فتح فقير
فتح محمد ڪلهوڙو، جو پوءِ پنهنجيءَ فقيري سان ”فتح فقير“ جي نالي سان مشهور
ٿيو، اصل ڪَڪڙ تعلقي ضلعي دادو جو ويٺل هو.
اندازاً 1180هه/1766ع ڌاري ڄائو. وڏي سُڌ ٻُڌ وارو
۽ وقت جي رواج موجب پڙهيل ڳڙهيل هو. مير فتح علي
خان جي وقت ۾ حيدرآباد شهر ۾ رهڻ لڳو، جتي اڄ
ڏينهن تائين ڊومڻ واهه روڊ تي ”فتح فقير جو
اوتارو“ مشهور آهي. ميرن جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد،
فقير صاحب تعلقي جاتيءَ جي ”ڀاذ“ ڳوٺ ۾ پنهنجي
مرشد شاهه شريف ڀاڏائيءَ وٽ وڃي رهيو، جتي
1259هه/1743ع ۾ وفات ڪيائين.
سندس چيل واين ۽ ڪافين مان 33 وايون ”شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو“ ۾ شامل
آهن.(1)، پر فقير صاحب گهڻو ڪلام چيو، جيڪو ڪن قلمي ذخيرن ۾ لکيل ملي
ٿو ۽ جنهن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
[294]
سر مارئي
ويڙهيچن ڏي ويندي، عمر آءُ ماروئڙن ڏي ويندي
منهنجو ڏيهه ڏاڏاڻي پَکين
1.
جُهوپو جهانگيڙن جو، ماڙيءَ تي نه مَٽيندي
2.
گولُون گولاڙن جون، جَهپي ساڻ جَهپيندي
3.
عمر! انهيءَ ڏيهه جا، ڪوڍير قُوت ڪَريندي
4.
سَڱر ساهيڙين سان، ساڻيهه مَنجهه سَٽيندي
5. ”فــتح“ چئي، فراق ۾، ڪوٽن ۾ نه ڪُٽيندي.
[295]
سر ڪلياڻ: ڪافي يڪي
ڪري سينگار سو سهڻو، صورت انسان ۾ آيو
اهــل هــو ذات ۾ ذاتـــي، چَلِي چؤگان ۾ آيو
1.
اِجهو آيو هلي دلبر، جهين جي دست ۾ خنجر
لکين مشتاق ٿو ماري، مَلهي ميدان ۾ آيو
2.
نشو ٿيو نينهن جو غالب، ڏيان ڪل ڪيف جي ڪنهن کي
پياري جام ٿو جاني، اِجهو ميخان ۾ آيو
3.
حسن پنهنجو ڏيکاري ٿو، چمن ۾ چهچٽو چهرو
هزارين مست ٿيون بُلبُل، بُلند بُستان ۾ آيو
4.
امر اپڻا مڃي آپي، رضا تي رند ٿيا راضي
نِمايو نينهن جي ناتي، ”فتح“ فرمان ۾ آيو.
[296]
سر سسئي: ڪافي يڪي
آيو منهنجو پنهل پاڳارو، جُڙيو منهنجو سيد سوڀارو
1.
اُڀريو ڏٺم جيڏيون، طرف تنهن تارو
وَٺيو واٽون وندري هينئڙو ويچارو
2.
راتو ڏينهان رُڃ ۾ ڳارڻ ٿيم ڳارو
جبل مُئيءَ جي جوش کانڪڙهي ٿيو ڪارو
3.
اٿم آريءَ ڄام جو من اندر مونجهارو
جيڏيون ڀنڀور جتن ري، سُڃ ڀانيان سارو
4.
ڏاڍي ذات جتن جي، چوڻ ناهه چارو
تنهن لاءِ ”فتح“ چوي، وِرهه ڪيو وارو.
[297]
سر مارئي: ڪافي ڏيڍي*
ماروئڙن جو ماتم، آهي عمر مون ميان
1.
پِرت پنوهارن جي چوري ڪيس چَري
دعا ڪريو جيڏيون، وڃان ويڙهه وري
ڄاريون منهنجو ڄَمُ، ڀيڙي ٿر ٿيان
2.
ڏيهائيَن کي ڏيهي، نَئي ڏوراپو ڏج
هي قضا ڪوٽن، جا ڪنهن سين ڪيم ڪِج
غم ماري مون مرم، منهنجي ڪانه ڪِيان
3.
ڳوٺي ڳالهڙيون ڪج منهنجو ڳوٺن ۾
قيد ڪيس قسمت ڪوٽَن ڪوٺن ۾
ٿِيڙو جَفّ قلم، ڪنهن کي ڏوهه ڏيان
4.
ماروئڙن ري منهنجا ٿيڙا حال هي
جوڙ جلائي آهيان جهوريءَ جهانگين جي
شال هتي هڪ دَمُ، جيڏين ريءَ نه جيان
5.
ڳاڱيون ليار چڱا پِيڙَا ڪرڙ پَچِي
مکڻي، مَرٽ، مُنگها، پِيڙا ڪرڙ پَچِي
سائون، سَڱر، ڳَمُ، پاسي کيٽ کِيان
6. ”فتح“ فراق لٿا، ڏوٿين ڏيهه ڏسي
سِر صدقو ساڻيهه تان ڪريان ساهه سِسِي
هي هَڏُ چَمُ لَحَمُ، گهوريان گهور هِنيان.
[298]
سر رامڪلي*
ڪاپڙي ڪَن چير، ويا ويراڳي نڪري
1.
هڻي ويا حال جون سِڱيون منجهه سرير
2.
دل هڻي ويا دلق سان، ڦورو هئڙا فقير
3. ”فتح“
چئي فراق جي، تن پيئي تڪبير.
[299]
سر سسئي: ڪافي ڏيڍي*
1.
ڪيچان آيو قافلو، اَديون اوٺيڙن
ڦِٽو ڀنڀور وَسايو
2.
ٿيون آباديون عشق جون، لايو رنگ هٿن
جتن جو جُهڙ لايو
3.
سال سِڪياسون ٿي جن لئي، تن کي ڪيو خوش تن
سعيو ٿيڙو سجايو
4. ”فتح، چوي لٿو ڦوڙائو، پاتا پير پِريَن
ٿيم طالع سَوايو
[300]
سر سسئي: ڪافي ڏيڍي
ٻاروچي جي ڪاڻِ، ٿينديس جبل جو ڳياڻي
آءُ اُڪنڊڙي آهيان، الله ساڄن آڻ
ناتي جنهن جي ڪيس نماڻي
نهارينديس نڪري ٻاروچي لاڏاڻِ
پنهون تنهنجي نالي وڪ
اديون آريَ ڄام جي عشق ڪيس اَڄاڻِ
وڃايم ڄاڻَ سڃاڻي
”فتح“ چوي فراق ۾ رئان ساري رِهاڻ
اديون! آن نه ڏٺو آرياڻي
[301]
سر سسئي: ڪافي يڪي
جانب يار زوراور جَت
جيڪس جَت نه ڀائي رَت
1.
