سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :15

 

شيرمحمد خان

شيرمحمد خان ولد نواب قادر بخش خان به تاجپور جي لغاري گهراڻي جو فرزند هو. ويهين صدي جي پهرين چوٿائي 1915هه/1135ع ڌاري ٿي گذريو. فارسي خواندو ۽ علم دوست هو. سندس ڪلام هن طرح آهي (1)

[537]

تنهنجي تعريف ۽ بيان، ڇا ڪندو انسان ساري

1.      ذات پنهنجي ڪونه ڄاڻي، ڪونه سجهي اِنس وجان
        ”قل هو الله احدالله“ پنهنجو ڪيئي پاڻهي بيان
                                سا صفت سرور سِڌاري
2.      بي مثل بيچون آهين مالڪِ هر دوجهان
        ڪل تي قادر آهين خالق، تنهنجو ڇا شرح بيان
                                آهي بيحد بار باري
3.      منجهه مداين عمر ساري، سڀ گذاريم بيگمان
        معاف ڪر سڀ مون کي مالڪ، صدقي ڪلمي ۽ قرآن
                                ٿو ڪريان نِت زار زاري
4.      ”شير محمد“ کي محمد جي محابي ساڻ مان
        دؤر دنيا ۽ بقا ۾ شال رک ايمان ساڻ
                                ڏي ڪا مهدي جي ڏيکاري

 

 

 

 

 

 

نواب گدا علي خان

نواب گدا علي خان ولد محمد خان، ثاني ولد نواب غلام محمد خان تاجپوري فقيري ۽ تصور ڏي مائل هو، سنڌي شعر چيائين ۽ اڻٽيهن ورهين جي ڄمار ۾ 1344هه/1925ع ڌاري پنهنجي والد کان اڳ وفات ڪيائين. سندس ڪي ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون (1)

 

[538]

محبوب جي شَبيہ جو مٽ ماهتاب ناهي

جلوي جمال جو مٽ هي آفتاب ناهي

1.      رخسار رمز واڌو نرمل نجيب جي
        ڪاتب لکي ڇا سگهندو، تنهن جو حساب ناهي
2.      اَبرن جي ڏسي سونهن ٿيا هڪدم حريف حيران
        ڏسن جي محمدي رخ، تن تي عتاب ناهي
3.      خوشبو دهن جي خاصي زياده گهڻي عنبر کان
        مٽ بوءِ تنهن دهن جي عطر ۽ گلاب ناهي
4.      سڪ ختم النبي جي رک تون ”گدا علي“ مدام
        مسند نشين جنهن جو شہ بوتراب آهي.

 

[539]

يار سڄڻ سان منهنجون وو، آهن ٻولُون ٻانهپ واريون

پنهل ايندم، ڪرم ڪريندم، سڀئي ٿينديون مون سهنجون وو
                ٿينديون قلب اندر گلزاريون

جبل جهاڳي ملڪ وؤڙينديس، واٽون ڳولينديس تنهنجون وو
                جنهن جون مُلڪين پيون ته پچارون

محب وٺي ويا ڏيئي جدائي، واٽون لنگهي سڀ اهنجون وو
                ڪنديس ڪيچ ڌڻين پوئواريون

گدا علي“ جي لڙهه آءُ لڳيس، ڪڍنديس ڪاڻون ڪنهن جون وو
                اچي مون ڏيندا دلداريون.

 

 

 

نواب علي احمد خان

نواب حاجي فتح محمد تاجپوري جو پٽ هو 260 ربيع الاول 1299هه ۾ ڄائو. وڏي ڀاءُ فيض محمد خان جي وفات ڪري جاگيري ۽ نوابي کيس ورثي ۾ ملي، ليڪن طبعاً فقيري ڏانهن مائل هو، انهي ڪري سندس حياتي جو پويون وقت عبادت ۽ فقيري حال ۾ گذريو.سنه 1354/1935ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس هٿ اکر بياض مان ڪي ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون (1)

[540]

پاند ڳچي ڳل پائي، ڇو نه پنهل پرچايون

1.      حجت هوتن ساڻ نِي وي، اسان جي، الوميان
        ڪير ٻيو سينو ساهي، اسين سگ دربان سڏايون
2.      حجت ڪَيَڙا نِي وي، هلاڪ هزارين، الوميان
        ڪيئي ڊِنگ وڌائين ڊهاي، وسري وين سڀ وايون
3.      ”علي احمد“ آهي، نِي وي، اصلئون اوهان جو، الوميان
        ٻئي سان اسان جو ڇاهي، توکي ئي ٿا سڏايون.

 

[541]

سي لوهُو ڪِيڙا لال، رتا عشق رنگ ۾

مرد ميخاني مست مدامي

پس تِنهين جا حال، جي ماريا اڪبر جنگ ۾
2.      جوڳين جيئري جان جلائي

سڻي ڳجهي ڪا ڳالهه، ناٿ نميا انهي ننگ ۾
3.      روز الست جو وعدو پاڙيئون

نينهن ڪيا سي نهال، سامي رهيا انهي سنگ ۾
4.      ”علي احمد“ جا عاشق ٿئڙا

ڏس ڀلي جا جال، جنهن ڍڪيا انهي ڍنگ ۾.

 

[542]

ٻانهان آهيون مُلهه خريدي، در دلبر جي دايا

پرتئون پهرا ڏيون پنهنجي پِرَ تي، جڏهن پير اڱڻ مون پايا
2.      سهجئون سُرهي سيج وڇايان، ٿئڙا سانگ سڻايا
3.      سڪ سّيد جي سوگهو ڪَيَڙو، اَها ازلئون عشق دارايا
4.      ”علي احمد“ تي لطف هزارين، جا جانب جهولڙي پايا.

 

 

 

بيدل“ ۽ اُن جي سلسلي جا شاعر

 

عبدالقادر عرف قادر بخش ”بيدل

قادر بخش ”بيدل جو اصل نالو عبدالقادر هو، ۽ روهڙي جي درويش محمد حسن جو پُٽ هو. سنه 1230هه/1814ع ۾ ڄائو. ديني خواهه دنوي تعليم چڱي طرح حاصل ڪيائين. درويشي جي ڏات قلندر شهباز کان مليس. پير صاحب پاڳاري صبغت الله شاهه اَول ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريالوءِ واري کان به فيض مليس. نثر توڙي نظر ۾ سندس ڪافي تصنيفون آهن. سن 1289هه/1873ع ۾ وفات ڪيائين. ”ديوان بيدل“ ۾ سندس سنڌي ۽ سرائڪي 325 ڪافيون شامل آهن (1)

[543] روپ جهنگلو

وڃ مَحوُ ٿي محبوب ۾، جي تو طلب تڪرار، ميان
        سو نُور مخفي ڪيئن ٿئي، ٻاجُهون نفي نروار، ميان
1.      هٿ ڌوءَ تون هستيءَ کؤن، ٿي خوديءَ کؤن بيزار ميان
        ٿج نيست نيهي تان ڏسين هر جا الله اظهار، ميان
2.      ٿي غرق بحر عميق ۾، ٻاهر نه پَئو ٻيءَ پار، ميان
        دارين جي دعوى ڇڏي، ڏِس ڪو دَرُون ديدار، ميان
3.      حلاّج حالت جو کنيو باري عجب سِر بار، ميان
        آندو اُلوهِيت سندو جنهن پاڻ تي اعتبار، ميان
4.      ”بيدل“ اَنهيءَ درياهه ۾ وجهه پاڻ بي اختيار، ميان
        پاڻِي تون ٿيندين پاڻهي، ڏس عشق جو اظهار، ميان.

 

[544]

اَمر نَهِي جون ڳالهيون اوري، جوڳين پنڌ پراهون

نَحوَ جو نيهي حرف نه ڄاڻن، مَحِ يَت جون موجودن ماڻن
        ڪَنز قدوري طرف نه تاڻن، عارف وڃن اڳاهون
2.      رمزن وارا رَند رِندانا، فقہ ۾ ڦاسن ڪئين فَرزانا
        مَستي مَلڪ ڪري مردانه، طلبئون تٿر تيڏاهون
3.      علم لُدني جا جي عالِمَ، لا مذهب سي صوفي سالِمَ
        بار بِره جو بانڪا بالِمَ، چُم چائِن سِر چاهُون
4.      اُلٽ ڀ يد بره جو سارو، سمجهي ماريائون نينهن جو نعرو
        ”بيدل“ ڪيئن ڪن لوڪ ڏي لاڙو، نِيَڙُن موجَ مٿانهون

 

[545] روپ بلاولي

جوئي آهيان سوئِي آهيان، ڀولُ نه ٻيو ڪو ڀانيان

1.      ويسَ لِيسَ دِين ڪفر جا، ڪيئي لاهيان ڪيئي پايان
2.      رَنگين رَنگين ڀاتين ڀاتين، ٺاهه لکين ٿو ٺاهيان
3.      مومل واري ويس وَرن ۾، گهوٽ هزارين گهايان
4.      رِندن واتُون وحدت وارو، سارو سِرُّ سڻايان
5.      هِن مظهر ۾ ڪاڻ بهاني، ”بيدل“ نانءُ سڏايان.

