سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :17

 

نورو

نوري جو ذڪر سيد فاضل شاه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنيٰ ته يا هو سنه 1300هه  (1887ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”شاعر نورو اتر جو ويٺل آهي.“ فاضل شاهه جي ڪتاب مان سندس فقط هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي.

[666] سر آسا*

تِکي تيز نينان دي تير، تِکي تيز نينان دي تير

1.      جِس تَن لڳڙي سو تَن ڄاڻي، توڙي شاهه فقير
2.      جهنگل دي وچ کڙي پڪارن، مجني جِيهِي امير
3.      چڙن شڪاري شهبازين وانگڻ، عاشق ڪَرن اَسِير
4.      ناز نينان دي لَکين لُٽيو ني، هي نماڻي هڪ هِير
5.      ”نورو“ نينهن سڄڻ دا جن نون، ترڪ ڏيوَن تدبير.

 

عرس

عرس جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ”ڪافين جي ڪتاب“ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنيٰ ته يا هو سنه 1300هه  (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو، فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”شاعر عرس اتر جو ويٺل آهي“. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ڪافي ڏنل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي. ڍ

[667] سر ڀيروي*

ڪيهي پَئِي يار اَسان کُون

وڌءِ شور اکين ۾ ڇا کوُن
1.      اڳي اسان وٽ البت ايندو هئين

آئين ڪين ڪالهان ڪُون
2.      ريت رسڻ جي ڪنهن سيکاريئي

ڇا کُون مٽيئي اوطاقون
3.      صورت تنهنجي سوين سِڪايا

حُسن تنهنجي جون هاڪُون
4.      اڱڻ ”عرس“ جي آ پيارا

هجين جيئرو شال جَڏاڪُون.

 

 

 

 

 

 

خيرل

خيرل جو ذڪر سيد فاضل شاهه ”ڪافين جي ڪتاب“ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300هه (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”شاعر خيرل به اُتر طرف جو رهاڪو آهي“. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ڪافي ڏنل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

[668] سر بروو*

چشمان دي چوٽ چلائي، ويندئين رمز رَلائِي يار

1.      مُرڪڻ سِيتِي موهُ نِتوئي، جلوي دي نال جَلائِي يار
2.      لالِي لبان سِر سهڻِي سونهي، سُرخِي نون سرس سوائي يار
3.      چاه رَنخق وچ ڪِيتُئِي دلڙي ديواني، غبغب وچ گنوائِي يار
4.      ”خيرل“ آکي جان جگر وچ، لاتِي ڪا حُسن هوائي يار.

 

 

 

سعد الله

سعد الله جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ”ڪافين جي ڪتاب“ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سن 1300هه   (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو، يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”سعد الله اُتر جو ماڻهو آهي“. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس ٽي ڪافيون ڏنل آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

[669] سر ڪلياڻ*

سهڻا يارَ، جِيُ جيارَ، پنهنجو پاڻ پَسايو

1.      سوَ سلام، هن غلام، پيغام پرين کي
        چئج ڪانگ، اٿم تانگهه، گهڻو روح ۾ رايو
2.      بره بات، سڄي رات، آهي وات اسان جي
        ڪري ڀال، سڄڻ ٺشال، وري لئون ڪا لڳايو
3.      سوين شهر، ڀِٽون بحر، گهميس گهر گهڻيرا
        سَڀو مُلڪ، ارض فلڪ تنهنجي نينهن نمايو
4.      اڱڻ آءُ، واري واءُ، ”سعدالله“ ساءُ اوهان جو
        دمادم، توريءَ غم، مٺل وهه وڃايو.

 

[670] سر لوڙائو*

خاطي ڏي خبر چار، محب مٺي منٺار

ڪيئن گذاريا ڏينهڙا

1.      اسان ڏانهن اچڻ جي، ڪا پرين هئي پچار
        2.      ڪَہُ ڪانگا قريبن کي، اُڏري هيءَ اخبار
        3.      ڏاڍا گذاريون غمڙا، دوست اوهان کان ڌار
        4.      توکي ساڄن ساريو،نيڻ وهائن نارَ
        5.      سائل ”سعدالله“ جِي ”سُهڻا لهج سنڀار.

 

[671] سر وهاڳڙو*

تخت هزاري دا والي، شہ رانجهن تينون مئن صحي سڃاتا

1.      اکيان تيڏيان عقل لُٽينديا، زلفان ڪرن زوالي (1)
2.      ويس مَٽاڪر آپ ڇُپايئي، عجب تيڏي خود خيالِي
3.      سير ڪريندئين سڀ رنگپور دا، چاڪان والِي ڪر چالِي

4.      ”سعدالله“ نُون سِر سمجهايا، نؤرنگ نينهن نؤبالِي.

 

 

 

 

پريل فقير

پريل فقير جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنيٰ ته يا هو سنه 1300هه  (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”هي اُترادي ماڻهو آهي“. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس هڪ ڪافي ڏنل آهي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

ٻي هڪ روايت موجب فقير محمد پريل ولد ميان غلام محمد، نوشهري جي هڪ برگزيده خاندان جو فرد هو. سندس خاندان فقيراڻو هو، تنهنڪري پاڻ به فقيري اختيار ڪيائين. هالا واري مخدوم امين محمد جو معتقد هو. اندازاً اوڻيهين صدي جي آخر ڌاري وفات ڪيائي (1).

[672] سر بروو*

ڪير وينديءَ  کي جهلي جهلي

عشق کَنئِي سُهڻي يارَ جي
1.      مت نه ڏيو مون سرتيون، هر ڪا پاڻ کي پَلي پَلي
2.      يار بنان هن ديس ۾، جيءُ جُسو منهنجو جَلي جَلي
3.      آءُ نصيحت اُن جي ٻڌندي، جا ٿِي مون سان هَلي هَلي
4.      خوش ”پريل“ آهي هر ڪنهن حال ۾، يار ته منهنجو بَلي بَلي.
[673]
*

اکيون ڪِين مڃن ڪنهين جون متيون

جيڪي رمز سڄڻ جيءَ منجهه رتيون

1.      اکيون عشق واريون عريان ٿين، سِرگوءِ ٿي ميدان ڏين
                ڳوڙهيون ڪين مڃن، ڪنهين جون ڳَتيون
2.      جڏهن عشق اچي امام ٿيو، تڏهن هوش عقل حيران ٿيو
                جيڪي پرت رکن، تن کي ڪري پتيون

3.      جيڪي مچ ڏسي مستان ٿين، سي ته ”پريل“ چوي پروان ٿين
                سي ته مشڪل ٺرن، آهن توڙ تَتيون.

 

 

 

 

پير غياث الدين نقشبندي

پير غياث الدين نقشبندي جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300هه (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”پير ميان غياث الدين نقشبندي، سرهندي فاروقي، شڪارپور جو رهندڙ آهي“. فاضل شاهه جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ڪافي ڏنل آهي جيڪا هيٺ ڏجي ٿي.

[674] سر جهنگلو*

هِي سِر ڪريان قرباني، دوست مٺا دل جاني

1.      آءُ تون اوري دلبر منهنجا

ڪرم ڪري تون پِريَم پنهنجا

پلڪ پَسائين پِرين پيشاني
2.      تو جي ڪئڙا قول قرارا

پارين پنهنجا سخن سچارا

ٻاجهه ڀريا تنهنجي آهيان ٻانهي

هِت هُت هر جا هر هنڌ حاضر

نِرمل نازڪ نُوري ناظر

ڪونهي تنهنجو صاحب ثاني
4.      غور ”غياث“ جو غرض ڪرين تون

قدم ڪرم جا ڀرم ڀرين تون

فڪر ڪرين سڀ فائق فاني.

 

احمد علي شاهه

احمد علي شاهه جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي، جنهن جي معنى ته يا هو سنه 1300هه (1883ع) کان اڳ ٿي گذريو يا ان سال حال حيات هو. فاضل شاهه جي لکڻ موجب ”احمد علي شاهه سيد رهندڙ ماتلي جو آهي“. فاضل شاه جي ڪتاب ۾ سندس ٻه ڪافيون ڏنل آهن. نصرپور جي قلمي ذخيري مان پڻ احمد علي شاهه جون ٻه ڪافيون مليون، جيڪي هيٺ ڏنيون ويون آهن.

[675] سر بروو*

يارَ جدائيءَ آهي مارِي، سارَ سنڀار لهي وڃ سڄڻا

1.      پروَس ٿي نه پرين وَس پنهنجي، ويٺي هيءَ ويچارِي
2.      توريءَ جاني مون سڀ جالِي،سڪندي عمر ساري
3.      نِت نماڻيءَ جي ورنائج، ورنَہ، ظاهر باطن زارِي
4.      ”احمد علي“ سؤ وارِي صدقي، جي هوت اچين هڪوارِي.

