رشيد احمد لاشاري
ڀل ڪري دل کي هجر سؤ ٽڪرا
تيز خنجر ڪڏهن مڏو نه ڪجي
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
ڀل ڪري دل |
کـ هجر سو |
ٽڪرا |
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
تيز خنجر |
ڪڏهه مڏو |
نه ڪجي |
مٿين مثال ۾ تيز جي ز تقطيع ۾ متحرڪ ٿي پئي.
7 – يائي لين جي پويان وارو ساڪن حرف:
اهو يائي لين جي پويان وارو ساڪن حرف جڏهن مصرع جي
وچ ۾ هوندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت ساڪن حرف مان ڦري
متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:
مولانا الله بخش اٻوجهو
سٻوجهي وڏا وقت پنهنجا وڃايا
انهي خير ۾ پير پنهنجا ڄمايا
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولن |
سٻوجهي |
وڏا وق |
ت پهجا |
وڃايا |
اني خي |
ر ۾ پي |
ر پهجا |
ڄمايا |
مٿين مثال ۾ خير جي ر تقطيع ۾ ساڪن مان ڦري متحرڪ
ٿي پئي.
ٻن ساڪن حرفن جو بيان
ساڪن حرف جي پويان هڪ ٻيو ساڪن حرف:
حروفِ علت (الف – واءُ – ي) کانسواءِ جڏهن مصرع جي
وچ ۾ هڪ ساڪن حرف جي پويان ٻيو ساڪن حرف سوائي نون
معلن جي ايندو آهي ته تقطيع ڪرڻ وقت پهريون ساڪن
حرف سڪون واري حالت سان قائم رهندو آهي ۽ ٻيو ساڪن
حرف ڦري متحرڪ ٿي پوندو آهي، جيئن ته:
مولوي نورالدين ”نور“
هزارين مست آيا ميڪده ۾
پياري ڇڏ مئي گلفام ساقي
مفاعيلن |
مفاعيلن |
فعولن |
هزاري مس |
ت ا ا يا مي |
ڪده مي |
پياري ڇڏ |
مئي گلفا |
م ساقي |
مٿين مثال ۾ مست جو ٻيو ساڪن حرف ت تقطيع ۾ متحرڪ
ٿي پئي.
ٽن ساڪن حرفن جو بيان
1 – ساڪن حرف جي پويان ٻه ٻيا ساڪن حرف:
جڏهن مصرع جي وچ ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽي لڳاتار ساڪن
حرف ايندا آهن ته سڀن کان آخر وارو ٽيون ساڪن حرف
تقطيع ۾ شمار نه ڪبو آهي ۽ ٻيو ساڪن حرف ڦري متحرڪ
ٿي پوندو آهي ۽ پهريون ساڪن حرف سڪون واري حالت
سان قائم رهندو آهي، جيئن ته:
مخدوم زاده محمد امين ”فهيم“
توکي غيرن جي روبرو جاني
دوست محبوب يار ڇا چئجي
فاعلاتن |
مفاعلن |
فعلن |
تو کـ غيرن |
جـ رو برو |
جا ني |
دوس محبو |
ب يا ر ڇا |
چئجي |
مٿين مثال ۾ دوست جي ت تقطيع ۾ شمار نه ڪئي وئي ۽
س ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پئي.
سليم ڳاڙهوي
مون کي هي درد ڏنو ڪنهن آهي
توکان اي دوست پڇڻ چاهيان ٿو
فاعلاتن |
فعلاتن |
فعلن |
موک هي در |
د ڏنو ڪهه |
ا ا هي |
توکي اي دو |
س پڇڻ چا |
يا ٿو |
مٿين مثال ۾ پڻ ڏسبو ته دوست جي ت تقطيع ۾ شمار نه
ڪئي وئي ۽ س ساڪن حرف مان ڦري متحرڪ ٿي پئي.
باب ڇهون
بحر هزج
هزج جي لغت ۾ معنيٰ آهي سريلو آواز يا ڳائڻ جو
آواز. جيئن ته هن بحر ۾ موسيقيت تمام گهڻي آهي ۽
عرب ۾ اڪثر انهي وزن جا شعر ڳائبا آهن ان ڪري هن
بحر جو نالو هزج رکيو ويو آهي، هن بحر جا زحاف
مفاعيلن جي فروع ۾ ڄاڻايل آهن.
1 – هزج مثمن سالم:
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.
ميرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“
نه دولت جي تمنا ۽ نه حشمت جو هوس مونکي
عطا ڪر منهنجي دل کي يا الاهي عشق احمد جو
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
نه دولت جي |
تمن نا ۽ |
نه حشمت جو |
هوس موکي |
عطا ڪر مهه |
جـ دل کي يا |
الاهي عش |
ق احمد جو |
سالم |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ مونکي جو نون منهنجي جا ٻئي نون ۽
جي، جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.