 

[546] روپ نٽ ڪلياڻ

عقل جو ويو اختيار، عشق اَناالحق جو دم ماريو

عشق عقل جي لڳي آ لڙائي، عشق کٽي جنگ عقل هارائي
        هيڪل هڪ هسوار، ڪيڏي ڪٽڪ کي برهه ڀڄايو
2.      دوست ڌري آيو حسن جو ڀالو، چنچل چشمن جو ڪري چالو
        گوءِ کڻي ٿيو نروار، باهه برهه جي سَڌُن کي ساڙيو
3.      ڪاٿي پير مريد سڏائين، ڪاٿي پاڻ سان لنؤ لائين
        ڪاٿي ڪري ڪوڪار، ”قُم باذني“ چَئي مُئوَ جياريو
4.      يار بيرنگي نُور نِهاني، پهري پوشاڪ آيو انساني
        عشقئون ٿِي اظهار، سهس ويسن سان پاڻ سينگاريو
5.      هڻ تون باولي برهه جي ”بيدل“ لا مڪانُون ٿي ڪرنازل
        ٽوڙ دُوالي يار، بيخوديءَ جو باز اُڏايو.

 

[547] روپ بره

تون ته اُهوئي ساڳي آهين، ڀُل نه ٻئي ڪنهن ڀولِ

ٻاهر ڍونڍج ڪينڪي ڪڏهن، ڳوٺ منجهان ڪج ڳولِ

2.      آدم نالو پاڻ سڏائين، ڏِس انهيءَ تي ڏولِ
3.      توهُون ٻاهر ڪينڪي آهي، پنهنجو پاڻ ۾ ڦولِ
4.      هِڪ هِڪوئي ظاهر باطن، دُوئي اٿئي دل هولِ
5.      ”مَن عَرَف“ جو ڪر نظارو، ”بيدل“ اکڙيون کولِ.

 

[548] روپ بره

عشق دي چؤپڙ کيلن عاشق، سِر سِر بازي کنيان

پَهلي داوُ دلين نون نِيتا، بازي بِره دي بيخود ڪيتا
                                        حال ڪنون مين ڳَيان

2.      ڪِيتي فوج حُسن هَسواري، نيڻان دي گهِن دست ڪٽاري
                                        گهايل گُهور دي ٿيّان
3.      آندي جاندي تير چلاؤندي، سِر عشاق نشان ڦِراؤندي
                                        نين سپاهي سَنيَان
4.      جلوا نُور مُقدس ذاتي، ظاهر ٿيا وچ پوش صفاتي
                                        لاتس بِره ديان بَهِيَان
5.      ”بيدل“ بره دا چوکا مشرب، درد عشق وچ ساڏا مطلب
                                        پُکي پريت دي پَيَان.

 

[549] روپ جوڳ

رخ رانجهُو دا ڪعبا قبلا، عشق دا ٻڌ احرام

1.      لنؤ لنؤ وچ لبيڪ دي وائي، هُو هُو هُل هنگام
2.      نال طواف طلب دي سَٽ تون، خيال خودي دا خام
3.      وچ صفا و مَروي محبت دي، ٻي سروپا ڀر گام
4.      سر عرفات عشق دي هوندا، عارف نون اِلهام
5.      خاني خاص خدائي دي وچ، ”بيدل“ ڪر بَسرام.

 

[550] روپُ آسا

سَک رمز وجود وڃاوڻ دِي

نهين حاجت پڙهڻ پڙهاوڻ دي

1.      اکران دي وچ جوئي آڙيا، عشق دي چاڙهي مول نه چڙهيا
        اثباتي دا علم جو پڙهيا، موج اُنهين سِر ساوڻ دي
2.      بارش بِره دي جنهن سِر آئي، سوز عشق وچ جالي سَدائي
        بيدردان نون ڪل نه ڪائي، درد دي دُود دکاوڻ دي
3.      نال دليل نا لَڀسئي دلبر، عقل نه اوڏانهن ٿِيسي رهبر
        سمجهي مام ڪو صوفي بي سر، شاهي طبل وڄاوڻ دي
4.      بحر عميق ۾ جوئي پوسِي، دين ڪفر دا دفتر ڌوسِي
        ساري سُڌ اُنهين ڪونه هوسي، ذات صفات سماوڻ دي
5.      ”بيدل“ ڳالهه وحدت دي مَن تون، طلسم وهم دوئي داڀن تون
        وچ عروج نزول دي گهن تون، لذّت آواڻ جاوڻ دي.

 

[551] روپ نٽ ڪلياڻ

عشق دا اعلى شان، مشڪل سگهدي سمجهه سياڻي

عشق دا مسلا عاشق ڄاڻن، موج منصوري سالڪ ماڻن

ڇوڙ خودي نون خان، سيني دي وچ يار سماڻي
2.      حسن دا قبلا صحي ڪيتوسي، سِر خُوبان دي نذر ڏتوسي
        سُّرت والا سامان، لُٽ نيتا محبوب دي ماڻي
3.      ملا قاضي پڙهن ڪِتابان، بيٺي تولِن ڏوهه ثوابان
        نينهن بنان نادان، مام محبت دي ڪونه پڇاڻي
4.      محويت جَڏان پلئه پِيوسي، صرف نحو سڀ ڀل ڳيوسي
        نِيتا ڪفر ايمان، وحدت دي احوال اُڪاڻي
5.      ”بيدل“ ڇوڙ حيواني هستي، حال حلاج دي ماڻ تون مَستي
        مرد سوئي مردان، جوئي اپڻا آپ سڃاڻي.

 

[552] روپ هوري

آل پِيا هوري کيلن آيا، سهسين رنگي بيرنگ سمايا

سهسين روپ اَروُپ سماوت،  وحدت ڪثرت رمز رَلاوت
                نوع به نوع جاني جلوا پايا

بِندرابن ۾ کيلي هورِي، شام سُندر دل لُٽندا زوري
                چشم آهين دي سانون چيٽَڪ لايا

عطر گلال عُنبير اُڏاوَن، گهَٽ گَهٽ گيت الستي ڳاوَن
                هَس هَس مينون ته بره بڇايا

بيدل“ هورِي حيرت والي، نيهِي کيلن کيل نِرالي
                بار بِره جِنهان چوم سِر چايا.

 

[553] روپ بسئونت

چلوري سَنئيان چرچا ويکين، آپ چمن ۾ آيا

آيا شاهه حُسن دا جاني، باغ صفاتي وچ سيلاني
                                        رانجهن پيا ڪو رايا
2.      نرگس چَشم، بسنتي جام، زُلف بنفشه، رخ گلفام

بيرنگي رنگ لايا
3.      الف دي صورت سَرُو سونهارا، اَثباتي نون ڪر اظهارا

وهم وجود وڃايا
4.      هر گل ۾ خوشبوءِ هِڪائي، وحدت دي وچ ٻوڙ ٻيائي
                                        ڇوڙ ٻيا فڪر اَجايا
5.      ”بيدل“ سُڻ ”ثُمَ وَجہُ الله“ هرجا گل گلزاري وهواه
                                        هادي حق فرمايا.

 

 

محمد محسن ”بيڪس

فقير محمد محسن، مشهور شاعر ۽ درويش فقير قادر بخش ”بيدل“ جو پٽ هو. تاريخ 26-جمادالثاني 1270هه/2 فيبروري 1859ع تي روهڙي ۾ ڄائو. پنهنجي والد جي تربيت ۾ ديني توڙي دينوي تعليم حاصل ڪيائين. قلندر شهباز ۽ شاهه عنايت شهيد جي درگاهن تان حال ۽ قال جو صاحب بنيو. ٽيويهن ورهين جي ڄمار  5 رمضان 1298هه/1881ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، هندي، سرائڪي ۽ فارسي ۾ ڪلام چيائين ۽ شاعريءَ ۾ تخلص ”بيڪس“ اختيار ڪيائين. ”ديوان بيڪس“ ۾ سندس چيل سنڌي ۽ سرائڪي ۾ 194 ڪافيون شامل آهن (1)

[554] روپ ڪلياڻ

جاني جلويدار،ماهي منصبدار، آيا سجن آيا آيا

1.      ويراني جاءِ اصل کؤن هُئي، سو ٿيو باغ بهار
2.      واه حسن جون فوجان چڙهيون، شوق وارا ٿيا شڪار
3.      ”بيڪس“ بره جي واه ڀلائي، سر ٿيو ڌڙ کؤن ڌار.

 

[555] روپ سارنگ

سارنگ سير ڪرڻ لئه آيو، برهه اُٺي برسات

ڪُوڪ نه سگهدا جنهن سر آوندا، عشق والا اوقات
2.      دم دم ڪُهندا سانون يارو، نينان والا ڪات
3.      ”بيڪس“ عام کولي ۾، رورو ڏينهان رات.

[556] روپ جوڳ

سامي سحر گر سَٽيان سَٽيان برهه ڪِيتا بدنام

رانجهن سائين ٿيا سيلاني، موهه ڳيا دل مِٺيانَ مِٺيان
                        ڳيا ساڏا آرام

آبرو هلائي تير ڪماني، تير مزگان دي ڦَٽيان ڦٽَيان
                        عقل ايمان حرام

باب اسا ڏي ايوين لِکيا، ڪرمان ديان چِٺيان چِٺيان
                        دل نون پيا ڪوئي دام

بخش اسانون ساجن سائين، لحظي وج مين لُٽيان لُٽيان
                        جذبي والا جام

سُهڻي ڪِيتِي سَهان سرپر، سڀ سِيالين ديان جُٺيان جُٺيان
                        مين هون ماهي دا غلام

6.      زخم درد دي سانون گهايا، ٻَڌ ساڏي سر پَٽيان پَٽيان
                        عشق دا ڪر انعام

7.      ”بيڪس“ نون سمجهائين تون ’بيدل‘، تير چشمان دي چِٽيان چِٽيان
 ”مُوتوا“ والي مام.

