ميرزا فتح علي بيگ ”عارف“
مغفر کي وڍي جسم سڄو پار ڪري وئي
هر دين جي دشمن کي ته في النار ڪري وئي
مفعول |
مفاعيل |
مفاعيل |
فعولن |
مفرڪ |
وڍي جسم |
سڄو پار |
ڪري وي |
هر دين |
جه دشمن ک |
ته فن نار |
ڪري وي |
مٿين مثال ۾ في جي ي تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي آهي.
2 – يائي مجهول:-
هن ي جي اڳ واري حرف تي زبر هوندي آهي. اها جڏهن
پڙهڻ وقت چٽو آواز نه ڏيندي آهي ته هن ي کان اڳ
وارو حرف جنهن تي زبر هوندي آهي سو پنهنجي اصلي
حالت تي قائم رهندو آهي ۽ اها ي تقطيع ۾ شمار نه
ڪبي آهي بشرطيڪ اها يائي مجهول سنڌي لفظن جي آخر ۾
هجي. انکانسواءِ سنڌي شاعرن جي اهو پڻ اختيار ۾
آهي ته يائي مجهول تقطيع مان ڪيرائن يا نه ڪيرائن
جيئن ته:
مظفر حسين ”جوش“
بارها سيني ۾ دل جو ايئن ٿي مون ڌڙڪو ٻڌو
جيئن ڪٿي ڪو گهنڊ ڪنهن ويران ڪليسا ۾ وڳو
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
بارها سي |
ني م دل جو |
اي ٿ مو ڌڙ |
ڪو ٻڌو |
جي ڪٿي ڪو |
گهڊ ڪهه وي |
را ڪليسا |
۾ وڳو |
مٿين مثال ۾ ٿي جي ي تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي آهي.
عطا محمد ”حامي“
وفائن ۾ توڙي جفائن ۾ جاني
نڪو تنهنجو ثاني نڪو منهنجو ثاني
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولن |
وفائن |
م توڙي |
جفائن |
م جاني |
نڪو تهه |
جه ثاني |
نڪو مهه |
جه ثاني |
جيئن ته مٿين مثال ۾ توڙي جي ي تقطيع ۾ شمار ڪئي
وئي آهي.
3 – يائي معروف:-
هن ي جي اڳ واري حرف جي زير چٽي طرح پڙهڻ ۾ ايندي
آهي. انهيءَ ي جو تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي جيئن
ته:
سليم هالائي
الاهي جسم ۾ ڪنهنجي سا دل ۽ جان نه هجي
جنهين ۾ يار جي فرقت جو غم نهان نه هجي
مفاعلن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
الاهه جس |
م م ڪهجي |
س دل ء جا |
نه هجي |
جهي م يا |
ر جه فرقت |
جه غم نها |
نه هجي |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته تقطيع ۾ الاهي جي ي شمار نه
ڪئي وئي آهي.
4 – سنڌي لفطن ۾ ٻه گڏيل ي:-اها
ي جڏهن ٻي ي جي پويان هوندي آهي ته پهرين ي متحرڪ
۽ ٻي ي ساڪن بنجي پوندي آهي. لکڻ وقت انهي ي جي
بدران همزه لکبو آهي پڙهڻ وقت اچارڻ ۾ ايندي آهي.
جڏهن ٻي ي تقطيع مان ڪيرائبي آهي ته پهرين ي جنهن
جي بدران لفظ ۾ همزه ڪتب آڻبو آهي سو پنهنجي اصلي
حالت تي قائم رهندو آهي جيئن ته:
محمد اسماعيل عرساڻي ”فدا“
تون ئي جان حيات روح و بهار
موجب روزگار آهين رسول
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلات |
تو ء جاني |
حيات رو |
ح بهار |
موجبي رو |
زگار ا ا |
ه رسول |
پر جيڪڏهن ٻي ي پڙهڻ وقت اچارڻ ۾ ايندي آهي ته
پوءِ تقطيع مان نه ڪيرائبي آهي جيئن ته:-
فيض بخشاپوري
هرگز نه هجي چاڪ ها، دامان محبت
اي ڪاش ڪوئي سوزن تدبير هجي ها
مفعول |
مفاعيل |
مفاعيل |
فعولن |
هرگز نه |
هجي چاڪ |
ه دامان |
محب بت |
اي ڪاش |
ڪ ئي سوز |
ن تدبير |
هجي ها |
مٿين مثالن ۾ تون ئي جي ي تقطيع مان ڪيرائي وئي
آهي ۽ ڪوئي جي ي تقطيع ۾ شمار ڪئي وئي آهي.
5 – يائي مخلوط:
اها ي سنڌي لفظن جي وچ ۾ زبر واري حرف جي پٺيان ۽
ساڪن الف جي اڳيان هوندي آهي. اهڙي صورت ۾ هن ي جي
اڳ واري حرف ۾ ڪجهه زير جي ۽ پٺ واري حرف ۾ زياده
زبر جي بوءِ رهي ٿي ۽ انهيءَ زبر ۽ زبر جي درميان
اها ي مخلوط (مليل) بنجي نڪري ٿي ۽ خود اچارڻ ۾ نه
ايندي آهي. يا وري هن ي جي پٺيان ساڪن واءُ هوندو
آهي. اهڙي صورت ۾ هن ي جي اڳواري حرف ۾ زير جي ۽
پٺ واري حرف ضمهء معروف (ضمه جي معنيٰ پيش) يا
ضمهء مجهول جي بوءِ رهي ٿي ۽ اها وچ واري ي زير ۽
پيش کي ڇوهيندي نڪري ٿي ۽ خود اچارڻ ۾ نه ايندي
آهي. انڪري اهڙي قسم جي ي تقطيع مان ڪيرائڻ جائز
آهي بشرطيڪ هن ي جي پٺيان الف ۽ واءُ هجي جهڙوڪ:
پيار – پياس – آزيون- نيزاريون وغيره.
