پير صبغت الله ثاني
سيد صبغت الله شاهه 13 صفر 1327هه/ 1909ع ۾ تولد ٿيو، ۽ پنهنجي والد شمس
العلماء شاه مردان شاهه جي وفات
(1339هه)
بعد ننڍي عمر ۾ ئي پير پاڳاري جي حيثيت سان
دستاربندي ڪئي. جيئن ته هي خاندان انگريزن جي
حڪومت جي خلاف هو، ۽ حُرَن ٻي عالمگير جنگ دوران
انگريزن خلاف ڪارروايون ڪيون، تنهنڪري انگريزن پير
صاحب خلاف الزام مڙهي سنڌ جي هن سورهيه کي 20 مارچ
1943ع تي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو. ان کان اڳ رتناگري ۾
قيد دوران پير صاحب ڪي تحريرون قلمبند ڪيون، جن ۾
ڪي تصوف جا نڪتا، ڪي بيت ۽ پڻ پنهنجي هڪ ڪافي
لکيائين جيڪا هيٺ ڏجي ٿي. *
[213]
مون کي هڻي ڪو جادو، سهڻا يار دل لُٽي وئين
ڪري چشمن سندو ڪو چالو، سِر ساهه ٻئي سَٽي وئين
1.
ڪري پهريئون مٺيون تو ڳالهيون، وڌئي يار دل کي دواليون
هڻي نيڻن سنديون دناليون، منهنجا دوست دل ڦٽي وئين
2.
عشق تنهنجو آ قهري، مثل، يَر! باز بحري
وٺي بلبل جيئن ٿو سحري، تيئن جهٽ منجهه دل جَهٽي
وئين
3. ”صبغت الله“ جي سڻ تون زاري، ڪر ڪا سڄڻ
ستاري
هيڪر ڏيئي ڏيکاري، مُنهن پوءِ ڇو مَٽي وئين.
عبدالله فقير ڪاتيار
*
عبدالله فقير ڪاتيار، پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي“ جي فيض سان سرشار ٿي،
دنوي لاڳاپا لاهي، ٺيڙهي (خيرپور) لڳ لوڙهو ڏيئي
گوشہ نشين ٿي ويٺو. سچل جي ساڻس دلي محبت هئي،
انهي ڪري سندس حال ۽ قال جو سچل تي وڏو اثر پيو.
اندازاً 15-1250هه/35-1834ع ڌاري وفات ڪيائين.
سندس ڪافيون گهڻيون چيل آهن ۽ گهڻو مشهور آهن، جن
مان 04 ڪافيون ڏنيون ويون. هو پنهنجي دور جو وڏو
رند شاعر هو. سندس ڪلام ۾ وڏو جوش جذبو ۽ اثر آهي،
۽ پڻ ان ۾ اعلى ذڪر سمايل آهي.
[214]
صورت سانگ ”بنائي آئين، سِرُ سارو اِسرار ڇُپايئي
1.
صورت مخفي راز رکيو ٿي، ”لا“ ۾ ”لا“ کي پاڻ لکيو ٿي
ڳجهڙو تو ڳالهائي آئين
صورت انسان بيحد عالي، اهو لباس ٿي لا اُبالي
احدئون عبد سڏائي آئين
عالي عالم ۾ قدرت وارو، دو جڳ تنهنجو پئي پسارو
قطري ڪئن سمائي آئين
تون تان تنهن جو طامع آهين، ذات صفات سان جامع آهين
صورت جي سَرپائي آئين
بازيگر جان بازي کٽي
ٿي، مون سان ”عبدالله“ مام سِــٽي ٿِي
رمزن جو رنگ لائي آئين
[215]
عشق بازي ناهي ڪا بازِن جيهي
کيڏڻ وارن کؤن سمجهه ته ڪيهي
کيڏن عاشق عِشقَ جي بازي، جاتي نه قَبل نه ڪائي ماضي
خوف اميد کؤن لنگهيا غازي، نِينہ نوازيل ناميا
نيهي
2.
دُوئِي وارو خيال نه جاتي، ڪَرن تماشا عاشق تاتي
ڳايو ڳائِن بِره جي باتي، لِيئو تِني ڏنہ پاءِ ته
پيهي
3.
