گل خندان:
ھن مقبول داستان جو مترجم آخوند لطف لله به شاعر
ھو. ھن ھي داستان رجب علي سرور جي لکيل ”فسانه
عجائب“ تان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جھڙو اصل ڪتاب
مشھور ۽ معياري ادب جو حصو بنجي ويو. اھڙي ئي
مقبوليت ”گل خندان“ کي ملي. ھي داستان شھزادي جان
عالم ۽ انجمن آرا جي پيار ڪھاڻي آھي. مھم جوئي ۽
تڪليفن جو ھڪ داستان آھي. ھن داستان ۾ به ڪي
جادوئي ڳالھيون آھن. پڄاڻي جان عالم جو ڪامياب ٿي
موٽڻ ۽ راڻين سان خوش گذارڻ تي ٿئي ٿي. ھن داستان
جي مسجع، مرجز ۽ مقضيٰ نثر جو نمونو ھي آھي:
”شھزادي ما طلعت غسل ڪري، ڦڻي ڏني، اکين ۾ سرمو
وڌائين، زيور پھريائين، ارغواني ويس جو جنسار
ڪيائين، سڀ ھار سينگار ڪيائين. آرسي کڻي پنهنجو
منهن ڏٺائين. منهن ڏسندي ڳلن جي لالائي، اکين جي
گھرائي، جوانيءَ جو زور، حسن جو شور، زلفن جو تاب
۽ غمزي جو حجاب ڏسي تماشو لڳي ويس. چوڻ لڳي ته،
واھه واھه ھي به ڪو حسن بيمثال آھي يا بدرجمال آھي
جي اھو حسن آھي ته بس حسن ختم آھي. سڀ حسن کان اتم
آھي.“
ھي چند مقبول داستان ڄاتا ويا ۽ ان کان سواءِ نثر
۾ بادشاھن ۽ ٻين ڪردارن واريون ڳالھيون، تنهن سان
گڏ سنڌ جا نيم تاريخي داستان سسئي پنهون، مومل
راڻو ۽ عمر مارئي وغيره ھڪ نثري حيثيت رکن ٿا.
حوالا:
١- ملڪاڻي، منگھارا، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌ وارو
ڇاپو، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، ١٩٧٧ع، مقدمو ص ٨.
٢- ميمڻ، محمد صديق، سنڌي ادب جي تاريخ (جلد-١)، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد، ١٩٣٧ع، ص ص ٢٢- ٢٣.
٣- ايضا، ص ص ٢٧- ٢٨.
٤- ايضا، جلد-٢، ص ٣٥.
٥- ديوان ڪوڙيمل جي سڀني ڪتابن جو ذڪر منوھرداس
ڪوڙيمل پنهنجي ڪتاب ”ساھتڪ پشپ“ (١٩٦٠ع) ۾ ڪيو
آھي.
٦- ڏسو جواھراللغات سنڌي اڪيچار، سنڌي ٻوليءَ جو
بااختيار ادارو، حيدرآباد، ١٩٩٣ع، مھاڳ، ص ٣،
٧- ھرگنيو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار اداري
حيدرآباد، ١٩٩٣ع ۾ شايع ڪيو.
٨- ڏسو ”سڀا جو سينگار“ بئڪ ڪور.
٩- سوڀراج ھاسارام کي پروفيسر ملڪاڻيءَ، آڏواڻيءَ
بدران ڏاسواڻي لکيو آھي. ڏسو ”نثر جي تاريخ“ سنڌ
ڇاپو (١٩٧٧ع)، ص ٣٣.
١٠- ڏسو ”سڀا جو سينگار“، سنڌي ادبي بورڊ، ١٩٥٨ع،
ص ٨ (پيش لفظ).
١١- سنڌي نثر جي تاريخ، ص ٣٤.
باب ٻيو
ناول/
Novel:
سنڌ ۾ ناول جي ابتدا بابت پروفيسر منگھارام
ملڪاڻيءَ جي ھيءَ تمھيد نهايت مناسب ۽ وقيع آھي:
”١٨٤٣ع ۾ انگريزن جي حڪومت شروع ٿيڻ سان، جيئن
انگريزي تعليم سنڌ ۾ پکڙندي ويئي، تيئن ڪي سنڌي
مصنف انگريزي ٻوليءَ ۾ به چڱا ماھر ٿيندا ويا ۽
اوچيون ڊگريون حاصل ڪيائون. انهن مان ڪيترا پنگتي
اڳواڻ ۽ سڌارڪ ھئا، جھڙوڪ ساڌو نولراءِ شوقيرام،
سندس ننڍو ڀاءُ ساڌو ھيرانند، ديوان ديارام ۽
ديوان ڪوڙومل، جي سڀ بنگال واري راجا رام موھن
راءِ جي برپا ڪيل قومي ۽ سماجي جاڳرتا کان متاثر
ٿيا ھئا(I).“
فڪري لحاظ کان بقول پروفيسر ملڪاڻي، مٿي ذڪر ڪيل
اڳواڻ ۽ ٻيا، سماجي ڪمن ۾ اڳرا رھيا ۽ ادبي ڪم به
ھٿ ۾ کنيائون. زبان جي ڄاڻ ۽ انگريزي پڙھڻ سبب ان
مان ڪتاب ترجما به ڪيائون ته جيئن پنهنجي سماج جي
علمي، ادبي ۽ سماجي حالت بهتر بنائي سگھن. مختلف
ادبي تنظيمون قائم ٿيون، جن ماڻھن ۾ اھو شعور پيدا
ڪيو ته انگريزي ڪتاب پڙھن. انهيءَ مان جيڪي بهتر
نتيجا نڪتا، تن مان ھڪ ھي ھو ته انگريزي ڪتاب
ترجمو ڪجن. انهيءَ سوچ ھيٺ ترجمي جو سلسلو ھليو،
جيڪو پھريون انگريزي ناول ترجمو ٿيو، سو ڊاڪٽر
جانسن جو ١٨ صدي عيسويءَ جو لکيل ناول راسيلاس ھو.