عطا محمد ”حامي“
تو مٿان صدقو ڪريان هي جان وتن
اي وطن منهنجا وطن پيارا وطن
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
تو مٿا صد |
قو ڪرا هي |
جان تن |
اي وطن مهه |
جا وطن پا |
را وطن |
علي محمد ”مجروح“
قافلا دردمندن جا هلندا هلن
منزلون ڪيتريون فاصلا ڪيترا
فاعلن |
فاعلن |
فاعلن |
فاعلن |
قافلا |
درد من |
دن جه هل |
دا هلن |
منزلو |
ڪيترو |
فاصلا |
ڪيترا |
مٿين مثال ۾ پيارا ۽ ڪيتريون، جون ي تقطيع مان
ڪيرايون ويون آهن.
4 – سنڌي لفظن ۾ عربي ۽ فارسي جي استعمال ٿيندڙ
”ي“:-
سنڌ جي اڳين شاعرن ۾ عربي ۽ فارسي لفظن جي پڇاڙيءَ
واري ي الف وصل کانسواءِ ڪيرائڻ جائز هئي. بلڪه
هاڻ به ڪن شاعرن جي آڏو اها ي ڪيرائڻ جائز آهي
ليڪن جيڪي شاعر هن يائي معروف جي ڪيرائڻ کان پرهيز
ڪن ٿا سي حق تي آهن، جيئن ته:
ميرزا مراد علي بيگ ”سائل“
نظر اُت قمري اَئي سرو تي ويٺل بچشمِ تر
چيو عابد ته قمري توکي ڪهڙي ڳالهه جو ٿيو غم
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
نظر ات قم |
ر ا ا ئي سر |
و تي ويٺل |
بچشمي تر |
چيو عا بد |
ته قمري تو |
ک ڪهڙي ڳا |
ل جو ٿو غم |
مٿين مثال ۾ قمري جي ي تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي
آهي.
7 – سنڌي لفظن ۾ نون غنه کان اڳواري يائي معروف:
اها ي جا سنڌي لفظن ۾ نون غنه جي اڳيان هوندي آهي،
تنهنجو تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي. جڏهن اها ي
ڪيرائبي آهي ته انجي اڳوارو حرف جنهن تي زير هوندي
آهي سو پنهنجي اصلي حالت تي قائم رهندو آهي پر
جيڪڏهن پڙهڻ وقت اها ي اچارڻ ۾ ايندي آهي ته تقطيع
۾ شمار ڪبي آهي، جيئن ته:
مير حسن علي خان
آهين تون شاهن جو شاهه عرش عُلا جي پناهه
ساري زماني جو شاه توتي صلواة و سلام
مفتعلن |
فاعلات |
مفتعلن |
فاعلات |
ا ا ت ه شا |
هن جه شاه |
عرش علا |
جي پناه |
سار زما |
ني جه شاه |
توت صلا |
تو سلام |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته آهين جي ي تقطيع مان ڪري پئي
۽ انهيءَ ي کان اڳوارو حرف هه پنهنجي اصلي حالت تي
قائم رهيو.
مولانا غلام محمد ”گرامي“
پاڻ ڪڏهن به باطل سان ياري نه ڪئي
پاڻ ڪڏهين غلاميءَ سان لاتي نه دل
فاعلن |
فاعلن |
فاعلن |
فاعلن |
پاڻ ڪڏ |
هي به يا |
طل س يا |
ري نه ڪي |
پاڻ ڪڏ |
هي غلا |
مي س لا |
تي نه دل |
مٿين مثال ۾ ڪڏهين جي ي تقطيع ۾ شمار ڪئي وئي آهي.
8 – سنڌي لفظن ۾ نون ۽ غنه کان اڳواري يائي مجهول:
اها ي پڻ سنڌي ٻوليءَ سان خاص لاڳاپو رکي ٿي. هن ي
جي اڳيان هميشه ڪسرهء مجهوله (ڪسره جي معنيٰ زير)
۽ پٺيان نون هوندو آهي. هن جا ڪيترائي قسم آهن ۽
جڏهن اها اچارڻ ۾ نه ايندي آهي ته تقطيع ۾ شمار نه
ڪبي آهي پر جيڪڏهن اچارڻ ۾ ايندي آهي ته تقطيع ۾
شمار ڪبي آهي، جيئن ته:
آخوند محمد عالم
اڄ خاڪ سين ملجي وئي تصوير نبيءَ جي
اڄ رت ۾ ته رلجي وئي تصوير نبيءَ جي
مفعول |
مفاعيل |
مفاعيل |
فعولن |
اڄ خاڪ |
س ملجي و |
ء تصوير |
نبي جي |
اڄ رت م |
ته رلجي و |
ء تصوير |
نبي جي |
مٿين مثال ۾ سين جي تقطيع مان ڪيرائي وئي آهي.
آخوند محمد عالم
ڏس ديدهء عبرت سين الله جي قدرت کي
وٺ صبر تون ڇڏ بابا بابي جي محبت کي
مفعول |
مفاعيلن |
مفعول |
مفاعيلن |
ڏس ديد |
ء عبرت سي |
ال لا ه |
جه قدرت کي |
وٺ صبر |
ته ڇڏ بابا |
بابا جه |
محب بت کي |
مٿين مثال ۾ سين جي ي تقطيع ۾ شمار ڪئي وئي آهي.
