جنهن ميزان ۾ شعر کي تورجي ٿو تنهن جو نالو بحر
آهي. ڪل مشهور بحر 19 آهن، جن مان 15 بحر (اوزانِ
شعر) ابو عبدالرحمان الخليل ايجاد ڪيا. تن جا نالا
هي آهن. (1) طويل (2) مديد (3) بسيط (4) ڪامل (5)
وافر (6)هزج (7) رمل (8) رجز (9) منسرح (10) مضارع
(11) سريع (12) خفيف (13) محبتث (14) مقتضب (15)
متقارب (تقارب).
بحر متدارڪ جو اضافو ابوالحسن اخفش ڪيو. باقي ٽي
بحر 1 – جديد 2- قريب 3- مشاڪل، اهلِ فارس
(ايرانين) ٻن سئو سالن کانپوءِ ايجاد ڪيا.
مٿي ذڪر ڪيل 19 بحرن مان طويل، مديد، بسيط، وافر ۽
ڪامل عربي لاءِ مخصوص آهن ۽ جديد، قريب ۽ مشاڪل
فارسي لاءِ مخصوص آهن.
اِهي مٿيان اَٺ بحر، جي عربي ۽ فارسي لاءِ مخصوص
آهن تن تي اردو ۽ سنڌي جي، مَس آنڱرين تي ڳڻڻ
جيترن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي.
باقي رهيل يارهن بحرن هزج، رمل، رجز، منسرح،
مضارع، سريع، خفيف، محبتث، مقتضب، متقارب ۽ متدارڪ
۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبان جي سڀني شاعرن
عام طرح طبع آزمائي ڪئي آهي.
جي بحر، هڪ رڪن مان ٺاهيا ويا آهن تن کي مفرد ۽ جي
ٻن مختلف رڪنن جي ترڪيب سان ٺاهيا ويا آهن تن کي
مرڪب چيو وڃي ٿو. بحر ٻن قسمن جا آهن. (الف) سالم
(ب) غير سالم.
الف:
بحر سالم، اُن کي چون ٿا جنهن جا سڀ رڪن اصلي حالت
تي هجن، مطلب ته جهڙي طرح بحر جا رڪن ٺاهيا ويا
آهن. تهڙي طرح ڪتب آندل هجن يعني اُهو رڪن يا بحر
جنهن ۾ ڪوبه زحاف نه هجي.
ب:
غير سالم، اُهو بحر آهي جنهن جا ڪي يا سڀ رڪن اصلي
حالت تي نه هجن، يعني اُهو رڪن يا بحر جنهن ۾ زحاف
هجن، غير سالم کي، مزاحف به چوندا آهن.
فڪ بحور
جڏهن هڪ بحر جي ڦير ڦار کان ڪو بَحَرَ يا بحر پيدا
ٿين ته انکي فڪرِ بحور چون ٿا ۽ جيترا بحر هڪ ٻي
بحر مان نڪرن ٿا سي سڀ هڪ دائري مان نڪتل بحر چيا
وڃن ٿا. ڇو جو دائرو انڪري ٺاهيو وڃي ٿو تانڪه هڪ
بحر جو ٻي بحر مان ڪڍڻ جو طريقو چڱي طرح سمجهه ۾
اچي وڃي. مثلاً بحر هزج جو رڪن مفاعيلن آهي. جنهن
۾ پهرين وتد مجموع (مفا) ۽ انجي پٺيان ٻه سبب خفيف
(عي لن) آهن. هاڻ جيڪڏهن انهيءَ رڪن (مفاعيلن) ۾
اهڙي طرح ڦير ڦار ڪئي وڃي جو هڪ سبب خفيف (لن)
پهرين رکي، انجي پٺيان وتد مجموع (مفا) ۽ ٻيو سبب
خفيف (عي) رکبو ته لن مفاعي پيدا ٿي پوندو جو
(فاعلاتن) جي هموزن آهي ۽ اهو فاعلاتن بحر رمل جو
وزن آهي. وري جيڪڏهن ٻه سبب خفيف (عي ۽ لن) شروعات
۾ رکي ۽ وتد مجموع (مفا) کي انهن ٻنهي سبب خفيف جي
پويان رکبو ته (عيلن مفا) پيدا ٿي پوندو جو
مستفعلن جي هموزن آهي ۽ اهو بحر رجز جو وزن آهي.