ھن ترجمي کان اڳ اسان کي ٻن ڪتابن ۾ ناول جا ڪي
انگ نظر اچن ٿا، اھي آھن، ميران محمد شاهه اول جو
سڌا تورو ۽ ڪڌا تورو (١٨٥٥ع) ۽ ميان غلام حسين
جو”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ پھرئين ڪتاب جو ذڪر اڳ
۾ ٿي آيو آھي.”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۾ به ان
وانگر ھڪ قصي جا پاڇا آھن ۽ ناول جو انگ به گڏوگڏ
آھي. ٻنهي کي ناول جون ابتدائي صورتون به چيو ويو
آھي. ڀنڀو زميندار ھڪ سٺو ڪردار ڪري آندل آھي. ھن
ڪھاڻيءَ جو تعلق اٻاوڙي سان آھي. ھو ھڪ ايماندار ۽
سٺو ماڻھو ھو. ان سان ماٿيلي جي زمين دنگئي ھئي.
اتان وارن کي زمين جي آباديءَ سان دلچسپي نه ھئي.
اوڀائي ھاريءَ کي ماري ڀڄائي ڇڏيائون. ائين نيٺ
فيصلو اوڀائي جي حق ۾ ٿيو. ائين ھن قصي (ناول) ۾
ڪي ٻيا به واقعا شامل آھن. حقيقت ۾ ھن قصي سان
حڪومت جي ڪمن کي ساراھڻ مقصد ھو. ھي قصو نئين
معنيٰ ۽ مفھوم ۾ ڪو مڪمل ناول نه آھي، پر اِن ۾
توڙي سڌا توري ۾ ناول جا ابتدائي اھڃاڻ موجود آھن.
ناول ھڪ نئين شيءِ آھي. مغربي مفھوم ۾ ھن جي ھڪ
خاص وصف آھي.
Novel
انگريزي ۽ ٻين يورپي زبانن ۾ گھڻو اڳ تخليق ٿيو ۽
ڇپيو. ھتي انگريزي ناول جو ترجمو جو پھرين ڇپيو،
سو ھو راسيلاس (١٨٦٨ع)، ڊاڪٽر جانسن جو ناول.
انگريزيءَ ۾ عنوان ھو
“Rasellas, Prince of Abyssinia”
سنڌيءَ ۾ راسيلاس (حبش جو شھزادو) نالو رکيو ويو.
ھن جا ٻه ٽي ڇاپا ليٿو ۽ ٽائيپ ۾ ڇپيا. سنڌي ادبي
بورڊ ١٩١٦ع واري ڇاپي پٽاندڙ راسيلاس شايع ڪيو. ھي
ترجمو ديوان نولراءِ شوقيرام ۽ منشي اڌارام
ٿانورداس گڏجي ڪيو. قصن جي بنسبت ھي ناول ترتيب ۽
واقعن جي تسلسل ۾ ڪجهه اڳڀرو آھي. پر خيالات ۽
ڪردارن جي گفتگوءَ جي سلسلي ۾ جديد ناول جي
ابتدائي صورت چئبو. وصف موجب ھڪ نئين ڳالهه، نئين
انداز سان پيش ڪجي ته اھو ٿيو ناول. راسيلاس جو
مرڪزن ڪردار شھزادو راسيلا س آھي. مصر جي پراڻي
دستور موجب شھزادن ۽ شھزادين کي راڄ ڌانيءَ کان
دور محلاتن ۾ رھائيندا ھئا. حبش جي بادشاهه به
ائين ڪيو ۽ آمھاري سلطنت ويجھو پنهنجي شھزادي
راسيلاس، شھزادي نيڪايا کي ائين پري رھايو ۽ عملاڪ
ھنن جو اتاليق ۽ رھبر ھو. ھن مخصوص محلات مان ھو
تنگ ٿيا ۽ ٽئي اتان نڪري سک، خوشي ۽ نجات جي تلاش
۾ ٻاھر ويا. کين ڪيترائي تجربا ٿيا. مختلف طبقن جي
ماڻھن جا حالات معلوم ٿين ۽ دنيا بابت معلومات
ملين.
شھزادي محسوس ڪيو ته علم جھڙي ٻي وٿ نه آھي. ھن
تجربي کان پوءِ شھزادي راسيلاس جي خواھش ٿي ته کيس
ھڪ ننڍي بادشاھت ملي، جنهن ۾ ھو پاڻ پنهنجي سر
انصاف سان ملڪ ھلائي ۽ انهيءَ بادشاھت جا سڀ حصا
خود اکين سان ڏسي(٢).
