رشيد احمد لاشاري
عشق کي اختيار ڇو نه ڪجي
آ سبب ڪهڙو دوستو نه ڪجي
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
عشق کي اخ |
تيار ڇو |
نه ڪجي |
اا سبب ڪهـ |
ڙ دوستو |
نه ڪجي |
سالم |
مخبون |
مخبون محذوف |
مٿين تقطيع ۾ ڪهڙو جو واءُ شمار نه ڪيو ويو آهي.
6 – خفيف مسدس مخبون محذوف مقطوع:
فاعلاتن مفاعلن فعلن.
عنايت بلوچ
برهه جي بارگاه ڇا چئجي
حسن يا جلوه گاه ڇا چئجي
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
برهه جي با |
ر گاه ڇا |
چئجي |
حسن يا جل |
و گاه ڇا |
چئجي |
سالم |
مخبون |
محذوف مقطوع |
مٿئين تقطيع ۾ جلوه جي ه، شمار نه ڪئي وئي آهي.
نوٽ: مٿيان چارئي وزن ساڳئي هڪ غزل ۾ گڏي آڻڻ جائز
آهي.
7 – خفيف مسدس مخبون محجوف:فاعلاتن
مفاعلن فع.
مخدوم طالب الموليٰ
دل شرمسار ٿي چوي ٿي
موت آيو نه هجر ۾ ڇو
فاعلاتن |
مفاعلن |
فع |
دل شرمسا |
ر ٿي چوي |
ٿي |
موت اايو |
نه هجر ۾ |
ڇو |
سالم |
مخبون |
محجوف |
8 – بحر خفيف مربع مخبون:فاعلاتن
مفاعلن.
مخدوم زاده خليق الزمان
يار مون کان رسي ويو
ڇو نه خوش ٿي رقيب اڄ
فاعلاتن |
مفاعلن |
يار مو کا |
رسي ويو |
ڇو نه خش ٿي |
رقيب اڄ |
سالم |
مخبون |
مٿين تقطيع ۾ مون کان جا ٻئي نون ۽ خوش جو واءُ
شمار نه ڪيا ويا آهن.
9 – بحر خفيف مربع مخبون مذال:
فاعلاتن مفاعلان.
مخدوم زاده امين فهيم
آهي حق کي اهو سوال
مان ڏسان يار جو جمال
فاعلاتن |
مفاعلان |
ااهه حق کي |
اهو سوال |
ما ڏسا يا |
ر جو جمال |
سالم |
مخبون مذال |
نوٽ: مٿيان ٻئي وزن ساڳئي هڪ غزل ۾ گڏي آڻڻ جائز
آهن.
بحر جديد
هي بحر جيئن ته خليل بن احمد جي ايجاد ڪيل بحرن
کان پوءِ ٺاهيو ويو آهي. ان ڪري هن کي بحر جديد
چون ٿا. هن جا اصلي رڪن فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن
آهن. هن بحر ۾ مستفعلن منفصل ڪتب اچي ٿو.
1 – جديد سالم:
فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن.
مخدوم طالب الموليٰ
ويو کڻي هو بي مروّت آرامِ دل
ڪجهه رهيو باقي نه آهي جز نامِ دل
فاعلاتن |
فاعلاتن |
مستفعلن |
وو کڻي هو |
بي مرووت |
اارام دل |
ڪجه ريو با |
قي نه ااهي |
جزنام دل |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ ويو جي ي ۽ رهيو ۽ ڪجهه جي هه ڪيرائڻ
جائز آهن.
2 – جديد مسدس مخبون:
فعلاتن فعلاتن مفاعلن.
مصنف
نه ٿئي بادِ مخالف سان گل ڪڏهن
هي سندم بارِ خدايا چراغ دل
فعلاتن |
فعلاتن |
مفاعلن |
نه ٿئي با |
د مخالف |
سـ گل ڪڏه |
هـ سدم با |
ر خدايا |
چراغ دل |
مخبون |
مخبون |
مخبون |
مٿين تقطيع ۾ سان جو الف ۽ نون، ڪڏهن جو نون هي جي
ي، سندم جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.
بحر قريب
هن بحر جا ارڪان بحر هزج ۽ بحر مضارع سان قريب
قريب ملن ٿا تنهن ڪري هن بحر جو نالو بحر قريب
رکيو ويو آهي. هن جا اصلي رڪن مفاعيلن مفاعيلن
فاعلاتن آهن. هن بحر ۾ فاعلاتن منفصل ڪتب اچي ٿو.