آءُ عُشاقا اَمن جي ديس ۾، پل نه گذارج ناميا نيس ۾
اول صورت واري ويس ۾، ڏيهه پاهنجو ڏس عاشق ڏيهي
4.
محمّد نانءُ جنہ جاء ٿيو پورو، اُنجاءِ عشق جو کامي ٿو
کُور
اُتي نه ويندو ڪوئي بي سُورو، ڳالهه سورن جي ڪا
جيهي نه تيهي
5. ”عبدالله“ عاشق وتين ڇو فراقي، بازي عشق جي کيڏجان باقي
گهر لطيف جُسو هي خاڪي، وچ ميخاني يگانا ويهي
[216]
سَمَندَر وانگر ساهه مُهينجو
جالي جوشن منجهه ڏينهان راٽِ
آتش آسَڻُ، آتش اوڇَڻُ
آتَش سِر پيرين هٿ واتِ
2.
آتَش عشق اُليلان ڪَيَڙيُون،
ڄڀِيون بِرهه لايون ڀاتون ڀات
3.
سَرڪش عشق جي آتش يڪسان،
شامل سِيتي ذاتِ صفاتِ
4.
عشق آڙهه ”عبدالله“ خليلي،
اُجهامڻ واري ٻول نه باتِ
[217]
روپ جوڳ ۽ ڀيروي
حاصل ڪيائون حال حقيقي، کيڏيائون عشق جي بازي
1.
اصلي عاشقن کي عِشق حقيقي، ماڻهن ليکي مجازي
2.
مامرو پِيَڙَن مَنَ پنهنجي ۾، ڪونه پڇن ملان قاضي
3.
سُورَ سڄڻ جا صحت ڀانيون، رهن رضا منجهه راضي
4.
چڙهن سوليءَ تي ٿين سَنرا، ڪُوپا کيڏن ڪلابازي
5. ”عبدالل“ چئي عشق اوهان جي، گم ڪيا وڏا غازي
[218]
عاشق نام سڏاوڻ سؤکا، اؤکا آس پر رهڻا جي
1.
عشق سراسر خوني خنجر، سدا سيني وچ سَهڻا جي
2.
تعنا تهمت ڪُلِي مَلامت، عاشقان دي ڳَل ڳَهڻا جي
3.
باهه بِره ابراهيم والي، بَلدِي دي وچ ٻَهڻا جي
4. ”عبدالل“ ات ڪُسڻ قبوليا، لاٺش هِي سِر لَهڻا جي
[219]
نينهن نه لاوڻ سِکان، جي مئن ڄاڻان جيڏيون
1.
ماندي ولڻ ري دلڙي موري
راتيان ڏينهان جيءَءِ کي جهوري
تانگهُڻ لايس تِکان
2،
دلڙي آري منجهه عشق جي آئي
پاڻئون ڏاڍن سان لئون اُن لائي
بِره ڀرايس وِکان
3.
قاصد آيم هٿ ڪا ڏانهوُن
درد فراق جون آهون دانهون
طرف لالڻ جي لِکان
4.
ديدان دلبر جون ڪامڻ هوريون
”عبدا:“ چوي ٺآدم خوريون
کائين مغز جون مِکان
[220]
سر ڪاريهل؛ ڪافي يڪي
ڏس جاڏي تاڏي سهڻو يار ميان!
اچي نظر نه ٻاجهؤن يار جي
1.
بيٺو آهي صورت وچ ۾، سهڻو سڀ ڪنهن پار ميان
2.
آدم ٻاجهئون ڪير کڻي، بِرهن وارو بار ميان
3.
ديدن دريون کوليون چؤطرف چؤڌار ميان
4.
اسان پرينِ ”عبدالله“ چئي، ناهِ وِٿي هڪ وار ميان
[221]
عشق ڪيس عُريان، صَبُر سَڀوئِي سِڪَ وڃايون
1.
