سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :7

ضروري نوٽ

نون غنه بابت عروضين ۾ اختلاف آهي. ان سلسلي ۾ خواجه عشرت لکنوي لکي ٿو ته نون غنه تقطيع ۾ ڪوبه وزن نٿو رکي، ڇاڪاڻ ته عربي ۾ غنه جو ڪوبه وجود نه آهي. ان ڪري مفاعيلان (رڪن مسبغ) ۾ نون کي غنه سمجهڻ سراسر غلطي آهي. ڇو جو عروض جا ٺاهيندڙ اهلِ عرب آهن ۽ مفاعيلان ۾ نون ساڪن اعلان سان آهي ۽ تقطيع ڪرڻ وقت اهڙو ساڪن حرف آڻڻ گهرجن جيڪو ڳالهائڻ وقت آواز ڏيندو هجي، ليڪن ڪي عروضي ان راءِ سان متفق نه آهن. ڇاڪاڻ ته عجم جي شاعرن اهڙي قسم جي شعرن جي تقطيع ۾ رڪن مسبغ ڪتب آندو آهي ۽ انهن جي آڏو اُهو نون غنه جو عروض ۽ ضرب ۾ آيل هجي سو ملفوظي آهي يعني ڳالهائڻ وقت آواز ڏي ٿو ۽ جيئن ته عروض جي سلسلي ۾ اردو شاعري فارسي جي تابع آهي ان ڪري اُهي شعر جن جي رڪن مسبغ (مفاعيلان) يا مذال (متفاعلان) واري عروض ۽ ضرب ۾ نون غنه ملفوظي آيل آهي سي هرگز قاعدي جي خلاف نه آهن.

انهيءَ سبب ڪري اردو ۽ سنڌي جي ڪيترن شاعرن، عجم جي شاعرن جي راءِ کي درست سمجهي، پنهنجي شعرن ۾ نون غنه کي اعلان سان نظم ڪيو آهي، ليڪن اسان جي خيال ۾ خواجه عشرت جي راءِ صحيح آهي. ڇاڪاڻ ته نون غنه جو آواز، بجاءِ زبان جي نڪ مان ڪرڻ ڪري صحيح نموني اُچاريو نه ويندو آهي، جيئن ته کان، تون، اسين، ٻانگ، ڏونڪا، گونگو، سامونڊي، گينڊو وغيره. اڪثر اهڙي نون جي اڳيان يا پٺيان حرف علت هوندي آهي. اهڙي نون کي اعلان سان نظم ڪرڻ منع آهي.

ٻيو ياد رکڻ گهرجي ته، اهو فارسي ۽ عربي لفظن جي آخر وارو نون، جنهن جي اڳيان حرفِ علت، ۽ ترڪيب اضافي فارسي يا ترڪيب عطف فارسي هوندي آهي، سو پڻ نون غنه سمجهي تقطيع ۾ شمار نه ڪرڻ گهرجي، جيئن ته ڪون و مڪان، دلِ نادان، دريائي جيحون وغيره.

نون معلن

1 – ساڪن الف جي پويان وارو نون معلن: سنڌي ‎ٻوليءَ ۾ هن نون جو اعلان ڪرڻ (زبان سان اچارڻ) درست آهي، يعني هنجي اڳيان جيڪڏهن عطف وارو واءُ يا اضافت واري زير نه هجي ته، انهي نون جوزبان سان اچار ڪرڻ جائز آهي. اهڙي قسم جو نون جڏهن مصرع جي پڇاڙي ۾ هوندو آهي ته رڪن جي ساڪن حرف جي مقابل قائم رهندو آهي، جيئن ته:

مير حسن علي خان ”حسن“

غم آبرو جو آهي پياري ڪريو نه جان

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلات

غم ا ا بـ

رو جـ ا ا هه

نه پاري ڪ

رو نه جان

مٿين مثال ۾ جان جو نون تقطيع ۾ قائم آهي.

2 – واو معروف جي پويان وارو نون معلن: اهو نون ڳالهائڻ وقت آواز ڏيندوآهي يعني زبان سان برابر اچارڻ ۾ ايندو آهي ۽ مصرع جي آخر ۾ قائم رهندو آهي. اهڙي قسم جي نون جي اڳيان عطف ۽ اضافت ناجائز آهي. اهو نون تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

حافظ محمد هارون ”دلگير“

مريد پير مغلن جوبه آهه هي هارون

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

مريد پي

رمغا جو

به ا ا هه هي

هارون

مٿين مثال ۾ هارون جو نون تقطيع ۾ قائم آهي.

