سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:سنڌيءَ جو عروض

 

صفحو :15

غزل جي، سڀ کان عمده شعر کي بيت الغزل چئبو آهي. جيڪڏهن پهرين مطلع کان پوءِ ٻيو مطلع هوندو آهي انهيءَ کي حسنِ مطلع، زيبِ مطلع يا مطلع ثاني چئبو آهي.

مثنوي

اهو لفظ تثنيه يا مثنيٰ مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ٻٽو يا جوڙو. ليڪن شعر جي اصطلاح ۾ هڪ اهڙي طويل نظم کي چون ٿا جنهن جي هر بيت جي ٻنهي مصراعن جو قافيو هڪ جهڙو هجي. هي هڪ اهڙو مسلسل نظم آهي جنهن جا شعر هڪ ٻئي سان اهڙي ته نموني ۾ لاڳاپو رکن ٿا جهڙي طرح ڪنهن زنجير جي هڪ ڪڙي ٻي ڪڙي سان لاڳاپو رکي ٿي.

مثنوي هڪ اهڙي مشهور صنف آهي جنهن ۾ عشق ۽ محبت جي جذبن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. مدح ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي. باغ و راغ، دشت و جبل جا نظارا ڏيکاريا وڃن ٿا. نوحه و ماتم ڪيو وڃي ٿو ۽ واقعات بيان ڪيا وڃن ٿا. تنهنڪري مثنوي جي صنف ۾ غزل، قصيده، فخريه، مرثيه ۽ واقعه نگاري جي سمورن اصولن ۽ قاعدن جي لحاظ رکڻ نهايت ضروري آهي.

تاريخي واقعو يا ڪو قصو بيان ڪجي ٿو ته اصولن جي پابندي پاڻ ٻيڻي ٿيو پوي ڇاڪاڻ ته شاعر حقيقت ۾ هڪ قسم جو مصور آهي، تنهنڪري جيسين تائين واقعه نگاري ۾ اهڙي قسم جون خصوصيتون نه ڏيکاريندو تيسين تائين ڪنهن به واقعي جي صحيح تصوير ذهن ۾ نه ٿي اچي سگهي.

مثنوي ۾ هر مصرع جي ترتيب اهڙي قسم جي هئڻ گهرجي جو  شروع کان وٺي آخر تائين هر مصرع جو ٻي مصرع سان لاڳاپي وارو سلسلو بنا ڪٿي رڪجڻ جي هلندو رهي ۽ جنهن شخص جو قصو بيان ڪجي تنهن جو اهڙو ته ڪردار پيش ڪجي جو جتي به ان جو ذڪر اچي ته ڪردار ۾ ڪا تبديلي نه ٿئي. مثنوي جو خاتمو ڪنهن اهڙي ته نصيحت واري مضمون تي ٿيڻ گهرجي جو پڙهندڙن تي ان واقعي جو اثر باقي رهي.

مثنوي جي داستان لاءِ تمهيد جو هئڻ ضروري آهي ۽ ديباچه ۾ توحيد، دعا، بندگي، نعت، مدح، سخن جي تعريف ۽ ڪتاب جي تصنيف ۽ تاليف جو سبب هجڻ لازمي آهي.

استادن جو چوڻ آهي ته مثنوي رڳو ستن وزنن ۾ لکي سگهجي ٿي ۽ انهن ستن وزنن کان سواءِ ڪنهن ٻئي وزن ۾ لکڻ سراسر غلط آهي. اهي ست وزن هي آهن:

 

1 – بحر هزج مسدس محذوف يا مقصور=

مفاعيلن مفاعيلن فعولن يا مفاعيل

2 – بحر هزج مسدس اخرب مقبوض محذوف يا مقصور

مفعول مفاعلن فعولن يا مفاعيل.

3 – بحر متقارب مثمن محذوف يا مقصور =

فعولن فعولن فعولن فعل يا فعول.

4 – بحر خفيف مسدس مخبون محذوف يا مقصور=

فاعلاتن مفاعلن فعلن يا فعلان.

5 – بحر سريع مسدس محذوف يا مقصور =

مفتعلن مفتعلن فاعلن يا فاعلات.

