سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :4

ڪي زحاف رڳو هڪ رڪن لاءِ مخصوص آهن ته ڪي وري ڪيترن ئي رڪنن ۾ ڪتب اچن ٿا. اهڙي طرح ڪي زحاف ڪنهن هڪ بحر لاءِ مخصوص آهن ته ڪي وري ڪيترن ئي بحرن ۾ ڪتب ٿا اچن. هر زحاف جي تعريف سان گڏ انهن رڪنن جا نالا به لکيا ويا آهن جن ۾ اهي زحاف ڪتب ٿا اچن زحاف جي ڪرڻ کانپوءِ جنهن رڪن جي صورت بگڙجي وڃي ٿي تنهن جي جاءِ تي ڪو اهڙو مانوس لفظ رکيو وڃي ٿو جو انهن ئي حرفن مان مرڪب هجي.

زحافن جا قسم

زحاف ٽن قسمن جا ٿين ٿا: (1) زحافن جو پهريون قسم اُهو آهي جي بيت ۾ هر هنڌ ڪتب اچي سگهن ٿا. يعني اُهي زحاف جي ڪنهن خاص جڳهه جي لاءِ مقرر ٿيل نه هجن. اهڙي قسم جي زحافن کي زحاف عام چئبو آهي. زحافن جو ٻيون قسم اُهو آهي جي رڳو بيت جي صدر ۽ ابتدا ۾ ڪتب ايندا آهن. يعني اهي زحاف جي صدر ۽ ابتدا جي لاءِ مقرر ٿيل هجن. زحافن جو ٽيون قسم اُهو آهي جي رڳو بيت جي عروض ۽ ضرب ۾ ڪتب ايندا آهن. يعني اُهي زحاف جي صدر ۽ ابتدا جي لاءِ مقرر ٿيل هجن، ٻئين ۽ ٽئين قسم جي زحافن کي زحاف خاص چئبو آهي.

پهريون قسم (زحاف عام)

عام زحاف يعني اُهي زحاف جي بيت ۾ هرهنڌ اچن ٿا سي ڇهه آهن جن جا نالا هي آهن: 1 – خبن 2 – طي 3 – قبض 4 – ڪف 5– خبل 6 – شڪل.

ٻيون قسم (زحاف خاص)

جي زحاف صدر ۽ ابتدا جي لاءِ مقرر ٿيل آهن سي پنج آهن. جن جا نالا هي آهن: 1 – خرم 2 – ثلم 3 – خرب 4 – شتر 5 – ثرم.

ٽيون قسم (زحاف خاص)

 جي زحاف عروض ۽ ضرب جي لاءِ مخصوص آهن سي تيرهن آهن، جن جا نالا هي آهن: 1 – قطع 2 – حذذ 3 – ازاله 4 – ترفيل 5 – خلع 6 – وقف 7 – ڪسف 8 – صلم 9 – قصر 10 – حذف 11 – تسيغ 12 – بتر 13 – تشعيث.

هاڻ اسين استعمال ٿيندڙ ضروري ۽ مشهور زحافن جو بيان ڪريون ٿا:

زحافن جي لفظي معنيٰ

خبن = پلؤ ويڙهڻ، طي = لپيٽڻ جي حالت، قبض = پڪڙ، ڪف = روڪڻ، حذف = پري ڪرڻ، قصر = ڪوتاهي، تسبيغ = پورو ڪرڻ، ختم ڪرڻ، اضمار = سنهو ڪرڻ، عصب = مضبوط ٻڌڻ، خرم = خاڪ جو پردو ڦاڙڻ، ثلم = ڪنارو ٽوڙڻ، عضب = ٻڪري جو سڱ ڀڃڻ، تشعيث = منتشر ڪرڻ، قطع = وڍڻ، حذذ = ڪوتاهي، اِذاله = دامن جو وڌائڻ، ترفيل = دامن جو وڌائڻ، وقف = بيهڻ، ڪسف = وڍڻ، صلم = ڪن جو پاڙ کان ڪپجڻ، ثرم = ڏند ڀڃڻ، بتر = وڍڻ، شتر = پنبڻ جو ڦري وڃڻ، خرب = ڪنن جو شگافته ٿيڻ، شڪل = پير جو کٽ ڪرسي سان ٻڌڻ، خبل = هٿ پير وڍڻ، عقل = اُٺ جي پير ۾ رسي ٻڌڻ، ڦطف = انگورن جو ڇڳو پٽڻ، نقص = ڪمي، قصم = ڏند ڀڃڻ، حجم = قسم، عقص = مٿي جي وارن جو ويڙهڻ ۽ چمڪائڻ، خزل = وڍڻ، جب = کسي ڪرڻ، ذلل = ران جو گوشت جي سوا هئڻ، هتم = ڏندن جو پاڙ کان ڀڃڻ، جدع = نڪ ڪن ۽ هٿ جو وڍڻ، تخنيق = گلوباز ڪرڻ، ساڪن = اهو حرف جيڪو متحرڪ نه هجي، طمس = پري ڪرڻ، عرج = پيدائشي منڊو هئڻ، درس = ناپديد، پراڻو، نحر = سينو ڪپڻ، مسابته = ٻي جي پٺ کان اچڻ، خزم = پهرين شعر جو وڌي وڃڻ، مراقبه = هڪ ٻي جي نگهباني ڪرڻ، مڪانفه = هڪ ٻي کي پڪڙڻ، رفع = کڻڻ، فلع = ڪپڙا لاهڻ، حجف = نقصان ڪرڻ، ربع = چار هئڻ، وقص = ڳاٽو ڀڃڻ.