پڙهي پروڙيم پرينءَ جو ڪاغذ ڪتابت
جيڏو جيءُ جياريو، تنهن جي تِلاوت
2.
اسان پرين پاڻ ۾ ڪا جا پئي ڪُلفَتَ
ٿيس نماڻي نِڪڻي، ڇڏيم هوت حُجَتِ
3.
اٿم آريءَ ڄام ڏي سدا نيڪ نِيتَ
ڪري ضم ضعيف کي سڄڻ جئن سُورَتَ
4.
ڦُري دل ”فتح، چئي هوت ڪئي حيرتَ
اچي ڪين عجيب ري جيءَ کي جمعيتَ
[302]
سر سسئي: ڪافي يڪي
دلبر دست ڏيان ٿي دم
ڪامل ڪيچي ڀر قدم
1.
ساڄن کوڙيو سُور جو آڻي يار عَلَم
وَهي ويچاريءَ تان ويو قضا جو به قَلَمَ
2.
هلنديس هاڙهي سامهين اَٿم اِيءُ عَزَم
ڏينديس ماس مِرُن کي لڱن تان به لَحَم
3.
گهايس گهاوَ سڄڻ جي لڳم زور زّخَم
دارون منهنجي درد جو ڪر ڪو محب مَلَم
4. ”فتح“
چوي فراق، ۾ حُب سندين هر دم
صدقي ساڄن تان ڪريان ساه سسي هڏ چَم
[303]
سر سسئي: ڪافي ڏيڍي
تنهنجي نينہ نيڻن نروار ڪيو
منهنجي جيءَ جو جياپو جُڙيا جان
توکي ساريان ڪيئن وساريان، ڪڏهن ايندين واٽون نهاريان
بره تنهنجي بيزار ڪيو، موٽي ڪانه مُڪئي نِشاني
2.
عشق تنهنجي ڏاڍا ٻارڻ ٻاريا، سهڻا وري
تو زلف سينگاريا
تو مصر بازار ديدار ڪيو، تون شاه يوسف ڪِنعاني
3.
حسن تنهنجي ڏاڍي فوج چڙهائي، نيڻن تنهنجن ڪئي جا لڙائي
وِڄ بجلي چِمڪار ڪيو، تون سيف سڄڻ ڪِرماني
4. ”فتح“ چوي لنؤ جن سان لايئي، گهاڻي وري تن کي گهمايئي
جن عشق تنهنجو اختيار ڪيو، سي قتل ٿيا قرباني
[304]
سر سسئي: ڪافي يڪي*
جنهن مَتِ موٽي جَت ڙي آديون
سا مَتِ مون کي نه آئي اَلا
1.
ويهي آتڻ وچ ۾ مين لا
ڳالهه ڪريان ڪهڙي ڳَتِ
2.
چرخو چندن عاج جو ميان لا
ڀيريان ڪهڙيءَ ڀَتِ
3.
پنهل ساڻ پِرت جي ميان لا
پُوري ئي مون پَتِ
4. ”فتح“
چوري فراق ۾ ميان لا
روئان ويٺي رَت
غلام حيدر ”تيرهيو“
فقير غلام حيدر ذات جو ٿيٻو هو. اندازاً 1810ع ڌاري ڄائو. کيس وقت جي لحاظ
سان عربي ۽ فارسي جي تعليم ملي، پر سندس طبيعت
فقيري ڏانهن مائل هجڻ ڪري سير سفر کي ترجيح
ڏنائين. ڪاٺياواڙ ۾ گرنار جبل تي چلا ڪڍيائين ۽
پوءِ جوانيءَ ۾ ئي سنڌ ۾ اچي سيد قنبر علي شاهه
عرف شاهه شريف ڀاڏائي جو مريد ٿيو ۽ ان وٽ ئي
گذارڻ لڳو. جيئن ته ڪڇ جي مڪان ”تيرهي“ جو ويٺل هو
تنهنڪري شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”تيرهيو“ ڪيائين. اندازاً 1318هه/1900ع ڌاري وفات ڪيائين.
کيس پنهنجي مرشد جي ڀر ۾ گنبالي ۾ ئي دفنايائون.
سندس ڪلام جو مجموعو پڻ شاهه لطيف ڀٽائي ۽ شاهه
شريف جي رسالي جي طرز تي جڙيل آهي، جنهن ۾ 89
وايون ۽ 7 ڪافيون شامل آهن.
*
[305]
وائي: سر ڪلياڻ
او واه تصوير رباني آه، سِر اِهو سبحاني آه
1. ”من
عرف نفسہ فقہ عرف ربہ“، رمز راز نهاني آ
2. ”فَايَنماتوَ
لّوافثمّ وجہ الله“، هر سُودرس دياني آه
3.
موتوا قبل اَن تمو تُوا“، سوا سڀ فاني آه
4. ”لايموت
فيها وَلايحى“، جيّ قيوم حناني آه
5.
طہ، يس، تبارڪ الذي، ”تيرهيا“ الانساني آه
[306]
وائي: سر جمن
دِلڙي ٿَئِي ديوان، دوست ويکڻ ڪيتي
1.
ناز نيڻان دي نال پياري، هوش ڪيتا حيران
2.
زلف کٺِلائي کڙدا آڪي، ندي ڪناري نيشان
3.
راتيان ڪاليان،ڪنڍيان ڪاليان، ڪالا ڪانُ سُجان
4. ”لا تقنطوا“ آپ آليندا، مَحو قلم عصيان
5. ”تيرهيا“ چاڪر چاڪ سڏاوي، سلطاني سلطان
[307]
وائي: سر سامونڊي
وريا وڻجارا، جي سنڀاريم سپرين
1.
سڃاتم سڙهن کي، آيا اوڀارا
2.
لاڄو بند لَوَن ٿا،ڌَڄا چوڌارا
3.
کوها اولا عاج سان، جڙيا جنسارا
4.
سُونهن سُّهڻا سون جا، نوان ناتارا
5. ”تيرهيا“
ڪيڙم تن سان، ڳل ڳچيءَ ڳارا
[308]
وائي: سر ميگهه ملهار
تيڏي زلف دا لٽڪا سهڻا
تيڏي زلف دا سهڻا لٽڪا
جڏان آوندا ندي ڪناري، سِر تي چاءِ ڪي مٽڪا
2.
