نظر علي
فقير نظر علي، ڪنڊڙي وارن درويشن مان هو، سندس ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.
[87]
روپ پرڀاتي*
جن لئي ٿي جاڳان، اُهي شال ايندا
مبارڪ مڙيئي ڏسڻ ساڻ ڏيندا
1.
جن لاءِ جيءَ ۾ ٿي جايون سنواريان
اڱڻ کي اکين سان ٿي ٻيهر ٻهاريان
ڏسي حال منهنجو آهي نال نيندا
2.
اٿم جي اُميدان پڄائيندو مون پرور
ڪندو ماڙ مرسل سچو سيد سرور
3.
وڏا وِيرَ وحدت جا وارث وسيلا
مٿي مِهر موليٰ رضا ۾ رسيلا
وڏي قرب ڪامل ڇُنيون نا ڇڏيندا
4. ”نظر علي“ نهايت سندو ناز نيڻن
هجن جي هميشه سدا ساز سيڻن
ڊَٺي دل کي جاني اَچڻ سان اَڏيندا.
دريا خان زنگيجو
فقير دريا خان روحل فقير جو پٽ ۽ سجاده نشين ٿيو. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾
ڪافيون چيائين، جيڪي سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيون. مختلف
قلمي نسخن ۾ سندس 37 ڪافيون ڏٺيون ويون، جن مان ڪي
نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون.
[88]
روپ سسئي*
جوڳي جيءَ جڙ لائي ويا، تن جا مارين ٿا هنڌ ماڳ مڙهيون
1.
سامي سفر هليا، آهي پورڀ پنڌ پڇائي ويا
ٻنڌي ڪمر ڪُلابا ڪش ڪڙيون
.2
لاڳاپا هن لوڪ جا، اُهي لاهوتي سڀ لاهي ويا
ڏئي ترڪ طمع کي ويا تڙيون
3.
تال طنبورا سُر ڪري، اُهي روح ۾ رمز رهائي ويا
مون کي گهارڻ آيون هت گهڙيون
4. ”دريا
خان“ سڱيون سيل جون، اهي ويهي وِير وڄائي ويا
مَن ٻاجهه پوي تن ڪاپڙيون.
[89]
روپ آسا
پُڇو پُڇو حال ٺڙي، سامي دا سَئيان
جهنگ پُڇيندا آندا، ميري مَن ڀاوندا
تــخت هزاري دا جوڳي آيا
تين وَت ڪيها ڪيها بيک بنايا
ويکو عجب خيال ڙي، سامي دا سئيان
وَنجهُلي وڄاندا، ڳاندا چيٽڪ لاوندا
2.
عـــجب عــجائق ويـــس ڪــريندا
مـــوهــن مُرلي دي نــال مــريندا
سُڻ ڌُڻ ٿَيان سچال ڙي، سامي دا سئيان
چشمان چاندا، ڪيهان رمزان رلاوندا
3.
اِهين جوڳي دي نال مئن جوڳڻ ٿـيسان
ڳــــل وچ خـرقا خاڪي مئن پئسان
برهه تهيندا برحال ڙي، سامي دا سئيان
لئون جو لاندا، جاندا پيچڙا پاوندا
4. ”دريـــا خان“ دلبر دل وچ وسدا
مــاهي مـــليا کيڙا نَسدا
ڪيتا نينہ نهال ڙي، سامي داسئيان
پؤپؤ پاندا چاندا اڱڻ سُهاوَندا.
[90]
گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ آءٌ ٿيان گهور
ناتي لائڻ سان، نينهن نڀائڻ سان
.1
اکڙيون اَڙائي وڌءِ ڦاسائي، جهڪڻ لائي جهور،
*
چشمن چائڻ سان، وري واجهائڻ سان
من اسان جو مست ڪيو آهه، ٽلڻ تنهنجي ٽور
قدم اُٺائڻ سان، وکڙي وڌائڻ سان
ٿورو ڪري اچ پير ڀري سائين، اور اچي ڪا گڏ اور
کلڻ ڳالهائڻ سان، ٻولن ٻڌائڻ سان
دوست ”دريا خان“ جي دلڙي لُٽي آهه، مرڪڻ تنهنجي مور
حڪم هلائڻ سان، ماري مڃائڻ سان
[91]
روپ بلاولي*
واهه، بازيگر تيري بازي، ڇُپ اولي آدم سازي
1.
يونس پيٽ مڇيءَ دي پايئي، نوح نبي طوفان چڙهايئي
مُلا هو منصور مرايئي، ٿي قضا تي قاضي
2.
حاڪم ٿي ڪِٿ حڪم هَليندا، ڪٿ گداگر ٿي گذاريندا
ڪٿ سورهه ٿي مَلڪ سڏيندا، ڪٿ تيغ بهادر غازي
3.
سَئين مذهب سَير سَڏيندا، اَنت قصي دي وچ نهين آوندا
ڪٿ شيعا ڪٿ سني سڏيندا، ڪٿ روزيدار نمازي
4.