 

[676] سر بروو

قربان ڪريان جيءَ کي، تون آڻ ڌڻي دلبند کي
1.      سر قاصد سڄڻ پيشَ ڌري

ڪج عرض سندم احوال ڪري

اکين جي آسابند کي
2.      منهنجي جِيءَ ۾ جاني پاتو جو

ريءَ سڄڻ کولي ڪير نه ڪو

اُن پرت سندي پيوند کي

3.      سينگار سڄڻ جي سِڪ ڀانيان

منجهه ٻهڳڻ ٻانهن پئي پايان

اُن بِره جي بازو بند کي
4.      چئي ”احمد علي“ احوال سندم

ٻئي ڪنهن نه پروڙيو حال سندم

هڪ آه خبر خاوند کي.

 

[677] *

نيڻ ڏاڍي ناز مان ٻاجهئون سڄڻ ٻوڙين بيٺو

منهنجي مارڻ لئي وري معشوق منهن موڙين بيٺو

1.      لعل تو سان لئون لڳي، هاڻي بت بچائي ڪين بچائي
        هيج مان مون وٽ هلي، مون لئي جنجل جوڙين بيٺو
2.      سونهن تنهنجي آهه س بحاني، ناز مان بيٺو نهارين
        سينڌ جا سُرما ڪري، وري ٽهڪ ڏيو ٽوڙين بيٺو
3.      منجهه اکيون ”احمد علي“ چئي، ديد دوناليون مِٺا
        سي سڌيون سيني اندر ڇيرا وجهيو ڇوڙين بيٺو.

 

[678]

ڪي ڏينهن ٿيڙا مون ڪوٽ گذاريو

ويندي وطن ڏي مون سرتن ساريو

1.      دم دم دل کي اُڪير اباڻي

ساريان سنڀاريان ڏوٿي ڏهاڻي

نئين سج تن لئي مون روز نهاريو
2.      ڇڏي ويا پنهوار پڊ تو پڄاڻا

پائر پاسي وڃي ٿيا اباڻا

مارن ڏي مڙئي مال مون ساري اُڪاريو

3.      اوٺي اباڻن کان اڄ آيو

هُتي جو هِتي اچي هُل هلايو

ساوڻ سدا ٿيا اتي ڏيہ سُڪاريو
4.      هيءَ دل دلبر مارن ري ماندي

”احمد علي“ چئي آءُ امر هت آندي

وسؤن ڏيهه پنهنجو مون نه وساريو.

 

 

 

سيد حيدر شاهه

سيد حيدر شاهه ولد سيد اسماعيل شاهه جو ذڪر سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جي ڪتاب‘ ۾ موجود آهي. سيد حيدر شاهه حيدرآباد جو رهاڪو هو. عربي، فارسي ٻولين، نجوم ۽ جفر جي علوم ۾ ماهر هو. سنه 1306هه/1888ع ۾ وفات ڪيائين. سيد فاضل شاهه سندس پٽ هو، جنهن پنهنجي ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس فقط هڪ ڪافي ڏني آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي. *

[679]

پاڻ سڃاڻي يار ڀلا ڪر ڀيرو

1.      اڏي ويهج پار ولهيءَ جي، جانب جلويدار

دل اندر ديرو

2.      ڪر نه جاني يار ڏيءَ سان، سونهن ڀريا سردار

ڀيرو ڪي ميرو

3.      صدقي توتان سڄڻ سائين، دل گهريا دلدار
                                جگر ۽ جيرو

4.      ”حيدرشاهه“ چئي هوت اوهان لئي، واٽ وڇايم وار
                                پاڻ کڻي پيرو.

 

 

 

 

 

سيد محمد فاضل شاهه

سيد فاضل شاهه ولد حيدر شاهه، سنه 1252هه/1836ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. فارسي جي ابتدائي تعليم مولوي ولهاري کان ورتائين، ان بعد مولوي محمد حسن وٽ عربي جا تحصيل ڪيائين. وڏي هوندي سرڪار جي طرفان ”مختياري“ جو عهدو سنڀاليائين، بعد ۾ حيدرآباد شهر جو قاضي مقرر ٿيو. تاريخ 19 شعبان 1319هه/ڊسمبر 1901ع ۾ وفات ڪيائين*. سندس ڪلام جي مجموعي ”ديوان فاضل“ ۾ سندس سترهن ڪافيون شامل آهن. 1887ع ڌاري ”ڪافين جو ڪتاب“ مرتب ڪيائين، جنهن ۾ ناميارن سنڌي شاعرن جي ڪافين جو انتخاب ڏنائين.

 

[680] سرمائي*

مارن سان محبت، آهي منهنجي ميان

ساهه سدا ٿو سندم ساٿين کي ساري
        مِهر اُنهن جي وڌي آهيان هت ماري
        اباڻن ري البت، جاليان ڪين جِيان
2.      ماڙيون محل عمر کانيان هنڌ کٽون
        ڏوٿين سان ڏيان ساڻيهه منجهه سَٽون
        کوءِ کِيَڻ ٻَن شربت، پاڻي پاڪ پيان

3.              ساٿِيڙَن لئي سِڪي جوش منجهه جلان
                لاه نماڻِيءَ نِيرَ مارن ساڻ ملان
                سَهڙان ساڻ سنگت، ٿيلي ٿانءِ ٿيان
4.              موڪل ڏينم عمر تنهنجا ڳُڻ ڳايان
                پائُورَ پاند پُرِي پاڙيچي پايان
                ”فاضل شاهه“ چئي فرحت، کِيرون ڏيهه ڏيان.

 

[681] سر سسئي*

محبوب مون کي تو ڏني، مَئي مست جي ريبي رَتِي

اڄ عشق کان مون تي اَچي، محبت سندو مچ پيو مَچِي

نه ته آن هيس برهئون بَچِي، سڀ ۾ سڄڻ سُرهِي سَتِي
2.      شهباز وانگي شاهه تو، سوگهو ڪيو کي ساه تو
        قابو ڪرڻ جي ڪاه تو، گهوري وڃان تو جا گَهتِي
3.      مطلوب مَن جي هيءَ مُدا،جاني نه ٿي جيئري جُدا
        ساجن سندءِ سِڪَ مان سدا، پڙپي ڪَڻِم پوري پَتِي
4.      آهي فراقن ۾ ڦَٽِي، ڏيئي جهڙپ تو جا جَهٽِي
        سورن سِجهائي سا سَٽِي، واندي ٿيو ورهئون وَتِي
5.      ”العشق نارُ الله“ جا، ”فاضل“ پلئه آئي اُها
        ڏيئي سڀن کي سوز سا، مَن تي محبت جِي مَتِي.

 

[682] سر سسئي

سر ڪيو قرب ڪباب، جَڏِيءَ جان جگر کي

1.      سڪڻ تو لئي سپرين سدا آهِ ثواب
2.      ملج محبَ مئيءَ کي، ڇڏي هوت حجاب
3.      پياريو تو پازيءَ کي، سندو شوق شراب
4.      اوهان جي اِغماز تي ڪندو ڪير عتاب
5.      فدا توتئون ”فاضل“، ڪيو شوق شتاب.

 

[683] سر سسئي*

ڏِج روبرو تون روئي، پنهل کي پيغام پڌر

1.      ڪم ڪنيزڪ ساڻ قريبن، جتن ڪيو ڏس جوئي
                        سُتي لڏيان سيڻ سفر

2.      ڪهج قاصد ساڻ ڪوهيارل، منهنجو حال مڙوئي
                        ڪي نماڻي نينهن نڌر

3.      ڳوڙها ڳاڙيو ڳليون ڳوليم، سارو شهر سڄوئي
                        سڄڻ تو لئي شام سحر

4.      سندو ”فاضل شاهه“ فضلئون، آکج عرض اهو ئي
                        اٿم تنهنجي آس اندر.

[684]

آديسين اچي اوري، بابوئڙن وڌو ڀوري ڀوري
                        ڀوري ڀور فراق کي

1.      سامين سکڙا لاٿا ڏکڙا، ڪاپڙين وڌا ڪوري ڪوري
                        ڪوري ڪور فراق کي

2.      ووڙي واٽون جهاڳي جهاٽون، ڏوٿيڙن ڏنيون ڏوري ڏوري

ڏور ڏور فراق کي

مال متاع آءُ اُن تان گهوريان، جان وجهان گهوري گهوري
                        گهوري گهور فراق کي

”فاضل“ فاقواهک اولاڪو، جوڳيڙن ڇڏيو جهوري جهوري
                        جهوري جهور فراق کي.