زحافات مفاعلين

زحاف

تشريح

وزن

1- خرم

رڪن جي ابتدا ۾ جيڪو وتد مجموع هجي، اُن جي پهرين متحرڪ حرف جي ڪيرائڻ کي خرم چون ٿا.

مفاعيلن جي پهرين حرف مبم کي ڪيرائڻ سان فاعيلن باقي رهيو جيڪو مفعولن جي برابر (هم وزن) آهي. اهڙي رڪن کي اخرم چون ٿا.

2- ڪف

رڪن جي آخري سبب خفيف مان ساڪن حرف ڪيرائڻ.

مفاعيلن جي ستين حرف ساڪن نون کي ڪيرائڻ سان مفاعيلُ (لام تي پيش) باقي رهيو. اهڙي رڪن کي مڪفوف چون ٿا.

3 – قصر

رڪن جي آخر مان سبب خفيف جو حرف ساڪن ڪيرائڻ ۽ اُنجي پهرين حرف متحرڪ کي ساڪن ڪرڻ.

مفاعيلن جو نون کي ڪيرائي اُنجي حرف لام کي ساڪن ڪرڻ سان مفاعيل باقي رهيو. اهڙي رڪن کي مقصور چون ٿا.

4 - قبض

رڪن جو پنجون حرف ساڪن (جيڪو سبب ۾ واقع هجي) ڪيرائڻ.

مفاعيلن جي پنجين حرف ساڪن ”ي“ کي ڪيرائڻ سان مفاعلن باقي رهيو. اهڙي رڪن کي مقبوض چون ٿا.

5- شتر

خرم ۽ قبض جو جمع ٿيڻ.

خرم جي ڪري مفاعيلن جو پهريون متحرڪ حرف ميم ڪريو ۽ قبض جي ڪري پنجون حرف ساڪن ي ڪريو ته فاعلن باقي رهيو. اهڙي رڪن کي اُشتر چون ٿا.

6- حذف

رڪن جي آخري سبب خفيف جو ڪيرائڻ.

مفاعيلن مان لن جيڪو آخر جو سبب خفيف آهي، ڪري پيو ته مفاعي باقي رهيو. انهي جي جاءِ تي فعولن رکيو ويو. اهڙي رڪن کي محذوف چون ٿا.

7- خرب

خرم ۽ ڪف جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

خرم جي مفاعيلن جو پهريون متحرڪ حرف ميم ڪريو ۽ ڪف جي ڪري ستون حرف ساڪن نون ڪريو ته فاعيل باقي رهيو ليڪن فاعيل جي بدران مفعول استعمال ڪن ٿا، اهڙي رڪن کي اخرب چون ٿا.

8 – هتم

حذف ۽ قصر جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

حذف جي ڪري مفاعيلن مان لن ڪريو ۽ قصر جي ڪري ي ڪري ته مفاع باقي رهيو جنهن کي فعول (لام ساڪن) سان بدلايو ويو. اهڙي رڪن کي اهتم چون ٿا.

9 – جب

رڪن جا آخر وارا ٻه سبب خفيف ڪيرائڻ.

مفاعيلن جو آخري سبب خفيف ڪيرايو ويو ته مفاعي رهيو ۽ وري ٻيو دفعو جڏهن سبب خفيف عي ڪيرايو ويو ته مفا باقي رهيو جنهن کي فعل (لام ساڪن) سان بدلايو ويو. اهڙي رڪن کي مجبوب چون ٿا.

10 – زلل

زحافات خرم ۽ هتم جو جمع ٿيڻ.

خرم جي ڪري. مفاعيلن مان ميم ڪريو ته فاعيلن رهيو ۽ هتم جي ڪري فاعيلن مان ي ۽ لن ڪريو ته باقي فاع رهيو. اهڙي رڪن کي ازل چون ٿا.

11- بتر

خرم ۽ هتم جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

خرم جي ڪري مفاعيلن جو پهريون متحرڪ حرف ميم ڪريو ته فاعيلن رهيو ۽ جب جي ڪري فاعيلن مان ٻه آخري سبب عي ۽ لن ڪريا ته فا باقي رهيو جنهن کي فع سان بدلايو ويو. اهڙي رڪن کي ابتر چون ٿا.

12- تسبيغ

اهڙو سبب خفيف جيڪو رڪن جي آخر ۾ هجي اُن ۾ هڪ ٻيو الف وڌايو وڃي.

تسبيغ جي ڪري مفاعيلن جي آخري سبب خفيف ۾ الف وڌايو ويو ته مفاعيلان ٿي ويو. اهڙي رڪن کي مسبغ چون ٿا.

