه عبرت ۾ خطن جي صورت ۾ ڇپجندو رھيو ھو. ھي سفر قاضي عابد پنهنجي اھليھ جي علاج خاطر اختيار ڪيو. سندس منزل لنڊن ھئي. علاج سان گڏ لنڊن جي سير جو به بيان ڪري ٿو. مختلف مقامات، پلينٽوريم، مادام تسائو ميوزيم، ويسٽ منسٽر، ھائيڊ پارڪ، پڪا ڊلي ۽ ٻيا ھنڌ ڏسڻ، اچي وڃي ٿو. لنڊن بابت ٻي معلومات ھن ڪتاب مان ملي ٿي. اھڙيءَ طرح فرانس ۽ پوءِ سئٽزرلئنڊ جو سفر اچي ٿو. ڪيترن ماڻھن جو بيان قاضي عابد ڪري  ٿو، جن ۾ شھزادي مارگريٽ اھم آھي. ڳالھيون بيان ڪرڻ جو قاضي عابد وٽ ھڪ مخصوص انداز آھي. ھـُو ھڪ تجربيڪار صحافي ھو. ان صحافيانه قابليت کي ھن ڪم آندو آھي.

ڪريم ڏنو راڄپر، ھڪ زرعي ماھر ھو. ان لحاظ کان ھن جو آمريڪا جو سفر (١٩٦١ع)، ھڪ زرعي ماھر جو سفرنامو آھي. ھـُو ڪپهه جي پوک جي آمريڪي طريقن ۽ تجربن کي ڏسڻ لاءِ ويو ھو. مال پڙيون به ڏٺائين ۽ زرعي فارم به. انهن جو بيان ڪري ٿو. لوزيانا رياست ۾ فصلن جي ڳالهه ڪندي لکي ٿو: ”وونئڻ ھن رياست جو مکيھ فصل آھي ۽ مڪائي ٻئي نمبر تي آھي. ٻيا فصل ساريون، ڪمند، گجرون، ڀاڄيون ۽ اکروٽ وغيره آھن.“ ان کان سواءِ ھن سفرنامي ۾ ڪاليجن، لئبررين، دعوتن ۽ تفريحن جو احوال به لکيو اٿس.

مائوءَ جي ملڪ ۾ (١٩٧٣ع):

بنده راقم جو سفرنامو آھي، جنهن ۾ پيڪنگ (پي چنگ، چين) ۾ چيني زبان جي تعليم دؤران (٦٥- ١٩٦٦ع) اتي جي زندگي، تعليم، سوشلسٽ سماج ۽ ٻين شھرن شانگھائي، ٿئن چن، ناڪنگ، ڪـُوان تنگ ۽ ھانگ ڪانگ جي سير جو بيان آھي. بندي جو ٻيو سفرنامو”ونڊسر محل جو مسافر“(١٩٨٩ع)، برطانيھ ۾ آڪٽوبر ١٩٨٨ع ۾ ھڪ مھينو رھڻ جي احوال تي مشتمل آھي. ھن ۾ لنڊن کان سواءِ آڪسفرڊ ۽ ونڊسر جو سير شامل آھي.

شيخ عزيز، سنڌ جو ھڪ برجستو صحافي اسان کي پنهنجي سفر نامي مون لينن جو ڏيهه ڏٺو(١٩٧٥ع) ۾ روس جو سير ڪرائي ٿو. بلڪھ ائين چوڻ کپي ته سوويت يونين جو سير ڪرائي ٿو. ھي ھڪ پيشھ ور صحافيءَ جي مشاھدن تي آڌاريل سفرنامو آھي. ھن ۾ سوويت يونين جي مختلف رياستن جي اخباري دنيا جو به ذڪر اچي ٿو. شھرن جي اھميت ۽ خصوصيت به عيان ٿئي ٿي. سمرقند جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”سمر قند جديد ۽ قديم اثرن جو سنگم آھي. ھڪ طرف اوھان کي مسلمان شاعرن، عالمن ۽ مفڪرن توڙي سائنسدانن جا مجسما نظر ايندا ته ٻئي طرف منارا، مدرسا، گنبذ ۽ مسجدون عظيم تهذيب جي نشانن طور شھر جي بلندين مان ڪر کنيو بيٺا ھوندا. ٽئين طرف وري جديد تعميراتي فن واريون عمارتون، ويڪرا رستا ۽ تيز رفتار زندگي پسبي.“

مشھور سياح ابن بطوطھ، جنهن سنڌ ۽ ھند جو سفر ڪيو، تنهن جي سفرنامي جو سنڌي ترجمو محمد ابراھيم عباسيءَ ڪيو آھي. ١٩٧٦ع ۾ ڇپيو. ھن ۾ ھن، سنڌ ۽ ھند ۾ رھڻ، ماڻھن سان ملڻ ۽ بادشاھن سان ملاقاتن جو ذڪر ڪيو آھي. ان  کان سواءِ علائقي جي تهذيب ۽ تمدن جو بيان به ڪيو اٿس. ھن سفرنامي ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالھيون ۽ ذاتي احوال آھن. سون ورني ڌرتي (١٩٧٦ع) ڊاڪٽر سليمان شيخ جو لکيل لبيا جو سفرنامو آھي.