 

 

عالم عارف خواجه عبدالحئي نقشبندي نوشهرائي جي معتقدن جو سلسلو

 

شاهه نصيرالدين نقشبندي ”نصير“

شاهه نصيرالدين ”نصير“، نوشهري جي عالم ۽ عارف سيد عبدالحئي نقشبندي جو فرزند هو ۽ پنهنجي والد کانپوءِ سجاده نشين ٿيو. شاهه نصير کي سندس والد کان عربي ۽ فارسي جي سٺي تعليم ملي. هن پنهنجو گهڻو وقت سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. فقير خيرمحمد هيسباڻي جي ڪلامن جو مٿس وڏو اثر ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ شعر چيائين. وڏيءَ عمر ۾ سنه 1318هه/1900ع ۾ وفات ڪيائين.

[685] روپ جوڳ *

غمزن ساڻ غلام، ڪيو آهي يار اسان کي

1.      عشق تنهنجي آرام وڃايو، بره تنهنجي ڪيو بدنام
2.      سَنڌ سَنڌ ۾ آهي ميخ محبت، لنؤ لنؤ منجهه لغام
3.      ڪنهن کي دين مليو، ڪنهن دنيا، عشق اصل انعام
4.      نينهن ”نصيرا“ تنهنجي هئي هئي، کائڻ پيئڻ حرام.

 

[686]

جيڏيون جانب  ريءَ ڪِئن جيان جيان

ساري سڄڻ مَران ته به سونُو ٿيان
1.      زَهر پيالو درد فراق جو

تو ريءَ دم دم پِيان پِيان
                        ساري سڄڻ مران ته به سون ٿيان
2.      هِڪُ سِرُ صدقو سڄڻ ڳيان ڇاهي

ڏهه هجن ته بِي ڏيان ڏيان
                        ساري سڄڻ مران ته به سون ٿيان
3.      جي اَچين هڪوار اڱڻ مون

آءُ ٿورائتِي ٿِيان ٿِيان
                        ساري سڄڻ مران ته به سون ٿيان
4.      ”شاهه نصير“ جِهڄڻ ۽ جهوري

ڇَڏِ حَيا سڀ هِيان هِيان
                        ساري سڄڻ مران ته به سون ٿيا.

 

[687]

شاهه حُسن جي شوق ۾، منهنجا لاڳاپا ويا لهي لهي

1.      بهشت دلاسو دوزخ دڙڪو، سامي قبر جو ڪوڙو کڙڪو
                        ڊپ ڊاوَ ويا ڊهي ڊهي

2.      عزرائيل کئون اڳي هياسي، ”مُوتُوا قِبلل“ مري جِياسي
                        سير ڪيو سي سڀ صحي صحي

3.      دنيا دين ايمان ڪفر کئون، قبر قيامت هُل حَشر کئون

خوف خطر ويا لهي لهي

4.      ”شاهه نصير“ ميدان انهيءَ ۾، صوفي واري صاف صَحن ۾

خان ايندا ڪي کَهِي کَهِي.

 

[688]

تنهنجي سيف حُسن ڪيئي ڪامل ڪُٺا

صُنعان ڪُجا سُليمان ڪُجا
1.      ٻُڌ ٻوڙا لَنڪا ڪيئن ٿي لُٽي

ک نيو راوَڻ کي پنهنجي خواهش کُٽي

اُتي ديوَن جي ڪا ڌُمِ مَتِي
                                حيوان ڪُجا انسان ڪُجا
2.      ڪهڙي رمز آدم رضوان ڇڏيو

ڪهڙي شوق عيسى آسمان ويو

ڪهڙي غرض يوسف کي غرقان ڪيو

زندان ڪُجا ڪِنعان ڪُجا
3.      موسى ويو ڪوه طور مٿي

چڙهيو جوش طبع منصور مٿي

ٿيو ڪِيس ضرور ڪربلَ اُتي
                                شاهه مردان ڪُجا مروان ڪُجا
4.      نڪا لذت حُسن جي لِکڻ ۾ اچي

نڪا چاش بِره جي چکڻ ۾ اچي

رڳو سبق سورن جو سِکڻ ۾ اچي
                                زبان ڪُجا آو بيان ڪُجا
5.      تنهنجي باغ حسن ۾ بهار سندو

تنهنجو نينهن ”نصير“ نروار سندو

کُلي بازر حُسن بهار سندو
                                دُڪان ڪُجا اُو سامان ڪُجا

 

[689]

ڇڏ ڳالهه شِيعَنِ ۽ سُنِنِ جي

رک حُبَ حُسين حسنَ جي
1.      خيال دُئي جا دور ڪري ڏس

رک يادگيري يارن جي
2.      احمد کي ڏس عبد ٿا ڄاڻن

ڏسو سمجهه ڪيهي آءِ عامِن جي
4.      عشق ”نصير جنهن جو احمد جو

تون ڀي طلب رکيج تن جي.

 

[690]*

ڪري صورت وارو ويس، پاڻ ۾ پاڻ ڇپايو ٿَئِي

1.      ڪهڙي طرح آئين هن ملڪ ۾، ڪيئن ڇڏيئي پنهنجو ديس
                رنگپور ۾ رنگ لايو ٿَئِي

2.      ڪٿان نوڪر ڪٿان چاڪر، ڪٿ سڏائن رئيس
                هر جا حڪم هلايو ٿَئِي

3.      ڪٿي ’آمنا‘ صِدق آڻين، ڪٿ ڪرين آديس
                جڻيو تلڪ لڳايو ٿَئِي

4.      سوين عبرتون آهن تنهنجيون، هي ”نصيرا“ هيس
                آدم نام ڌرايو ٿَئِي.

 

[691] *

جڏان عشق طبل وڄايان نِي، علم عقل تڏان ڇپ جايان ني

سر صنعان تي اِيوين آيا، ڳَل جڻيا سِر تلڪ لڳايا
                ڪيڏي ڳيا ’ڪنز‘ ’هِدايا‘ ني

2.      شہ منصور تون صدقي جاوان، دم دم اُهينديان ڳالهيان ڳايان
                جنهن سُولي سِر چڙهايا ني

3.      عشق جڏان آ پاتي جهاتي، ڇوڙ ڳيا سڀ ذڪر صفاتي
                مين شوق وچون شہ پايا ني

4.      نينهن ”نصيرا“ ساڪن آ ڪر، غمزان رمزان نال مَنا ڪر
                ٿا ٿا ناچ نچايا ني.

روپ جوڳ [692]

نَويان عشق لايان وي هُڻ لاليان

سُڻو ڙي سياليان، مئن ته مِلڪ ماهي دِي ٿَئيان ٿَئيان
1.      دلڙي مئڏي دلبر نِيتِي چشمان ديان رک چاليان
        سڻو ڙي سياليان، مئن ته اصل تُسان ڪنون ڳَئيان ڳَئيان
2.      تن من اندر يار پياري باهيان بره ديان ٻاليان
        سڻوي سياليان، وچون پِرت پڌر پَئيان پَئيان
3.      سڪ سڄڻ دي وچ اسان ڪُون نِت نِت نَويان ناليان
        سڻو ڙي سياليان، سدا نيڻ ٽمن نَئيان نَئيان
4.      قابو ڪِيتي جند جان ”نصير“ او ول ول والي واليان
        سڻوڙي سياليان، مئن ته ڪول رانجهو دي رَهيان رَهيان.

 

[693] روپ جوڳ

تيڏي حسن لائيان هن هوليان، گهولڻ گهوليان

ڪڏان آسين اڱڻ ساڏي ڍولڻا

1.      سهڻل سائين عرض اگهائين ڏک تيڏي هڻ ڏوليان
        رمزين روليان، ڪجهه نال عشاقان کِل ٻولڻا
2.      ڪٿ ”وَفِي اَنفُس“ آکيندئين ڪٿ ڪيهان ڪيهان ٻوليان
        ٻوليان اُنهان تان اوليان، رڳا ڏکواليان نون ول رولڻا
3.      رَلمِل سينگيان سرتيان مئن تي ڪرينديان لک ٺٺوليان
        توڙي گوليان، تان ڀي ڏک واليان نون ول ڏولڻا
4.      هر رنگ دي وچ يار ”نصيرا“ هن لعلڻ ديان لوليان
        هر جا هوليان، پر ڳوٺ اِهِين وچ ڳولڻا.

