قبله مخدوم طالب الموليٰ
دل جلائي دلربا اڄ
ٿو ستائي مه لقا اڄ
فاعلاتن |
فاعلاتن |
دل جلائي |
دلربا اڄ |
ٿو ستائي |
مه لقا اڄ |
سالم |
سالم |
22 – رمل مربع مقصور:فاعلاتن
فاعلات (فاعلان)
قبله مخدوم طالب الموليٰ
گم ٿيا هوش و حواس
۽ رهي ٿي دل اداس
فاعلاتن |
فاعلات |
گم ٿيا هو |
شو حواس |
اي رهي ٿي |
دل اداس |
سالم |
مقصور |
23 – رمل مربع محذوف:
فاعلاتن فاعلن
سردار علي شاهه ”ذاڪر“
تون متاع بي بها
هر غني تنهنجو گدا
فاعلاتن |
فاعلن |
تو متاعي |
بي بها |
هر غني تهه |
جو گدا |
سالم |
محذوف |
مٿين تقطيع ۾ تنهنجو جا نون شمار نه ڪيا ويا آهن.
24 – رمل مربع مشڪول:
فعلات فاعلاتن
قبله مخدوم طالب الموليٰ
نه وسار پيار دلبر
نه پري گذار دلبر
فعلات |
فاعلاتن |
نه وسار |
پار دلبر |
نه پري گ |
ذار دلبر |
مشڪول |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ پيار جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.
بحر رجز
رجز جي لغوي معنيٰ اضطراب جي آهي. هي بحر جنگ جي
ميدان ۾ فخريه اشعار پڙهڻ لاءِ تمام موزون آهي،
انڪري فخريه ۽ پُر جوش اشعار کي به رجز چئبو آهي.
ڇاڪاڻ ته اُهي انهي بحر ۾ لکيا ويندا آهن. هن بحر
جا زحاف مستفعلن جي فروع ۾ ڏيکاريل آهن.
1 – رجز مثمن سالم:
مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلن.
الله بخش عقيلي ”سرشار“
تنهنجي سبب آهي عرب اعليٰ لقب اعليٰ نسب
۽ يا نبي توتي اچي پڻ ختم ٿي پيغمبري
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلن |
تهجي سبب |
ا ا هي عرب |
اعلا لقب |
اعلا نسب |
اي يا نبي |
توتي اچي |
پڻ ختم ٿي |
پيغمبري |
سالم |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ تنهنجي جا ٻئي نون شمار نه ڪيا ويا
آهن.
3 – رجز مثمن مذال:
مستفعلن مستفعلن مستفعلن مستفعلان.
ميرزا علي محمد بيگ ”مظفر“
خورشيد و مهه کي روبرو تنهنجي ڪٿي مقدور لاف
هر روز ڪن ٿا يا نبي تنهنجي اچي در جو طواف
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلان |
خرشيد مهه |
کي روبرو |
تهجي ڪٿي |
مقدور لاف |
هر روز ڪن |
ٿا يا نبي |
تهجي اچي |
در جو طواف |
سالم |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ خورشيد جو واءُ، تنهنجي جا ٻئي نون
ڪيرائڻ جائز آهن.
3 – رجز مثمن مطوي:مفتعلن
مفتعلن مفتعلن مفتعلن.
قبله مخدوم طالب الموليٰ
نيڻ کڻي هيج منجهان تير نظر جا ته هڻي
يار جگر چاڪ ڪري مونکي گرفتار ڪيو
مفتعلن |
مفتعلن |
مفتعلن |
مفتعلن |
نيڻ کڻي |
هيج مجها |
تير نظر |
جا ته هڻي |
يار جگر |
چاڪ ڪري |
موک گرف |
تار ڪيو |
مطوي |
مطوي |
مطوي |
مطوي |
مٿين تقطيع مان منجهان جا ٻئي نون ۽ مونکي جو نون
۽ ي ڪيرائڻ جائز آهن.
4 – رجز مثمن مطوي مرفل:مفتعلاتن
مفتعلاتن مفتعلاتن مفتعلاتن.
