سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :2

مناسب آهي ته ڪتاب ”سنڌي جو عروض“ جو وجود ۾ اچڻ بابت ڪي ڪجهه لکان. سيپٽمبر 1974ع ۾ جناب قبلا حضرت مخدومي طالب الموليٰ دام مجده، جن ڳوٺ ملا فراش ۾ مشاعرو ڪيو ۽ مشاعري جي اختتام بعد، دوران گفتگو راقم کي حڪم صادر ڪيائون ته سنڌي علم عروض تي ڪتابي صورت ۾ ڪي ڪجهه لکان. قبلا مخدوم صاحب جن جي فرمان بسم الله فبها چئي، سنڌي علم عروض تي ڪتاب لکڻ جو مصمم ارادو ڪري ڪتاب لکڻ شروع ڪيم ۽ قبلا مخدوم صاحب جن ڪتاب لکڻ جي دوران، وقتاً فوقتاً گهري نگراني رکي، پنهنجو عزيز وقت ضايع ڪري، مشفقانه انداز ۾ پُرخلوص طريقي ۽ دلچسپيءَ سان هر موقعي تي منهنجي ممڪنه مدد ڪري حوصله افزائي ڪيائون، جا راقم لاءِ شمع راه ثابت ٿي. ڪتاب 1977ع ۾ لکي ختم ڪري، مٿس ”سنڌي جو عروض“ نالو رکي سندن خدمت اقدس ۾ پيش ڪيم. جنهن بعد ڪتاب تي (صاد) جي مهر ثبت ڪيائون – ان ڪري ڪماحقه، سندن شڪريو ادا ڪرڻ، راقم جي امڪان کان ٻاهر آهي.

قبلا علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو پڻ صميم قلب سان شڪريو ادا ڪرڻ پنهنجو فرض منصبي سمجهان ٿو. جنهن صاحب اداره سنڌ الاجي، جي معرفت ڪتاب، سنڌي جو عروض، پنهنجي نظر مان ڪڍي، راقم کي تحسين جو پروانو عطا ڪري، سپاس گزار بنايو.

از انسواءِ آءٌ پنهنجي والد بزرگوار قبلا ميرزا عباس علي بيگ دام لطفه، جيڪو فن شاعري ۾ منهنجو پهريون استاد آهي، ڪتاب لکڻ کان اڳ پنهنجي مشفقانه مشورن سان نوازي ۽ پنهنجي بيش قيمت ڪتبخانه مان، ماخذ ۾ ڄاڻايل سمورا ڪتاب راقم جي حوالي ڪيا، جنهن لاءِ آءٌ پنهنجي والد جن جو به نهايت ادب ۽ احترام سان ممنون آهيان.

آخر ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، جي لائق فائق ڊائريڪٽر انچارج مسز مهتاب اڪبر راشدي جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن صاحبه ڪاپي جي تصحيح، هر طرح جي ڇپائي ۽ پروفن جي درستي جو نهايت محنت، خلوص ۽ خاص خيال سان اهتمام ڪيو.

ناظرين! سنڌي ٻولي ۾ علم عروض جي دقت کي رفع دفع ڪرڻ خاطر بمقتضائي همدردي، توڪل جو ترهو ٻڌي ڪتاب ”سنڌي جو عروض“ قدري بالنوضيح ليڪن اختصار سان لکي شائقين آڏو پيش خدمت آهي، جنهن لاءِ دست بدعا آهيان ته الله تعاليٰ منهنجي هن حقير محنت ۽ عرقربزي کي، حسن قبول جي دولت سان نوازي آمين! بجاه سيد المرسلين و اَلہ الطاهرين.

 

7 آگسٽ سن 1986ع

30 ذيقعد سن 1406 هه

سڪندر علي بيگ ميرزا

     ٽنڊو آغا حيدرآباد

باب پهريون

علم عروض جي بيان ۾

عروض، اصطلاح ۾ انهيءَ علم جو نالو آهي، جنهن کان ڪلام موزون ۽ غير موزون ۾ فرق ڪيو وڃي ۽ هن علم کانسواءِ نظم ۽ نثر ۾ تميز نه ٿي، ٿي سگهي.

