سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :13

اُميد علي شاهه

پير اُميد علي شاهه جي خاندان جو سلسلو، ملتان جي غوثيه بزرگن سان ملي ٿو. سندس وڏا تعلقي ماتليءَ جي اگهاماڻي شهر ۾ رهندا هئا، پر اُميد علي شاهه اڪثر ڪري ٽنڊي محمد خان ۾ رهندو هو ۽ سنه 1285هه/1868ع ۾ اُتي وفات ڪيائين. سندس مزار به ٽنڊي محمد خان شهر ۾ آهي. سندس پنجاهه کن ڪافيون نظر مان نڪتيون، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون:

[412] سر سسئي*

اکيون روز روُئن، نت نيڻ ڀري

منهنجو پنهل ويو پرديس پري

1.      دلـــبر ٻـــاجــهون دل ديــواني

ڪڏهن اچي ملندم جيءَ جو جاني

بـــرهه ڇــڏيو بــيران ڪري

2.      ساهه سيد کي روز سنڀاري

رويــو تــنهن جــي راهه نهاري

مــاندي محبت منجهه مري

3.      ڪــــاڻ پـــنهل جي ڏونگر ڏوري

جــتن ڪئي تنهن سين ڏاڍي زوري

وَرَ ريءَ ڪهڙيءَ ريت وري

4.      ”اُميد علي“ چئي آيو ويڙهي

دردمندن جي دلبر ديري

ماريس جنهن جي ذوق ذري.

[413]

بره ڪيم بيتاب، ڏيان دانهن درد جي ڪنهن کي
1.      نا مئن مُلان نامئن قاضي، نامئن پڙهيا نامئن نمازي
                        نا مئن رنگ رباب

ٻانهپ جي مون يار سان ٻولي، گولن جي ڀي آهيان گولي

ڏينديس ڪونه جواب

3.      محب ماري آهيان ماندي، ڪين وره کان ڪنهن پرواند

ڪِيَڙس عشق ڪباب

آءُ ”اُميد علي“ ڪر عشق سان زاري

پاءِ پرينءَ سين ڳل ڳچي ڳاري
                        تنهن سان لاهه حساب.

[414] *

رڱيو رمزن سين راڻي، هينيڙو هالاري هٿ ڪيو
                        آندي لالِي ڪا لُداڻي

1.      ڏنائين پاهه پٽن کي پائي سين پاڻهي
                ساري ڪاڪ ڪڪوري سرتيون، سوڍل ساماڻي

2.      ٿو هڻي پُور حقيقي پُٺيون پِرت پلاڻي
                ڀورل ڀيڏيءَ ڀر ڏيئي لنگهيا آروپار آڻي
        3.      ڪامل ڪاڪ ڪنڌين ۾ بيٺو چَرُ ونئِي چاڙهي

اهڙي ڌِڱ دڪان کي ڪو سالڪ سڃاڻي
        4.      ان جي ”اُميد علي“ چئي ڪينءَ رسان رڱاڻي
                اهڙا اکر آڪرا، پرين رتا ٿي پاڻهي.

 

[415]

نچ وي ناچو اٿئي مهل نچڻ جي

وري نه ملندئي وار

تيل ڦليل ڪرين وي بندا، سوين ڪرين سينگار
        سرمو وجهجئين سُرت مئون، اک ادب جي ڌار

پيشواز پاتئي پريت مئون، هاڻي گُن انهيءَ سان گهار
        ڦيري ڏجئين فڪر ۾، چئوطرفي چوڌاري

نچ وي ناچو نام خدا جي، وحدت ڪين وسار
        آکي ”اُميد علي“ نچڻ اجايا، ڪهو پريان دي ڪار.

 

سر کنڀات

ڇَڪن ٿِئڙس ڇيهه ڇِنام،

جيڏيون آءُ ڪين جيان ٿي

چُڪي حجت نه ڇڏيان دعوى

نه باسيان دوزخ ڀايان ڪر هت ماوا

ٻيا ڏَس عشق ڏنام

ڪل نه هئڙم ڪا ڪِينَ جي

نه منجهه درماند ايڪ دين جي

ويو ڪُل ڪفر وٽام

نه مون هوش نه بي هوشياري

نه مون ڪِرت نه آءُ بيڪاري

نه مون ماٺ نه ٿئي ڳالهه ڳنام

ڪونهي ”اُميد علي“ هر ڪنهن اُمور ۾

نه منجهه سعي نڪي قصور ۾

نه منجهه نيڪي نه ڪي بدنام

 