6 – بحر رمل مسدس محذوف يا مقصور =

فاعلاتن فاعلاتن فاعلن يا فاعلات

7 – بحر رمل مسدس مخبون محذوف يا مقصور=

فاعلاتن فعلاتن فعلن يا فعلات.

رباعي

ڪتابن ۾ منقول آهي ته سلطان يعقوب بن ليث صفار پنهنجي درٻارين سان ويٺي ڪچهري ڪئي ته اوچتو سندس ننڍو پٽ پنهنجي هٿ ۾ ڪجهه اکڙوٽ کڻي محل کان ٻاهر نڪتو. سلطان جي پٽ کي ٻيا ٻار ڏسي گڏ ٿيڻ لڳا ۽ پوءِ اُهي سڀ ٻار گڏجي هڪ ننڍي کڏ ڏانهن اکڙوٽ اڇلائڻ لڳا. سمورا اکڙوٽ وڃي کڏ ۾ پيا سواءِ ان هڪ اکڙوٽ جي جيڪو ٻاهر کڏ جي ڀرسان رهجي ويو. ليڪن اهو ٻاهر رهيل اکڙوٽ به کڏ ڏانهن سرندو سرندو وڃي انهي ساڳئي کڏ ۾ پيو جتي ٻيا اکڙوٽ پيا هئا. سلطان يعقوب جو پٽ اهو احوال ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اوچتو سندس زبان مان نڪتو:

غلطان غلطان همي رود تا لبِ گور

سلطان يعقوب اهي لفظ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ انهيءَ مصرع بابت درٻارين کان پڇيو، جن جواب ڏنو ته اها شعر جي مصرع معلوم ٿئي ٿي. تنهن کانپوءِ سلطان جي حڪم سان ان وقت جا عربي شاعر ابوولف ۽ زنيب الڪعب ان مصرع جي تحقيق ۽ تقطيع ڪرڻ ۾ مشغول ٿيا. جن آخر ۾ ٻڌايو ته اهو بحر هزج جو هڪ قسم آهي. انهي وقت رودڪي ان مصرع تي ساڳئي وزن جون ٽي ٻيون مصراعون ٺاهي ٻه بيت پورا ڪيا ۽ انهي نئين ايجاد ڪيل نظم جي صنف جو نالو ٻن بيتن جي نسبت هئڻ ڪري دوبيتي رکيو ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چئن مصراعن جي لحاظ کان شاعر انکي رباعي چوڻ لڳا جو اڄ تائين رائج آهي. ڪن ماڻهن پنهنجن ڪتابن ۾ رباعي جو نالو ترانو پڻ لکيو آهي. رباعي خاص ايران جي ايجاد آهي.

رباعي جي تعريف

رباعي شعر جي فن جو هڪ قسم آهي. جنهن جي فقط چئن مصراعن ۾ شاعر پنهنجو مطلب بيان ڪندو آهي. رباعي جو مقصد آخر واري مصرع ۾ هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته شاعر آخر واري مصرع ۾ ڪو نڪته يا لطيفه، يا مثال پيش ڪندو آهي ۽ باقي ٽي شروع واريون مصراعون ان چوٿين مصرع جي شرح يا تائيد ۾ هونديون آهن. خاص ڪري چوٿين مصرع سڀني مصراعن کان بهتر ۽ بلند تر هوندي آهي.

رباعي جو وزن

رباعي جو وزن بحر هزج مان نڪتل آهي. جنهن ۾ ڏهه رڪن استعمال ٿيندا آهن، هڪ سالم يعني مفاعيلن ۽ نو (9) زحاف يعني مفاعلن (مقبوض) مفاعيل (مڪفوف) فاعلن (اشتر) مفعولن (اخرم) مفعول (اخرب) فعول (اهتم) فاع (ازل) فعل (محبوب) فع (ابتر). رباعي ۾ انهن مٿي ذڪر ڪيل ڏهن رڪنن کان سواءِ ٻيو ڪوبه رڪن نٿو اچي سگهي.

مٿي ذڪر ڪيل نون (9) زحافن جي سمجهاڻي، زحافات بحر هزج ۾ بيان ڪيل آهي.

