سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :5

تسڪين اوسط

جڏهن ڪنهن هڪ رڪن يا ڪن ٻن رڪنن ۾ لڳاتار ٽي متحرڪ حرف گڏ ٿين ٿا ته وچ واري متحرڪ حرف کي ساڪن بنائي ان کي تسڪين جو نالو ڏين ٿا. اهڙي حالت ۾ رڪن کي مسڪن سڏيو وڃي ٿو جهڙوڪ فَعلاتن ۾ ف – ع – ل ٽئي متحرڪ حرف آهن، عين کي ساڪن ڪرڻ سان فَعٌلاتن (عين ساڪن) ٿيو پوي جنهن کي مفعولن سان بدلايو وڃي ٿو. يا وري هنن ٻن رڪنن مفعولُ مفاعيلن ۾ مفعول جو ’ل‘ ۽ مفاعيلن جا ’م‘ ۽ ’ف‘ متحرڪ آهن. هاڻي جيڪڏهن اسان مفاعيلن جي ’م‘ کي ساڪن بنائينداسين ته مفعول مفاعيلن ڦري مفعولن مفعولن ٿي پوندا. تسڪين اوسط جو زحاف اهڙو آهي جيڪو هر بحر ۾ هر هنڌ لڳائي سگهجي ٿو. ليڪن شرط اهو آهي ته جتي تسڪين کان بحر بدلجي وڃي يا ڪو ٻيو زحاف ٺهي پوي ته اُتي تسڪين جو زحاف نه لڳائڻ گهرجي جهڙو فَعِلاتُ فاعَلاتن کي تسڪين لڳائي مفعول فاعلاتن بنائبو ته بحر رمل مان ڦري بحر مضارع ٿي پوندو.

مراقبه

جڏهن ٻه سبب خفيف گڏجي پون ته ٻنهي جو ڪيرائڻ ۽ گڏ قائم رکڻ جائز نه آهي. بلڪه هڪ سبب خفيف ضرور ڪيرايو وڃي ٿو، ۽ اهو زحاف رڪن مفاعيلن – مفعولات ۽ مس تفع لن ۾ ڪتب اچي ٿو جهڙوڪ بحر مضارع ۾ رڪن مفاعيلن جي ’ي‘ ۽ ’نون‘ گڏ قائم رکڻ ۽ گڏ ڪيرائڻ جائز نه آهي يا ته ي ساقط ڪجي يا نون.

تخنيق

جڏهن وتد مجموع، رڪن جي منڍ ۾ هجي ۽ اُهو رڪن صدر يا ابتدا ۾ نه هجي، بلڪ حشو يا عروض و ضرب ۾ واقع هجي ۽ اُن رڪن جي اڳيان هڪ اهڙو متحرڪ حرف هجي جنهن کان ئي لڳاتار متحرڪ ٿي وڃن ته ان وتد جي پهرين حرف جي ساڪن ڪرڻ کي تخنيق چيو وڃي ٿو.

تخنيق ۽ تسڪين ۾ اهو فرق آهي جو تخنيق فقط هڪ رڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ تسڪين ٻين رڪنن ۾ به ٿي سگهي ٿي. گويا تسڪين عام ۽ تخنيق خاص آهي.

باب پنجون 

تقطيع جا قسم ۽ تعريف

تقطيع جي لغت ۾ معنيٰ آهي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ. ان جا ٻه قسم آهن:

1 – تقطيع غير حقيقي:- اها تقطيع جنهن ۾ لفظن ۽ رڪنن جي مطابقت (برابري – موافقت) ٿي وڃي ليڪن اهي رڪن ڪنهن مقرر ڪيل بحر جا نه هجن جيئن ته ”ڪري حمد پروردگارِ قدير“.

فعولن

مفاعيل

مستفعلان

ڪري حم

دپرورد

گاري قدير

بس معلوم ٿيو ته اهو فعولن مفاعيل مستفعلان ڪو بحر نه آهي ۽ نه وري ڪنهن دائري مطابق آهي. ان ڪري مٿي ڏنل تقطيع کي تقطيع چوڻ سراسر غلطي آهي.

2- تقطيع غير حقيقي:- اها تقطيع جنهن ۾ شعر جا لفظ ڪنهن مقرر ڪيل بحر جي ارڪان مطابق (برابر – موافق) هجن جيئن ته:-

ڪري حمد پروردگارِ قدير

فعولن

فعولن

فعولن

فعول

ڪري حم

دپرور

دگاري

قدير

بس معلوم ٿيو ته اهي فعولن فعولن فعولن فعول متقارب بحر جا رڪن آهن ۽ متفقه جي دائري مان نڪري سگهن ٿا. اهڙي قسم جي تقطيع کي تقطيع حقيقي چئبو آهي ۽ اها درست آهي.