 

 

فقير خيرمحمد هيسباڻي

فقير خيرمحمد ولد رئيس غلام حيدر ولد رئيس عرض محمد هيسباڻي بلوچ، ڳوٺ گل محمد هيسباڻي تعلقي ڪنڊياري ۾ سن 1224هه ۾ ڄائو. جوانيءَ ۾پنهنجي پيءُ سان گڏ لڏي وڃي ڳوٺ تڳر تعلقي ڪنڊياري ۾ رهيو. ڀؤنرن ۾ ابتدائي تعليم کانپوءِ تڳرن ۾ مولوي عبدالقدوس وٽ ۽ نوشهروفيروز ۾ نقشبندي طريقي جي عالم ۽ عارف پير عبدالحئي وٽ تعليم ورتائين، جنهن جو پوءِ هو مريد ٿيو. پير عبدالحئي جي فيض سان، خيرمحمد نه صرف فارسي ۾ اعليٰ ڪتابي تعليم حاصل ڪئي، پر تصوف جي روحاني ۽ معنوي رازن جي پڻ ڄاڻ حاصل ڪئي. فقير خيرمحمد 2 محرم 1294هه/1877ع ۾ وفات ڪئي. تڳرن کي درياء جي پائڻ ڪري سندس لاش کڻائي ’ڪُرُونڊي‘ تعلقي فيض گنج (اڳين رياست خيرپور ۽ موجوده ضلعي خيرپور) ۾ دفنايو ويو.

خيرمحمد پنهنجي دؤر جو وڏو شاعر هو. هن پنهنجي ڪافين ۽ ڪلامن ۾ اعليٰ فڪر وارا نُڪات نروار ڪيا ۽ سندس صحبتين توڙي ٻين همعصرن کي متاثر ڪيائين. سندس ڪلام جو وڏو ذخيرو هو جنهن مان 174 ڪافيون ڪلام خوش خيرمحمد هيسباڻي (1) ۾ ڇپجي چڪيون آهن.

[693]

شاهه نقشبندي بادشاهه بخاري

تنهنجو هر طرف فقر فوج باري

1.      تنهنجي طالبن خود هنيو نيٺ نعرو
        جيئن خواجه عبيدالله احرار وارو
        جنهن شاهي قبا ۾ ڪيو ارشاد جاري
2.      تنهنجي توجه ڪيو جامي جگر سوز
        بيرنگ بحر ۾ ٿيو شائق شب روز
        ڪئي موج تنهن مرد منصور واري
3.      تنهنجو فيض اظهر من الشمس آهي
        تنهنجي طالبن کي ڪوئي خوف ناهي
        رڱڻ راز تنهنجي ڪئي هر هنڌ ساري
4.      تنهنجي بلبلن ۾ بِرهه جا بيانا
        بيخود ترانا درد داستانا
        تنهنجو باغ برحق بقا جي بهاري
5.      خوشي خيرمحمد اصل کان اهائي
        هجي شال هر دم همہ هيڪڙائي
        ملي مصطفيى کان توکي تاجداري.

 

[694]

جهلي تاب حُسن جو ڏسِي تجليون

سارو جبل ويو ڪوهه طور جَليُون

1.      تنهنجي پنبڻين جا پَيڪان چوان
                اهي ڀالا بڙبيون بانَ چوان
                نِت ابرو سيف ايران چوان
                        ڪيڏو ڪِيس ڪڪري ڪاريون ڪجليون
        2.      ويکو عجب محبوبن جي مام ميان

ڪن فڪل ڦاسائڻ عام ميان

توڙي وير هجن وريام ميان

وجهي دام زلف ڪن دست دليون
        3.      جاڏي ٻهڳڻ هڻن ٿا ٻاڻ ميان

تاڏي عاشقن جي آهي تاڻ مان

هو ٿا مرن مشاهدي ڪاڻ ميان

ڪُٺا ڪين رهن توڙي ويڙهن وليون
        4.      خوش خيرمحمد نگاه جاڏي

وسي ويڙهي وجہُ الله تاڏي

ڏسي برحق ٿو باللہ ماڏي

بيٺو شهر بحر مِلي ڳوٺ ڳليون.

 

[695]

هن سيف ابروءَ جي سٽي مانجهي هزارين ماريا

ڪي ماريا ڪي جياريا، ڪي عشق جا آزاريا

ڪالهه مجنون قيس ٿي ڪئين سوز وارا ساريا
        ٻڌ عشق جي وڌ هيءَ خبر، ماري وري پئي جياريا
2.      ڏنو تخت کي رانجهن ترڪ، اسباب عشق اُڏاريا
        رنگپور جي ريجهه رمز رهاڻ لئي، ٿي چاڪ وَڇڙا چاريا
3.      يوسف زليخا ذوق ۾ يڪدل ٿي دم گڏ گهاريان
        شوق شيرين جي سب فرهاد ڏونگر ڏاريا
4.      صنعان جهڙن سالڪن تقوى جا ورق وساريا
        ڪيا سيف ابرو جي قتل ڪاڪل جهڙا ڪم ڪاريا
5.      خوش ”خرمحمد“ خيال سان ورد وظائف واريا
        جيڪي عشق آدم سان ڪيا سي قول پنهنجا پاريا.

 

[696]

عشق اچي مون سان ڪَيون ڪَيون

ڳالهيون ڏَسڻ نه جهڙيون، سلڻ نه جهڙيون

1.      هر دوجهان جي حجابن واريون
                        پڌر اچي سڀ پَيون پَيون
2.      ڏنو تخت کي رانجهن ترڪ، اسباب عشق اُڏاريا
                        نينهن سڻايون نَيون نَيون
3.      حسن جون فوجان سِر عشاقان
                        اچن اُمالڪ کنيون کنيون
4.      خوش ”خيرمحمد“ قبل ماضي جون
                        وحدت ۾ سڀ وَيون وَيون.

 

[697]

عشق تنبو طولان، کڻي آڻي کوڙيا

سوز درد سامان، آڻي جنگ جوڙيا

1.      عشق حُسن ڪري حملو آيو

سڌڙين پهرين سَٽ سڌايو
                کُپي بيٺا خان، نه تن منهن موڙيا

عشق چوي ڪوڙا ڪڏهن نه اڙندا

لاشڪ عاشق مان سان لڙندا
        جوش ڪري جولان، وري مون ٿي ووڙيا

3.      محبت مچ ڏسي نه مڙيا

کامڻ لئي کوري ۾ گهڙيا
4.      ”خيرمحمد“ خوش جان جلائج

جيئري مري ميدان ملهائج
                نڪري ٿي نيشان، ڪري لس لوڙيا.

 

[698]

مڙد ميدان ۾ مانجهي، عاشق کوڙن ٿا نينهن نيشانا

1.      جوڙي جڻيا جني پاتا، نباهي نينهن جا ناتا
        حسن شعلا تنهي ڄاتا، ٻڌن مرد عشق ڳل ڳانا
3.      برهه بيشڪ ٻرن باهيون، اُمالڪ ٿا اچن ڪاهيون
        سورهه سِر جا سانگا لاهيون، شمع جي شوق پروانا
4.      لڱن تان کل لهرائي، ردا ڪنهن راز پهرائي
        سورهيه ٿو سوڀ ساراهي، عالم ڪن عشق افسانا
5.      پين پُرجام ڪيو جنگ ٿا، ويڙهي وحدت وٺن لُنگ ٿا
        وجهن واهه وجد جا دُنگ ٿا، ملهائن مرد ميخانا
6.      خوشيءَ سان ”خيرمحمد“ سُڻ، مردن مذڪوره ڳالهيون ڳڻ
        وکون وحدت وارن سان کڻ، کولج پوءِ درد داستانا.

 

[699] سر سورٺ*

پَسِي صورت جي سلطان، همہ حيران لڳي

ديوَ مَلڪ جنّ حورون پريون، هڪ هڪ ٿيو حيران
                        پڙهڻ سبحان لڳي

2.      سِر سونهين پوشاڪ گلابي، موهيو مِسي ۽ پان
                                        مٿس مَرجان لڳي
3.      کُليا هُسن چمن چؤطرفين، بلبل ٿي مَستان
                                        بِره بُستان لڳي
4.      سهسين رنگ سرود تماشا، سازن جا سامان
                                        جاڏي ڪاڏي تانَ لڳي
5.      ”خيرمحمد“ خوش خبر انهيءَ جو، بيحد آه بيان
                                        جنهن جِي جند جان لڳي.