ڪٿ سناسي نام سڏيندا، تلڪ مٿي ڳَل جڻيو پَئيندا
5. ”دريا خان“ دعويٰ دور ڪتوسي، آمرُ علي ارشاد ٿيوسي
پَههُ نه ول ڪو ٻيا پُڇوسي، رمز اِهين وچ راضي
[92]
روپ بلاولي
هر مظهر وچ وَسدي هو آپ، رنگپور دي وچ مار ڪي نعرا
1. ”ڪُن“ وچون ”فَيڪُون“ ٿي آيا
آوڻ نال ڪِها رنگ لايا
بار برهه دا مئن سِر چايا
ڏيئي رمزان کَسدي هو آپ، عشق دا پَٿر يوئي پاڻ پَسرا
منصور معراج سُولي تي ڪيتا
وحدت جام شهادت پيتا
بيشڪ عشق آهين ڪو نيتا
ڏَس انالحق ڏَسدي هو آپ، مُلا هو ڦِري ڪيتو ئي مارا
سِر عُشاقان حڪم هلايوئي
شيخ عطار دا ڪنڌ ڪپايوئي
شمس الحق دي کَل کَلايوئي
پِرت اُنهان“ دي پَسدي هو آپ، قم بِاذ نِي دا ڪرڪي اشارا
4. ”دريا خان“ عشق اسان ول آيا
سو مئن چُم اکئين سِر چايا
آيا وَلدا نهين ولايا
رمز اِنهين ڪونه رَسدي هو آپ، لاشڪ آيا آساڏا وارا.
[93]
روپ بلاولي*
ڇم ڇم ڇيريين ”دا ڇِمڪار، تيڏي عشق نچايا يار
عشق تيڏا مَين پايا جهولي، ڳل پيشوازان نٿ نا بُولي
ڳَلي ڳَلي وچ ٿيسان ڳولي، ٿِي ڦِرسان ڦيريدار
2.
مَين گهر آوين ٿيوان گهولي، ڦُندي مُول نه ماوان چولي
لهن رقيبان دي رڳڙي رولي، آ ته ڪَروُن ڳالهين چار
3.
تيڏي ڪارڻ سهڻا سانيان، در در ڦِردي فالان ”پايان“
ٻانڀڻ جوسي روز پڇايان، آسي ڪهڙي وار
4. ”دريا خان“ يار ٿيا وڃ ياڪي، ڪا جا لهڻي آهس باقي
ڊِٺي پَئي ول لهان عشاقي، ڏي دارون ديدار.
[94]
روپ بلاولي
عشق آيو ڪري هُل هنگام
جيءَ اندر ۾ جوش جڳايا
جهاتي ۾ جڏهن پايم جهاتي
عشق تڏهن اچي ڪئي اثباتي
اڳيئون محبوبن جي ڪنڌ ڪاتي
مُوتُوا“ واري پرجهي مام
”لا“ سي لوڙيا سڀ لَهايا
2.
ناز وارن جي نازن ماريا
عاشق ووءِ ووءِ ڪن ويچارا
بيشڪ تن جا سخن سچارا
آڻي اڙايا دُرس جي دام
ڏاڍي فِڪل ڪنهن ڦَند ڦَسايا
3.
عشق وارن کي ٻيو ڇا ڄاڻي
بن محبوبان ڪير سڃاڻي
مُلهه خريد ٿيا بي زور ناڻي
سڀ ڇڏيائون ننگ ئي نام
سخن سچن جا ٿيا سجايا
”دريا خان“ عشق اندر جن آهي
لهندا لوڪ لاڳاپا لاهي
ڇا مجال ڪنهن ٻئي جي ناهي
حُسن اڳيئون جو هڻندو هام
عشقبازن اُتي سِر اَگهايا.
[95]
روپ بروو
ميخاني وچ مليا يار، وڃڻ مَسيتن ڪيها مقصد
هٿئون هادي جام پيتوسي، ڪُهنا ڪيف ڪَلال ڏتوسي
تهين دي خاص خمار، تالان ڪيتوسي تسبيح تهجد
2.
مُک محراب سڄڻ دي صورت، بيرنگي موهيا موهن مورت
بتخاني ڪنون ٿي بيزار، مَن مڪان ٿيوسي مسجد
3.
ميخاني وچ مست ٿيوسي، سجد سجائد ڀُل ڳيوسي
آپ اتي آيا اعتبار، ورد وظيفي ٿيوسي سڀ رد
4. ”دريا خان“ آپ وچون نه آڻين، حق سڃاڻي غير نه آڻين
کول اکين تان هُيئين اظهار، الله مرشد هڪائي هي حد.
[96]
روپ بروو
عشق هويا فرهاد، ”مئن“ دا ٽَڪر ٽُڪيندا
طلب دا تيشا هٿ ڪريندا، اول ماري ڪل مار چَوَيندا
پِڇي ڪريندا شاد، هستي هووڻ مار هَٽيندا
2.