آخوند محمد قاسم
قاسم ڪائي ڪرم اجائي روء ريائي تات پرائي
ڳالهه اها ئي سڻ سک سائي چال چڱائي مهر مدارا
مفتعلاتن |
مفتعلاتن |
مفتعلاتن |
مفتعلاتن |
قاسم ڪائي |
ڪرم اجائي |
روء ريائي |
تات پرائي |
ڳال اهائي |
سڻ سک سائي |
چال چڱائي |
مهر مدارا |
مطوي مرفل |
مطوي مرفل |
مطوي مرفل |
مطوي مرفل |
مٿين تقطيع ۾ ڳالهه جي هه شمار نه ڪئي وئي آهي.
نوٽ:-
مٿين شعر جي تقطيع بحر تقارب مثمن اثرم سالم مضاعت
يعني فعل فعولن سان پڻ ڪرڻ جائز آهي.
5 – رجز مثمن مطوي مخبون:مفتعلن
مفاعلن مفتعلن مفاعلن.
شيخ عبدالحليم ”جوش“
علم جو آفتاب هو حلم جو ماهتاب هو
فرد نه پر هو انجمن باب نه پر ڪتاب هو
مفتعلن |
مفاعلن |
مفتعلن |
مفاعلن |
علم جـ ا ا |
فتاب هو |
حلم جـ ما |
هتاب هو |
فرد نه پر |
هه ا نجمن |
باب نه پر |
ڪتاب هو |
مطوي |
مخبون |
مطوي |
مخبون |
مٿين تقطيع ۾ جو ۽ هو جو واءُ شمار نه ڪيو ويو
آهي.
نوٽ:
حشو يا عروض يا ضرب ۾ مخبون مذال يعني مفاعلان
ڪتب آڻڻ جائز
آهي، جنهن
جا مثال هيٺ ڏجن ٿا، جيئن ته:
6 – مفتعلن مفاعلان مفتعلن مفاعلان.
مخدوم طالب الموليٰ
يار جمال دلفروز صورتِ مهر نيمروز
رخ کي ڪري ته بي نقاب پاڻ ٿيو نظاره سوز
يار جما |
ل دلفروز |
صورت مهه |
ر نيمروز |
رخ کـ ڪري |
ته بي نقاب |
پاڻ ٿيو |
نظار سوز |
مطوي |
مخبون مذال |
مطوي |
مخبون مذال |
مٿين تقطيع ۾ کي جي ي ۽ نظاره جي هه شمار نه ڪئي
وئي آهي.
7 - مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفاعلان.
مخدوم زاده محمد امين فهيم
مان ته ٿيس ستم زده خسته جگر ۽ دلفگار
يار ٿيو جفا ڪري سنگدل و ستم شعار
مفتعلن |
مفاعلن |
مفتعلن |
مفاعلان |
ما ته ٿيس |
ستم زده |
خست جگر |
ء دلفگار |
يار ٿيو |
جفا ڪري |
سنگدلو |
ستم شعار |
مطوي |
مخبون |
مطوي |
مخبون مذال |
مٿين تقطيع ۾ مان جو نون، خسته جي آخر واري هه
شمار نه ڪئي وئي آهي.
8 – مفتعلن مفاعلان مفتعلن مفاعلن.
ميرزا امام علي بيگ ”علي“
جلد حبيب ڪردگار مونتي ڪرم جي ڪر نظر
چشم ٿي غم کان اشڪبار مونتي ڪرم جي ڪر نظر
مفتعلن |
مفاعلان |
مفتعلن |
مفاعلن |
جلد حبي |
ب ڪردگار |
موت ڪرم |
جـ ڪر نظر |
چشم ٿـ غم |
کـ اشڪبار |
موت ڪرام |
جـ ڪر نظر |
مطوي |
مخبون مذال |
مطوي |
مخبون |
مٿين تقطيع ۾ تي – جي ۽ ٿي جي ي ۽ کان جو الف ۽
نون شمار نه ڪيا ويا آهن.