 

[700] سرو بروو*

بيرنگيءَ جو بيان، ڪڏهن ڪين عقل ۾ ايندو

1.      هستي هووَڻ دور ڪري رک، نفس ڪُٺي نادان
                                پَرو سڄڻ جو تڏهن ڪو پِيندو
2.      لَڪئُون لنگهي ٿي اڳهُون عاشق، خواهش ڇڏ ٿيءُ خان
                                ڏات وڏي توکي ڏاتر ڏيندو
3.      نفس اَمارو اَٿئي احمق، ويري ڪر ويرانُ
                                نا ته نڀاڳو توکي نيندو
4.      ”خيرمحمد“ خيال ڪري ڏس، اعلى افضل آه ايمانُ
                                ٿوڀَ ٿڪن جي ٿاهر ٿيندو.

 

[701]

پَٽ نه ڪن پنهوار، سونهَن، لال لڱن سِر لويون
1.      جيئن هِت باغ باغيچا ماڙيون

تيئن هُت اوٽ اُتر ڪن واڙيون
        ويڙهيچا ولهار، اچن سنگسار سڱر مُٺ سويُون
2.      سُهڻا گُلَ گجن تي سرتيون

خوش وتن پنهنجي پيڪين پرتيون

چڱا چندن، هار، پائن پنهوار ڳچيءَ ڳل پويُون
3.      صلح صفائي آ سِيل سنگهارن

ڪٽ ڪنجهي کان آيل اباڻن
        دست دِلو اٿن دلدار، اچن  ڀري سِر آب جون اويُون
4.      کاجھ مارن جو کنڀيون آهي

ڏين ويڙهيچا وٽ وراهي
        لاڙي ڏؤنرن ڏار، کائن مُرٽ مکڻ سان موهيون
5.      ”خيرمحمد“ خوش ملان ماڙيچن

ورهيه ٿيا مون کي ڏٺي ويڙهيچن
        سانگي ميل ستار، وڃن داغ دلين تان ڌويُون

 

[702]

سَمُن تي سارنگ آيا هي، مجلس سڀ موجود مُهَيّا
1.      محفل سڀ مخمور شرابي، هر هڪ سّبد سڻايا هي
                        حق هويا، ڳيا شڪ شُبّهَيَا

2.      جُهڙ بادل مِل ڳاون منگل، رَعد ويکو رنگ لايا هي
                        ميگهه ملهار تي عجب گَوِيَا

3.      بجليان وه برساتان لايان، ٿا ٿا ناچ نچايا هي
                        تال تماشي ٿَيّا ٿَيّا

ٻولي پپيهل پرت پڪاران، چيهل چنگ وڄايا هي
                        واه ڪوئل دا رنگ رَسِيّا

5.      ”خيرمحمد“ خوش هر مظهر وچ، حُسن ويک هرجايا هي
                        رم رم دي وچ رهبر رَهِيا.

 

[703]

رب سڃاڻڻ سهنجو ٿِي

پاڻ پروڙڻ اَهنجو ٿِي
1.      دم دم دلبر وسي ٿو ويڙهي

وَنَحن اقرَبُ ساه ڪنون نيڙي

وچئون پردو پنهنجو ٿِي
2.      سمجهه سهي ڪرُ ”يَمشِي يَنطِقُ‘

پڙهه تون محبت وارو منطق

’يَسمَمُ يُبصِرُ‘ ڪنهن جو ٿِي
3.      تسبيحون تعال پڙهين ’هُو هُو‘

’اَلانسانُ سِرّي وَ اَنَاسِرُّه‘

فرق نه هڪ تِر تنهن جو ٿِي
4.      خوش ”خيرمحمد“ خيال وحدت وارو

جاڏي ڪاڏي نينهن نظارو

سارو طلسم تنهن جو ٿِي.

 

[704]

رند روز شب آهن سدا وحدت جي واديءَ ۾ غرق
        ڪوڙين ڪتابن جو پڙهين ته به آهه هِن هُن ۾ فرق
1.      تن کي نصيحت ڇا ڪندي، ڄاڻن ٿا هڪ نيڪي بدي
        هيءَ ڪا رسم آهي رندي، اصلؤن ملامت جن مرڪ
2.      ڪرين محتسب تون ڪيترو، عاشق کي وعظ ايترو
        ناهي تنهين تر جيترو، لعنت ۽ رحمت جو فرق
3.      آزاد ٿيا هن اجر کان، روزي نماز جي فڪر کان
        خوف ۽ رجا جي خطر کان، توحيدريءَ ڪن ڪل ترڪ
4.      عشق ڇا ڄاڻي ايمان مان، ڇا نفعي ڇا نقصان مان
        ڇا مسجد ۽ بتخان مان، ٿيو درس خاصي ۾ درڪ.

5.      گمراهه ڄاڻن غير آ، صوفيءَ جو سڀ ۾ سير آ
        آهي قسم ٻيو ڪير آ، سوليءَ چڙهي پڙهه هي سبق

6.      خوش خيرمحمد ڄاڻ تون، پنهنجو نه آڻج پاڻ تون
        صورت صفاتي سڃاڻ تون، پير مغان هادي آ حق.

 

[705]

طلب ساز طنبور ڪيون، ڀلي ٿين اڄ رقص رهاڻيون

1.      جوڙي ساز شروع ڪري طبلا، تڙي دوئيءَ کي دور ڪيون

نوان سَبد ٻڌاءِ ڪي ٻاڻيون

2.      حسن جي تجلين تابش ڪيڙي، سينو سارو ڪوهه طور ڪيون
                        ماسوالمحبوب جي کاڻيون
(1)

3.      بيخوديءَ جا نينهن نشا پِي، مست اکيون مخمور ڪيون
                        آيو عشق عقل کي اُماڻيون

4.      خيرمحمد خوش خيال ٻَڌو ٿي، هينئڙي حج حضور ڪيون
                        دمدم دوست جا درسن ماڻيون.

 

[706]

من موهيو تنهنجي تار ميان، مَ رسي منگتو

1.      گهر جيڪي گهرڻو هجيئي، موٽ نه مڱڻهار
                        لائي جيءَ سان جنگ تو

2.      راجا راءِ ڏياچ کي، تانَ لڳي تڪرار
                        چارڻ ڇوريو چنگ تو

3.      ڳڙهه پاسي ڳائيو، ٻيجل پڻ ٻيهار
                        وڌا دل کي ونگ تو

4.      ڪپي ڪلهن کان ڏنائين، ڀليءَ رين ڀتار
                        آهن راجا رنگ تو

موٽي ڪرايا مڱڻي، سازن کي سينگار
                        مچايا من ۾ مرڌنگ تو

خوش خيرمحمد ٿو گهري، مَئي ڪا مست پيا
                        آهن دستن دُنگ تو.

 

[707]

لکين پوشاڪان پهرين پيو

ته به عشق چوي ٿو يار اجهو
                عاشق توکان البت واقف

ڳوٺ ڳليءَ ۾ ناهي ڳجهو
        1.      مرسل کي معراج گهرايو

پرت منجهان پيغام منجو
                دوست پنهنجي کي درسن ڪاريو

2.      ڪالهه ڪالهوڻي ڏاڏي آدم کي

بهشت ڏئي ڪڍيو ڏجهو
                ڳالهه مڙيوئي ڳڙ ٿي پيئي

ٻولي ڳجهارت پاڻ ٻجهو
        3.      لايتحرڪ لاشڪ چيڙو

قصو انهيءَ جو ڪن ڪجو
                اهڙا ٿا عنوان ڏيو

ته به ماڻهو موڳا پون منجهو
        4.      خوش خيرمحمد خير گهري ٿو

وٿي تنهين کان ڪانه وجهو
                ظاهر باطن رنگ بيرنگي

حاضر منجهه هر حال هجو.