خَلَق الله آدَمُ اَسمِع، سمجهه صوفي ڪُل شيءِ يرجَع
صوفي آ سلطان
”واَما بِنَعمَت“ قولُ ڪَليِمي، سانڍڻ سڪ جو صفت سَلِيمي
نعمت جو ڪفران
حنفي، حنبلي عشق نه ڄاڻي، شافع، مالِڪي فرق ڏي تاڻي
ڪِيا ڄاڻي نعمان
”ميم“ لٿي چؤ ”اَحمد“ ڇاهي، سڪ وارا ويا او ڏنہ ڪاهي
قرب ڪيا قربان
عرب ”عين“ ريءَ سمجهه ته ڇاهي، ”عبدالله“ ڇڏ ”عبد“ کي لاهي
ترڪ سُنَت طُغيان
[222]
مُــندان ٿيون موٽن وو
چئو سڄڻ ڪڏهن ملندين
اَنبَ ڦولهاريا کجين ڳل واريا
تُوت پڪا باغن وو
2.
ٻيرن ٻُور نوان جي جهليا
لوڌي ٿا لَهڪن وو
4. ”عبدالله“ چئي مُرشد منهنجا
ڪُندن ماڙ مريدن وو
[223]
ڄاڻ مسلماني ڪير ڄاڻي
عشق وڌو منجهه ڪفر جي آڻي
نفس شيطان نه قوي قادر کان
اٿم يقين، ٻيو ڪير راڻي
2.
بعد ڪفر جي دل منهنجي ڪنہ پر
طرف توبهه جي ڪين تاڻي
3.
جنت دوست ٻاجهؤن آ دوزخ
بهشت محب ري ڪير ماڻي
4. ”عبدالله“ عاشق محض مشرڪ
ريءَ شرڪ رب ڪير سڃاڻي
[224]
جوڳين هئي ڪَل جا
ڪيائون رمز سهي سندي رام ريجهائڻ
1.
ويٺا پڙهن هوَ فِي اَنفُسِڪُم، طرف ڇڏيائون طمعا جا
2.
ٻَهُيون ٻنهي جهانن کؤن، رهن آديسي آجا
3.
پايو مُنهن مونن ۾، ويٺا فڪر ڪن فنا جا
4.
گُر وٽان تن گودڙين، سبق پڙهيا ”لا“ جا
5. ”عبدالله“ عاشق عجيب اهيئي، سامي سليم سٻاجها
[225]
چيري گلابي رنگ لايا، يار ميڏي دا
پرسِر سونهي، واري وي ميان، تاج ڪلنگي
1.
ويکڻ سيتي دو جڳ وسريا
ساري عالم ڪُون عجب آيا، يار ميڏي دا
کول نقابان، واري وي ميان، نيندا جو ننگي
2.
نال موتيان دي هويا مداسا
نقش ڀري پوش پايا، يار ميڏي دا
ويس ڪيتوئي، واري وي ميان، رانجهن رنگي
3.
مشتاقان دي مارڻ ڪيتي
حسن هلان ڪر آيا، يار ميڏي دا
جوڙ کڙايس، واري وي ميان، جنگ فرنگي
4. ”عبدالله“
آئي عيد اُنهان ڪون
ناتي نينهن نوايا، يار ميڏي دا
زلفان جنهين ديان، واري وي ميان، ظالم زنگي
فقير ابوبڪر عاشق
فقير ابوبڪر لاڙڪاڻي طرف جو رهندڙ هو. پير صاحب محمد راشد روضي ڌڻي (وفات
1230هه) جو معتقد ۽ مريد هو، جنهن مان اندازو ٿئي
ٿو ته هو 12 صدي هجري جي آخر ۾ يا ٿورو اڳ ڄائو.
سچي مريد جي حيثيت ۾ پير صاحب جي سڪ ۾ رهيو. پير
صاحب سندس ڳوٺ ۾ آيو، پر اڃان فقير جي دعوت نه
قبولي هئائين، جنهن تي فقير هيٺيون ڪلام [226]
چيو. جڏهن سندس حال ڏسي پير صاحب جن سندس دعوت تي
ويا، تڏهن ڪلام چيائين ته:
ويڙهي اساڏي حضرت آيا، اڱڻ اساڏي پير سائين آيا
ڪيا ڪَران قرباني
سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب توڙي ٻين قلمي بياضن ۾ سندس 109
ڪافيون اسان جي نظر مان گذريون.