صاحبِ محيط الدائره لکيو آهي ته جيئن ته هن علم ۾ لفظن جي صورت، نگاهن جي سامهون موزون طريقي تي پيش ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري هن علم جو نالو عروض رکيو ويو. ٻيو ائين به آهي ته هن علم جو موجد (سنه 100 هه) ۾ ابو عبدالرحمان الخليل ابن احمد بن عمر تميم البصري کي سندس دعا جي مطابق مڪه معظمه ۾ رهندي هن علم جو الهام ٿيو هو ۽ جيئن ته مڪه جو هڪ نالو عروض به آهي تنهنڪري خير و برڪت جي خيال کان هي علم، عروض جي نالي سان موسوم ڪيو ويو.

شعر جي لغوي معنيٰ

شعر، شعور مان مشتق آهي. جنهن جي معنيٰ آهي احساس ڪرڻ. حقيقت اها آهي ته حسين تخيلات، لطيف معاني ۽ دلڪش نظارن جي احساس کان شاعر جو روح متاثر ٿئي ٿو. شاعر جي زبان انهيءَ احساس کي موزون لفظن جي شڪل ۾ منظوم ڪيو ڇڏي، گويا شاعر جو شعر هڪ خاص قسم جو احساس و شعور آهي جو ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته موزون ٿئي ٿو. عام ڪلام جي مقابلي ۾ اهو احساس زياده بلند ٿئي ٿو ته هن ۾ اتم درجي واري شعوريت جي صفت موجود آهي، ان ڪري هنکي شعر چيو وڃي ٿو.

شعر جي تعريف

علامه ابن رشيق، جيڪو عروض جو امام مڃيو وڃي ٿو، سو پنهنجي ڪتاب العمدة ۾ لکي ٿو ته، شعر جو بنياد چئن ڳالهين تي آهي، لفظ، وزن، معنيٰ ۽ قافيه يعني اِهيئي، شعر جون حدون آهن. مطلب ته جنهن ڪلام ۾ وزن، قافيه ۽ بامعنيٰ لفظ هجن، تنهن جو نالو شعر آهي.

ڪلام جي تعريف

اهڙي پوري ۽ مڪمل ڳالهه جا ٻن يا ٻن کان وڌيڪ بامعنيٰ لفظن سان مرڪب هجي ۽ ٻڌڻ واري کي ان مان ڪنهن واقعي يا حڪم وغيره جي ڄاڻ پوي.

جيسين تائين متڪلم (ڳالهائڻ وارو) پنهنجي ڪلام ۾ وزن ۽ قافيه جي اُڻڻ جو قصد نه ڪري، تيسين اُن جو ڪلام شعر نه ٿو چورائي سگهي. ڀلي کڻي اُن ڪلام ۾ وزن ۽ قافيه موجود هجي. مثلاً قرآن ڪريم جون ڪي آيتون، جي موزون آهن، ليڪن شعر نه آهن. جيئن ته ”بسم الله الرحمان الرحيم“ جو بحر سريع جي وزن تي آهي ۽ موزون آهي، پر ان کي شعر نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪلام ۾ وزن جو قصد نه ڪيو يعني شعر چوڻ جو ارادو نه ڪيو. برخلاف ان جي، شاعر جي آڏو سڀ کان پهرين وزن ۽ قافيه ٿئي ٿو.

وزن

وزن جي لغوي معنيٰ تورڻ آهي، ليڪن عروض جي اصطلاح ۾ ڪن ٻن لفظن جي حرڪات و سڪون جي برابر هئڻ کي چون ٿا. جهڙوڪ ”سخاوت“، ”فعولن“ جي وزن تي آهي، يعني وزن مان مراد اها آهي ته شعر جا لفظ مقرر ڪيل بحر جي ساهمي ۾ پورا تُري اَچن.

