آزاديءَ کان اڳ واري قريبي دؤر ۾ ڪي وڌيڪ ترجما به
آھن. انهن ۾ ڪي اصلوڪا ناول به ڇپيا. انهن ۾ ھي
ناول به اچن ٿا. انهن جي ليکڪن ۾ ڄيٺانند
لعلواڻيءَ جو نالو اھم آھي. ھن مشھور بنگالي ناول
نگارن بئڪم چندر ۽ شرت چندر جا ناول سنڌيءَ ۾
ترجمو ڪيا. ائين ٻيا به ڪي ترجمو ڪيل ناول آھن.
گلي ڪرپالاڻيءَ ١٩٣٨ع ۾ رابندرناٿ ٽئگور جو ناول
گورا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ھو. گليءَ جو اڳتي ھلي
ڪٽنبي نالو گلي سدارنگاڻي ٿيو، تنهن اتحاد نالي ھڪ
طبعزاد ناول لکيو. ھن ۾ ھن مذھبن جو اتحاد ڏيکارڻ
لاءِ ھندن ۽ مسلمانن جي شاديءَ جي ڳالهه ڪئي ۽
ناول ۾ ھندو ڇوڪريءَ جي مسلمان سان شادي ٿي ته ان
ڳالهه تي سياسي ۽ سماجي حلقا بر ٿي پيا. ھيءَ ھڪ
انقلابي سوچ ھئي، پر تنگ نظر ماڻھو اھڙين ڳالھين
کي پسند ڪونه ڪندا آھن. ان ڪري گليءَ تي انهيءَ
پھلوءَ کان تنقيد ٿي. اھڙيون شاديون ڪتابن ۾ ۽
حقيقت ۾ ٿينديون آيون آھن. انهيءَ موضوع تي
پيتامبر ڪشناڻي، چندو لعل جئسنگھاڻي ۽ ٻين جا ناول
ڇپيا، جن ۾ پيار جي ٻنڌڻ کي بنا ذات پات جي فرق جي
بيان ڪيو ويو.
سنڌيءَ جي نوخيز شاعر نرمل جيوتاڻي (١٩٢١- ١٩٤٤ع)
پنهنجي وفات کان ھڪ سال اڳ بينا نالي سان ناول
لکيو، جنهن ۾ پيار ۽ شاديءَ جي موضوع کي ڇيڙيو ويو
ھو. شاعرانه جذباتي زبان سبب ھي ھڪ اثرائتو ناول
ھو، پر واقعات ۽ حادثات جي ڪري مصنوعيت سان ڀريل
ھو. موھني شايع ٿيو. ناول جا وڏا ليکڪ ٿي ظاھر
ٿيا. اھي آھن: نارائڻ داس ڀمڀاڻي، گوبند مالھي ۽
رام پنجواڻي. انهيءَ وچ ۾ ھيرانند سوڀراج
ميرچنداڻيءَ جو ھال ڪين جي ناول
white
prophet
جو ترجمو انصاف عرف آزاديءَ جي آھوتي ١٩٤٥ع ۾
ڇپيو. جنهن جي مھاڳ ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ ھندو
مسلم اتحاد جي ڳالهه ڪئي. زبان ۽ بيان ۾ ھڪ ڪامياب
ناول آھي. ٻيو ترجمو ٿيل ناول بُک آھي جو نارائڻ
داس ملڪاڻيءَ ھڪ روسي ناول تان ١٩٤٦ع ۾ ترجمو ڪيو.
نارائڻ داس ڀمڀاڻي:
ڪتاب شاهه جون سورميون ۽ ٻين جو ليکڪ، پروفيسر
ڀمڀاڻي ھڪ ناول نگار به ھو. ھن جا چار ناول
مقبوليت ماڻي چڪا آھن، اھي آھن: پاپ ۽ پاڪيزگي
(ترجمو، ١٩٤٠ع)، مالھڻ (١٩٤٢ع)، وڌوا (١٩٤٣ع) ۽
غريبن جو ورثو (١٩٤٦ع). ڀمڀاڻيءَ جو پھريون ناول
پاپ ۽ پاڪيزگي انگريزي ناول نگار ٿامس ھارڊيءَ جو
ترجمو آھي. مترجم ان کي مقامي حالات سان ٺھڪائڻ
گھريو آھي. ان کان پوءِ ڀمڀاڻيءَ جا ھڪٻئي پٺيان
ٽي طبعزاد ناول ڇپيا. انهن ۾ پھريون مالھڻ ھو. ھي
ھڪ اھڙي انسان جي زندگيءَ جو نقشو آھي، جو گھر سڙڻ
جو اطلاع ٻڌي اوڏانهن ڀڄي ٿو، پر پنهنجو الھو تلھو
۽ پياري پٽ کي بچائي نٿو سگھي. قرباني، خوشي ۽ غم
جا جذبا ھن ناول ۾ نمايان آھن. ڇا ٻار ئي خوشي ڏيڻ
وارو آھي؟ ھي ناول مختلف ڪردارن جي ڪارڪردگيءَ سان
انجام پذير ٿئي ٿو. ڀمڀاڻيءَ جو ناول وڌوا، جيئن
نالي مان ظاھر آھي. ھن موضوع جي پسمنظر ۾ لکيو ويو
آھي. ھندو ڌرم ۾ ھن وڌوا (رن زال) جي ھڪ دکدائڪ
زندگي ھوندي آھي. ھندو سماج ۽ مسلم سماج ۾ ھن
معاملي ۾ ھڪ ٻئي کان متضاد موقف آھن. ھندو ڌرم ۾
ان زال جي وري شادي (وڌوا وواه) اخلاقيات ۾ نه پر
سماج جي ٺيڪيدارن وٽ عيب آھي. ڪيترن سنڌي ناولن ۾
ھي موضوع سمايل آھي. ناول نگار فرسوده رسمن ۾ ڦيرو
آڻڻ لاءِ ھيءَ ڪاوش ڪئي آھي. وڌوا جي سورمي سونا
جا خيال ۽ سندس آواز زال ذات جو آواز آھي. ڀمڀاڻي
ھن ناول ۾ ھڪ آدرش جو پرچار ڪيو آھي. سندس ٻين
ناولن جي مقابلي ۾ ڀمڀاڻيءَ جو ناول غريبن جو
ورثو، وڌيڪ مقبول ٿيو. سنڌ ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽي
نصاب ۾ گھڻو وقت رھيو.