[417]*

لايو يا جادوگر جادون، دلڙيون [لحظي ساڻ] لُٽين ٿو
1.      هنيئي هينئڙي ۾ اسان جي انگها اچي اکڙين جا
        جنهن ڪنهن جي نا جهلڻ جا تاب تن تکڙين جا
                ٿيا وڍ ويرا وير واڌون، چوڪن چشمن ساڻ چُٽين ٿو

هڪ اڳي آهين سهڻو ٻيا ويس ڪرين ٿو واريو
        اچيو بيهين ٿو آمسامهون سڄڻ تون پاڻ سينگاريو
                اهي اٿئي شال ارادو [ن]، ڇٽل ڦٽ واريو ڦٽين ٿو

ڪيون هٿ آ سينين هڻڻ لاءِ جلوه گر جوهر واريون
        اڙن اڇلڻ کان اڳي ٿيون خوني لئي خون خماريون
                لـنگهي پارپيون ڌو [پاندون]، سانگون ســــيني مــنجهه سٽين ٿو

 

4.      لايو تو جادو لکين ٿيون شاديون شڪرانا
        آئي تو ”اُميد علي“ جا وُٺا ويڙها ويرانا
                پُنيون سڀ مرادون، پوريل دل پٽين ٿو.

 

[418] *

ذات بلوچان دي گولي، مين ذات بلوچان دي گولي
                1.      مادر مئڪون پينگهي دي وچ

ڏتي جوڙ جتان والي لولي
        2.      ٻهه ٻهه ٻاٻل مئڪون ڏاج ڳڻايا
                        ڏس ڏکان سوران دي چولي

 

3.      سِڪ سچي محبوب دي مئڪون
                        ڌُم مچائي هڻ هولي
        4.      آکي ”اُميد علي“ جلد جُتان دي
                ٻانهپ هئي مئن ٻهه ٻهه ٻولي.

 

[419]

موٽيو مقابل نا ٿين،

شَتَ عيب پرين ڪي ڏٺا
1.      ڪهڙا ڏوهه ڏسي پرين ڏور ٿيا

هَي هَي ڪُٺيءَ سان ڪلور ٿيا

دلبر انهين دستور ٿيا

اچيو اهي اولي بيهن

جي گڏ هئا مون وٽ ويٺا
2.      خوني نَين سان جن دل کسي

نه آيا سڄڻ ويٺا رُسي

پوندن ترس ايندا تُسِي

جانب جهجهو شل پيا جيئن

ماڻا سندن ماکيئون مِٺا
3.      انهيءَ مامري مون کي ماريو

ڳالهين ڳجهين بُت ڳاريو

سَرتيون اوهين سيکاريو

پرچڻ سندو ڪو پهه پرين

راضي ڪڏهن ملندا رُٺا
4.      ”اُميد علي“ جنهن جو آهيان

ٿو در تنهن جي دانهيان

هڪ لحظي آس نه لاهيان

هيڪر ڏسڻ مون کي ڏين

مون سَو سندن سُهمان سَٺا.

 

[420] *

وسري سڀئي نُڪتا ويا، هڪ ناز جي نُڪتي نِيا

1.      پسڻ نڪتو ناز جو ڪامَ سَڌ ڪري سورهه سوا
        جن ڏٺو نڪتو ناز جو، وڍجي ويچارا سي ويا
2.      ڪربلا جي پڙ ۾ ڪرنگها ڪپر جن جا پيا
        سر ڏيو سورهيه اُتي وهسيو بيٺا ڪن واهوا
3.      وِه سندي ڪا ورڇ آڻي عاشقن اُت عيد ڪئي
        وهِ ڏسي تنهن ويل ۾ مانجهي مَٽيا مَجني جِها
4.      جانب ڏٺائون جشن ڪيائون، ٻن جُڳن ۾ اَوجِيا
        اِن اکر لاءِ ”اُميد علي“ هاڻي ڪري پيو هاءِ هاءِ.

 

[421] *

گولي آهيان ٻانهي، جَت زوراورجاني

شالَ مَ نِينهڙو نبيري

ڪُهي ٻاروچل هليو، مُئي ڪري مستاني
                        ڇرڪ وجهي ويم ڇيري

هي سِر صدقو سڄڻ تان، ساهه ڪريان قرباني
                        ڀينر ڙي سَوَ سَوَ ڀيري

ڪري ڪوهيارو هليو فنا در فاني
                        جَڙ هڻي ويو جيري

اؤکي ”اُميد علي“ چئي، جتن ياراني
                        ڄاڻِي وجهن جيءُ ڄيري.