قافيه

عروض جي اصطلاح ۾ قافيه، اُن چند حرفن جي مجموعه جو نالو آهي، جو (غزل يا قصيدي جي مطلع ۾ يا مثنوي جي بيتن ۾) شعر جي ٻنهي مصراعن جي آخر ۾ ان کان سواءِ ٻي صورت ۾ شعر جي فقط ٻي مصرع جي آخر ۾ استعمال ڪيو وڃي يا وري هر مصرع جي آخر ۾ رديف کان پهرين استعمال ڪيو وڃي.

موزون ۽ ناموزون

موزون جو مطلب آهي ته عروض جي ماهرن جيڪي وزن مقرر ڪيا آهن، تن مان ڪنهن به وزن جي برابر هجي ۽ ناموزون جو مطلب آهي ته، مقرر ڪيل وزنن جي برابر نه هجي، جهڙوڪ لفظ سراسر جو ”فعولن“ جي وزن تي آهي پر لفظ مڪافات، سواءِ ڪنهن ٻئي لفظ ڳنڍڻ جي، ڪنهن عروضي وزن تي نه آهي.

بيت

شعر کي بيت به چون ٿا، در حقيقت بيت کي ئي مجازي معنيٰ ۾ شعر چيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته، بيت جي لغوي معنيٰ آهي گهر، جهڙي طرح هر گهر ۾ ٻه دروازا ۽ دروازن ۾ عموماً ٻه طاق ٿين ٿا تهڙي طرح هر بيت جون ٻه مصراعون ٿين ٿيون. مصرع جي لغوي معنيٰ آهي طاق، هڪ شعر کي فرد به چون ٿا ۽ جنهن فرد جي ٻنهي مصراعن ۾ قافيه ۽ رديف يا فقط قافيه هجي تنهن کي مطلع چئبو آهي.

بيت جا جزا

هر بيت جون ٻه مصراعون ٿين ٿيون. پهرين کي ”مصرع اوليٰ“ ۽ ٻي مصرع کي ”مصرع ثاني“ يا ”مصرع اُخريٰ“ چئبو آهي.

پهرين مصرع جي پهرين جز (رڪن) کي ”صدر“ ۽ آخري جز (رڪن) کي ”عروض“ چئبو آهي. ٻي مصرع جي پهرين جز (رڪن) کي ”مطلع“ يا ”ابتدا“ ۽ آخري جز (رڪن) کي ”ضرب“ يا ”عجز“ چئبو آهي. ٻنهي مصراعن جي وچ واري اجزا (رڪنن) کي وري حشو چئبو آهي.

مٿين لفظن جي لغوي معنيٰ ۽ مناسبت (لاڳاپو)

1 – صدر جي معنيٰ اول يا مقدم آهي. هي جز (رڪن) سڀ کان پهرين هوندو آهي.

2 – عروض، جي معنيٰ، ڪنارو، پاسو يا طرف آهي. هي جز (رڪن) هڪ ڪناري تي هوندو آهي.

3 – مطلع، جي معنيٰ آهي نمودار ٿيڻ جي جاءِ يا ظاهر ٿيڻ جي جڳهه.

4 – ابتدا: جي معنيٰ آهي شروع. هي جز (رڪن) ٻي مصرع جي شروع ۾ هوندو آهي.

5 – ضرب، جي معنيٰ آهي، وانگر يا ٽڪرو.

6 – عجز، جي معنيٰ آهي پويون حصو، هي جز (رڪن) شعر جو پويون حصو آهي ۽ اڪثر عروض وانگر هوندو آهي.

7 – حشو، جنهن جي معنيٰ آهي تڪيه يا لحافه جي وچ ۾ ڪپهه ڀريل هجي. اِهي اجزا بيت جي وچ ۾ اهڙي طرح ٿين ٿا جهڙي طرح تڪيه يا لحافه ۾ ڪپهه.

مصراعن ۽ بيتن جي تقسيم (ورهاڱو)

1 – مثمن، جنهن بحر جا ارڪان (رڪن جو جمع) اَٺ هجن تنهن کي مثمن چئبو آهي.