 

[708]

دوئيءَ بنا دل ڪاڏي ڪاهي

ڏانءَ سکج وٽان سالڪ ڏاهي
        1.      ساڻ دوئيءَ جي دوست ڏي هلبو

خيال پيادو روح سان پلبو
                وڃي حقيقت حال ۾ رلبو

اسم جسم کي ’لا‘ سين لاهي
        2.      ٿي هوشيار بيدار خوابون

هيءُ حباب آيو تنهن آبون
                رلمل ڪر منجهه ذات شتابون

بحر بقا جو برحق آهي
        3.      جنهن لاءِ زمين آسمان نهارين

تنهن سان پيو ٿو گڏ گذارين
                تو ۾ موهن تنهنجي پارين

ونحن اقرب ڏور سو ناهي
        4.      خيرمحمد خوش حسن جون هوليون

ڀاتو ڀات برهه جون ٻوليون
                سمجهه عاشق معشوق پروليون

پاڻ سڃاڻ ته هيءُ ڇند ڇاهي؟

 

[709]

دل لاجا حرف ڌري، ٿڙهه  برهه واري باب کؤن

1.      تون ته اصل کان عدم ناهين، ڀورا ڪهڙو ڀول ٿو ڀانئين
        پڇج پنڌ ڪري، ڪنهن عشق سندي ارباب کؤن
2.      ڇڏ هئڻ تون خود پرستي، پوءِ ماڻيندين حق جي هستي
        نڪر ناهه ڪري،  هن عالم جي اسباب کؤن
3.      ڳولي لهه تون پاڻ ۾ پنهنجو، نحن اقرب تو ۾ تنهنجو
        پرين ناهه پري، لنگهه هئڻ واري حجاب کؤن
4.      خيرمحمد خوش محبت من جي، ٻڌي آيو هاڪ حسن جي
        ڏس دلبر ديد ڪري، کڻ نيڻ ٻئي نقاب کؤن.

 

[710]

ساهڙ ريءَ منهنجي ڪانه سري

پير پرت ريءَ ڪير ڀري
        1.      لڳي اُتر پوي سيءُ سيارو

اوڇڻ عشق ريءَ ٻيو ڀانئن بارو

لڙ لهرون جتان ڪُن ڪري
                                گهور ڪيون سي گهيڙ گهري
        2.      رات اُونداهي مينهن وسن ٿا

گهمر گهيڙ جتي ديونسن ٿا

قدم دريا ۾ ڪير ڌري
                                سهڻيءَ ريٽ تِک ڪير تري
        3.      سرڪ ميهر جي ڪئي مستاني

دلبر دلڙي ڪيس ديواني

وس کان وئي سا ڪيئن وري
                                بيوس ڪئي آ ذوق ذري
        4.      خيرمحمد خوش خيال ملڻ جو

موج مستي مهراڻ گهڙڻ جو

ڇو ساهه سريءَ جو سانگ ڌري
                                مر ميهر سان پرت پري.

 

[711]

سڄو منڇر ملاحن جي مٿان، ڪيو سمي ڄام انعام
1.      سمي هئي صورت سجهندي، مورت واري مام
        صورت سڃاڻي ڪري، اچي ڪيائين هُل هنگام
2.      مهاڻيءَ جي من ۾، اِهو اصل کان هو الهام
        ڏسو نوريءَ ساڻ نگاه، جنهن کي ڪوڙين ڪن سلام
3.      گندرين جي گام ۾، ڏس چلي آيو ڄام
        ڪيو تماچيءَ تڪيو، منجهه مياڻيءَ مقام
4.      خيرمحمد خوش ڪيئي، سڄي سون مياڻي سرانجام
        جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهليو، سا مرڪي ڪيئن نه مدام.

 

[712]

ڪيچئون قصد ڪري آيو ٻاروچل

ڪاڻ ٻانڀڻ پنهل پيارو
1.      ٻين ليکي ٻانڀڻ ٻيٽي

هئي آرياڻيءَ جي اڳ ڏيٺي

ساٿ اُتاهون سنباهيو ٻاروچل
                                ورهن کان پوءِ آيو وڻجارو
2.      ڪل ته وچ جي پيم نه ڪائي

تان ڪا پنهل هيءَ پرکا پائي

ستي لوڪ سڏايو ٻاروچل
                                پوءِ ڀنڀور ۾ ڪيم بوهيارو
3.      مهڻا ڏيو ٿيون مون کي مڙيئي

سڻي رهجو ڳالهه سڀيئي

ڀينر ڪيئن ٿيون ڀانيون ٻاروچل
                                ڪانڌ ڪميني نه ڪندو ڪانيارو
4.      خوش خيرمحمد پئي پٺيءَ پنهل جي

جانب گڏيس منجهه جبل جي

ننگ پنهنجو اچي نباهيو ٻاروچل
                                ور مليس ته وريس وارو.

 

[713] سر سورٺ*

پَسي مُنہ روشن مهتاب، بيوس وئي دل وَنگجي
1.      محبت جي ميدان ۾ جنگجو ڪندا ڪي جواب
                                لکين سُورهه ويا سنگجي
2.      سينو ڪهڙو ساهيان هيئين ڪونه حساب
                                جاني جاءِ ناهين جنگ جي
3.      دوست پنهنجي دست ڪَئِي جا، ڇٽي ڪين شِباب
                                ٻاڻن سان دل وئي ٻنگجي
4.      ”خيرمحمد“ در محبوب جي ڪُسي ٿيءُ ڪَباب
                                لڪڻ کئون وئي لنگهجي.

 

[714] روپ ڏاکڻي

الله نال عاشق دَمُ جال ويندي

پهلا ٻول اَلستُ دا پال ويندي
        1.      ڪِنہِ سودي ڪيتي ڪِنہِ سَفر آون

سي ته ميل محبت دي مال ويندي

اُهي وڻجاري وحدت والي
                                ڪَرِ واحِدَ نال وصال ويندي
        2.      ڪر ذڪر ذاتي ٻَہَ فِڪر ڪرن

سي ته واهه عجائب چال ويندي

جِٿان طالب ٻَہَ توحيد ڪَرنِ
                                اُٿان چُڪُ تسبيان تال ويندي
        3.      گِهنُ رندُ آهي جڏان پنڌ پَون

ڪر نال نفي دي نِڪال ويندي

سَڀُ خيال خطر هِڪ ’لا‘ سيتي
                                سو ته ڳاهٽ دي وچ ڳال ويندي
        4.      نوبت مار ننگ نينہ والي

کيڏڪي درد ڌمال ويندي

اُهي هادي نال هِڪو هوئي
                                ٻوٽا ٻِيائي دي وَلِ ٻال ويندي.

 

 

 

عثمان فقير سانگي

عثمان فقير ولد خيرمحمد ذات سانگي، ويٺل ڳوٺ ڄامڙي سانگي تعلقو لاڙڪاڻو. سندس والد عالم هو، جنهن کيس چڱي تعليم ڏني. اهل الله درويش، سچو صوفي ۽ وڏو شاعر هو. خواجه صاحب عبدالحئي نقشبندي نوشهروفيروز واري جي توجهه سان برهه ۽ بيخودي عطا ٿيس. خواجه صاحب جي وفات کانپوءِ سندس پٽ شاهه نصيرالدين جي بيعت ڪيائين. فقير خيرمحمد هيسباڻي ۽ عثمان فقير سانگي پاڻ ۾ صحبتي هئا. عثمان فقير وڏو هو ۽ سن 1279هه ۾ وفات ڪيائين. فقير خيرمحمد سندس وفات تي دردانگيز ڪلام چيو ته:

عثمان عاشق آفرين پنهنجو جسم پروان ڪُيئي

طالبن جي طور ۾ نالو صحيح نيشان ڪُيئي

ان ڪلام جي هيٺئين مصرع مان معلوم ٿئي ٿو ته عثمان فقير جي وفات سندس جواني کانپوءِ جلد ئي ٿي:

تنهنجو درد دل خستي ڪئي، هر گز نه تو مستي ڪئي

ثابت ڪمر بستي ڪئي، سُرهو مري مدان ڪُيئي
        عثمان فقير سنڌي ۽ سرائيڪي ۾ ڪافيون چيون جيڪي حال توڙي قال جي لحاظ سان معياري آهن. سندس گهڻا ڪي ڪلام اسان جي نظر مان گذريا آهن ۽ ڪي تازو هڪ ننڍڙي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيا آهن.
(1)

[715]

ڏاڍو برهه بڇايو ٿِي، سُڌ نه سورن جي ڪل مانکي

1.      تاڪُون مان تاراج ڦران ٿي،جاڪُون جادو لايو ٿِي
2.      ٻنگي ٻاڻ هڻي وئين ويتر، ٻولي ڪين ٻڌايو ٿِي
3.      سوگهو ساهه نَئي ڪِيئُي سانڍي لالڻ ڪيئن نه لڪايو ٿِي
4.      اچي عثمان سان ڪري عنايت، پيچ پرت جو پايو ٿِي.