 

[422] *

اُليرون عشق تنهنجي جون

مون سَؤ سَؤ سر تي سَٺيون سَٺيون
1.      جِت ڪري ٿو عشق اُليرون، دل جهلين اُت ڪي دليرون
                هڏ نه هٽن پوئتي هٺيون هٺيون

عشق لڳو مون جنهن وارِي، قلب اندر ۾ ڪَڙڪي ڪٽاري
                قرب انهي ۾ ڪٺيون ڪٺيون

ڪول قريب جي آيون ڪر ۾، جيئن وسي ٿو بادل بَر ۾

بوندون بره جون وٺيون وٺيون

4.      تحت الثرى جي کوري کانيون، سر ”اُميد علي“ جي ڀڙڪن باهيون

بره ٻاريون آهن بَٺيون بَٺيون.

 

[423]

تَين لُٽ نيتي دِل ميڏي، تيڏي لڙن سپاه نظر دي
                                سي مُول نهين ول مُڙدي
1.      جُڙ جُڙ جودئون آون جنگي، مارسي نعرا ٿيون نسنگي
        اهي فند فنون فِرنگي، هِن پلٿيدار پڌر تي
2.      ڪر ڪر عزم اُليران آون، سِر سَٽ پَٽان تي پاون
        پٽ ماس دليان دا کاون، جهٽ مارن جان جگر دي
3.      آوَن ول ول پاون ڀيري، ڪرن اٿاهين نينهن نبيري
        پاءِ ڦيران دي وچ ڦيري، ڪرن هلان هر هر دي
4.      هئي عشق ”اُميد علي“ عيدان، ٿيان شاديان شاهه شهيدان

مِليان ديدان دي وچ دِيدان، ڀر ڏيون قدح ڪوثر دي.

 

 

 

[424] *

مرد ٿئين تان کڻ ملامت، ڇاهي تنهنجو عام سان
        منصور جان مطلب ڪري پئو مارجي تون مام سان
1.      ”مئن“ ڪندڙ ماريا گهڻا، تن جا ڀڳا ڪنڌ ڪلام سان
        سِر تني تؤن صدقي ٿيا، جي ڪُفر ۽ اسلام سان
2.      ”الف“ هڪ اثبات ڪر، تون ڪيم لڙجانءِ ’لام‘ سان
        عارفن آباد ڪِيڙَو جسم پنهنجو جام سان
3.      جهنگ ويندئي وسري، جي باز ڦاٽين دام سان
        پوءِ ته کڻندءِ بادشاهه، تعظيم ڏيئي طعام سان
4.      دوئي ماري، دُر ٿيا، اُهي پهلوان پيغام سان
        ”اُميد علي“ عاشق آهي، جيڪي ميرمحمد ڄام سان.

 

[425] *

نهين ڪي ميڏي وَلاوڻ ديان،

فوجان حُسن ديان ڇٽڪ پيان
1.      سرڪش دست چاون سَرواهيان

وات تِنهان دي اِهين هن وائيان

سِر اساڏي اُلارڻ ديان، سيني وچ سي سَٽڪ پيان
2.      خون ڪرڻ ٻاجهون مول نه کَڙديان

نال عشاقان دي آڪي لڙديان

نهين سي صبر سهاوڻ ديان، آواڻ سيتي اَٽڪ پيان
3.      مل مل مُرچي مڙگان آون

گهڙي گهڙي وچ گهايل گهاون

سي نهين ڪا ٽڪ ٽارڻ ديان، آوڻ سيتي اَٽڪ پيان
4.      سر سهڻي دي سهڻيان سُنهنديان

اڳيان ”اُميد علي“ ڪُنڍيان ڪُهنديان

نوڪان تنهان دي نهارڻ ديان، چاوڻ سيتي چَٽڪ پيان.

 

[426] *

تنهنجا ناز نوان ۽ نرالا،

چال چلت سبحان الله

مهتر موسى جوش جلايو، ’رَب اَرنِي‘ ڪنهن ٿي اَلايو

مام ڏاڍا متوالا، هي قرب ڪيا ٿي ڪليم الله
2.      ڪربلا ۾ ڪِيسَ جي ٿِيَڙا، سِر سَچن جا پِڙ ۾ پِيَڙا
        وهواهه عجب وصالا، هي ذوق ڪيا ٿي ذبيع الله
3.      عشق اصل کؤن آهه اڙانگو، ڇڏ ”اُميد علي“ ساهه جو سانگو

سِرُ ڪاٽي ڏيج ڪلالا، اِن اَديت هو قال الله.