جڏهن ڪنهن شعر جي هڪ وزن ۾ ٻن بحرن سان تقطيع ٿي سگهي ۽ اُهي ٻئي تقطيع ۾ صحيح هجن ته انوقت جنهن بحر ۾ سولائي سان تقطيع ٿي سگهي انهيءَ بحر سان تقطيع ڪرڻ گهرجي.

هاڻي سمجهڻ گهرجي ته تقطيع حقيقي ڇا آهي ۽ ڇا لاءِ ٿئي ٿي. عروض جي اصطلاح ۾ ڪنهن شعر جي لفظ کي ڪنهن مقرر ڪيل بحر جي رڪن سان برابر ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي برابري جون پنج صورتون ٿي سگهن ٿيون. جنجو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

1 – شعر جو هر هڪ اهو لفظ جو ڪابه معنيٰ رکندو هجي سو ڪنهن رڪن جي برابر ڪرڻ، يعني شعر جو متحرڪ حرف وزن جي متحرڪ حرف جي جاءِ تي ۽ ساڪن، ساڪن جي جاءِ تي رکجي مطلب ته وتد جي جاءِ تي وتد ۽ سبب جي جاءِ تي سبب رکجي جيئن ته:

قبله مخدوم طالب الموليٰ

عنايت ٿي عنايت ٿي عنايت

مفاعيلن

مفاعيلن

فعولن

عنايت ٿي

عنايت ٿي

عنايت

2 – شعر جي لفظن جو هڪ جز هڪ پاسي ۽ ٻيو جز ٻئي پاسي رکي رڪن جي برابر ڪرڻ، جيئن ته:-

مخدوم زاده محمد امين ”فهيم“

نه معلوم تو آهي ڇو دير لاتي

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

نه معلو

م تو ا ا

هه ڇو دي

ر لاتي

3 – اهو حرف جو ڳالهائڻ وقت آواز ڏي ۽ لکڻ وقت لکيو نه وڃي سو پنهنجي طرفان حرفن جي وڌائڻ واري مقرر ڪيل قاعدي جي مطابق شعر جي لفظ ۾ وڌائي رڪن جي برابر ڪرڻ، جيئن ته:

شيخ اياز

ڪجهه محبت جو آسرو آهي

فاعلاتن

مفاعلن

فعلن

ڪجهه محب بت

ج ا ا سرو

ا ا هي

4 – اهو حرف جو لکڻ وقت لکيو وڃي ۽ ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏي سو حرفن جي گهٽائڻ واري مقرر ڪيل قاعدي جي مطابق شعر جي لفظ مان گهٽائي رڪن جي برابر ڪرڻ، جيئن ته:-

اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني

اسان جي لاءِ نئون روز ڄڻڪ روز الست

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

اسا جه لا

ء نئورو

ز ڄڻڪ رو

ز الست

5 – شعر جي ڪنهن ساڪن حرف کي متحرڪ حرف جي مقرر ڪيل قاعدي جي مطابق ڪنهن موافق رڪن واري متحرڪ حرف جي برابر ڪرڻ، جيئن ته:-

دلگير

مقام غور ٿيو انقلاب ليل و نهار

مفاعلن

فعلاتن

مفاعلن

فعلات

مقام غو

ر ٿيو ان

قلاب لي

ل نهار

ياد رکڻ گهرجي ته تقطيع ۾ اهو ضروري ناهي ته رڪن جي پيش واري حرف جي بدران شعر جو پيش وارو حرف، زبر واري حرف جي بدران زير وارو حرف ۽ زبر واري حرف جي بدران زير وارو حرف ڪتب آندو وڃي. مقصد فقط اِهو آهي ته بيت جي لفظن جا حرف رڪنن جي حرفن سان اهڙي طرح ٺهڪي ڦهڪي اچن جو متحرڪ حرف جي مقابل متحرڪ ۽ ساڪن جي مقابل ساڪن حرف هجي ۽ جهڙي طرح متحرڪ ۽ ساڪن حرف شعر ۾ هجن اهڙي طرح ساڪن ۽ متحرڪ حرفن جو پڻ ارڪان ۾ هجڻ ضروري آهي.