1 – قريب مسدس مڪفوف:مفاعيل
مفاعيل فاعلاتن.
مخدوم طالب الموليٰ
جگر چاڪ ٿيو يار تنهنجي غم ۾
شراره کان ته فرقت جي ٿي سڙي دل
مفاعيل |
مفاعيل |
فاعلاتن |
جگر چاڪ |
ٿيو يار |
تهجـ غم ۾ |
شراره کـ |
ته فرقت جـ |
ٿي سڙي دل |
مڪفوف |
مڪفوف |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ تنهنجي جا ٻئي نون ۽ ي، کان جو الف ۽
نون ۽ جي جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.
2 – قريب مسدس اخرب مڪفوف مقصور:-
مفعول مفاعيل فاعلان يا فاعلات.
ميرزا امام علي بيگ ”علي“
ڪنهنپر ٿي انهي شوخ سان نباه
گستاخ اهو مان ته بد مزاج
مفعول |
مفاعيل |
فاعلان |
ڪهپر ٿـ |
اني شوخ |
سا نباه |
گستاخ |
اهو ما ته |
بد مزاج |
اخرب |
مڪفوف |
مقصور |
مٿين تقطيع ۾ ڪنهنپر جا ٻئي نون، ٿي جي ي ۽ انهي
جي هه شمار نه ڪئي وئي آهي.
3 – قريب مسدس اخرب مڪفوف محذوف:
مفعول مفاعيل فاعلن.
ميرزا فتح علي بيگ فتح
سلطان جهان فخرِ انبيا
محبوبِ خدا مصطفا ٿيو
مفعول |
مفاعيل |
فاعلن |
سلطان |
جها فخر |
امبيا |
محبوب |
خدا مصط |
فا ٿيو |
اخرب |
مڪفوف |
محذوف |
مٿين تقطيع ۾ جهان جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.
4 – قريب مسدس مڪفوف محذوف:مفاعيل
مفاعيل فاعلن.
ميرزا سلطان حيدر بيگ
ڪريان شڪوه شڪايت نه ڇو ڀلا
سندم غم جي ته هن کي خبر نه ٿي
مفاعيل |
مفاعيل |
فاعلن |
ڪرا شڪو |
شڪايت نه |
ڇو ڀلا |
سدم غم جـ |
ته هنکي خـ |
بر نه ٿي |
مڪفوف |
مڪفوف |
محذوف |
مٿين تقطيع ۾ ڪريان جي ي ۽ نون، شڪوه جي هه، سندم
جو نون ۽ جي جي ي ڪيرائڻ جائز آهن.
5 – قريب مسدس اخرب مڪفوف:مفعول
مفاعيل فاعلاتن.
مخدوم زاده امين فهيم
محبوب مٺا يار ڪر نه رسوا
تنهنجو ته ٿيس اصل کان ئي شيدا
مفعول |
مفاعيل |
فاعلاتن |
محبوب |
مٺا يار |
ڪر نه رسوا |
تهجو ته |
ٿيس اصل |
کاء شيدا |
اخرب |
مڪفوف |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ مون کي جو نون ۽ ي، ڪرين جو نون، ٿو
جو واو، تنهنجو جا نون، کان جو نون ڪيرائڻ جائز
آهن.
بحر مشاڪل
مشاڪل جي لغت ۾ معنيٰ آهي، هم شڪل ۽ مانند. هي
بحر، بحر قريب جي همشڪل ۽ مانند آهي. يعني بحر
مشاڪل ۽ بحر قريب ۾ بالڪل ٿورو فرق آهي. بحر مشاڪل
۾ رڪن اول جي صورت ۾ اچي ٿو ۽ بحر قريب ۾ رڪن آخر
جي صورت ۾ ايندو آهي. هن بحر جا اصلي رڪن فاعلاتن
مفاعيلن مفاعيلن آهن. هن بحر ۾ فاعلاتن منفصل ڪتب
اچي ٿو.
1 – مشاڪل مڪفوف مقصور:
فاع لات مفاعيل مفاعيل.
مخدوم طالب الموليٰ
انقلاب جهان تي ڪو ته ڪر غور
ڏس دليلِ فنا شام و سحر آهه
فاع لات |
مفاعيل |
مفاعيل |
انقلاب |
جها تي ڪ |
ته ڪر غور |
ڏس دليل |
فنا شام |
سحر ا هه |
مڪفوف |
مڪفوف |
مقصور |
مٿين تقطيع ۾ ڪو جو واؤ، جهان جو نون ڪيرائڻ جائز
آهن.