3 – واؤ مجهول جي پويان وارو نون غنه: اهو نون سنڌي لفظن ۾ واؤ مجهول جي پويان هوندو آهي ۽ ڳالهائڻ وقت آواز ڏيندو آهي. جڏهن مصرع جي پڇاڙي ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

ميرزا مراد علي بيگ ”ٻڍل“

ڍڪڻ مرد کي گهرجي هرگز نه سون

فعولن

فعولن

فعولن

فعول

ڍڪڻ مر

د کي گهر

جـ هرگز

نه سون

مٿين مثال ۾ سون جو نون تقطيع ۾ قائم آهي.

4 – واو لين جي پويان وارو نون معلن: هن نون جي اڳيان ساڪن واءُ ۽ انهيءَ واءُ جي اڳيان زبر وارو حرف هوندو آهي. جڏهن مصرع جي پڇاڙي ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

”عـِ ڍِ“

سراپا صورتِ سيماب فرعون

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيل

سراپا صو

رتي سيما

ب فرعون

مٿين مثال ۾ فرعون جو نون تقطيع ۾ قائم آهي.

5 – يائي معروف جي پويان وارو نون معلن: اهو نون يائي معروف جي پويان هوندو آهي ۽ ڳالهائڻ وقت آواز ڏيندو آهي. جڏهن مصرع جي پڇاڙي ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

لطف الله بدوي

مڪرو فن جي نانءُ کان آجي ڏٺي ٿي هيءُ زمين

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

مڪر فن جي

ناءُ کا ا ا

جي ڏٺي ٿي

هي زمين

مٿين مثال ۾ زمين جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

6 – يائي مجهول جي پويان وارو نون معلن: اهو نون پڻ يائي مجهول جي پويان هوندو آهي ۽ ڳالهائڻ وقت آواز ڏيندو آهي. جڏهن مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

مرزا سلطان حيدر ”سلطان“

رکي حق حفظ ۾ پنهنجي سدا کين

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيل

رکي حق حفـ

ـظ ۾ پهجي

سدا کين

7 – يائي لين جي پويان وارو نون معلن: هن نون جي اڳيان يائي لين ۽ انهي يائي لين جي اڳيان زبر وارو حرف هوندو آهي ۽ اهونون ڪڏهن به تقطيع مان نه ڪرندو آهي بلڪه جيڪڏهن مصرع جي آخر ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

مرزا مراد علي ”ٻڍل“

مادرِ مغموم پڻ خيمي جي در تي ڪيا ٿي بين

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

مادري مغ

موم پڻ خي

مي جـ در تي

ڪا ٿـ بين

مٿين مثال ۾ بين جو نون تقطيع ۾ قائم.

الف – واءُ – ي جي پويان واري ساڪن حرف جو بيان

1 – الف جي پويان وارو عام ساڪن حرف: جڏهن ڪو ساڪن حرف مصرع جي آخر واري الف جي پويان هوندو آهي ته اهو پڇاڙيءَ وارو ساڪن حرف تقطيع ۾ قائم رهندو آهي، جيئن ته:

قبله مخدوم طالب الموليٰ

اچو ته حرص و هوا جو جهان ڪريون برباد

اچو ته عيش ۽ عشرت سندو پٽيون بنياد

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

اچو ته حر

ص هوا جو

جها ڪرو

برباد

اچو ته عي

ش ء عشرت

سدو پٽو

بنياد

سليم هالائي

ڪعبي جي جستجو نه ڪليسا جو هو خيال

مونکي پرستشِ رخِ زيبا جو هو خيال

مٿين مثالن ۾ برباد ۽ بنياد جا دال ۽ خيال جو لام تقطيع ۾ قائم آهن.

2 – واو معروف جي پويان وارو ساڪن حرف: اُهو ساڪن حرف جو مصرع جي آخر واري معروف جي پويان هوندو آهي سو پڻ تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

دلگير

گلشنِ ايجاد جي هن نوگلِ تر ڪيو ظهور

چرخِ رفعت جي مگر ماهِ منور ڪيو ظهور

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

گلشني اي

جاد جي هن

نوگلي تر

ڪو ظهور

چرخ رفعت

جي مگر ما

هي منوور

ڪو ظهور

مٿين مثال ۾ ظهور جي ر تقطيع ۾ قائم آهي.

