سلام
اهو غزل جنهن ۾ معرڪئه ڪربلا جا واقعات ۽ شهداءِ
ڪربلا جي فضائل سان گڏ اخلاقي مضمون هجن تنهن کي
سلام چئبو آهي.
نوحه
اهو مرثيه جو مستزاد جي نموني تي لکيل هجي يا نه
هجي ليڪن جنهن ۾ وڃڻ جا شعر زياده هجن جن کي هميشه
الحان سان پڙهي ماتم ڪبو آهي.
ندبه
اصطلاح ۾ ندبه مان اُهي لفظ مراد آهن جي مصرع جي
آخر ۾ اچن ٿا ۽ جي بين ڪرڻ لاءِ پڙهي ماتم ڪبو
آهي.
واسوخت
اهو نظم جنهن ۾ شاعر پنهنجي پريشان حالي ۽ محبوب
جا ظلم و ستم بيان ڪري عشق ۽ معشوق کان بيزاري
ظاهر ڪئي هجي.
شهر اَشوب
اهو نظم جنهن ۾ شاعر زماني جي افراتفري، ملڪ ۽ شهر
جي تباهي و بدحالي ۽ اهلِ وطن جي زبون حالي جو ذڪر
ڪري.
مدح
اهو نظم جنهن ۾ ڪنهن بزرگ هستي يا امير جي تعريف
ڪيل هجي.
هجو
اهو نظم جنهن ۾ ڪنهن جي برائي بيان ڪئي وڃي. ان جا
ٻه قسم آهن:-
(الف) مليح:- جنهن ۾ لڪل هجو ڪيل هجي.
(ب) صريح:- جنهن ۾ ظاهر هجو ڪيل هجي.
هزل
اهو نظم جنهن
۾ بيهوده قسم جا مضمون لکيل هجن.
سهرو
اهو نظم جو شادي جي تقريب ۾ گهوٽ کي سهرن ٻڌڻ مهل
پڙهيو وڃي.
ريختي
اهو نظم جنهن ۾ شاعر زالن واري زبان ۽ انهن جي ئي
انداز ۾ سندن خيالات و جذبات جو اظهار ڪري.
معمه يا ڳجهارت
اهو نظم جنهن ۾ ڪا لڪل ڳالهه يا پرولي هجي.
تضمين
اهو نظم جنهن ۾ پنهنجي يا ڪنهن ٻئي جي مصرع يا شعر
تي مصرع لڳائڻ، جيئن ته:
(الف) هڪ مصرع تي هڪ مصرع لڳائڻ.
(ب) هڪ بيت تي هڪ مصرع يا هڪ مصرع تي هڪ بيت لڳائي
مثلث ٺاهڻ.
(ث) مطلع تي مطلع لڳائڻ.
(ج) بيت تي ٽي مصراعون لڳائي مخمس ٺاهڻ.
(ح) بيت تي چار مصراعون لڳائي مسدس ٺاهڻ.
(د) بيت تي متعدد بيت لڳائي قطعه ٺاهڻ.
اقتباس
اهو نظم جنهن ۾ قرآن مجيد جي ڪا آيت يا جزو آيت يا
وري ڪا حديثِ نبوي نظم ڪيل هجي.
عقد
اهو شعر جنهن ۾ قرآن مجيد جي آيت يا حديث يا وري
ڪنهن جي مشهور قول جو ٽڪرو نظم ڪيل هجي ليڪن اهو
ضروري آهي ته اُهو ٽڪرو انهي ڳالهه ڏانهن اشارو
ڪندو هجي ته هي قرآن جي ڪنهن آيت يا حديث يا وري
ڪنهن جي مشهور قول جو ٽڪرو آهي.
تصرف
ڪنهن ٻئي شاعر جي شعر ۾ ڪن لفظن جي ڦير ڦار ڪري
پنهنجي مرضي مطابق نظم ڪرڻ کي تصرف چئبو آهي.