2 – هزج مثمن مسبغ:
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلان.
غلام احمد ”نظامي“
سچا سرور پرين پرور پيارا يا رسول الله
وسيلا بي وسيلن جا ڀلارا يا رسول الله
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلان |
سچا سرور |
پري پرور |
پيارا يا |
رسول الله |
وسيلا بي |
وسيلن جا |
ڀلارا يا |
رسول الله |
سالم |
سالم |
سالم |
مسبغ |
مٿين تقطيع ۾ پرين جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.
نوٽ: هزج سالم ۽ هزج مسبغ جو هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ جائز
آهي.
3 – هزج مثمن سالم محذوف الاخر يا مقصور الاخر:
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن فعولن.
ميرزا غلام رسول بيگ مقبل
حبيبِ ڪبريا فخرِ زمان آهي محمد
شهنشاهِ زمين و آسمان آهي محمد
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
فعولن |
حبيبي ڪبـ |
ريا فخري |
زما ا اهي |
محمد |
شهنشاهي |
زمينو ا ا |
سما ا اهي |
محمد |
سالم |
سالم |
سالم |
مخذوف |
مٿين تقطيع ۾ حبيب جي ب، فخر جي ر، شهنشاه جي ه تي
اضافت ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين
ان ڪري تقطيع ۾ حبيبي، فخري، شهنشاهي ڪري لکيا
ويا، ۽ زمان ۽ آسمان جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.
4 – هزج مثمن
ابتر:
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن فع
مخدوم طالب الموليٰ
مزو ٿي جي وسي برسات ميخاني تي
صراحي رقص ۾ ٿي وجد ۾ پيمانو
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
فع |
مزو ٿي جي |
وسي برسا |
ت ميخاني |
تي |
صراحي رقـ |
ص ۾ ٿي وجـ |
دم پيما |
نو |
سالم |
سالم |
سالم |
ابتر |
5 – هزج مثمن مقبوض:
مفاعلن مفاعلن مفاعلن مفاعلن.
عبدالڪريم ”گدائي“
سياهه رات ختم ٿي ۽ روشني اچي وئي
سحر جي نوو جي گلن ۾ تازگي اچي وئي
مفاعلن |
مفاعلن |
مفاعلن |
مفاعلن |
سياهه را |
ت ختم ٿي |
ء روشني |
اچي وئي |
سحر جـ نو |
ر جي گلن |
م تازگي |
اچي وئي |
مقبوض |
مقبوض |
مقبوض |
مقبوض |
مٿين تقطيع ۾ جي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.
6 – هزج مثمن مقبوض سالم:
مفاعلن مفاعيلن مفاعلن مفاعيلن.
مخدوم زاده امين فهيم
دل و جگر کسي منهجا ڪري دغا ويو ڪيڏي
خبر لهي نه ٿو منهجي هو بي وفا ويو ڪيڏي
مفاعلن |
مفاعيلن |
مفاعلن |
مفاعلن |
دلو جگر |
کسي مهجا |
ڪري دغا |
ويو ڪيڏي |
خبر لهي |
نه ٿو مهجي |
هه بي وفا |
ويو ڪيڏي |
مقبوض |
سالم |
مقبوض |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ دل و جگر جو واؤ عطف کي لام سان
ملائي پڙهڻ ۾ لام متحرڪ ٿي پيو ۽ منهنجا ۽ منهنجي
جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.
7
– هزج مثمن اشتر:فاعلن
مفاعيلن فاعلن مفاعيلن
ميرزا سلطان حيدر بيگ
برقِ شعله زن چمڪي ابر اڄ خروشان آ
گرم هن گهڙي ساقي بزم دُرد نوشان آ
فاعلن |
مفاعيلن |
فاعلن |
مفاعيلن |
برق شعـ |
ل زن چمڪي |
ابر اڄ |
خروشا اا |
گرم هن |
گهڙي ساقي |
بزم دُر |
دنو شا اا |
اشتر |
سالم |
اشتر |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ خروشان ۽ نوشان جا نون ڪيرائڻ جائز
آهن.
8 – هزج مثمن
اخرب:
مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن.