غريبن جو ورثو، جا مرڪزي ڪردار آھن، جنت ۽ حميد. ھيءَ ڪھاڻي
ضلعي نواب شاهه (ھاڻي نوشھري
فيروز) جي ڳوٺن ۽ شھرن جي چؤگرد گھمي ٿي. جنت،
حميد، پيرو ۽ ٻين ڪردارن سان ھن ناول ۾ ھڪ آدرش جو
سبق سمايل آھي. غربت، سچائيءَ جي پوش ۾ ڍڪجي وڃي
ٿي، جيئن جنت ھڪ غريب ھاريءَ جي ڌيءَ آھي، پر
سچائي ھن جي ڪردار جو بنيادي نڪتو آھي. ته به ھوءَ
ڀوڳي ٿي. اھو سڀ غربت ڪري آھي. پڙھڻ وارن لاءِ ھي
به نڪتو سوچڻ جھڙو آھي ته ڇا غريبن دنيا ۾ گند ڪيو
آھي يا پئسي وارن ماڻھن جو جيئڻ حرام ڪيو آھي؟
دادا گوبند مالھي، سنڌ توڙي پوءِ ھند وڃي ناول لکڻ جو سلسلو
جاري رکيو. مالھي ١٩٢١ع ۾ ٺاروشاهه سنڌ ۾ ڄائو.
سندس تعلق ترقي پسند تحريڪ، آزاديءَ ۽ انقلاب سان
رھيو. سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان ھو. مالھيءَ
جا ڪيترائي ناول آھن. انهن ۾ انقلابي سپاھي،
انقلابي شاھراهه، آنسو، زندگيءَ جي راهه تي، جيون
ساٿي، پکيئڙا ولر کان وڇڙيا، جن سوري ڀانئين سيج،
للڪار، چنچل نگاھون، شرم ٻوٽي، عشق ناھي راند، لوڪ
آھي ٻوڪ، ديسي سيڻ ڪجن، سنڌوءَ جي ڪناري ۽ ھڪ
انسان سؤ طوفان وغيره اچي وڃن ٿا. ترجمو ڪيل ناول
انهيءَ کان سواءِ آھن.
مالھيءَ کي ڪردار تخليق ڪرڻ ۽ انهن جي عمل ۽
گفتگوءَ سان ڪھاڻي مڪمل ڪرڻ جو پنهنجو ڏانءُ آھي.
اڳ انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ لکندو
رھيو. ھند لڏي
ويو ته سندس موضوعن ۾ سنڌي ھندن جي جيوت ۽ ريتون
رسمون شامل ٿي ويون. اھڙن ناولن ۾ جن سوري ڀانئين
سيج، شرم ٻوٽي ۽ انقلابي سپاھي اچي وڃن ٿا. سوري
ڀانئين سيج ۾ بَچوءَ جو ڪردار سنڌ وارن لاءِ اوپرو
نه آھي. بچوءَ جي ڪردار جي تقليد ۾ سنڌي افساني ۾
پشو پاشا ۽ بلو دادا جھڙا ڪردار تخليق ٿيا. بچو
شعبده باز ۽ لٻاڙي نه آھي. ھن جي اڳيان قومي مقصد
آھي. اھڙيءَ طرح ھاري تحريڪ جي پسمنظر ۾ مالھيءَ
شرم ٻوٽي لکيو. نواب شاهه ضلعي جي سياسي ۽ سماجي
وايومنڊل کي به اڳيان رکيائين. ھن ناول ۾
قاضي فيض محمد به ھڪ ڪردار آھي. ان کان سواءِ پير
قربان علي ۽ ڪن ٻين ڏي به اشارا ملن ٿا. شرم
ٻوٽيءَ ۾ ھڪ خانه بدوش ڇوڪري پريمي ۽ شانتي نڪيتن
جي پڙھيل نوجوان رام جي پريم ڪھاڻي رٿيل آھي.
ناول ديسي سيڻ ڪجن جي سورمي شالو آھي، جا ھڪ بهادر
۽ ثابت قدم ڪردار جي حيثيت رکي ٿي. ٻيو ڪردار جيون
آھي، جو بمبئيءَ ۾ ڪپڙي جي ڦيري ڪري ٿو. مرھٽا ۽
گجراتي ماڻھو سنڌين جي سوچ مان گھڻو ڄاڻي وٺن ٿا ۽
ادب وسيلي ائين ٿيڻ به ممڪن آھي.