3 – واو مجهول جي پويان وارو ساڪن حرف: اهو ساڪن حرف جو مصرع جي آخر واري واو مجهول جي پويان هوندو آهي سو پڻ تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

مير حسن علي خان ”حسن“

بس حسن اڳتي بيان جي ناهه طاقت ٿي خموش

ماتمِ خيرالورا ۾ ناهي ڪنهن کي پنهنجو هوش

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

بس حسن ا ڳـ

تي بيا جي

ناهه طاقت

ٿي خموش

ماتمي خي

رلورا ۾

ناهه ڪهکي

پهجـ هوش

مٿين مثال ۾ خموش ۽ هوش جي شين تقطيع ۾ قائم آهي.

4 – واؤ لين جي پويان وارو ساڪن حرف: اُهو ساڪن حرف جو مصرع جي آخر واري واؤ لين جي پويان هوندو آهي سو تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

سيد احسن الهاشمي

يقينِ مڪمل ۽ تنظيم قوم

رهو متحد، آهه تعظيمِ قوم

فعولن

فعولن

فعولن

فعول

يقيني

مڪم مل

ء تنظمي

م قوم

رهومت

تحت ا ا

هه تعظي

م قوم

مٿين مثال ۾ قوم جو ميم تقطيع ۾ قائم آهي.

5 – يائي معروف جي پويان وارو ساڪن حرف: اُهو ساڪن حرف جو مصرع جي آخر واري يائي معروف جي پويان هوندو آهي سو تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي، جيئن ته:

ميرزا مراد علي بيگ ”ٻڍل“

بلبل فغان ڪري چيو فرياد يا ڪريم

آئي رياض دين تي عجب آفتِ عظيم

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلات

بلبل ف

غا ڪري چ

ي فرياد

يا ڪريم

ا ا ئي ر

ياض دي ت

عجب ا ا ف

تي عظيم

مٿين مثال ۾ ڪريم ۽ عظيم جو ميم تقطيع ۾ قائم آهي.

6 – يائي مجهول جي پويان وارو ساڪن حرف: اهو ساڪن حرف جو مصرع جي آخر واري يائي مجهول جي پويان هوندو آهي سو تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي. جيئن ته:

حافظ محمد يوسف ٽکڙائي:

داد دلبر سوا نه ڏيندو ڪير

هاڻ همراز منهنجو ٿيندو ڪير

فاعلاتن

مفاعلن

فعلات

داد دلبر

سوا نه ڏي

دو ڪير

هاڻ همرا

ز مهجـ ٿي

دو ڪير

7 – يائي لين جي پويان وارو ساڪن حرف:اهو ساڪن حرف جو مصرع جي آخر واري يائي لين جي پويان هوندو آهي سو تقطيع ڪرڻ وقت قائم رهندو آهي. جيئن ته:

مير حسن علي خان ”حسن“

حڪم ڪيو پٽ سعد جي پاڻي پين سڀ وحش وطير

سڀ ڪو پي سيراب ٿي آلِ محمد کؤن بغير

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

حڪم ڪو پٽ

سعد جي پا

ڻي پين سڀ

وحش طير

سڀ ڪ پي سي

راب ٿي ا ا

لي محم مد

کو بغير

ٻن ساڪن حرفن جو بيان

ساڪن حرف جي پويان هڪ ٻيو ساڪن حرف: حروفِ علت(الف – واءُ – ي) کان سواءِ جڏهن مصرع جي آخر ۾ هڪ ساڪن حرف جي پويان ٻيو ساڪن حرف سواءِ نون غنه ۽ معلن جي هوندو آهي ته اهو ٻيو ساڪن حرف تقطيع ۾ سڪون واري حالت سان قائم رهندو آهي. جيئن ته

اسد الله شاه ”بيخود“ حسيني

رم وفا ۾ اهو ئي قدم کڻي بيخود

ٿئي نه خوف و خطر کان جنهين جي همت پست

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

رهي وفا

۾ اهوئي

قدم کڻي

بيخود

ٿئي نه خو

ف خطر کا

جهي جـ هم

مت پست

مٿين مثال ۾ پست جي ت تقطيع ۾ سڪون واري حالت سان قائم آهي.

ٽن ساڪن حرفن جو بيان

1 – ساڪن حرف جي پويان ٻه ٻيا ساڪن حرف: فارسي ۽ سنڌي جا ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جن ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽي لڳاتار ساڪن حرف هوندا آهن. جڏهن اهي ٽئي ساڪن حرف مصرع جي آخر ۾ هوندا آهن ته سڀني کان پڇاڙي وارو ٽيون ساڪن حرف تقطيع ڪرڻ وقت ڪِري پوندو آهي ۽ باقي رهيل ٻه ساڪن حرف قائم رهندا آهن. جيئن ته:

مصنف:

قاسمِ انوار جو ديوان بياضِ روئي دوست

رشڪِ اشعارِ هلالي مصرعِ ابروئي دوست

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

قاسمي ان

وار جو دي

وا بياضي

روء دوس

رشڪ اشعا

ري هلالي

مصرعي اب

روء دوس

مٿين مثال ۾ ڏسبو ته دوست جي ت تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي آهي.