 

[557] روپ هوري

دلبر آيا ديس، سَکِيئن ڏيوو مبارڪ

دست پيالا محبت والا، ڪيتس بَسئونتي ويس
2.      سر پر چيرا ڪِيتس گلابي، مُک پرڍاري ڪيس
3.      هر گهٽ دي وچ کيلن هورِي، رمز ڪيتي سڀ ريس
4.      .بيڪس“ بلبل هو يا شرابي، نينهن ڪريندا نيس.

 

 

 

پارو شاهه

پارو شاهه اصل ۾ هندو هو، پر فقير قادر بخش بيدل جي فيض سان فقيري ۽ درويشي مليس، جنهن ڪري کيس ”پاروشاهه“ ڪري سڏيندا هئا. روهڙيءَ جو ويٺل هو.

 

[558] بلاولي

ڇُٽي هِن عشق ڪي لشڪر، حسن گهر ٻار جِيتيو سي

1.      پئي دل جا انالحق وچدوئي، دل تئون ٿَئِي ٻاهر
        چڙهيان فوجان ”فنافي الله“، عقل نون لوٽ نِيتوسي
2.      شڪر شهدو جهانان دي،. لڳي دل ڪون مثل وِه دي
        پيالا زهر قاتل دا، هٿئون دلدار پِيتوسي
3.      ڪُنجي گهِن بِره دي هٿ سُون، قفل دل دا کوليا جڏهان
        ”پارو“ اپني پياري ڪُون، اندر وچ صحيُون سڃاتوسي

 

 

  

 

نواب شاهه سڪايل

سيد نواب شاه ولد امام علي شاهه، 1843ع ۾ روهڙيءَ ۾ ڄائو. مشهور درويش ۽ شاعر محمد محسن ”بيڪس“ جي فيض سان فقيريءَ جي درجي کي پهتو.سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪلام چيائين. ذوالقعد 1319هه/1901ع ۾ وفات ڪيائين*

[559]

بازار ۾ آيو يار پيارو، هل ته هلي بازار ڏسون

گلبدن سو گلرخ جاني،  مُلڪن ۾ جنهن جو مَٽ نه ثاني
                سو جاني جلويدار ڏسون

بنا سينگار سدائين سهڻو، ڪونه ڏٺوسين ڪو مَن مُهڻو

تنهن دلبر جا ديدار ڏسون

3.      ابرو سيف ايراني خالي، خون عاشقن ۾ هر دم عالي
                سو جنگ سندو جهونجهار ڏسون

4.      ڪير اچن ٿا سِر سنباهُيون، ڪير وڃن ٿا ڪنڌ ڪپايُون

تنهن آڏيءَ جا اِسرار ڏسون

ڄار وجهي ٿو ڄام ڦاسائي، بازرين تنهن تي لوڪ هسائي

خان مِلِي سي خوار ڏسون

7.      سرت ”سڪايل“ رک تون سمجهي، ڪج نه جان پياري پنهنجي

ته عشق سندا اِسرار ڏسون.

 

[560]

وطن ڇڏيم تو سانگي، دل پئي تانگهي

ڪـــريــو عــــنايت مــحب ملڻ جي

ڪونه پرين جو قاصد آيو، اٿن اَلائي ڪهڙو روح جو رايو

ڪانه خبر آندي ڪانگي

ڊونڊي ٻيڙي پڳهه پراڻا، مان اڻ تاري تري نه ڄاڻا
                        نينهن لڳو اهي نانگي

پرين مون کي پرديس رلايو، جهنگ جبل مون کي جالڻ آيو
                        ڪير لنگهائيندم لانگهي

چوي ”سڪايل“ ڪين وساريان، ساعت ساعت ۾ تنهن کي ساريان
                        اڙي هان نال اڙانگي.

 

پير غوث محمد ۽ ٻيا ڪڇ جا شاعر

 

 

 

 

 

پير غوث محمد

پير غوث محمد ڪڇ لکپت جو ويٺل هو ۽ تيرهين صدي هجري جي آخر ۾ ٿي گذريو.سندس وفات 1290هه/1873ع ڌاري ٿي.

[561]*

ڀلي آيا سيڻ اسان جي گهر، ري ڀلي آيا

1.      جتي جي آءُ ڄائي، اتي جي آءُ ٻائي

هت منهنجو ڪهڙو قدر

2.      هِيرانِي جواهر اُن جي جُتئين جڙايان

ٻيو گهوريان اُن تان جر (1)

غوث محمد“ چئي کُسِيءَ منجهارا (2)

ديکيان ان جو در.

 

 

 

پير منٺار شاهه

 

پير منٺار شاهه ڪڇ لکپت جو ويٺل هو. سندس وڏن جا مقبرا به لکپت ۾ ئي آهن. پير غوث محمد شاهه ڪڇ واري جو صحبتي هو. سندس  ڪلام هن طرح آهي.

[562]

لڳو ماء مون کي جوڳيڙن جو ٻاڻ

لڳو ماءَ مون کي ساميڙن جو ٻاڻ

1.      جوڳي هئڙا جُوءِ ۾ الالا، راتو ڏينهن هئي رهاڻ
2.      سامي سنڀوڙا سفر کي الالا، ڪوئي نه ڪيائون پرياڻ
3.      مڙهيون ڏسي ”ميون منٺار“ چئي، سک نه اچي ٿو هاڻ.

 

پير باقر شاهه

پير باقر شاهه،ناڙاپي (ڪڇ) جو ويٺل هو. پير غوث محمد شاهه ڪڇ واري جو صحبتي هو. پير باقر شاهه سنه 1313هه/سنبت1953 بڪرمي ۾ وفات ڪئي.

 

[563]

توني لئون لايو، تنهنجي ريتين ريجهايو

توني لئون لايو

ننڍو ٿِي ني جوڳي نڳيو، تڏهن سامين وڃي سک پايو

سامي مرلي سونَ جي، واڄا وڄائيندي آيو
3.      ”باقر شاهه“ چئي بيک جو، هُت جو پرو ڪنهن نه پايو.

 

 

 

سيد ميان صاحب شاهه

سيد ميان صاحب شاهه، آرکاڻي (ڪڇ) جو ويٺل هو ۽ سيد باقر شاهه ناڙابي وار جو ٻالڪو هو. سورهن سال پنهنجي مرشد جي حاضري ۾ رهيو. نه رڳو شاعر هو پر سٺو ڳائڻو به هو. سنبت 1993 بڪرمي مطابق 1351 هجري ۾ وفات ڪيائين.

[564]

ساميڙن کي جيءَ، جوڳيڙن کي جيءَ

ماءُ انهن لاءِ منهنجو روح اُداسي
1.      ڀُوريون بگريون بغلن ۾، اوڇڻ ناهي ڪِي
        سڃ جا واسي سُڃ ۾، سامين ڪهڙو سِي
2.      چوٽا، چمٽا، چاکڙيون، مَڏي کنيئون مُرڪِي
        پيتائون ٿي پرڀات جو، سانيَل کان سُرڪي
3.      تُري تن جي تمام مَٺڙي، وڏي پره ٿي وڳي
        ڇڏيائون سڱ سياڪو، منهنجا وڍيا ويراڳي
4.      پڇي پنڌ پورب جو وڃڻ هليا هنگلاچي
        ٿي دل ديواني دوستن لئي، ميان صاحب چئي منهنجي.

 

[565]

منهنجا نيڻ نماڻا سپرين، رهه ڪا مون وٽ رات
        رهه ڪا مون وٽ رات، ان جي تن اندر ۾ تات
1.      والنڀ ان جون واٽون نــهاريان
                            پرهه ڦٽي پرڀات

پرين سنڀوڙا پنهنجي وطن تــي
                           ڪري گهايل سڏ گهات

3.      ”ميان صاحب“ چئي ملڻو آيان
                             ڏيو ڏاڏني کي ڏات.

 

 

 

حاجي مکڻ جت

حاجي مکڻ، نُک کيماڻي، پاڙو مٺاڻي، ڪڇ ۾ ”ٻَني“ واري علائقي جو رهندڙ هو. پنهنجي وقت جو اتي وڏو شاعر هو. اندازاً 1930ع کان اڳ گذاريائين (1)

[566]

عمر! اُڪنڊي آئون، دل ڪري ٿي دانهون

ونهين ويڙهيچن کي عمر اُڪنڊي آئون

هَنس ڪنگڻ هار تنهنجا، مُور نه پايان مُنڊائُون
        محل بنگلا ماڙيون، کُهه ڇَٽِن جون ڇانئون
        اطلش آءُ نه اوڍيان، بخدمڏيان باهون
2.      ميوا ڊاکون مصريون، کوءِ چانور تن جون چاهُونٺ
        سهج تنهنجو سومرا جيڏين ري مون جائون*
        وڃي کينديس وطن ۾ سرتين ساڻ سائون
3.      ساڻيهه جني جو سومرا آهي اڳاهون
        ريت نه راجاوَن جي ٻئي جون جهلڻ ٻاهون
        موت ڏي ته ملير وڃان، لڌيم جت لائون
4.      ڪڍ بندياڻي بند مان، ٿيءَ ٻاجهي ڏي رضائون
        موڪل ڏي ”مک“ چئي، ڇڏ پاور ڏي پاهون
        نه ته ڪيرائينديون ڪوٽ کي عاشقن جون آهون.

