سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :9

ميرزا سڪندر علي بيگ سڪندر

محفل ۾ ته اڄ مونکي ڏسڻ شرط

هن پاڻ اُٿي مونکي ڏنو جام

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

محفل م

ته اڄ موکـ

ڏسڻ شرط

هن پاڻ

اُٿي موکـ

ڏنو جام

اخرب

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ مونکي جا نون ۽ ي ڪيرائڻ جائز آهن.

22 – هزج مسدس اخرب مڪفوف محذوف:- مفعول مفاعيل فعولن.

ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ مدد

دل ئي نه رهي آس ٿي ڪهڙي

وڍجي هي ويو نخل تمنا

مفعول

مفاعيل

فعولن

دل ئي نه

رهي ا ا س

ٿـ ڪهڙي

وڍجي هه

ويو نخل

تمنا

اخرب

مڪفوف

محذوف

مٿين تقطيع ۾ ٿي جي ي، هي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

نوٽ: بحر هزج مسدس اخرب مڪفوف مقصور ۽ هزج مسدس اخرب مڪفوف محذوف جو هڪ ئي غزل ۾ گڏ آڻڻ صحيح آهي.

23 – هزج مسدس اخرب مقبوض محذوف الاخر: مفعول مفاعلن فعولن.

مخدووم طالب الموليٰ سائين

هر شاخ ۾ آ شگوفه ڪاري

ثمره ته قلم جو حمد باري

مفعول

مفاعلن

فعولن

هر شاخ

م ا ا شگو

فـ ڪاري

ثمره ته

قلم جـ حم

د باري

اخرب

مقبوض

محذوف

مٿين تقطيع ۾ جي، جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

24 – هزج مسدس اخرب مقبوض مقصور الاخر: مفعول مفاعلن مفاعيل.

ميرزا عباس علي بيگ عباس

فرهاد سان همسري ڪري ڪير

سر ساهه ائين ڏئي مري ڪير

مفعول

مفاعلن

مفاعيل

فرهاد

سـ همسري

ڪري ڪير

سر ساهه

ائي ڏئي

مري ڪير

اخرب

مقبوض

مقصور

مٿين تقطيع ۾ ائين جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.

25 – هزج مسدس اخرم اشتر مخذوف الاخر: مفعولن فاعلن فعولن.

مخدوم زاده محمد امين فهيم

تڙڦي تڙڦي ته ڏينهن ڪاٽيم

آفت جي رات سر تي آئي

مفعولن

فاعلن

فعولن

تڙڦي تڙ

ڦي ته ڏي

ه ڪاٽم

ا ا فت جي

رات سر

ت ا ا ئي

اخرم

اشتر

محذوف

مٿين تقطيع ۾ ڏينهن جا ٻئي نون، تي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

26 – هزج مسدس اخرم اشتر مقصور الاخر: مفعولن فاعلن مفاعيل.

ڊاڪٽر علي احمد قاضي ”علي“

محفل ۾ هن جي ئي اچڻ شرط

روشن ٿي اڄ مراد جي شمع

مفعولن

فاعلن

مفاعيل

محفل ۾

هن جـ ئي

اچڻ شرط

روشن ٿي

اڄ مرا

د جي شمع

اخرم

اشتر

مقصور

مٿين تقطيع ۾ جي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

نوٽ الف: هزج مسدس اخرب مقبوض مقصور (مفعول مفاعلن مفاعيل) يا هزج مسدس اخرب مقبوض محذوف (مفعول مفاعلن فعولن) جو هزج مسدس اخرم اشتر مقصور (مفعولن فاعلن مفاعيل) سان گڏ هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي.

نوٽ ب: هزج مسدس اخرب مقبوض مقصور يا هزج مسدس اخرب مقبوض محذوف جو هزج مسدس اخرم اشتر محذوف (مفعولن فاعلن فعولن) سان گڏ هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ جائز آهي.

27 – هزج مسدس اشتر محذوف الاخر: فاعلن فاعلن فعولن.

مخدوم زاده خليق الزمان

ٿي وئي يار کان جدائي

رات سورن جي سر تي آئي

فاعلن

فاعلن

فعولن

ٿي وئي

يار کان

جدائي

رات سو

رن جـ سر

ت ا ا ئي

مٿين تقطيع ۾ جي ۽ تي جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

28 – هزج مسدس اشتر مقصور الاخر:فاعلن فاعلن  مفاعيل.