 

[716]

توڙي لکين لڱا لوڌارين ٿو

ته به آءُ ته تنهنجي ڳچيءَ ڳل آهيان
1.      ليئڙو پائي پاڻ ڇپائي وئين، موهن منهن نه ڏيکارين ٿو
                        تنهنجي ٻاڻ حسن جي ٻڌل آهيان
2.      لعلڻ توکي لائق ناهي، نيڻ کڻي نه نهارين ٿو
                        تنهنجي وَل ڇَل جي ورتل آهيان
3.      سُهڻل تو لئي سَوَ سِڪن ٿا، مشتاقن کي مارين ٿو
                        هتي هيڻي آءُ هيڪل آهيان
4.      آهي ”عثمان“ اصل کان اوهان جو، مارين توڙي جيارين ٿو
                        آءُ ته ليکي اوهان جي لکيل آهيان.

 

[717]

اکڙيون عُزَم ايڏو ڪري، دلڙيون ڦاسائن دام ۾

ديدان ڪنهين دستور سان، موهيو وڃن هڪ مام ۾

1.      اکڙين پاتو قهري ڪجل، دل ۾ اٿن خوني خلل
        جئن ٿو وڙهي ملهه ساڻ مَلهه، گڏجي اچن هڪ گام ۾
2.      اکڙيون سڄڻ تنهنجون مارڻيون، ڌاڙي خاطر تو ڌارڙيون
        وجهي پيچ زلفن ڳارڙيون، هَنُيون وڃن حُڪام ۾
3.      نينان نسوري نُور ۾، پُر ٿيون وتن سِڪ سُور ۾
        گهايون حسن جي گهور ۾، آرام بي آرام ۾
4.      ”عثمان“ تي اکڙيون ائين، بَحري ڪري جذبو جئين
        ڏئي تاب تابش جو تئين، جهڙپي وٺن هڪ جهام ۾ (1).

 

[718]

حسن جنگ جا هزار زخم ها ته ها ته ها
        سيني تي عاشقن جي لڳا ٺا ته ٺا ته ٺا
1.      ڇنڀڻ ڇوهه کان اکين ڇِرا ڇلڪ ٿي ڇُٽا
        ڌُو ڌُو جي ڌڪ لڳا ته ٿيا گها ته گها ته گها
2.      ڏنگا ڏور نا رهن، جاڙا جنگ کان جدا
        ابروءِ مثل تيغ وهيا ڪات ڪات ڪا
3.      زلف زور سان زنجير وجهن ڪنڌ ۾ ڪمند
        واسينگ جان ونگن وجهي وات وات وا
4.      ”عثمان“ روز عاشق اڏيءَ تي اچي اهي
        جي مانجهي ’موتوا‘ ميدان ۾ ٿيا مات مات ما.

 

[719]

درد دکايا دونهان، سيڪ ڏيئي دلڙي سُورن ساڙي

1.      ڏکن ڏني آ ڏاڍي ڏيکاري، سور ٿيا اچي سونهان
                عشق لڳو تڏهن ٿيس اگهاڙي

2.      اکين تنهنجن ۾ آتش ڏاڍي، ڪن ٿيون ڦٽ ڦلوهان
                اچي ته اچانڪ آڙهه آڙي

3.      اڄ ته مون وٽ يار به ايندو، ويهي ڪنديس وِرونهان
                الله ڪندو اهو ڏينهن ڏهاڙي

4.      آهي ”عثمان“ کي باهه برهه جي، لهس ڏئي ٿي لُوهان
                اُلا ٿا اچن جيئن ٻرندي اُماڙي.

[720]

برهه بنائي بازي، آزي عشق ڪرائي ٿو

1.      عابد عارف عشق ڀُلائي، شاهه گداگر شير نمائي
        ترت تَنهين سان تازي، آزي عشق ڪرائي ٿو
2.      عشق اچي جت کيما کوڙي، دين ڪفر جا ٽڳا ٽوڙي
        ملان هجي توڙي قاضي، آزي عشق ڪرائي ٿو
3.      اونهون پنڌ الله جو آهي، ڪامل ويندا ڪي اُت ڪاهي
        ’قبل‘ ناهي جت ’ماضي‘، آزي عشق ڪرائي ٿو
4.      سر ”عثمان“ هاديءَ تان گهوري، آءُ نه پڄان تنهنجي هڪڙي ٿوري
        رمز ڏٺي دل راضي، آزي عشق ڪرائي ٿو.

 

[721]

سانُون لڳ ڳئي بي اختيار وي، سيني وچ نه سمائي هي
                ڏاڍي عشق آتش لائِي هي

1.      عشق اَويڙا ٻهڻ نه ڏيندا، ٿي گداگر گشت ڪريندا
                ڳلي ڳلي چا گهمائِي هي

2.      عشق جو آندا مئن سِر چائِي، شرم حيا پهلي سَٽ وڃائي
                چُم ملامت چائِي هي

3.      هُل هلان ڪر عشق جو آيا، محبت ڏاڍا مچ مچايا
                ٿا ٿا ناچ نچائِي هي

4.      عشق دي آتش اها ”عثمانا“، لنگهه ويندي هي لامڪانا
                عرش ڪنون چا آئِي هي.

 

 

[722]

سور سڄڻ جي ڏنا مون کي سيڪ

بره جون باتيون اپر انيڪ
1.      باه بره جي ۾ جيڪو ئي پوندو

ڪفر جا ڪلما پاڻهي ئي چوندو

پڙهيل هجي توڙي نيڪ
2.      باه بره جي جيهي نه تيهي

تنهن ۾ رهندا عاشق ريهي

تَوَ هجن توڙي تيک
3.      ڇاتيءَ ۾ جڏهن پاتَم جهاتي

سِر تي آڙهِي وئي ’لا‘ جي ڪاتي

’لا‘ جي پڙهي سي لبيڪ
4.      اهي ”عثمانا“ انهن جون اوڄان

سر عشاق حسن جون فوجان

هڪ رهي وڃي هيڪ.

 

[723]

ڪَههُ تون ڪانگ ڪلامان، آهين تون جيءَ جو جياپو
                        مٺڙيون مٺڙيون تنهنجون مامان

1.      ڪانگ! جدائي آءُ نه سهان ٿي

رمز انهيءَ کؤن آءُ نه رهان ٿي
                دم جدا نه جيان مان، دونهان درد دکن ٿا

2.      ڪانگ! اچڻ جي هَنِ ڪا تياري

آءُ تني جي محبت ماري
                سوزن منجهه سڙان مان، باهه برهه جي ٿي ڀڙڪي
                        کوري ۾ عسق جي کامان
        3.      جي تون ڪانگل ائين او ڏاهون

ڪيئه ڪي عجيبن سان منهنجڙيون آهون

اهي سي ٻول ٻڌان مان، ڳجهڙيون ڳجهڙيون سي ڳالهيون    

ڪنديس سڄڻن سامهان

4.      ڪانگ! اسان سان ڪڏهن ٿيندو ميلو

اچي ”عثمان“ چئي سڄڻ سويلو
                ڪل ڏيو اوهين ڪا مان، گولڙي ٿي ته گذاريان
                        گڏ هجان سانئڻ سان مان.

 

[724]

ڪيئن نه وڃان ٿيان ڪوڙي

ٻولَ ٻڌا هُيم ور ساڻ ويهي
1.      جبل جهاڳينديس جوش منجهارون، جيئن ته وڃي واچُوڙِي
                تڪڙي وينديس تن ڏي تيهي

2.      وؤڙي لهنديس ور پنهنجي کي، پنهل اهي منهنجي مُوڙي (1)

ڪنديس ڪشالا پٿر ۾ پيهي

3.      هنڌ پٿراڻيون طول وهاڻا، ڌريا رهيا منجهه ڌُوڙِي
                ڏيهه تني جي وڃي ٿينديس ڏيهي

4.      آهي ”عثمان“ اهي ڳالهڙي، پاڙيچن نه پروڙي
                سُڌ سرتين کي آهي ڪَل ڪيهي.

 

[725]

بيرنگ برهه بيان، اونهو بحر عشق جو آهي

1.      گهير عشق ۾ گهرندا عاشق، توڪل ترهو ثمر تنهين سڪ
        سر ڏئي ٿيا سلطان، لاڳاپا سڀ لوڪ جا لاهي
2.      گُم غواصي ٿيا خود گهاتيون، برهه پڙهايون جن کي باتيون  ڪَلَ ٻين کي ڪانه، ساري سُڌِ عوشاقن آهي
3.      جِن مَلڪ جي جاءِ نه جاٿي، طالب تڪيا ڪن ٿا تاٿي
        اُنهيءَ جوءِ جوان، ڪامل ڪوپا ايندا ڪاهي
4.      بيرنگ جو آهي رنگ اهو ئي، پاڻ سڃاڻي ڄاڻي سوئي
        انهيءَ کي ”عثمان“، سالڪ سمجهن سٿرو ناهي.