باب ٻيو

اصول ارڪان

ڪلمه: انسان جي زبان مان جي لفظ نڪرن ٿا، تن کي ڪلمه چئجي ٿو. ڪلمه جو جمع آهي ڪلمات. ڪلمه يا ڪلمات هميشه هنن ٽن جزن مان مرڪب ٿيندا آهن. (1) سبب (نوڙي) (2) وتد (ميخ يا ڪلو) (3) فاصله (ٿنڀ) ۽ انهن ٽن جزن جي مجموع کي اصول سه گان به چئجي ٿو.

سبب جا ٻه قسم آهن (1) سبب خفيف (2) سبب ثقيل.

سبب خفيف: اُن ٻن حرفن واري ڪلمه کي چون ٿا جنهن جو پهريون حرف متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن هجي. مثلاً: فا – تن – لن – جا – جو – سي – سو – ٿو – ٿي – دل – هي – هو – تو – تي – ڪو – ڪي.

سبب ثقيل: اُهو ٻن حرفن وارو ڪلمو آهي، جنهن جا ٻئي حرف متحرڪ هجن. اهڙا ڪلمه سوائي عربي زبان جي ٻين زبانن ۾ نظر نه ٿا اچن. البت فارسي، اردو ۽ سنڌي ۾ لفظن جي ترڪيبي صورت ۾ ملن ٿا. مثلاً (فَعَ) دلِ من – لبِ جو – بنِ مو، وغيره ۾ دل – لب – بن – سبب ثقيل ۽ من – جو – مو، سببِ خفيف آهن.

وتد: وتد جا به ٻه قسم آهن. (1) وتد مجموع يا مقرون (2) وتد مفروق يا منفصل.

1 – وتد مجموع يا مقرون: اُهو ٽن حرفن وارو ڪلمه آهي، جنهن جا پهريان ٻه حرف متحرڪ هجن ۽ ٽيون حرف ساڪن، جهڙوڪ (فَعَلٌ) سحر – شجر – ڪمر – قلم – علم – هوا – صبا – هلي – هلو – ملي – رکي – رکو – اچي – اچو – سخا – وفا – جفا (مقرون جي معنيٰ آهي متصل، ڳنڍيل، هن ۾ ٻئي متحرڪ حرف گڏ ٿين ٿا، ان ڪري هن کي مجموع چيو وڃي ٿو).

2 – وتد مفروق يا منفصل: اُن ٽن حرفن واري ڪلمه کي چئجي ٿو، جنهن جو پهريون ۽ ٽيون، حرف متحرڪ هجي ۽ وچ وارو حرف ساڪن هجي. جيئن ته (فاع) ڪير – سال – مال – پير – مير – درد – مور – ڊيل – جان – جام – جنس – جلد – چرخ وغيره. (مفروق جي معنيٰ آهي جدا، جنهن جي ٻن متحرڪ حرفن جي وچ ۾ هڪ ساڪن حرف ٿئي ٿو.

عروضي اصطلاح ۾ اُهي حرف ساڪن نه ٿا مڃيا وڃن، جن جا اڳ وارا حرف به ساڪن هجن. تنهنڪري ياد رکڻ گهرجي ته درد – زرد – جام – جنس وغيره جو ٻيو حرف ساڪن آهي، ان ڪري ٽيون حرف متحرڪ سمجهو ويندو.

فاصله، جا به ٻه قسم آهن. (1)فاصله صغريٰ (2) فاصله ڪبريٰ.

1 – فاصله صغريٰ: اُن چئن حرفن واري ڪلمي کي چئجي ٿو، جنهن جا پهريان ٽي حرف متحرڪ ۽ چوٿون ساڪن هجي. جيئن عربي زبان ۾ تنوين سان (فَعَلُن) اَحداءٌ (اَحدن) ۽ فارسي ۾ صنما – چڪنم وغيره، سنڌي ۾ ان جا مثال اڻلڀ آهن، البته ترڪيبي صورت ۾ ان جا مثال ملي سگهن ٿا، جهڙوڪ: جگري – قمري – سحري – سفري وغيره.

فاصله ڪبريٰ: اُهو پنجن حرفن وارو ڪلمو آهي. جنهن جا پهريان چار حرف ته متحرڪ هجن ۽ پنجون حرف ساڪن، مثلاً (فَعَلَتُنٌ) عربي ۾ سمڪته، تنوين سان (سَمَڪَتُن) فارسي ۾ نشڪند – نَشموَد وغيره، سنڌي زبان ۾ ان جو ڪو مثال نه ٿو ملي سگهي.