ساڪن حرفن کي متحرڪ بنائڻ جو بيان

اُهي حرف جي اصل ۾ ساڪن هوندا آهن ۽ تقطيع ڪرڻ وقت متحرڪ ٿي پوندا آهن؛ تنجو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

1 – الف جي پويان وارو نون معلن: اهڙو نون جنهنجي اڳيان ترڪيبِ فارسي نه هجي. يعني اهو نون جنهنجي اڳيان عطف يا اضافت نه هجي ته انجو اعلان سان اچار ڪرڻ درست آهي. جڏهن اهڙي قسم جو نون مصرع جي وچ ۾ سڪون واري حالت سون ايندو آهي ۽ رڪن جي متحرڪ حرف جي مقابل هوندو آهي ته اهو ساڪن نون تقطيع ڪرڻ وقت متحرڪ ٿي پوندو آهي جيئن ته:

عطا محمد حامي

پنهنجي حالت جي مٿان افسوس ڪر

ناهي پنهنجي شان جي توکي خبر.

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

پهجـ حالت

جي مٿا اف

سوس ڪر

ناهه پهجي

شان جي تو

کي خبر

مٿين مثال ۾ شان جو نون تقطيع واري حالت ۾ متحرڪ بنايو ويو آهي.

2 – واؤ معروف جي پويان وارو نون معلن:- اهو نون پڻ مصرع جي وچ ۾ متحرڪ ٿي پوندو آهي. ڀلي کڻي اصل ۾ متحرڪ نه هجي. ليڪن انهن شرطن تي جي هن قاعدي جي نمبر پهرين ۾ ڏنل آهن جيئن ته:-

غلام احمد ”همدم“

خون جو دريا وهي ٿو سامهون بيگانه وار

ٿي هوا ۾ وڄ جيان چمڪي ۽ جهلڪي ذوالفقار

 

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

خون جو در

يا وهي ٿو

سامهو بي

گان وار

ٿي هوا ۾

وڄ جيان چم

ڪيء جهلڪي

ذلفقار

مٿين مثال ۾ خون جي ن کي متحرڪ بنايو ويو آهي.

3 – واؤ مجهول جي پويان وارو نون معلن:- اهو نون واؤ مجهول جي پويان هوندو آهي ۽ اڳ واري عطف يا اضافت کانسواءِ مصرع جي وچ ۾ اعلان سان اچارڻ ۾ ايندو آهي. اهڙي قسم جي نون تقطيع ڪرڻ وقت متحرڪ ٿي پوندو آهي جيئن ته:-

ڍڪڻ سون مردن کي هرگز نه گهرجي

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

ڍڪڻ سان

ن مردن

ک هرگز

نه گهرجي

مٿين مثال ۾ سون جو ن متحرڪ بنايو ويو آهي.

4 – واؤ لين جي پويان وارو نون معلن: اهو نون لفظ جي آخر ۾ ايندو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان واؤ لين ۽ وري واءُ جي اڳيان زبر وارو حرف هوندو آهي. جڏهن مصرع جي وچ ۾ ايندو آهي ته ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ حرف ٿي پوندو آهي. جيئن ته:

عزيز

ڊني فرعون کان ٿي سڀ رعايا

جو هو قهرِ خدا هو بي تحاشا

 

مفاعيلن

مفاعيلن

فعولن

ڊني فرعو

ن کان ٿي سڀ

رعايا

جه هو قهري

خدا هو بي

تحاشا

مٿين مثال ۾ فرعون جو نون متحرڪ بنايو ويو آهي.

5 – يائي معروف جي پويان وارو نون معلن:- اهو نون لفظ جي آخر ۾ ايندو آهي ۽ انهي جي اڳيان يائي معروف هوندو آهي. جڏهن اهو نون مصرع جي وچ ۾ ايندو آهي ته ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ حرف ٿي پوندو آهي جيئن ته:

ميرزا بنده علي بيگ ”علي“

اُن بهادر کون ڀڄي بيدين بيٺا يڪ طرف

شام ۽ ڪوفي جا ڪوپا سڀ ستمگر صف بصف

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

ان بهادر

کو ڀڄي بي

دين بيٺا

يڪ طرف

شام اي ڪو

في جه ڪوپا

سڀ ستمگر

صف بف

مٿين مثال ۾ بيدين جو ن متحرڪ بنايو ويو آهي.