مٿين بحثن مان ثابت ٿيو ته ڪجهه حرف تقطيع ڪرڻ وقت وڌائبا آهن، ڪجهه گهٽائبا آهن، ڪجهه ساڪن حرف متحرڪ ٿيندا آهن ۽ ڪجهه ساڪن حرف پنهنجي اصلي حالت تي قائم رهندا آهن. ظاهر آهي ته انهن ئي چئن قسمن جي حرفن جو بيان تقطيع ۾ ڪبو آهي انڪري انهن چئن قسمن جي حرفن جو بيان چئن قاعدن ۾ ڪيو ويو آهي. جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

تقطيع ۾ وڌائڻ وارن حرفن جو بيان

جي حرف ڳالهائڻ وقت آواز ڏيندا آهن ۽ لکڻ وقت لکبا نه آهن ليڪن تقطيع ۾ شمار ٿيندا آهن سي ڪل ڇهن قسمن جا ٿيندا آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

1 – الف مد: اَلف جي زبَر کي ڇڪي پڙهڻ سان هڪ ٻيو الف پيدا ٿيندو آهي. حالانڪه اهو ٻيو الف لکڻ وقت نه لکبو آهي ۽ انهيءَ لڪل الف کي ظاهر ڪرڻ واسطي رڳو هڪ الف لکي اُنجي مٿان مد (آ) ڏبي آهي ليڪن تقطيع ۾ هڪ الف جي بدران ٻه الف لکبا آهن، جنهن ۾ پهريون الف متحرڪ ۽ ٻيو الف ساڪن هوندو آهي. جيئن ته:

لطف الله بدوي

ڪئي ساقي چمن ۾ آ، نئين سر بزم آرائي

وري محفل ۾ رونق دلڪشي ۽ تازگي آئي

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

ڪئي ساقي

چمن ۾ ا ا

نئي سربز

م ا ا رائي

وري محفل

م رونق دل

ڪشي ۽ تا

ز گي ا ا ئي

مٿين تقطيع ۾ ڏسبو ته آ، آرائي ۽ آئي جا ٻه ٻه الف ويا آهن.

2 – واو مده:- واءُ جي پيش کي ڇڪي پڙهڻ سان هڪ ٻيو واءُ پيدا ٿيندو آهي. حالانڪه اهو ٻيو واءُ لکڻ وقت نه لکبو آهي ۽ انهيءَ لڪل واءُ کي ظاهر ڪرڻ واسطي هڪ واءُ لکي اُنجي مٿان همزه ڏبو آهي ليڪن تقطيع ۾ هڪ واءُ جي بدران ٻه واءُ لکبا آهن جنهن ۾ پهريون واءُ متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن هوندو آهي. جيئن ته:

 

مصنف

رسي شاه ڪاؤس کي هي خبر

وڍيو آهي ترڪن سياوش جو سر

فعولن

فعولن

فعولن

فعل

رسي شا

ه ڪاوو

س کي هي

خبر

وڍو ا ا

ه ترڪن

سياوش

جه سر

مٿين مثال ۾ ڪاؤس جا ٻه واءُ لکيا ويا آهن.

3 – فارسي جي اضافت:- يعني ڪنهن لفظ جي آخر واري حرف جي هيٺان زير ڏئي ايترو ڇڪي پڙهجي جو ي جو آواز ظاهر ٿي پوي جيتوڻيڪ اها ي لکڻ وقت نه لکبي آهي ليڪن تقطيع ۾ شمار ڪبي آهي جيئن ته:

حاجي عبدالله ”بسمل“

نشانِ عظمتِ قومي، ڏسون پيا پنهنجي صحرا ۾

ترقيءَ جو نظارو ٿو ڦري، هن چشمِ بينا ۾

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

نشاني عظ

متي قومي

ڏسو پا پهه

جه صحرا ۾

ترق قي جو

نظارو ٿو

ڦري هن چش

م بينا ۾

مٿين مثال ۾ نشان جي نون، عظمت جي ت تي زير ايترو وڌائي پڙهي ويئي جو آواز نڪتو.

4 – علت بطني وارا حرف:- ڪن عربي لفظن جي بطن (پيٽ) مان جي سنڌي زبان ۾ گهڻو ڪري استعمال ٿيندا آهن، الف – واءُ – ي پيدا ٿيندي آهي. حالانڪه لکڻ وقت نه لکبا آهن ليڪن تقطيع ۾ شمار ڪبا آهن. جيئن ته:

رشيد احمد لاشاري

رحمان ناهه انکي تبديل ۽ تغيّر

آهي هميشه هوندو بس برقرار موليٰ

مفعول

فاعلاتن

مفعول

فاعلاتن

رحمان

ناه انکي

تبديل

۽ تغير

ا ا هي ه

ميش هودو

بس برق

رار موليٰ

مٿين مثال ۾ رحمان جو الف لکيو ويو آهي.