راسيلاس وانگر ٻيو مقبول ناول جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو
ٿيو، سو سروالٽر اسڪاٽ جو
Talisman
ھو، جو طلسم جي نالي سان ترجمو ڪيو ويو. اھو پھرين
ساڌو ھيرانند ١٨٩١ع کان وٺي، پنهنجي
مخزن”سرسوتيءَ“۾ ڏيڻ شروع ڪيو. سندس وفات سبب اڌ ۾
رھجي ويو. انهن قسطن تي مترجم جو نالو چٽو ڪيل نه
ھو. ڀيرومل مھرچند ائين ڄاتو ته اھو ساڌوءَ جو
ترجمو ڪيل ھوندو. ان ڪري باقي اڌ ناول جو ترجمو
ڪري ١٩٢٧ع ۾ ڇپايائين. ان جو ٽيون ڇاپو ١٩٤٤ع ۾
نڪتو. سنڌي ادبي بورڊ ١٩٥٩ع ۾ نئين ڇاپي جو پھريون
ايڊيشن ڪڍيو ۽ ان تي ٻيو نالو ٽئلسمئن عرف غازي
صلاح الدين آيل آھي. ان کان پوءِ بورڊ لفظ طلسم به
ڪڍي ڇڏيو.
ساڌو ھيرانند جو ڪيل ترجمو پراڻن ڇاپن ۾ صفحي ٥٦
تائين ۽ نئين پاڪستاني دور جي ڇاپي ۾ ٨٠ صفحن
تائين آھي. پھرئين اڌ جي ترجمي بابت جا ڳالهه
پروفيسر ملڪاڻيءَ ڪئي آھي، سا ھي آھي ته: ”تازو
سنڌي نثر جي بزرگ استاد ديوان ڏيارام وسڻ مل کان
معلوم ٿيو ته طلسم جو پھريون حصو ساڌو ھيرانند جو
ترجمو ڪيل ڪونه ھو. سندس نالو ڏنل به نه ھو. اھڙي
پڌرائي پرمانند ميوا رام ۽ ديوان پرڀداس شيوڪ رام
جوت اخبار ۾ ڪئي ته سنڌيءَ جي ھڪ ٻئي اوائلي عالم
بولچند ڪوڏومل جو ترجمو ڪيل ھو. ڀيرومل، مخزن جو
مھتمم ساڌو ھيرانند جي ھجڻ ڪري، ان جو سمجھيو ۽
ساڌوءَ جي نالي ۾ ڇپايائين(٣).“
طلسم جو موضوع صليبي جنگيون آھي. عيسائي حڪمران
رچرڊ ۽ سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جا معرڪا، رچرڊ
جي بيماري ۽ ٻيون سازشون ھن ناول جي ڪھاڻي بنائين
ٿيون. ٻيا ڪردار راڻي، ضحاڪ شيدي، ايڊٿ ۽ سر ڪينٿ
آھن. ڪتاب جي عبارت بامحاوره پھاڪن ۽ چوڻين سان
سينگاريل آھي. جھڙوڪ: پاڻ مرندي ڪھڙا سيڻ، ڪنهن جي
کٿيءَ کي ھٿ لائجي نه پنهنجو پٽ ڦاڙائجي، مڙياسي
جڙيا، ھنر واري جو ھنر بي ھنر جي جند، جنهن کي لڳي
سو ڄاڻي، ڏورانهن ڏاڙھي اوريان ڪک، ٻيڙي چاڙھي
ڦرھو ڪڍڻ، ڏسڻ جا ٽوهه ۽ ڪا ربيع ڪا خريف وغيره.
ھي ناول نهايت وڻندڙ ۽ سليس زبان ۾ ترجمو ڪيل آھي
۽ عاري نثر ۾ آھي. ھڪ اڌ پئرا مقفيٰ نثر ۾ به آھي.
جيئن: جھٽ ۾ ڪيتريون پرستاريون گل عذاريون اچي
حاضر ٿيون ۽ عمدا گيت ڳايائون. ھڪ پاسي ستار ۽
چؤتار ٻئي پاسي سرود جي للڪار اٿي، پڪواز جي آواز
۽ سارنگيءَ جي ساز غلغلو مچايو.
راسيلاس ۽ طلسم کان پوءِ ڪن ٻين ناولن جي ترجمن جو
به سلسلو ھليو. انهن ۾ ڪي اھي به آھن، جي حقيقت ۾
قصا آھن، جن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي آيو آھي. اھي اردو،
ھندي ۽ فارسيءَ مان ترجمو ٿيا. ڪي طويل داستان/ ناول ھڪ کان وڌيڪ جلدن ۾ سلسليوار ٿي آيا. انهن ۾
سماجي، ڌرمي ۽ جاسوسي سلسلا سنڌيءَ ۾ ٢٨ جلدن ۾
ھردل عزيز جي نالي سان ڇپيا. ان کان سواءِ ھڪ
سلسلو”ڀوت ناٿ جي جيوني“ ٢٤ جلدن ۾ ڪڍيائين. ھي
ناول ١٩١٠ع ڌاري حيدرآباد مان نڪتا. انهن ۾ اڻ
ٿيڻيون ڳالھيون به ھيون جن ناول جي اصل ھيئت کي ڌڪ
رسايو.