 

 

اجزائي ثانيه يعني عروض جا رڪن

ارڪان: رڪن جي جمع کي چئبو آهي. جنهن جي لغت ۾ معنيٰ آهي هر شئي جو جزوِ اعظم (هر شئي جو وڏو حصو) علم عروض جي اصطلاح ۾ اُن چند مختلف لفظن جي مجموعه کي چيو وڃي ٿو. جيڪي شعر جي وزن ڪرڻ واسطي مقرر ڪيا ويا آهن، ۽ هر شعر جي موزونيت جو دارومدار انهن مقرر ڪيل رڪنن تي آهي.

رڪنن کي، اصولِ افاعيل يا ڏهه ارڪان به چوندا آهن. ڪل رڪن اَٺ آهن، جن ۾ ٻه رڪن خماسي ۽ ڇهه رڪن سباعي آهن.

ارڪان خماسي: ٻه آهن. جن جو هر رڪن پنجن حرفن وارو لفظ آهي. اُهي هي آهن (1) فعولن (2) فاعلن.

ارڪان سباعي، ڇهه آهن جنهن جو هر رڪن ستن حرفن وارو لفظ آهي، جي هي آهن. (1) مفاعيلن، (2) مفعولات (3)فاعلاتن (4) مستفعلن (5) متفاعلن (6) مفاعلتن، ليڪن عروض جي ٻن رڪنن فاعلاتن ۽ مستفعلن کي ٻن جي بدران چار قرار ڏئي ٻن قسمن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ: (1) متصل (2) منفصل.

ارڪان متصل ٻه آهن. (1) فاعلاتن (2) مستفعلن.

ارڪان منفصل: به ٻه آهن. (1) فاع لاتن (2) مس تفع لن. انهيءَ سبب کان اٺن رڪنن جي بدران ڏهه رڪن ٿي ويا. انهن رڪنن کي اصول، اجزا، ميزان، تفاعيل مفاعيل، افعال ۽ اوزانِ عروض به چيو وڃي ٿو.

هاڻي ذڪر ڪيل رڪنن کي هيٺين ريت سمجهڻ گهرجي

فعولن: فعولن ۾ پهرين وتد مجموع آهي ۽ تنهن کان پوءِ سبب خفيف آهي ڇو جو، فعو جا پهريان ٻئي حرف ف ۽ ع متحرڪ آهن ۽ واءُ ساڪن آهي ۽ لن ۾ پهريون حرف ل متحرڪ ۽ نون ساڪن آهي.

فاعلن: فاعلن ۾ پهرين سبب خفيف ۽ تنهن کان پوءِ وتد مجموع آهي، ڇو جو فا ۾ ف متحرڪ ۽ الف ساڪن ۽ علن ۾ ع ل ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ ن ساڪن آهي.

مفاعيلن: مفاعيلن ۾ پهريون وتد مجموع ۽ ان کان پوءِ ٻه دفعا سبب خفيف آهي، ڇو جو مفا جا پهريان ٻئي حرف م ف متحرڪ آهن ۽ الف ساڪن آهي. عيلن ۾ ع متحرڪ ۽ ي ساڪن آهي، لن ۾ ل متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي.

متسفعلن: مستفعلن: متصل (يعني جنهن جا رڪن گڏ لکيل هجن) مستفعلن ۾ پهرين ٻه سبب خفيف آهن ۽ تنهن کان پوءِ وتد مجموع آهي ڇو جو پهرين سبب خفيف ۾ م متحرڪ ۽ س ساڪن آهي ۽ ٻي سبب خفيف ۾ ت متحرڪ ۽ ف ساڪن آهي. وتد مجموع ۾ ع ۽ ل ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ ن ساڪن آهي.