9 – رجز مثمن مخبون مطوي:
مفاعلن مفتعلن مفاعلن مفتعلن.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل
اڳين نه تقدير رهي اڳيون زمانو نه رهيو
هينئر ملاقات جو پڻ اُهو بهانو نه رهيو
مفاعلن |
مفتعلن |
مفاعلن |
مفتعلن |
اڳي نه تقـ |
دير رهي |
اڳو زما |
نو نه رهو |
هير ملا |
قات جـ پڻ |
اهو بها |
نو نه رهو |
مخبون |
مطوي |
مخبون |
مطوي |
مٿين تقطيع ۾ اڳين جو نون، اڳيون جي ي نون، رهيو
جي ي، هينئر جو همزه ۽ نون ۽ جو، جو واؤ ڪيرائڻ
جائز آهن.
10 – رجز مثمن مطوي مخبون مقطوع:
مفتعلن مفاعلن مفتعلن مفعولن.
ميرزا قاسم علي بيگ قاسم
حسن جي بارگاه ۾ عرض ڪيم قاسم هي
جرم معاف سڀ ڪري لطف و ڪرم پنهنجو ڪر
مفتعلن |
مفاعلن |
مفتعلن |
مفعولن |
حسن جـ با |
رگاه م |
عرض ڪيم |
قاسم هي |
جرم معا |
ف سڀ ڪري |
لطف ڪرم |
پهجو ڪر |
مطوي |
مخبون |
مطوي |
مقطوع |
مٿين تقطيع ۾ جي جي ي ۽ لطف و ڪرم جو وچ وارو واءُ
۽ پنهنجو جا ٻئي نون شمار نه ڪيا ويا آهن.
نوٽ:- مٿي ذڪر ڪيل بحرن ۾ صدر، ابتدا، عروض، ضرب
يا حشو ۾ جتي نه مفتعلن آهي اُتي تسڪين اوسط جو
زحاف آڻي مفعولن ٺاهڻ پڻ درست آهي.
11 – رجز مسدس سالم:
مستفعلن مستفعلن مستفعلن.
ميرزا دوست محمد دوست
شيرِ خدا دستِ خدا مولا علي
مشڪلڪشا حاجت روا مولا علي
مستفعلن |
مستفعلن |
مستفعلن |
شيري خدا |
دستي خدا |
مولا علي |
مشڪلڪشا |
حاجت روا |
مولا علي |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ شير جي ر، دست جي ت، تي اضافت ايترو
وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين ان ڪري تقطيع
۾ شيري ۽ دستي لکيو ويو.
12 – رجز مسدس مطوي:
مفتعلن مفتعلن مفتعلن.
مخدوم زاده خليق الزمان
عشق ۾ بدنام اجايو ته ڪري
يار دغا باز وفا ڪانه ڪئي
مفتعلن |
مفتعلن |
مفتعلن |
عشق ۾ بد |
نام اجا |
يو ته ڪري |
يار دغا |
باز وفا |
ڪانه ڪئي |
مطوي |
مطوي |
مطوي |
نوٽ:- جن بحرن جي آخر ۾ وتد مجموع ايندو آهي تن ۾
سالم ۽ مذال جو گڏ آڻڻ جائز آهي.
13 – رجز مربع سالم:
مستفعلن مستفعلن
عبدالقيوم صائب
ڪنهن سان ڪريان اڄ گفتگو
دلبر نه آهين روبرو
مستفعلن |
مستفعلن |
ڪهه سا ڪرا |
اڄ گفتگو |
دلبر نه اا |
هي روبرو |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع مان ڪنهن جا ٻئي نون، ڪريان جي ي، ۽
نون ۽ آهين جو نون ڪيرائڻ جائز آهي.
14 – رجز مربع مطوي مخبون:
مفتعلن مفاعلن.
ميرزا سلطان حيدر بيگ
هوش و حواس گم ٿيا
دل کي قرار اڄ ڪٿي
مفتعلن |
مفاعلن |
هوش حوا |
س گم ٿيا |
دل کـ قرا |
ر اڄ ڪٿي |
مطوي |
مخبون |
مٿين تقطيع ۾ کي جي ي ڪيرائڻ جائز آهي.
15 – رجز مربع مطوي مخبون مذال:
مفتعلن مفاعلان.
مصنف
صبح نسيم جي بهار
آئي کڻي ته بوئي يار
مفتعلن |
مفاعلان |
صبح نسي |
م جي بهار |
ااء کڻي |
ته بوء يار |
مطوي |
مخبون مذال |
مٿين تقطيع ۾ آئي جي ي، شمار نه ڪئي وئي آهي.