اهڙي قسم جي ڦيرڦار سان ٻيا بحر حاصل ٿين ٿا.
انهن رڪنن کي دائري ۾ لکڻ جو اهو فائدو آهي ته هڪ
رڪن جي آخر وارو جز ٻه رڪن جي پهرين جز سان متصل
(مليل) ٿي وڃي.
هڪ اصل مان جي رڪن ۽ انهن رڪنن مان جي بحر نڪرن ٿا
تنکي ملائڻ واسطي سڀني بحرن کي پنجن دائرن ۾ تقسيم
ڪيو ويو آهي. انهن دائرن جا نالا ۽ سمجهاڻي هيٺ
ڏنل آهي. دائرن کي نقشن جي ذريعي واضع ڪيو ويو آهي
۽ هر نقشي ۾ فقط هڪ مصرع جي رڪنن جو ذڪر ڪيل آهي.
(1) دائره مجتلبه
هن دائره جا ٽئي رڪن مختلفه جي دائري مان حاصل ڪيا
ويا آهن. اهل عجم هن دائره کي موتلفه به چون ٿا.
هن دائري جو بنياد مفاعيلن جي رڪن تي آهي. هن ۾ ٽي
جزا آهن پهريون وتد مجموع (مفا) ٻيو سبب خفيف (عي)
۽ ٽيون پڻ سبب خفيف (لن).
1 – جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري چار دفعا
مفاعيلن لکبا ته اهو بحر هزج جو وزن ٿي پوندو.
2 – جيڪڏهن مفاعيلن جي ٻي جز (عي) کان شروعات ڪبي
ته چار عيلن مفا برابر چئن مستفعلن جي ٿيندا. اهو
بحر رجز جو وزن آهي.
3 – جيڪڏهن مفاعيلن جي ٽئين جز (لن) کان شروعات
ڪبي ته چار لن مفاعي برابر چئن فاعلاتن جي ٿيندا.
اهو بحر رمل جو وزن آهي.
نقشي جي پهرين خاني کان مفاعيلن جي، ٻي خاني کان
مستفعلن جي ۽ ٽئين خاني کان فعلاتن جي شروعات ڪبي
ته هي ٽي بحر هزج، رجز، رمل پيدا ٿي پوندا.
هاڻي دائره مجلبه جي بدران نقشو ڏجي ٿو.
(2) دائره موتلفه
هن دائري جي رڪنن ۾ الفت آهي ڇو جو سڀ ستن حرفن
وارا آهن ۽ وتد مجموع ۽ فاصله صغريٰ مرڪب آهن.
هن دائري جو بنياد مفاعلتن جي رڪن تي آهي، هن ۾ ٻه
جزا آهن، پهريون وتد مجموع (مفا) ۽ ٻيو فاصله
صغريٰ (علتن).
1 – جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري، چار مفاعلتن
لکبا ته اهو بحر وافر جو وزن ٿي پوندو.
2 – جيڪڏهن مفاعلتن جي ٻي جز (علتن) کان شروعات
ڪبي ته چار علتن مفا برابر چئن متفاعلن جي ٿيندا.
اهو بحر ڪامل آهي.
نقشي جي پهرين خاني کان مفاعلتن جي ۽ ٻي خاني کان
متفاعلن جي شروعات ڪبي ته هي ٻه بحر وافر ۽ ڪامل
پيدا ٿي پوندا.
هاڻي ته دائره موتلفه جي بدران هيٺ نقشو ڏجي ٿو.
(3) دائره متفقه
هن دائري جا رڪن متفق (مليل) آهن ڇو جو سڀ وتد
مجموع ۽ سبب خفيف مان مرڪب آهن.
هن دائري جو بنياد فعولن جي رڪن تي آهي. هن ۾ ٻه
جزا آهن. پهريون وتد مجموع (فعو) ۽ ٻيو سبب خفيف
(لن).