 

[427] *

تنهنجي درسن لاءِ ديواني يار،

الا، موٽ مٺا جند جاني يار
1.      تنهنجي نينهن جا نُڪتا روز نوان

آءُ سانڍيو سانڍيان ساهه سَنوان

منهنجي حال جي معلوم آهي اوهان

تون تان ظهار ٻول زباني يار
2.      ڏاڍي ناز منجهان ٿو نيڻ کڻين

وريو حڪم ڪريو دل هوت هڻين

تنهنجي صورت جي اها ڳالهه سُڻي

لڳي حُورن کي حيراني يار
3.      آءُ پورهيت ٻانهي چايان ٿي

ڪهڙو سينو تو سان ساهيان ٿي

ٻيو مَٽ نه تنهنجو ڪو ڀانيان ٿي

هر روز تنهنجي آ خانِي يار
4.      آکي ”اُميد علي“ ٿي پَل نه پري

توريءَ ساعت منهنجي ڪين سري

آ اڱڻ اسان جي پير ڀَري

ڪر عاشق تي احساني يار.

 

 

سيد بِلند شاهه

سيد بِلند شاهه، ڳوٺ ڀيمن جي پُڙي تعلقي گهوڙاٻاري جو ويٺل هو. سيد فاضل شاهه پنهنجي ڪافين جي ڪتاب (مطبوع 1887) ۾ سندس هڪ ڪافي شامل ڪئي آهي، ۽ سندس چوڻ موجب، بِلند شاهه ان کان اڳ گذاري ويل هو.

 

[428] سر ڀيروي*

اهڙيون سڄڻ تنهنجون اکيون،

ڏاڍا گهور گهاوَڻ ٿي سِکيون

1.      جهٽ پٽ هڻن ظالم جهٽيون، مارڻ بنان مور نا مَٽيون
        گهمنديون وتن وٺبو گهَٽيون، بازن وانگي ڀُوڻن بُکيون
2.      جَن ناز سان دل کي نِيو، تَن رِي طَبو ناهي ٻيو
        ڪامِڻ هورين ڪَم جو ڪيو، ڪنهن لاڏ مان لوڏي لکيو
3.      صورت ڏٺيم سِڪ مان سچي، درسن ڪيم دلبر اچي
        محبت سندو مچ پيو مچي، منجهه درد جون دونهيون دُکيون
4.      بيحد ”بِلند“ چئي بي پَليون، زورا وريون جهل نا جهليون
        بِڇُئن بلائن کان ڀَليون، ڏنگ ٿيون هڻن ڏاڍا ڏکيون.

[429]

مُرڪڻ تنهنجي ماريس مِٺا

نڪري چڙهيس نينهن جي نظر

ڳالهيون سڻيو ڳجهه ۾ ڳران، تنگ طلب وچ تاڻيو تران

ماندي ملڻ ڌاران مَران

مون سَوَ سندءِ طعنا سَٺا، تنهنجي پِرت ۾ پِيڙَس پڌر
2.      آڏو اچي اوڏو بِيهين، ساجن جُڳ تون جِئين
                ڪو ڏڍ ڏکويل کي ڏئين

جي قُرب تنهنجي ۾ ڪُٺا، بلڪل ڇڏين تنهنجي نه ڀر
3.      اچ تون سڄڻ آهون سُڻي، جند لاڏ سان وڌيئي لُڻي
                جانب کنيم جَڳ مان ڌُڻي

مون ڏيهه سڀ ڏوري ڏٺا، بيران ٿيس توکؤن بِگر
4.      کُهه پيون رنجائي جون راتيون، لايون برهه برساتيون

”بِلند“ ڀلايون ڀاتيون

مون تي مينهن محبت جا وٺا، عرشئون اچيو قربي ڪڪر.