6 – يائي مجهول جي پويان وارو نون معلن:- اهو نون پڻ لفظ جي آخر ۾ ايندو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان يائي مجهول هوندي آهي. اهو نون جڏهن مصرع جي وچ ۾ ايندو آهي ته ساڪن مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي جيئن ته:-

پئي آل احمد بحق محمد

سلامت رکي کين خلاقَ عالم

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

پئي ا ا

ل احمد

بحق قي

محم مد

سلامت

رکي کي

ن خل لا

ق عالم

 مٿين مثال ۾ کين جو نون متحرڪ بنايو ويو آهي.

7 – يائي لين جي پويان وارو نون معلن:- اهو نون لفظ جي آخر ۾ ايندو آهي ۽ انهي جي اڳيان يائي لين ۽ وري يائي لين جي اڳيان زير وارو حرف هوندو آهي جڏهن مصرع جي وچ ۾ ايندو آهي ته ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي جيئن ته:-

مرزا مراد علي بيگ ٻڍل

خواهر حسين جي ٿي چوڻ وا مصيبتا

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فعاعلن

خاهر ح

سين جي ٿ

چوڻ وا م

صيبتا

مٿين مثال ۾ حسين جو ن تقطيع متحرڪ ٿي پيو.

”الف – واءُ – ي جي پويان واري ساڪن حرف جو بيان“

1 – الف جي پويان وارو ساڪن حرف:- اهو الف جي پويان وارو موقوف حرف جي مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي سو تقطيع ڪرڻ وقت متحرڪ ٿي پوندو آهي جيئن ته:-

حيدر بخش ”حيدر“ جتوئي

وه وا، سماع جو ٿيو پيدا اثر عجيب

هر مست پنهنجي نفس جي اندر مري مري

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلات

وه وا س

ماع جو ٿ

ي پيدا ا

ثر عجيب

 

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلن

هر مست

پهجـ نفس

جـ اندر م

ري مري

مٿين مثال ۾ ڏسبو ته سماع جي عين تقطيع ڪرڻ وقت متحرڪ ٿي پئي.

2- واؤ معروف جي پويان وارو ساڪن حرف:- اهو واؤ معروف جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي جيئن ته:-

آخوند لطف الله ”لطف“ حيدرآبادي

مگر منصور جو ناحق ڏنائون سر مٿي سوري

نه پر جهيم هن حقيقت ڪاڻ تعبير قضا امشب

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مگر منصو

ر جو ناحق

ڏنائو سر

مٿي سوري

نه پر جهم هن

حقيقت ڪا

ڻ تعبيري

قضا امشب

مٿين مثال ۾ منصور جي ر تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.

3 – واو مجهول جي پويان وارو حرف:- اهو واو مجهول جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي ته ساڪن مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:

آخوند محمد بچل

هي ٻڌي ٿيو انگهڙي احمد کي ازبس انتظار

شور کون شبير جي نانس هو بيحد بيقرار

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

هي ٻڌي ٿو

انگهڙ اح

مد کـ از بس

انتظار

شور کو شب

بير جي نا

نس هه بيحد

بيقرار

مٿين مثال ۾ شور جي ر تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.

4 – واو لين جي پويان وارو ساڪن حرف:اهو واو لين جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:

عبدالله خواب

نمود زير غور آ = نمائشن جو دور آ

مفاعلن

مفاعلن

نمود زي

ر غور ا ا

نمائشن

جو دور ا ا

مٿين مثال ۾ غور ۽ دور جي ر تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.

5 – يائي معروف جي پويان وارو ساڪن حرف: اهو يائي معروف جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي وچ ۾ ايندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:

مير محمد نصير خان ٽالپر ”جعفري“

جنهن سچي شبيّر کي ٿي هنج وهاريو فاطمہ

ڪربلا ڪوفن سڏايو هئي ڪهڻ جي واسطي

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

جهه سچي شب

بير کي ٿي

هج وهارو

فاطمہ

ڪربلا ڪو

فن سڏايو

هي ڪهڻ جي

واسطي

مٿين مثال ۾ شبير جي ر تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.

6 – يائي مجهول جي پويان وارو حرف ساڪن: اهو يائي مجهول جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org