نون جي بيان ۾
نون جا ٻه قسم آهن:- (الف) نون غنه (ب) نون اعلان.
(الف) نون غنه:-اُهو
نون جو ڳالهائڻ وقت زبان سان اچارڻ ۾ نه اچي ۽ نڪ
مان آواز ڏي. تنهنجو تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي.
اهڙي قسم جي نون جا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
1 – مد وارن حرفن جي پويان وارو نون غنه:
اهو نون فارسي، عربي ۽ سنڌي لفظن ۾ هوندو آهي ۽
انهيءَ نون جي اڳيان هنن ٽن حرفن الف – واو معروف
يا يائي معروف مان ڪو حرف هوندو آهي. ٻي حالت ۾
جيسين هن نون ۾ اضافت نه ٿي يا انجي آخر ۾ واو عطف
نه هجي يا وري جيسين خود موصول نه ٿي تيسين
ڳالهائڻ وقت نڪ مان آواز ڏيندو آهي، جيئن ته:
محمد علي ”جوهر“
فضائي دهر کي ناسازگار سمجهان ٿو
خصومتِ فلڪِ فتنه بار سمجهان ٿو
مفاعلن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
فضا ء دهه |
رک نا سا |
زگا ر سم |
جها ٿو |
خصومتي |
فلڪي فت |
ن بار ر سم |
جها ٿو |
مٿين مثال ۾ سمجهان جو نون تقطيع مان ڪيرايو ويو
آهي.
شيخ عبدالله ”عبد“
خاڪ کي مٺ ۾ رکين جي ته اها زر ٿي پوي
سنگريزو جي کڻين هٿ ۾ ته گوهر ٿي پوي
فاعلاتن |
فعلاتن |
فعلاتن |
فعلن |
خاڪ کي مٺ |
م رکي جي |
ته اها زر |
ٿ پوي |
سنگريزو |
جه کڻي هٿ |
م ته گوهر |
ٿ پوي |
مٿين مثال ۾ رکين ۽ کڻين جا نون تقطيع ۾ شمار نه
ڪيا ويا آهن.
امداد حسيني
تون جي ملين ته دل کي مسرت ملي وڃي
اکين کي نور روح کي راحت ملي وڃي
مفعول |
فاعلات |
مفاعيل |
فاعلن |
تو جي م |
لي ته دل ک |
مسر رت م |
لي وڃي |
اکين ک |
نور روح |
ک راحت م |
لي وڃي |
نوٽ:
ياد رکڻ گهرجي ته اُهي عربي ۽ فارسي جا اسم جنجي
پڇاڙي وارو نون ترڪيب اضافي کانسواءِ آيل هجي ۽
جنهن جي اڳيان ڪو حرف علت (الف – واءُ – ي) هجي ته
اهڙي نون تي شاعر کي اختيار حاصل آهي نه وڻيس ته
انهي نون کي غنه طور ڪتب آڻي يا نون اعلان سان،
جيئن ته (جهان – جنون – جيئن وغيره) ليڪن اهڙا لفظ
جن ۾ فقط ٽي حرفن ٿين ٿا جيئن ته (جان – دين
وغيره) تن جو نون اعلان سان نظم ڪرڻ ضروري آهي.
2 – يائي مخلوط ۽ واءُ جي پويان وارو نون غنه:
هن نون جي اڳيان واءُ ۽ وري انهيءَ واءُ جي اڳيان
يائي مخلوط (اها ي جا لفظ جي وچ ۾ هجي) هوندي آهي.
انهي ي جو ذڪر ي جي بيان ۾ ٿي چڪو آهي، هتي رڳو
ايترو لکڻ ڪافي آهي ته اهو نون تقطيع ۾ شمار نه
ڪبو آهي ۽ واءُ ۽ ي کان اڳ وارو حرف (جنهن تي زير
هوندي آهي) پنهنجي اصلي حالت ۾ تقطيع ڪرڻ وقت شمار
ڪبا آهن، جيئن ته:
رشيد احمد لاشاري
توکي يورپ جو نئون سنڌي سڏڻ آهي بجا
تو ڇڏيون آهن دليون سنڌين جون ٺاري سورلي
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
تو ک يورپ |
جو نئون سن |
ڌي سڏڻ ا ا |
هي بجا |
تو ڇڏو ا ا |
هن دلو سن |
ڌن جه ٺاري |
سورلي |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته ڇڏيون جي ڏ ۽ واءُ ۾ دليون جو
ل ۽ واءُ پنهنجي اصلي حالت تي قائم آهن ۽ ٻنهي
لفظن جي پڇاڙي وارا نون غنه تقطيع ۾ شمار نه ڪيا
ويا آهن.
3 – زبر واري حرف جي پويان وارو نون غنه:
اهو نون زبر واري حرف جي پٺيان هوندو آهي ۽
ڳالهائڻ وقت نڪ مان آواز ڏيندو آهي. اهڙي قسم جو
نون تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي. جيئن ته:
آخوند محمد عالم
هئي نه شادي ڏٺم تنهنجي جهنڊ جي
وين مُسائي مٺا ماءُ پنهنجي
فاعلن |
فاعلن |
فاعلن |
فع |
هي نه شا |
دي ڏٺم |
تهج جهڊ |
جي |
وي مُسا |
ئي مٺا |
ماءُ پهه |
جي |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته جهنڊ جو نون تقطيع مان ڪري
پيو.