مخدوم طالب الموليٰ سائين

مئي سا ڏي جا هجي اولوالعزم

جنهن کي پي اڄ سنواريان بزم

فاعلن

فاعلن

مفاعيل

مي سا ڏي

جا هجي

الوالعزم

جهه ک پي

اڄ سوا

ريا بزم

اشتر

اشتر

مقصور

مٿين تقطيع ۾ مئي جو همزه، سا جو الف، الوالعزم جا ٻه واؤ ۽ الف، جنهن جا مخلوط نون، کي جي ي، سنواريان جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.

29 – هزج مسدس مڪفوف مقصور:- مفاعيل مفاعيل مفاعيل.

ميرزا علي بخش بيگ ”ڪوثر“

روا مونتي ڪري ظلم و ستم يار

نگاهن جا ته اڇلائي نه هڻ تير

مفاعيل

مفاعيل

مفاعيل

روا موت

ڪري ظلم

ستم يار

نگاهن جو

ته اڇلاء

نه هڻ تير

مڪفوف

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ مون تي جو، ن ۽ ي، جا جو الف ۽ اڇلائي جي، ي ڪيرائڻ جائز آهن، ۽ ظلم و ستم جو واؤ عطف پڻ ڪيرائڻ صحيح آهي.

30 – هزج مسدس مڪفوف محذوف: مفاعيل مفاعيل فعولن.

ميرزا علي محمد بيگ مظفر

ڪري قرب ته لهه سار سڄڻ اڄ

هلي آءُ نه ڪر عار سڄڻ اڄ

مفاعيل

مفاعيل

فعولن

ڪري قرب

ته لهه سار

سڄڻ اڄ

هلي ا ا ء

نه ڪر عار

سڄڻ اڄ

مڪفوف

مڪفوف

محذوف

31 – هزج مسدس اخرب مڪفوف سالم:- مفعول مفاعيل مفاعيلن.

مخدوم طالب الموليٰ سائين

رسوا نه منکي عشق ڪيو هن جي

پر دؤر زماني جي ڪيو رسوا

مفعول

مفاعيل

مفاعيلن

رسوا نه

مکي عشق

ڪيو هنجي

پر دؤر

زماني جه

ڪيو رسوا

اخرب

مڪفوف

سالم

مٿين تقطيع ۾ منکي جو، نون ۽ جي جي، ي ڪيرائڻ جائز آهي.

32 – هزج مربع سالم:- مفاعيلن مفاعيلن

آخوند محمد عالم

خدا توکي وطن واري

ٿو توکي مصطفا ساري

حسن تولئي هنجون هاري

ڪڏهن ايندي وري بابا

مفاعيلن

مفاعيلن

خدا توکي

وطن واري

ٿـ توکي مص

طفا ساري

حسن تولي

هجو هاري

ڪڏهه ايدي

وري بابا

مٿين تقطيع ۾ ٿو جو واءُ، لئي جو همزه، هنجون جا ٻئي نون، ڪڏهن جو نون، ايندين جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.

33 – هزج مربع مقبوض:- مفاعلن مفاعلن

اسد الله شاه بيخود

جتي ڪٿي بهار آ

بغل ۾ سڀ جي پيار آ

مفاعلن

مفاعلن

جتي ڪٿي

بهار ا ا

بغل ۾ سڀ

جي پيار ا ا

مقبوض

مقبوض

مٿين تقطيع ۾ جي، ۽ پيار جي، ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

34 – هزج مربع اخرب سالم الاخر:- مفعول مفاعيلن.

شعبان ”بخت“

حورن جي حڪايت ۾

فردوس ۾ جنت ۾

مفعول

مفاعيلن

حورن جـ

حڪايت ۾

فردوس

۾ جن نت ۾

اخرب

سالم

مٿين تقطيع ۾ جي جي، ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

35 – هزج مربع اخرب محذوف:- مفعول فعولن.

مصنف

ٿي مون سان عداوت

هن چرخ ڪهن جي

مفعول

فعولن

ٿي موس

عداوت

هن چرغ

ڪنهن جي

اخرب

محذوف

مٿين تقطيع ۾، سان جو الف ۽ نون شمار نه ڪيو ويو آهي.