سه حرفي
اهو نظم جنهن ۾ ابجد جي هر هڪ اکر تي هڪ بيت نظم
ڪيل هجي.
تاريخ گوئي
علم بديع جي اصطلاح ۾ تاريخ، انهيءَ نظم کي چئبو
آهي، جنهن جي ڪنهن لفظ يا جمله يا وري مصرع مان،
ابجد واري حرفن جي حساب ذريعي، ڪنهن واقعي (جهڙو
ڪرحلت، پيدائش، شادي، تعمير ۽ تصنيف) جي ختم ڪرڻ
يا ٿيڻ تي سال يا سن نڪري اچي. يعني مطلب اهو آهي
ته لفظ يا جمله يا پوري مصرع جي عددن مان، سن يا
سال نڪري. ابجد واري حساب تي حرفن جا عدد مقرر ڪيل
آهن جي هيٺين ريت آهن:
ابجد |
هوز |
حطي |
ڪلمن |
ا ب ج د |
هه و ز |
ح ط ي |
ڪ ل م ن |
1 2 3 4 |
5 6 7 |
8 9 10 |
20 30 40 50 |
سعفص قرشت
س |
ع |
ف |
ص |
|
ق |
ر |
ش |
ت |
60 |
70 |
80 |
90 |
|
100 |
200 |
300 |
400 |
ثخذ صظغ
ث |
خ |
ذ |
|
ض |
ظ |
غ |
500 |
600 |
700 |
|
800 |
900 |
1000 |
مٿي ڏنل حرفن کانسواءِ ٻيا ڪيترا حرف سنڌي زبان ۾
رائج آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. مثلاً
1 – ٻ، پ، ڀ، 2 عدد ب وانگر.
2 – ٽ، ٺ، ٿ، 400 عدد ت وانگر.
3 – چ، ڃ، ڇ، جهه 3 عدد ج وانگر.
4 – ڌ، ڏ، ڊ، ڍ 4 عدد د وانگر.
5 – ڙ، رﱞ (فارسي زبان واري) 200 عدد وانگر.
6 – ک، گ، ڳ، ڱ، گهه، 20 عدد ڪ وانگر.
7 – ڦ 80 عدد ف وانگر.
8 – ڻ 50 عدد ن وانگر.
جمل:
عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ته، حروف
تهجي کي عددن (انگن) جي مقابلي ۾ قائم ڪرڻ جهڙوڪ
الف کي (1) هڪ انگ جي برابر ۽ ب کي (2) ٻن انگن جي
برابر ڪرڻ.
جمل صغير ۽ جمل وسيط:
اسمِ حرف جي پهرين حرف جي عدد کي زبر چئجي ٿو ۽
پهرين حرف جي باقي بچيل حرفن جي عددن کي بيّات
چئجي ٿو. جيئن ته الف جنهن جي پهرين حرف (1) جو
عدد هڪ آهي، جنهن کي زبر چئبو آهي (اهو آهي جمل
صغير)، باقي بچيل حروف يعني (لف) جنهن جا عدد 110
آهن (ل – 30 +ف – 80 = 110) هنکي بينّات چئجي ٿو
(اهو آهي جمل وسيط).
جمل ڪبير:
جمل صغير ۽ جمل وسيط جي مجموعي کي جمل ڪبير چئجي
ٿو. جيئن ته دال جا 35 عدد آهن، ڪاف جا 101 عدد
آهن.
زبر ۽ بينّات هيٺ ڏنل نقشي ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
غايت جمل:-
جمل جي ذريعي انگن جو ڪم حرفن کان ورتو وڃي ٿو.
ڪنهن واقعي تي (جهڙوڪ پيدائش، شادي ۽ موت وغيره)
ڪجهه اهڙن لفظن کي جمع ڪجي جنهن جا مجموعي انگ،
واقعي جي سن برابر هجن، جنهن کي ”مادهء
تاريخ“ چئبو آهي.