4 – زير واري حرف جي پويان وارو نون غنه:
اهو نون زير واري حرف جي پٺيان هوندو آهي ۽
ڳالهائڻ وقت نڪ مان آواز ڏيندو آهي. اهڙي قسم جو
نون تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي جيئن ته
آخوند محمد عالم
بيبي بانو چيو هئين ٿي هر هر
منجهه هندوري ڏسي حال اصغر
فاعلن |
فاعلن |
فاعلن |
فع |
بيبه با |
نو چيو |
هي ٿ هر |
هر |
مجهه هدو |
ري ڏسي |
حال اص |
غر |
مٿين مثال ۾ هندوري جو نون تقطيع ۾ شمار نه ڪيو
ويو آهي.
5 – پيش واري حرف جي پويان وارو نون غنه:
اهو نون پيش واري حرف جي پٺيان هوندو آهي ۽
ڳالهائڻ وقت نڪ مان آواز ڏيندو آهي – اهڙي قسم جو
نون تقطيع مان ڪيرائڻ جائز آهي جيئن:
ميوه خان، موج
منزلت ۽ مرتبو تنهنجو نه ڄاڻي چشم ڪور
محب تون محبوب جو مشتاق يزداني لطيف
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلات |
منزلت ۽ |
مرتبو تهه |
جو نه ڄاڻي |
چشم ڪور |
محب تو مح |
بوب جو مش |
تاق يزدا |
ني لطيف |
مٿين مثال ۾ تنهنجو جا ٻئي نون تقطيع ۾ شمار نه
ڪيا ويا آهن.
(ب)نون اعلان:
هن نون جي اڳيان ڪوبه حرف علت نه هوندو آهي ۽ نه
وري ڳالهائڻ وقت نڪ مان آواز ڏيندو آهي بلڪه
ڳالهائڻ وقت زبان سان برابر اچارڻ ۾ ايندو آهي
انڪري انهي نون جو تقطيع مان ڪيرائڻ جائز نه آهي.
اهڙي قسم جي نون جا هيٺ مثال ڏجن ٿا جيئن ته:
1 – اهو نون فارسي لفظن جي وچ ۾ هوندو آهي ۽ انهي
جي اڳيان يا پٺيان ڪوبه حرف علت (الف – واءُ – ي)
نه هوندو آهي. اهڙي قسم جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو
ويندو آهي جيئن ته:
مصنف
منهنجي هن عهد حسين ۾ ٿيا سڪندر سربسر
شبنمِ اَشڪ و گلِ داغِ محبت جا مزا
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
مهجه هن عهه |
دي حسي ۾ |
ٿا سڪندر |
سربسر |
شبنمي اش |
ڪو گلي دا |
غي محب ت |
جا مزا |
مٿين مثال ۾ سڪندر جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو
آهي.
تنوير عباسي
خلق جي خدمت کان وڌ ڇا بندگي
زندگي با بندگي تا بندگي
مٿين مثال ۾ بندگي – زندگي – تابندگي، جا نون
تقطيع ۾ شمار ڪيا ويا آهن.
2 – عربي جا اُهي لفظ جي عربي جي ترڪيب اضافي سان
آهن تنجي آخر وارو نون تقطيع مان ڪيرائڻ جائز نه
آهي جيئن ته:-
ميرزا سلطان حيدر ”سلطان“
عظيم الشان ختم الانبيا ٿيو
ثنا خوان جنهنجو خود رب العلا ٿيو
مفاعيلن |
مفاعيلن |
فعولن |
عظيمش شا |
ن ختمل ام |
بيا ٿيو |
ثنا خا جهه |
جه خد رب بل |
علا ٿيو |
مٿين مثال ۾ عظيم الشان جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو
ويو آهي.
3 – اهو عربي ۽ فارسي لفظن جي پڇاڙي وارو نون جنهن
جي اڳيان حرف علت (ي) ۽ وري انهي حرف علت جي اڳيان
ڪو زبر وارو حرف هجي ته اهڙي قسم جي نون جو تقطيع
مان ڪيرائڻ جائز نه آهي جيئن ته:
عبدالڪريم گدائي
نه مانيءَ جي ڳڻتي نه بيروزگاري
عجب چين ۾ مون حياتي گذاري
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولن |
نه ماني |
جه ڳڻتي |
نه بيرو |
زگاري |
عجب چي |
ن ۾ مو |
حياتي |
گذاري |
مٿين مثال ۾ چين جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
مير حسن علي ”حسن“
عطر گلِ حديقهء ايمان حسين هو
تازه هو جنهن کان روح سو ريحان حسين هو
مفعول |
فاعلات |
مفاعيل |
فاعلن |
عطري گ |
لي حديق |
ء ايماح |
سين هو |
تازه هه |
جهه ک روح |
س ريحاح |
سين هو |
مٿين مثال ۾ حسين، جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو
آهي.
4 – اهو نون لفظ جي وچ ۾ ايندو آهي ۽ انهي جي
اڳيان متحرڪ الف وصل هوندو آهي. اهڙي قسم جو نون
تقطيع مان ڪيرائڻ جائز نه آهي جيئن ته:-
عطا محمد حامي
آسمان جي برج اندر ٿو اچي
ڪي گهڙيون پردي ۾ پنهان ٿو رهي
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
ا ا سماجي |
برج اندر |
ٿو اچي |
ڪي گهڙو پر |
دي م پنها |
ٿو رهي |
مٿين مثال ۾ اندر جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو
آهي.