انهن مٿين ڏهن رڪنن ۾ چار آخر وارا رڪن فعول، فاع فعل ۽ فع فقط عروض ۽ ضرب جي لاءِ ۽ چار شروع وارا رڪن مفاعيلن، مفاعلن، مفاعيل ۽ فاعلن فقط حشو جي لاءِ مخصوص آهن، باقي رهيل ٻه رڪن مفعولن ۽ مفعول صدر ۽ ابتدا ۾ پڻ حشو ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا. پر عروض ۽ ضرب ۾ استعمال نه ٿا ڪري سگهجن.

هڪ ٻي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته رباعي جي هر مصرع ۾ فقط چار رڪن ٿيندا آهن. نه ٽي رڪن نه وري پنج رڪن ٿي سگهن ٿا.

جيڪڏهن ڪنهن هڪ رباعي جون چار مصراعون چئن مختلف وزنن ۾ هجن ته به اهي مصراعون ناموزون ٿي نه ٿيون سگهن. ليڪن فقط شرط اهو آهي ته هر ڪنهن مصرع جي ترڪيب ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڏهن رڪنن کانسواءِ ڪو ٻيو رڪن نٿو اچي سگهي.

عروضين، رباعي جا چوويهه وزن ڳولي ڪڍيا ۽ خواجه حسن قطان خراساني انهن سڀني کي ٻن مختلف شجرن ۾ ورهائي هر هڪ شجرو ٻارهن وزنن جو ٺاهيو، يعني اهي ٻارهن وزن، جي مفعول سان شروع ٿين ٿا، تن کي اخرب ۽ ٻيا اهي ٻارهن وزن جي مفعولن سان شروع ٿين ٿا، تن کي اخرم جو نالو ڏنو ويو. اهي استعمال ٿيندڙ چوويهه وزن هي آهن.

اخرب

1 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جو هڪ جز مقبوض ۽ هڪ سالم هجي ۽ عروض ۽ ضرب اخرم اهتم هجي اُن جو وزن هي آهي:

مفعول

مفاعلن

مفاعيلن

فاع

اخرب

مقبوض

سالم

اخرم اهتم

2 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جو هڪ جز مڪفوف ۽ ٻيو سالم هجي ۽ عروض ۽ ضرب اخرم اهتم هجي.

مفعول

مفاعيل

مفاعيلن

فاع

اخرب

مڪفوف

سالم

اخرم اهتم

 3 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جا ٻئي جز مڪفوف هجن ۽ عروض ۽ ضرب مجبوب هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

فعل

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

مجبوب

 4 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جو هڪ جز مقبوض ۽ هڪ جز سالم هجي ۽ عروض ۽ ضرب ابتدا هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعلن

مفاعيلن

فع

اخرب

مقبوض

سالم

ابتر

5 – پنجون طريقو هي آهي ته شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جو هڪ جز سالم ۽ ٻيو جز اخرم هجي ۽ عروض ۽ ضرب اخرم اهتم هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيلن

مفعولن

فاع

اخرب

سالم

اخرم

اخرم اهتم

6 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جو هڪ جز مڪفوف ۽ هڪ سالم هجي ۽ عروض ۽ ضرب ابتدا هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيل

مفاعيلن

فع

اخرب

مڪفوف

سالم

ابتر

7 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرب هجي ۽ حشو جو هڪ جز سالم ۽ هڪ اخرب هجي ۽ عروض ۽ ضرب اهتم هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيلن

مفعول

فعول

اخرب

سالم

اخرب

اهتم

8 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرب هجي ۽ حشو جو هڪ جز سالم ۽ هڪ اخرم هجي ۽ عروض ۽ ابتر هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيلن

مفعولن

فع

اخرب

سالم

اخرم

ابتر

9 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو جو هڪ جز سالم ۽ هڪ اخرب هجي ۽ عروض ۽ ضرب مجبوب هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيلن

مفعول

فعل

اخرب

سالم

اخرب

مجبوب

10 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب ۽ حشو مڪفوف هجي عروض ۽ ضرب اهتم هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعيل

مفاعيل

فعول

اخرب

مڪفوف

مڪفوف

اهتم

11 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرب هجي ۽ حشو جو هڪ جز مقبوض ۽ ٻيو رڪن مڪفوف هجي عروض ۽ ضرب اهتم هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعلن

مفاعيل

فعول

اخرب

مقبوض

مڪفوف

اهتم

12 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرب هجي ۽ حشو جو هڪ جز مقبوض ۽ ٻيو مڪفوف هجي ۽ عروض ۽ ضرب مجبوب هجي اُن جو وزن هي آهي.