مفاعيلن جا فروع

(1) اخرم – مفعولن (2) مڪفوف – مفاعيل (لام تي پيش) (3) مقصور – مفاعيل (لام ساڪن) (4) مقبوض – مفاعلن (5) اشتر – فاعلن (6) اخرب – مفعول (لام تي پيش) (7) محذوف – فعولن (8) اهتم – فعول (لام ساڪن) (9) مجبوب – فعل (عين تي زير ۽ لام ساڪن) (10) ازل – فاع (11) ابتر – فع (12) مسبغ – مفاعيلان (13) مقبوض مسبغ – مفاعلان (14) اخرم مسبغ – مفعولان هن کي مخنق مسبغ به چيو وڃي ٿو. (15) اشتر مسبغ – فاعلان (16) محذوب مسبغ – فعولان (17) اخرم محذوف – فعلن (عين ساڪن) هن کي مخنق محذوف به چيو وڃي ٿو. (18) اخرم مقصور – فعلان (عين ساڪن) هن کي مخنق مقصور به چيو وڃي ٿو.

زحافات فاعلاتن (متصل)

زخاف

تشريح

وزن

1- خبن

رڪن ۾ جيڪو پهريون سبب خفيف ٿي ٿو اُنجي حرف ساڪن جي ڪيرائڻ کي چون ٿا.

خبن جي ڪري فاعلاتن جي پهرين سبب خفيف جو حرف ساڪن الف ڪريو ته باقي فعلاتن رهيو. اهڙي رڪن کي مخبون چون ٿا.

2- ڪف

رڪن جو ستون حرف ساڪن ڪيرائڻ.

فاعلاتن جي ستين حرف ساڪن نون کي ڪيرائڻ سان فاعلاتُ (ت تي پيش) باقي رهيو. اهڙي رڪن کي مڪفوف چون ٿا.

3- قصر

رڪن جي آخر مان سبب خفيف جو حرف ساڪن ڪيرائڻ ۽ اُنجي پهرين حرف متحرڪ کي ساڪن ڪرڻ.

فاعلاتن جي نون کي ڪيرائي اُنجي حرف ’ت‘ کي ساڪن ڪرڻ سان فاعلات باقي رهيو. ليڪن فاعلات جي جاءِ تي فاعلان (نون ساڪن) استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي مقصور چون ٿا.

4- تشعيت

رڪن فاعلاتن جي وتد مجموع مان حرف متحرڪ جي ڪيرائڻ کي چون ٿا. مگر هن حرف متحرڪ جي باري ۾ اختلاف آهي ڪي لام ڪيرائن ٿا ۽ ڪي عين ڪيرائن ٿا ۽ وري ڪي چون ٿا ته هي زحاف وتد مجموع مان حرف ساڪن يعني الف جي ڪيرائڻ کي چيو وڃي ٿو.

بهرحال جيڪڏهين فاعلاتن مان عين ڪيرايو وڃي ته فالاتن ۽ جيڪڏهين لام ڪيرايو وڃي ته فاعاتن ۽ جيڪڏهين الف حذف ڪيو وڃي ته فاعلتن باقي رهجي ويندو مگر انهن ٽنهي صورتن ۾ انهن جي جڳهه تي مفعولن استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي مشعث چون ٿا،

5- شڪل

خبن ۽ ڪف جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

خبن جي ڪري فاعلاتن مان الف ڪريو ته فعلاتن رهيو ۽ وري ڪف جي ڪري نون ڪريو ته فعلات (ت تي پيش) رهيو. اهڙي رڪن کي مشڪول چون ٿا.

6-حذف

رڪن جي آخري سبب خفيف جو ڪرائڻ.

فاعلاتن مان تن جيڪو آخر جو سبب خفيف آهي، سو ڪري پيو ته فاعلا باقي رهيو. انهيءَ جي جاءِ تي فاعلن رکيو ويو اهڙي رڪن کي محذِف چون ٿا.

7-بتر

حذف ۽ قطع جي جمع ٿيڻ کي چون ٿا.

حذف جي ڪري فاعلاتن مان تن ڪريو ته فاعلا رهيو ۽ وري قطع جي ڪري الف ڪريو ته فاعل رهيو. اُن کي فعلن (عين ساڪن) سان بدلايو ويو. اهڙي رڪن کي ابتر چون ٿا.

8- حجف

فعلاتن مخبون جو فاصله صغريٰ حذف ڪرڻ.

خبن جي ڪري فاعلاتن جي پهرين سبب خفيف جو ساڪن حرف الف ڪريو ته فعلاتن رهيو ۽ فاصله صغريٰ يعني فعلاتن مان فعلا ڪريو ته باقي تن رهيو جنهن کي فع سان بدلائبو آهي. اهڙي رڪن کي محجوف چون ٿا.

9-ربع

خبن ۽ بتر جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

فاعلاتن مان خبن جي ڪري فا جو پويون حرف الف ڪريو ته فعلاتن باقي رهيو. حذف جي ڪري فعلاتن مان تن جيڪو آخر جو سبب خفيف آهي، ڪريو ته فعلا باقي رهيو ۽ قطع جي ڪري فعلا جو الف ڪريو ته فعل (عين متحرڪ ۽ لام ساڪن) باقي رهيو. اهڙي رڪن کي مربوع چون ٿا.

10-تسبيغ

اهڙو سبب خفيف جيڪو رڪن جي آخر ۾ هجي اُن ۾ هڪ ٻيو الف وڌايو وڃي.

اهڙو سبب خفيف جو ڪنهن رڪن جي آخر ۾ هجي اُن ۾ هڪ ٻيو الف وڌايو وڃي. جيئن فاعلاتن مان فاعلاتان ٿي وڃي ٿو ليڪن فاعلاتان جي جڳهه تي خواه فاع لاتن منفصل هجي خواه متصل، فاعليان استعمال ڪن ٿا. اهڙي رڪن کي مسبغ چئجي ٿو.