سيد منظور نقوي:
گذر ٿي شام، نموندار ماهتاب ٿيو
هي هڪڙي ڏينهن ۾ ڪهڙو نه انقلاب ٿيو
مفاعلن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
گذر ٿ شا |
م نمودا |
ر ماهتا |
ب ٿيو |
هه هڪڙ ڏي |
ه م ڪهڙو |
نه انقلا |
ب ٿيو |
مٿين مثال ۾ انقلاب جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو
آهي.
5 – هن نون جي مٿان شد هوندي آهي ۽ هن جي اڳيان ۽
پويان ڪوبه حرف علت (الف – واءُ – ي) نه ايندو
آهي. بلڪ انهيءَ نون جي پٺيان گاف لازمي طور تي
ايندو آهي. اهڙي قسم جو نون تقطيع مان ڪيرائڻ جائز
نه آهي.جيئن ته:
سرور علي سرور
چمن ۾ صورتِ گل ۽ فلڪ ۾ صورتِ انجم
هزارين رنگ بدلي ٿي حياتِ جاودان پنهنجي
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
چمن ۾ صو |
رتي گل ۽ |
فلڪ ۾ صو |
رتي انجم |
هزاري رن |
گ بدلي ٿي |
حياتي جا |
ودا پنهنجي |
مٿين مثال ۾ رنگ جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
6 – اهو نون لفظ جي وچ ۾ ۽ حرف ب يا ڀ جي اڳيان
هوندو آهي ۽ ڳالهائڻ وقت اهو نون ميم جو آواز
ڏيندو آهي، انهي نون جو ڪن شاعرن جي آڏو ڪيرائڻ
جائز آهي ۽ ڪن جي آڏو ڪيرائڻ ناجائز آهي. جيئن ته:
نثار ”بزمي“
چاهيون ٿا جنس هر هڪ جي اسين موجودگي
خواب غفلت مان اٿي انبار ڪي لائي ڇڏيو
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
چاهيو ٿا |
جنس هر هڪ |
جي اسي مو |
موجودگي |
خاب غفلت |
مان اٿي ام |
بار ڪي لا |
ئي ڇڏيو |
مٿين مثال ۾ انبار جو نون تقطيع ۾ ميم سان بدلايو
ويو آهي.
نواز علي ”نياز“
ڇا ڏسان ها ڪنهن جي خاطر اَنبيا ڀي منتظر
اوليا ڀي منتظر ها او صيا ڀي منتظر
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
ڇا ڏسا ها |
ڪهجه خاطر |
امبيا ڀي |
منتظر |
اوليا ڀي |
منتظر ها |
اوصيا ڀي |
منتظر |
مٿين مثال ۾ انبيا جو نون تقطيع ۾ ميم سان بدلايو
ويو آهي.
عبدالڪريم ”گدائي“
ڳچي ڪونج جي وار ڀنڀور ڪارا
نگاهن ۾ شوخي هُئي آشڪارا
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولن |
گچي ڪو |
ج جي وا |
رڀمڀو |
رڪارا |
نگاهن |
م شوخي |
هٌئي ا ا |
شڪارا |
مٿين مثال ۾ ڀنڀور جو نون تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو
آهي.
هه جي بيان ۾
1 – هائي مختفي:-
هن هه جو نالو مظهره حرڪت ۽ هائي بيان به آهي –
يعني اها هه جا لفظ جي آخر ۾ ساڪن هجي ۽ رڳو
اڳواري حرف جي حرڪت کي ظاهر ڪرڻ واسطي هجي. انهي
جي اڳيان ڪڏهن زير يا ڪڏهن زبر هوندي آهي. عربي ۾
اها ه زبر واري حرف جي اڳيان گهڻو ڪري علامت تانيث
طور ڪتب ايندي آهي جهڙوڪ حامله – زوجه وغيره. جڏهن
مصراع جي وچ ۾ انهي هه جي اڳواري حرف جي حرڪت جو
اسباع (ڪنهن حرف جي حرڪت جو ايترو ڇڪي پڙهڻ جو پيش
مان واءُ – زبر مان الف ۽ زير مان ي جو آواز پيدا
ٿئي) نه ٿئي ته سمجهڻ گهرجي ته اها ذڪر ڪيل هه
تقطيع ۾ شمار نه ٿيندي پر جيڪڏهن هه جي اڳواري حرف
جي حرڪت چٽي طرح اچارڻ ۾ اچي ته سمجهڻ گهرجي ته
اها هه تقطيع ۾ شمار ٿيندي جيئن ته:-
محمد جمن هالو
ائين ستمگر ستم ڪري پيو ڄڻ
هن زمانه ۾ ڪو خدا ناهي
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
ائي ستمگر |
ستم ڪري |
پوڄڻ |
هن زمانه |
۾ ڪو خدا |
ناهي |
مٿين مثال ۾ زمانه جي پڇاڙي واري هه تقطيع ۾ شمار
ڪئي وئي آهي.
محمد علي جوهر
فضائي دهر کي ناسازگار سمجهان ٿو
خصومت فلڪِ فتنه باز سمجهان ٿو
مفاعلن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
فضا ء دهه |
رک ناسا |
زگار سم |
جها ٿو |
خصومتي |
فلڪي فت |
ن بار سم |
جها ٿو |
مٿين مثال ۾ فتنه جي پڇاڙي واري هه تقطيع مان
ڪيرائي وئي آهي.
2 – هائي مختفي متحرڪ:-
جنهنجو ذڪر هه جي بيان ۾ پهرين ڪري چڪا آهيون.