پروفيسر رام پنجواڻي (١٩١١- ١٩٧٨ع):
سنڌ جي ھي وڏي شخصيت ادب ۽ ثقافت ۾ اسان جو ڳاٽ
اوچو رکيو بيٺي آھي. رام پرتاب راءِ پنجواڻي ھڪ
ليکڪ سان گڏ، موسيقار، اداڪار ۽ سماجي شخصيت به
ھو. رام پنجواڻي لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ ۾ پڙھيو. ١٩٣٦ع
۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پروفيسر ٿيو ۽ ورھاڱي
بعد بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر بڻيو.
ادب ۽ راڳ جي دنيا ۾ بي مند پالوٽ ڪيائين.
راڳ سنگيت جي دنيا ۾ ايترو نالو ڪڍيائين جو ڀارت
جو پھريون وزير اعظم پنڊت جواھر لعل نهرو کيس،
سنڌي پروفيسر مٽڪي والا ڪري سڏيندو ھو. مٽڪو
وڄائيندي مست ٿي ڳائيندو ھو. انهيءَ دوران ئي دل
ساٿ ڇڏي ويس. سندس مست ٿي ڳائڻ جي ساک ڊي. جي وارا
پراڻا شاگرد اڄ به ڀرين ٿا. ٻئي ادبي رڪارڊ سان گڏ
ھو ناول جي ڪري به سڃاتو وڃي ٿو. رام پنجواڻيءَ جا
ھيٺيان ناول داد تحسين حاصل ڪري چڪا آھن: پدما
(١٩٣٩ع)، قيدي (١٩٤٣ع)، شرميلا (١٩٤٤ع)، لطيفا
(١٩٤٥ع)، اسان جو گھر (١٩٤٦ع)، چانديءَ جو چمڪو
(١٩٤٧ع)، آھي نه آھي (١٩٥٥ع) ۽ شل ڌيئر نه ڄمن
وغيره. پروفيسر رام پنجواڻي ناٽڪ، ڪھاڻيون، مضمون
۽ شعر به لکيا.
رام پنجواڻيءَ جا ناول سنڌي سماج، آزاديءَ جي لھر
جي پسمنظر ۾ لکيل آھن.” اسان جو گھر“ ۾ آزاديءَ جي
تحريڪ ۽ ورھاڱي جي تصوير چٽيل آھي. ائين”چانديءَ
جو چمڪو“ به ساڳئي موضوع تي آھي. ناول قيديءَ جا
پريمي ڪردار ۽ ان جي سٽاءَ تي پروفيسر ملڪاڻي ان
سال ئي”سنڌو“ جي ڊسمبر واري پرچي ۾ تنقيد ڪئي ھئي.
اِن تنقيد تي، يا ناول ۾ آيل ڪردارن، واقعن ۽ آخري
صورت تي، تنقيد تي، ڪنهن جو رايو ٻيو به ٿي سگھي
ٿو، پر رام پنجواڻيءَ جي ڪردارن ۽ انهن جي سوچ جي
جذباتي پھلوءَ کي ڏسبو ته کيس سندس سون سريکي دل
جو داد ڏبو. ھو ھر ڪردار ۾ خود ايترو پرجوش آھي جو
ڄڻ سندس ئي ڪھاڻي آھي. سنڌي زبان جو ھي برجستو
ناول نگار ۽ ٻيجل ھميشه ياد رھندو. رام پنجواڻي ڪو
پري بيٺل ماڻھو ڪونهي. ھو سنڌي ادب ۽ سنگيت جي
اندر سمايل آھي. چنڊ تارن ساڻ، پيھي ويو پڙلاءُ ۾!
محمد عثمان ڏيپلائي (١٩٠٨- ١٩٨١ع):
سنڌ جو ھي سماج سڌارڪ، مختلف ادبي تخليقن جو خالق
ھو. انهن ۾ ناول، ناٽڪ، افسانا، مضمون، مراسلا ۽
عبرت جھڙيون تحريرون لکڻ وارو ھو. ھو عبرت
(ھفتيوار) اخبار جو باني ھو. ڏيپلائي صاحب جا ١٠٠
کان مٿي ڪتاب شايع ٿيل آھن، جن ۾ ناول، ناٽڪ،
افسانا، مذھبي ڪتاب ڪيترن موضوعن تي ڪتاب طبعزاد ۽
ترجما شامل آھن. ھن خاص طور وڏيرن، ڪوڙن مرشدن ۽
استحصال ڪندڙ طبقن سان قلمي جنگ جوٽي. ھن جي قلمي
۽ صحافتي جدوجھد توڙي ڪشالي جو داستان ڊگھو آھي.
ڏيپلائي طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ناول سنڌي ادب ۾
يادگار ڇڏيا آھن. اڪثر ناول قسطوار پنهنجين اخبارن
۽ رسالن ۾ ڏيندو ھو، پوءِ انهن کي ڪتابي صورت ۾
شايع ڪندو ھو.
ڏيپلائي انگريز دؤر حڪومت ۾ لکڻ شروع ڪيو. ان وقت
سياسي طور ھندن سان مقابلو رھندو آيو، ان ڪري ھن
اسلام جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قلم کنيو. عرب،
ايران ۽ ٻين خطن جي حقيقي ڪردارن تي ناول لکيائين
۽ ترجمو ڪيائين. سندس ڪل ڪتاب ھڪ فھرست موجب ١٣٤
آھن. ھي فھرست ١٩٧٤ع جي آھي. ان کان پوءِ به ھو ست
سال زنده ھو ۽ لکندو رھيو(٧).