ديوان پريتمداس حڪومت راءِ ١٨٩٢ع ۾ ناول”عجيب ڀيٽ“
لکيو. ان کان اڳ مرزا قليچ بيگ جا ٻه ناول دلارام
(١٨٨٨ع) ۽ زينت (١٨٩٠ع) شايع ٿي چڪا ھئا. جي حقيقت
نگاريءَ وارا ناول ھئا.”عجيب ڀيٽ“به حقيقت نگاريءَ
وارو ناول ھو، جنهن ۾ حيدرآباد جي ھندن جي سماجي،
تعليمي ۽ گھرو جيوت کي نظر ۾ رکي ھڪ ناول جي صورت
ڏني ويئي ھئي. تعليم جي موجود سرشتي ۽ پڙھڻ ۾ محنت
جو ذڪر ڪيو ويو آھي.
انهيءَ وچ ۾ ڪي ترجمو ٿيل ناول به شايع ٿيا. انهن
جو تعداد به چڱو آھي. اھي ھندي ۽ گجراتيءَ مان
تيجو رام شرما، ويرومل ملاڻي، ڄيٺانند رتنسي ۽ ٻين
ڪيا. انهن مان رتنسيءَ جو ترجمو”ھندو ڪٽنب“گھڻو
مشھور ٿيو. ان ۾ ناچ گانن جي سماج تي خراب اثر جو
موضوع ھو.
مرزا قليچ بيگ:
ناول جي ابتدائي تاريخ ۾، ۽ پوءِ ترجمن ۾ جيڪو
ليکڪ پنهنجي ٻئي ادبي پورھئي توڙي ناول جو به
ڪامياب ليکڪ مڃيو ويو ھو، سو ھو شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ. مرزا صاحب سنڌي زبان کي چئن سون کان مٿي
ڪتاب ڏنا. تاريخ، ادب، ثقافت، سماج ۽ سائنس جي
مختلف پھلوئن تي ڪيترائي ڪتاب تصنيف ۽ ترجمو
ڪيائين. ناول کان پوءِ ناٽڪ ۾ به سندس ذڪر اڳتي
ايندو، پر ناول جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ مرزا قليچ بيگ
جي ٻين نثري ڪاوشن جي چونڊ فھرست تي نظر وجھڻ کپي.
ھي ڪتاب مرزا صاحب جا
لکيل ۽ ترجمو
ڪيل اھم آھن: رسالھ ڪريمي، ثابت علي شاهه جو احوال
۽ مرثيا، ڪيمياءِ سعادت، حالات اولياء، دلپسند
قصا، علم دستور المعاش، پوک ڪرڻ جو علم ۽ ھنر، باغ
۽ باغباني، لغات لطيفي، لغات قديمي، تهذيب
الاخلاق، حيات بعدالممات، قديم سنڌ، صلح ڪل، ديوان
قاسم، غلاميءَ مان مٿي چاڙھو، سرندڙ ساهه، شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال ۽ شاهه جو رسالو
وغيره. ھيءَ ھڪ چونڊ فھرست آھي. مرزا صاحب جا
اندازا اڌ کان وڌيڪ ڪتاب اڻ ڇپيل پيا آھن. سندس
شعر جي ڪتابن، انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن، ٻارن لاءِ
لکيل ڪتابن جو به تعداد گھڻو آھي(٤). ھن ھيڏي ڪم
جي ھرھڪ شعبي ۽ پھلوءَ تي پي ايڇ. ڊيءَ جو مقالو
مس پورو پوندو. ھن وقت تائين
سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ مرزا صاحب جي نثر نويسيءَ تي ھڪ
غيرمعياري ٿيسز لکي ويئي آھي، جا خانبهادر جي ادبي
تاريخ (جلد-٢) ۽ قليچ جي آتم ڪھاڻيءَ”سائو پن يا
ڪارو پنو“جو بي ترتيب نقل آھي. پي ايڇ. ڊي ڊگريءَ
لاءِ خانه فرھنگ حيدرآباد جو ڊائريڪٽر جناب رشيد
فرزانه پور فارسيءَ ۾ (٧٣- ١٩٧٤ع) ڪم ڪري رھيو ھو،
جو ايران ۾ ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو اٿس.
مرزا قليچ بيگ جي پوٽي اعجاز علي بيگ جي ھٿ ۾ قليچ
تي ڪم آھي. ٿي سگھي ٿو، جلدي ٿيسز پيش ڪري. بهرحال
قليچ سنڌي ادب جي عمارت جو ٿنڀ آھي. ھرھڪ موضوع تي
سندس ڪم سھڻو ۽ معياري آھي. ھن باب ۾ سندس ناولن
جو مختصر جائزو پيش آھي:
دلارام: ھي ناول ١٨٨٨ع ۾ ڇپيو. ديباچي ۾ مرزا صاحب جي صحيح سال
١٨٨٧ع جي آھي، جڏھن سندس منزل وارهه (ضلعي
لاڙڪاڻي) ۾ ھئي. سندس چوڻ موجب ھي ھڪ خيالي قصو
آھي. ھن جا ڪردار بادشاهه ۽ شھزادا آھن. سورمي
دلارام آھي، ناول جي شروعات مصر ولايت جي بادشاهه
جھاندار شاهه جي ذڪر سان ٿئي ٿي. ھو عدل ۽ انصاف
سان حڪومت ڪندو ھو، پر اولاد لاءِ سڪايل ھو.
انهيءَ ابتدا ۽ ناول جي ڪردارن ۽ واقعن سان ھي
ناول گذري آيل قصن وانگر لڳي ٿو. فقط ھن ۾ ديو
پريون نه آھن. ڪردار سڀ انساني آھن.