مفعول

مفاعلن

مفاعيل

فعل

اخرب

مقبوض

مڪفوف

مجبوب

اخرم

1 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جو هڪ جز اشتر ۽ ٻيو سالم هجي ۽ عروض ۽ ضرب ابتر هجن اُن جو وزن هي آهي.

مفعولن

فاعلن

مفاعيلن

فع

اخرم

اشتر

سالم

ابتر

2 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جو هڪ جز اخرب هجي ۽ ٻيو سالم هجي. عروض ۽ ضرب اخرم اهتم هجن اُن جو وزن هي آهي.

مفعولن

مفعول

مفاعيلن

فاع

اخرم

اخرب

سالم

اخرم اهتم

3 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم ۽ حشو جو هڪ جز اشتر ۽ ٻيو رڪن مڪفوف هجي عروض ۽ ضرب مجبوب هجن اُن جو وزن هي آهي.

مفعولن

فاعلن

مفاعيل

فعل

اخرم

اشتر

مڪفوف

مجبوب

4 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدار اخرم هجن ۽ حشو جا ٻئي رڪن پڻ اخرم هجن، عروض ۽ ضرب اخرم اهتم هجن اُن جو وزن هي آهي.

مفعولن

مفعولن

مفعولن

فاع

اخرم

اخرم

اخرم

اخرم اهتم

5 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدار اخرم ۽ حشو جو هڪ رڪن اشتر ۽ ٻيو سالم هجي عروض ۽ ضرب اخرم اهتم هجي.

مفعولن

فاعلن

مفاعيلن

فاع

اخرم

اشتر

سالم

اخرم اهتم

6 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم ۽ حشو جو هڪ رڪن اخرب ۽ ٻيو مڪفوف هجي عروض ۽ ضرب مجبوب هجن اُن جو وزن هي آهي:

مفعولن

مفعول

مفاعيل

فعل

اخرم

اخرب

مڪفوف

مجبوب

7 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جو هڪ جز اخرب ۽ ٻيو مڪفوف هجي عروض ۽ ضرب اهتم هجن اُن جو وزن هي آهي:

مفعولن

مفعول

مفاعيل

فعول

اخرم

اخرب

مڪفوف

اهتم

8 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جو هڪ جز اخرب ۽ هڪ سالم هجي ۽ عروض ۽ ضرب ابتر هجن اُن جو وزن هي آهي:

مفعولن

مفعول

مفاعيلن

فع

اخرم

اخرب

سالم

ابتر

9 – شعر جو صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جو هڪ جز اخرم هجي ۽ ٻيو اخرب هجي عروض ۽ ضرب مجبوب هجن اُن جو وزن هي آهي:

مفعولن

مفعولن

مفعول

فعل

اخرم

اخرم

اخرب

مجبوف

10 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم ۽ حشو جو هڪ جز اشتر ۽ ٻيو جز مڪفوف هجي عروض ۽ ضرب اهتم هجن اُن جو وزن هي آهي:

 

مفعولن

فاعلن

مفاعيل

فعول

اخرم

اشتر

مڪفوف

اهتم

11 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جا ٻئي جز اخرم هجن ۽ عروض ۽ ضرب ابتر هجن اُن جو وزن هي آهي:

مفعولن

مفعولن

مفعولن

فع

اخرم

اخرم

اخرم

ابتر

12 – شعر ۾ صدر ۽ ابتدا اخرم هجي ۽ حشو جو هڪ رڪن اخرم ۽ ٻيو اخرب هجي عروض ۽ خرب اهتم هجي اُن جو وزن هي آهي:

مفعولن

مفعولن

مفعول

فعول

اخرم

اخرم

اخرب

اهتم

رباعي جي قافيه جو بيان

قافيه جي لحاظ کان رباعي ٻن قسمن جي ٿئي ٿي هڪ رباعي مصرّع ۽ ٻي رباعي خصّي يا ناقص. جيڪڏهن رباعي جي چئن مصراعن ۾ قافيه هجي ته اها رباعي مصرع آهي پر جي پهرين، ٻي ۽ چوٿين مصرع ۾ قافيه هجي ۽ ٽين مصرع ۾ نه هجي ته ان کي خصي يا ناقص چئبو آهي.