 

 

 

 

ميون ملوڪ

 

ميون ملوڪ ويٺل کوڙ کپت (ڪڇ) جو، اندازاً چوڏهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ ٿي گذريو.

[567]

سچ وڃي سهڻي رندي، ساريون راتيون سمونڊ ۾

پِي نِي پيالو پُّر ٿئي، چُڪي مان چاندي
2.      لهرين لوڏي لَڏئِي، ڪُن به ٿيا هَس ڪانڌي
3.      محبن سان ”ميون ملوڪ“ چئي، هُئان شل هيڪاندي.

 

 

 

 

محمد ابراهيم

مولوي محمد ابراهيم مَڏئِي (ڪڇ) جو رهاڪو هو. مولوي محمد اسماعيل رنگريز جو همعصر هو، جنهن سندس مولود پنهنجي رسالي ”روضة الحسنات“ (مصبوع 1332هه) ۾ ڇپايا آهن.

[568] *

جيءَ جا جيارا، محب وڇوڙو ماري الا

سائين آءُ پيارا

1.      ڇوري ڇڏي ڇو وڃو ٿا، منٿ منهنجي ڪين مڃو ٿا
                هيءَ جا ٻانهڙي ٻاڪاري الا

3.      سيج سڃي ڪري ويڙم سرتيون، منهنجي ويڙهه سڀئي مَتيون

ڳالهه ڳجهي مون ڳاري الا

4.      قدم قريشي پير اچي پايو، چوي ”ابراهيم“ پاڻ ڀلايو
                        گهوٽ گهڙي وڃ گهاري الا.

 

 

حمل فقير لغاري ۽ سندس همعصر شاعر حسين فقير ديدڙ ۽ شاه محمد ديدڙ

 

حمل فقير

حمل خان ولد رحيم خان لغاري، سنه 1225ه/1809ع ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل خيرپور رياست جا رهاڪو هئا، پر پاڻ لڏي اچي ڳوٺ مير خان لغاري لڳ تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ رهيو. هن کي ننڍي هوندي کان ئي چڱي تعليم ۽ تربيت ملي هئي ۽ پاڻ به پڙهائي جو ڌنڌو اختيار ڪيائين. وقت جا خاندان کيس عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا. هو لواري وارن بزرگن جو مريد هو. وڏيءَ عمر ۾ 2 صفر 1291هه/1878ع ۾ وفات ڪليائين. حمل پنهنجي وقت جو وڏو شاعر هو. سندس سرائڪي ۽ سنڌي ۾ چيل ڪلام اعلى پايي جو آهي. بيتن سان گڏ ڪافيون به چيائين جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون (1)

[569] ڪافي : سسئي

ڪنديس آءُ ڪڄاڙو، ڀينر! هن ڀنڀور کي

ڪنديس آءُ ڪڄاڙو، آيل! هن ڀنڀور کي

سرتيون سهنديس ڪينڪي، ساٿين جو هيءُ ساڙو
2.      وِندر واٽون ووڙيان، هوتن لئي سڀ هاڙون
3.      روئي ڪنديس رت سان، ڪارو ڏنگر  ڳاڙهو
4.      ڪيڏو ڪيچين هيءُ ڪيو، ڌوٻڻ سان هَئي ڌاڙو
5.      ننڊر نڀاڳي نَوم جو، ڀينر مون ڊَهيو ڀاڙو
6.      ”حمل“ هوتن سان هُجي، پورهيت جو شالا پاڙو.

 

[570] ڪافي

سانون شَوق مَچايا شور، شور وي لوڪو

سانون شوق مچايا شور

رانجهي جيها اور نه ڪوئي، هي محبوبان دا مور
                        مور وي لوڪو

چشمان چڙهه آ اڙيان، لَڙديان ني زوري زور
                        زور وي لوڪو

رانجهن تخت هزار دا سائين، ٽُردا چاڪا والي ٽور
                        ٽور وي لوڪو

لوڪان ليکي چاڪ مَنجهِين دا، هي دليان دا چور
                        چور وي لوڪو

5.      نال ”حمل“ دي ڀال جو ڪِيتس، ٿيا غريبان دا غور
                        غور وي لوڪو.

[571] ڪافي

آ ميان ڍولڻ آ، مُلڪ وٺا، مولى مينهن وَسائي

1.      وڃ ميان قاصد ڪر ڪَل ڪائي ميان،ڏي ڪو سُڌ سماءَ

ڪيهي ڳالهيئون ڪِيون نَهين آئي

ٻانَهان ٻڌڪي آکِين اِيوين ميان، پاند ڳچي وچ پا
                ڏور تُسان ڪِيُون ڏينهڙي لائي

مُلڪ وُٺا ٿَئِي مُد ملڻ دي ميان، آ تون آپ ڀلا
                ڪوڙين تون لئي مئن ڪانگ اُڏائي

4.      ”حمل“ هر دم حمد هزاران ميان، ڳيا سو ڏُرت ڏُئا
                آيا ساجن سُور سِڌائي.

 

 

حسين فقير ديدڙ

حسين فقير ديدڙ تعلقي قنبر جو ويٺل هو. اندازاً 1800ع ڌاري سندس جنم ٿيو. ميرن جي دور ۾حڪومت طرفان ڪاردار هو. عمر جو آخري حصو درس تدريس ۽ فقيريءَ ۾ گذاريائين. خليفي نبي بخش جي ڀران سرائڪيءَ ۾ ۽ سسئي جوڙيائين. حمل فقير سان سندس گهڻي محبت ۽ صحبت هئي. سنه 1290هه/1873ع ۾ وفات ڪيائين (1)

[572]

ڪيهو ڏوراپو ڏينديس پنهل کي

سيج سُتي، او، جاڳي ناهيان

1.      هيئن نه ڄاتم ويند سنجهي.

نَومَ ندوري وٺي مون ويئي

ڀينر! تڏهن ڪَڍِ ڪيچن ڪاهيان
2.      جيڪر جاڳيم، ننڊ ڪيم ٿوري

تا نه لڳي ها تَن کي لوري

وِره تيناهون ويڙهي آهيان
3.      جارُ نه جاڳڻ سان مون لايو

بار بره جو تڏهن سِرِ آيو

سيڻن سان سڱ ڪهڙو سهيان

4.      سهس پنهل کي سِڪ کؤن سارِن

ڪين ويچاريون سي سِر وارنِ

ڏونگر ڏوريم تان مان ڇاهيان
5.      حال ”حسين“ سڄڻ کي سارو

چُونديس پاند وجهي ڳل ڳارو

درد اهو شل دل تؤن لاهيان.

 

[573]

سانگي ميل ستار، ڏسان شل وطن جون واڙيون

1.      پلپل پور وڃن دل ڀيلُيون، ساعت ساعت ياد سهيليون
        الاميان، حيف پائڻ هس هار، ڀانيان محل مڱر جان ماڙيون
2.      تنهنجا ٻوڙ وجهان ٻَن قيمان، لذت ڪين ڏين ٿا ليمان
        الاميان، انبن جا اچار، وڃن صوف اندر کي ساڙيون
3.      ڏوٿين ڏاج ڪُلهن ۾ ڪاهيون، وتن پَٽ پَهُن سان پايُون
        الاميان، ڏؤنرن هاڻا ڏار، ڏ0ين لامَ اَجڙ کي لاڙيون
4.      سڱرُ قوت سدائين آهي، آڻِن روز لوئين ۾ لاهي
        الاميان، پاڙيچا پنهوار، پين کير کٽا ڪُيون ڪاڙهيُون
5.      لاهڻ عيب عمر! مون لوئي، مارو مهڻا ڏيندم روئي
        الاميان، ٻاجهارا ٻڪرار، ڏينهان رات رنجيل ڪن راڙيون
6.      الاميان، ڪنبج کانءُ قهار، هڻ نه هيڻن دُزن جان ڌاڙيون.
 

 

 

[574]

مين تان روز ڀَليندي راهان وي

جيوين تون شالا جاني، سِگها آوين جاني

تڪ تڪ آ کين ميڏيان ٿڪ رهيان، تيڏي طرف ڪريندي نگاهان وي
  سڄي رات صبح پرڀاٿ تائين، ڪر ياد الله ڪون آهيان وي

يار سياڻا تون تان ڇوڙ ماڻا، تيڏي ناز سهيندي مين ناهان وي
  سَردي جُوان سدا خاصي خان ٽِلن، اهو شرط اصل شاهان وي
3. پير فقير سڀ پُڇ کڙي، جيڪي ديس اندر درگاهان وي
  هادي يار مِٺي غمخوار بنان، ڪوڪان ڪون سڻي ٻيان داهان وي
4.  ڪانهي واه تيڏي درگاهه ٻاجهون، مين تان واچ ڏٺيان سڀ واهان وي
5. پؤ پيش سڄڻ دي هميشه ٻيلي، ڪر نياز ڏوهين ٻنڌ ٻاهان وي
 سانگي سٽ سَڀي، پِڙ کٽ کڻي، ٻِيان ڀن ”حسين“ صلاحان وي..