ڀيرو راڳ هنڊول سري، شام ڪلياڻ دا نٽڪا
3. ”تيرهيا“ آکي تيز ڪِتوئي، گهور نيڻان دي گهٽڪا
[309]
وائي: سر ميگهه ملهار
دلڙي نال پياري لاڳي
دلڙي نال سڄڻان لاڳي
1.
بادل برسي، بجلي چمڪي، رين ساري مئن جاڳي
2.
ساجن سهڻا، من دا مهڻا، هويا صنم ساڳي
3.
نيڻ ڪالي، ابرو ڪالي، دام زلف خم واڳي
4. ”تيرهيا“ آکي مُک و کاوي، روپ رساوي راڳي
[310]
وائي : سر ڪوهياري
نالي نالي، سا نالي، اوهان جي آءُ
سا ناتر سُيڙس نالي
1.
نِج نماڻي پاڻ سان، پٺيءَ لڳڙي پالي
2.
ڪريو ڪميڻيءَ تي، ڀيرو ڀلائي ڀالي
3.
ناز نهوڙي آهيان“ چوکي جنهن جي چالي
4. ”تيرهيو“
پِني تو مُلا، والي واٽ وصالي
[311]
ڪافي : سر بره
ڏاگهن چڙهي ويا ڏيو
ڏس ڏيرن جو پڇان پهاڙن
1.
ڏير پڇائي ٿينديس ڏوري، آءُ برهمڻ آهيان ڀوري
ڏسي بلوچن ڀير، مور سڃاڻان مٿي مهارن
2.
ذات اڙانگي ڪيائون زورو، ڪنهن جو ڪونه رهيو ڪوٿورو
ساٿي ويڙا مٿي سُمير، ڪنهن پر ڪاهيان پُٺي قهارن
3.
هڪ فراق بره ٿيو باري، ٻي نه ڪئي ڪا ڪنهن پوئواري
اُٿيان ٿِئي ٿي اَوير، بس ڀنڀور جي باغ بهارن
4. ”تيرهيا“ رات ڏينهان رند پڇجي، مخفي راز نه ڪنهن سان ڪڇجي
درد سانڍين دلير، چوکون چوٿون کائي چهارن
[312]
وائي: سر سورٺ
سِرَ جي ڪر ساڃاءِ، ڏيج ڏهوڻا وٺ تون
1.
جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، جوڙي ڏيان تو جاءِ
اچي ويهه اکين تي، راڻيون ڪيم رلاءِ
2.
سِر ۾ سهڄ ناه ڪو، سائل کي مَ سڪاءِ
هي جو آيو آس رکي، اُو مورمَ تون موٽاءِ
3.
آڻي ان ايوان ۾ سهڄان سِر سٽاءِ
”تيرهيا“
ڪنڌ ڪٽار سان، ڪامل ٿي ڪٽاءِ
[313]
وائي: سر جوڳ
مشتاقان نون مَريندا، نال نيڻان دي نوڪان
ابرو ڪالي زلف بسيهر، مِزگان دست ڌريندا
لڙدا سياڻي لوڪان
وچ سِيالان دي هو سپاهي، منجهيان چاڪ چريندا
جهنگ رانجهي ديان جهوڪان
ندي ڪناري ٻيلي وسدا، سارا سيل ڪريندا
سِر تي سَهندا ٽوڪان
جُهڙ ڪر آهنتي بادل وانگون، روڪي ٽوڀي ڀريندا
محبت لايان موڪان
”تيرهيا“ دلڙي لُٽ اساڏي، سائُو سخن پَريندا
ڇوٺڙ ڏتوِنس ٿو ڪان
[314]
وائي: سر مارئي
ڀڄي ٿيا ڀورا، زور زنجيرن ڇڏيو
1.
مون تي مارو مِير جا، لکين لک ٿورا
2.
ٻيڙيون ڀڳيون ٻاجهه ٿي، نِيرَ ندورا
3.
هئا هميشه حق جا، ڏوٿيڙا ڏورا
4.
لحظي منجهه لهي ويا، هانوَ مٿان هورا
5. ”تيرهيا“
ڏس تنزيل ۾، ماروون مُنهن ڳورا
[315]
وائي: سر ڪامول
ڄُلي آيو ڄام، نديءَ ڪناري ريل جي
1.
اچن وڃن گندريون، ڪَهن ڪونه ڪلام
نوريَ وٽ نياز سان، سڀيئي ڪن سلام
2.
پُر ڪيائون پِنڊيون، منجهان موج مدام
مَرڪن مڇيءَ واريون، هليو ڪن حڪمام
3. ”تيرهيا“
تماچيءَ جو نيشان ڪيائون نام
مُلڪ مڙوئي ٿيو انهنکي انعام
[316]
ڪافي: سر جوڳ
ماڻي تنهنجي ماري، مَن جا موهن ماهِي
”اَرني“ موسيَ جيئن چيائين، ”لن تراني“ کڻي سُئائين
اتي ڏٺاني اظهاري، بيشڪ بيپرواهي
خواب ۾ يوسف يار ڪيائين، شهر مصر ۾ مُلهه ڳڌائين
ڪي زليخا زاري، ڏسندي زلف جي سياهي
سسئي سڃ ۾ ٿي سياڻي، رڻ ۾ تنهن کي رات وهاڻي
وندر وسائي واري، راه وٺي ٿي راهي
”تيرهيا“ مُور نه مُنهن مَٽيائين، جهنگ سيالڻ کي سٽيائين
هير رکي هشياري، چاڪ سڃاتائين سپاهي
[317]
ڪاسفي؛ ڍول مارو
مکڙا وِکاڪي مئنون،مستان چا ڪيتوئي
رخ تون نقاب کوليا، گُن بي جواب ٻوليا
جب ناز چشم چوليا، چوگان چا ڪيتوئي
2.
آبرو ڪَج ڪمان را، مزگان خدنگ مارا
شاهد خدا قضارا، نيشان چا ڪيتوئي
3.
لب لعل بي مثالي، لعلان هزار لالي
قد سرو خوش خصالي، غلامان چا ڪيتوئي
4. ”تيرهيا“ غلام بندي، در زلف خم ڪمندي
داروءِ دردمندي، ديوان چا ڪيتوئي
لڌو فقير عرف لالو
لڌو فقير جوکيو، شاهبندر جو ويٺل هو. اصل ۾ سيد قنبر علي شاهه، عرف شاهه
شريف ڀاڏائي جو طالب هو، پر پوءِ نواب غلام الله
خان (وفات 1253هه/1838ع) جي صحبت ۾ تاجپور ضلعي
حيدرآباد ۾ اچي رهيو. سندس هيٺيون ڪافيون هڪ قلمي
بياض مان مليون: *
[318]
ساهَڙَ سان ساهيڙيون، منهنجي جِيَ جَڙي، روز ازل کان
1.
ڪُنڍِي يار قريب جي ميان الا،
اندر منجهه اَڙي
2.