5 – تشديد وارا حرف:- تشديد واري حرف کي حرف مشدد چئبو آهي. جنهن جي اصطلاحي معنيٰ آهي ٻه ڀيرا اُچارڻ حالانڪه لکڻ وقت هڪ حرف لکبو آهي ۽ ٻئي لڪل حرف کي ظاهر ڪرڻ واسطي لکيل حرف جي مٿان تشديد ( ّ ) ڏبي آهي. ليڪن جيئن ته ڳالهائڻ وقت اهو هڪ حرف ٻه ڀيرا اچار ڪرڻ ۾ ايندو آهي. ان ڪري تقطيع ۾ هڪ حرف جي بدران ٻه حرف لکبا آهن. جيئن ته:

 

مشتاق احمد ”نياز“ همايوني

مشڪل کي منهن ڏيڻ ۾، همت شڪن نه آهيون

اي آسمان! بلاشڪ، وٺ امتحان اسانجو

مفعول

فاعلاتن

مفعول

فاعلاتن

مشڪل ک

مهه ڏيڻ ۾

هم مت ش

ڪن نه ا اهو

اي ا اس

ما بلاشڪ

وٺ امت

حا ا ساجر

مٿين مثال ۾ همت جو ميم ٻه ڀيرا لکيو ويو آهي.

6 – حرف منون:- حرف منون ان حرف کي چئجي ٿو جنهن حرف تي تنوين هجي. تنوين جي اصطلاحي معنيٰ نون پيدا ڪرڻ آهي. اهو نون ڪنهن حرف جي هيٺان يا مٿان ٻن زيرن ( ِ ِ ) ٻن زبرن ( َ َ ) يا ٻن پيشن (ءٌ ) جي لڳائڻ سان پيدا ٿيندو آهي. اهو تنوين وارو نون تقطيع ۾ شمار ڪبو آهي جيئن ته:

مولف

دفعتهً آيو نه سهواً هو هتي مصلحتاً

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فعلن

دفعتن ا ا

يو نه سهون

هو هتي مص

لحتن

 مٿين مثال ۾ دفعتہً واري تنوين جي بدران نون لکيو ويو آهي.

تقطيع ۾ ڪيرائڻ وارن حرفن جو بيان

جي حرف لکڻ وقت لکبا آهن ۽ ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندا آهن سي تقطيع ۾ شمار نه ڪبا آهن. انهن حرفن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

الف جي بيان ۾

1 – الف وصل: اهو الف لفظ جي شروع ۾ هوندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي لفظ جي ساڪن حرف جي پويان هوندو آهي. انهي الف جي حرڪت کي اِن کان اڳ واري لفظ جي پڇاڙيءَ واري ساڪن حرف ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ٿو، يعني اهو متحرڪ الف ڪيرائي ان جي حرڪت کي اڳ واري ساڪن حرف سان ملائي ڇڏبو آهي. جيئن ته:

مخدوم زاده محمد امين فهيم

پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿيو

زيست درد آشنا ڪري ڏسجي

فاعلاتن

مفاعلن

فعلن

پهجه ماهي

لقا ک دو

رٿيو

 

فاعلاتن

مفاعلن

فعلن

زيس دردا

شنا ڪري

ڏسجي

مٿين مثال ۾ آشنا جو الفِ وصل جو لفظ جي منڍ ۾ آهي سو تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي.

لطف الله بدوي

 

وري آدابِ محفل کان ٿيا او روشناس آهن

نشيمن کان جي بي پرواهه هئا آواره هرجائي

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

وري ا ا دا

ب محفل کا

ٿيا او رو

شناسا هن

نشيمن کا

ج بي پروا

هئا ا ا وا

رهر جائي

مٿين مثال ۾ آهن جو الف وصل جو لفظ جي منڍ ۾ آهي سو ڪيرائي تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي.


 

ميرزا عباس علي بيگ

اسانجي گناهن جي ٿيندي معافي

نماز اصل ۾ آهي رحمت خدا جي

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

اسا جي

گناهن

ج ٿيندي

معا في

نماز ص

ل ۾ ا ا

هه رحمت

خدا جي

مٿين مثال ۾ اصل جو، الفِ وصل جيڪو لفظ جي منڍ ۾ آهي سو تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي لفظن جي الف ڪيرائڻ کانسواءِ عربي ۽ فارسي لفظن جا پڻ اهڙي قسم جا الف ڪيرائڻ جائز آهن.