 

 

 

شاهه محمد ديدڙ

شاهه محمد ديدڙ ميرن جي آخري دور ۾ ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 1249هه/1830ع ۾ ڄائو. مشهور شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو. هن وقت ضرورت مطابق علم پرايو ۽ درس تدريس ۾ مصروف رهيو. مشهور شاعر حمل فقير سندس همعصر هو، ۽ ان سان ڪافي رهاڻيون ڪيائين. شاهه محمد ديدڙ درويش پڻ هو. 16 رمضان 1309هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ ڪلام چيائين. سندس ڪي ڪافيون آڳاٽيون ڪن ’ڪافين جي مجموعن‘ ۾ سکر ۽ شڪارپور (پوڪرداس) جي ڪتاب فروشن ڇپايون. سندس ڇپيل ڪليات ۾ جملي 6 ڪافيون شامل آهن. (1)

[575]

سرتيون ساهه وٺي ويم ساڻ ڪري

مُٺڙي محبت ۾ مدام مري
1.      ڦرندي هوتن لئي حيران وتان، مرندي محبن لئي مستان وتان
        پڙهندي سوز اندر سبحان وتان، لکيو لوح قلمجو ڪين ٽري
2.      جَت جيڏيون پنهنجا ڏير ڪيم، سمهي سيج اُتي اوير ڪيم
        ڪٽي قاف ڪشالا پِٿُون پير ڪيم، منهنجو پنهل ويو پرڏيهه پري
3.      اُٿي ڳول ڳليون پنڌ پيرپهي، چوي ”شاهه محمد“ وڃ تون محب رهي
        وڃي ڪيچ تون رسج قليل ڪهي، ڏسان يار پنهل کي ٻه ٽي پير ڀري.

 

[576]

هوت هلي آءُ هاڻي، تو ريءَ غم، ماري ٿي جيءَ کي جدائي
1.      مٽ نه تنهنجو ڪو ٻيو وؤڙيم عرب عجم، باغ اِرم
                                توکي آهي رحم الاهي
2.      ساجن تنهنجي سڪ ۾ ڇوڙيم شان شرم، فڪر فهم
                                ماري تنهنجو سور سدائي
3.      اسان تي ڪو احسان جو قدر ڪجانءِ ڪرم، سو ته قدم
                                وجهه اچي تون يار وڌائي
4.      ”شاهه محمد“ چوي شوف مؤن عشق ڪيو آ عدم، تنهنجو قسم
                                هاڻي ٿانهَر ڪر نه ٿڌائي.

 

[577]

ڌتاري وَتَوَ دل هڪڙي ذري ۾

ڪيوَ قيد قابو اکين جي اَري ۾

پئي چڻنگ چولي چقمق چُوانتِي

وسامي نه ٺَڪ ڦڪ سڄڻ تو جا لاتي

لاتي عشق آتش ڪکن جي کري ۾
2.      اکيون عشق تنهنجون چارئي چشم چَهري

اُمالڪ هڻي ٿو ڪڍي ڪان قهري

وجهي ونگ آندي وِرهه جي وَري ۾

اکين ساڻ ماري ڦُري دل ڦٽي وئين

تهان پوءِ ڇا کؤن سڄڻ منهن مٽي وئين

اچئي هٿ ڇا ٿو گذارڻ پري ۾
4.      اصل عشق تنهنجي ساڙيو ساهه منهنجو

ويٺي ٿي نهاريان رَندُ راهه تنهنجو

رکج ”شاهه محمد“ پيرن جي تري ۾.

 

 

[578]

مَن ڪين ٽِڪي محلن ۾ اَلا، روئي پٺَکن کي پَسيُون

هار هَسِيلا  ٻيڙا ٻانهيون، تو جي مُئيءَ کي ڏسَيُون
        جهاٻا جهومڪَ جهوڙا جهيڙن، حيف وجهن ٿيون هَسيون
2.      زوران زور ٻين جون ٻانهون، خان نه آڻجن کَسيون
        هي نه مرڪ مناسب تنهنجو، قيد ڪرڻ بيڪسيون
3.      مُنج مير ملير موٽائي، جڳ وجهي مَرُ جَسيون
        وڃان ويڙهيچن ڏي موٽي، واه ٿيون ٿم وَسيون
4.      موڪل ڏي ته مِلان ماڙيچن، ڏي رتضا، ڪڍ رَسيون
        ”شاهه محمد“ شال مارن سان، پوءِ پيان نئي لَسيون.

 

[579]

ميڏي موهي دلڙي ماهِي، جنهن دي روز ازل ڪنون آهي

لوڪان ليکي چاڪ مَنجهِين دا، هي ساڳي سِر اِلاهي وي ميان
        ”الانسان سِرّي و اَناسِره“، اِيها ڏيندا آپ آگاهِي
2.      تخت هزارا ڇوڙڪي آيا، شاهه اباڻي شاهي وي ميان
        چاڪ سڏاڪي چاري مَنجهيان، ويس لڱان سڀ لاهِي
3.      مَين جِهان لک هِيران تَين در، گاهه ڍوئينديان گاهي وي ميان
        بخت جُهليا جهولي ميڏي، نه ته ايهه ڄٽِي مٽ ناهِي
4.      ”شاهه محمد“ شهر رانجهي دا، سارا لوڪ سپاهي وي ميان
        جهنگ ساري ڪُون جنهن رنگ لايا، شل ننگ آويم نباهِي.

 

 

همت علي شاهه ۽ سندس بياض ۾ آيل شاعر

 

همت علي شاهه

همت علي شاهه رضوي، ساڪن روهڙي ضلعو سکر ”ڪوٽائي سادات“ خاندان ۾ ٿي گذريو. روهڙي اسٽيشن لڳ سيد يعقوب علي شاهه جي ڪوٽ ۾ سندس  رهائش هئي. سندس ڄم ۽ وفات جا سال معلوم ناهن، البت سندس هڪ دستخط نسخي ۾ ڪتاب جي تاريخ 20 ربيع الاول 1290هه/1873ع لکيل آهي.

[580]

بيرنگي ويکو رنگ بنايا، ڪش ني اَنت نه پايا هي

1.      ويکڻ آيا آپ تماشا، احمد اسم سڏايا هي
        اَنا احمد بلا ميمي، بعضي عبد بتايا هي
2.      هر مظهر وچ هو يا ظهار، لامڪان ڪَهايا هي
        ’ميم‘ دي مام وچون ٿيا معلوم، آپو آپ ڇپايا هي
3.      صحن صورت وچ ڪرڪي ظهورا، حُسني طبل وڄايا هي
        آپ ٺاهيندا سو آپ ڊاهيندا، سهسين کيل کِلايا هي
4.      ”همت علي“ هڪ ڄاڻي سڃاڻي، ورق وهم دا وڃايا هي
        ”اَلانِسان سِرّي انا سِرّهو“، سڀ وچ آپ سمايا هي.

 

[581]

ڪنهن سان ڪندس حال اندر جو

من جو محرم يار هليو ويو

اندر کي آرام ڪاٿي ڪين اچي

روح ناهي راس، ڪنهن سان ڪين رچي

من جو سو منٺار هليو ويو
2.      گڏ ٿي گذاريون ساجن سدائي

پرينءَ پنهنجي ڪئي جانب جدائي

لُڏڻ ڪنهن لاچار هليو ويو
3.      هردم ساه سڄڻ کي ساري

دلبر بنان ڪير دل کي ڌُتاري

جانب جيءُ جيار هليو ويو
4.      آهن اندر ۾ پرين جون پچارون

هينئڙو ”همت علي“ ڦٽي ٿيڙو ڦارون

نازڪ سو نروار هليو ويو.

 

[582]

جوڳي ويا جڙ لائي الا، پورب پنڌ پڇي پانڌن کؤن
1.      سامي سفر سنڀريا منهنجي جان جلائي الا
        هاڻي تان ڪيئن جدا جاليان جوڳن کؤن
2.      گڏي گوندر گُر ڏي گام وڌائي الا
        منهن مٽي هن تان ماڳ مهڙن کؤن
3.      ڏسي جُوءِ جوڳن جي هئي هئي ساه ليلائي الا
        نت ٿا نار وهن منهنجي نيڻن کؤن
4.      هُيَم اور اندر جي ويا ريهي روح رلائي الا
        هتڙي ڪين سمهان سک تان سورن کؤن
5.      ”همت علي“ جي حال تي ڪندا ڀال ڀلائي الا
        ڪهڙا ڏس پڇي تن جا ڏوٿن کؤن.

 

 

 

 

 

بهرام

بهرام جي شامل ڪافي همت علي شاهه رضوي ويٺل روهڙي جي قلمي بياض تان ورتل آهي، جيڪو سنه 1290هه/1873ع ۾ لکيل آهي.

 

[583]

دل کي دام وڌو تنهنجي خوني نيڻن

هنيو مُلڪ وتن، مُٺيون ماٺ نه ڪن

1.      ڇوڙي زلف وجهن، ڪيفي ڪجل پائن
        ڏسي شعاع شمع جو، پتنگ جان پون
2.      سرڪش سمون پائِن، تاڪيون اَبرو سونهن
        سرخي لعل لبن ، ڳل غنچہ دهن
3.      هَنُيون تير وڃن، هينئڙي منجهه هُرن
        عاشق قتل ڪرن، مُٺيون ڪين ٽرن
4.      مزگان فوجان چڙهن، بيحد سر عشاقن
        ڇو هئون ٿيون ڀي ڇُڙن، تو هئون ٿيون تڪن
5.      ”بهرام اهي بهري باز بڇن، قابو قيد ڪرن
        دل کي دام وڌو، تنهين خوني نيڻن.

 

 

 

 

صفي الله

صفي الله جون هيٺ ڏنل ڪافيون، همت علي شاهه جي دستخط قلمي نسخي تان ورتل آهن، جيڪو هن سنه 1290هه/ 1873ع ۾ لکيو.