بحر ڪامل
ڪامل جي لغوي معنيٰ پوري، تمام، ڪل (يعني ڪنهن شئي
جو مڪمل هجڻ) آهي. هي بحر بلڪل انهيءَ طرح استعمال
ڪيو ويو آهي جهڙي طرح دائري ۾ جوڙيو ويو آهي. هن بحر جا زحاف متفاعلن جي فروع ۾ ڏيکاريل آهن.
1 – ڪامل مثمن سالم:متفاعلن
متفاعلن متفاعلن متفاعلن.
محمد علي جوهر
نه فرات و دجله تي ناز ڪر نه فريبِ گنگ و جمن ۾ آ
آ جهان تنهنجو سڄو وطن سگهو بيوطن تون وطن ۾ آ
متفاعلن |
متفاعلن |
متفاعلن |
متفاعلن |
نه فرات د ج |
ل ت ناز ڪر |
نه فريب گن |
گ جمن ۾ ا |
اجهان تهـ |
ج سڄو وطن |
سگهه بيوطن |
ت وطن ۾ اا |
سالم |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ تنهنجو ۽ تون جا نون آ، جو ٻيو الف
سگهو جو واءُ ڪيرائڻ جائز آهن.
2 – ڪامل مثمن مذال:-
متفاعلن متفاعلن متفاعلن متفاعلان.
مخدوم طالب الموليٰ
منهنجي دل کي شوقِ فغان نه آ منهنجي لب تي ڪابه
دعا نه آه
سو دهن مان جنهن ۾ زبان نه ٿي سو جرس مان جهن ۾
مدا نه آه
متفاعلن |
متفاعلن |
متفاعلن |
متفاعلان |
مجـ دل کـ شو |
ق فغانه اا |
مجـ لب تـ ڪا |
به دعا نه اا ه |
سـ دهن م جهه |
م زبان نه ٿي |
سـ جرس م جهه |
صدا نه ااه |
سالم |
سالم |
سالم |
مذال |
مٿين تقطيع ۾ منهنجي جا ٻئي نون، هه ۽ ي، کي جي ي،
فغان جو نون، تي جي ي، سو جو واو جنهن جا ٻئي نون،
زبان جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.
3 – ڪامل مثمن مضمر:-
متفاعلن مستفعلن متفاعلن مستفعلن.
ميرزا قربان علي بيگ ”قربان“
نه کڻي سگهان ٿو بار غم نه سهي سگهان ٿو درد غم
تون ڪرم مٿم ڪر يا خدا بطفيلِ آلِ مصطفا
متفاعلن |
مستفعلن |
متفاعلن |
مستفعلن |
نه کڻي سگها |
ٿو بار غم |
نه سهي سگها |
ٿو درد غم |
ته ڪرم مٿم |
ڪر يا خدا |
بطفيل ا ا |
لي مصطفا |
سالم |
مضمر |
سالم |
مضمر |
مٿين تقطيع ۾ سگهان جو نون، تون جو واؤ ۽ نون
ڪيرائڻ جائز آهن ۽ آل جي لام تي اضافت ايترو وڌائي
پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين، انڪري تقطيع ۾ آلي
لکيو ويو.
4 – ڪامل مسدس سالم:-
متفاعلن متفاعلن متفاعلن.
مخدوم زاده محمد امين فهيم
تپ هجر کان ته مريض عشق مري ويو
نه وصال يار نصيب تنهنجو مگر ٿيو
متفاعلن |
متفاعلن |
متفاعلن |
تپ هجر کا |
ته مريض عشـ |
ق مري ويو |
نه وصال يا |
ر نصيب تهـ |
جـ مگر ٿيو |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ کان جو نون، تنهنجو جا ٻئي نون ۽ واؤ
ڪيرائڻ جائز آهن.
5 – ڪامل مسدس مضمر مذال:-
متفاعلن مستفعلن مستفعلان.