36 – هزج مربع اخرب مقصور:- مفعول مفاعيل.

مخدوم زاده خليق الزمان

ڪر عار نه تون يار

لهه جلد سندم سار

مففول

مفاعيل

ڪر عار

نه تو يار

لهه جلد

سدم سار

اخرب

مقصور

نوٽ:- هزج اخرب محذوف ۽ هزج اخرب مقصور جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ جائز آهي جيئن ته:-

ميرزا عباس علي بيگ عباس

گهرجي ته رکون ڄاڻ

ڪا شعر جي فن جي

مفعول

مفاعيل

+

مفعول

مفاعيل

گهرجي ته

رکو ڄاڻ

 

ڪا شعر

جـ فن جي

اخرب

مقصور

 

اخرب

محذوف

مٿين تقطيع ۾، رکون جو نون، ۽ جي جي ي شمار نه ڪئي ويئي آهي.

37 – هزج مربع مڪفوف مقصور: مفاعيل مفاعيل.

قبله مخدوم طالب الموليٰ

سندم جان و جگر قلب

کسيا ترڪِ پريزاد

مفاعيل

مفاعيل

سدم جان

جگر قلب

کسا ترڪ

پريزاد

مڪفوف

مقصور

مٿين تقطيع ۾ سندم جو، نون ۽ کسيا جي، ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

38 – هزج مربع اشتر مقبوض: فاعلن مفاعلن.

ميرزا عباس علي بيگ ”عباس“

منهنجو رهنما علي

منهنجو پيشوا علي

فاعلن

مفاعلن

مهجـ ره

نما علي

مهجـ پي

شوا علي

اشتر

مقبوض

مٿين تقطيع ۾ منهنجو جا ٻئي نون ۽ واءُ شمار نه ڪيا ويا آهن.

بحر رمل

رمل جي لغوي معنيٰ آهي ڊوڙڻ ۽ گهوڙي وانگر پنڌ هلڻ. جيئن ته هي بحر پڻ جلدي ۽ تڪڙو پڙهيو ويندو آهي، ان ڪري هن کي رمل چون ٿا، ڪن هن بحر جي وجه تسميه اها لکي آهي ته رمل جي لغت ۾ معنيٰ آهي تڏو اُڻڻ. جيئن ته هن بحر جي رڪن ۾ اڳيان ۽ پويان سبب خفيف ۽ وچ ۾ وتد مجموع آهي ۽ وتد رسي کي چيو وڃي ٿو، يعني سبب کي وتد سان اُڻيو ويو آهي. انهي مناسبت کان هن بحر جو نالو رمل رکيو ويو آهي. هن بحر جا زحاف فاعلاتن جي فروع ۾ ڏيکاريل آهن.

1 – رمل مثمن سالم:- فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن.

ميرزا عباس علي بيگ ”عباس“

رحمت للعالمين ورهنما ظاهر ٿيو اڄ

افتخارِ اوليا و انبيا ظاهر ٿيو اڄ

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

رحمتل لل

عالمينو

رهنما ظا

هر ٿيو اڄ

افتخاري

اوليا او

امبيا ظاهر

هر ٿيو اڄ

سالم

سالم

سالم

سالم

2 – رمل مثمن مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلات.

ميان امداد عباس ”فدا“ سرشاري:

جوهري کي ٿي رهي هر وقت جوهر جي تلاش

عاشقِ مهجور کي ڏس پنهنجي دلبر جي تلاش

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

جوهري کي

ٿي رهي هر

وقت جوهر

جي تلاش

عاشقي مهه

جو رکي ڏس

پهجه دلبر

جي تلاش

سالم

سالم

سالم

مقصور

مٿين تقطيع ۾ پنهنجي جا ٻئي نون ۽ ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

3 – رمل مثمن محذوف:فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن.

مخدوم پير غلام رسول ”هالا“

مومنا اڄ نفس لولاڪِ لما پيدا ٿيو

واسطي جنهن نفس جي ارض و سما پيدا ٿيو

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

مومنا اڄ

نفس لولا

ڪي لما پي

دا ٿيو

واسطي جهه

نفس جي ار

ضو سما پي

دا ٿيو

سالم

سالم

سالم

محذوف

مٿين تقطيع ۾ جنهن جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن. لولاڪ جي ڪ کي ايترو وڌائي پڙهيو ويو جو ڪي جو آواز ڏنائين.