صوري:-
يعني ڪنهن واقعي جي تاريخ صاف صاف لفظن ۾ سوائي
عدد شمار ڪرڻ جي چئي وڃي تنهنکي ”صوري تاريخ“ چئجي
ٿو.
ندا آهي هاتف جي ”عباس“ جڳ ۾
آهي اڄ به سرڪار جو ”انتظام“
1392 هه
صوري ۽ معنوي:
يعني جنهن تاريخ جي لفظن مان پڻ سن يا تاريخ ظاهر
ٿئي ۽ اُن جي حرفن جي انگن مان به اُهو ئي سن نڪري
اچي، اهڙي تاريخ کي ”صوري ۽ معنوي“ چئجي ٿو.
عيسوي سالش نوشتم ابر صوري معنوي
گشته سال نيک با اثنين نه صديک هزار
1902ع
تاريخ مفرد:-
يعني ڪنهن هڪ حرف جي عدد جمل مان تاريخه نڪري،
جهڙوڪ عنبر حبشي تي مير مراد علي خان ٽالپر
ڪاوڙيو، جنهن تي شاعر هيٺ ڏنل تاريخه چئي:
”حائي“ حبشي جا عدد بس اَٺ وٺي
ٽي دفعا اڌ اڌ ڪري سي ڪم ڪريو
”ح“ جا عدد 8 آهن، اُنکي اڌ ڪبو ته 4 عدد ٿيندا،
وري اُنکي اڌ ڪبو ته 2 عدد ٿيندا، وري ٽيون دفعو
اُنکي اڌ ڪبو ته 1 عدد ٿيندو هاڻي انهن چئني انگن
کي هڪ سٽ ۾ لکبو ته ”1248ع سال هجري نڪرندو.
تاريخ مرڪب:
جا هڪ لفظ يا ٻين ڪيترن گڏيل لفظن مان نڪري. جهڙوڪ
سيد ثابت علي شاه، مير فتح علي خان ٽالپر جي تاريخ
وفات ۽ تاريخ مرقد هڪ ئي مصرع ۾ چئي آهي.
”مکين قصر بهشت“
و ”مڪان بهشتي قصر“
1217 هه (تاريخ وفات) (1218 هه تاريخ مرقد)
تاريخ منثور:
يعني اُها تاريخ جا ڪنهن نثر جي فقري مان نڪري
جهڙوڪ:
مرحوم بهشت جي ”باغ والا شان“ ۾ وڃي مقيم
ٿيو.
1392 هه
تاريخ منظوم:يعني
جا هڪ مصرع يا جزو مصرع يا سالم شعر مان نڪري اچي
جهڙوڪ:
”معتمد شاهڪار ثابت جو“
1984ع
تعميه:
هي تعبيه جي هم معنيٰ لفظ آهي. مادهء تاريخ جي
عددن ۾ ڪمي هجي ته اُنکي مناسب لفظن جي عددن سان
پورو ڪيو وڃي. جيئن ته سن 1320 هه ميرزا قاسم علي
بيگ جي شيرين سخني تي ميرزا ٻڍل بيگ قطعه تاريخ
چئي.
”پيڪ شيرين سخن“ مان ڳولي سن
سر حاسد ڪپي برابر ڪر
”پيڪ شيرين سخن“ جا عدد 1312 آهن، تنهن ۾ حاسد جي
”ح“ جا 8 عدد جوڙ ڪبا ته مطلوب سال 1320 هه
نڪرندو.
حضرت امام حسين عليه السلام جي سال ولادت ۽ سال
شهادت جي تاريخ هن طرح ڪڍي اٿم:
عيان ٿي دال مان ”دين“ جي ولادتِ شبير
بچيل حروف مان ظاهر شهادتِ شبير
يعني ولادت جو سال ”د“برابر سن 4 هجري ۽ شهادت جو
سال ”ين“ برابر 60 هجري جي آهي.