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل
تون هئين ڪٿي پيئي نه سڌ ڪا گلعذار
تنهنجي هجر آهي لب تي آندي جانِ زار
متفاعلن |
مستفعلن |
مستفعلان |
ته هئي ڪٿي |
پيئي نه سڌ |
ڪا گلعذار |
تـ جـ هجر ا ا |
هي لب ته ا ا |
دي جان زار |
سالم |
مضمر |
مضمر مذال |
مٿين تقطيع ۾ تون جو نون، هئين جو همزه ۽ نون،
تنهنجي جي هه، نون ۽ ي، ۽ آندي جو نون ڪيرائڻ جائز
آهن.
بحر وافر
وافر جي لغوي معنيٰ آهي تمام گهڻو يا ڪثرت سان. هن
بحر جو نالو وافر انڪري آهي جو هن بحر ۾ يا ته شعر
گهڻا چيا ويا آهن، يا هن بحر ۾ حرڪات ڪثرت سان
آهن. هي بحر عربي سان خصوصيت رکي ٿو. هن بحر ۾ سنڌ
جي ۽ فارس جي ڪن شاعرن وڏي مشڪل سان شعر چيا آهن.
هن بحر جا ارڪان سالم مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن
مفاعلتن آهن. هن بحر جا زحاف مفاعلتن جي فروع ۾
ڏيکاريل آهن.
1 – وافر مثمن سالم:-
مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن مفاعلتن.
ميرزا قربان علي بيگ قربان
امام علي ڪرام علي امير علي مجيد علي
ظهير علي نصير علي سعيد علي شهيد علي
مفاعلتن |
مفاعلتن |
مفاعلتن |
مفاعلتن |
امام علي |
ڪرام علي |
امير علي |
مجيد علي |
ظهير علي |
نصير علي |
سعيد علي |
شهيد علي |
سالم |
سالم |
سالم |
سالم |
2 – وافر مسدس معصوب مقطوف:
مفاعيلن مفاعلتن فعولن.
مخدوم طالب الموليٰ
شہ بطحا حڪيم – اُمم بجا ٿيو
رسولِ حق حبيب خدا محمد
مفاعيلن |
مفاعلتن |
فعولن |
شهي بطحا |
حڪيم امم |
بجا ٿيو |
رسولي حق |
حبيب خدا |
محمد |
معصوب |
سالم |
مقطوف |
مٿين تقطيع ۾ شہ جي هه ۽ رسول جي لام تي اضافت
ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين، انڪري
تقطيع ۾ رسولي ۽ شهي لکيو ويو ۽ ٿيو جي ي ڪيرائڻ
جائز آهي.
3 – وافر مربع سالم:
مفاعلتن مفاعلتن.
ميرزا قاسم علي بيگ ”قاسم“
عظيم خدا عليم خدا
ڪريم خدا رحيم خدا
مفاعلتن |
مفاعلتن |
عظيم خدا |
عليم خدا |
ڪريم خدا |
رحيم خدا |
سالم |
سالم |
بحر متقارب
متقارب يا تقارب جي لغوي معنيٰ هڪ ٻي سان ويجهو
ٿيڻ جي آهي. جيئن ته هن بحر ۾ وتد مجموع ۽ سبب
خفيف هڪ ٻي جي ويجهو آهن انڪري هن بحر کي متقارب
يا تقارب چيو وڃي ٿو. هن بحر جا زحاف فعولن جي
فروع ۾ ڏيکاريل آهن.
1 – تقارب مثمن سالم:
فعولن فعولن فعولن فعولن.
مخدوم طالب الموليٰ
پيو جنهن جي گردن ۾ دامِ محمد
ٿيو جان و دل سان غلامِ محمد
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولن |
پيو جهـ |
جـ گردن |
م دامي |
محمد |
ٿيو جا |
ن دل سا |
غلامي |
محمد |
سالم |
سالم |
سالم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ دام جي ميم ۽ غلام جي ميم تي اضافت
ايترو وڌائي پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين. انڪري
تقطيع ۾ دامي ۽ غلامي لکيو ويو ۽ جنهن جا ٻئي نون،
جي، جي ي ۽ سان جو نون ڪيرائڻ جائز آهن.
2 – تقارب مثمن مسبغ:
فعولن فعولن فعولن فعولان.