فاعلاتن جا فروع

(1) مخبون = فعلاتن (عين تي زير) (2) مڪفوف = فاعلات (ت تي پيش) (3) مشعث يا مخبون مسڪن = مفعولن (4) مقصور = فاعلان (عين ساڪن) يا فاعلات (ت ساڪن) (5) مشڪول = فعلات (عين تي زير ۽ ت تي پيش) (6) محذوف = فاعلن (7) ابتر = فعلن (عين ساڪن) هنکي مشعث محذوف مخبون محذوف مسڪين يا مقطوع يا مقطوع محذوب چون ٿا (8) مربوع = فعل (عين تي زير ۽ لام ساڪن) (9) محجوف = فع (10) مسبغ = فاعليان (11) مخبون محذوف = فعلن (عين تي زير) (12) مخبون مقصور = فّعِلاتُ (عين تي زير ۽ ت ساڪن) يا فعلان (عين تي حرڪت ۽ نون ساڪن) (13) مخبون مسڪن مقصور = فعلات (عين ۽ نون ساڪن) هن کي مشعث مقصور، مقطوع مسبغ ۽ ابتر مسبغ به چون ٿا) (14) محجوف مسبغ = فاع هنکي فارسي ۾ مدرس به چيو وڃي ٿو. (15) مخبون مسبغ = فعليان (عين تي زير، لام تي زير ۽ ي تي تشديد) (16) مشعث مسبغ = مفعولان.

زحافات فاع لاتن (منفصل)

زحاف

تشريح

وزن

1- ڪف

رڪن جو ستون حرف ساڪن ڪيرائڻ.

فاع لاتن جي ستين حرف ساڪن نون کي ڪيرائڻ سان فاعلاتُ (ت تي پيش) باقي رهيو.

2- قصر

رڪن جي آخر مان سبب خفيف جو حرف ساڪن ڪيرائڻ ۽ اُنجي پهرين حرف متحرڪ کي ساڪن ڪرڻ.

فاع لاتن جي نون کي ڪيرائي اُنجي پهرين حرف ت کي ساڪن ڪرڻ سان فاعلات باقي رهيو جنهن کي فاع لان سان بدلايو ويو. يعني فاعلاتُ (ت تي پيش) ۽ فاع لات (ت ساڪن جي وچ ۾ فرق رهي.

3- حذف

رڪن جي آخري سبب خفيف جو ڪيرائڻ.

فاع لاتن مان تن جيڪو آخر جو سبب خفيف آهي ڪري پيو ته فاع لا رهيو اُنکي قاع لن سان بدلايو ويو آهي.

 

فاع لاتن جا فروع

1 – مڪفوف = فاع لات (ت تي پيش) 2 – مقصور = فاع لات (ت ساڪن) 3 – محذوف = فاع لن (4) مسلوخ = فاع (5) مسبغ= فاع ليان (6) محذوب مقصور = فعلن (عين ساڪن).

زحافات مستفعلن(متصل)

زحاف

تشريح

وزن

1- خبن

رڪن جي پهرين سبب خفيف جي حرف ساڪن کي ڪيرائڻ.

خبن جي ڪري مستفعلن جي پهرين سبب خفيف جي سين ڪري ته باقي متفعلن رهيو اُنکي مفاعلن سان بدلايو ويو آهي.

2- طي

ٻه بي فاصله (گڏيل) سبب خفيف جيڪي رڪن جي شروع ۾ هجن تن جو چوٿون حرف ساڪن ڪيرائن.

طي جي ڪري مستفعلن جو چوٿون ساڪن حرف ف ڪريو ته مستعلن باقي رهيو. جنهن کي مفتعلن (عين تي زير) سان بدلايو ويو آهي. هي زحاف مس تفع لن ۾ ڪتب نه ٿو اچي. اهڙي رڪن کي مطوي چون ٿا.

3- قطع

رڪن جي آخر مان وتد مجموع جو ساڪن حرف ڪيرائي ۽ اُنجي پهرين حرف جي ساڪن ڪرڻ کي قطع چون ٿا.

قطع جي ڪري مستفعلن مان نون کي ڪيرائي لام ساڪن ڪيوسين ته مستفعل باقي رهيو جنهن کي مفعولن سان بدلايو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي مقطوع چون ٿا.

4- خبل

خبن ۽ طي جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

خبن جي ڪري مستفعلن مان سين کي ڪيرايوسين ته متفعلن رهيو ۽ طي جي ڪري ف کي ڪيرايوسين ته متعلن رهيو جنهن کي فعلتن (عين ۽ لام تي زير) سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي مخبول چون ٿا.

5- خلع

خبن ۽ قطع جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

خبن جي ڪري مستفعلن مان سين ۽ قطع جي ڪري نون ڪريو ۽ لام ساڪن ٿيو ته متفعل باقي رهيو جنهن کي فعولن سان بدلايو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي مخلوع چون ٿا.

6-رفع

هڪ سبب خفيف کي حذف ڪرڻ اُن رڪن مان جنهن جي شروع ۾ ٻه سبب خيفيف واقع هجن.