 

[430] سر آسا*

جوڳين لايا جادو جام

ٻاڻ هڻي دل ٻنگي ڇڏي ويا

هليا بيراڳي سفر سنباهي، لنگ لاهوتي جان جلائي
        پورب پنڌ هنگلاج پڇائي، ڪَهندا وئڙا ڪاف ڪلام
                                گولي گوندر ۾ گڏي ڇڏي ويا

دونهان دکن ٿا ڪن پيا لاٽون، اُلا اندر ۾ لائن آساٽون
        درد فراق وٺاين واٽون، رَمي ڪيائون راضي رام
                                هن دنيا کي لڏي ڇڏي ويا
3.      نانگا نيهي نفس نمائي، وهم وِجودي ٻيا وڃائي
        ڪوڏئون ڪشالا قرب ڪمائي، ڪنهن کي ڏنائون انت نه عام
                                طمع تهدل تڏي ڇڏي ويا
4.      گُر کي ”بِلند“ گڏيا گودڙيا، اُڀا ادب ۾ سچا ساميئڙا
        چوتا چاڙهي ڪَنچير ڪاپڙيا، ساجهر ويڙا سيّد جي سام
                                عاشق اوتارا اڏي ڇڏي ويا.

 

[431]

سارنگ ساوڻ لايا وي،

رم جهم بادل ڪيا بهارا

1.      وِڄڙين ويس وسڻ جا ڪيڙا، سَرَ ساوَل ٿيا ساوا وي
        گل ڦل گاهه ٿيون گلزاريون، ولڙين پاند ورايا وي
2.      کِنوڻين ڪِي دل خوش خوشحالي، بادل بحر بنايا وي
        مَن گُهريا سي مولى ميڙيا، آوسر نِيا سي آيا وي
3.      ”بِلند“ ڀلايون ڏس ڀلي جون، چؤ جي چَلت چلايا وي
        صاحب سرهو رک سدائين، سڀ ٿيا ڪم سجايا وي.

 

 

 

 

صاحب فقير رُڪ

صاحب فقير ولد محمد بخش ذات رُڪ، ڳوٺ محمد عثمان رُڪ تعلقي گهوٽڪيءَ جو رهاڪو هو. پهريائين ”صاحبن جي لوءِ“ وارن بزرگن جو مريد ٿيو، پر پوءِ درگاهه سوئي شريف جي متولي محمد حسن شاهه جيلاني جو مريد ٿيو ۽ اُتان فيض پرايائين. مرشد جي سڪ ۽ ساراهه ۾ مولود ۽ ڪافيون چيائين. عام روايت موجب پير محمد اشرف شاهه (وفات 1277هه) جو همعصر هو، ۽ هڪٻئي جي ڀران ڪافيون چيائون. نوي ورهين جي وڏي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. *

 

[432]

ڀلي آئين تون ڪانگا، نچ آئين تون ڪانگا

اچي ويهه اکين ۾، ٻول تون مٺڙي ٻولي

ڏي ڪا خبر کِوَ جي اسان کي ڀلي برهه جا بانگا
                هينئڙي ۾ هردم وِرهه جي هولي

هت هميشه اهيون اوداسي، نينهن سڄڻ جي  ۾ نانگا
                تنهنجي ٻانهن جي مان ٻانهپ ٻولي

اسان ڏي اچڻ جا ڪڏهن وري ٿيندا، سندا سپرين سانگا
                درد جي ڇلن ماري آهي ڇولي

چوي ”صاحب“ گڏيا سيئي، لڪيون لنگهي سڀ لانگها
                ٿيون خوشيون ڏسي تن جي ڏولي.

[433]

يار سانول، تنهنجون ڳڻي ڳڻي ڳالهيون

پاڻ پنهنجو منجهه پُور وڌو سي

1.      بيخبريءَ جي ملڪ ۾، محڪم مستي جي مخمور وڌو سي
2.      اٺ ئي پهر منجهه اوراتي، انهي غمزن منجهه گهور وڌو سي
3.      يار ”صاحب“ کي يڪ رنگي ۾، ساه سوريءَ منصور وڌو سي.

 

[434]

اڱڻ آيم ٽلي، او اجھ ٿيم ڀينر عيدان

1.      منهنجي هاديءَ جو هر جا هوڪو، ڇا دکن ڇا دلي
2.      غم گوندر سڀ ويم وڇوڙو، مست ڪيو هئون مِلي
3.      دلڙي ديواني درد ۾ هيڙي خوش ڪيائون کِلي
4.      صحيُون ”صاحب“ کي آهي اوهان جي، نينهن نشاني مِلي.