2 – الف سنڌي: اهو سنڌي الف لفظ جي پڇاڙي ۾ ۽ مصرع جي وچ ۾ هوندو آهي هن الف جي اڳواري حرف تي زبر هوندي آهي جا تفطيع ڪرڻ وقت بحال رهندي آهي. جيئن ته:

مخدوم طالب الموليٰ

ڏٺاسون سڄڻ مهربان ڪهڙا ڪهڙا

چوان تنجا مان داستان ڪهڙا ڪهڙا

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

ڏٺا سو

سڄڻ مهه

ربا ڪهه

ڙ ڪهڙا

چوا تن

جه ما دا

ستا ڪهه

ڙ ڪهڙا

مٿين مثال ۾ ڪهڙا جو الف تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي. جنهن جو ڪيرائڻ جائز آهي ليڪن اُهي عربي ۽ فارسي لفظ جي سنڌي زبان ۾ گهڻو ڪري استعمال ٿيندا ٿا رهن تن جي پڇاڙي وارو الف ڪيرائڻ جائز نه آهي.

3 – الف جمع افعال عربي: اهو الف عربي زبان ۾ ان جمع جي صيغه کانپوءِ ايندو آهي جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ واءُ هوندو آهي. اهو الف انڪري لکبو آهي تانڪه عطف ۽ جمع واري واءُ ۾ التباس (ملي وڃڻ – شڪ ٿيڻ) نه ٿئي. جيئن ته:

مصنف

صدا طرّقوا طرّقوا جي ٻڌان ٿو

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

صدا طر

ر قو طر

رقو جي

ٻڌا ٿو

4 – قمري حرفن جي اڳ وارو الف: هن الف کانپوءِ هميشه لام هوندو آهي ۽ وري لام جي پٺيان هنن چوڏهن حرفن 1 – ا، 2 – ب، 3 – ج، 4 – ح، 5 – خ، 6 – ع، 7 – غ، 8 – ف، 9 – ق، 10 – ڪ، 11 – م، 12 – و، 13 – هه، 14 – ي مان ڪو حرف هوندو آهي. انهن ئي حرفن کي حروف قمري چئبو آهي. مٿي ڏنل حرفن واري لام جو اڳ وارو الف ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندو آهي. بلڪه الف کان اڳ وارو حرف پنهنجي حرڪت سميت ان لام سان ملي ويندو آهي جو الف جي پٺيان هوندو آهي. ان ڪري تقطيع ڪرڻ وقت اهو الف نه لکبو آهي. جيئن ته:

حافظ محمد احسن

رشڪ عدن سندس هو نظر ۾ سندس وطن

ضرب المثل ڪلام سدا آهه در دهن

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلن

رشڪي ع

دن سدس ه

نظر ۾ س

دس وطن

ضر بل م

تل ڪلام

سدا ا ا ه

در دهن

مٿين مثال ۾ ضرب المثل جو الف تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي.

5 – شمسي حرفن جي اڳ وارو الف ۽ لام: هن الف جي پٺيان پڻ لام هوندو آهي ۽ وري لام جي پٺيان هنن چوڏهن حرفن 1 – ت، 2 – ث، 3 – د، 4 – ذ، 5 – ر، 6 – ز، 7 – س، 8 – ش، 9 – ص، 10 – ض، 11 – ط، 12 – ظ، 13 – ل، 14 – ن مان ڪو حرف هوندو آهي. انهن ئي حرفن کي حروف شمسي چئبو آهي. مٿي ڏنل حرفن جي منڍ وارا ٻئي الف ۽ لام ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندا آهن. بلڪه الف کان اڳ وارو حرف پنهنجي حرڪت سميت انهن ٻنهي وچ وارن حرفن الف ۽ لام کي ڇڏي/ ن حرف سان ملي ويندو آهي جو لام جي پويان هوندو آهي. انڪري تقطيع ڪرڻ وقت اهي ٻئي حرف الف ۽ لام نه لکبا آهن. جيئن ته:

هز هائينس مير حسن علي خان ”حسن“

سر زمين ڪربلا ٿي غيرتِ خلدِ برين

سيّد الشهّدا حسن کي ڪر زوارِ ڪربلا

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

سر زميني

ڪربلا ٿي

غير تي حل

دي بري

سيد ششهه

دا حسن کي

ڪر زواري

ڪربلا

مٿين مثال ۾ سيدالشهدا جو الف ۽ لام تقطيع ۾ شمار نه ڪيا ويا آهن.