رفع جي ڪري مستفعلن مان مس سبب خفيف ڪريو ته تفعلن باقي رهيو جنهن کي فاعلن سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي مرفوع چون ٿا.

7 – حذذ

رڪن جي آخر مان وتد مجموع جي ڪيرائڻ کي چون ٿا.

حذذ جي ڪري مستفعلن مان علن ڪريو ته مستف باقي رهيو جنهن جي جاءِ تي فعلن (عين ساڪن) رکيو ويو آهي. اهڙي رڪن کي محذوذ چون ٿا.

8- اذاله

اهڙو وتد مجموع جيڪو رڪن جي آخر ۾ واقع هجي اُن ۾ الف زياده ڪرڻ.

جيئن مستفعلن مان مستفعلان ٿي ويو اهڙي رڪن کي مذال چئجي ٿو.

9- ترفيل

رڪن جي آخر ۾ جيڪو وتد مجموع ٿي ٿو اُن جي آخر ۾ هڪ سبب خفيف زياده ڪرڻ کي ترفيل چون ٿا.

ترفيل جي ڪري مستفعلن جي وتد مجموع جي آخري رڪن تي سبب خفيف (تن) زياده ڪيوسين ته مستفعلن تن باقي رهيو جنهن کي مستفعلاتن سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي مرفل چون ٿا. هي زحاف به مس تفع لن منفصل ۾ ڪتب نه ٿو اچي.

مستفعلن متصل جا فروع

(1) مخبون = مفاعلن (2) مطوي = مفتعلن (3) مقطوع = مفعولن (4) مخبول = فَعِلَتن (حرڪت عين ۽ لام تي) (5) مخلع = فعولن (6) مرفوع = فاعلن (7) محذوذ = فَعلن (عين ساڪن) (8) مذال = مستفعلان (9) مرفل = مستفعلاتن (10) مخبون مذال = مفاعلان (11) مطوي مذال = مفتعلان (12) مخبون مذال = فعلنان (عين ۽ لام متحرڪ) (13) مرفوع مزال = فاعلان (14) مخبون مرفل = مفاعلاتن (15) محذوذ محذوف = فع (16) محذوف مقصور = فاع (17) اعرج = مفعولان (18) مطموس = فعلان (عين ساڪن) (19) مطوي مرفل = مفتعلاتن.

زحافات مس تفع لن منفصل

زحاف

تشريح

وزن

1- خبن

رڪن جي پهرين سبب خفيف جي حرف ساڪن کي ڪيرائڻ.

خبن جي ڪري مس تفع لن مان سين کي ڪيرايوسين ته متفع لن باقي رهيو جنهن کي مفاعلن سان بدلايو ويو آهي.

2- قصر

رڪن جي آخر مان سبب خفيف جو ساڪن حرف ڪيرائڻ ۽ اُنجي پهرين حرف متحرڪ کي ساڪن ڪرڻ.

مس تفع لن جي نون کي ڪيرائي ۽ لام کي ساڪن ڪرڻ سان مستفعل باقي رهيو جنهن کي مفعولن سان بدلايو ويو آهي.

3- شڪل

خبن ۽ ڪف جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

خبن جي ڪري مس تفع لن مان سين ڪري ۽ وري ڪف جي ڪري نون ڪريو ته متفعلُ (لام تي پيش) باقي رهيو. ان کي مفاعلُ (لام تي پيش) سان بدلايو ويو.

4- تسبيغ

اهڙو سبب خفيف جيڪو رڪن جي آخر ۾ واقع هجي اُن ۾ هڪ ٻيو الف وڌايو وڃي.

تسبيغ جي ڪري مس تفع لن جي آخري سبب خفيف ۾ الف وڌايو ويو ته مس تفع لان ٿي ويو. (مس تفع لن متصل ۾ مس تفع لان مذال آهي ۽ منفصل ۾ مسبغ).

5- ڪف

رڪن جو ستون ساڪن حرف جيڪو سبب خفيف ۾ هجي اُنکي ڪيرائڻ.

مس تفع لن جي ستين حرف ساڪن نون کي ڪيرائڻ سان مس تفعل (لام تي پيش) باقي رهيو.

مس تفع لن جا فروع

(1) مخبون = مفاعلن (2) مڪفوف = مس تفع لُ (لام تي پيش) (3) مقصور = مفعولن (4) مشڪول = مفاعلُ (لام تي پيش) (5) مقصور مخبون = فعولن (6) مخبون مذال = مفاعلان.

زحافات مفعولات

زحاف

تشريح

وزن

1- وقف

رڪن مفعولات جي ت ساڪن ڪرڻ.

وقف جي ڪري مفعولات جي ت ساڪن ڪري انکي مفعولان سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي موقوف چون ٿا.

2- طي

ٻه بي فاصله (گڏيل) سبب خفيف جيڪي رڪن جي شروع ۾ هجن تن جو چوٿون حرف ساڪن ڪيرائڻ.

طي جي ڪري مفعولات جو چوٿون ساڪن حرف (و) ڪريو ته مفعلات باقي رهيو جنهن کي فاعلاتُ (تي پيش) سان بدلايو ويو آهي.

3- خبن

رڪن جي پهرين سبب خفيف جي حرف ساڪن کي ڪيرائڻ.