 

[435] *

جوڳي جادوگر لُٽيا لُٽيان،

ڪنهن ڪون اکان ايهو حال

تخت هزاري دا جوڳي آيا، مُرلي سڻ ڪر مُٺيان مُٺيان
                        ڳيا سڀ عقل افعال

چُّم ڪر چاتم سڀ اکيان تي، جهنگ سيالين ديان جُٺيان جُٺيان
                        برهه ڪيتا بيحال

مئن تي رانجهن هڪ ٿيوسي، باکان برهه ديان ڦُٽيان ڦُٽيان
                        کليا باغ بهار

”صاحب“ صورت ويک ڪراهين، ڪات نيڻان دي ڪُٺيان ڪُٺيان
                        جلوا ويک جمال.

 

پير صاحب پاڳاري علي گوهر شاهه ”اصغر“ جي سلسلي جا وڌيڪ شاعر

 

گهرام فقير جتوئي

گهرام فقير جتوئي هڪ روايت موجب ڳوٺ خيرو جتوئي تعلقي وارهه جو ويٺل هو. پير صاحب پاڳاري علي گوهر شاهه اصغر سائين سان سندس محبت ۽ عقيدت هئي. اصغر سائين جي فيض ۽ سندس ڪلام کان متاثر ٿي ڪلام چيائين(1).

وڏي حال وارو فقير هو. سندس ڪلام جهڙو سهڻو آهي. تهڙو ئي اثر وارو آهي. ڪافين جي مختلف قلمي بياضن توڙي سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ڪتاب ۾ سندس 43 ڪافيون نظر مان گذريون. جن مان 13 ڪافيون شامل ڪيون ويون آهن.

[436]

ناپيد ڳالهيون نينهن جون، تنهن  مان ڇا ڄاڻن عام ميان
1.      سوين سورهيه سنڀري هليا هن تڪيي تي تمام ميان
        ڪوڙين مان هن ڪات تي ڪو هڪ ڀريندو هام ميان
2.      منجهه شرع هن شمسي جي، کلڙي کلايو خام ميان
        پڌرو ڪيائونپاڻ کي، کنئي مُلن هي مام ميان
3.      سوريءَ تي هسوار ڪُيئي، منصور کي ڏيئي مام ميان
        ڀري پيالو پريم جو، هُن جُنگ پيتو جام ميان
4.      قالوا بلى جي قول تي، ٻڌو عاشقن احرام ميان
        سرڙا ڏنا اتي صادقن، ڪنهن غرض ۾ گهرام ميان.

 

[437] *

ڪــيئن گــڏيـندا پاڻ کي عشق وارا عام سان

ڪلاڪ واريءَ ڪوٺ تي هاڙهي اچن ڪنهن هام سان

1.      سچ جو جِنهين سندرو ٻڌو، عاشق اُڀا اِحرام سان
        ’الف‘ سان اٽڪي پيا، لائق لڳا اِن لام سان
2.      بُت نه ڀائينِ بانورا، ريڌا وتن رند رام سان
        ديدار ديوانا ڪيا، اوري نه ٿيا اِسلام سان
3.      ملڻ ري مجبوب جي پرچن نه ڪنهن پيغام سان
        ”وهُوَ مَعڪُم“ کي پڙهي مَسرور ٿيا اِن مام سان
4.      مزگان سڄڻ تنهنجون مارڻيون، گَهَريُون وتن ”گهرام“ سان
        هٿ ڪن نه هرگز هوت سي، گڏيون وتن سڀ گام سان.

 

سر مارئي [438]

پر چُونڊيم ٿي پيرُون، مِٺن تن ماروئڙن سان

1.      اڄ ساريان ٿي سومرا، ولوڙي جون ويرُون
2.      وِجهُلَ ويڙهيچن جي، بت ڪيو منهنجو بيرُون
3.      ڌڻ چاريندي ڌُوڻيم، ٻاٻاڻن جون ٻيروُن
4.      گڏيا مون کي ”گهرام“ چئي، هينئڙي جن سان هيرُون.

 

[439] *

ناحق وڃُايُئه نِينهن ري، ساري عمر افراد ميان

ڪوڙيون ڪتابن جون پڙهي، ٿئين مولوي مَقصاد ميان
        ڪاغذ ڪارا ڪيئه ڪيترا، بِرهين بِنا برباد ميان
2.      ظاهر گهمين پيو سَر زمين، ڪيئه سر سفر سوغاد ميان
        موڳا مَڪر ڪري ڪيترا، پيو پُر پنين پَرساد ميان

 

[443]