6 – الف تنوين: اهو الف عربي لفظن ۾ حرف منون (تنوين وارو حرف) کان پوءِ ايندو آهي ۽ ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندو آهي. تقطيع ڪرڻ وقت انهيءَ الف جي بدران نون لکبو آهي. جيئن ته:

ميرزا فتح علي بيگ ”عارف“

حسن کي مطلقاً نه آهي ثبات

عشق پي آيو آهه آب حيات

فاعلاتن

مفاعلن

فعلات

حسن کي مط

لقن نه ا ا

هه ثبات

عشق پي ا ا

يه ا ا هه ا ا

ب حيات

7 – الف ۽ لام جي اڳ وارو عربيءَ جو الف: اهو الف عربي لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ قمري يا شمسي حرفن جي منڍ وارن حرفن الف ۽ لام جي اڳيان هوندو آهي. اهو الف ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندو آهي ان ڪري تقطيع ڪرڻ وقت نه لکبو آهي. جيئن ته:

ميرزا فتح علي بيگ ”عارف“

مصطفيٰ محبوبِ يزدان تاجدارِ انبيا

ناهه ثاني ماسوا الله جنهن جو ڪو در دوسرا

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

مصطفا مح

بوب يزدا

تاجداري

امبيا

ناهه ثاني

ماسول لا

جهجه ڪو در

دوسرا

مٿين مثال ۾ ماسو الله جا ٻه الف ۽ هڪ لام، تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي.

8 – سنڌي لفظن ۾ نون غنه کان اڳ وارو الف: اهو الف سنڌي لفظن ۾ نون غنه جي اڳيان هوندو آهي. جنهن لفظ مان اهو الف گهٽائبو آهي ته ان الف جي اڳ واري حرف جي زبر باقي رهندي آهي ۽ تقطيع ڪرڻ وقت الف سان گڏ ان جي آخر وارو نون غنه پڻ ڪيرائي ڇڏبو آهي. ليڪن انهيءَ الف جو تقطيع ۾ نه ڪيرائڻ بهتر آهي. جيئن ته:

جناب محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“

تنهنجي آ مرهون منت هيءَ بهارِ چار سو

هن کان وڌ ٻيو ڇا چوان آهين سندم تقدير تون

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

تهجه ا ا مر

هون من نت

هي بهاري

چار سو

هن ک وڌ ٻو

ڇا چوا ا ا

هي سدم تق

دير تو

مٿين مثال ۾ کان جي نون کان اڳ وارو الف تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي.

واءُ جي بيان ۾

1 – واؤ عطف: اهو واءُ نه رڳو عربي يا فارسي ڪلمن (لفظن) جي وچ ۾ هوندو آهي. سنڌي ڪلمن يا هڪ سنڌي ۽ هڪ ٻي زبان جي ڪلمه جي وچ ۾ انهيءَ واءُ جو آڻڻ بالڪل جائزو نه آهي. ان واءُ جي اڳ واري حرف تي هميشہ پيش هوندو آهي ۽ جڏهن اهو پيش ڇڪي نه پڙهبو آهي ته واءُ ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندو آهي. ان ڪري تقطيع ڪرڻ وقت اهو واءُ نه لکبو آهي، پر جڏهن اهو واءُ ڇڪي پڙهبو آهي ته تقطيع ۾ شمار ڪبو آهي. جيئن ته:

غلام محمد ”گرامي“

بي رنگ و بو جهانِ  خودي، عين ممڪنات

ٿيو عڪسِ ذاتِ حق ۾ نهان حسن ڪائنات

مفعول

فاعلات

مفاعيل

فاعلات

بي رنگ

بو جهان

خُدي عين

ممڪنات

ٿو عڪس

ذات حق ۾

نها حسن

ڪائنات

مٿين مثال ۾ رنگ و بو جي وچ وارو واءُ تقطيع ۾ نه لکيو ويو آهي.