باب ستون
شعر جا قسم
(الف) مطبوع:
اهو شعر جو پنهنجي پسند ڪيل وزن تي ٺاهيو وڃي.
(ب) نامطبوع:
اهو شعر جو تمام ڏکئي وزن تي ٺاهيو وڃي.
(ج) ملائم:
اهو شعر جنهن جا لفظ آسان ۽ دل لڀائيندڙ هجن.
(د) متنافر:
اهو شعر جو ملائم جي بلڪل ابتڙ هجي.
(هه) آسان:
اهو شعر جنهن جون خوبيون ۽ معنائون سولائي سان
سمجهه ۾ اچن.
(و) متعسف:
اهو شعر جو آسان شعر جي بلڪل ابتڙ هجي يعني سولائي
سان سمجهه ۾ نه اچي سگهي.
(ز) سهل ممتنع:
اهو شعر جو ڏسڻ ۾ ته سولو اچي ليڪن ٺاهڻ وقت ڏکيو
لڳي.
(ح) حزل:
اهو شعر جنهن جا لفظ عمده، نشست مضبوط ۽ معنيٰ
ڳوڙهي هجي. جنهن ۾ ڪوبه عام رواجي لفظ نه هجي ۽ نه
وري ڪا لفظي ۽ معنوي ڪوتاهي هجي.
(ط) مرتجل:
اهو شعر جو بنا ڪنهن سوچ ويچار جي ٺاهيو وڃي.
(ي) فڪري:
اهو شعر جو غور ۽ فڪر کان پوءِ ٺاهيو وڃي.
(ق) خمريان:
اهو شعر جنهن ۾ شراب جي تعريف سان گڏ ساقي ۽ محفل
جي رونق جو ذڪر هجي.
قصيده
قصيده جي لغوي معنيٰ آهي ڪنهن طرف متوجه ٿيڻ ليڪن
شاعرن جي اصطلاح ۾ انهي مسلسل نظم کي چئبو آهي
جنهن ۾ ڪنهن جي تعريف يا برائي يا وري وعظ، نصيحت،
بهار يا زماني جي شڪايت بيان ڪيل هجي. قصيده پڻ
غزل وانگر ٿئي ٿو ليڪن تفاوت فقط ايترو آهي جو غزل
۾ حسن و عشق، هجر و وصال جو مضمون ٿئي ٿو ۽ قصيده
۾ حمد، نعت منقبت، مدح، هجو، نصيحت ۽ زماني جي
شڪايت جو ذڪر ٿئي ٿو.
قصيده ۾ گهٽ ۾ گهٽ پندرهن شعر ٿين ٿا ۽ زياده شعرن
جو ڪو قيد نه آهي، قصيده چوڻ نهايت مشڪل آهي ڇاڪاڻ
ته هن لاءِ شوڪت الفاظ، عمده ترڪيب کان سواءِ
مضمون دقيق، معانئي بلند ۽ استعاره نازڪ جي ضرورت
ٿئي ٿي. قصيده جا ٻه قسم آهن 1 – خطابيه 2 –
تمهيديه.
1 – خطابيه
اهڙو قصيده، جنهن ۾ شاعر شروع واري شعر کان وٺي
آخر واري شعر تائين بنا ڪنهن تمهيد يا تشيب جي اصل
مقصد يا مدح جي شروعات ڪري. هن ۾ وعظ، پند، مدح،
هجو وغيره شامل آهن. خطابيه جو ٻيو نالو مجدديه پڻ
آهي.
2 – تمهيده
تمهيد جي معني آهي فرش وڇائڻ. گويا هن ۾ شعر اظهار
مدعا جي لاءِ پهرين سطح هموار ڪندو آهي. جنهنڪري
هن ۾ پهرين تمهيد بيان ڪبي آهي ۽ اُن کان پوءِ
اظهارِ مدعا ڪبو آهي. تمهيد جو ٻيو نالو پڻ تشيب
آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ايام شباب جو ذڪر ڪرڻ،
جيئن ته عربي شاعر پنهنجي قصيدن جو آغاز حسن و
جمال ۽ عشق و محبت جي ڳالهين سان ڪندا هئا ۽ پوءِ
اصل مقصد ڏانهن رجوع ٿيندا هئا تنهنڪري قصيده جي
تمهيد کي به تشيب چوندا آهن. بهرحال انهن مضمونن
جي هئڻ ڪري قصيده کي چئن ٻين قسمن ۾ ورهايو ويو
آهي، جي هي آهن:
1 – بهاريه: اهو قصيده جنهن جي تمهيد ۾ بهار جي
موسم ۽ مناظر قدرت جي عڪاسي هجي.