خبن جي ڪري مفعولات جي پهرين سبب خفيف جي ف ڪري ته باقي معولات رهيو جنهن کي فعولاتُ يا مفاعيلُ (لام تي پيش) سان بدلايو ويو آهي.

4- خبل

خبن ۽ طي جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

مفعولات مان خبن جي ڪري ف ۽ طي جي ڪري (و) ڪريو ته معلاتُ (ت تي پيش) باقي رهيو جنهن کي فعلاتُ (ت تي پيش) سان بدلايو ويو آهي.

5- ڪسف

رُڪن مفعولات ۾ وقف ۽ ڪف جي جمع ڪرڻ کي ڪسف چون ٿا.

پهرين مفعولات جي ت کي وقف جي ڪري ساڪن ڪري ۽ پوءِ وري ڪف جي ڪري ت کي ڪيرايوسين ته مفعولا باقي رهجي ويندو ليڪن اُن جي جاءِ تي مفعولن استعمال ڪيو وڃي ٿو اهڙي رڪن کي مڪسوف چون ٿا.

6- رفع

هڪ سبب خفيف کي حذف ڪرڻ اُن رڪن مان جنهن جي شروع ۾ ٻه سبب خفيف واقع هجن.

مفعولات مان مف سبب خفيف ڪريو ته عُولات باقي رهيو جنهن کي مفعولُ (لام تي پيش) سان بدلايو ويو آهي.

7- صلم

وتد مفروق جو ڪيرائڻ.

جيڪڏهن مفعولات مان وتد مفروق لات ڪيرايو وڃي ته مفعو باقي رهجي ويندو ليڪن اُن جي جاءِ تي فعلن (عين ساڪن) استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي اصلم چون ٿا.

8-جدع

ٻن سبب خفيف جو ڪيرائڻ ۽ وتد مفروق جو آخري حرف ساڪن ڪرڻ.

اهڙي صورت ۾ مفعو ڪريو ته لات باقي رهجي ويو ليڪن اُن جي جاءِ تي فاع (عين ساڪن) استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي مجدوع چون ٿا.

9 – نحر

جدع جي زحاف ڪري لات کي فاع سان بدلائڻ ۽ پوءِ وري انجو الف ساڪن ڪرڻ.

جدع جي ڪري مفعولات جا ٻه سبب خفيف مفعو ڪريا ته لات رهيو ۽ جڏهن اُن مان الف ڪيرايو ويو ته لت باقي رهيو جنهن کي فع سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي منحور چون ٿا.

مفعولات جا فروغ

(1) موقوف = مفعولان (باعلان نون) (2) مطوي = فاعلات (ت تي پيش) (3) مخبون = مفاعيلُ (لام تي پيش) يا فعولات (4) مخبول = فعلات (حرڪت عين ۽ ت تي) (5) مڪسوف = مفعولن (6) مرفوع = مفعول (لام تي پيش) (7) اصلم = فعلن (عين ساڪن) (8) مجدوع = فاع (9) منحور = فع (10) مطوي موقوف = فاعلان (نون ساڪن) (11) مطوي مسڪوف = فاعلن (12) مخبول موقوف = فعلات (عين تي پيش ۽ ت ساڪن) يا فعلان (13) مخبول موقوف مسڪن = فعلان (عين ساڪن) (14) مخبول مڪسوف = فعِلُن (عين تي زير) (15) مخبون مڪسوف = فعولن (16) مخبون موقوف = فعولان.

زحافات مفاعلتن

زحاف

تشريح

وزن

1- عصب

مفاعلتن جو لام ساڪن ڪرڻ.

ليڪن هن رڪن ۾ لام ساڪن نه ٿو ڪري سگهجي انهيءَ ڪري مفاعلتن جي بدران مفاعيلن استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي معصوب چون ٿا.

2-عصب

وتد مجموع جو پهريون حرف جيڪو رڪن جي اول ۾ هجي اُهو ڪيرائڻ.

مفاعلتن مان وتد مجموع جو پهريون حرف ميم ڪريو ته فاعلتن باقي رهيو جنهن کي مفتعلن سان بدلايو ويو آهي.

3-قصم

خرم ۽ عصب جي زحافن جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو.

مفاعلتن مان خرم جي ڪري ميم ڪريو ۽ عصب جي ڪري لام ساڪن ٿيو ته فاعلتن باقي رهيو جنهن کي مفعولن سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي اقصم چون ٿا.

4-عقل

عصب ۽ قبض جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

مفاعلتن جو لام عصب جي ڪري ساڪن ٿيو ۽ مفاعيلن سان بدلايو ويو. هاڻ مفاعيلن جي ي قبض جي ڪري ڪيرائي وئي ته مفاعلن باقي رهيو، هي زحاف مفاعلتن لاءِ مخصوص آهي ۽ جڏهن مفاعلن بحر وافر ۾ ڪم ايندو ته ان کي معقول تصور ڪيو ويندو نه ڪ مقبوض اهڙي رڪن کي معقول چيو وڃي ٿو.

5- جم

عقل ۽ خرم جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

مفاعلتن مان عقل جي ڪري لام ساڪن ٿي ڪري پيو ۽ خرم جي ڪري ميم متحرڪ پڻ ڪريو ته فاعلتن باقي رهيو اُن کي فاعلن سان بدلايو ويو آهي اهڙي رڪن کي اجم چون ٿا.