نوٽ بحر رمل مثمن مقصور ۽ بحر رمل مثمن محذوف جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي – ڪي عروض جا ماهر فاعلات جي بدران فاعلان، نون اعلان سان ڪتب آڻيندا آهن.

4 – رمل مثمن مخبون: فعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلاتن.

مرزا علي بخش بيگ ”ڪوثر“

گنهه و جرم جي هوندي به ڪرين رزق عطا تون

نه سندء لطف کان محروم خطاڪار نه مشرڪ

فعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

گنهو جر

م جـ هودي

به ڪري رز

ق عطا تو

نه سدي لط

ف کـ محرو

م خطا ڪا

ر نه مشرڪ

مخبون

مخبون

مخبون

مخبون

مٿين تقطيع ۾ جي، جي ي، هوندي جو نون، ڪرين جو نون، تون جو نون، سند ئي جو همزه ۽ ي، کان جو الف ۽ نون ڪيرائڻ جائز آهن.

5 – رمل مثمن مخبون مقصور:فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات.

مير عبدالحسن خان سانگي

ناهي سا چشم جا هن درد کان خونبار نه آه

جا ڪا ناهي جا هن غم ۾ گرفتار نه آه

فاعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

فعلات

ناهه سا چشـ

م جـ هن در

د کـ خو با

ر نه ا ا ه

جان ڪانا

هه جـ هن غم

م گرفتار

ر نه ا ا ه

سالم

مخبون

مخبون

مقصور

مٿين تقطيع ۾ ناهي جي ي، جا جو الف، کان جو الف ۽ نون، خونبار جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

6 – رمل مثمن مخبون محذوف:فاعلاتن فاعلاتن فعلاتن فعلن.

قبله مخدوم طالب الموليٰ

گنج قارون نه کپي دولت ديدار کپي

دولت غم نه کپي همدم و غمخوار کپي

فاعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

فعلن

گنج قارو

نه کپي دو

لت ديدا

ر کپي

دولتي غم

نه کپي هم

دم غمخا

ر کپي

سالم

مخبون

مخبون

محذوف

مٿين تقطيع ۾ دولت جي ت تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين انڪري تقطيع ۾ دولتي ڪري لکيو ويو ۽ قارون جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

7 – رمل مثمن مخبون محذوف مقطوع:فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن.

تاج بلوچ

بوءِ گل، مشڪِ ختن ڇا نه پشيمان ٿيندا

دوش تنهنجي تي جڏهن زلف پريشان ٿيندا

فاعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

فعلن

بوءِ گل مش

ڪ ختن ڇا

نه پشيما

ٿيدا

دوش تهجي

تـ جڏهـ زل

فـ پريشا

ٿيندا

سالم

مخبون

مخبون

محذوف مقطوع

مٿين تقطيع ۾ پشيمان، پريشان، جڏهن، تنهنجي ۽ ٿيندا جا نون شمار نه ڪيا ويا آهن.

8 – رمل مخبون مقصور مشعث:فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات يا فعلان.

هري درياني دلگير

بڻجي پيو منهنجو سهارو اڄ رات

منهنجي ڪشتي  کي سڏي ويٺو ڪنارو اڄ رات

فاعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

فعلات

بڻجـ طوفا

ن پيو مهه

جـ سهارو

اڄ رات

مهجـ ڪشتي

کـ سڏي وي

ٺ ڪنارو

اڄ رات

سالم

مخبون

مخبون

مقصور مشعث

مٿين تقطيع ۾ بڻجي، کي جون ي، ويٺو جو واءُ ۽ منهنجو ۽ منهنجي جا نون، واءُ ۽ ي شمار نه ڪيا ويا آهن.