روپ سورٺ

حسن تنهنجي حيران، لکين مستان ڪيا

سِر سونهين سروپا سونهري، جانب ڪيا ديوان
                        مٽ نه سي ماه ڪنعان ٿيا

جلوو جمال نظارو نوري، ڏسي عاشق ٿيا قربان
                        ڪيان جند جان فدا

جلوو جمال نظارو نوري، ڏسي عاشق ٿيا قربان
                        تنهين فرمان مڃيا

حوران پريون حيران حسن تي، جن بشر انسان
                        مَلڪ دربان ٿيا

اَلانسان سِري سِر ساڳي، سمجهي ”صفي الله“ مام
                        ڪيو سبحان الله.

 

[585]

ساجن توکي ساريُون ساريُون، آءُ گوندر گذاريان ڏينهڙا

سوز فراق ۾ ساه سڙي ٿو، دوست اچي ڏيو دلداريون دلداريون
2.      تولئي ويٺي ڪانگ اڏايان، محب وجهان ويٺي ڦاريون ڦاريون
3.      آءُ الله لڳ اڱڻ اسان جي، واڳون وصال جون واريون واريون

4.      ”صفي الله چئي سِڪ منجهارئون، هئي هئي هنجڙيون هاريون هاريون.

 

[586]

او تم تم تم تم تم تم توهين، تمت توهين توهين توهين توهين توهين
                تن وچ تڻ تڻ تيري تُم تَڌاني

1.      عشق امانت هوئي نعامت

سمجهي ڏس تون مڙيئي ملامت

جُٺ ڦِٺ تنهن تي طعنا تهمت

او دهشت دڙ دڙ دڙ دڙ دڙڪا تُم تَڌاني
2.      ونحن اَرب فائق فرمايو

ڏس اِيهو ئي ظهار آيو

وري دل وڃ مکڙا پايو

گهم  گهم گهم گهم گهم گهم گهميا تُم تَڌاني
3.      موتوا قبل حال ايهو ڪر

خيال خطرا دور دفع ڪر

گهوٽ اينوءِ تان پاڻهي تو در

واهر ور ور ور ور وريا تُم تَڌاني
4.      ”صفي الله“ تون عاشق سڏائين

سانگو سر جو ڇو نٿو لاهين

پوءِ وري تون پاڻ پاڻهي تو در

مئن مئن گم گم گم گم  ڪريا تُم تَڌاني.

 

 

 

 

مخدوم امين محمد ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

مخدوم امين محمد ”امين

مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ ولد مخدوم محمد زمان جناب حضرت مخدوم نوح رح جي اولاد مان هو. سندس ولادت 7 شعبان 1254هه/26 آڪٽوبر 1838ع تي ٿي. آخوند محمد قاسم وٽ ديني توڙي دينوي علوم جي تحصيل ڪيائين. پنڌرهن سالن جي عمر ۾ سجاده نشين ٿيو ۽ فقيري رنگ اختيار ڪيائين. تاريخ 27 رمضان 1303هه/29 جون 1886ع تي وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، هندي ۽ فارسي ۾ ڪلام چيائين، پر سندس ڪافيون سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيون. مخدوم امين محمد صاحب جي ڪلام جي مجموعي ”ڪليات امين“ ۾ سندس 30 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون ۽ 3 مولود ڇپيل آهن. *

 

[587] ڪلياڻ

جني کي عشق جو آهي، نشو نروار اثباتي
1.      کنيئون هٿ بره جا ڀالا، رسيا عبديءَ ڪنا اعلى
        ڪَني بيراڳ جا والا، وڌائون فڪر کي ڦاهي
                                سا لائي ”لا“ سندي ڪاتي
2.      کٽي سا راند ٿيا راسا، پَؤُن ٻارهن ٻَئِي پاسا
        خفيءَ ۾ خان ٿيا خاصا، ڇڏيئون گهر ڊاوَ جا ڊاهي
                                رکي هڪ رمز ڏينهن راتي
3.      اندر ۾ عشق جا کُورا، مڃيائون محب جا ٿورا
        ڀڃي ڪيئي بت ڪيئون ڀورا، تني جي شرف شڪ ناهي
                                وڃي ٿيا ذات ۾ ذاتي
4.      ”امين محمد“ آهي آندا، جي هُو ۾ هوءِ هيڪاندا
        نه هڪ دم وره کان واندا، ٿي ماريا موت مت ڇاهي
                                مَ چؤسي مرد مَمَاتي.

 

[588] ڀيروي

تنهنجي نيڻن جادو لايو يار، رمزن رمزون رَليون يار!
1.      اکيون تنهنجون ڪجليون ڪاريون، ڌاڙي ڪاڻ دلبر ڌاريون
                                هو گهر اُجاڙن ڳليون يار!
2.      دليون دلبر ڪاڻ سَڌايون، وؤڙڻ وييون وري نه آيون
                                او گهٽ نهارن گهٽيون يار!
3.      اکيون آيون اکڙين آري، وارن وَرَ وَرَ وڌڙا واري
                                هو جِت پڳيون تِت جهليون يار!
4.      جانب جنگي جادو لايو، سِر ڏيڻ جو تن ڪيو سعيو
                                هردم حاضر هليون يار!
5.      ”امين محمد“ اکڙيون اڙيون، زلف زنجير قلابين ڪڙيون
                                وَه ڪين ڇٽن سي جهليون يار!

 

[589] تلنگ

رک سُرت پِرت وچ پَلهي پَلي

اِنهين پِرت دا پَرت نه جَلداهي

پَرت پِرت دا هڪ هٿ ڪيتم، اکر اکيان دي شبنم نيتم
        ڳوڙها نال پيا ڳَلي ڳلي، وت ڳلندي ڪون مس مِلدا هي
2.      دل وچ داڻا پِرت دا پوکيم، ڪاڻ آرياڻي اِتلا اؤکيم
        آکي سنڀالي سَلي سَلي، مينون خوف خزان دا کُلدا هي

3.      روسڻ رانجهي دا جگر جَليَسِي، پَرچ پوي تان ول نا وَيسِي
        سو ڪڏان چڙهسم ڳلي ڳلي، سهڻا هيڪلڙي ڏهون هلدا هي
4.      رو رڙ رانجهن رات ريجهايم، پلڪ پَليڙي دل وچ پايم
        اور رونديان نال ڀي رَلي رَلي، رخ رونديان تؤن گهر کِلدا هي
5.      عشق ”امين“ پايم هڪ پل وچ، دوست دلاسا دائم دل وچ
        ول ول تئن ڏي وَلي وَلي، وَل وچ ”وَجهَک“ ولداهي.

 

[590] ڪوهياري

ڪيائين ڪونه قياس، ٽڪر مون کي ٽولي ويو

1.      هيڪلڙيءَ جو حب ۾، مرون کائيندا ماس
                        رندن ۾ جنهن کي رولي ويو

2.      وَس نه ويچاريءَ جي، وڇوڙي وسواسُ
                        ڀينر مون کان ڀولي ويو

3.      پسڻ خاطر پرينءَ جي، هينئڙي منجهه اُداس
                        ادا ڪنهين اولي ويو

4.      تپي پاهڻ پٻ جا، ساڙن مُئيءَ جو ساسُ
                        جهنگن ۾ سو جهولي ويو

5.      ڪيم ڪيچيئڙن لئي، رهاڻِن کي راس
                        چيري منجهه چولي ويو

6.      پُني پرٽياڻيءَ جي، آيل اهڙي آس
                        ڏونگر مون کي ڏولي ويو

7.      ”امين“ اوٺيئڙن جي، اندر منجهه اَلاس
                        ٻاروچل مون کي ٻولي ويو.

 

 

[591] ٽوڙي، گنڌاري

دلبر دل کي دام وڌا، ڪيئن ’لاعبدِي‘ چئي لاهيان لاهيان
1.      اَدنى کان منجهه عَبدِي آيا، وحدت جا تن ورق وارايا
        قرب قرابت رمز ريجهايا، پير پرت ڏي پايان پايان
2.      جان جگر ڪري پارا پارا، نايا نينهن اندر منجهه نارا
        وره اچي ڪيا وارا وارا، ڳالهه تنهين جي ٿو ڳايان ڳايان
3.      باغ بره جي ڪيون گلزاريون، تن طلب ۾ تارون تارون
        ڇا بتخانا مسجد واريون، ڇا ڪعبي ڏي مان ڪاهيان ڪاهيان
4.      ”امين محمد“ عشق جون ڳالهيون، هون هميشه جي هم حاليون
        ڏسي پرت وارن جون چوکيون چاليون، آءُ عجب ۾ آهيان آهيان.

 

[592] جوڳ

اڄ عشق آسان ڪَنبي آيا هي، ڪر بسم الله سِر چايا هي
1.      ڪيتي عشق دي مئن مهماني هي

ڪل قالب اڄ قرباني هي
        سر ساه محب دي ماني هي

ڪڏهان خون شراب ملايا هي
2.      جڏان نينهن اسانون نروار ڪيتا

هر رنگ وچ هڻ هموار ڪيتا
        هڪ داڻي ڪونه خروار ڪيتا

سِر سُبحاني سِکلايا هي
3.      آکي عين ”امين“ اظهار ٿَئي

وچ نينهن نشي نروار ٿئي
        ابرو تيز تبر تلوار ٿَئي

مزگان تير تفنگ چلايا هي.