فاعلاتن: فاعلاتن ۾ پهرين سبب خفيف آهي ۽ ان کان پوءِ وتد مجموع آهي. ڇو جو پهرين فا ۾ ف متحرڪ ۽ الف ساڪن آهي ۽ علا جا ٻئي حرف ع ۽ ل متحرڪ ۽ الف ساڪن آهي ۽ تنهن کان پوءِ آخر ۾ وري تن سبب خفيف آهي. هن ۾ ت متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي. يعني ٻنهي طرفن سبب خفيف ۽ وچ ۾ وتد مجموع آهي.

مفاعلتن: مفاعلتن ۾ پهرين وتد مجموع آهي ۽ ان کان پوءِ فاصله صغريٰ آهي ڇو جو پهرين مفا ۾ م، ف ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ الف ساڪن آهي. تنهن کان پوءِ علتن ۾ ع، ل، ت ٽيئي حرف متحرڪ آهن ۽ چوٿون حرف ن، ساڪن آهي ۽ جيڪي حضرات فاصله کي نٿا مڃن تن جي ويجهو مفاعلتن ۾ پهرين وتد مجموع آهي ۽ تنهن کان پوءِ سبب ثقيل ۽ آخر ۾ سبب خفيف آهي.

متفاعلن: متفاعلن ۾ پهرين فاصله صغريٰ آهي ۽ تنهن کان پوءِ وتد مجموع آهي ڇو جو متفا ۾ پهريان ٽيئي حرف م، ت، ف متحرڪ آهن ۽ الف ساڪن آهي ۽ علن ۾ ع، ل متحرڪ آهن ۽ ن ساڪن آهي.

مفولات: مفولات ۾ پهرين ٻه دفعا سبب خفيف آهن ۽ تنهن کان پوءِ وتد مفروق آهي. ڇو جو اڳيان آيل مفعو ۾ م متحرڪ ۽ ف ساڪن آهي ۽ ٻي سبب خفيف ۾ ع متحرڪ ۽ واءُ ساڪن آهي. لات ۾ ل ۽ ت ٻئي حرف متحرڪ آهن ۽ انهن جي وچ ۾ الف ساڪن آهي.

فاع لاتن: فاعلاتن منفصل (يعني جنهن جا رڪن جدا جدا لکيل هجن) ۾ پهرين وتد مفروق آهي ۽ تنهن کان پوءِ ٻه دفعا سبب خفيف آهن، ڇو جو فاع ۾ ف ۽ ع متحرڪ آهن ۽ انهن ۾ وچون حرف الف ساڪن آهي ۽ لا ۾ ل متحرڪ ۽ الف ساڪن آهي ۽ ٻئي سبب خفيف ۾ تن ۾ ت حرف متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي.

مس تفع لن: مس تفع لن منفصل ۾ پهرين سبب خفيف ۽ آخر ۾ به سبب خفيف آهي ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ وتد مفروق آهي، ڇو جو پهرين سبب خفيف ۾ م متحرڪ ۽ س ساڪن آهي ۽ وتد مفروق ۾ ت، ع متحرڪ ۽ انهن ٻنهي حرفن جي وچ ۾ ف ساڪن آهي ۽ ٻي سبب خفيف ۾ ل متحرڪ ۽ ن ساڪن آهي.

باب ٽيون

بحر جي تعريف

جنهن وزن تي شعر چيو وڃي ٿو، اصطلاحي معنائن ۾ اُن وزن کي بحر چيو وڃي ٿو، يعني ڪنهن  شعر جي متحرڪ ۽ ساڪن حرفن جي مجموعه جو نالو بحر آهي، ليڪن بحر جي لغوي معنيٰ وڏو درياءُ آهي. شعر جي وزن جو نالو بحر رکڻ، تنهن جو سبب هي آهي ته جهڙي طرح درياءَ مان ٻيون ڪيتريون نهرون ڪڍيون وڃن ٿيون تهڙي طرح هڪ بحر مان ڪيترائي زحاف ظاهر ٿي لفظن کي موزون ۽ مرڪب ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. زحافن جو بيان هن کان پوءِ ڌار ڏنو ويندو.

بحر کي جن لفظن سان ترتيب ڏني وڃي ٿي تن کي اصول، ارڪان، افاعيل، امثال، موازين، اجزا ۽ اوزانِ عروض به چون ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org