نوٽ:- رمل مثمن مخبون مقصور (فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات)، رمل مثمن مخبون محذوف (فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن)، رمل مثمن مخبون محذوف مقطوع (فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن) ۽ رمل مثمن مخبون مقصور مشعث (فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلات). مٿين چئني بحرن جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي. رمل مثمن مخبون ۾ صدر – ابتدا ۽ حشو جي جاءِ تي فعلاتن جي بدران تسڪين اوسط جي ذريعي مفعولن ڪتب آڻڻ جائز آهي. تسڪين ٺاهڻ جو قاعدو هي آهي ته جتي هڪ ٻي پٺيان ٽي حرف لڳاتار متحرڪ هجن ته وچ واري متحرڪ حرف کي ساڪن بنائي ڇڏجي. انهي کي تسڪين اوسط چون ٿا. مثلاً فعلاتن – ڪنهن وقت فعلاتن کي تسڪين اوسط سان مفعولن ٺاهيو ويندو آهي.

9 – رمل مثمن مشڪول:فعلات فاعلاتن فعلات فاعلاتن.

محمد بخش واصف

نه ويهي سگهان ٿو ساعت نه وڃي سگهان ٿو اُن وٽ

چڱو هو جي صبر واري دل بيقرار ٿي ها

فعلات

فاعلاتن

فعلات

فاعلاتن

نه وهي سـ

گها ٿ ساعت

نه وڃي سـ

گهاٿ اُنوٽ

چڱـ هو جـ

صبر واري

دل بيقـ

رار ٿي ها

مشڪول

سالم

مشڪول

سالم

مٿين تقطيع مان سگهان جو نون، ٿو جو واو، چڱو جو واو، جي، جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.

10 – رمل مثمن مشعث:مفعولن مفعولن مفعولن مفعولن.

ميرزا فتح علي بيگ ”فتح“

تهه دل سان هر دم تون ڪر حيدر جي مدحت

شاه دو عالم مير ڪوثر جي مدحت

مفعولن

مفعولن

مفعولن

مفعولن

تهه دل سا

هر دم تو

ڪر حيدر

جي مدحت

شاهي دو

عالم ميـ

ري ڪوثر

جي مدحت

مشعث

مشعث

مشعث

مشعث

مٿين تقطيع ۾ شاه جي ه ۽ مير جي ر تي اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو، ي جو آواز ڏنائين ان ڪري تقطيع ۾ شاهي ۽ ميري لکيو ويو ۽ سان ۽ تون جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

11 – رمل مثمن مخبون مشعث:فعلاتن فعلاتن فعلاتن مفعولن.

ميرزا سلطان حيدر بيگ

هي اُها دل ٿي سٺو جنهن نه ڪڏهن ڪو ڏک غم

ٿي ويئي نيٺ اُها تيغِ قضا سان اٺ گهائل

فعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

مفعولن

هـ اُها دل

ٿـ سٺو جهـ

نه ڪڏهـ هو

ڪو ڏک غم

ٿـ وئي نيـ

ٺـ اُها تيـ

غ قضا سا

اڄ گهائل

مخبون

مخبون

مخبون

مشعث

مٿين تقطيع ۾ هي جي ي، ٿي جي ي، جنهن جا ٻئي نون، ڪڏهن جو نون ۽ سان جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

12 – رمل مسدس سالم:فاعلاتن فاعلاتن فعلاتن.

سيد فاضل شاه

جي پٺيرا پرت کان پاپي پون ٿا

ڇن اُنهن کان سڱ سياڪا ڇانگ تون ڇڏ

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

جي پٺيرا

پرت کا پا

پي پون ٿا

ڇن اُنن کا

سڱ سياڪا

ڇا تو ڇڏ

سالم

سالم

سالم

مٿين تقطيع ۾ اُنهن جي هه، کان جو نون ۽ ڇانگ جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.

13 – رمل مسدس مقصور: فاعلاتن فاعلاتن فاعلات.

شيخ اياز

جيڪڏهن ڪو جلوهء مستور آهه

دور، شيخ و برهمن کان دور آهه

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

جيڪڏهـ ڪو

جلو ئي مس

تور ا ا هه

دور شيخو

برهمن کا

دور ا ا هه

سالم

سالم

مقصور

مٿئين تقطيع ۾ جيڪڏهن جو نون، جلوه جي هه ڪيرائڻ جائز آهن ۽ جلوه جي همزه کي ايترو وڌائي پڙهيو ويو جو، ي جو آواز ڏنائين.

14 – رمل مسدس محذوف: فاعلاتن فاعلاتن فاعلن.