نواز علي ”نياز“ لاڙڪاڻوي

شان شوڪت سان جڏهن جنت جي آيو باغ ۾

هر گل و غنچه، شجر ڀي سر نوايو باغ ۾

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فعلن

شان شوڪت

سا جڏه جن

نت جه ا ا يو

باغ ۾

هر گلو غن

چه شجر ڀي

سر نوايو

باغ ۾

مٿين مثال ۾ گل و غنچه جي وچ وارو واءُ تقطع ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

2 – واو ضمه: اهو واءُ، لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي ۽ هميشہ پيش واري حرف جي آخر ۾ هوندو آهي. اهو واءُ ڪڏهن معروف ته ڪڏهن وري مجهول هوندو آهي. جيڪڏهن ان واءُ جي اڳ واري حرف جو پيش چٽي طرح ڇڪي پڙهڻ ۾ نه اچي ته سمجهڻ گهرجي ته اهو واءُ تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي پر جيڪڏهن ان واءُ جي اڳ واري حرف جو پيش چٽي طرح ڇڪي پڙهڻ ۾ اچي ته سمجهڻ گهرجي ته ان واءُ جو تقطيع مان ڪيرائڻ جائز نه آهي جيئن ته تون – تنهنجو – ويندو – هيڪلو وغيره.

فيض بخشاپوري:

ڪافرِ عشق آ بتِ ڪافر

جو مسلمان تي بدگمان آهي

مٿين مثال ۾ جو لفظ چٽي طرح ڇڪي پڙهڻ ۾ اچي ٿو ان ڪري تقطيع ۾ جو لفظ جو واءُ شمار ڪيو ويو آهي.

غلام احمد ”نظامي“

نه شيشو ٿي نه ساقي ٿي نه مستي ٿي نه پيمانو

تون هن ميخانهء عالم ۾ هر شيء جي حقيقت ٿي

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

نه شيشو ٿي

نه ساقي ٿي

نه مستي ٿي

نه پيمانو

ت هن ميخا

ن ئي عالم

م هر شئي جي

حقيقت ٿي

مٿين مثال ۾ تون لفظ چٽي طرح ڇڪي پڙهڻ ۾ نه ٿو اچي ان ڪري تون جو واءُ تقطيع ۾ شمار نه ڪيو ويو آهي.

3 – او معدوله: هن واءُ جي اڳ واري حرف تي پيش هوندو آهي ۽ لکڻ وقت لکبو آهي ليڪن ڳالهائڻ وقت اچارڻ ۾ نه ايندو آهي ان ڪري اهو واءُ تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي. جيئن ته:

ميرزا فتح علي ”عارف“:

قطعِ سرِ اعدا جو ارادو جي ٿي بالجزم

خيبر جي خبر آڻي سندم طبع اولوالعزم

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

مفاعيل

قطعي س

راعدا جه

ارادو جه

ٿ بل جزم

خيبر جه

خبر ا اڻ

سدم طبع

الل عزم

مٿين مثال ۾ اولوالعزم جو واءُ تقطيع مان ڪري پيو.

4 – واو اشمام ضمه: هن واءُ جي اڳيان خ ۽ پٺيان الف يا ي هوندي آهي. اهو واءُ رڳو فارسي زبان ۾ ان خ جي پويان هوندو آهي جنهن تي زير يا زبر هجي. بهرحال هن خ ۾ پيش جي به بوءِ رهي ٿي. اهو واءُ لکڻ وقت لکبو آهي ليڪن پڙهڻ وقت اُچار نه ڏيندو آهي. ان ڪري هن واءُ جو تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي. جهڙوڪ: خود – خوش – خواب – خواجه – خويش.

عبدالفتاح ”عبد“ عاقلي:

ڪاٿي خود داري حميت آهي سا غيرت ڪٿي

سو هنر ڪاٿي تجارت ۽ اها طاقت ڪٿي

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

ڪاٿ خد دا

ري حمي يت

ا ا هه ساغي

رت ڪٿي

سو هنر ڪا

ٿي تجارت

۽ اها طا

قت ڪٿي

ميرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائي:

ذرو ذرو ٿي ويو روشن سحر جي نور کان

پر تون آهين خوابِ راحت ۾ پيو بيڪار ٿي

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

ذرز ذررو

ٿي ويو رو

شن سحر جي

نور کا

پر ت ا ا هي

خاب راحت

۾ پيو بي

ڪار ٿي

سرور علي ”سرور“

وطن جي نوجوانن ۾ خوشي سان بي خودي آهي

جمالِ جانفزا جي گود ۾ اڄ زندگي آهي

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

مفاعيلن

وطن جي نو

جوانن ۾

خشي سا بي

خدي ا ا هي

جما لي جا

فزا جي گو

د ۾ اڄ زن

دگي ا ا هي

مٿين مثالن ۾ خودداري، خواب، خوشي ۽ بي خودي جا واءُ تقطيع مان ڪيرايا ويا آهن.