 

[593] ڪاريهر ڪڌار

بردي دا ڪر بيک بَهانُ، آڪي عبد وچ آپ سمايم

بردا مئن بادشاهه به مئن هُون، هر هڪ دا سَنڌ ساهه به مئن هُون

رهبر تي گمراهه به مئن هون، هر مظهر ميڏا مئخان
                        هر مئيگون وچ موج مچايم

باهه برهه آسمانون آيم، عاشق هو ڪر ’اَحد‘ الايم
        طور تجلي نال جلايم، بحر بدل بَرُ گهت گهمسان
                        بُت خاڪي وچ وِره وسايم

آدم هو فردوسئون آيس، موج محبت لهر لڙهايس
        حُوت بطن بَن يونس آيس، ’هُود‘ حذر وچ ڪر حيران
                        باد برق دا برقعا پايم

نار نِسنگ گلزارون گل هي، ماه ڪنعاني ميڏا ملهه هي

قصد ڪليم دا ڪيڏا هُل هي، ’بنما بنما‘ ٿي بيران
                        نئي نئي نزدؤن ڪوه ڪنبايم

سولي سهڪر موت مڃايم، آک ’اناالحق‘ آپ ڪُهايم
        ’قُم باذنِي‘ دا حڪم هلايم، پوست پري سَٽ بن بُرهان
                        رمز رندي وچ رنگ رچايم

6.      عشق ”امين محمد“ سٽ سيني، ڪنهن دا قرب ڪهيندي ڪيني
        بي رنگي دا راز رنگيني، سر ڏيوڻ دا ڪر سامان
                        ڪربل دي وچ ڪنڌ ڪپايم.

 

 

 

 

 

 

 

مخدوم غلام نبي عرف ميان پنيلڌو*

مخدوم غلام نبي عرف ميان پنيلڌو ولد محمد زمان، مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ جو ننڍو ڀاءُ هو. سن 1268هه/ 1852ع ۾ ڄائو ۽ 1304هه/1887ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، اردو، عربي ۽ فارسي ۾ ڪلام چيائين. هڪ قلمي نسخي ۾ سندس 59 ڪافيون ڏٺيون ويون.

 

[594] روپ سارنگ

دوستن جو ديدار، دل مَنگي دَم دَم دَم ۾

1.      محب وڇوڙي ماريس تنهنجي، هوت هلي آءُ اڱڻ منهنجي
        لعلڻ ٿيس لاچار، ڪين لڳي دل ڪَم ڪَم ڪَم ۾
2.      ڌارئون اوهان جي پنهل پيارا،عَين اسان جا رهن اُڃارا
        هَنجهن لک هزار، رهن ٿا نَم نَم نَم ۾
3.      اوهان ليکي خاصيون خبرون، مون لاءِ تيغ تفنگ ٻيون تبرون
        سانگُون لڳن سَوَ هزار، طرز طرح تَم تَم تَم ۾
4.      ”پنئل“ سِر اُٺِي بوند بحر جي، نه آهي قطرو نوڪ نهر جي
        قربت ڪارونڀار، چيرَ وڌا اٿس چَم چَم چَم ۾.

 

[595] روپ سهڻي

مئنون لڳڙا قُرب ڪَلُوري

1.      روح رباب طلب دِيان تاران، تَن بنيا هي طَنبُوري
2.      بُت ’بلاول‘، آڱڙا ’آسا‘، قلب ’ڪلياڻ‘ ’ڪَسُوري
3.      بِن سڄڻ دي سيڄ نه ڀاوين، سُمهڻ ٿيا هُڻ سُوري
4.      باهه بِره دي ڀڙڪا لايا، خوشي ٿي هُڻ کُوري
5.      بس ”غلام نبي“ ڪر گفتا، پِرت نه ٿِيسِي پُوري.

 

[596]

عاشق نور الاهي اَلو، انهين سِرّ ڪُون غير نه چاوين

1.      جيوين مکڻ ڏس وچ دهِي دي، گهر گهر ڏيندا گواهي الو
2.      ’لا‘ دِي ڪاتي هٿ اُنهاندي، ڪردي صاف صفائي الو
3.      ڪر تڪبير مريندي مَن ڪونه، جُون ٻڪرا ڪُهن قصائي الو
4.      ويک ”پئنل“ رُخ رانجهن والا، رمز سڻي ٿي راهي الو.

 

[597]

ٿَيسان سناسي، بقن ڪي بيراڳي،

ويسان ويس وٽاڪي

1.      ڪَن وچ ڪُنڍَل وي ميان، مُک وچ مُرلي
                        انگ ڀڀوت بنا ڪي

2.      ڳل وچ اَلفِي وي ميان، دست پهوڙا
                        در در اَلک جَڳا ڪي

3.      ’هَر هَر‘ هِردي وي ميان، هادي هويا
                        نِيسان نِينہ نڀاڪي

4.      ”پنئل“ رضا تي وي ميان، رهجان راضي
                        دونهان درد دُکا ڪي.

 

 

مخدوم غلام حسين ”شيدا

غلام حسين ولد ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو قريشي صديقي، مخدوم نوح رحه جي خاندان مان هو. سن 1884ع ۾ ڄائو. هڪ بهترين مقرر ۽ شاعر هو. سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ چڱي دسترس رکندڙ هو. سن 1934ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هڪ ڪافي هيٺ ڏجي ٿي.

[598] *

سگهو ٿيج ساڻي، ٿڪيءَ ساڻ ٿر ۾

لکيو انگ ائين هو ازل کان امر ۾

1.      پلنگ تي پنهل سان سنجهو ڏيئي ستيس

ڪــنواٽن جا ڪُڻڪا ٻڌي ڪين اُٿيس

ٿيم سار سرتيون نه آيون نظر ۾
2.      ڪري ظلم زوري وٺي ڏير ويڙا

گهُٽي گهوٽ مئيءَ جو رمي راه ويڙا

لڳي هاڻ لٽڪي ڏکي سا ڏونگر ۾
3.      هلي هوت لئي جان جيءَ کي جلايان

جبل جُوءِ جهاڳي پنهل پير پايان

ملي مانَ مون کي سڄڻ ڪو سفر ۾
4.      وڃان ڪيچ ڪاهي ڪري درد دانهون

وٺي ور ولهيءَ جو پنهون ويا پرانهون

وڃي ور کي وؤڙي ٿي ”شيدا“ شهر ۾.

 

 

مخدوم احمد علي*

مخدوم احمي علي عرف غلام رسول ولد مخدوم غلام نبي عرف پنيلڌو به مخدوم نوح رحه جي سلسلي جو فرد هو. تاريخ 29 جمادي الاول 1301هه/1884ع ۾ ڄائو ۽ 7 شعبان 1357هه/1938ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت موجب کيس ڪربلا معلى ۾ دفنايو ويو.

[599]

ڪا گهڙي مون وٽ گذار، ڇڏ وڃڻ جون يار وايون
1.      دمبدم دل جان ۾ تنهنجي اٿم پرتئون پچار
        آهيان اصلئون اوهان جي، ڇو نه لڌيو مئيءَ جي سار
                هيئن نه گهرجن هي جدايون

اچ پرين، هر وقت مون کي آهه تنهنجو انتظار
        ڪابه ساعت صبر ناهي، بيقراري بار بار
                ٻيون بَڇايوَ بِره باهيون

جي سڻين تون حال منهنجو، تو سان ڪريان آشڪار
        ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون هينئڙي ۾ آهن لک هزار
                سي نه مان توکي سڻايون

آهي محبت جن جي من ۾، سي مڙئي منجهه اضطرار

ان سان گڏ ”احمد علي“ آ تنهنجي در اميدوار
                آءُ، تو لئي اکڙيون اُڃايون.

 

 

 

مخدوم غلام محمد ”مغموم

مخدوم غلام محمد صاحب ولد مخدوم ظهير الدين عرف پَروُ ڄام، حضرت مخدوم نوح رحه جو 10 سجاده نشين هو. اعلى اخلاق جو صاحب ۽ تارڪ الدنيا درويش هو. گهڻي عمر گوشه نشيني ۾ گذاريائين. شاعري ۽ فقيري کيس ورثي ۾ مليون. ٿورو ڪلام چيائين ۽ ”سرور علي“ تخلص طور ڪم آندائين. سنه 1944ع ۾ وفات ڪيائين.*

[200]

عشق جي اسلام ۾ آباد آءٌ آهيان
        دل شاد آءٌ دل شاد آءٌ دل شاد آءٌ آهيان
1.      فارغ دنيا ۽ آخرت واري فڪر فڪرات کان
        آزاد آءٌ آزاد آءٌ آزاد آءٌ آهيان
2.      اسرار اکين جي عجب اظهر الف اثبات ٿي
        ارشاد آءٌ ارشاد آءٌ ارشاد آءٌ آهيان
3.      زلفن واري زنار جو ظاهر ذڪائي ذوق سان
        استاد آءٌ استاد آءٌ استاد آءٌ آهيان
4.      هڪ عشق جي آتش اندر آخر اول آواز ٿي
        اتحاد آءٌ اتحاد آءٌ اتحاد آءٌ آهيان
5.      ثابت سخي ”سرور علي“ ساقي سُرڪ جي ساز جو
        امداد آءٌ امداد آءٌ امداد آءٌ آهيان.