ٻُڏان ٻَن پيو جندڙو ميان الا،
گهٽجي شل نه گهڙي
3.
وَرَ ريءَ ڪيئن ويهي رهان ميان الا،
خيالن ڪيس کَڙي
4.
لائق ايندم ”لال“ چئي ميان الا،
لهرين پاس لَڙي
[319]
آيو ساههَ سيبايو، من محرم سو محب آيو
1. ”هُّوَ
الاول هُوَ الاخِر“ واحِدَ وِچُ وڃايو
2. ”لِمَنِ المُّلڪ“ جو اڄ اسان وٽ، وارو وِره وڄايو
3.
سڀ ڪنهن صورتَ سونهي سهڻو، سائين سڀ ۾
سمايو
4.
هم غم وهم سڀيئي وِيَڙا، پِريمَ پاڻ پَسايو
5. ”لال“ کي لائق لطفئون پنهنجي، هادي حق سمجهايو.
[320]
وه ماهِي مُّرلي وڄائي، ساڏڙي ساههَ مَواريان
ساڏڙي ساههَ سِيبائي
ماهي مالڪ مُّلڪ ساري دا، شوقئون ڇوڙيس شاهي
لوڪان دي ليکي چاڪ مَنجهين دا هي سو آپ اِلاهي
”اَلاِنسانُ
سِرِي اَناسِرُ“، وچ راولَ رمز رَلائي
2.
تخت هزارا ڇوڙ ڪر! هُڻ ديس ساڏي وچ آيا
”اَن
اَعرَفَ“ دا روز ازل ڪنون راول ڪُون“ اَها رايا
”انا
بَشَر“ وچ آڪر هُڻ لالَن لِڪَ لِڪائي
3.
بينَ وَڄيندا رمز رَلَيندا، چاڪان دِي چال چَليندا
آپي آواز ”اَنا اَحمَد“ والا، ٻَهڪي ڪولُ ٻِهليندا
”يا
ڪُلُ الطَعامَ وَيمشِي في الاَسواقِ“
نظر عامان دي آئي
4. ”لالو“ آکي لنؤو لنؤ دي وچ لالَن لَنؤڙِي لائِي
”مَن
رَّآني“ رمز رَلاڪي، چاڪ ساڏِي دل چائي
آپُ ڀَلا ڪي آپُ ويکايُس، مَينُون ڪَل نه ڪائي.
صوفي محمد صديق ”صادق“ ۽ ان جي سلسلي جا شاعر
صوفي محمد صديق ”صادق“
فقير محمد صديق سومرو، جهوڪ، جي درگاهه جي سجاده نشين فضل الله شاهه قادري
جو مريد هو. سن 118هه/ 1756ع ۾ ڄائو ۽ اندازاً 80
ورهين جي ڄمار ۾ 1268هه 1848ع ۾ ڳوٺ ”آهر“ لڳ ڍوري
ناري ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام گهڻو آهي، جيڪو جدا
جدا قلمي نسخن جي صورت ۾ موجود آهي. سندس دؤر جو
”راڳنامو“ (1300هه کان اڳ جو لکيل آهي) شايع ٿيو
آهي، جنهن ۾ سندس 142 صدائون (وايون) شامل آهن.
*
[321]
صدا: سر ڪلياڻ
لڌائون لانئون، ٿي واڍوڙين وِرهَ جون
سي تان ڏيئي ڏُوائون
1.
اندر خيما عشق جا، خُوبان کوڙيائون
2.
ڏيئي ڏِيلُ ڏکن کي ويران ويڙهيائون
3.
پهرين ڇنائون پاڻ کان ”اسين“ ۽ ”آئون“
4.
سَڄر سور پِرين جا سهسين سبيائون
5.
اچي سُورَ اُڌميا، ڪجن ڪيڏاهون
6.
تن جانِ پنهنجي جيئري، مَري ماريائون
صدا: سر ڪلياڻ
ڪنهن سين جلايان جيءُ، آهيان آڳ ازل جي
1.
پاڻيءَ ڊپ ٻُڏڻ جو، ڄيري لڳو سيءُ
2.
پتنگ جلايو آڳَ کي، عاشق جلايو جيءُ
3. ”صادق“ سمجهه سَنِيهڙو، آپي آپي تون پيءُ.
[323]
صدا: سر ڪلياڻ
ڪا جا ماريوئي ڪانِي، يار گهمان جولانِي
1.
پڙهه پڙهه اِسم، ڪوئي نه رهيا جسم
فهم فڪر سڀ فانِي
2.
دل نه ماوي، نظر نه آوي
هوءِ رهيان حيراني
3.
آهه ڪَران تان ارواح ٽوُٽي
چُپ ڪران تان مستاني
4.
مرڻ جيوڻ ڇوڙ ڳيا سڀ
رهيا درد نشانِي
5.
سهسين ”صادق“ چُل ڳئي
ڪونهي تنهنجو شانِي
[324]
صدا : سر موکي
توءِ نه پَرَن مَٽَ، او آيل، توءِ نه پَرَن مَٽ
اي هو پيالي پرينءَ جي
1.
جي سِرُ ڏني سَپُجي، توءِ سهانگڙي سَٽِ
[325]
صدا: سر سامونڊي
ڌار دل جي دَنگي، اي ميان! ڌار دل جي دَنگي
ته تون لحظي وڃين لَنگهِي، اي هو پڳهه پائي پِرت
جو
1.
جي پاسنئون پاڻي وهي ته تون چيت ڪر چؤرنگي
2.
پڙهيا پنڊت پارکو، اُتي سهسين هئا سَنگِي
3.
جيت اُونهايان اونهون وَهي، اُت آيا ڪجي اَڙٻنگِي
4.
هٿ ۾ آئي تن جي، جن وئي وِره سين وَنگي
[326]
صدا : سر گهاتو
اِيء نه تنهنجا سيڻ، جي تو پنهنجا ڀانئيا
1.
مون ڏٺيون ڪيتريون، ٽِمائينديون نيڻ
2.
وِهه ٿيندءِ ڪڏهن، هي جي کاڌئي کيڻ
3.
متان سمهين سک ٿي، پوءِ سهندينءَ ويڻ
4. ”صادق“ سڱ نه تنهنجو، نه ڪو ڀائِي ڀيڻ
[327]
صدا: سر سارنگ
ڏسڻ ٻه ٽي ڏينهن، اي ميان! هي وڻ هِتي جا
1.
سدا نه هوندا ساه سان، ميٺڙائي جا مينهن
2.
ريلُن ۾ رڙ پَئِي، ٿي هَڪل سُڄي شينهن
3.