 

[726]

ڏاڍا لِڪڙا ڪِيتُئي لِيئي پاوڻ دا

ڪيها غرض پِيُئي اِٿ آوڻ دا

1.      ڪُن فيڪون اِيوين فرمايئي، عرش زمان ڪُون جوڙ بنايئي
        هر جاءِ اپڻا حڪم هلايئي، بره نه ٿيئي جڏان دي چاوڻ دا
2.      آدم دا اول باب نه مائي، بيبي حوا ڪَهه ڪيڏون آئي
        وِچون بهشتان ول آپ لوڌايئي، عذر ڪيتئي داڻي کاوڻ دا
3.      جيوين منصور ڪون سُولي چڙهايئي، شمس الحق دي کَل کَلايئي
        ذڪريا نال ڪرٽ چيرايئي، سرمد سيس ڪپاوڻ دا
4.      ڪيهي ڪيهي ڪام ڪريندئين، انت ڪسي دي وچ نه آندئين

عاشق شُدي مار گنوئيندئين، خاڪي دي سر کپاوڻ دا
5.      اِهي ”عثمان“ سهڻي ديان چالين، وفي انفسڪم ڳُجهيان ڳالهين
        وَنَحنُ اَقرَب وچ وصالين، اَلانِسَان الاوڻ دا.

 

[727]

خيال کي سمجهي خدا، دم اعتبار ۾ آيو آهي

خيال سُڃاڻن غوريا غازي، سر ڏئي سمجهن ساري بازي
        فڪر ۾ رهن فدا، پاڻ ۾ پُرجهي جن پايو آهي
2.      خيال کي خيال سڃاڻي سارو، ظاهر باطن هڪ نظارو
        ٿيڙن غير جدا، جن گيت انالحق ڳايو آهي
3.      پيرِ مغان جي پُرجهي ٻولي، ڳالهه ڳُجهي تن آهي ڳولي
        جن اهي ٻول ٻڌا، لاڳ عشق تن لايو آهي
4.      خيال جو انت نه ڪو ”عثمانا“، بي مثل بيچون بيانا
        ٿي ڏس محو مدعا، وحدت ڪثرت ڪايو آهي.

 

رسم لغاري

رستم پٽ نبي بخش علياڻي لغاري تعلقي شهدادڪوٽ (تعلقيو ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو) ۾ رهيو. قرآن شريف پڙهيل هو، چڱن جو صحبتي هو. عثمان فقير سانگي جي صحبت ۾ نوشهري فيروز ويو ۽ شاهه نصيرالدين جو مريد ٿيو.ستار تي ڳائيندو هو. اندازاً سن 1900ع کان ڪجهه اڳ وفات ڪيائين.

[728]

آ مِل محرم يار، مندڙي ملڻ دي آئي هي

تيڏي برهه ڪيتا بيمار

1.      مود ملڻ دي ساک سَڻائي، آ مِل سهڻا ڇوڙ جدائي
        سدا ڦِردا ساهه سودائي، وسر ڳيا ڪم ڪار
2.      رُت سانوڻ دي ميگهه ملاران، مُند ڦري پئي موڙ مهاران
        رنگ رنگيني گل اناران، ڀونئرا لائي ڀڻڪار
3.      ڄالِين پِيلُون موتي داڻي، انب کجوران سرخ ساماڻي
        سبز کڙي سڀ ٻوٽي ڪُماڻي، تيڏي لائي هي برهه بهار
4.      عشق اندر وچ اَنبهه ڪيتا، روح رستم لايا پرت پليتا
        هوش عقل سڀ بِرهي نيتا، ديدان دي ديدار،

 

[729]

ڀُل نه ڪنهين ڀول، جو تو ۾ ڪو ڳجهه ڳالهه جو آهي

1.      دوئي دليلان ٻوڙ ٻيائي، حاصل ٿئي تڏ حق هيڪڙائي
        ورق وصال جا کول، توڪل ڪر تون پڄندي ڪاهي
2.      پنڌ پري جا تون نه پڇائج، جهاتي ۾ وجهي جهاتي پائج
        ڳوٺ پنهنجي ۾ ڳول، جي پاڻ سڃاڻين ته پري پنڌ ناهي
3.      روح رستم رک هُو حق ٻولي، شوق شهود جي ڪاڪَل کولي
        ساڻ فڪر جي ڦول، جو ’ونحن اقرب‘ ڏنو ڏس ڏاهي.

 

[730]

ڪنهن کي ڏينديس دانهن درد جي، عشق ڪيا اٿم اهڙا حال

عشق ڪيا اٿم اهڙا حال، توري جانب جيڻ جنجال
1.      پل پل پور وڃن ٿا پيلُيون، جيءَ ۾ جوش پون ٿا جال
2.      وِرِهه وڪوڙي آهيان، دل ۾ لائي آ درد ڌمال
3.      راتيان ڏينهان روح ”رستم“ جي، آهن تنهنجا خواب خيال.

 

[731]

سالڪ صَحيُون سڃاڻن، صفت وچون ڪا ذات

1.      اصلي احد احمد بن آيا، عابد ٿي ول عبد سڏايا
        ’الانساني‘ برقعا پايا، ڪر عاشق اثبات
2.      اصل عشق دا ايهو رايا، ”ڪُن فَيَڪُون‘ ايوين فرمايا
        ذاتي ذوق ظهورا لايا، لوح لکيا قلمات
3.      دستئون پير مغان مئي پِيوَن، کا خودي خود آپي ٿيوَن
        ’مُوتُواقبلل‘ مَر وَل جيوَن، رهن هميش حيات
4.      ”رستم“ عشق ڳليان سڀ مَل ڳيا، رهه قلندر وڄ ڪَلڪَل ڳيا
        قطرا قلزم دي وچ رَل ڳيا، هو ڳئي چپ چپات.

 

 


 


* [666] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي ڏيڍي جو عنوان ڏنو آهي.

* [667] سيد فاضل شاه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي. ساڳي ڪافي پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪلب ۾ پڻ شامل آهي.

* [668] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [669] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي مُقفى“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [670] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [671] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

(1) (1) اصل ذوحالي.

* [672] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [673] ”ڪليات امين“ سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع.

* [674] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ سان هن کي ’ڪافي يڪي‘ جو عنوان ڏنو آهي.

* [675] ۽ 676] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هنن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [677] ۽ [678] نصرپور جي سيد قادر ڏني شاهه جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* * تفصيل لاءِ ڏسو ”مقدمہ ديوان فاضل“، ماستر محمد صديق گلاب خان (مسافر)، حيدرآباد، 1356هه/1937ع.

* * تفصيل لاءِ ڏسو ”ديوان فاضل“، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، 1356هه/1937ع.

* [680] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [681] ۽ 682] سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [683] سيد فاصل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

* [685] کان [689] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪافين جي بياض تان ورتل.

* [690] ۽ [691] پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي چوپڙيءَ تان ورتل.

* [692] ۽ [693] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪلام خوش خيرمحمد هيسباڻي“، سنڌي ادبي بورڊ، 1982ع ۽ ”سماهي مهراڻ-سنواح نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص ص 301-303.

* [699] سيد فاضل شاهه هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

1. ڪلام خوش خيرمحمد هيسباڻي جي پڙهڻي:

                        جِن ملائڪ حوران پريون

4. هيءَ مصرع فاضل شاهه واري ڪتاب ۾ ناهي.

* [700] سيد فاضل شاهه هن کي ”ڪافي ڏيڍي“ جو عنوان ڏنو آهي.

1. ڪلام خوش خيرمحمد هيسباڻي جي پڙهڻي؛

                        هستي هئڻ دور ڪري ڇڏ، نفس ڪهي نادان

                                    تڏهن پرو ڪو پوندو

            2. لا لنگهي ٿج اڳاهون، خواهش ڇڏي خان

                                    پنڌ اهوئي وڃ پچندو

            4. خيرمحمد خوش خيال سان، ڪري عشق ايمان

                                    ڏيهه اِهو هلي ڏسندو

پڻ هڪ وڌيڪ مصرع شامل؛

            جيسين ڏسندو ڏيکيل کي، هوندو منجهه گمان

(1) (1) العشق نارُ يتحرق ماسوالمحبوب = عشق جي باهه محبوب کانسواءِ سڀ ڪجهه سآڙي ڇڏي ٿي.

* [713] ۽ [714] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪافين جي بياض تان ورتل.

(1) (1) ڏسو ”فقير عثمان سانگي جو ڪلام“، گڏ ڪندڙ ميمڻ عبدالغفور سنڌي، شڪارپور 1983ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org