مستزاد

اهو شعر جنهن جي هر مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ ساڳئي بحر (جنهن ۾ مستزاد چيل هجي) جي ڪن رڪنن تي هڪ موزون جملو ٺاهي وڌايو وڃي، مثلاً:

نجفي: ظهورِ ذات اقدس صورتِ انسان ۾ آهي = لقا ايمان ۾ آهي. مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن = مفاعيلن مفاعيلن ظهوري ذ ا ت اقدس صو رتي انسان ۾ ا ا هي = لقا ايما ن ۾ اا هي.

مستزاد جون ڪيتريون ئي شڪليون ٿي سگهن ٿيون جهڙوڪ مصرع جي آخر وارو وڌايل جملو فقط هڪڙو هجي يا ٻه هجن يا وري ٽي يا ٽن کان زياده جملا هجن. ياد رکڻ گهرجي ته مستزاد جي لاءِ ڪو خاص بحر مقرر ڪيل نه آهي.

فرد

فرد جي لغوي معنيٰ اڪيلو ۽ تنها آهي. شاعرن جي اصطلاح ۾ فرد انهي شعر کي چئبو آهي جنهن جون ٻئي مصراعون هموزن هجن خواه انهن ۾ قافيه هجي يا نه هجي. ياد رکڻ گهرجي ته اهو چوڻ سراسر غلط آهي ته فرد جي ٻنهي مصراعن جو قافيه مختلف هئڻ ضروري نه آهي ڇاڪاڻ ته جنهن شعر جون ٻئي مصراعون هم قافيه هونديون آهن سو ڪنهن غزل يا قصيده جو مطلع يا وري ڪنهن مثنوي جو بيت هوندو آهي.

قطئه

اهو نظم جنهن ۾ هڪ شعر جو مطلب ٻئي شعر سان تعلق رکندو هجي يعني هن جو مضمون مثنوي وانگر مربوط ۽ مسلسل ٿئي ٿو. قطعه ۾ غزل يا قصيده وانگر مطلع نه ٿو ٿئي ۽ فقط آخر واريون سڀئي مصراعون پاڻ ۾ هم قافيه ٿين ٿيون. قطعه جا شعر گهٽ ۾ گهٽ ٻه ۽ زياده شعر چوڻ لاءِ ڪا حد مقرر ڪيل نه آهي. ڪي شاعر قصيده يا غزل ۾ به چند اهڙا شعر چوندا آهن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپو رکندا هجن سي بطور قطعه جي شامل ڪندا آهن.

ترڪيب بند

اهو نظم جنهن ۾ غزل يا قصيدي جهڙا گهٽ ۾ گهٽ پنج ۽ زياده ۾ زياده يارهن شعر مطلع سان گڏ هجن ۽ آخر ۾ هڪ ٻيو اهڙو هم قافيه بيت هجي جنهن جو قافيه مٿين شعرن کان مختلف هجي ۽ ساڳئي طرح هر بند جي آخر ۾ مختلف بيت هجي ته اهڙي مجموعه کي ترڪيب بند چئبو آهي.

ترجيع بند

اهو ترڪيب بند وانگر ٿئي ٿو فرق فقط ايترو آهي ته انهي جي آخر وارو بيت هر بند ۾ ساڳيو هوندو آهي يعني جو بيت پهرين بند جي آخر ۾ هوندو آهي اهو ساڳيو جيڪڏهن ڏهه بند هوندا آهن ته انهن بندن جي آخر ۾ مسلسل ايندو رهندو آهي.

مسمط

اهو نظم جنهن ۾ ڪيترائي بند هجن ۽ هر بند ۾ ساڳئي وزن ۽ قافيه واريون ڪيتريون ئي مصراعون هجن سواءِ انهي آخر واري مصرع جي جيڪا قافيه ۾ پهرين بند جي تابع ٿئي ٿي. مسمط جي هڪ بند ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ۽ زياده ۾ زياده ڏهه مصراعون ٿين ٿيون. اهڙي طرح انهيءَ جا اٺ قسم آهن، جي هي آهن:-

مثلث

اهو ٽن مصراعن وارو نظم، جنهن جو پهريون بند هموزن ۽ هم قافيه هجي. باقي بندن جي ٻن شروع وارن مصراعن ۾ قافيه هڪ جهڙو هجي مگر پهرين بند کان مختلف هجي ۽ فقط آخر واري ٽين مصرع قافيه ۾ پهرين بند جي مطابق هجي ته اهڙي مجموعه کي مثلث چئبو آهي.

