باب اٺون
چند ضروري اصطلاحن جي تعريف
اصطلاح |
تعريف |
بند |
مخمس، مسدس، ترجيع بند، ترڪيب بند وغيره جو
هڪ جزو جيڪو مخمس ۾ 5 مصراعن جو، مسدس ۾ 6
مصراعن جو ۽ ترجيع بند، ترڪيب بند ۾ مساوي
تعداد جي مصراعن جو ٿئي ٿو. |
بندش |
شعر جي لفظن جي نشست و ترتيب جنهن مان شعر
جي حسن و قبح تي اثر پوندو هجي. |
بيت |
ڪنهن به هڪ شعر کي بيت چئي سگهجي ٿو خواه
اُن جون ٻئي مصراعون مقفيٰ هجن يا غير مقفيٰ
۽ کڻي اُهو ڪهڙي به صنف نظم سان تعلق رکندو
هجي. |
تخلص |
اُهو نالو جيڪو شاعر پنهنجي لاءِ پنهنجي
شعرن ۾ ڪتب آڻي. |
تخميس |
پنهنجي يا ڪنهن ٻي جي شعر تي ٽي ٽي مصرعون
لڳائي مخمس چوڻ. |
تخيل (يا تخئيل) |
(لغوي معنيٰ، خيال ۾ آڻڻ يا خيال پيدا ڪرڻ)
اصطلاح ۾ اهو مطلب آهي ته شاعر پنهنجي قوتِ
فڪري سان ڪو اهڙو خيال پيدا ڪري جنهن کي
معمولي ذهن وارا ماڻهو پيدا ڪري نه سگهن. |
حسن مطلع (يا زيب مطلع) |
غزل ۾ هڪ مطلع کان پوءِ ٻيو مطلع |
خمريات |
شراب جي تعريف جا شعر |
خيال بندي (يا نازڪ خيالي) |
ڪلام ۾ مشڪل ۽ پيچيده استعارن ۽ تشبيهن جي
ذريعي معنيٰ ۾ نزاڪت ۽ دقت پيدا ڪرڻ. |
دولخت |
اهڙو شعر جنهن جي ٻنهي مصراعن ۾ ربط نه هجي |
ذوالمطالع |
اهڙو قصيدو جنهن ۾ متعدد مطلع هجن. |
سوقيانه |
اهڙا شعر جن ۾ اخلاق کان ڪريل بازاري لفظ يا
خيالات ڪتب آندا وڃن. (سوق بعمنيٰ بازار). |
زمين غزل (يا طرح) |
غزل جي بحر ۽ رديف و قافيه جو مجموعي نالو. |
ساقي نامه |
اهڙا شعر جن ۾ ساقي سان خطاب ڪري شراب طلب
ڪيو وڃي ۽ شراب جي تعريف ڪئي وڃي.
|
سراپا |
اهڙا شعر جن ۾ معشوق جي نهَن کان وٺي چوٽي
تائين اعضاء، هار سينگار، قد و قامت ۽ لباس
وغيره جي حُسن جي تعريف ڪئي وڃي. |
طنزيات |
مذاق آميز طنزيه اشعار، طنز مان اِها مراد
آهي ته ڪنهن شخص يا جماعت جي نقصن جو اظهار
اهڙي نموني سان ڪيو وڃي جو اُن شخص يا جماعت
جي تڪليف جو باعث هجي ۽ خود طنز ڪرڻ واري کي
اُن کان مسرت يا خوشي حاصل ٿي. |
غزل مسلسل (يا غزل مضمون واحد) |
اهڙو غزل جنهن جي شعرن ۾ اول کان وٺي آخر
تائين هڪ باهمي تعلق هجي. |
فراقيه |
اهڙا شعر جن ۾ معشوق سان فراق ۽ جدائي جو
بيان موثر لفظن ۾ ڪيو وڃي. |
في البديهه (يا مرتجل) |
اهڙا شعر جي ڪنهن خاص موقعي تي فوراً بغير
ڪنهن غور و فڪر جي چيا وڃن. |
قسميه |
اهڙا شعر جن ۾ لفظ ”قسم“ بار بار اظهار قسم
يا واسطي ڏيارڻ لاءِ ڪتب آندا وڃن. |
مبتذل |
ڏسو سوفيانه |
مدح |
اهڙا شعر جن ۾ ڪنهن جي تعريف ڪئي وڃي. |
مرصع نگاري |
اهڙا شعر جن ۾ هڪ مصرع جو هر لفظ ٻي مصرع جي
مقابل لفظن جو هم وزن هجي. |
مرقع نگاري |
اهڙو نظم جنهن ۾ ڪنهن قدرتي منظر (آبشار،
دريا، پهاڙ ۽ جهنگل) يا صبح، شام، معرڪئهِ
جنگ وغيره جي تصوير لفظن ۾ هوبهو چٽيل هجي. |
مصرع |
اَڌ بيت يا اَڌ شعر خواه اُهو پورو مطلب شعر
جو اَدا ڪندو هجي يا نه ڪندو هجي. |
مصرع طرح |
گهڻو ڪري اُن کي چون ٿا جا مشاعرن ۾ هم طرح
غزلن تي طبع آزمائي جي لاءِ ڏني وڃي ٿي. |
مهمل |
بي معنيٰ شعر، اهڙا شعر جي محض لفظن جا
مجموعه هجن ۽ ڪا مربوط معنيٰ نه رکندا هجن. |
نظم غير مقفيٰ |