مخدوم زاده خليق الزمان
طلب آهي تنهنجي ملڻ جي سدا يار
سڄي رات روئي گذاريان ٿو دلدار
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعولان |
طلب ا ا |
هه تهجي |
ملڻ جي |
سدا يار |
سڄي را |
ت روئي |
گذارا |
ٿـ دلدار |
سالم |
سالم |
سالم |
مسبغ |
مٿين تقطيع ۾ آهي جي ي، تنهنجي جا ٻئي نون،
گذاريان جي ي ۽ نون، ٿو جو واءُ شمار نه ڪيا ويا
آهن.
3 – تقارب مثمن مقصور:
فعولن فعولن فعولن فعول.
سيد اظهر گيلاني
ائين جهُڙ جي ڊپ جو ڏجي ٿو مثال
جيئن ماءُ ماٽيلي جي مڪ ۽ مار
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعول |
ائي جهڙ |
جـ ڊپ جو |
ڏجي ٿو |
مثال |
جئي ما |
ءُ مائي |
ل جي مڪ |
ء مار |
سالم |
سالم |
سالم |
مقصور |
مٿين تقطيع ۾ ائين ۽ جيئن جا نون، جي ۽ ماٽيلي جي
آخر واريون ي شمار نه ڪيون ويون آهن.
4 – تقارب
مثمن محذوف:
فعولن فعولن فعولن فعل.
عنايت بلوچ
نه هرگز پئي حادثي جي خبر
ملي اوچتو وئي نظر سان نظر
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فعل |
نه هرگز |
پئي جا |
دثي جي |
خبر |
ملي او |
چتو وي |
نظر سا |
نظر |
سالم |
سالم |
سالم |
محذوف |
نوٽ: بحر تقارب مثمن مقصور ۽ بحر تقارب مثمن محذوف
جو هڪ ئي غزل ۾ گڏ آڻڻ صحيح آهي.
5 – تقارب مثمن اتبر:
فعولن فعولن فعولن فع.
مصنف
ڪٽي عمر مون ڦوٽڙي وانگر
خبر پئي نه هن بحر فاني جي
فعولن |
فعولن |
فعولن |
فع |
ڪٽي عمـ |
ر مو ڦو |
ٽڙي وا |
گر |
خبر پي |
نه هن بح |
ر فاني |
جي |
سالم |
سالم |
سالم |
اتبر |
مٿس تقطيع ۾ مون ۽ وانگر جو نون ۽ پئي جو همزه
شمار نه ڪيو ويو آهي.
6 – تقارب مثمن اثلم:
فعلن فعلن فعلن فعلن.
مرزا امام علي بيگ ”علي“
منهنجو رهبر حامي مرشد
آهي هردم حيدر مولا
فعلن |
فعلن |
فعلن |
فعلن |
مهجو |
رهبر |
حامي |
مرشد |
ا ا هي |
هردم |
حيدر |
مولا |
اثلم |
اثلم |
اثلم |
اثلم |
7 – تقارب مثمن اثلم سالن الاخر:
فعلن فعولن فعلن فعولن.
ميرزا امام علي بيگ ”علي“
ڪوچي ۾ هُنجي ڪيئي ڏسان پيو
مذبوح زخمي مقتول بسمل
فعلن |
فعولن |
فعلن |
فعولن |
ڪوچي |
م هنجي |
ڪيئي |
ڏسا پيو |
مذبو |
ح زخمي |
مقتو |
ل بسمل |
اثلم |
سالم |
اثلم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ ڏسان جو نون ۽ پيو جي ي ڪيرائڻ جائز
آهي.
8 – تقارب مثمن اثلم مسبغ:
فعلن فعولن فعلن فعولان.
مخدوم زاده محمد امين فهيم
خود مهربان ڏسندي يار دلخواه
خوش ٿي چيو مون الحمدالله
فعلن |
فعولن |
فعلن |
فعولان |
خد مهه |
ربا ڏس |
دي يا |
ر دلخاهه |
خش ٿي |
چيو مو |
الحم |
د لل لاهه |
اثلم |
سالم |
اثلم |
مسبغ |
مٿين تقطيع ۾ خود ۽ خوش جو واءُ، ڏسندي ۽ مون جا
نون شمار نه ڪيا ويا آهن.