2 – وعظيه: اهو قصيده جنهن جي تمهيد ۾ پند، وعظ ۽
اخلاق و آداب سان تعلق رکندڙ شعر نظم ڪيا ويا هجن.
3 – حاليه:
اُهو قصيده جنهن جي تشيب ۾ زماني جي بي ثباتي ۽
پنهنجي رنج و غم جو ذڪر ڪيو ويو هجي.
4 – فخريـ: اهو قصيده جنهن جي تشيب ۾ شاعر پنهنجي
ذات ۽ پنهنجي ڪمال تي فخر ڪيو هجي.
فارسي جي مشهور قصيده نگار شاعر رودڪي پنهنجي
قصيده جا چار ترڪيبي اجزا قائم ڪيا هئا. جنهن کان
پوءِ فارسي شاعرن به انهن چئن رڪنن جي تقليد ڪئي،
اُهي چار رڪن هي آهن:
1 – تمهيد يا تشبيب 2 – گريز يا رجوع 3 – مدعا يا
مدح 4 – دعا يا خاتمہ.
1 – تمهيد:
قصيدي جو اهو ابتدائي حصو جنهن ۾ حسن و جمال، عشق
و جواني، موسم بهار، مناظر قدرت، ادب و اخلاق يا
فلسفه و حڪمت وارا مضمون بطور تمهيد بيان ڪيا وڃن.
2 – گريز:
اُهي شعر جن جي ذريعي شاعر تمهيد کان اصل جي طرف
رجوع ٿئي ٿو (گريز جو ٻيو نالو تخليص ۽ مخلص پڻ
آهي.
3 – مدعا:
هن ۾ شاعر پنهنجي ممدوح جي تعريف و توصيف ۽ انجا
اوصافِ حميده بيان ڪري ٿو.
4 – خاتمه:
ممدوح جي مدح ڪرڻ کان پوءِ شاعر پنهنجو مقصد بيان
ڪري ممدوح جي لاءِ دعا گهرندو آهي. يعني هن ۾ دعا
سان گڏ شاعر جو حسن طلب (شاعر جو ممدوح سان پنهنجو
مقصد خوبصورتي سان بيان ڪرڻ) پڻ شامل هوندو آهي.
غزل
غزل جي معنيٰ آهي عورتن سان ڳالهيون ڪرڻ، جواني جو
ذڪر ڪرڻ ۽ عشق و محبت جو فسانو ٻڌائڻ. غزل بناوٽ
جي لحاظ کان چند شعرن جو ميڙ آهي. هن جي پهرين ٻن
مصراعن ۾ رديف ۽ قافيه هڪ جهڙو هوندو آهي جنهن کي
مطلع چئبو آهي. سڀئي مطلعا شروع ۾ هڪ ٻئي پٺيان
هوندا آهن. باقي شعرن جي فقط ٻي مصرع ۾ قافيه
هوندو آهي. غزل جو آخري شعر جنهن ۾ شاعر تخلص
آڻيندو آهي تنهن کي مقطع چئبو آهي. غزل ۾ پنجن کان
گهٽ شعر نه ٿا ٿين ۽ زياده پنجويهه شعر ٿين ٿا.
ليڪن شعرن جو ڪو خاص تعداد مقرر ڪيل نه آهي. جيئن
ته شروع ۾ غزل فقط عشق ۽ محبت ۽ حسن و جمال جي
مضمونن تائين محدود هو تنهن ڪري هن تي اهو ئي نالو
ڄمي ويو ليڪن بعد ۾ ڪو مضمونن جو قيد نه رهيو ۽
مختلف ۽ متضاد قسمن جا مضمون لکجڻ لڳا. يعني هڪ
شعر ۾ نفرت جو اظهار آهي ته ٻيو وري محبت وارن
لفظن سان معمور آهي، ڪنهن ۾ مدح آهي ته ڪنهن ۾
هجو، ڪو اخلاق جو درس ڏئي رهيو آهي ته ڪو وري
عرفان ۽ معرفت سنديون ڳالهيون ٻڌائي رهيو آهي،
ڪنهن ۾ فلسفو آهي ته ڪنهن ۾ سياست، ڪو شعر جذباتي
آهي ته ڪو وري نفسياتي، مطلب ته غزل سڀني مضمونن ۽
خيالن جو ميڙ بنجي ويو ۽ انهيءَ رنگينيءَ جي ڪري
غزل جي مقبوليت ٿي. |