اهڙو نظم جنهن ۾ وزن ته هجي پر قافيه نه
هجي. |
هفت بند |
آئمه جي شان ۾ اهڙو ستن بندن جو نظم جنهن جي
هر هڪ بند جي شعرن جو تعداد برابر هجي. |
علم عروض جي لفظن ۽ اصطلاحن جي انگريزي ۽ فارسي ۾
فرهنگ
الف وصل |
Conjuntiuve or unpronounced Alif |
اشباع |
Prolongation of a vowel |
اعتراض (حشو) |
Padding pleonasm |
باطني (ي) مفاعيلن
= |
مني بيدل = من بيدل |
As in |
Hidden or latent
(ي) |
بحر
براعة الاستهلال (حسن مطلع) |
Metre
Beauty of Exordium |
بند |
Stanza |
بهاريه |
Spring poem |
بيت |
Couplet, Verse, Sticho |
بيت راجع |
Refrain |
تاثير (ڪلام) |
Pathos |
تاريخ |
Chronogram |
تخلص |
Pen-name, Pseudonym(name)degnesre |
تخييل |
Imagination, Ideality |
تذڪره |
Lives of the poets, Memoirs |
ترانه (رباعي) |
Quatrain |
ترجيح بند |
Returu tie, Poem with a refrain |
ترڪيب بند |
Composit tie, Strophe |
تقطيع |
Scansion |
حسن مقطع |
Beauty of conclusion |
خبن |
Dropping the second letter of
مستفعلن |
خرب مفاعيلن |
Dropping the first and the last letter of
|
خرم |
Dropping the first letter of
مفاعيلن |
خروج |
A letter added to
وصل
(which see) |
خطاب |
Apostrophe |
خلاصه |
Epitome |
خمسه |
Quintet |
خمريات |
Wine-poems |
دائره |
Circle |
متفقہ |
Uniform circle |
دائره مجتلبہ |
Transferred circle |
دائره مشتبہ |
Doubtful circle |
دائره مختلفہ |
Different circle |
دائره منفرده |
Unitary circle |
دائره موتلفہ |
Allied circle |
ذو بحرين |
Having two metres, double metres |
ربيعيہ |
Spring poem |
رجز (مثمن سالم) |
A metre consisting of
مستفعلن |
رجوع |
Contradiction |
رديف |
The word repeated at the end of a verse |
رڪن |
Foot of a verse |
رڪن سالم |
Perfect rukn
رڪن |
رڪن غير سالم (مزاحف |
Imperfect rukn |
ساڪن |
Quiescent |
سالم |
Entire, perfect |
سبب (عروض) |
Cord |
سبب خفيف |
A word or a syllable of which the second
letter is
ساڪن
as
مل و گل |
سبب ثقيل |
A word or a syllable having two letters
both
متحرڪ
as
گلِ سرخ |
سجع |
Concordance, harmonious cadence |
سراپا |
Capapie, personal delineation |
شتر |
Dropping the
م
and
ي
of
مفاعيلن |
شعر |
Couplet verse |
شڪايت روزگار |
A poem complaining of the vicissitudes of
the times |
شڪل |
Combination of
خبن
and
ڪف |
شهر آشوب |
An inveetive against the people of a town
|
صدر |
First foot of the first
مصرع
as apposed to |
ضرب |
عروض
Second foot of the second
مصرع
as opposed to |
عجز يا ضرب |
ابتدا
Last rukn of the second hemistich as
apposed to |
عروض |
ابتدا
Last foot the first hemistich as apposed
to
صدر
(Prosody) |
عروضي |
Prosodian |
غزل |
Ode |
غير مقفيٰ نظم |
Blank verse, heroie |
فاصله (عروض) |
Stay |
فاصله صغريٰ |
|
|
A word or a Syllable consisting of four
letters