ڏيپلائيءَ جا چند ناول ھي آھن: سنگدل شھزادي، بلبل
ايران، نازنين، سمرنا، نور توحيد، نورجھان جو پٽ،
سوڊان جي سونهن، شوڪت اسلام، فتح ايران، چين جو
چنڊ، عروج اسلام، شير ايران، مجاھد مصر، مينا
بازار، قسطنطنيھ جي شھزادي، غازي احمد شاهه
ابدالي، جپاني گڏي، سانگھڙ، مصطفيٰ ڪمال، سلطان
ٽيپو، سمرقند جو صوف، غازي انور پاشا، فتح يرموڪ،
ڪوريا جي ڪنوار، مجاھدان اسلام، مسلمان عورت، امڙ،
سومناٿ جي سندري ۽ عرب جي لاڏلي وغيره(٨).
ڏيپلائيءَ جا ناول اڪثر طبعزاد ھوندي به ڪن ٻين
اردو ڪتابن جي انگن اکرن موجب لکيل آھن. سندس جوش
جذبي جي فراوانيءَ کي وساري نٿو سگھجي. ھن مڪمل
ذميداريءَ سان ھي ناول لکيا. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ
ھو ڏاھر جي ڪردار سان اختلاف ڇڏي، ان جو حامي ٿيو.
ڏاھري رنگ محل جي ڄڻ رد ۾ لکڻ لڳو. ھي دؤر
ڏيپلائيءَ وٽ سنڌيت جو دؤر ھو. نور توحيد ۽ سمرقند
جي صوف کي وساري ڏيپلائي ھر صنف ۾ سنڌ جي سورن تي
لکيو. ٻئي طرف ھو شھنشاهه جي حڪومت ڊھڻ تي خمينيءَ
کي پنهنجي ناول”انقلاب ايران“۾ پسي ۽ پسائي رھيو
ھو. سانگھڙ ۾ سامراج خلاف لکڻ وارو ھاڻي سنڌ خلاف
ٿيندڙ سامراجي سازشن کي وائکو ڪري رھيو ھو.
ڏيپلائيءَ اھو نعرو ھنيو، جنهن کي ھن حق ڄاتو.
ڏيپلائي صاحب جي نياڻي ثريا ’سوز‘ ڏيپلائي (وفات
٢٠٠٤ع) به ڪي افسانا، ڪي شعر لکيا ۽ ناول سانگھڙ
جو اردو ترجمو ڪيو. ان سان گڏ منهنجي رھبريءَ ۾
پھرين ڏيپلائيءَ جي ناول نگاريءَ تي ايم. فل ۽
پوءِ ڏيپلائيءَ جي ڪل ادبي خدمتن تي ٿيسز لکي پي
ايڇ. ڊي ڊگري حاصل ڪيائين. حقيقت ۾ ڏيپلائي ايترو
وڏو ۽ وڏي سوچ وارو ھو، جو سندس ناٽڪ، افساني ۽
صحافت تي وڌيڪ تحقيقي مقالا لکي سگھجن ٿا.
جھان آرا، عبدالرزاق عبدالسلام جو ناول آھي، جو سالن جا سال
نصاب تي رھيو. جيئن پوءِ تيئن ان ۾ آيل ڪھاڻيءَ ۽
ڪردارن کي فرسوده سڏيو ويو. ١٩٣١ع ۾ ڇپيل ھن ناول
جا نصاب سبب ٻيا ڇاپا به نڪتا.
آسانند مامتورا جا ناول”شاعر“ ۽ ”حليمان“ مقبول ٿيا. ڪھاڻيون به
لکيائين. شاعر، مامتورا ١٩٤١ع ۾ لکيو. پروفيسر
ملڪاڻي ھن ناول کي آدرشي ڄاڻي ٿو: ”آسانند مامتورا
جو تخليقي ناول”شاعر“ نڪتو، جنهن ادبي مرڪزن ۾
ھلچل آڻي ڇڏي. ھن جھڙو آدرشي ناول سنڌ ۾ ڪونه نڪتو
جو پڙھندڙن کي ڌرتيءَ جي ڌوڙ مان مٿي کڻي عرش ۾
پيو اڏائي(٩).“ ھن ناول جي منظرنگاريءَ ۽ ڪشمير
واديءَ جو ذڪر وڻندڙ انداز سان ڪيل آھي. ھن ۾
ڪھاڻي به ڪشميري دوشيزه جي پيار جي آھي. سورمي
مسلمان ۽ سورمو ھندو آھي.
سنڌيءَ ۾ ھن ناول جي نفسياتي ڪيفيت اندر جي احوالن
کي ظاھر ڪري ٿي.”شاعر“ جو ٻيو ڇاپو ١٩٨٢ع ۾
سنڌالاجيءَ شايع ڪيو. ناول جي پھرئين باب ۾ ليکڪ
ھن طرح بيان ڪري ٿو: ”ڪشمير جنت نظير جي سير تي
نڪتو ھوس. واٽ تي مريءَ ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ڊاٻو ڪيم.
پھاڙي ساوڪ جا نظارا، مختلف نقطھء نگاهه کان ڏسي،
پنهنجي دل کي مفرح ۽ ڪلپنا کي مالا مال پئي
ڪيم(١٠).“
حليمان (١٩٣٨ع)، به مامتورا جو پيار جي پچار وارو ناول آھي. ھن
۾ ھو ڪي جنسياتي مسئلا ڇيڙي ٿو. ملڪاڻي صاحب ناول
جي باري ۾ مھاڳ ۾ لکي ٿو. جنم ڀوميءَ سنڌ جي مسلم
زندگيءَ بابت ھيءُ ناول بيحد اتساهه بخشيندڙ آھي.