[226]
ويڙهي اساڏي تون ڪيون نهين آؤندا
آئين لنگهه ڪي رقيبان دي ويڙهي
1.
حق مئن تي عشق تيڏي، دا، او ناحق کيڙا ڌؤندا
2.
رانجهن ميڏي سر دا سائين، کيڙا نهين اساڏي ڍَؤن دا
3. ”ابوبڪر“ ڪون ڇڪن ڪيتوئي، رخ نه مٺٽين اسان ڏنہ لَؤن دا
”ابوبڪر“ چئي سَڀڪنهن صورت، سيّد ٿو سيبائجي.
[228]
مُوڙي مايا، گهوريو مالُ ڙي، رک يار جو خيالُ
ڪُوڙو ڪم نه ايندئي مالُ ٺڙي، رک يار جو خيالُ
1.
ڪِن کي عرض عَمَل جو، ڪِن کي سَڌُون سدائين
ساجن سنديءَ سڀڪَ ري جِيَڻُ آهه جنجالُ
2.
جي تون عاشق آهين ته ورد سڀ وسار
يَڪي يگانو ٿي، نَشر ڪر نه ڳال
3.
متان مشائخ چوائين، متان ڪي ڀائين پاڻ
والي سندي واٽ تي هَئي وڏو آهِ وبال
4.
اَچو عاشقَ آءُ تون، مشتاقَ مَرَنِ ٿا
محبوباڻي منہ تي ڪو جو خوني آهِ خيالُ
[229]
مُڙس ٿِيءُ منصور چَئهُ، نه ته ڪِيم ڪَيههُ منصور اَن
1.
منصور جي منزل اُتي ڏاڍا تماچا تُهمتان
جي سگهه نه تون ساري سگهين، تان مُنہُ رکين تَنہ
تي متان
2.
ٽَڳو ٺڳَيءَ جي ٺاههَ جو، ناحق کڻين ٿو ناڪَمان
هِن کي چيو هُن کي چوين، آهيان لاهوتي لاطمعان
3.
توکي غرَ آهي اِهو، مر ٿِئي پچرَ پَڌرو پوان
سڀڪو چوي پيرين پوي، هي دَر ما دَر زَمان
”ابوبڪر“
سڻ سمجهه ڪِي، توکي چڱائي ٿو چوان
[230]
ڪِهڙي ڪاڻِ اَٿِن، ڪا منهنجن ڏوراپَنِ اَلا
رانول جَن جو وو رُسڻو ميان اَلا، سي ڪيئن سُک سُمهن
2.
پاهِنجي وَرُ وو سُپرين ميان اَلا، او پاهنجي کي
ڪي پُڇنِ
3.
مَهدي جَن جو محب ٿيو ميان اَلا، او وڏا طالع تَنِ
4.
خُجتَ حاجَتَ وو ناه ڪا ميان اَلا، جيڏيون ساڻ جَتنِ
5.
سدا شال ”ابوبڪر“ کي ميان اَلا، مُحِبَ مَنِ وَسَنِ
[231]
خوف ڪيهو غم تاتي،
قاضي ٿيندو پاڻ جاتي
1. ”نَفِي“
پچارون ثابت ”اِلاالله“، ڏوهه نه تو نڪو ماتي
2.
دوزخ بهشت جي محڪم ماريو، عامن کي اوراتي
3.
هِن هُن هولن شرڪ شعلن کئون، نينہ لايو انهين ناتي
4. ”ابوبڪر“ چري عشق جي آسڻ، ڪَل پوي پير پاتي.
[232]
ماري وِنجهَل سِڪ ساروڻِي
عمر ٿيڙم گهر گهارڻِي
من سي لهن ڪَر ڪارڻي
ساڄن سنڀاليو ٿي سِڪان، چاڪ چوريون چِت ۾ چِڪان
لکيي پِريان جي کي لِڪان
ساجِن بنان سختيون سهان، ڪاڏهون مٺو لالڻ لهان
پردو رهي هر دوجهان
ڪاڏي وڃان ڪيچين بنان، ساريو سچو نالو ڳِنهان
دم دم دعا رب کئون پنان
پرڏيهه ويا ايندا پرين، ملندا اڳي وينديس مري
جن سان اٿم جيءَ جِي جڙي
لَئئهُ ڪانگڙا گهر مان پريِم، ڪَرَ ڏي وطن تي ڪي وريم
6. ”ابوبڪر“ کي آس آءِ، تحقيق تنهن کي تاس آءِ
خواهش ملڻ جي خاص آءِ
[233]
سُک ساريو سُور چَران ٿِي
پاڙيچن پِرين جا، ڳُڻَ ڳايو ڳَچ ڳران ٿِي
1.