The first three of which are
متحرڪ
as
شکنم و صنما |
فاصله ڪبريٰ |
|
|
A word or a syllable consisting of five
letters the first four of which are
متحرڪ
as
شکنمش |
فخريہ |
Boasting verse or poem |
فرافيه |
Separation poem |
فرد |
Unitary or single verse |
قبض |
Dropping the fifth letter(ي)
in
مفاعيلن |
قصر |
Dropping the last letter
(ن)
of
مفاعيلن |
قصيده |
Purpose poem, panegyric |
قصيده گو |
Panegyrist |
قطع |
Dropping the last three letters of a rukn
as
(اتن)
of
(فاعلاتن) |
قطعه |
Fragmentary poem |
ڪامل بحر |
(Lit complete, perfect) a metre consisting
of
(متفاعيلن) |
ڪسف (يا ڪشف) |
Dropping the final letter
(ت)
of
(مفعولات) |
ڪف |
Dropping the lost quiescent letter
(ن)
of
مفاعيلن |
متلون (ذوبحرين) |
Veriegated, Chamelion |
مثلث |
Triplet, tercet |
مثنوي |
Double-rhyme, couplet poem |
محبوب |
A rukun in which the process of
جب
has taken place |
مجدوع |
A rukn in which the process of
جدع
has taken place |
مجزو |
A verse in which both the
ضرب
&
عروض
are dropped |
محذوف |
Apocopated, impertect |
مخبون |
A metre in which the process of
خبن
has taken place |
مخمس |
Fine – some |
مدح موجہ |
Implied praise |
مربع |
Four – some, quatrain |
مرثيه |
Threnody, elegy |
مزاحف |
Imperfect |
مسبغ |
A rukn in which the process of
تسبيغ
has taken place |
مستزاد |
Increment poem |
مسجع |
Rythmed |
مسدس |
Six some, hexastich |
مسبط |
Multiple poem |
مشڪول |
A rukn in which the process of
شڪل
has taken place |
مضارع |
Similar |
مطلع |
Opening verse |
مطوي |
A rukn in which the process of
طي
has taken place |
معما |
Riddle, enigma |
مقصور |
A rukn in which the process of
قصر
has ta |
مقطع |
Concluding verse |
مڪفوف |
A rukn in which the process of
ڪف
has taken place |
ملڪ الشعرا |
Poet – laureate |
موقوف |
A rukn in which the process of
وقف
has taken place |
ن غنه |
Nasal
ن |
نحر |
Droppong the first two sababs also the
final letteras from
مفعولات |
نظم |
Verse |
نعت |
Praise of the prophet |
واسوخت |
A Aburning or retaliatory poem |
وافر (مثمن سالم) |
A meter consisting of
مفاعلتن |
وتد |
Lit, a peg |
وتد مقرون يا مجموع |
|
|
A word or a syllable havin three letters
the first two of which are
متحرڪ
as
چمن |
وتد مفروق |
|
|
A word or a syllable having three letters
of which the middle one is
ساڪن
And the firs & third are
متحرڪ
as
بزم شاه |
وقف |
Dropping the
حرڪت
of the last letter |
هتم |
Combination of
حزف
and
قصر |
هجو |
Satire, Iampoom |
هجو مليح |
Implied Satire |
هزج (مثمن سالم) |
A meter consisting of
مفاعيلن
|
هزل |
Macaronic |
هزليات |
Obscene poems, Facetiac |
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
|