لکيل به عاليشان عبارت ۾ آھي.(١١)“. مامتورا، نازڪ
مسئلن کي ڇيڙڻ ۽ انهن جي نفسياتي ردعمل بابت اڪثر
کلي ڳالهه ڪري ٿو. جھوڙو ھو حليمان سان رحمان جي
قربت بابت ذڪر ڪري ٿو ۽ بيان ڪري ٿو ته دلي محبت ۽
سچا جذبا وڏي ڳالهه آھن. ان جي مقابلي ۾ نفساني
خواھشن جي ڪا حقيقت نه آھي. انساني جذبن جي اوک
ڊوک ۾ حليمان به گھڻي اھميت وارو ناول آھي.
ورھاڱي کان پوءِ:
١٩٤٧ع ۾ ملڪ جي تقسيم وڏا ويڇا وجھي ڇڏيا. سنڌي
اديب به ٻين ھندن سان گڏ سنڌ مان لڏي ويا. ڪي اڳ
ڪي پوءِ لاچار ٿي ھليا ويا. اسان جا ناول نويس،
افسانه نويس، ناٽڪ نويس، نقاد ۽ محقق ھتان ھليا
ويا. ناول لکڻ وارا به ٻن حصن ۾ ورھائجي ويا. ناول
ورھائجي ويو. سنڌ ۾ گھٽ ھند ۾ نسبتا وڌيڪ لکجڻ
لڳو. رام پنجواڻي ۽ گوبند مالھي ھند ۾ به ناول
لکيا. انهن جو ذڪر ٿي آيو آھي”ٻين نثري صنفن سان
گڏ ھند ۽ سنڌ جي ناول نويسن چڱو پاڻ موکيو. اصلي ۽
ترجمو ٿيل ناولن جو سلسلو ھلندو رھيو. سنڌي ناول
جو ھي دؤر (١٩٤٧- ٢٠٠٤ع) اھڙو رھيو جو ھند ۽ سنڌ ۾
سنڌي ناول گھٽ آھن. ڪن ليکڪن ناول کي فقط پريم
ڪھاڻي ڄاتو ۽ فلم ۾ محبت جي منظرن وانگر ناول جي
سٽاءَ رکيائون. ان ھوندي به ناول سان گڏ ٻيون نثري
۽ نظمي صنفون به لکيائون. سندن ناولن جو ھڪ جائزو
ھن طرح ٿيندو.
ھند جي ليکڪن جي ناولن ۾ ھندو سماج جي ريتن رسمن
جھڙوڪ: ڏيتي ليتي، وڌوا وواهه، مالي پريشاني، گھرو
جيوت ۽ باھمي لاڳاپا ۽ بي جوڙ شاديون وغيره بحث
ھيٺ رھيون. ڪھاڻي ۽ ناول ڪري جيڪي ليکڪ نسبتا وڌيڪ
مقبول ٿيا ۽ معياري ڄاتا ويا اھي آھن: سندري
اتمچنداڻي، موھن ڪلپنا، لعل پشپ ۽ گنو سامتاڻي.
انهن گھڻو نالو ڪڍيو. ڪيترا اھڙا مسئلا به ناول ۾
آيا جن ھنن ناول نويسن کي قبول عام جو درجو ڏنو.
سندري اتمچنداڻي (ولادت ١٩٢٤ع، حيدرآباد)، ھاڻي پنهنجي ور اتم
سان بمبئيءَ ۾ رھندڙ برک ليکڪا ڪھاڻيون به لکيون،
پر سندس ٻن ناولن پريت پراڻي ريت نرالي ۽ ڪرندڙ
ديوارون کيس ھن ميدان ۾ اھميت ڏياري آھي. ٻئي ناول
ھند ۽ پوءِ سنڌ ۾ ڇپيا. زندگي ۽ جذبات کي ھن ناولن
۾ خوب اجاگر ڪيو آھي. انساني من ڪيترو گھرو آھي ۽
عورت جي من جو انت ڪنهن نه لڌو.
پريت پراڻي ريت نرالي (١٩٥٦ع) ۾ ھن جن ٽن ڪردارن جي وسيلي
ڪھاڻيءَ جو تاڃي پيٽو اڻيو آھي، سي آھن: موتي،
سرلا ۽ جمنا. انهن جي جذباتي زندگي ڪيئن ڪھاڻيءَ
کي پڄاڻيءَ تي آڻي ٿي. سو ھو زباني بيان ڪن ٿا.
سرلا جو من ڦري ٿو ته ھوءَ چوي ٿي: موتيءَ کي
پنهنجي گھر ۾ ويٺل ڏسي مان ته وائڙي ٿي ويس. اڄ ئي
موتيءَ جي خالي ڪيل سنگھاسن تي نارائڻ کي ويھڻ جي
اجازت ڏني اٿم- ۽ اڄ ئي موتي اچي پرگھٽ ٿيو آھي!
ھيڏانهن موتي پنهنجن خيالن جو ھيئن اظھار ڪري ٿو
ته اسين چنڊ ستارن وانگر رھي نٿا سگھون ڇا؟ منهنجا
ئي چيل اکر سرلا جي ٻن نازڪ چپن مان نڪرڻ سان ڪيڏي
نه ٺٺولي کڻي آيا!