جڏهن اهڙي قسم جي هه تي اضافت لڳائبي آهي ته اها
ساڪن نه رهندي آهي بلڪه زير جي حرڪت ڪري متحرڪ ٿي
پوندي آهي. جيڪڏهن اها زير چٽي طرح اچارڻ ۾ نه اچي
ته سمجهڻ گهرجي ته ذڪر ڪيل هه جي بدران تقطيع ۾
رڳو هڪ ي شمار ٿيندي يا وري فقط اهو همزه (ء) جو
اضافت طور انهي هه جي مٿان لڳائبو آهي سو تقطيع ۾
شمار ٿيندو جيئن ته:-
مير حسن علي ”حسن“
قبلئه عالم پناه شاه ملائڪ سپاه
احمدِ مرسل جا ماه توتي صلواة و سلام
مفتعلن |
فاعلات |
مفتعلن |
فاعلات |
قبل ء عا |
لم پناه |
شاه ملا |
ئڪ سپاه |
احمد مر |
سل جه ماه |
توت صلا |
تو سلام |
مٿين مثال ۾ قبله جي هه بدران تقطيع ۾ همزه (ئه)
شمار ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن انهي هه جي پويان واءُ
هجي ۽ اها هه ڳالهائڻ وقت چٽي طرح اچارڻ ۾ نه اچي
ته سمجهڻ گهرجي ته انهي هه جي بدران رڳو هڪ ي يا
وري هڪ همزه (ئه) تقطيع ۾ شمار ٿيندو جيئن ته:-
ميرزا علي بخش ”ڪوثر“
يار وفادار سندا زلف ۽ رخ ياد ڪري
صبح کي مون شام ڪيو گريه و فرياد ڪري
مفتعلن |
مفتعلن |
مفتعلن |
مفتعلن |
يار وفا |
دار سدا |
زلف ۽ رخ |
ياد ڪري |
صبح ک مو |
شام ڪيو |
گري ء فر |
ياد ڪري |
مٿين مثال ۾ گريه و فرياد جي وچوارو واءُ ۽ گريه
جي هه تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي آهي.
يا وري زير ڇڪي پڙهي ويندي آهي – ان صورت ۾ انجي
عوض ٻه ي تقطيع ۾ شمار ٿينديون – هڪ هائي مختفي ۽
ٻي اها جا يائي عوض جي بطن (پيٽ) مان پيدا ٿيندي
جيئن ته:
سردار علي شاه ”ذاڪر“
تون ملڪئه محبت، رومان خيز راڻي
سنڌو جي سرزمين جي ڌن مال جي ڌياڻي
مفعول |
فاعلاتن |
مفعول |
فاعلاتن |
تو ملڪ |
ئي محب بت |
رومان |
خيز راڻي |
سنڌو جه |
سرزمي جي |
ڌن مال |
جي ڌياڻي |
مٿين مثال ۾ ملڪہ جي هه جي بدران ٻه ي تقطيع ۾
شمار ڪيون ويون آهن. تقطيع ۾ انهن ٻن ي جي بدران
هڪ همزه ۽ هڪ ي لکڻ به صحيح آهي.
پر جيڪڏهن اهڙي قسم جي، هه جي پويان حرفِ عطف
(واءُ) هجي ته تقطيع ۾ فقط هڪ ي شمار ٿيندي، انجو
سبب اهو آهي جو يائي بطني جو قائم مقام عطف وارو
واءُ ٿئي ٿو. يا وري هه جي بدران رڳو هڪ الف ۽ عطف
وارو واءُ شمار ٿيندو، جيئن ته:
محمد علي ”جوهر“
مہ و نجوم ڇا، ارض و سما ٿيا ناساز
عجب مخلفتِ روزگار سمجهان ٿو
مفاعلن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلات |
م اونجو |
م ڇه ارضو |
سما ٿيا |
ناساز |
مفاعلن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
عجب مخا |
لفتي رو |
زگار سم |
جها ٿو |
مٿين مثال ۾ مہ جي هه جي بدران الف تقطيع ۾ شمار
ڪيو ويو آهي.
3 – هائي مخلوطي:
هنکي هائي ثقليه به چئبو آهي. اها هه سنڌي لفظن جي
وچ ۾ ايندي آهي. جڏهن اها هه متحرڪ يا ساڪن حرف
سان گڏجي پڙهبي آهي ته اهو متحرڪ يا ساڪن حرف جو
انهي هه سان گڏ هوندو آهي سو فقط تقطيع ۾ شمار ڪبو
آهي، جيئن ته:
قبله مخدوم امين محمد ثالث رحه عرف ”پکن ڌڻي“
ڏي مبارڪ مصطفيٰ کي وڃ مديني جي ديار
لوڏ ان پياري جو پينگهو ويهي نيڻن واهي نار
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلات |
ڏي مبارڪ |
مصطفا کي |
وڃ مديني |
جي ديار |
لوڏ ان پا |
ري جه پيگو |
ويهه نيڻن |
واهه نار |
مٿين مثال ۾ پينگهو، جي هه تقطيع مان ڪيرائي وئي
آهي.
حافظ حامد ٽکڙائي
ٻيا ته گهوريا جي ڪين گهوريندا
مون سڄڻ تو مٿان ته گهوريو سر
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
ٻا ته گورا |
جه ڪين گو |
ريدا |
مو سڄڻ تو |
مٿا ته گو |
رو سر |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته جن لفظن ۾ گهه آهن، تن سڀن
جون هه تقطيع ۾ شمار نه ڪيون ويون آهن.