ڇا کئون ڄايس گُهورنِ گهايس، سور سدا سنڀران ٿي
2.
جانب جاڪون، تِنهن ڏينهن لاڪون، لڳم ٻاڻ بران ٿي
3.
پِريَن بنان پرديس ۾، گوندر منجهه گذران ٿي
4.
واٽين، سيرين، شهرين، بحرين، وِرهه وٽيون وِندران ٿي
5.
سڄڻ ساريو، نيڻين جو هاريو، سُرڪيون سُور ڀريان ٿي
6.
ڪوٽ قلعن ۾ جايون ماڙيون، سَير ڏسيو آءٌ سڙان ٿي
7. ”ابوبڪر“ چئي انهن پرين ري، نه مران ٿي نه جيان ٿي
[234]
ڪر ڳيا ماهي يار، دلڙي ميڏي چُور
وَيسان وَيسان ڪين مَئن رَهسان، ڏيکسان جهوڪ ضرور
2.
وچ سيالين دي سڀڪوئي ڄاڻي، مئن هڪڙي مشهور
3.
چُپ چُپاتِي وي پاتُسِ جهاتي، گهاوَڻ دي ڪيتس گهُور
4.
مست پيالا وي رانجهن والا، پِئي ٿيان مخمور
5.
حسن مهتابي وي، نَين شرابي، نال ويکڻ وهلور
6. ”ابوبڪر“ آکي غمزي غم والي، پُورَن اُتي پُور
[235]
سر آسا: ڪافي يڪي*
ول نه ڪريسان ماهِي ماڻا
طعني تهمت ويک ڪرا هُڻ، ساڏا ساه ڪُماڻا
2.
مئن نماڻِي دي مارڻ ڪِيتي، تون ڪو ڏاڍا صحيح سَماڻا
3.
آکي ادبئون عرض ڪنيزڪ، سڻ تون يار سياڻا
4. ”ابوبڪر“ جيها سائل سَڄڻا، ني تون نال نماڻا
[236]
سر سسئي: ڪافي يڪي
دل کي هَي هَي ڙي، ماريو محب وڃي ٿو، تير برهه جو
1.
ماٺ ڪريان تان مامرو، ڪڇان تان به ڪُهي ٿو
2.
سور پريان جو ساڻ مون، هِينئڙي منجهه هُري ٿو
3.
جئن جئن ساريان سپرين، تئن تئن چاڪ چِڪي ٿو
4. ”ابوبڪر“ چوي اُن ري، ٻيو يَر ڪونه ٻُجهي ٿو
[237] *
گهوريو وڇوڙو، تون وري آءُ وطن يارَ
اڳوڻي کان اڳرو، ڏک ڏئي ويم ڏورو
لَہ ساجن سگهي سارَ
ڌاريان ڌارئي ڏيهه جا، جت ڪري ويا زورو
3.
پنهون ڪيج ڪو پاهنجو، هِن ٿڪي تي ٿورو
ٿئي دوست نه هڏهن ڌارَ
”ابوبڪر“ چوي اُن جو، منجهه هِئين“ هورو
ويٺل پل پل پڇايان پارَ
[238]
سر سسئي: ڪافي يڪي
پنهنجي پياري سان روئي روئي زار
ڪنديس دل جون ڳالهيون
هِت هُت گهرجي هڪڙو، دوستن جو ديدار
2.
سُورن وارو ناهه، ڪو، جوڙ مثل جنسار
3.