6- نقص

عصب ۾ ڪف جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

مفاعلتن سان عصب جي ڪري لام ساڪن ٿيو ۽ ڪف جي ڪري نون ڪريو ته مفاعلتُ (ت تي پيش) باقي رهيو اُن کي مفاعيلُ(لام تي پيش) سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي منقوص چون ٿا.

7-عقص

خم ۽ نقص جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

مفاعلتن مان خرم جي ڪري ميم ڪريو ۽ نقص جري ڪري لام ساڪن ٿيو۽ نون ڪريو ته فاعلتُ (ت تي پيش) باقي رهيو جنهن جي جاءِ تي مفعول رکيو ويو. اهڙي رڪن کي اعقص چيو وڃي ٿو.

8-قطف

عصب ۽ حذف جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

مفاعلتن جو لام عصب جي ڪري ڪريو ۽ حذف جي ڪري آخر مان سبب خفيف ڪريو ته مفاعل (لام ساڪن) باقي رهيو جنهن کي فعولن سان بدلايو ويو آهي. اهڙي رڪن کي مقطوف چون ٿا.

مفاعلتن جا فروغ

(1) معصوب – مفاعيلن (2) اعضب – مفتعلن (3) اقصم – مفعولن (4) معقول – مفاعلن (5) اجم – فاعلن (6) منقوص – مفاعيل (لام تي پيش) (7) اعقص – مفعول (لام تي پيش) (8) مقطوف – فعولن.


 

زحافات مفعولات

زحاف

تشريح

وزن

1- اضمار

مفاعلن جي ت ساڪن ڪرڻ.

جيئن ته متفاعلن جي (ت) کي ساڪن استعمال نه ٿو ڪري سگهجي تنهن ڪري متفاعلن جي جاءِ تي مستفعلن استعمال ڪيو وڃي ٿو. هي زحاف فقط بحر ڪامل لاءِ مخصوص آهي. اهڙي رڪن کي مضمر چيو وڃي ٿو.

2- رقص

اضمار ۽ خبن جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

متفاعلن جي ت جيڪا اضمار جي ڪري ساڪن ٿي وئي، ۽ خبن جي ڪري ڪيرائي وڃي ته رڪن مفاعلن رهجي ويندو ۽ مستفعلن مخبون سان مشابه ٿي ويندو ليڪن فرق هي آهي جو مفاعلن موقوص سواءِ بحر ڪامل جي ٻي ڪنهن بحر ۾ ڪتب نٿو اچي.

3-خزل

اضمار ۽ طي جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

متفاعلن مان اضمار جي ڪري ت ساڪن ٿيو ۽ طي جي ڪري چوٿون حرف ساڪن حذف ٿيو ته متفعلن رهيو. اُن جي جڳهه تي مفتعلن ڪتب اچي ٿو. اهڙي رڪن کي مخزول چون ٿا.

4- قطع

ڏسو زحاف اڳيان

رڪن جي آخر مان وتد مجموع جو ساڪن حرف ڪيرائي ۽ اُن جي پهرين حرف جي ساڪن ڪرڻ کي قطع چون ٿا. قطع جي ڪري متفاعلن مان نون کي ڪيرائي لام کي ساڪن ڪبو ته باقي متفاعل (لام ساڪن) رهيو جنهن کي فعلاتن (عين تي زير) سان بدلايو وڃي ٿو.

5- حذف

رڪن جي آخر مان وتد مجموع جي ڪيرائڻ کي چون ٿا.

حذف جي ڪري متفاعلن مان علن ڪريو ته متفا باقي رهيو جنهن کي فعلن (عين تي زير) سان بدلايو وڃي ٿو.

6- ترفيل

رڪن جي آخر ۾ جيڪو وتد مجموع ٿئي ٿو اُن جي آخر ۾ هڪ سبب خفيف زياده ڪرڻ کي ترفيل چون ٿا.

متفاعلن مان متفاعلن تن ٿيو اُن کي متفاعلاتن سان بدلايو وڃي ٿو.

7-اِذاله

اهڙو وتد مجموع جيڪو رڪن جي آخر ۾ واقع هجي اُن ۾ الف زياده ڪرڻ

متفاعلن مان متفاعلان ٿي ويو.

متفاعلن جا فروع

(1) مضمر = مستفعلن (2) موقوص = مفاعلن (3) مخزول = مفتعلن (4) مقطوع = فعلاتن (حرڪت عين تي) (5) محذوذ يا احذ = فعلن (عين تي زير) (6) مذال = متفاعلان (7) مرفل = متفاعلاتن (8) مضمر مذال = مستفعلان (9) موقوض مذال = مفاعلان (10) مخزول مذال= مفتعلاتن، هن کي مخزول مرفل به چوندا آهن(عين تي زير) (11) محذوذ مذال = فعلان (عين تي زير) (12) مضمر مرفل = مستفعلاتن (13) موقوص مرفل = مفاعلاتن (14) مخزول مرفل = مفتعلاتن (15) محذوذ مضمر = فعلن (عين ساڪن).

زحافات فعولن

زحاف

تشريح

وزن

1- قبض

رڪن جو پنجون حرف ساڪن (جيڪو سبب ۾ واقع هجي) ڪيرائڻ.

فعولن جي پنجين حرف ساڪن، نون کي ڪيرائڻ سان فعول (لام تي پيش) رهيو.