بادشاهه کي ڌيءَ ڄمي ٿي جا وڏي ٿي، حسن مجسم ٿي.
وزير جو اڍنگو پٽ شھزاديءَ جو طالب ٿيو. جھاندار
شاهه ٻين پاڙيسري ملڪن سان ته ٺھيل ھو، پر بغداد
جي حاڪم شاهه عادل سان خصومت ھيس. جيئن بادشاھن ۽
انهن جي ڪارندن ۽ سازشن جي ڪري ڪيترا مسئلا ۽ جنگ
و جدل جھڙا واقعا ٿين ٿا، تيئن ھت به ٿيو. نيٺ صلح
ٿي. ناول جي آخر ۾ مرزا صاحب ناول جا اخلاقي سبق
ظاھر ڪيا آھن. شايد ان وقت جي سماج ۾ نيڪيءَ جي
پرچار لاءِ اھو ضروري ڄاتو ويو ھو. ھي ناول
بادشاھي راڄن بابت آھي ته به ھن ۾ ڏنل نيڪيءَ جو
سبب نمايان آھي.
زينت: ھي ناول سنڌي زبان جو شاھڪار ناول آھي، جتي بهترين ڪتابن
(Best Books)
جي ڳالهه نڪري ٿي ته اتي ”زينت“ جو نالو اول اچي
ٿو. ھي ھڪ طبعزاد ۽ مقصدي ناول آھي. ھڪ مسلمان
ڪٽنب ۾ زينت جھڙي سگھڙ ڇوڪريءَ جو مثال وٺڻ جھڙو
ڪردار سنڌي ادب ۾ ھن وقت تائين آيل ڪردارن ۾
نمايان آھي. مرزا قليچ بيگ زينت جي مھاڳ ۾ لکي ٿو
ته ھي ھڪڙو نئون رٿيل خيالي قصو آھي، جنهن ۾ زماني
جي گردش ۽ حال چال جو بيان گھرو اصطلاحن ۾ ڏنل
آھي.
مرزا صاحب اھو به لکي ٿو ته، منهنجو اھو به مطلب
ھو ته زالن جي دل تي نيڪيءَ جو اثر ويھاريان(٥).
ھن ناول جو مک ڪردار زينت آھي، جا پنهنجي زندگيءَ
جي مختلف مرحلن ۾ ھمت، سچائي ۽ ثابت قدميءَ جو
مظاھرو ڪري ٿي. ٻيا اھم ڪردار علي رضا، حامد ۽
زينت جي ماءُ شھربانو آھن. ھي گھر گرھستي زندگي ۽
دنيا سان وھنوار رکڻ جو ھڪ جديد قصو آھي، جنهن ۾
نسبتا ناول جا انگ نمايان آھن. زينت جو داستان
حيات جدوجھد جو ھڪ مثالي نمونو آھي، جنهن ۾ وري
زينت جو ڪردار بيمثال ڪردار آھي. ھي ڪردار حادثن ۾
به ثابت قدم آھي. بلڪ ٻين جي رھنمائيءَ جو ھڪ
نمونو آھي.
مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل ناولن ۾ مغربي ٻولين جا
ھيٺيان اھم ناول آھن. حاجي بابا اصفحاني موري جو
ناول (١٩١١ع). ھي بنيادي ڪردار حاجي بابا جي
زندگيءَ جي باري ۾ آھي. گلن جي ٽوڪري، جرمن ناول
Basketo of Flowers جو ترجمو آھي، جو ١٩١١ع ۾ ڇپيو. سنڌي ادبي بورڊ به ڇپايو. گلن
جي ٽوڪري ۽ زينت جي ڊرامائي تشڪيل ٿي ۽ ٽي ويءَ
تان نشر ٿيا. جاسوسي ناولن ۾ مرزا صاحب، ڪانن ڊائل
جي ناول شرلاڪ ھومز جو ترجمو ڪري راحيل نالي سان
١٩١٤ع ۾ ڇپايو. لارڊ بيڪن فيلڊ جي ناول جو ترجمو
سچي محبت جي نالي سان ڪيائين. ان کان سواءِ سئفٽ
جي ناول گليور جو سير ۽ سفر کي ١٩٢٠ع ۾ شايع
ڪيائين. ان کان سواءِ سند باد جھازي، رابنس ڪروزو
۽ ٻيا ناول ترجمو ڪيائين. ھڪ خاص مقصد ھيٺ مرزا
صاحب ٽن ناولن جو سلسلو ترجمو ڪيو. اھي ھئا: ٽي
گھر
(Three Homes)
١٩١٢ع، ايرڪ
(Erik)
١٩١٣ع، ۽ جولئن ھوم
(Julian Home)
١٩١٤ع. ھي ٽئي ڪتاب
F.W.Farar
جا اصل ۾ انهيءَ مقصد سان لکيل ھئا ته ٻارن جي
تربيت ۽ تعليم ڪيئن ڪجي. ھي ٽئي ناول اھو سمجھائين
ٿا ته ٻارن جي گھر ۾ ڪيئن تربيت ڪجي (ٽي گھر)،
اسڪول ۾ ھلت ڪيئن ڪجي (ايرڪ) ۽ ڪاليج ۾ شاگرد جي
تعليم ۽ تربيت ڪيئن ڪجي (جولئن ھوم). ھي ناول
انهيءَ مقصد سان لکيا ويا ۽ ترجمو ڪيا ويا. سنڌ ۾
تعليم گھٽ آھي. ان ڪري ھن ڳالهه جي پوري تشھير به
نه ٿي. پروفيسر ملڪاڻي ۽ ڪن ڀارت جي اسڪالرن ھن
ڳالهه کي سمجھيو، پر خود ناول تي پي ايڇ. ڊي ڊگري
وٺڻ وارن خود ناول کي ۽ ھنن ٽن ناولن کي سمجھيو به
نه(٦).