درد جن کي دوست جو، ڪهڙو تن قرار
4. ”ابوبڪر“ چوي عاشقين، باغ بهشت بهار
خليفو نبي بخش*
خليفي نبي بخش خان لغاري، پير سائين ميان محمد راشد عرف حضرت روضي ڌڻي (وفات
1233هه) جو خاص خليفو هو. سندس ولادت پنهنجي اباڻي
ڳوٺ مٺي (تعلقي ٽنڊي باگي) ۾ 1190هه/ 1776ع ڌاري
ٿي. سنه 1280هه/1763ع ڌاري وفات ڪيائين.
پير صاحب پاڳاري جي جماعت ۾ سندس پويان ”نار وارا خليفا“ به ڪري سڏبا آهن.
سندس شاعري ۽ فقيري جي شهرت سندس رائڪي ۾ جوڙيل
”سسئي پنهون“ سبب ٿي. ڪلام ۾ پنهنجو تخلص ”قاسم“
ڪم آندو اٿس.
[239]
آيم اڄ عجيبَ، سور سِڌايا سرتيون
1.
اچي اوطاق ٿئا، هينئڙي منجهه حبيبَ
2.
اڱڻ آيا سپرين، ٿئڙا رد رقيبَ
3.
ميڙائي جي مون پرين، ڏنڙي تِياڪ طبيب
4.
جيئري جُدا مَ ٿئي. ”قاسم“ ساڻ قريب.
[240]
وائي: سر سرراڳ
توه تنهينجو مڱان، توه تنهينجو مڱان
ياالله تون تنهنجو مڱان، الله! آءُ توڙئون تنهنجو
مڱان
1.
ڀيڙي ٿيان ڀتار سان، اَنگِي لاهي اڱان
مولى مون کي ميڙيين، دور ڪري دُرَڱان
2.
ڇيٽون جِت ڇُرينِ ٿا، چِٽ چِٽجن چڱان
سيڻين چَرُون چاڙهيا، رچن رڱ سُرَڱان
3. ”قاسم“ ڪومَ مُنجهائين، سانئيمَ! پنهنجي سڱان
پنهنجا پاڻ فضل سان، پار لنگهائيين لڱان.
[241]
جَرَ ناريل پيا، ماءَ سنڀوڙا سپرين
1.
الله سندي آسري، کُوها تن کنيا
2.
ساڄا سڙهه سامونڊيين، ڪالهونڪر ڪيا
3.
پرڻي مون پرينءَ سان، ٿورا ڏينهن ٿيا
4.
مٿي پڳهه هٿڙا، رُوندي مون نه رهيا
5. ”قاسم“ ڪارونڀار جي، سُڄي ڏور ڏَيا
[242]
وائي: سر توڏي
ڏم سان گهاريان ڪيئن الو الو هو! مون مَنڙو ميهارن سان
مون سڱڙو سنگهارن سان
1.
جيئن جيئن ڀِڄي راتڙي، مون تَن تانگهي تيئن
2.
گَهڙو گَهڙي تان گهوريو، مَٿو مٿان نينهن
3.
گهِڙان گهوريو جندڙو، وڃان ساهڙ سِيئَن
[243]
وائي: سر سارنگ
موٽُ وسندڙي مينهن، لالڻ! لاءِ مَ ڏينهڙا
جدا سانوڻ ڏينهڙا، هاڻ نه گهرجن هيئن
2.
جيئن پَکي ٽمن پانڌڙا، اکڙيون وسن اِئين
3. ”پي پي“ بپيهو ڪري، مون تَن تولاءِ تيئن
4. ”قاسم“ مُند ملار جي، توري گهاريان ڪيئن
[244]
وائي: سر سسئي
هوتان دي هٿ واڳ، دوستان دي هٿ واڳ
مَيان ڏوهه نه ڪوئي
1.
واڳ هوتان دي هٿڙي، ڏاگهان آڇ نه ڏوئي
2.
جنهن در پورهيت سسئي، نيندا نال نه سوئي
3. ”قاسم“ ڪارڻ سڄڻين، ڇوڙيم سانگ سڀوئي
[245]
وائي: سر سسئي
مون سان ڳالهڙيون، اي هوت هلندي جي ڪِيوُن
1.
پريان سنديون ڳالهڙيون، مٿي مون پِيئون
2.