اَخوند عبدالرحمان ”انجم“ هالائي
شب و روز دلدار جي آهه تانگهه
سدا دل ۾ ديدار جي آهه تانگهه
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولن |
شبو رو |
ز دلدا |
ر جي ا ا |
هه تا گهه |
سدا دل |
۾ ديدا |
ر جي ا ا |
هه تا گهه |
مٿين مثال ۾ گهه جي هه تقطيع ۾ شمار ڪئي وئي آهي.
هدايت علي ”نجفي“
ڏسڻ اسان ڏي جي مانع اوهانکي آهي لڄ
اسان ته تنهنجي ڏسڻ سان ڇڏي آ لاهي لڄ
مفاعلتن |
فعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
ڏسڻ اسان |
ڏجه مانع |
ا و ا ک ا ا |
هي لڄ |
اسا ته تهه |
جه ڏسڻ سا |
ڇڏي ا لا |
هي لڄ |
مٿين مثال ۾ اوهان جي هه تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي
آهي.
همزه جي بيان ۾
1 – همزه:
اهو همزه هائي مختفي، واءُ ۽ ي جي مرڪز تي هوندو
آهي يا وري ڪڏهن حرفِ علت (الف – واءُ – ي)
کانپوءِ ايندو آهي. مٿي ذڪر ڪيل هائي مختفي جي
همزه جا مثال هه واري بيان ۾ ۽ واءُ واري همزه جي
مثال حرفن جي وڌائڻ واري بيان جي فقره نمبر 2 ۾
ڏنل آهن. هتي فقط ايترو سمجهڻ ڪافي آهي ته انهي
واءُ ۾ ڪڏهن اشباع (حرڪت جو ڇڪي پڙهڻ) ٿئي ٿو ۽
ڪڏهن اشباع نٿو ٿئي. جڏهن اهو واءُ ڇڪي پڙهڻ ۾ نه
ايندو آهي ته انهي واءُ جي مرڪز واري همزه جي
بدران رڳو مرڪز وارو هڪ واءُ پنهنجي اصلي حالت تي
قائم رهندو آهي، جيئن ته:
مير حسن علي خان ٽالپر
گاوِ گردون جو جگر بريان ٿي
گاو ماهي سان زمين سوزان ٿي
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
گاو گردو |
جو جگر بر |
يا ن ٿي |
گاو ماهي |
سا زمي سو |
زان ٿي |
مٿين مثال ۾ گاؤ جو هڪ واءُ تقطيع ۾ شمار ڪيو ويو
آهي. پر جيڪڏهن انهي واءُ جو همزه چٽي طرح ڇڪي
پڙهڻ ۾ اچي ته سمجهڻ گهرجي ته هڪ واءُ جي بدران ٻه
واءُ تقطيع ۾ شمار ٿيندا (يعني هڪ واءُ همزه جي
بدران ۽ ٻيو واءُ اصلي واءُ جي بدران)، جيئن ته:
ميرزا فتح علي بيگ ”فتح“
للڪار کان ان شير جي گاؤ ۽ ماهي ٿي ڏڪيا
اندوه ٿيو بس عرش تي لوح و قلم لرزڻ لڳا
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلن |
للڪار کا |
ان شير جي |
گاووء ما |
هي ٿي ڏڪا |
اندوه ٿو |
بس عرش تي |
لوحو قلم |
لرزڻ لڳا |
مٿين مثال ۾ گاؤ جا ٻه واءُ تقطيع ۾ شمار ڪيا ويا
آهن.
يائي معروف جي مرڪز وارو همزه پڻ ڪڏهن زير واري
حرڪت سان چٽي طرح ڇڪي پڙهبو آهي ۽ ڪڏهن ڇڪي نه
پڙهبو آهي. جڏهن چٽي طرح ڇڪي پڙهڻ ۾ ايندو آهي ته
انهي جي بدران ٻه ي يا اهو ساڳيو همزه ۽ ان جي آخر
واري ي تقطيع ۾ شمار ٿيندي آهي. جيئن ته:
شمشير الحيدري
خامشي ۾ ٿي نهان طرز ادائي جاني
سازِ دل چاهي ٿو اڄ نغمه سرائي جاني
فاعلاتن |
فعلاتن |
فعلاتن |
فعلن |
خامشي ۾ |
ٿ نها خاطر |
زا دا ئي |
جاني |
ساز دل چا |
ه ٿي اڄ نغ |
م سرائي |
جاني |
زمان شاه ”ساقي“
صبر ۽ دل جي صفائي ناز برداري نياز
عشق جي مڪتب ۾ عاشق ٿا پڙهن هي چار چيز
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلات |
صبر اي دل |
جي صفائي |
ناز بردا |
ري نياز |
عشق جي مڪ |
تب م عاشق |
ٿا پڙن هي |
چار چيز |
شير ”هاتف“
مچائي هزارن غمن بزمِ دل
نه ٿيو تنهنجي غم ري رهاڻين ۾ رس
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعل |
مچائي |
هزارن |
غمن بز |
م دل |
نه ٿو تهه |
جه غم ري |
رهاڻي |
م رس |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته ادائي – نغمه سرائي – صفائي ۽
مچائي جي پڇاڙي واري ي جي مرڪز وارو همزه ۽ اها
ساڳي ي تقطيع ۾ شمار ڪيا ويا آهن. پر جيڪڏهن چٽي
طرح ڇڪي پڙهڻ ۾ نه اچي ته سمجهڻ گهرجي ته فقط هڪ ي
يا هڪ همزه تقطيع ۾ شمار ٿيندو، جيئن ته:
شيخ اياز
رات اُڏري روح منهنجي مان چڪور
ڳائي ڳائي چنڊ کي ريجهائي ويا
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
رات اڏري |
روح مهجي |
ماچڪور |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلن |
ڳاءِ ڳائي |
چنڊ کي ري |
جهاءِ وا |
هدايت علي ”نجفي“
منهن کي ڦيرائي ٿو ڪري پاسي
جيڪڏهن ٿو ڏيان ملڻ جي ميچ
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
مهه ک ڦيرا |
۽ ٿو ڪري |
پاسي |
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلات |
جيڪڏه ٿو |
ڏيا ملڻ |
جي ميچ |
مصطفيٰ حيدر جتوئي
هر طرف آهي نراسائي، خموشي ۽ جمود
جان مردن ۾ وجهي ڪوئي اُٿاري ته سهي
فاعلاتن |
فعلاتن |
فعلاتن |
فاعلات |
هر طرف ا ا |
ه نراسا |
ء خموشي |
اي جمود |
فاعلاتن |
فعلاتن |
فعلاتن |
فعلن |
جان مردن |
م وجهي ڪو |
ء اٿاري |
ته سهي |
مٿين مثالن ۾ ڏسبو ته ڳائي – ريجهائي – ڦيرائي ۽
نراسائي جي پڇاڙي واريون ي تقطيع مان ڪري پيون ۽
فقط همزه شمار ڪيا ويا آهن.