مرزا قليچ بيگ، وڪٽر ھيوگو
(Victor Hugo)
جي فرينچ ناول جو سنڌي ترجمو”مصيبت ماريا سائين سنواريا“ نالي سان ڪيو
(١٩١٧ع). ھي ناول سنڌي
ادبي بورڊ ١٩٦١ع ۾ شايع ڪيو. ھي آھي مرزا قليچ بيگ
جي ناول نگاريءَ جو مختصر خاڪو.
سنڌي زبان جا ٻه وڏا ليکڪ ۽ عاشق ڪاڪو لالچند
امرڏنومل جڳتياڻي ۽ ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ٻئي
گھڻي ادبي تخليق سان گڏ ناول لکڻ وارا به آھن.
لالچند امر ڏنومل (١٨٨٥- ١٩٥٤ع):
حيدرآباد ۾ ڄائو ۽ ڀارت ۾ گذاري ويو. سندس ادبي
تخليقون گھڻيون آھن. ديھانت کان پوءِ لالچند جون
ھاٺيون به ھت کڄي آيون ۽ وصيت موجب حيدرآباد
(گدوءَ) وٽان درياهه شاهه ۾ پرواهه ڪيون ويون.
ناول ۽ ناٽڪ کان سواءِ سندس ھي ڪتاب به ڇپيل آھن:
محمد رسول لله، شاھاڻو شاهه، سچل سونهارو، بيرنگ
باغ جو گل، ڦل مٺ، سدا گلاب، حر
مکيءَ جا، شاعرانه گل، سرڏھر، سر ڪيڏارو، سر ڏھر ۽
لڳ ننڍو جيءُ گھڻو.
ڪاڪي لالچند امرڏني مل جي ترجمو ڪيل ناولن ۾ سون
ورنيون دليون ۽ سچ تان صدقي وڌيڪ مشھور ٿيا. سون
ورنيون دليون
Hearts
of
Gold
جو ترجمو ھو. جو اصل
I. Edhor
جو لکيل ھو ۽ ١٩٢٥ع ۽ پوءِ ١٩٢٨ع ۾ ڇپيو. سنڌي
ادبي بورڊ ١٩٥٦ع کان وٺي، ھن ناول جا ٽي ڇاپا شايع
ڪيا. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بي. اي آنرس جي نصاب ۾ به
رھيو آھي. ھن ناول جا خاص ۽ مرڪزي ڪردار آھن رٿ،
الڊينهوفر ۽ ھيلڊار. ھيءَ ڳوٺ جي جيوت ۽ محبت جي
ڪٿا آھي. مترجم ھن کي سليس زبان ۽ بهترين انداز ۾
سنڌي ويس ڍڪايو آھي. مڪالما به پرجوش آھن. مثال:
”ھتي ٽھڪندو ته گھوريو پر شائستو ته ھجي. منهنجو
خاندان ڪھڙو! تنهن ۾ مون سان سڱ ڳنڍي پاڻ ھيئن لڳڙ
پئي گھليندي ته ڪا ڳالهه ٺھندي!“
ٻيو ترجمو سچ تان صدقي، ١٩٤٠ع ۾ ڇپيو. ھن ناول ۾
عيسائي مذھب وارن جي پنهنجي مذھب سان محبت ۽
قربانيءَ جو بيان آھي. ھي ناول زبان ۽ بيان ۾ سون
ورنيون دليون جي برابر نه آھي. لالچند جو طبعزاد
ناول چوٿ جو چنڊ يا ڀرم جي ڀلائي، پھرين ١٩٠٥ع کان
سرسوتي ۾ ڇپجندو رھيو. ١٩٤٧ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو.
ھي ٻن دوستن جي محبت جو ھڪ ننڍو قصو آھي. جنهن ۾
ڪيئي مرحلا اھڙا آيا جو ھڪڙي کي ٻئي جي باري ۾ ڪي
نه ڪي شڪ جاڳيا. ناول ۾ منظرنگاريءَ جا بهترين
مثال آھن. گدو بندر (حسين آباد) ڏي ويندي رستي تي
ٻنهي پاسي سرھين، ٻٻرن ۽ نمن جي نظاري جو بيان.
ٻئي دوست گدو بندر ڏي اچن ٿا: ”جوت ٻري سنجھا ٽري
ته ٻئي سنگتي اچي گدو بندر کي قابو پيا. اوچتو ئي
ان ٽاڻي اسان جي تازي مڱيل نوجوان جون اکيون وڃي
اڀ ۾ کتيون ۽ ڏانٽي، شڪل چنڊ تي نظر پئجي ويس.