اُٿي اوور الله سان، سُتو آهين ڪيئن
4. ”صادق“ آهين ساعت ڪا، نيئي نباهج نينهن
[328]
صدا : سر سسئي
چُڻڪن ٿا چانگا، ڏيهه ڏوراڻي وو يهه تي
1.
ڏونگر گهڻا ڏيهه ۾، آهن اڙانگا
2.
مُنجهِج مَ معنيَ، ڇڏ صورت جا سانگا
3.
ڏور پرانهين پنڌ کي، لاهي سڀ لانگها
4.
اکيون کڻج اوڏهين، ڪڍن جيئن ڪانگا
[329]
صدا : سر حسيني
پوندِي وڃي لُٽَ، پوندِي وڃي لُٽَ
تون ڪيئن ميڙين مُٺ
1.
هاٿي وڃن هليا، اُڏريا وڃن اُٺَ
2.
مڙسن رنگ گنريا، پوءِ رهيا ڪوڙا ڪُٽَ
3.
ڪيڏانهن ويئيون مائرون، ڪيڏانهن ويا پُٽَ
4. ”صادق“
پُوڻيون اُڏريون، اُڏريا سَنها سُٽَ
[330]
صدا : سر راڻو
ساٿي سَنبهِي ويهه وو، ڪاڪ گهڙندو ڪرهو
1.
مومل صحيح ماڻبي، وو دور ٿيندي هيءَ ديهه
2.
ننڍا وڏا هلندا، وو سڀ راڻا رتيءَ ريهه
3.
آخر انڌا سي چئبا، وو جن هِت نه ڏٺو هُو ڏيهه
4. ”صادق“ ڪنهن جو نه هلي، وو اُتي مَڪر ميهه.
[331]
صدا: سر سورٺ
اي هو عجب تِکي تار، تِکي تار
ڪوڙيين ڪَٽي ڪيترا، سهسين سورهيه دار
1.
وَلي ۽ واصل گهڻو، جي عاقل عقلدار
”اَنالحق“
اُتي ئي ڪُٺئين، ”تون تون“ ڪئي توار
2.
جيئن بازيگر بازيءَ ۾ پڌرا ڪري پار
ڪُهي جياري پنهنجو، جي هُئيس ٻالڪ ٻار
3.
عاشق اُهوئي اڳيون ٿو ڪُسي وارو وار
سڀ تي ”صادق“ هيڪڙو، تو ڪُٺو ڪُهڻهار.
[332]
صدا: سر ڪيڏارو
پُنا جوڀن ڏينهن، ڇڏ آسانبا اڳيان
طعني جهل مَ تيئن، ڇڏ آسانبا اڳيان
1.
هر دم ڪاههَ ڪِلي ڏي، هَلِي مرج هيئن
2.
رؤنشو رُڪ وهي رڻ ۾، ڄيري ڄڀيءَ جيئن
3.
مانجهي مِڙيا مَچَ تي، ڪانئر اچن ڪيئن
4.
مرڻا اڳي مَرُ تون، اُڀو اچ مَ اِيئن
8. ”صادق“ سوريءَ سامهان، چڙهيا نيزي نينهن.
[333]
صدا: سر مارئي
الله ٿَر ۾ ٿِئي مَ ٿيلهه، مارو پون نه مامري
1.
پيرون چونڊيان پرين سان، آءٌ پلر ٻڌيو ٻيلهه
2.
وِهڻ وراڪن ۾، رهيا مٿي ريل.
[334]
صدا: سر ڪاپائتي
ڀوري مَ ڪر ڀاڻ، ڪوڙو جوڀن پنهنجو ڄاڻ
1.
ڪَتيين وتيين پاڻ کي، ڪهڙو ڪريين تاڻ
2.
پَهِهيون کڻ مَ پاڻ سين، متان پُونئي ڪاڻ
3.
جُہ ڪَتين پوءِ ڪنبِين گهڻو، ته ٿئين سيڻن ساڻ
4. ”صادق، جو پَههُ سڄڻين، تون تندا تهين پر تاڻ.
[335]
صدا سر ڌناسري
جي مان پورهيت ڪن، پورهيت ٿِي پاڻي ڀريان
1.
سِرَ ڪريان سينهين، ٻيون ڏيئي ٻَن
2.
ساهه ڪريان صدقو، هوند گهوري مٿان تن
3.
ٿوري پڙان نه ان جي، مون کي جياريو جن
4.
اهڙي حال هلن جي، ”صادق“ سي سڏجن.
[336]
صدا : سر بروه
مــردن ڪُـــون آرام نهين وي يارو
راتو ڏينهان سارو، ڇوڙ دنيا ڪو لارو
1.
جبل جَلِي هن جوش ۾، کامي ٿيڙو ڪارو
2.
سمنڊ سڙي هن سوز ۾، پَوَن وهي ٿو پارو
3.
سي ڪيئن سمهن ”صادقا“، عشق سان جن جو آرو.
[337]
صدا : سر ڏهر
ٿئين ويري وجهين ويرُ، هڻيو ڀالا لٺِڪائين پير
1.
اندر ڪوٺئين، ٻاهر ڏوٺئين، اهڙا ڦيرائين ڦير
2.
اِنَ پروڙين پَههَ کي، ڪي دانَهه وڏا دلير
3.
ڪُهين ٿو قرب سان، اِن اُبتي ڀير
4.
جو تون اهڙو سپرين ته توکي چوندو ڪير
5. ”صادق“
سک به سنڀري، ڏک به ڍيرئون ڍير.
[338]
صدا : سر رپ
ميان ماهي تيڏا درد سَروسَر، هو الله
1.
اک نه سگهديان ادب ڪنون، ڪنڊيان ڏر ڏر
2.
پوتِي پَئي پرينءَ سين، سا لوڪ نه آڇي لَکَ
3.
آو جيڏانهن پسي پرينءَ کي، تيڏانهن ڀري وِکَ
4. ”صادق“ وَهن سوُرَ جون، نَيُون ڪيونِڪ.
[339]
جهجهونتي
ميان ماهي تيڏا درد سَروسَر، هو الله
1.
اَک نه سگهديان ادب ڪنون، ڪنڊيان ڏر ڏر
2.
مينون مُور نه وسرن، هئي کُورا ٻرٻر
3.
رات انڌاري مَنجهيان چڱيان، نديان رهيان تر تر
4.
نَين سڪن تيڏي درسن ڪونه، اکيان رووَن ڀرڀر
5. ”صادق“ اِهين سنسار وچ، جيوڻ نهين مرمر.
[340]
صدا
ڪو گڏيون ڏيهه ڏيسي، ادا هل پرديسي
1.
حال هيڻي ڪاپڙئين، ڪڏهن وِرد جي ويسي
2.
سرخ سبز ڍَڪيين، ڇا ائين هو اويسي
3.
ويو مسافر نڪري، مڙهي منجهان مَهيسي
4.