خليفو محمد عمر ”اختر“ هالائي
مان مردِ مجاهد ٿي دنيا کي مڃائيندس
شمشير شجاعت سان دشمن کي هٽائيندس
مفعول |
مفاعيلن |
مفعول |
مفاعيلن |
ما مرد |
مجاهد ٿي |
دنيا کـ |
مڃائيندس |
شمشير |
شجاعت سا |
دشمن کـ |
هٽائيندس |
اخرب |
سالم |
اخرب |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ کي جي ي، سان جو نون، مڃائيندس ۽
هٽائيندس جا نون ڪيرائڻ جائز آهن.
9 – هزج مثمن اخرب مڪفوف سالم الاخر:
مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيلن.
حڪيم فتح محمد ”سيوهاڻي“
هن عاشق پردرد کي بي درد ٿي تو ماريو
همدرد ٿين ها جيڪر ڪهڙو نه چڱو ٿي ها
مفعول |
مفاعيل |
مفاعيل |
مفاعيلن |
هن عاش |
ق پردرد |
کـ بي درد |
ٿـ تو مارو |
همدرد |
ٿـ ها جيڪ |
ر ڪهڙو نه |
چڱو ٿي ها |
اخرب |
مڪفوف |
مڪفوف |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ کي جي ي، ٿي جي ي، ماريو جي ي، ٿين
جي ي ۽ نون ڪيرائڻ جائز آهن.
نوٽ:هزج
مثمن اخرب، مفعول مفاعيلن مفعول مفاعيلن ۽ هزج
مثمن اخرب مڪفوف مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيلن جو
هڪ ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي.
10 – هزج مثمن اخرب مڪفوف مخذوف الاخر
مفعول مفاعيل مفاعيل فعولن
سيد احسن الهاشمي
ڪجهه فرق حقيقت ۽ بناوٽ ۾ ته آهي
زاهد جي تقدس کان سچي منهنجي ندامت
مفعول |
مفاعيل |
مفاعيل |
فعولن |
ڪجهه فرق |
حقيقت ء |
بناوٽ م |
ته اا هي |
زاهد جـ |
تقدس کـ |
سچي مهجـ |
ندامت |
اخرب |
مڪفوف |
مڪفوف |
محذوف |
مٿين تقطيع ۾ جيِ ي، کان جو الف ۽ نون، منهنجي جا
ٻه نون ۽ ي ڪيرائڻ جائز آهن.
11 – هزج مثمن مڪفوف محذوف الاخر:
مفاعيل مفاعيل مفاعيل فعولن.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل
تپِ هجر ته اي يار انهي من کي جلايو
ڀلا ڏس ته دلِ زار هي ڪنهن باغ بنايو
مفاعيل |
مفاعيل |
مفاعيل |
فعولن |
تپي هجر |
ته اي يار |
انهي من کـ |
جلايو |
ڀلا ڏس ته |
دلي زار |
هه ڪهه باغ |
بنايو |
مڪفوف |
مڪفوف |
مڪفوف |
محذوف |
مٿين تقطيع ۾ تپ جي پ ۽ دل جي لام تي اضافت ايترو
وڌائي پڙهي وئي جو ’ي‘ جو ڪم ڏنائين ان ڪري تقطيع
۾ تپي ۽ دلي ڪري لکيو ويو - ۽ کي جي ي ۽ هي جي ي ۽
ڪنهن جا ٻئي نون ڪيرائڻ جائز آهن.
12 – هزج مثمن اخرب مڪفوف مقصور الاخر:
مفعول مفاعيل مفاعيل مفاعيل.
شمس الدين بلبل
تن زيب توهانجي تي ڏني چست قبا سرخ
گل چاڪ گريبان ٿو رهي غم ۾ سدا سرخ
مفعول |
مفاعيل |
مفاعيل |
مفاعيل |
تن زيب |
توا جي ته |
ڏٺي چست |
قبا سرخ |
گل چاڪ |
گريبا ٿـ |
رهي غم م |
سدا سرخ |
اخرب |
مڪفوف |
مڪفوف |
مقصور |
مٿين تقطيع ۾ توهانجي جي هه ۽ نون، تي جي ي،
گريبان جو نون، ٿو جو واؤ ڪيرائڻ جائز آهن.
نوٽ:-
مٿين بحر نمبر 10 ۽ 12 جي وزن ۾ ٻئين، ٽئين ۽
چوٿين رڪن ۾ تسڪين اوسط جو زحاف لڳائي سگهجي ٿو ۽
ٻنهي جو هڪ غزل ۾ گڏ آڻڻ جائز آهي.