سندس گھـِرو دوست ھن جو چھرو ڦريل ڏسي وائڙو ٿي
ويو. ڳراٽڙي پائي منهن ۾ نهاري ڀني آواز پڇڻ لڳس:
ڇو موتي چپ کڻي ڀيڙيا اٿئي؟ مون سان رٺو ته ڪين
آھين؟“
ڀيرومل مھرچند آڏواڻي (١٨٧٦- ١٩٥٠ع):
ڪاڪو ڀيرومل سنڌ جو سچو عاشق ھو. ھو حيدرآباد ۾
ڄائو. ورھاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو. حادثي سبب
سندس پٺيءَ جو ڪنڊو ڀڄي پيو. ھن بيماريءَ مان
جانبر نه ٿيو، پر سنڌ جي تاريخ، ادب، لطيفيات ۽
لسانيات ۾ ڳڻڻ جھڙو ڪم ڪري ويو. ڀيرومل جا مستقل
ڪتاب اٽڪل پنجاهه آھن، جن ۾ ھيٺيان اھم آھن: سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ، قديم سنڌ، سوڍن جي صاحبي، سنڌ جي
ھندن جي تاريخ، وڏو سنڌي وياڪرڻ، غريب اللغات،
نوبهار، چونڊ ڪلام، لطيفي سير، سنڌ جو سيلاني،
گلزار نثر ۽ مرزا قليچ بيگ جي حياتي. سندس ناولن
جو بيان ۽ ناٽڪن جو ذڪر ان کان علاوه آھي. ناولن ۾
طلسم جو اڌ سندس ترجمو ھو، جنهن جو ذڪر ٿي آيو. ٻه
اصلوڪا ناول لکيائين. جيڪي آھن آنند سندريڪا
(١٩١٠ع) ۽ موھني ٻائي (١٩١٧ع). ھنن جي ڪھاڻين جو
پاڻ ۾ تسلسل به قائم ڪيل آھي. ھنن جو موضوع ھندن
جي گھرو وھنوار، ريتن، تعليم ۽ ڪفايت وغيره سان گڏ
ان ۾ مسلمانن سان تعلقات بابت به اشارا آھن. ائين
مسلم سماج جي پس منظر ۾ وريل ۽ نعمت (١٩١٥ع)
لکيائين، جيڪو جاسوسي طرز جو ھو. ان ڪري ان جو ٻيو
ڇاپو ١٩٤٦ع ۾ جاسوس نالي سان ڇپيو. ناول موھني
ٻائيءَ جو مک ڪردار موھني ناول جي موضوع جي اپٽار
شاديءَ جي رواج بابت ھيئن چوي ٿي: ”ٻين قومن ۾
جيڪي شاديون ٿين ٿيون، سي پريم وواه آھن، پر اسان
وٽ وھانءُ ھڪ ڌرمي ڳالهه آھي. پر اسان وٽ ھي اونڌا
رواج ڪيئن قائم ڪيا اٿن؟ ڏيتي ليتيءَ ۾ ته چئبو ته
لوڀ جي ڪري ماڻھن جي اکين تي پڙدا چڙھيا آھن، پر
جيڪي جيئري تي جيئري ٿا پرڻجن تن کي ته ڳؤرو لڏون
ته ڪونه ٿو ملي.“
اھڙا ويچار ڪندي موھني اونڌن رواجن ۽ لوڀ لالچ کي
نندي ٿي. اِھي ويچار سماج جي اوڻاين جي نشاندھي ڪن
ٿا. ڀيرومل ھڪ سماج سڌارڪ وارو رويو قائم رکيو.
لالچند ۽ ڀيرومل وانگر ڄيٺمل پرسرام (١٨٨٥- ١٩٤٨ع)
به ھڪ برجستو ليکڪ ھو. ھن جا ترجمو ڪيل ٻه ناول
حقيقت ۾ شيڪسپيئر جي ناٽڪن جا ناول- روپ آھن.
Tempest
جو ترجمو طوفان نالي ۽
Measure for Measure
جو ترجمو حسابي حساب نالي سان ڪيائين. ھنن ۾ ڪي مڪالما اصل ناٽڪن وارا
رکيائين ۽ باقي ڪھاڻيءَ کي سنڌي روپ ڏنائين. ڄيٺمل
ڪي ٻيا ڪتاب به لکيا، جن ۾ ھي اھم آھن: مونا وانا،
شاهه جون آکاڻيون، فلاسافي ڇا آھي، پيغمبر اسلام،
موت آھي ڪونه، سنڌي سونهارا، ميران ٻائي، گوتم ٻڌ،
سچل سرمست، سوشلزم، ۽ پورب جوتي وغيره.
سنڌي ناولن ۾ ڪي اھڙا به نالا اچن ٿا، جن جو لاڙو
ھونئن ادب جي ٻين پھلوئن ڏانهن ھو. انهن شخصيتن ۾
ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (١٨٨٤- ١٩٤٧ع) جو
نالو نشانبر آھي. ھن جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو
(ٽن جلدن ۾) ھڪ شاھڪار آھي. ٻيو اھم ڪتاب لنواريءَ
جا لال (١٩٣٤ع) لکيائين. پر انهن ٻنهي اھم ڪمن کان
اڳ ١٩١٥ع ۾ گربخشاڻيءَ جو ناول نورجھان شايع ٿيو.