ميرزا قليچ بيگ

ٿو مسبّب کان اَچي سڀڪو سبب

ڇڏ سبب کي تون سبب کي طلب

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

ٿو مسبب

کا اچي سڀ

ڪو سبب

ڇڏ سبب کي

تو مسبب

کي طلب

سالم

سالم

محذوف

مٿئين تقطيع ۾ کان ۽ تون جا نون شمار نه ڪيا ويا آهن.

15 – رمل مسدس مخبون: فعلاتن فعلاتن فعلاتن.

مخدوم زاده امين فهيم

نه سندم يار خبر چار لهي ٿو

نه وري ياد ڪري سار لهي ٿو

فعلاتن

فعلاتن

فعلاتن

نه سدم يا

ر خبر چا

رلهي ٿو

نه وري يا

دڪري سا

رلهي ٿو

مخبون

مخبون

مخبون

مٿئين تقطيع ۾ سندم جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.

16 – رمل مسدس مخبون مسبغ:فاعلاتن فاعلاتن فعليان.

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل

شور جو منهنجي ڏسي باغ ۾ انداز

پوءِ ته بلبل جو به نڪري نه ڪو آواز

فاعلاتن

فعلاتن

فعليان

شور جو مهـ

جـ ڏسي با

غ م انداز

پو ته بلبل

جه به نڪري

نه ڪ ا اواز

سالم

مخبون

مسبغ

مٿئين تقطيع ۾ منهنجي جا ٻئي نون ۽ ي، جو ۽ ڪو جا واؤ ڪيرائڻ جائز آهن.

17 – رمل مسدس مخبون مقصور: فاعلاتن فعلاتن فعلات.

ميرزا عباس علي بيگ عباس

تا ڪجا لب تي سندم نامِ شراب

ساقيا ڏي ڪو ڀري جامِ شراب

فاعلاتن

فعلاتن

فعلات

تا ڪجا لب

ته سدم نا

م شراب

ساقيا ڏي

ڪ ڀري جا

م شراب

سالم

مخبون

مخبون مقصور

مٿين تقطيع ۾ تي جي ي، سندم جو نون ۽ ڪو جو واءُ ڪيرائڻ جائز آهي.

18 –  رمل مسدس مخبون محذوف:فاعلاتن فعلاتن فعلن.

مخدوم  زاده خليق الزمان

رات گهر منهنجي اچي رشڪِ قمر

بس ڏئي مون کي ويو داغِ جگر

فاعلاتن

فعلاتن

فعلن

رات گهر مهـ

جـ اچي رشـ

ڪ قمر

بس ڏئي مو

کـ ويو دا

غ جگر

سالم

مخبون

محذوف

مٿين شعر جي تقطيع ۾ منهنجي جا ٻئي نون ۽ ي، جو جو واؤ ۽ مون کي جو نون ۽ ي ڪيرائڻ جائز آهن.

19 – رمل مسدس مخبون مقصور مشعث: فاعلاتن فعلاتن فعلات.

مولوي عبدالرحمان ضيائي

دور ڪر دل مان دوئي وارو دود

هر طرف آهي، اهو ئي مشهود

فاعلاتن

فعلاتن

فعلات

دور ڪر دل

م دئي وا

رو دود

هر طرف ا ا

هه اهو ئي

مشهود

سالم

مخبون

مقصور مشعث

مٿين تقطيع ۾ دوئي جو واء ۽ آهي جي، ي شمار نه ڪئي وئي آهي.

20 – رمل مسدس مخبون مقطوع:فاعلاتن فعلاتن فعلن.

مصنف

هو چوي ٿو ته عداوت آهي

مان چوان ٿو ته محبت آهي

فاعلاتن

فعلاتن

فعلن

هو چوي ٿو

ته عداوت

ااهي

مان چوا ٿو

ته محبت

ااهي

مٿين تقطيع ۾ مان ۽ چوان جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.

نوٽ:- مٿي ذڪر ڪيل بحرن جي صدر ۽ ابتدا ۾ سالم ۽ مخبون پڻ عروض ۽ ضرب ۾ به مقصور ۽ محذوف جو گڏ آڻڻ صحيح آهي ۽ فعلاتن کي هر هنڌ تسڪين اوسط سان مفعولن ٺاهي ڪتب آڻڻ پڻ صحيح آهي.

21 – رمل مربع سالم: فاعلاتن فاعلاتن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org