13 – هزج مثمن اخرب اهتم:-
مفعول مفاعيلن مفعول فعول
ميرزا غلام مصطفيٰ بيگ عاشق
منهنجي ٿي دعا يا رب هي جلد قبول
هروقت رهي دل ۾ بس عشق رسول
مفعول |
مفاعيلن |
مفعول |
فعول |
مهجي ٿـ |
دعا يا رب |
هي جلد |
قبول |
هر وقت |
رهي دل ۾ |
بس عشق |
رسول |
اخرب |
سالم |
اخرب |
اهتم |
مٿين تقطيع ۾ منهنجي جا ٻئي نون، ٿي جي ي ڪيرائڻ
جائز آهن.
14 – هزج مسدس سالم:-
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن.
علي محمد خالدي
عيان آهي عجب اسرار قدرت جو
سمايل راز ان ۾ آهه حڪمت جو
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيلن |
عيا ا ا هي |
عجب اسرار |
ر قدرت جو |
سمايل را |
ز ان ۾ ا ا |
هه حڪمت جو |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ عيان جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.
15 – هزج مسدس مقبوض:-
مفاعلن مفاعلن مفاعلن.
ميرزا سلطان حيدر بيگ سلطان
هليو ويو غضب ڪري ڇڏي صنم
ٿيو ستم ٿيو ستم ٿيو ستم
مفاعلن |
مفاعلن |
مفاعلن |
هلو ويو |
غضب ڪري |
ڇڏي صنم |
ٿيو ستم |
ٿيو ستم |
ٿيو ستم |
مقبوض |
مقبوض |
مقبوض |
مٿين تقطيع ۾ هليو جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.
16 – هزج مسدس مقصور الاخر:-
مفاعيلن مفاعيلن مفاعيل
فيض بخشاپوري
سروپا دست و بازو، دل، جگر بند
ڪمندِ زلف ۾ آ بند هر بند
مفاعيلن |
مفاعيلن |
مفاعيل |
سروپا دس |
ت بازو دل |
جگر بند |
ڪمندي زل |
ف ۾ ا ا بن |
دهر بند |
سالم |
سالم |
مقصور |
17 – هزج مسدس محذوف الاخر:-
مفاعيلن مفاعيلن فعولن.
ميرزا قليچ بيگ
ڪريان تو تان سڄڻ آءُ سر فدا ڇا
محبت جو ڪو حق ٿيندو ادا ڇا
مفاعيلن |
مفاعيلن |
فعولن |
ڪرا توتا |
سڄڻ ا ا سر |
فدا ڇا |
محب بت جو |
ڪ حق ٿيندو |
ادا ڇا |
سالم |
سالم |
محذوف |
مٿين مثال ۾ ڪريان جي ي ۽ نون، آءُ جو همزو، ڪو جو
واءُ ۽ ٿيندو جو نون تقطيع ۾ شمار نه ڪيا ويا آهن.
نوٽ:- بحر هزج مسدس محذوف مفاعيلن مفاعيلن فعولن ۽
بحر هزج مسدس مقصور مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن جو هڪ
ئي غزل ۾ آڻڻ صحيح آهي.
18 – هزج مسدس اخرب مقبوض مسبغ:-مفعول
مفاعلن مفاعيلان.
ميرزا فياض علي بيگ فياض
هر وقت ڪري ٿو سنگدل بيداد
الله سندم ڪندو سگهو ڪو داد
مفعول |
مفاعلن |
مفاعيلان |
هر وقت |
ڪري ٿـ سن |
گدل بيداد |
الله |
سدم ڪدو |
سگهو ڪو داد |
اخرب |
مقبوض |
مسبغ |
مٿين تقطيع ۾ ٿو جو واؤ، سندم جو نون ۽ ڪندو جو
نون ڪيرائڻ جائز آهن.
19 – هزج مسدس اخرب مقبوض:-مفعول
مفاعلن مفاعلن
ميرزا عباس علي بيگ عباس
ويران ڏسون پيا چمن سڄو
سي نقش و نگار سڀ ڦٽي ويا
مفعول |
مفاعلن |
مفاعلن |
ويران |
ڏسون پيا |
چمن سڄو |
سي نقش |
نگار سڀ |
ڦٽي ويا |
اخرب |
مقبوض |
مقبوض |
مٿين تقطيع ۾ ڏسون جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.
20 – هزج مسدس اخرب مقبوض سالم الاخر:-
مفعول مفاعلن مفاعيلن.
ميرزا فتح علي بيگ عارف
فرقت ۾ سڄي ڄمار پوري ٿي
حاصل نه ٿيو وصال دلبر جو
مفعول |
مفاعلن |
مفاعيلن |
فرقت م |
سڄي ڄما |
ر پوري ٿي |
حاصل نه |
ٿيو وصا |
ل دلبر جو |
اخرب |
مقبوض |
سالم |
21 – هزج مسدس اخرب مڪفوف مقصور:-
مفعول مفاعيل مفاعيل
|