ٻولي ٻولي پانهنجي، جَيسي سا تَيسي
5.
صوفي سهروردي چائيين، آهيين تون اويسِي
6. ”صادق“ چائيين پاڻ کي، ته مارج تون ميسِي.
صوفي بايزيد
فقير بايزيد صوفي، صديق فقير ”صادق“ جو وڏو پٽ هو. سنه 1226هه/1811ع ڌاري
جهوڪ شريف (ميران پور) ۾ ڄائو ۽ اتيئي پنهنجي والد
صوفي صديق فقير جي وفات (11-رمضان 1265هه/1878ع)
کان ڇهه مهينا پوءِ سنه 1266هه ۾ وفات ڪيائين.
سندس وصيت موجب سندس لاش ڳوٺ صوفي فقير (لڳ ڍورو
نارو) ۾ دفن ڪيائون. اهل الله ۽ درويش هو. *
[341]
هيءَ دل آهي ماندي
پنهنجي يار پيارل ٻاجهون
1.
ڪاري هن ڪُنَ ۾،
ايرادي آندي
2.
اديون عشق عجيب جي،
بره آهيان باندي
3.
مانَ مون کي ڪن پرين،
وِره کان واندي
4.
بحر ۾ ”بايزيد“ چئي،
ڪنگ ٿيندا ڪانڌي
[342]
ڌناسري
تون ميڏا دل جاني وو
مئن تيئن تون ٿيوان قرباني
1.
روز الستون تيڏي هوئي
محب مٺا مئن نمانِي
2.
فاذ ڪروني اذڪر ڪم
سو سمجهه قول قرآني
3.
نحن اقرب وفي انفسڪم
سا رهبر رمز رباني
4.
ڪُنتُ ڪَنراً مخفياً
”سو بايزيد“ حال حقاني
ڦَتُو
ڦَتُو شاعر جي هڪ ڪافي، صديق فقير صوفي جي ”راڳنامي“ ۾ شامل آهي ۽ درگاهه
جهوڪ شريف تي ٿيندڙ سماع ۾ ڳائي وڃي ٿي. شاعر ڦتو،
صديق فقير (وفات 1265هه/1878ع) جي وقت جو هو يا
کانئس اڳ ٿي گذريو
(1)
[343]
صدا: سر سامونڊي
جو مان اندر گَهٽ، اي جو مان اندر گهٽ
سو آءٌ سُور سَلايان پنهنجو ڪن کي
ڪانڌ نه ٽُوئي سُمَهي، ڪا مَنجِهيين گهٽ
2.
ساڌن پاپي پانهنجي، ڏيندڙي ڍول آهٽ
3.
مانَ ٿئي پراڻي پڊ ۾، جا بر مٿان بٺ
4.
پيا تن پرين ري، ”ڦَتُو“ چئي ڦَٽ
5.
تون ڪيئن اچيو تن سان، اَڀري ڪرين اگهٽ
دلپت راءِ
صوفي دلپتراءِ اصل سيوهڻ جو ويٺل هو، پر پوءِ لڏي وڃي حيدرآباد ۾ ويٺو. پاڻ
جهوڪ جي درگاهه جو معتقد هو. 1257هه/1841ع ڌاري
وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ ڪلام
چيائين.
*
[244]
جيڏيون سي جانب آيا، جن جي نهوڙس نينهن
1.
جانب ذوق مان ٿيڙا ظاهر، اکيين ڏٺم اندر ٻاهر
ڇاکي آٺءُ ساهه سڪايا، مون وٽ راتيان ڏينهن
2.
عشق آگم جيئن جُهڙ لايا، من جا محرم ميگهه ملايا
ويهي واء وصل وسايا، محبت سندا مينهن
3.
جن جي ڪارڻ هُيم حيراني، اهي آيم جيءَ جا جاني
ڇاتيءَ منجهه ڇپايا، ڏيهه ڏيکاريان ڪيئن
4. ”دلپت هيءَ دل ٿي ديواني، دستئون دوستن وڃي وڪاڻي
وِڪي ڪيئن ورايا، هوتن کان هاڻي هيئن.
[345]
ڀوري ڀڄ نه ڀنڀور کان، تون ته وڃ نه هڏ وڻڪار
1.
دونهان دکائي درد جا، سوز سڄڻ جو نه وسار
ويهه نه هِت ٿي ويسلي، هوڏنہ ڪُلهون نه ڪر ڪوهيار
2.
پهه نه پچاءِ پار وڃڻ جا، اٿئي دل اندر دلدار
شڪ شبها اهي ساڙ سڀيئي، ڦوڪي باهه برهه جي ٻار
3.
دانهون ڪرين ڇو درد جون، توکان دوست نه آهي دم ڌار
ويهه جدا ٿي جيءُ جثي کان، ڏس دلبر در ڪنار
4.
آهه هٿيڪو هوت هنيين ۾، تون تان ڳولهه نه ٻي ڪنهن پار.
هِت هُت جاني هڪ آ، ڪيو ”دلپت“ آهي ديدار.
[346]
ڇو نه پسندا سي پرين، جي عشق جي کوري کُتا
عاشقن جي جان تي، خوني خنجر چشمن ڳُتا
1.
سِر ڏنو جِن سُرڪ تي،ساقي ڪري مَئي اِن متا
سي بي خُمر مخمور ٿيا، مشتاق محبت ۾ مُتا
2.
مشعال نيڻن جي مٿان، مچي تن ڏنا مچ ۾ مٿا
کڻي نينهن جا ننگ پاڻ سان، جانب اچي جيءَ ۾ جُتا
3.
فاني فنائي جي ٿيا، ”دلپت“ دلبر جي هّٿا
پاڻئون وڃائي پاڻ ۾، وڃي رمز رانول جي رتا.
ٺٽي جا آڳاٽا شاعر
ميان موسى مداح
طبيب ميان موسى مداح ٺٽي جو ويٺل هو. 9 ربيع الاول 1267هه/ 1876ع تي وفات
ڪيائين ۽ مڪليءَ تي دفن ٿيو. ڪافيون ۽ مداحون پڻ
چيائين. شاهه جي رسالي سان سندس وڏي محبت هئي. چڱو
ڪتبخانو هئس، جنهن مان ڪي ڪتاب، خاص طرح شاهه جي
رسالي جا قلمي نسخا راقم الحروف پنهنجي وائيس
چانسيلري جي وقت ۾ خريد ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ جي
انسٽيٽيوٽ آف سنڌلاجي جي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪرايا.
سندس هڪ دستخط قلمي بياض ۾ سندس 17 ڪافيون ڏٺيون
ويون.
[347]
موٽي مانَ ملن مان کي ماري مانَ ملن
درد جني جو جن کي
1.