ڪيهي ڏوراپي ڏيسان، حُجاتي هوت نُون

1.      باهِين ڀنڀور ڪُون لاڪر، هُڻ ڪيچ ووڙيندي ويسان
2.      ٿران بران وچ ٿڪيان ناهين، پياري دي پنڌ پڄيسان
3.      ساٿي سونهان عشق ڍولڻ دا، ٻيا ڪوئي نال نه نيسان
4.      ٻانهان ٻَنڌڪي اڳون سڄڻ دي، اَدبان نال اَليسان
5.      روبرو ني هوسان ماهي دي، گڏ ”گهرام“ جَليسان

 

سر مالڪوس [444]

ڪيتي ميڏي ساه، سانول نون سجدي سائين وي
1.      اڳون عشق عقل دي ٻيلي وي،

ٺهندي والي راه
2.      عاشقان ڪَڍي اصلؤن ٻيلي وي،

رمزان والي راه
3.      محبوبان دي مَن ڪون ٻيلي وي

جا وڻي سا واه
4.      دلڙي ساڏي کيس ڪي ٻيلي وي

رهندي بي پرواهه
5.      ڪُنڊي عشق قريب دا ٻيلي وي

ڳالهِين هِنين ڳاه
6.      آ اُٿاهين اَٽڪيا ٻيلي وي

عاشقان دا ارواح
7.      گهڙي ڪر ”گهرام“ ڏي ٻيلي وي،

نيڻان دي نگاه

 

[445]

يار جنهين نون هوسي ياد، دين ڪفر ڪنون هي آزاد
1.      مڪي ويندئين حاجي سڏيندئين، عشق بنان افراد
2.      زاهد دي در گهِني ويراني، گهر عاشق دا سدا آباد
3.      ڪاغذ ڪالي ڪرين مطالع، برهه بنان برباد
4.      نينہ واليان نون سدا نظاري، صورت دا وت ڪونه سواد
5.      ”گهرام“ غازي مرشد ميڏي، معاف ڪيتي سڀ مشڪل معاد

 

[446] *

ڪين وڻن ٿيون ڪاڪ جون، رِيءَ مينڌري ماڙيون

1.      در دريچا ڀڃي ڪري، طاق ڪنديس مان تاڙيون
2.      ويس وڳا سڀ وِهه ٿيا، ڦاڙي ڪنديس چيهاڙيون
3.      وَرَ ريءَ ولهي شل ڪانه ٿئي! پاڻ وينديس چِٺي چاڙهيون
4.      گوشي ويهي ”گهرام“ چئي، روز ڪنديس مان راڙيون.

 

[447]

عشق خنجر کوڙيا، ته به منهن نه مستن موڙيا
        توڙي پاڻ محبن ٻوڙيا، ته به منهن نه مستن موڙيا
1.      پرين سندين پنبڻن پڇاڙي، وِرهن وارا واڍوڙيا
        نيزا گهمايئون نينهن جا، اچي پاڻ پرين پوڙيا
2.      مزگن سندا مُرچا ٻڌي، جنگ ڪاڻ جانب جوڙيا
        ڪڍي ڪٽارا قرب جا، سر دردمندن دوڙيا
3.      قهري ڪٽڪ قريب جا، هئي هئي ڪهين نا هوڙيا
        اچي جوش وارن تي جُنبيا، ڇوهئون جي دلبر ڇوڙيا
4.      سُڌ تنين کي سور جي، جن جا اندر آهوڙيا
        ”گهرام“ غمزا غم سندا، جن کي لڳا تن لوڙيا.

 

[448]

اکيون عجيب سان اَڙيون، ڳجهي سا ڳالهه نا رهندي

سڪ انهن کي وو سچ جي ميان،

قولن سان اهي ڪَڙيون
2.      بلڪل بچنديون وو ڪينڪي ميان،

وات واسينگ جي وڙيون
3.      لائي لڪنديون وو ڪيترو ميان،

چٺي اتي وڃي چَڙهيون
4.      گوشي گڏيون وو ”گهرام“ کي ميان،

لؤن لائي پوءِ لَڙيون.

 

 

آخوند محمد بچل

آخوند محمد بچل ولد آخوند نورمحمد سانوڻي، هالن پراڻن جو ويٺل هو. سندس ڪلام ناياب آهي ۽ سندس پوين وٽ به ٿورو موجود آهي.

[449] *

منهنجي دلڙي اُتي هل تون، جتي ديدار دلبر جو

1.      خوني ٻئي نيڻ سِر سَيفِي، خماريل خواب جا ڪيفي
        هڻي ٿو ترت لاڪوفي، سڄڻ سالار لشڪر جو
2.      سندم گهر اڄ سڄڻ آيو، لٿو ڏک ڏرت ڏولائو
        ٿيو روشن جهان سارو، عجب اسرار انور جو
3.      ”بچل سِر جومَ رک آهو، پٺيان محبوب ٿي ڪاهو
        نه رک تن جو ٻيو وايو، پَسِي جهلڪار خنجر جو.