سنڌي زبان ۾ گھڻي ۾ گھڻا سفرناما الطاف شيخ جا آھن، جيڪي ڪتابي صورت ۾ ٿيا. الطاف مئرين انجنيئر طور سامونڊي سفر ڪيا ۽ اولهه اوڀر جا ڪيترائي ملڪ ۽ بندر گھميو. انهن جو ذڪر ڪيو اٿس. الطاف جو پھريون سفر نامو”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ھو سالھا سال اوڀر ۽ اولهه ۾ سفر ڪندو ۽ لکندو رھيو. ھـُن جي سفر جو دائرو تمام وسيع آھي. پر کنڊين سفر ڪيو اٿس. سڀ کنڊ کيڙيا اٿس. ھـُو آمريڪا، يورپ، چين، جپان، سنگاپور، ملائيشيا ۽ سوويت يونين ۾ ڪٿي ڪٿي نه ويو، جتي به ويو اتي جو احوال ۽ جھاز جا ماڻا سھندي سھندي ويھن کان مٿي سفرنامن جو خالق بنجي ويو. انهن مان مشھور ھي آھن:

١- منهنجو ساگر منهنجو ساحل (١٩٧١ع)

٢- سمنڊ جي سيوين (١٩٧٢ع)

٣- وايون وڻجارن جون (١٩٧٤ع)

٤- بندر بازاريون (١٩٧٥ع)

٥- سيئي جوڀن ڏينهن (١٩٧٧ع)

٦- بندر ديسان ديس (١٩٧٨ع)

٧- سمونڊ جن ساڻيهه (١٩٧٩ع)

٨- ارائونڊ دي ورلڊ (١٩٧٩ع)

٩- سانباھو سمونڊ جو(١٩٨٢ع)

١٠- جاني ته جھاز ۾ (١٩٨٢ع)

١١- جپان جن جي جيءَ سان (١٩٨٢ع)

١٢- پيار جي گھـُٽ (ڪھاڻيون شامل) (١٩٨٢ع)

١٣- ڇا جو ديس ڇا جو ويس (١٩٨٢ع)

١٤- بهترين سفرناما (١٩٨٣ع)

١٥- موج نه سھي مڪڙي (١٩٨٣ع)

١٦- مڪليءَ کان ملاڪا (١٩٨٦ع)

١٧- سينگاپور ويندي ويندي (١٩٨٦ع)

١٨- ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (١٩٨٦ع)

ويھن جو انگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ به الطاف شيخ جا ڪجهه سفرناما آيا (١) ڪي ٻيا ڪتاب جپان بابت به اٿس. ايڪيھين صديءَ ۾ ھـُو اخبارن ۾ به لکي رھيو آھي. سفرنامو ھلندي ھو ڪن شخصيتن سان گھاريل گھڙيون فقط زيب داستان خاطر لکي ٿو. انهن جو سفرنامي سان ڪو تعلق ڪونهي. ائين ڪي مزاح جھڙيون ڳالھيون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان لکي ڇڏي ٿو. الطاف کي داد به مليو آھي ته بيداد به. ”بندر بازاريون“ جو مھاڳ لکندي امر جليل لکي ٿو ته : ”الطاف شيخ جي سفرنامن کان اڳ جيڪي سفرناما سنڌيءَ ۾ شايع ٿيا آھن، تن ۾ گھڻو ڪري مغربي تهذيب جي گلا، عورتن جي آزاديءَ تي اعتراض، پڙدي جي غيرموجودگيءَ تي افسوس ۽ سموري دنيا تي مسلمانن جي قبضي نه ھئڻ جو ارمان ڪيو ويو آھي. اھي دقيانوسي سفرناما گھٽ ۽ تبليغي جماعت جا بليٽن وڌيڪ محسوس ٿيندا آھن(٢).“

اھي خبر ناھي ته ڪھڙا تبليغي جماعت جا بليٽن آھن! مھاڳ لکڻ ۾ توازن ھجڻ کپي ھا. بهرحال الطاف ھڪ سٺو لکندڙ ۽ متحرڪ سياح آھي. ھن جي تحرير ۾ ملڪن جا سير گھڻي معلومات فراھم ڪن ٿا. لباس بابت لکي ٿو: ”ڪجهه عرصو ٿائلئنڊ ، سينگاپور ۽ جپان روٽ تي رھي رھي اسان تي به انهن ملڪن جو رنگ چڙھي ويو آھي. تکن رنگن ۽ وڏن گلن يا مورتين واريون قميصون پائڻ لڳاسين. ھتي ملائيشيا ۾ مھيني کن اندر ئي اھو احساس ٿيو ته ھتي ته اڃان به اھي ئي بوتيڪ جون قميصون پيون ھلن، بلڪھ آفيس يا ڪنهن جلسي يا شادي مراديءَ ۾ گھڻي عزت ۽ لئـھ انهن جي آھي، جيڪي اھي اجرڪن جھڙيون قميصون پائي ٿا اچن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org