1 – جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري چار فعولن
لکبا ته اهو بحر متقارب جو وزن ٿي پوندو.
2 – جيڪڏهن فعولن جي ٻي جز (لن) کان شروعات ڪبي ته
چار لن فعو برابر چئن فاعلن جي ٿيندا. اهو بحر
متدارڪ جو وزن آهي.
نقشي ۾ پهرين خاني کان فعولن جي ۽ ٻي خاني کان
فاعلن جي شروعات ڪبي ته بحر متقارب ۽ متدارڪ پيدا
ٿي پوندا.
هاڻي دائره متفقه جي بدران نقشو ڏجي ٿو.
(4) دائره مختلفه
هن دائري جا رڪن مختلف آهن. ڪي پنجن حرفن وارا ڪي
ستن حرفن وارا.
هن دائري جو بنياد ٻن مختلف رڪنن يعني فعولن ۽
مفاعيلن تي آهي انهن ٻنهي رڪنن ۾ پهريون (فعو) ۽
ٽيون (مفا) جز اوتاد مجموعه (وتد مجموع جو جمع)
آهن ۽ ٻيون (لن) چوٿون (عي) ۽ پنجون (لن) جز اسباب
خفيفه (سبب خفيف جو جمع آهن).
1 – جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري ٻه دفعا فعولن
مفاعيلن لکبا ته اهو بحر طويل جو وزن ٿي پوندو.
2 – جيڪڏهن ٻي جز کان شروعات ڪبي ته ٻه لن مفاعي
لن فعو برابر ٻن فاعلاتن فاعلن جي ٿيندا. اهو بحر
مديد جو وزن آهي.
3 – جيڪڏهن چوٿين جز کان شروعات ڪبي ته ٻه عيلن
فعو، لن فعا برابر ٻن مستفعلن؛ فاعلن جي ٿيندا،
اهو بحر بسيط جو وزن آهي.
نقشي ۾ پهرين خاني کان فعولن مفاعيلن جي، ٻي خاني
کان فاعلاتن، فاعلن جي ۽ چوٿين خاني کان مستفعلن،
فاعلن جي شروعات ڪبي ته هي ٽي بحر طويل، مديد،
بسيط پيدا ٿي پوندا.
هاڻي دائره مختلفه جي بدران هيٺ نقشو ڏجي ٿو.
(5) دائره مشتبه
هن دائري ۾ مستفعلن (مجموع الوتد) ۽ مس تفع لن
(مفروق الوتد) ۽ فاعلاتن (مجموع الوتد) ۽ فاع لاتن
(مفروق الوتد) هڪ ٻئي سان مشتبه ٿين ٿا.
هن دائري جو بنياد مستفعلن مستفعلن مفولات جي رڪنن
تي آهي، انهن ٽنهي رڪنن ۾ نو (9) جزا آهن. پهريون
(مس)، ٻيو (تف)، چوٿون (مس) پنجون (تف)، ستون (مف)
۽ اٺون (عو) اسباب خفيفه (سبب خفيف جو جمع) آهن.
ٽيون (علن) ۽ ڇهون (علن) اوتاد مجموعه (وتد مجموع
جو جمع) آهن ۽ نائون (لات) وتد مفروق آهي.
1 – جيڪڏهن پهرين جز کان شروعات ڪري هڪ دفعو
مستفعلن – مستفعلن – مفعولات لکبو ته اهو بحر سريع
جو وزن ٿي پوندو.
2 – جيڪڏهن ٻي جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو تفعلن
مس – تفعلن مف – عولات مس برابر فاعلاتن – فاعلاتن
– مس تفع لن جي ٿيندو. اهو بحر جديد آهي.
3 – جيڪڏهن ٽئين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو علن
مستف – علن مفعو – لات مستف برابر مفاعيلن –
مفاعيلن – فاع لاتن جي ٿيندو. اهو بحر قريب آهي.