سندريءَ جو ھي ناول ھڪ پريم ڪھاڻي آھي، پر ھيئت
ائين نرالي ۽ منفرد اٿس جو ناول جا ڇهه باب ٽن
ڪردارن جي زباني بيان ٿيا آھن. ٻيو ناول ڪرندڙ
ديوارون (١٩٥٣ع) به سندريءَ جي انداز بيان جو ھڪ
سھڻو نمونو آھي. ھي ناول گھرو جيون، ملڪ جي
ورھاڱي، مالي تڪليفن جي آڌار تي انساني من جي جذبن
جو اظھار آھي. ھڪڙو ڪردار گلاب ورھاڱي جي گھوٽالي
۽ خراب حالات لاءِ چوي ٿو: ”اڃان ڪٿي ڳالهه پئي
آھي. نئين جڳهه وٺي وڃي رھنداسين ته ھي سڌريل
الائي ڇا ڇا چوندو. مان ديويءَ تي اعتبار ئي ڪونه
ڪندو ھوس. بهرحال ورھاڱي جي پسمنظر ۽ نون مسئلن کي
منهن ڏيڻ ھن ناول جو موضوع آھي. ٻين ٻولين ۾ ترجمو
به ٿيو آھي. ٻنهي ناولن جي باھمي ڀيٽ ڪبي ته معيار
۾ پريت پراڻي ريت نرالي پھرئين نمبر تي ايندو.
موھن ڪلپنا (١٩٣٠- ١٩٩٢ع):
سنڌي زبان جو ھي يگانو ليکڪ ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو.
ورھاڱي کان پوءِ ڀارت ھليو ويو. شروع ۾ شرت چندر
جي ناولن جو ھن تي اثر رھيو. سندس ناول آوارھ ۽
لگن ۾ اھو وڌيڪ ظاھر آھي. موھن ڪلپنا جون سورميون
يگانيون آھن. سندس ٻيا ناول جن جي گھڻي اھميت ٿي
اھي آھن: عورت، زندگي، وشواس، رڃ ۽ پاڇا، پٿر جو
جگر ميڻ جي دل. ان کان سواءِ سندس ناول سرڳ جي
ڳولھا، جنهن کي ھن خود ٻارن لاءِ لکيل چيو ۽ ان جو
ھيرو سرگم به ٻار آھي. ته به سندس دوست ڪرشن راھي
جنهن جي نالي ھي ناول منسوب آھي، سو ھن ناول کي
ٻارن جو ناول مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو: ڪتاب
جو ناشر ۽ ليکڪا سندري اتمچنداڻي به ڪرشن راھيءَ
سان متفق آھن(١٢).
حقيقت ھيءَ آھي ته موھن، پشپ ۽ گني جي ٽمورتيءَ
سنڌي روايتي ادب ۾ تبديلي آڻڻ گھري، اھا ھنن جي
تخليق ڪيل ڪردارن ۾ نظر اچي ٿي. ٽئي افسانه نگار
به آھن. اتي به ھنن اِھا ڦيرگھير ڪرڻ جي تحريرن ۾
ڪوشش ڪئي. موھن ڪلپنا جون سورميون عام عورتن کان
مختلف آھن. اھي ڪن مقرر ۽ پراڻين ريتن جي پابندين
کان آزاد آھن، پوءِ کڻي ڪي اخلاقي ۽ مذھبي
پابنديون ڇونه ھجن. موھن ڪلپنا جي ويچارن سان
اختلاف ٿي سگھي ٿو، پر ھن جي تحرير جي فن ۽ معيار
جو قائل ٿيڻو پوندو. پوپٽي لکي ٿي: موھن جي ناولن
۾ نڪو پلاٽ، نڪو ڪردار اھم آھي، پر سندس ناول
جلاوطن ۾ ھن جو پيش ڪيل ڪردار مضبوط ۽ حقيقي
آھي(١٣).
ناول زندگي، سچ ته زندگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ھڪ
جوڙ آھي، ھڪ جاکوڙ ۽ جدوجھد آھي. اھا مختلف روپن ۾
موھن جي ھر تحرير ۾ آھي. زندگيءَ ۾ ان جا چٽا نقش
آھن. مختلف ڪردارن سان ھي نقش وڌيڪ چٽا ٿين ٿا.
”دنيا ۾ ڀلا پئسي جو ئي قدر ڇو آھي؟ پئسي سان ڪنهن
جي دل ته ڇا ھڪ خواب به خريد ڪري نٿو سگھجي. پريم
استري ۽ پرش کي سمپورڻ انسان بنائي ٿو، پوءِ به ان
پريم جو ملهه ڇونه آھي؟“ موھن ڪلپنا جي مڙني
تحريرن ۾ ٻولي البت ٿورڙي ھندي آميز به آھي. جيئن:
”پائڻ بعد سمرپڻ ان گھڙيءَ به ستيھ سمجھيم ٿي ۽
ھاڻ به سمجھان ٿي. تڏھن به ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ھئم.
مون آتم سمرپڻ ڪري ڇڏيو ھو.“
موھن ڪلپنا بلاشڪ سنڌيءَ جو ھڪ وڏو ليکڪ ۽ ناول
نگار آھي. ھن جي ادبي ڪٿ ۽ پرک ڪرڻ لاءِ اڃان گھڻو
ڪجهه لکڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي.
لعل پشپ: سنڌي ادب ۾ ھڪ بيباڪ شخص جو نالو لعل پشپ آھي. ھن جون
ڪھاڻيون، ناول، آتم ڪھاڻي ۽ ھاڻي ھڪ تخليق مضمون
”ـــــ“ (نالو مون ڄاڻي ٻجھي نه لکيو آھي. جاءِ
خالي ڇڏي اٿم). ھي تخليقي مضمون لکي لعل، بقول
ڪملا گوڪلاڻي، ”خود کي ھلڪو ڪرڻ جو واهه جو ذريعو
خلقيو اٿئي(١٤).“ ڏھن کان وڌيڪ ڪھاڻين جي مجموعن
جو خالق، لعل پشپ ڇھن ناولن جو خالق به آھي. اڃان
به تخليق ۽ تحرير جي عمل ۾ يگانو ليکڪ آھي. زبان ۽
بيان ۾ ڇوٽ، بي ڊپو ۽ تز لفظ ڪم آڻڻ وارو لعل
سنڌيءَ جو ھڪ مڃيل ليکڪ آھي.