جوڙ جسم دِي سڀ ڊهيندا، هستي دي بندڙي زور بڻيندا
بِره ڪيتي برباد، پاڙون پهاڙ پَٽيندا
3.
اجھ اسانون سُڻوڙي سَيان، بره بَردان ڀاڱي پَئيان
عشق ڪيتا امداد، عامي انگ مَٽيندا
4. ”دريا خان“ اپڻا آپ نه ڄاڻين، ظاهر باطن ذات سڃاڻين
آپ رکين آزاد، اِي سِر غازي گوءِ سَٽيندا
[97]
روپ جوڳ
جيءُ جنين لئي جوڳي ٿيڙو
ســـانــگ وريا ٿم سيئي
عمر آپر عاجز آهيان، ڏک وڃايم ڏيهي
سرتين کي وڃي سور چوان، هُت چنبا چنبن ڏيئي
2.
روح ريجهنديون ڳالهيون ڪريان، ويڙهيچن سان ويهي
کُهه کنڊن جا کائڻ مون کي، وَه ڏونرا سي ڏيهي
3.
سهي غلام علي جو سڏايم، نينہ لايو تي نيهي
هادي مرشد حق حقاني، رمز هِڪي دل ريهي
4. ”دريا خان“ دلبر دل ۾ دائم، پاڻ پسج تون پيهي
هــادي وارو حـــال اسان تي، جيهي آهيان تيهي.
[98]
روپ جوڳ
ونهيان وس وري، آيم لوءِ لڏي
آيم خبر کري، نيندم سانگ سڏي
خواب خيال سدا ماروئڙن جا من
۾
پلپل پور پون طرحين طرحين تن ۾
آيم خبر کري، نيندم سانگ سڏي
2.
ڏيهه ڏورانهون آهي ڏوٿي ڏور رهيا
ڪڍ بندياڻي بند مؤن اَجڙوال اِها
پَهُن ۾ جا پَري، ڪندا گڏ گڏي
3.
قيدئون ڪڍ ميان عمر، آءُ وري وطن وڃان
ميڙائي جي مون کي آهي اميد اڃان
وڃان وطن وري، ماڙيون محل ڇڏي
4. ”دريا خان“ ڏوري ڏسان آهي سانگ سَڪا
کُهه کنڊن جا کائڻ ورسي پيرون پَڪا
ســـوئي سَڱر سَري، کِيان تن جي تڏي.
[99]
روپ ڪسوري
هر مظهر وچ عاشق يارو، سارا سير ڪريندي وهوار
اَلانسان لِباس اِهين وچ، طرحين
پوش پهريندي وهوار
ڪڏهان وچ مسجد ڪڏهان پتخاني
جڻيو تلڪ لڳندي وهواه
هوڪا مار اناالحق والا
سُولي قدم ڏريندي وهواه
2.
ڪٿان بيراڳي ڀَسمي لَئيندي
انگ ڀڀوت رَهيندي وهواه
ڪڏهان وچ مست رهن ميخاني
سِر سُجان ڌَريندي وهواه،
3. ”دريا خان“ عاشق ڳالهه اِهين وچ
”مُوتوا“ ٿي مَر جِيندي وهواه
لٿڙي هَول حساب حشر دي
ڪيهي قرض ڀريندي وهوا،
[100]
سر مارئي
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه، مون کي تن ماووئڙن جي
ماروئڙن جي سانگيڙن جي
ٻَنِ عمرَ تنهنجا ماڙيون ۽ بنگلا
کُهه ڪنگڻ ڪٺمال
2.
پٽ پهرينديس ڪينڪي عمرَ
وَر لوئيءَ سان لال
3.
آءُ ڏهاڳڻ جن ريءَ هتڙي
خوش وسن سي شال
4. ”دريا خان“ ماروئڙن ريءَ هِتڙي
هئي هئي ههڙا حال.
محمد حسن
فقير محمد حسن جو سلسلو به ڪنڊڙي وارن فقيرن سان ملي ٿو. سندس
ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.
[101]
روپ بروو
دلدار ڏي دلاسا، دلبر آهان ديواني
1. چڙهي شوق
وچون شڪاري، ماريوني ڪانُ ڪاري
دلڙي
ڦَٽِي ويچاري، هئي هئي ٿَئِي هان حيراني
2.
نيڻان دِي فوج ڇَٽڪَي، مزگان دي ويک ڪَٽڪِي
هٽ
ڪي نه مول هَٽڪي، اِيها رضا رباني
3. رو
رو پُڇان مئن راهان، نِت نِت ڪران نگاهان
ٻاليَئي بِره جان باهان، جيءُ جَل رهيا وي جاني
4. ”محمد
حسن“ مدامي، در تيڏي دا سلامي
دعوى
رکي غلامي، ڪر محب مهرباني.
[87] ڊاڪٽر بلوچ جي
قلمي ذخيري تان ورتل
[88] کان [90] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل
[91] ۽ [92] پوڪرداس
جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل
[93] کان ]99] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.
|