9 – تقارب مثمن مقبوض اثلم:
فعول فعلن فعول فعلن.
شمشيرالحيدري
فقط اشاري ڇڏيو ته وه واه
مئا جياري ڇڏيو ته وه واه
فعول |
فعلن |
فعول |
فعلن |
فقط ا |
شاري |
ڇڏو ته |
وه وا |
مئا ج |
ياري |
ڇڏو ته |
وه وا |
مقبوض |
اثلم |
مقبوض |
اثلم |
مٿين تقطيع ۾ ڇڏيو جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.
10 – تقارب مثمن اثرم سالم الاخر:
فعل فعولن فعل فعولن.
ميرزا عباس علي بيگ عباس
شعر روان کان اشڪ روان ٿي
راڳ ٻڌڻ کان مشق فغان ٿي
فعل |
فعولن |
فعل |
فعولن |
شعر |
روا کا |
اشڪ |
روا ٿي |
راڳ |
ٻڌڻ کا |
مشق |
فغا ٿي |
اثرم |
سالم |
اثرم |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ روان، کان ۽ فغان جا نون ڪيرائڻ جائز
آهن.
11 – تقارب مثمن اثلم اثرم الاخر:-
فعلن فعلن فعلن فعل.
مخدوم طالب الموليٰ
سي اکيون چشم بد دُور
جي هر دم مستي کان چور
فعلن |
فعلن |
فعلن |
فعل |
سي اکـ |
يون چشـ |
مي بد |
دور |
جي هر |
دم مسـ |
تي کا |
چور |
اثلم |
اثلم |
اثلم |
اثرم |
مٿين تقطيع ۾ چشم جي ميم تي اضافت ايترو وڌائي
پڙهي وئي جو ي جو آواز ڏنائين. انڪري تقطيع ۾ چشمي
لکيو ويو ۽ اکيون جو نون، ۽ کان جو نون ڪيرائڻ
جائز آهن.
نوٽ:-
هن بحر ۾ ڪيترن ئي قسمن جي ڦير ڦار ڪرڻ سان ڪيترا
ٻيا بحر پيدا ٿين ٿا. جنجا مثال هيٺ ڏجن ٿا.
12 – فعلن فاع فعول فعولن:-
حب جي نقش ۾ يار کي گهر ڏي
فعلن |
فاع |
فعول |
فعولن |
حب جي |
نقش |
م يار |
ک گهر ڏي |
اثلم |
اثرم |
مقبوض |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ کي جي ي شمار نه ڪئي وئي آهي.
13 – فعلن فعلن فاع فعولن
ماههِ انور يار سراپا
فعلن |
فعلن |
فاع |
فعولن |
ماهي |
انور |
يار |
سراپا |
اثلم |
اثلم |
اثرم |
سالم |
14 – فعلن فاع فعولن فعلن
ڪافر تي به نه گذري اهڙي
فعلن |
فاع |
فعولن |
فعلن |
ڪافر |
تي به |
نه گذري |
اهڙي |
اثلم |
اثرم |
سالم |
اثلم |
15 – فاع فعولن فعولن فعلن
صبر گهري ٿي دل کان رخصت
فاع |
فعولن |
فعلن |
فعلن |
صبر |
گهري ٿي |
دل کا |
رخصت |
اثرم |
سالم |
اثلم |
اثلم |
مٿين تقطيع ۾ کان جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.
16 – فاع فعول فعلن فعلن
ڪير تيار مرڻ تي ٿيندو
فاع |
فعول |
فعولن |
فعلن |
ڪير |
تيار |
مرڻ تي |
ٿيدو |
اثرم |
مقبوض |
سالم |
اثلم |
مٿين تقطيع ۾ ٿيندو جو نون شمار نه ڪيو ويو آهي.
17 – فاع فعول فعول فعولن
فرق امير غريب جو مٽبو
فاع |
فعول |
فعول |
فعولن |
فرق |
امير |
غريب |
جـ مٽبو |
اثرم |
مقبوض |
مقبوض |
سالم |
مٿين تقطيع ۾ جو جو واءُ شمار نه ڪيو ويو آهي. |