هَلان هاڙهي سامهين، ڏيئي، ٻَن ٻِيوُن
3.
ڳالهڙيون ڳڻن جهڙيون، سي تان سُورَ ٿيون
4. ”قاسم“ ڪيچ ڌڻين ري، جيڏيون جاڙَ جِيوُن
[246]
وائي: سر سورٺ
جيڏل جِينءَ نه ڪِجن، لو اَلو لولو، جي ڪِجن تان پاربيون
1.
سڻي سُر ڀر سڄڻين، مَرجان کَر کِجن
2.
ڳالهڙيون مون پرين جون، وارڙيون وَرَ وجهن
3.
مٿي سيني سسيون، ڏهه ڏهه ڏينهن ڏجن
4. ”قاسم“
آئي جن جي، سڀئي ڪاڄ سِجَهن
[247]
وائي: سر جوڳ
آڻ وَسايا يار، آ ساڏيان ڳليان
1.
ڪڏهن گهمندا شاهه اساڏيان ڳليان، ڪڏهن گهمي بازار
2.
ڪڏهن تُرڪ سياه پوش سپاهي، ڪڏهن سپهه سالار
3.
ڪڏهن گهوٽ دُلهه شہَ بنرا، ڪڏهن لال ڪنوار
4.
سُڻ سَهيو آهين يار سڄڻ تؤن، مين صدقي سؤوار
5.
مُنهن کيڙي دي موچيان والي، مارؤن ٻانهن اُلار
6. ”قاسم“ يار اساڏيان ڳليان، ڪر آيا زلف سِنگار
[248]
وائي: سر بروو
ڪانگل پريان جي پار جي، وو ساري ڏي سُڌ مون
1.
جَني لايا ڏينهڙا، سي تان سارياسون
2.
پِريان سندي پار کؤن، ڪڏهن آئين تون
3.
ايندا مانَ اُجهائيان، دُکيءَ جا مَنَ ڌؤن
5. ”قاسم“ ڪانَ پِريان جا، لڳا سي منجهه لؤن.
[249]
ڳائي: سر راڻو
ڪاڪِه ڌڻي ڪرها، چندن تو چارينداءِ
1.
پرين سندي پيچري، پيرُ پروڙي پاءِ
2.
نائي ناگر ولڙيون، جينءَ کائين تينءَ کاءِ
3.
آگر پِيَڙو اَهُڙين، توڙئون توهِي لاءِ
4.
ويندي ڪَٿَ پِرين ڏي، ”قاسم“ ڪج مَ ڪاءِ
[250]
وائي: سر کاهوڙي
ڏونگرڙا ڏس ڏي، جبلڙا ڏس ڏي،
تو ڪي ڏوٿي ڏٺڙا
تَني سندا پيچرا، معلوم ڪر مون کي
2.
ڀڄئو رُڃن، راتڙيون، جهنگل جُهڻڪن جي
3.
پَسي ڏوٿين ڏٿڙا، تَنگُون ڪِيَڙم تي
4.
ڪونڌر ”قاسم“ جن سان، راتِ سنڀاريم سي.
[251]
وائي: سر رامڪلي
سِڱڙَينِ سامين سُڻائي، اي ماءَ! جوڳين جا مَنِ ڳالهڙي
1.
سامين سِڱَڙين ۾، وحدت ڦوڪ وڄائي
2. ”رَايتَ ربي بِربّي“ سَتگُر اِي سمجهائي
3. ”آف اَحمد بِلاميم“ ڳالهه اها تن ڳائي
4.
ڪارو پَسن ڪينڪي، سامين پيش صفائي
5. ”قاسم“ قُلزم ڪنَ ۾، ٻوڙي ڇڏ ٻيائي.
[252]
وائي: سر ليلان چنيسر
توبهه توبهه يار! تو در زاري، خان! تو در زاري
1. ”رب“
اَرني موسى ٻولي، ”لَن تراني“ آءُ ماري
2.
بازي عشق جي کيڏڻ وارن، ڪَن کٽِي ڪَن هاري
3.
دلبر منهنجو دانا بينا، آءُ تان ڀوري ڏاري
4.