4 – جيڪڏهن چوٿين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو
مستفعلن – مفعولات – مستعفلن – مفعولات – مستعفلن
ٿيندو. اهو بحر منسرح آهي.
5 – جيڪڏهن پنجين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو
تفعلن مف – عولات مس – تفعلن مس برابر فاعلاتن –
مس تفع لن – فاعلاتن جي ٿيندو. اهو بحر خفيف آهي.
6 – جيڪڏهن ڇهين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو علن
مفعو – لات مستف – علن مستف برابر مفاعيلن – فاع
لاتن – مفاعيلن جي ٿيندو. اهو بحر مضارع آهي.
7 – جيڪڏهن ستين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو
مفعولات – مستفعلن – مستفعلن ٿيندو. اهو بحر مقتضب
آهي.
8 – جيڪڏهن اٺين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو
عولات مس – تف علن مس – تف علن مس – برابر مس تفع
لن – فاعلاتن – فاعلاتن جي ٿيندو. اهو بحر محبتث
آهي.
9 – جيڪڏهن نائين جز کان شروعات ڪبي ته هڪ دفعو
لات مستف – علن مستف – علن مفعو – برابر فاع لاتن
– مفاعيلن – مفاعيلن جي ٿيندو. اهو بحر متشاڪل
آهي.
نقشي جي پهرين خاني کان مستفعلن – مستفعلن –
مفعولات جي، ٻي خاني کان فاعلاتن – فاعلاتن – مس
تفع لن جي، ٽئين خاني کان مفاعيلن – فاع لات جي.
چوٿين خاني کان مستفعلن – مفعولات – مستفعلن جي.
پنجين خاني کان فاعلاتن – مس تفع لن – فاعلاتن جي.
ڇهرين خاني کان مفاعيلن – فاع لاتن – مفاعيلن جي.
ستين خاني کان مفعولات – مستفعلن – مستفعلن جي.
اٺين خاني کان مس تفع لن – فاعلاتن – فاعلاتن جي ۽
نائين خاني کان فاع لاتن – مفاعيلن – مفاعيلن جي
شروعات ڪبي. هي نون بحر 1 – سريع 2 – جديد 3 –
قريب 4 – منسرح 5 – خفيف 6 – مضارع 7 – مقتضب 8 –
مجتث 9 – متشاڪل پيدا ٿي پوندا.
باب چوٿون
زحافن جو بيان
ظاهر هجي ته مٿي بيان ڪيل رڪنن ۽ بحرن جو استعمال
رڳو انهن جي اصلي صورت (اصلي وضع) تي نه ٿو ٿئي،
بلڪ گهڻو ڪري رڪنن جي حرفن ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي ٿي
جنهن ڪري هڪ بحر مان ڪيئي بَحَرَ ۽ هڪ رڪن مان
ڪيئي رڪن، جنکي فروغ چئجي ٿو، پيدا ٿين ٿا ۽ اها
ڦيرڦار ڪڏهن ڪنهن متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻ سان، ڪڏهن
ڪنهن هڪ يا چند حرفن کي گهٽائڻ سان يا ڪڏهن ڪنهن
هڪ يا چند حرفن کي وڌائڻ سان ٿئي ٿي ۽ عروضين جي
آڏو انهيءَ ڦيرڦار جو نالو زحاف آهي، زحاف جمع زحف
جو آهي جنهن جي لغت ۾ معنيٰ آهي تير جو نشاني کان
خطا ٿي وڃڻ ۽ ڪنهن شي جو اصل کان پري ٿي وڃڻ ۽ وري
ڪن جي نزديڪ زحاف جي لغت ۾ معنيٰ آهي تير جو نشاني
جي ويجهو پهچي وڃڻ ليڪن علم عروض جي اصطلاح ۾ ان
ڦيرڦار جو نالو آهي، جا ڪنهن رڪن ۾ ٿيل هجي.
جيڪڏهن رڪن ۾ رڳو هڪ ڦيرڦار ٿيل هجي ته ان کي زحاف
مفرد چيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ ڦيرڦار ٿيل
هجي ته ان کي زحاف مرڪب چيو وڃي ٿو. |