5 – واو اصلي فارسي: اهو واءُ اصلي فارسي لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي. اهڙي قسم جو واءُ تقطيع مان ڪيرائڻ سراسر غلطي آهي. جيئن ته: جادو، خوشبو، گيسو، عدو وغيره.

اياز ”قادري“

جنهن کان خوشبو ٿو پني مشڪِ تتار

جنهن جا طالب گل رهن ٿا ڌار ڌار

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

جهه ک خشبو

ٿو پني مش

ڪي تتار

جهه جه طالب

گل رهن ٿا

ڌار ڌار

عبدالقيوم ”صائب“

دشمنِ چالاڪ ۽ پارِ وطن ها دوبدو

هڪ طرف ساڻيهه جا سورهيه ته ٻئي پاسي عدو

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلن

دشمني چا

لاڪ ۽ يا

ري وطن ها

دوبدو

هڪ طرف سا

ڻيهه جا سو

ره ته ٻي پا

سي عدو

مٿين مثالن ۾ خوشبو، دوبدو ۽ عدو جي پڇاڙيءَ وارا واءُ تقطيع ۾ شمار ڪيا ويا آهن.

5 – واو لين: هن واءُ جي اڳيان هميشه زبر هوندي آهي ۽ اِهو واءُ لفظ جي يا ته وچ ۾، يا پڇاڙيءَ ۾ هوندو آهي. اهڙي قسم جي واءُ جو، تقطيع مان ڪيرائڻ بهتر نه آهي جيئن ته: قول، دؤر، جَوُ، سَؤ وغيره. جيئن ته:

عبدالڪريم ”گدائي“

عجب علم و حڪمت جو هي دور آيو

ويو ٿي جو بيزار پنهنجو پرايو

فعولن

فعولن

فعولن

فعولن

عجب عل

م حڪمت

جه هي دو

ر ا ايو

ويو ٿي

جه بيزا

ر پهجو

پرايو

محترمه نور شاهين

ياد ٿم شيرين ترهو پنهنجي قولن جو شراب

جنهن اڳيان ماکي جي شريني به آهي آب آب

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

ياد ٿم شي

ر ين ترهو

پهجه قولن

جو شراب

جهه ا ڳا ما

کي جه شيري

ني به ا اهي

ااب ااب

مٿين مثالن ۾ دور ۽ قولن جا واءُ تقطيع ۾ شمار ڪيا ويا آهن.

1 – عربي لفظن ۾ الف ۽ لام کان اڳه وارو واءُ: هن واءُ جي پٺيان الف ۽ لام هوندو آهي ۽ وري انهن ٻنهي حرفن الف ۽ لام کان پوءِ ڪو قمري يا شمسي حرف هوندو آهي. جيئن ته: ذوالجناح، ذوالفقار ۽ ذوالقدر.

مير حسن علي خان ٽالپر ”حسن“

طاقتِ حق ختم هُئي بر ذت شاهِ ذوالفقار

حجتِ حق خلق تي هو بادشاهِ ذوالفقار

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلاتن

فاعلات

طاعتي حق

ختم هي بر

ذات شاهي

ذلفقار

حج جتي حق

خلق تي هو

بادشاهي

ذلفقار

مٿين مثال ۾ ذوالفقار جو واءُ ۽ الف تقطيع مان ڪيرايا ويا آهن.

اي جي بيان ۾

1 – عربي لفظن ۾ الف ۽ لام کان اڳه واري ”ي“: اها ي عربي لفظن جي آخر ۾ هوندي آهي. هن ي کان پوءِ الف ۽ لام ۽ وري الف ۽ لام کانپوءِ ڪو قمري يا شمسي حرف هوندو آهي. اها ي لکڻ وقت لکبي آهي پر ڳالهائڻ وقت پڙهڻ ۾ نه ايندي آهي. ان ڪري هن ي کان اڳ وارو حرف جنهن تي زير هوندي آهي سو قمري حرفن ۾ لام سان ۽ شمسي حرفن ۾ لام جي آخر واري حرف سان ملي ويندو آهي ۽ تقطيع ڪرڻ وقت اها ي شمار نه ڪبي آهي جيئن ته:

تجُدهُ عُوناَلڪ فِي النوائب

مفاعلن

مفتعلن

مفاعلن

تجده عو

نل لڪفن

نوايبي

مٿين مثال ۾ في جي ي تقطيع مان ڪيرائي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org