تخرجه:
يعني مادهء تاريخ ۾ عدد زياده هجن ته
اُنهن کي مناسب لفظن سان گهٽ ڪيو وڃي. جهڙو حضرت
امام حسين عليه السلام جي شهادت جي تاريخ ”تخرجه“
مان منقوط ۽ غير منقوط هيئن ڪڍي اٿم:
سرِ حسين جدا ٿيو خرد چئي روئي
حروفِ بي نقط و نقطدار ۾ تاريخ
يعني حسين جي ”ح“ ڪڍي، ”س“ مان تاريخ بي نقط برابر
60 هجري ۽ ”ين“ مان تاريخ نقطدار برابر سن 60 هجري
نڪري ٿو.
آنحضرت صلعم جن جي تاريخ رحلت هيئن نڪري ٿي.
تعميه ۾ چئي خرد تاريخ
ڪئي محمد زمانه مان رحلت
11= 92 – 103
يعني ”زمانه“ جي عددن 103 مان ”محمد“ جا عدد 92
ڪاٽبا ته باقي 11 عددن مان حضور جن جو سالِ رحلت
نڪرندو.
سن 1269 هه ۾ مير علي مراد خان نئون باغ لڳايو.
جنهن جو ماده تاريخ ميرزا فتح علي بيگ ”طوبا“ مان
ڪڍيو.
واهه ڇا جنت نما گلشن ٿيو
جا بجا جنهن ۾ ڏسان ط و ب ا پيو
9 6 2 1 هه
يعني (طوبا) ط= 9، و= 6، ب = 2، ا = 1، هاڻي انهن
چئني انگن کي هڪ سٽ ۾ گڏي لکبو ته مطلوب سال 1269
هجري نڪري ايندو.
سن 1320 هه ۾ هز هائينس مير حسن علي خان ڪتاب
”مجموعه قصائد“ تصنيف ڪيو جنهن جي قطعه تاريخ
ميرزا قاسم علي بيگ چئي، جنهن جي ماده تاريخ هي
آهي:
چيو ٽي دفعا واهه ”قاسم“ خرد
12
ڪلام الملوڪ ملوڪ الڪلام
12+(436x
)= 1320 هه
هاڻي اسان زبر ۽ بيناّت جي حساب سان مادهء
تاريخ ڪڍڻ جو مثال پيش ڪريون ٿا، جو نهايت سولو ۽
آسان طريقو آهي. ازانسواءِ مذڪور ماده تاريخ ۾ اها
پڻ خوبي آهي ته جيڪڏهن توهان ان ماده تاريخ مان
زبر جا عدد ڪڍندا ته به سن 1272 هه نڪري ايندو پر
جي توهان بينـّات جي حساب سان عدد ڪڍندا ته به
ساڳيو سال يعني 1272 هه نڪري ايندو.
سنش در بينـّـات و هم زبر کلک جميل اکنون
نوشت ”افسوس از عالم سفر کرد اکمل دوران“
1272 هه
مادهء تاريخ فقط هي آهي ”افسوس از عالم
سفر کرد اکمل دوران“ هاڻي اسين هن هيٺ زُبر جي
حساب سان ۽ بينه جي حساب سان نڪتل مذڪور مادهء
تاريخ نقشي ۾ ڏيون ٿا ته جيئن طلبه ۽ شعراءُ حضرات
سهوليت سان سمجهي سگهن.
قاعدو
1 – تاريخ ڪڍڻ وقت فقط مڪتوبي حرف شمار ڪبا آهن.
يعني اُهي حرف جي لکڻ وقت لکبا آهن ليڪن ڳالهائڻ
وقت آواز نه ڏيندا آهن جيئن ته شمس الضحيٰ.
2 – واءُ جي آخر وارو الف لکڻ وقت لکبو آهي ليڪن
ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندو آهي. اهڙي قسم جي الف
جا عدد شمار ڪرڻ گهرجن جيئن ته: واقتلوهم - آمنوا.