ساريو ساريان سومرا ميان وو، ٿڌي هير ٿرن
2.
آيم پوءِ بهار جي ميان وو، ساکان کي سُڄن
3.
مون جيڏيون ملير ۾ ميان وو، وڳر ڪيو وتن
4.
مولى مون
کي ميڙيين ميان وو، پاڙي پنهوارن
5.
مون ڏاڏاڻي ڏيهه جا ميان وو، اوٺي شال اچن
6.
پانڌين پڇان خبرون ميان وو، سندين سانڀيَڙن
7. ”موسو“ چوي مُند ٿئي ميان وو، ساڻيهه سُکَ سُڄڻ.
[348]
سؤ سؤ ملامن اي ميان، سؤ سؤ سلامن
منهنجا وڃي چئج مارن کي لا، سؤ سؤ سلامن
1.
الله اوٺي آڻين اي ميان، وٽان ويڙهيچن
2.
ڏٺي مون ڏينهن ٿهيا اي ميان، مارو منجهه ٿرن
3.
بندياڻي تي بند ۾ اي ميان، واهر مانَ وَرن
4.
خاوند کٿيريءَ جو اي ميان، آگا ڪر اَمن
5.
وُٺا مينهن ملير تي اي ميان، سڀ پيا سر سهن
6.
عمر اُڪنڊي آهيان اي ميان، موڪل ڏي ماڳن
7. ”موسو“ چوي محبتي اي ميان، محبت شال ملن.
[349]
هاڙهي منجهه هلي، وو ڌوٻڻ ديري دوست جي
1.
پنهون ڪارڻ پٻ ۾، سائين الا، چُمڻ پير چَلِي
2.
سر سِٽائي سختيون، سائين الا، پلڻ ڪنهن نه پَلِي
3.
اندر آري ڄام جي، سائين الا، ڪا جا رهيس ڪَلِي
4.
پِرت ڪرايس پنڌڙو، سائين الا، جبل ڪين جَهلِي
5.
جَت نه گڏيس جوُءِ ۾، سائين الا، سورن پاڻان سَلِي
6.
سِر ڪيائين صدقو، سائين الا، ڏاڍي جوش جَلِي
7.
مُئي پُڄاڻان منڌ سان، سائين الا، ”موسو“ چوئي
مِلي.
[350]
مان سين محب ملن نه مان، آءُ اُنِي جي آهيان
1.
هِين هلنديس هوت ڏي ميان، ٻيون سڀ ڏيئي ٻن
2.
پير نه ڇڏينديس پرينءَ جو ميان، ديکڻ لئي دوستن
3.
ساڻي ٿيندم سپرين ميان، ٻول ٻَڌي آهه جن
4.
مُشڪ مڙيئي واسيا ميان، مشڪ په وسي تن
5.
سا مَيَن سِيباڻي سرتيون ميان،ڳجهي جا ڳالهه ڪَهن
6. ”موسو“ چوڻي مون پِرين ميان، اتور شال اچن.
[351]
پُنهل پرچي ميان،. پُنهل پرچي يار
آءُ تون الله لڳ اوري
1.
توکي ساريو ساريان، هِينَڙي ۾ هشيار
2.
محبت مان کي ماريو، تنهنجڙي تن توار
3.
ڪڏهن ملندم ڪيچيا، جن جو عشق اپار
4.
ويٺڙي واٽ نهاريان، دلبر جي ديدار
5.
مان کي محبت ميڙيين، ڏيهن جا ڏاتار
6.
ڏوريان منجهين ڏونگرين، ڪيچين جي قطار
7.
پرين پاڙي پنڌڙو، ڪنديس منجهه ڪوهيار
8.
واريون واڳ ولهيءَ تي، اَڙين جا آڌار
9.
مولى محبت ملائيين، ”موسى“ کي منٺار.
[352]
سو مون سڄڻ ساريو الا، سو مون دلبر ساريو الا
ويٺي واٽن پنڌ نهاريان
1.
اُتان اڱڻ عاشق ڪڏهن ڪويل پڪاريو
اندر عشق اُداس ۾، تن تِيَهين تواريو الا
2.
نينهن نماڻا نينهن ڪيا، جن هيجان جر هاريو
دل نه رهيم دوس لئي، وتان گهنگهر ٿي گهاريو الا
3.
سُڌ نه پييم سرتيون ته ڪو ڪيچين قطاريو
روئان ٿي رڃن ۾ آءُ ٻر ٻر ٻاڪاريو الا
4.
آءُ اُنين جي آهيان جن جڏن جياريو
سچ ڪِ سندم سپرين مان کي ويجهو وساريو الا
5.
ديکڻ ڌاران دوس جي مان ڪِي ٻيو نه ٻاڪاريو
سوئي چيم سِڪ ۾ جنهن کي ريجهين رئاريو الا
6. ”موسى“ محبوبن جي ڪر صفت سنڀاريو
اصلئون اُڃيين کي اچي اُن پاڻي پياريو الا.
[353]
ايندم شال وري، اديون ايندم شال وري
جيڏيون سڄڻ پنهنجي کي ٿـــي سـاريــان
1.
پنهنجي لئي پِريَن ويٺي تاڙي جئن تواريان
سدا نيڻ سِڪن، پئي واٽون روز نهاريان
2.
ملڻ لئي محبوب هاڻ رويو نيڻ نهاريان
سڪي ساهه سندوم، سي ويل نه هوت وساريان
3.
جيڏي ڪَئي جَتن، ٿي لَڪن ۾ للڪاريان
ڪڙهيو ڪيچين ڪاڻ، ڏوريو آب اُٿاهون هاريان
4.
ملن جي مجبوب هوند، دل خوشي کيڪاريان
”موسو“
چئي جي ملن ته مان گولي ٿي گذاريان.
[354]
سڄڻ سڻ يار پيارا تون، توکي شب روز ساريان ٿي
پڇيو پاران پِرين تو لئي، کنيو نت نيڻ نهاريان ٿي
1.
منهنجي وس ناهين اي مشفق، تڏهن عشاق ٿي آهيان
درد جي دانهن اجھ ڪريو، ازل جو انگ پاريان ٿِي
2.
ڪيو جو دوست ٿي کُورا، منهنجو من موهه مستانو
برهه ڪِي باهه هاڻ بيحد، ٻَهون مچ جوش ٻاريان ٿِي
3.
حڪايت هوت جي هادي چِئي منجهه حل ڪِي هِينَڙي
لڳي لئون عشق جي لاشڪ، گهنگهر تو ري گذاريان ٿي
4.
سُڻي سڏ تو سندو سپرين ڪيم ڪنڌ هيٺ ڪاهل ٿي
آهيان عاجز ڀري عيبن، عمل صالح نه ساريان ٿِي
5.