قطعهء تاريخ به حساب زبرو بينات طبع ڪتاب هذا
نتيجهء فڪر، ميرزا عباس علي بيگ ”عباس“
صد مرحبا ڪتاب عجب لاجواب ٿيو
درِ صفا کان هن ۾ گهڻو آب و تاب ٿيو
فرزند ارجمند سڪندر علي سندم
دربان بارگاهِ رسالت ماب ٿيو
تصنيف ڪيل عروض تي هنجو ڇپيوڪتاب
ملڪِ ادب ۾ شڪر خدا ڪامياب ٿيو
بس حسنِ انتظام کان بيحد حسين ٿيو
بي مثل بينظير عجب انتخاب ٿيو
با اهتمامِ خاص ٿيو ان طرح طبع
جنهن جي ڏسڻ سان هر هڪ خوش شيخ و شاب ٿيو
تحرير و لوح و ڪاغذِ عمده جي ماسوا
خوبيون تمام هن ۾ جمع، لاجواب ٿيو
ظاهر روش ٿي فصلِ ڪتابت مان صاف صاف
هر باب هنجو گلشنِ رضوان جو باب ٿيو
هر لفظ ٿيو نهالِ تر و تازهء چمن
هر حرف زيب فصل بهارِ گلاب ٿيو
ٿيو دؤر مهر و ماه جو گردون تي جنهن طرح
قائم جهان ۾ هن جو ائين آب و تاب ٿيو
القصه نظم و نثر سندي آسمان جو
بي داغ لازوال اِهو آفتاب ٿيو
جوهر شناس اهل زبان قدردان علم
سڀ ٿا چون عجيب هي عمده ڪتاب ٿيو
زير نظر ٿيڻ سان چوي دل ٿي مرحبا
مداح هن جو هر ڪوئي عالي جناب ٿيو
هر خاص و عام لاءِ ڏسي هن ۾ فائدو
چئي هر ڪو ڪارِ خير هي ڪارِ ثواب ٿيو
هن روشنيءَ طبع رسا جي ته فيض کان
ملڪِ سخن ۾ هر ڪوئي اڄ فيضياب ٿيو
نقشِ سند ٿيو نظم جي دفتر ۾ هي زبان
هن جي صفت جي حد نه وري ڪو حساب ٿيو
سن زبر بينات ۾ ”عباس“ هينئن چيم
”ميزانِ شعر روحِ ادب هي“ ڪتاب ٿيو
زبر بينه
1406 هه
ماخذ
فارسي ڪتاب
1 – المعجم في معائيير اشعار العجم |
- از شمس الدين محمد بن قيس الرازي |
2 – دبير عجم |
- از مولوي اصغر علي روحي |
3 – غياث اللغات |
- از ملا غياث الدين |
اردو ڪتاب
1 – شعر العجم |
- از مولانا شبلي نعماني |
2 – زر ڪاملِ عيار |
- ازمظفر علي اسير |
3 – مرآة الشعر |
- ازشمس العلماء مولوي عبدالرحمان دهلوي |
4 – بحر الفصاحت |
- از مولوي نجم الغني |
5 – چراغ سخن |
از ياس يگانه عظيم آبادي |
6 – سفير سخن |
- از ڪوثر لکنوي |
7 – شاعري ڪي ڪتاب |
- ازخواجه محمد عبدالروف عشرت لکنوي |
8 – اردو ڪا عروض |
- از نواب فصاحت جنگ
بهادر جليل |
9 – معيار البلاغت |
- از منشي پرشاد |
10 – آئينئه بلاغت |
- از مرزا محمد عسڪري |
11- شعر و قافيه |
- از صوفي وارثي ميرٺي |
12 – حدائق البلاغت (ترجمه) |
- از مولانا محمد ادريس |
13 – حدائق البلاغت (ترجمه) |
- از صهبائي |
14 – حدائق البلاغت (ترجمه) |
- از خديجه شجاعت علي |
15 – رياض البلاغت |
- از مولوي عبدالحميد خان |
16 – امير العروض |
- از بزمي انصاري |
17 – ڪيفيه |
- از ڪيفي |
18 – فن شاعري |
- از چوڌري محمد شريف شوخ لاهوري |
19 – فڪر و فن |
- از حڪيم مولانا انجم فوقي |
20 – تفهيم البلاغت |
- از سرور اڪبر آبادي |
21 – نسيم البلاغت |
- از مولوي حافظ سيد جلال الدين احمد جعفري |
22 – تسهيل البلاغت |
- از پروفيسر عبدالسلام |
23 – قواعد العروض |
- از غلام حسين ’قدر‘بلگرامي |
سنڌي ڪتاب
1 – علم بديع ۽ علم عروض |
- ميرزا قليچ بيگ |
2 – رهنمائي شاعري |
- از ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل |
3 – رياض بلاغت |
- از حاجي محمود صاحب خادم |
|