3 – آخر وارو واءُ ڳالهائڻ وقت آواز نه ڏيندو آهي
ليڪن لکڻ وقت لکبو آهي انڪري اهڙي قسم جي واءُ جا
عدد شمار ڪرڻ گهرجن جيئن ته: عمرو.
4 – ڪن لفظن کي جهڙي صورت ۾ لکبو آهي تهڙي طرح
انهن لفظن جا عدد ڪڍبا آهن جهڙوڪ آئينه – آئينو.
5 – تاريخ ڪڍڻ وقت الف ممدوده جي ٻن الفن جي بجاءِ
هڪ الف جا عدد شمار ڪبا آهن جهڙوڪ: آيو.
6 – تاريخ ڪڍڻ وقت مخلوط هه جا پنج عدد شمار ڪبا
آهن جيئن ته: آئينو.
7 – تاريخ ڪڍڻ وقت همزه جا عدد ي وانگر ڏهه شمار
ڪبا آهن جيئن ته:- قائم – غائب.
8 – تاريخ ڪڍڻ وقت جيڪڏهن ڪنهن لفظ ۾ نون غنه
هوندو آهي ته اهو پڻ شمار ڪبو آهي جيئن ته: مان –
سان.
9 – جيڪڏهن ڪنهن لفظ ۾ تشديد وارو نون هجي ته
تاريخ ڪڍڻ وقت ٻن نونن جي بجاءِ هڪ نون جا عدد
شمار ڪبا آهن.
10 – تائي مدور، عربي جي ”هائي هوز“ جي شڪل ۾ لکي
وڃي ٿي ۽ اُن جا 5 عدد آهن. تائي قرشت (ت) وانگر
ان جا عدد 400 نه آهن.
11 – جيڪڏهن تشديد وارا ٻه حرف هجن ته تاريخ ڪڍڻ
وقت بجاءِ ٻن حرفن جي هڪ حرف جا عدد شمار ڪبا آهن.
جيئن ته ”محمد“ جي وچ وارا ٻه ميم، جنهن مان فقط
هڪ ميم جا عدد شمار ڪبا آهن.
12 – ڪن لفظن ۾ ساڪن ي کانپوءِ، يائي مشدد، هوندي
آهي. جهڙوڪ ”نبيّين“ وغيره. هن ۾ ساڪن ي جا 10 عدد
۽ يائي مشدد (جنهن ۾ ٻه ”ي“ هونديون آهن) جا پڻ
بجاءِ ٻن ي جي هڪ ي جا 10 عدد ورتا ويندا آهن.
خواه لفظ ۾ يا جمله ۾ يا وري مصرع ۾ مادهء
تاريخ ڪڍجي ليڪن ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ذڪر
ڪيل مادهء تاريخ بامعنيٰ هجي ۽ اُنهيءَ
کي ان واقعي ۽ حال سان مناسبت هجي، جنهن جي لکڻ جو
ارادو ڪيو وڃي. جيڪڏهن مناسبت نه هوندي ته اُنهي
ماده تاريخ کي عمدو نه چئي سگهبو. مطلب اهو آهي ته
ٻن لفظن ۾ يا ٻن کان وڌيڪ لفظن ۾ واقعه جي تاريخ
ڪڍجي ليڪن اُها هئڻ گهرجي جنهن جو تعلق واقعه سان
ضرور هجي. قديم زماني ۾ استادن تاريخ گوئي جي فن ۾
اصلي ڳالهه اِها قائم ڪئي هئي ته لفظن جي سمورن
حرفن مان سن نڪري ۽ في الواقع اهو ئي اصول صحيح
آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو ئي اصول مقبول رهيو آهي.
ليڪن پوئين صدي ۾ انهي کانسواءِ تاريخ گوئي ۾ ٻين
ڪيترين ئي صنعتن جو واڌارو ٿيو آهي. |