لعل پشپ جو پھريون ناول آتم مريادا، پنهنجي سورن
جي ساٿي ڪويتا سان گڏجي لکيل آھي. ھي ناول ١٩٦٢ع ۾
نڪتو. ان کان پوءِ ھڪ سرد ديوار ١٩٦٩ع ۾، ۽ ھن جي
آتم جو موت ١٩٧٣ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي کيس ساھتيھ
اڪادمي طرفان انعام مليو. ان کان سواءِ لعل جا
ناول”تڏھن ۽ ھاڻي“ (١٩٧٥ع)، اھا ديوار آسمان تائين
(١٩٨١ع) ۽ ڪڇ نه ٿيڻ جو حادثو (١٩٨٢ع) ڇپيا. ”ھن
جي آتم جو موت“ تي نقادن جو ڌيان وڌيڪ رھيو. اِھو
محسوس ڪيو ويو ته ھن شعور جي ڌارا جو سھارو ورتو.
ناول جي ڪردار ڪافور کي ڳالهه ڪندي کاٻي اک ٻوٽڻ
جي عادت آھي. ناول انسان کي درپيش خطرن جي نشاندھي
ڪري ٿو. اھي خطرا ڀارت جي سنڌي جاتيءَ کي به درپيش
رھيا. کين پيرن تي بيھڻ لاءِ وقت لڳو. ڪافور
پنهنجي عادت کان مجبور آھي. ھن کي دوست جي سچائيءَ
۾ به شڪ پوي ٿو. ڪافور ٻين ڪردارن کي ھڪ خاص
پسمنظر ۾ ڏسي ٿو. انهن ۾ کيئل ۽ ھن جو لباس اکين
اڳيان اٿس. ھنن ڳالھين ”ھن جي آتم جو موت“ کي ھڪ
منفرد ناول بنايو آھي.
”ھڪ سرد ديوار“ کي پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ ھڪ
ھستيوادي ناول سڏيو آھي. ناول جي ڪھاڻي ڪٿي ڊيگهه
جو شڪار به رھي آھي. سورمو لکنؤ ۾ ھڪ ڇوڪريءَ سان
ملي ٿو. پريمين جا دلي جذبا ظاھر ٿين ٿا. آخر ۾
ناول جو ھيرو لکنؤ کان دھلي وڃي ٿو ۽ گذريل ڏينهن
کي ياد ڪري ٿو. لعل پشپ حقيقت پسنديءَ جي منظرن کي
ھمت سان چٽيو آھي. اھي اخلاق جي ٺيڪيدارن کي ڪونه
وڻندا ته جن کي وڻن ٿا وڻن ٿا. ناول نگار حقيقت
بيان ڪندي لڪ ڇپ نه رکي آھي.
ائين ڏسبو ته لعل ادب/ ساھتيه
جو مڪمل شعور رکي ھت پير پاتو آھي. ھن جا ناول اھو
ظاھر ڪن ٿا (١٥).
گنو سامتاڻي، سنڌي ڪھاڻيءَ/
افساني جو به وڏو نالو آھي. سندس ناول”واپس“ ١٩٥٣ع
۾ ڇپيو. ھن جي تحرير ۾ اثر آھي. ڪردار ناول جي
ڪھاڻيءَ کي پڄاڻيءَ تائين آڻيندي گفتگو ۽ عمل جو
ھڪ سلسلو قائم ڪن ٿا.
سڳن آھوجا (١٩٢١- ١٩٦٦ع):
ھڪ ترقي پسند شاعر طور ڄاتو ويو. سندس ناول”ڪنول
جاڳي اٿيا“ (١٩٦٦ع) آھي. ناول جو تت پنهنجي لکيل
مھاڳ ۾ ڏنو اٿس، جنهن ۾ ھڪ ماءُ پٽ لاءِ ھڪ سچو
بهادر يا ايشور ڀڳت ٿيڻ جي تمنا ڪري ٿي. پٽ بمبئي
وڃي ست سال رھي ٿو. ھو آدرشي آھي ۽ ڳوٺ جي ماڻھن
کي جيئڻ سيکارڻ جو عزم ڪري ٿو. انهيءَ وچ ۾ ملڪ جو
ورھاڱو ٿيو. شيام ھن ناول جو سورمو آھي. ناول پڙھڻ
سان اھو به معلوم ٿئي ٿو ته انسان سماجي ۽ معاشي
ٻنڌڻن ۾ ايترو جڪڙيل آھي جو آدرشن واري ڳالهه اڌ ۾
رھجي وڃي ٿي. نتيجو ھي آھي جو ناول جي آخري پئرا ۾
جھلڪي پيو: ”شيام اسين رڳو ھڪ ٻئي کي اتساھت پيا
ڪريون. باقي اسان جي اڳيان پٺيان ۽ وچ ۾ حالتون
آھن، جي ئي انسان کي بڻائڻ ۽ جيئڻ ۾ رڪاوٽون بڻجن
ٿيون.
آنند ٽھلراماڻيءَ جو ناول بي داغ ديوتا (١٩٨٤ع)، ھڪ سماجي ناول
آھي. ان کان اڳ آنند جو ناول نرس (١٩٥٦ع) شايع
ٿيو. ترجمي ۾ آڀا ھندي مان ڪيائين. آنند
ٽھلراماڻيءَ جو نالو ڪھاڻين ۾ به اچي ٿو.