 

پير ڪمال *

ڪمال فقير، نوشهري فيروز ضلعي نوابشاهه جي مشهور بزرگ ”ميين آدرُ“ جي پيڙهي مان هو. سنه 1294هه/1877ع ۾ ڄائو ۽ 1328هه/1910ع ۾ وفات ڪيائين. قدري سنڌي، انگريزي ۽ فارسي جي تعليم ورتائين، پر فقيريءَ ڏانهن مائل رهيو. سادي زندگي گذاريائين۔ سندس آستاني تي هر جمعي جي رات ڪافين ڪلامن جو شغل ٿيندو هو، جنهن ۾ پاڻ به ڪلام چوندو هو. طريقت ۾ حضرت مخدوم نوح رحه جي سلسلي مان مخدوم ظهير الدين عرف مخدوم پَرُو ڄام جو مريد هو. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڪليات ڪمال“ ڇپيل آهي، جنهن ۾ سندس سنڌي ۽ سرائڪي ۾ 481 ڪافيون شامل آهن.

[601] سر ڪلياڻ

سي عشق آڙهه ۾، اڙايا تو وو اڙايا تو

1.      مصطفيٰ جي من جا موتي، نيزي نينهن چڙهايا تو
        هٿان دشمن دوست ڪُهائي، چِڙي باز لڙايا تو
2.      صنعان جهڙن سالڪن کي، جڻيا عشق جڙايا تو
        سوريءَ تي منصور مثالين، پختا گيت پڙهايا تو
3.      شاهه بلال جهڙا عارف، گهاڻي منجهه گهڙايا تو
        صاحبزاده تخت هزارا، ترڪي تخت تڙايا تو
4.      ڪيچ ڌڻي ڪوهيارل جهڙا، کُنڀن پاس کڙايا تو
        مجني جهڙا مرد موچارا، رُڃن منجهه رڙايا تو
5.      درد وارن کي درسن ڏيئي، سوزن منجهه سڙايا تو.

 

[602] ڪوهياري

مون نه پِڃاتو پاءُ، اَڃا سرتين سير سنڀاهيا

1.      سُٽ گهر جي سڦرو، صرافن اڳياءَ
2.      ڦورو ڦولهي ڏِسندا، رَتِي ڪن نه رياءَ
3.      اديون اَتڻ وو وچ ۾، مهڻا ملندم ماءَ
4.      ”ڪمال“ ڪتڻ ڪار جو، ڏورِ نه آيم ڏانءُ.

 

[603] مارئي

ملڪ اُٺو ماڙيچن، مينهنِ ڪيا مانڊاڻا
        مينهنِ ڪيا مانڊاڻا، چوڌاري چانڊاڻا
1.      بر ٿر ۾ بارانيون، گاهن ڪيون گلزاريون
        ڌڻ ڇوڙي ڌڻ واريون، ٻهڪن اڄ ٻڪراريون
        موڪ مڪي مارن وٽ، ڦوڳ ڦٽا ۽ لاڻا
2.      رانهان، ڇانهان، ريڀڙ، ڪرنگ ڪڪوريا ڪنڻيون
        چڀڙ چونڊن چوڙيليون، موٺ پچي پيا مکڻيون
        لُلر پٽن ۾ لوڻڪ ٿيڙي، اڱڻ ٻُهاريون اڄ پايان
3.      موڪ پچي پيا ميها، ڏٿ ڏورن ڏوٿيڙا
        کُنڀيون کائي خوش ٿيا، سرتيون اڄ سانگيڙا
        واس کٿوريءَ واسيا، ٿاريلن جا ٿاڻا
4.      ”ڪمال“ ڀڃي ڪوٽ ڪڙا، واحد ڪر هيءَ واندي
        قيد نماڻي نِيرَن ۾ عمر بندي ڪئي باندي
        ڏاتر مون ڏيکاريو، ڀٽن وارن جا ڀاڻا.

 

[604] سورٺ

راند اٿئي اوکي رِندن جي، سمجهه رک ساري ادا
1.      دزد دشمن نفس تنهنجو، چُست اٿئي چاري ادا
        هٿ هڻي هر دم هوشياري، ٿي مٿس ماري ادا
2.      ننگ، نام ۽ ناموس کان تون نڪر نرواري ادا
        دنيا عقبى دور ٿي، رک يار سان ياري ادا
3.      مُوتُوا قبلَ موت جي اٿئي مهل موچاري ادا
        ساهه سر صدقي ڪري، بازي کٽج باري ادا
4.      ”ڪمال“ ڪر ڪو خوف خاوند، روز شب زاري ادا
        صاف سيني جي اندر ۾، جنگ ڪر جاري ادا.

 

[605] بروو

کُليا باغ بهار يار، برهه بيشڪ ڪئي بهاري

عشق جا اُلا اُڏاڻا، بدن ۾ ڪيئي بيشمار
        مچ محبت جو ٻري ٿو، هَي سڙيا پتنگ هزار
                        دل کامي کوري ويچاري

هي وڃايم حال پنهنجو، رات روئي زار زار
        من اندر ماتام محبن، هِين اندر آتش اُٻار
                        بره بيشڪ باهه ٻاري

دير نه گهرجي دم جي دلبر، سام پنهنجي تون سنڀار
        آءُ الله لڳ اڱڻ مُئيءَ جا يار زاري
                        مڃ مُئيءَ جا يار زاري

”ڪمال“ ساري ٿو نهاري، مل مٺا مون مختيار
        پنهنجي پورهيت کي پيارَل، دم نه ڪريو دوست ڌار
                        عشق دلڙي آهه آزاري.

جوڳ

اسان جو عشق امام ميان، جوڙي برهه جماعت آهي
1.      اندر ڪعبو، اندر قبلو، مسجد من مدام ميان
2.      دلبر دور نه دم آهي هڪڙو، آهي پڪو احرام ميان
3.      ورد وظيفا ويڙا وسري، نظر هڪڙو نام ميان
4.      ”ڪمال“ قلب پنهنجي کي ڪريون، منجهان شوق سلام ميان.

 

[607] سارنگ

مهلي مينگهه ملار، بادل آيو بَرسِي

1.      ڀڙڪن بجليون سرس سراسر، چوڌاري چمڪار
2.      سارنگ ساز وڄن ٿا سُرندا، گوڙن جا گجڪار
3.      وهن واهه نيون ۽ نارا، وڏ ڦڙيا وسڪار
4.      پاڻي پليو ٽيو برٿر برسيا، گاهن ڪيا گلزار
5.      ”ڪمال“ ڪڪرن آهه ڪارايو، اُٺِي بوند بهار.

 

[608] ڀيروي

ڪانگ ڪتابت ڪهچ قريبن، پانڌي پورهيت جو پيغام

1.      اُڀي ادب سان عرض اَلائج، ٻڌي ٻانهون پوءِ ٻڌائج
                        عشق وڃايو مون آرام

محب مئيءَ کان ڪر پَل مَ پاسو، هُج هيڻيءَ سان تون هڪ راسو
                        نيڻن کي ٿي ننڊ حرام

درد فراقن ڪئي دل ڦارون، ڏي تون ڏکيءَ کي دلبر دارون
                        نيڻن کي ٿي ننڊ حرام

ڪڏهن ”ڪمال“ سان محب تون ملندين، ٽوراڱڻ تي منهنجي ٽلندين
                        اچڻ پنهنجي جو ڪر انجام.

 

[609] تلنگ

ساڏا عشق نهين اڄڪلهه دا، سانون لڳڙا نينهن روز ازل دا

1.      الستي آواز صف سُڻيوسين، قالوابلى دا قول ڪيتوسين
                        واحد نال وچ وصل دا

2.      لاڪُون روز ميثاقون آيا، بسم الله مئن جهولي پايا
                        نقطا نينهن نت نه سَلدا

3.      ساقي شوق شراب ڏتوسي، اُنهين هڪدم مست ڪيتوسي
                        ڇپ ڳيا تاب عقل دا

4.      ”ڪمال“ عشق ملامت چايا، آپي پير پڌر ۾ پايا
                        ڪرڪي خام خيال قتل دا.

 


(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) ”ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري“ تان ورتل.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”ديوان بيدل“، عبدالحسين شاهه موسوي، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”ديوان بيڪس“، عبدالحسين شاهه موسوي، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1965ع.

* * تذڪره شعراء روهڙي، مرتب پروفيسر گل محمد گلاڻي، 1978ع.

* [561] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

            (1) جر = زر، سونُ (2) کُسِي = خوشي

(1) راوي مالڪڏنو فقير جت مرحوم

* * جائون = جِيتَ

* [568] تعلقي ٽنڊي الهيار مان يارمحمد مهاڻي جي بياض تان ورتل.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪليات حمل“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪليات حسين ديدڙ“، مرتب عبدالڪريم سنديلو، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1971ع.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪليات شاهه محمد ديدڙ“، عبدالڪريم سنديلو، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع.

* تفصيل لاءِ ڏسو .ڪليات امين“ مرتب محبوب علي چنا، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع. *

* * ”ڪليات امين“، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع ۾ سندس 24 ڪافيون ڏنل آهن، پر ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ موجود هڪ نسخي ۾ سندس 59 ڪافيون ڏٺيون ويون. ”تذڪره شعراء هالا“، آفتاب پرنٽنگ پريس حيدراباد، 1944ع ۾ غلطيءَ وچان ”مخدوم نبي بخش عرف پنيلڌو“ ڪري ڄاڻايو ويو آهي.

* [598] ”ياد-رفتگان“، مخدوم طالب المولى، سن 1943ع تان ورتل.

* تذڪره شعراء هالا، آفتاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 1944ع.

* * ”ياد رفتگان“، مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“، 1953ع.

* * تفصيلي سوانح ۽ ڪلام لاءِ ڏسو ”ڪليات ڪمال“، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org