پاڻان پاسي پاڻ سڃاڻي، ڌِڪي ڇڏمَ ڌاري
5.
ڪَني عيسى موسى مڃئو، ”قاسم“ اَحمد تارِي
[253]
وائي: سر ڏهر
پکو پَکي وٽِ لو، رِڻ ريٻارين ڇانئيو
1.
اُٺيون چَرن اُنِ جون، پهريون مٿي پَٽِ
2.
لٿو لوڙائُنِ جو، سندو سورن سرٽِ
3.
وانڍيون ويچارن جون، ڀري ويٺيون وِٽِ
4.
ويهي تن وانڍين ۾، ڪوڏينهن ”قاسم ڪَٽِ
[254]
وائي: سر مارئي
ڪندڙي آءُ اُنَ کان، ڳالهڙيون جي مون مَن ۾
1.
منهنجو ماروءَ ڄام سان، ٻَڌو جيءَ ٻنڌاڻ
2.
ماڙيءَ سندي مون ڌڻي، من تان لاهِ منجهاڻ
3.
آجو ڪن اَسيرَ کي، اچي مانَ اباڻ
4.
آءُ اوريندي اُن سان، ويهي منجهه وٿاڻ
5. ”قاسم“ ڪم ڪريو تي، وڌا عبداَ اَڄاڻ
[255]
وائي: سر پورب
ڪوه ڄاڻان تان ڪيهي وو ڪيهي، جيجان جوڳين جي مَنَ ۾
1.
آڌيءَ آديسين کؤن، ورهُ وِهايُم ويهي
2.
مون جهليندي نا رهيا، پورب وئڙا پيهي
3.
ستا سور جڳائيا، سِگڙين سڀيئي
4.
گڏيا گورکناٿ کي، نادر وڄائي نيهي
5. ”قاسم“
ڪانوٽِيَنِ جي، ڌوڙ ڀُڪلڙي ديهي
[256]
وائي: سر آسا
آيا مَين گهر هادي، سَيان ڏيوو مبارڪ شادي
1.
مِل مِل مومن ڪَرن سلامان، شاهه بيٺا چڙهه گادي
2.
جو چل آوي، گل ڦل پاوي، باغ جِها بغدادي
3.
ڪوڙين ”قاسم“ در هادي دي، لهندي ڏات بَرادي.
[257]
وائي: سر ڪاموڏ
وري وطن ۾ هنجهڙا ويچارا، آيل آنهري آئيا
1.
موتي کائي موٽيا، مُرغا مَن هن موچارا
2.
سَر ۾ سونهَنِ هنجهڙا، ويا ڪينيرا ڪارا
3.
جني لايا، ڏينهڙا، ڏنڙا تن ڏيکارا
4.
آيل آسڻ آئيا، ”قاسم“ جيءَ جيارا.
[258]
وائي: سر ڪاموڏ
سمو تنهنجڙي ساءِ، ڪندو معاف مياڻيون
1.
هيرو لعل هٿن سان، پُويو پارس پاءِ
2.
سهسين سرودَ سهاڳ جا، ڳايو ويٺڙي ڳاءِ
3.
چُوئو، چندن، ڪيوڙو، لويو لڱن لاءِ
4.
پاتا پيچ پريت جا، رات گُهرائي راءِ
5.
مڇيءَ سندو مامرو، لٿو تو مٿاءِ
6. ”قاسم“
پان پِريان سين، کايون ويٺڙي کاءِ
*
تفصيل لاءِ ڏسو؛ ”سماهي مهراڻ -سوانح نمبر“،
1957ع، ص 251-265.
تفصيل لاءِ ڏسو (1) ”خليفي صاحب جو رسالو“،
سنڌي ادبي بورڊ 1966ع، مقدمو 39-038. (2)
”اصغر سائين جو ڪلام“ مطبوع پير جو ڳوٺ،
1400هه/1981ع.
[235]
۽
[236] سيد فاضل شاهه واري ڪافين جي ڪتاب تان
ورتل.
[237]
۽
]238] فاضل شاهه ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي
ڪتابن تان ورتل.
*
تفصيل لاءِ ڏسو ”خليفي صاحب جو رسالو“، ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ،
1966ع.
|