ساڪن حرفن جي بيان ۾
اُهي حرف جي لکڻ وقت لکيا وڃن ٿا ۽ پڙهڻ وقت آواز
ڏين ٿا ۽ تقطيع ۾ ساڪن شمار ٿين ٿا، تن جو هيٺ
بيان ڏجي ٿو.
1 – الف جي پويان وارو نون غنه:
جڏهن مصرع جي پڇاڙي وارو حرف نون غنه الف جي پويان
هوندو آهي ته اهو رڪن جي ساڪن حرف جي مقابل تقطيع
۾ قائم رهندو آهي، جيئن ته:
مير حسن علي خان ”حسن“
لازم ٿيو خوف تيغ شرر دم جي ضرب کان
هشيار فوج ٿيو خبردار حرب کان
مفعول |
فاعلات |
مفاعيل |
فاعلات |
لا زم ٿ |
خوف تيغ |
شرر دم جه |
ضرب کان |
هشيار |
فوج کا ٿه |
خبردار |
حرب کان |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته کان جو نون تقطيع ۾ قائم آهي.
2 – واو معروف جي پويان وارو نون غنه:
اهو نون مصرع جي آخر ۾ قائم رهي تقطيع ۾ شمار
ٿيندو آهي، جيئن ته:
ميرزا مراد علي بيگ ”ٻڍل“
جرم جو مون کان ٿيو سو بخش ياالله تون
مان سنديءَ در جو گدا ۽ آهين شاهنشاهه تون
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلات |
جرم جو مو |
کا ٿيو سو |
بخش يا ال |
لاهه تون |
ما سدي در |
جو گدا اي |
ا ا هه شاهن |
شاهه تون |
مٿين مثال ۾ ڏسبو ته تون جو نون تقطيع ۾ قائم آهي.
3 – واءُ ۽ يائي مخلوطي جي پويان وارو نون غنه:
اهو مصروع جي آخر وارو نون غنه پڻ تقطيع ڪرڻ وقت
رڪن جي آخر واري ساڪن حرف جي مقابل قائم رهندو
آهي، جيئن ته:
ذاڪر ناصر علي
علمدار شہء مضطر کي ماريون
علي اڪبر ۽ اصغر کي ماريون
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيل |
علمداري |
شهي مضطر |
کـ مارون |
علي اڪبر |
کـ اي اصغر |
کـ مارون |
مٿين مثال ۾ ماريون جو نون غنه تقطيع ۾ قائم آهي.
يائي معروف جي پويان وارو نون غنه:
اهو نون فارسي ۽ سنڌي لفظن جي پويان ايندو آهي ۽
جڏهن اهڙي قسم جو نون مصرع جي آخر ۾ هوندو آهي ته
تقطيع ڪرڻ وقت رڪن جي ساڪن حرف جي مقابل قائم
رهندو آهي، جيئن ته:
ثابت علي شاه ”ثابت“
نور نيڻن ٺار ناني ٿي نپايئي ناز سين
رات ڏينهن تنهنجون رضائون ٿي رکئين سڀ راز سين
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلاتن |
فاعلات |
نور نيڻن |
ٺار ناني |
ٿي نپائي |
ناز سين |
رات ڏي تهه |
جورضائو |
ٿي رکي سڀ |
راز سين |
5 – يائي مجهول جي پويان وارو نون غنه:اهو
نون سنڌي لفظن جي پويان ايندو آهي ۽ جڏهن اهڙي قسم
جو نون مصرع جي آخر ۾ هوندو آهي ته تقطيع ۾ قائم
رهندو آهي، جيئن ته:
ثابت علي شاه ”ثابت“
اسين قاسم جي اڄ شادي ڪنداسين
حسن جي خانه آبادي ڪنداسين
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيل |
اسي قاسم |
جـ اڄـ شادي |
ڪداسين |
حسن جي خا |
ن ا ا بادي |
ڪداسين |
مٿين مثال ۾ ڪنداسين جو نون تقطيع ۾ قائم آهي. |