ھي سندس پھرين ڪاوش ھئي. ان لاءِ ڪتاب جي منڍ ۾
لکي ٿو ته ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ھي پھريون ئي دفعو آھي،
جو طبع آزمائي ڪئي اٿم.“
ھي ھڪ تاريخي ناول آھي. جنهن جو بنيادي ماخذ
پٽيالھ رياست جي وزير سردار جوگيندر سنگهه جو
انگريزيءَ ۾ لکيل قصو آھي، جو ايسٽ ائنڊ ويسٽ مخزن
۾ ڇپيو ھو. تاريخي ناول جي ضرورت جي پورائيءَ لاءِ
ضروري تاريخ جا ڪتاب به ڀيٽيائين. ھن ناول جا
واقعات اڪبر بادشاهه کان شروع ٿي، جھانگير ۽
نورجھان جي دور تي ختم ٿين ٿا. جھانگير جي نورجھان
کي راڻي بنائڻ واري جدوجھد ۽ پوءِ جا واقعات ھن
ناول کي فني قوت بخشين ٿا.
نورجھان، وانگر عبدالخالق خليق مورائيءَ جو ناول
سندري به ھڪ تاريخ تي آڌاريل ناول آھي. محمد بن
قاسم جي سنڌ تي حملي جي پيش منظر ۾ ھي ناول لکيل
آھي. ھن مان مراد مسلمانن جي تسلط جي خوشي ظاھر
ڪرڻ آھي، پر ھندو سماج جو ذڪر ۽ سندريءَ جو ڪردار
ناول جي رٿا ۾ ڳتيل آھي. ھي ناول پھرين ١٩٢٨ع ۾
بشير احمد سنز ڪراچيءَ شايع ڪيو. خليق صاحب نهايت
خوبصورت ۽ ٺھڪندڙ زبان ڪم آندي آھي. ھندو
راجڪماريءَ جو مسلمان نوجوان کي رکڙي ٻڌڻ ۽ تاريخ
جي ھن وڏي واقعي جي تسلسل کي طريقي سان بيان ڪرڻ ۾
خليق صاحب ڪمال ڪيو آھي. خاتمو محمد بن قاسم جي
منصوره سان ۽ سعيد جي جميلھ سان شاديءَ تي ٿئي ٿو.
محمد بن قاسم تي خليق مورائي ھڪ ٻيو به ڪتاب لکيو،
جنهن کي ھندو مسلم سياست جي پس منظر ۾ ١٩٢٦ع ۾
ڇپايو ويو ۽ ١٩٧٥ع ۾ وري اسلام پسنديءَ جي تجديد
خاطر ڇپايو ويو. ھي ناول ناھي. خليق صاحب ڪي ٻيا
به ڪتاب لکيا.
انهيءَ زماني ۾ ئي وشنو شرما جو ناول ستيءَ جو
تياڳ ۽ ڀيرومل مھرچند جو سنڌ جو ٺوڳي ڇپيو. ٻيا به
ڪيترا ترجمو ٿيل ناول ويھين صديءَ جي پھرين ٽن
ڏھاڪن ۾ شايع ٿيا. انهن مان ڪي ھي آھن:
حسد جي ھاڃ |
نانڪرام ڌرمداس |
(ترجمو) |
گم ٿيل صندوقڙي |
منگھارام ملڪاڻي |
(ترجمو) |
دکي انسان |
موٽومل گدواڻي |
(ترجمو) |
زئنوني |
موٽومل گدواڻي |
(ترجمو) |
چندر مکي |
ڪوڙومل چندن مل |
(ترجمو) |
روھني |
ڪوڙومل چندن مل |
(ترجمو) |
سروجني |
منوھرداس ڪوڙومل |
(ترجمو) |
راجپوتي تلوار |
دوارڪا پرشاد شرما |
(ترجمو) |
سنڌي تلوار |
دوارڪا پرشاد شرما |
(ترجمو) |
وير ڪماري |
دوارڪا پرشاد شرما |
(ترجمو) |
نل دمينتي |
ڏيارام گدومل |
(ترجمو) |
حياتيءَ جو پھريون دؤر |
محمد صديق ميمڻ |
(ترجمو) |
حياتيءَ جو ٻيو دؤر |
محمد صديق ميمڻ |
(ترجمو) |
اڪبر جي سخاوت |
شامداس ھيمنداس |
(ترجمو) |
جھانگير جو انصاف |
شامداس ھيمنداس |
(ترجمو) |
ان کان سواءِ ڪيترن بنگالي ۽ گجراتي ناولن جا
ترجما به ٿيا. جڳت آڏواڻي انگريزي ۽ ھندوستاني
زبانن مان ترجما ڪيا، جن ۾ وڏي ديدي ۽ آخرين التجا
اچي وڃن ٿا. انهيءَ کان سواءِ ڄيٺانند لعلواڻي،
ڏيارام سڀاڻي، نانڪ ھنڱوراڻي، ڪرشن ڄيٺانند، بهاري
ڇاٻڙيا ۽ گلي ڪرپالاڻي وغيره ناول ترجمو ڪري
سنڌيءَ ۾ آندا. انهن ۾ ھندو سماج، ھندن جي ويرتا ۽
گھرو جيون جا موضوع نمايان ھئا. انهن ۾ ڪاڪي ڀيرو
مل جي فرزند پرڀداس جو ترجمو ڪيل ناول سالڪ جو سفر
به اچي وڃي ٿو. ائين اثر وٺي پنهنجن لفظن ۾ لکيل
طبعزاد ناول ڪي ٻيا به آھن، جيڪي گھڻو تڻو ھاڻي
ناياب آھن. انهن مان بيشتر جا نالا پروفيسر
منگھارام ملڪاڻيءَ جي ڪتاب سنڌي نثر جي تاريخ ۾
موجود آھن. |