مربع

اهو چئن مصراعن وارو نظم، جنهن جو پهريون بند هموزن ۽ هم قافيه هجي. باقي بندن جي ٽن شروع وارن مصراعن ۾ قافيه هڪ جهڙو هجي مگر پهرين بند کان مختلف هجي ۽ فقط آخر واري چوٿين مصرع قافيه ۾ پهرين بند جي مطابق هجي ته اهڙي مجموعه کي مربع چئبو آهي.

مخمس

اهو پنجن مصراعن وارو نظم جنهن جو پهريون بند هم وزن ۽ هم قافيه هجي. باقي بندن جي چئن شروع وارن مصراعن ۾ قافيه هڪ جهڙو هجي مگر پهرين بند کان مختلف هجي ۽ فقط آخر واري پنجين مصرع قافيه ۾ پهرين بند جي تابع هجي ته اهڙي مجموعه کي مخمس چئبو آهي.

مسدس

اهو ڇهن مصراعن وارو نظم جنهن جو پهريون بند هموزن ۽ هم قافيه هجي. باقي بندن جي پنجن شروع وارن مصراعن ۾ قافيه هڪ جهڙو هجي مگر پهرين بند کان مختلف هجي ۽ فقط آخر واري ڇهين مصرع قافيه ۾ پهرين بند جي مطابق هجي ته اهڙي مجموعه کي مسدس چئبو آهي. پر ڪيترن شاعرن اهڙين ڇهن مصراعن جن ۾ پهريون چار هموزن ۽ هم قافيه هجن ۽ آخر واريون ٻه ساڳئي وزن ۽ جدا قافيه واريون هجن تنهن کي مسدس جو نالو ڏنو ويو آهي ليڪن اهڙي قسم جي نظم کي مسمط سمجهڻ محض غلطي آهي.

مسبغ

اهو ستن مصراعن وارو نظم جنهن جو پهريون بند هموزن ۽ هم قافيه هجي. باقي بندن جي ڇهن شروع وارن مصراعن ۾ قافيه هڪ جهڙو هجي مگر پهرين بند کان مختلف هجي ۽ فقط آخر واري ستين مصرع قافيه ۾ پهرين بند جي مطابق هجي ته اهڙي مجموعه کي مسبغ چئبو آهي.

مثمن

اهو اٺن مصراعن وارو نظم جنهن جو پهريون بند هموزن ۽ هم قافيه هجي. باقي بندن جي ستن شروع وارن مصراعن ۾ قافيه هڪ جهڙو هجي مگر پهرين بند کان مختلف هجي ۽ فقط آخر واري اٺين مصرع قافيه ۾ پهرين بند جي مطابق هجي ته اهڙي مجموعه کي مثمن چئبو آهي.

متسع

اهو نون مصراعن وارو نظم جنهن جي هر بند جي نائين مصرع جو وزن ۽ قافيه هڪ جهڙو هجي.

مشعر

اهو ڏهن مصراعن وارو نظم جنهن جي هر بند جي ڏهين مصرع جو وزن ۽ قافيه هڪ جهڙو هجي.

مناجات

اهو نظم جنهن ۾ خداوند ڪريم کان دعا گهربي آهي يا عرض ڪبو آهي.

نعت

اهو نظم جنهن ۾ رسول ڪريم صلعم جن جا اوصاف بيان ڪيل هجن.

منقبت

اهو نظم جنهن ۾ اهلبيت عظام يا اصحابن جا وصف بيان ڪيل هجن.

مرثيه

اهو نظم جنهن ۾ ڪنهن شخص جي مرڻ تي رنج و غم جو اظهار ڪيو وڃي ۽ ان جي اخلاق و اوصاف جي تعريف ڪئي وڃي. ليڪن هاڻي مرثيه فقط انهي نظم کي چئبو آهي. جنهن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت ۽ اهلبيت اظهار تي ٿيل مصائب جو ذڪر ڪيل هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org