2- قصر

رڪن جي آخر مان سبب خفيف جو ساڪن حرف ڪيرائڻ.

فعولن جي نون کي ڪيرائي اُن جي حرف لام کي ساڪن ڪرڻ سان فعول رهيو.

3- ثلم

رڪن فعولن جي ف ڪيرائڻ کي ثلم چون ٿا.

فعولن مان ف ڪري ته عولن باقي رهيو جنهن کي فعلن (عين ساڪن) سان بدلايو وڃي ٿو. اهڙي رڪن کي اثلم چون ٿا.

4- ثرم

قبض ۽ خرم جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

فعولن مان خرم جي ڪري ف ۽ قبض جي ڪري نون ڪريو ته عول باقي رهيو اُن جي جڳهه تي فعلُ (عين ساڪن ۽ لام تي پيش) رکيو ويو آهي. اهڙيءَ رڪن کي اثرم چون ٿا.

5- بتر

حذف ۽ قطع جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

فعولن مان حذف جي ڪري سبب خفيف لن ڪريو ۽ قطع جي ڪري واءُ ڪريو ته باقي فع (عين ساڪن) رهيو.

6- تسبيغ

سبب خفيف جي وچ ۾ الف وڌائڻ.

فعولن مان فعولان ٿي ويو.

فعولن جا فروغ

(1) مقبوض = فعولُ (لام تي پيش) (2) مقصور = فعولٌ (لام ساڪن) (4) محذوف = فعِلٌ (عين تي زير ۽ لام ساڪن) (4) اثلم = فعٌلن (عين ساڪن) (5) اثرم= فاع يا فعٌل (عين ساڪن) (6) ابتر = فع (حذف و قطع) (7) مسبغ = فعولان (8) اثلم مسبغ = فعلان (عين ساڪن).

زحافات فاعلن

زحاف

تشريح

وزن

1- حبن

رڪن جي پهرين سبب خفيف جي ساڪن حرف کي ڪيرائڻ.

خبن جي ڪري فاعلن جي پهرين سبب خفيف جو الف ڪريو ته باقي فعلن (عين ساڪن) رهيو.

2- قطع

رڪن جي آخر مان وتد مجموع جو ساڪن حرف ڪيرائي ۽ اُن جي پهرين حرف جي ساڪن ڪرڻ کي قطع چون ٿا.

قطع جي ڪري فاعلن مان نون کي ڪيرائي لام کي ساڪن ڪيوسين ته فاعل باقي رهيو جنهن کي فعلن (عين ساڪن) سان بدلايو وڃي ٿو.

3- خلع

خبن ۽ قطع جي هڪ هنڌ جمع ٿيڻ جو نالو

خبن جي ڪري فاعلن مان الف ۽ قطع جي ڪري نون ڪريو ۽ لام ساڪن ٿيو ته باقي فعِل (عين تي زير) رهيو.

4- حذف

رڪن جي آخر مان وتد مجموع جي ڪيرائڻ کي چون ٿا.

حذف جي ڪري فاعلن مان علن ڪريو ته فا رهيو جنهن کي فع سان بدليو وڃي ٿو.

5- اِذاله

اهڙو وتد مجموع جيڪو رڪن جي آخر ۾ واقع هجي اُن ۾ الف زياده ڪرڻ.

جهڙي طرح فاعلن مان الف وڌائڻ جي ڪري فاعلان ٿي ويو.

6- ترفيل

رڪن جي آخر ۾ جيڪو وتد مجموع ٿئي ٿو اُن جي آخر ۾ هڪ سبب خفيف زياده ڪرڻ کي ترفيل چئجي ٿو.

وتد مجموع تي سبب خفيف زياده ڪيو ويو ته فاعلن تي ٿي پيو اُن کي فاعلاتن سان بدلايو وڃي ٿو.

فاعلن جا فروع

(1) مخبون = فعلن (عين تي زير) (2) مخبون مسڪون يا مقطوع = فعلن (عين ساڪن) (3) محذوذ = فع (4) مذال = مفاعلان (5) مرفل = فاعلاتن (6) مخلع = فعل (لام ساڪن عين تي زير) (7) مخبون مذال = فعلان (عين تي زير) (8) مقطوع مذال – فعلان (عين ساڪن) (9) مخبون مرفل – فعلاتن (عين تي زير).

معاقبه

معاقبه جي لغت ۾ معنيٰ آهي هڪ ٻي پٺيان اچڻ ۽ عروض جي اصطلاح ۾ ان کي چون ٿا ته، جڏهن هڪ شعر ۾ ٻه سبب خفيف هجن ته انهن ٻنهي کي قائم رکي يا هڪ ڪيرائي ٻيو قائم رکجي يعني اهو پنهنجي اختيار ۾ آهي ته مفاعيلن جي ٻن سببن (عي – لن) جا سَاڪن، حرف (ي – ن) نه ڪيرائي سالم رکجن يا وري اهو به پنهنجي هٿ ۾ آهي ته مفاعيلن جي آخري ساڪن حرف (ن) کي ڪيرائي مفاعيلُ (لام تي پيش) قائم رکجي يا مفاعيلن جي (ي) ڪيرائي مفاعلن قائم رکجي. معاقبه حڪم جو نالو آهي زحاف جو نالو نه آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org