لکمي کلاڻي (ھاءِ منهنجي دل)، پوپٽي ھيراننداڻي
(سيلاب زندگيءَ جو)، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي (ٽي
ننڍا ناول گڏ به جدا به: اھي رشتا ناتا، پيلي بتي
۽ ڪوٺ)، شيوو رامناڻي (گمان، واياڻي ۽ ٻهروپي) داس
طالب (چيخ)، شيام جئسنگھاڻي (ڪچا ڌاڳا ۽ کاھيءَ جي
چؤطرف) آنند کيماڻي (ھڪ شخص جي واسنا)، موھن ديپ
(سرڳ منهنجي ٻانهن ۾)، ڪمل ڪيولراماڻي، لڇمڻ ساٿي،
چندو لعل جئسنگھاڻي، ھري ھمٿاڻي، ڄيٺانند لعلواڻي،
منو تولارام، آنند گولاڻي، پرم آبيچنداڻي، وشنو
ڀاٽيا ۽ ڪي ٻيا ناول نويس آھن جي ڳڻپ ۾ اچن ٿا.
اصلوڪن ناولن ۾ ٻيا به آھن، جن جي ناولن بابت ٻه
اکر: ”اھي آھن ڪرشن کٽواڻي ۽ ڪلاپرڪاش. ڪرشن جا
ناول، منهنجي مٺڙي سنڌ، امر پيار ۽ ياد ھڪ پيار
جي، ھت بحث ھيٺ آھن. ڪرشن کٽواڻي پيار جو بيان ھر
حال ۾ ڪري ٿو. ان ۾ سنڌ جو پيار اتم درجي تي آيو.
”منهنجي مٺڙي سنڌ“ ان پيار جو پرتوو آھي. کٽواڻي
وري سنڌ آيو، پوءِ ته دل ڦاٽي ٻه اڌ ٿي پيس. ھڪ اڌ
ٺاروشاهه ۾ رھيو ھڪ انڊور ۾. ورھايل انسان پيار جا
جذبا دل ۾ رکيا، جيڪي تحريرن ۾ ظاھر ٿيا.
ڪلاپرڪاش (ولادت ١٩٣٤ع):
موتي پرڪاش جي جيون ساٿي، ھن ليکڪا ناول ۽ ڪھاڻيءَ
جي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آھي. سندس ناول ھڪ دل ھزار
ارمان، ھڪ سپنو سکن جو، شيشي جي دل، حياتي ھوتن ري
۽ سپنن جو سنسار، مشھور ٿيا. ڪلا جا ناول پيار ۽
سماج جي چؤگرد پيا ڦرن. ھن جي تحرير ۾ جيڪو جوش ۽
جذبو سمايل آھي، تنهن ۾ خوبصورت لفظن ۽ جملن جو
گھڻو دخل آھي. ”سپنن جو سنسار“ جي ابتدا ھن آدرشي
پئرا سان ٿئي ٿي: ”جوالا مکيءَ وانگر ڀڙڪندڙ سندس
اھو روشن روپ چڱيءَ طرح ياد اٿم. منهنجي منهن ۾
نهاري چيائين: ننڍپڻ کان وٺي سکيا ٿي ملي ته سٺو
ٿجي، سچ ۽ نيڪيءَ جي واٽ وٺجي.“
ڀارت ۾ ٻين ٻولين مان ترجما به گھڻا ٿيا آھن. انهن
جي ڊگھي فھرست
آھي. ھن ھيٺ انهن ليکڪن جي ناولن جي مختصر فھرست
آھي، جن گذريل پنجاهه سالن ۾ گھڻو اثر ڇڏيو. اھي
خاص طور ڪرشن چندر ۽ امرتا پريتم آھن:
١- پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون: ڪرشن چندر، سندري.
٢- ھمسفر: امرتا پريتم، لڇمڻ ساٿي.
٣- ھڪ سسئي سؤ سور: امرتا پريتم، سندري.
٤- پيار جو پکيئڙو: امرتا پريتم، لڇمڻ ساٿي.
٥- ساٿي: يشپال، گوبند مالھي.
مون کي احساس آھي ته ڀارت ۾ سنڌيءَ ۾ اڃان به
ڪيترا طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ناول آھن، جي فھرست ۾
اچي سگھن ٿا. بهرحال قدري تفصيلي جائزا ٿي چڪا
آھن.
ھاڻي سنڌ ۾ ورھاڱي کان پوءِ جي ناولن تي ھڪ نظر.
سنڌ ۾ ناول جي روايت ڪن ناولن کي ڇڏي ايتري مضبوط
۽ مؤثر ناھي، جيتري ڀارت واسين سنڌي ناول نگارن وٽ
آھي. ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ سراج ۽ آغا سليم کان
سواءِ ٻين ناول نگارن اڪثر ٺلھيون اڀ ۾ تراريون
ھنيون آھن. طبعزاد ناولن جي مقابلي ۾ ترجما جڳ
مشھور ناول نگارن جا ڪيل آھن.
طبعزاد ناولن ۾ قوم پرستيءَ جي پسمنظر ۾ سراج ۽
آغا سليم جا ناول نهايت معياري آھن. انهن کي ناول
چئي سگھجي ٿو. ھونئن بيشتر سنڌي ناول پريم ڪھاڻيون
محسوس ٿين ٿيون، جن جو پڳدار ناول، لله بخش ٽالپر
جو ”پرديسيءَ جو پيار“ آھي. |