تنهنجي درسن سندي طالب ٿيس تابع تهدل سان
مڃي دل مان محبت جو هنيين حب ساڻ ٽاريان ٿِي
6. ”موسو“ چئي من سندا سائين، سگهي لهه سار سڪ اندر
نهوڙيو نينهن مون، نئون سج مثل بلبل تنواريان ٿي.
[355]
سنجهي مان ساهڙ ساريو، وو ميان ڀلو، سرتين پڇان ٿي پِيُ پيارو
1.
ننڊ نه نيڻن کي هُيم هرگز ميان
جر مان جوش ۾ هاريو
2.
آڌي اُٿيس وو عشق اُداس ۾ ميان
لهرين ٿي للڪاريو
3.
ڇا ڪَريندم وو ڪُن ٿي ڪَرڙا ميان
تُرهو مان بِرهه جو تارو
4.
ميهار ڪارڻ وو مَنَ فراقي ميان
ويجهي ٿي دوست مون واريو 5.
نيڻ خماريا وو پرين جو پسنديس ميان
محبت مون کي آهه ماريو
6.
ويل نه وسرن وو ”موسو“ چئي محبوب ميان
جني مان هِنيَڙي کي ٺاريو.
[356]
نينهن رکي ڪنڌ نائي، ڪر دلبر در زارِي
1.
عشق عجيبن جو ميان، اندر روح رهيو
وِرهه ونين مؤن واهي، توبہ تن ۾ ڪر تارِي
2.
پُور پرين جو پختو مان کي نِي پيچ پيو
قرب منجهؤ هل ڪاهي، اڳيان ياور رک يارِي
3.
حسن حبيبن جو ميان، نوراني نور ٿيو
سونهن تنهنجي ساهي، هي وهسي پئي وارِي
4.
نظر نيڻن جي ناتي، لاله کي لال ڪيو
اندر انهي جي نِي آهي داغ بِرهه جو باري
5.
بات بلبل ٿي ٻولي، اندر باغ ڀَيو
گُل ديکي، ڳَل لائي، ڪري ٿي وَس ويچاري
6. ”موسي“ محبت منجهه توکي چشمن اِي چيو
پِرت پختي پيچ پائي، پسج سڄڻ سوارِي.
[357]
پيو ازل کؤن انگ، پيو ازل کؤن انگ
منهنجو ساڻ محبوب جي
1.
آيو الست بِربڪُم، روح سِيباڻو سنگ
قالُو! بَلى قلب ۾ جاڳيو، سَڀن پرين رنگ
2.
عاشق اِن ايام جا پِيَڙا چورين چنگ
وڃائي وجود ۾ زير وڃائين زنگ
3.
ٻَڌي هي ٻانهي، جن چشمن سان چؤرنگ
موهي دل مشتاق جي ڪِيڙو خان ختگ
4.
لڪا ڀُوڻن لوڪ کان، نانگن آڙيو نه اننگ
پڇج مصلحت مليو، آڻي سي اَونگ
5.
مٿي وحدت واٽڙي، اُٿي ٿي اڙٻنگ
نفس انهي شيطان سين، ڀري جوڙج جنگ
6.
مٿي سراج ”موسو“ چوي پوي پهس پتنگ
پرين جي پيغام تي، تَن ۾ تاڻج تنگ.
[358]
اِجهو سو دلبر اُٿيو وو ميان
ڀلو سائين، پڇان ٿي پِي پيارو
1.
قرب قريبن جي قلب اُجاريو، مهِوڪ سج چنڊ تارو
2.
هئم اُداسيان وو عين اُني کي، ڏٺم ساجن سارو
3.
هِينَڙو هوتن ووهاڻ نوازيو، وريو وصال جو اورو
4.
طلب طالب کي مطلوب ميڙيو، ويو چلي چِت چارو
5.
لال گلابي وو ڪَهان رنگيني، گل چمن گذارو
6.
مِلڻ ”موسى“ کي مست ڪيو هاڻ، ديد ڏسي دلدارو
صابر علي ”صابر“
سيد صابر علي ٺٽي شهر جو رهاڪو هو. نثر توڙي نظم لکڻ ۾ ڀڙ هو. سنه
1286هه/1869ع ۾ وفات ڪيائين.
[359]
ڪنهن ديد ڪئي خريد، دل دَرس جي آهي
رکي هوش ڪيائين ڪَن گوش، ويو قرب ڏانهن ڪاهي
منجهان پِرت ٿي پَرِيد
ڏسي راز ڪيائين پرواز، لاڳاپا لوڪ جا لاهي
دَرسن يار ڪئي دَرِيد
نائي نَين اندر عَينَ، ڏٺو ڏيک تنهن ڏاهي
ويجهو آهي کان وَرِيد
”صابر“ ساءُ نڪولاءُ، دنيا دُونَ ۾ آهي
جاني يار سان جَرِيد
[360] *
ناهي دوستن جو دستور، مشڪل ۾ موڪلائڻ جو
1. ”عِندالمُعا
مَلَة“ اصلئون آهي، يارن جو ته ظُهور
2. ”مرگ ياران عيد برابر“، مَردن کي منظور
3.
يارَ يارن تي ڪَک ڪِينَ سهندا، ماسوى معذور
4.
دوست دليلي جيڪي آهن، پوئتي پُوندن پُور
5. ”حاجي صابر“ حق جو ڪلمون، ڪاوڙ ڪر نه قُصور.
تفصيل لاءِ ڏسو ”شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو“،
مطبوعه اداره سنڌ شناسي (انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي)، 1972ع.
[297]
سيد فاضل شاهه واري ڪافين جي ڪتاب تان ورتل.
[298] ”شاهه
شريف ڀاڏائي جي رسالي“ تان ورتل.
[299]
کان [303] شاهه شريف ڀاڏائي جي رسالي ۽ سيد
فاضل شاهه واري ڪافين جي ڪتاب تان ورتل.
[304]
شاهه شريف ڀاڏائي جي رسالي، سيد فاضل شاهه
واري ”ڪافين جي ڪتاب، ۽ ”ٽيهه اکري سنڌي ميين
عيسي جي“، مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي بندر تان
ورتل.
[1]
تفصيل لاءِ ڏسو ”شاهه شريف ڀاڏائي جو رسالو“،
مطبوعه اداره سنڌ شناسي (انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي)، 1972ع.
*
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي قلمي ذخيري تان
ورتل.
*
تفصيل لاءِ ڏسو ”راپامون“، تصحيح ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1981ع.
*
”سه
ماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1965ع، نمبر
1 ۽ 2
(1) ”راڳنامون“،
مطبوع شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1981ع، ص 38.
*
”جوتيون
جواهرن جون“، ميڻ عبدالمجيد سنڌي، مطبوع سنڌي
ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو، 1981ع.
*
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.
|