 

روپ تلنگ [450] *

پنهل ايندم پاڻ، وي ميان

لعلوم لڱن تان آءُ ڪيئن لاهيان

1.      پِيندي ٻاجهه ٻاروچل کي، سو سّيد نيندم ساڻ
2.      ايندو ڪيچ منجهان ڪوهيارو، ڪنهن پر ٿيندو پرياڻ
3.      هاڙهي ۾ هلي هوت پنهون لاءِ پرزا ڪنديس پاڻ
4.      ”بچل“ بَردِي آهيان انهيء جي، منهنجو آرياڻي اڳواڻ.

 

 

آخوند محمد قاسم سانوڻي

آخوند محمد قاسم سانوڻي سنه 1221هه/1806ع ۾ هالن پراڻن ۾ ڄائو. سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين جو ماهر هو. پهريائين تپيدار هو، پر پوءِ نوڪري ڇڏي حيدرآباد شهر ۾ ڪورين جي پڙ ۾ اچي رهڻ لڳو. مير حسن علي خان کيس اُستاد الشعراء جي لقب سان نوازيو. ان جي وفات کانپوءِ مير عبدالحسين خان سانگي وٽ رهندو هو. ميون وڏل حيدري ۽ غلام محمد شاهه گدا سندس همعصر ۽ خاص هم صحبت هئا. سن 1298هه/1881ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. ”ديوان قاسم“ ۽ ”قاسم نامون“ سنڌيءَ ۾، ۽ ”تنبيہ الغافلين“ فارسي ۾ سندس منظوم تصنيفون مشهور آهن.

[451] *

اچي يار جاني مون سان ڪريو مهرباني

پسايو پيشاني، مون کي بار بار
1.      مون کي تون وڻين ٿو، جڏهن اک کڻي ٿو

هِيين ۾ هڻين ٿو، تِکي تون ترار
2.      جيڪي چش چکن ٿا، ڦِرڻ ڪِين ڪن ٿا

مٿي تي رکنٿا، مَدين جا مدار
3.      ٻڌي يار ٻانهون، ڪريان دوست دانهون

هاريان ٿي تيلاهون، هنجهن جا هزار

4.      ”قاسم“ ڏک جا ڏاڪا، اوسيئڙا اولاڪا
                        پَسِي واءِ واڪا، ڪريان بيشمار.

 

[456] سر سسئي

جيڪا يارَ سُهڻي کي ٿي ساري

سا ته رات ڏينهن رڙندي
1.      جـا پنهل کان ٿي پَراهين

لڪ لنگهي سا ويندي اوڏاهين

جيڪا گهوٽ بنان نه گهاري

سا ته چاڙهن تي چڙهندي
2.      باه بره جي جنهن کي ٿي ڀڙڪي

ڪُن ڏکن جو تنهن تي ٿو ڪڙڪي

وڃي يار سخن پنهنجا پاري

دِلو دست ڪري ترندي
3.      ريءَ راڻي ٿي مومل ماندي

هر دم حسرت ساڻ هيڪاندي

جيڪا گوندر منجهه گذاري

سِر سُور سهي سڙندي
4.      مارئي محبت ماري ماري

ساري سٿ ٿي ساٿين ساري

سا تان وارِ وطن ڏي واري

نه ته ماڙين ۾ مرندي
5.      ”قاسم“ ڪارڻ يار پيارا

نيڻ کڻي ڪر ناز نظارا

تنهنجي موهيس نيڻ نِهاري

دل منهنجي ڳچ ٿي ڳرندي.*

 

 

[453] سر ڪسوري*

ڏاڍڙي لائي وئين تون، ڏاڍڙي لائي وئين

عشق سندي مون کي چاٽ چکائي وئين

بره تنهنجي ڪيڙو بت بيراڳي

ساهَ سيباڻي تنهنجي صورت ساڳي
                ڦند فڪر سان منهنجي دلڙي ڦسائي وئين

اُڻ تڻ لائي تنهنجي عشق اندر ۾

جوش تنهنجو پئڙو جان جگر ۾
        درد جي دام ۾ دونهين دکائي وئين

ناز نظر تنهنجا بره جا ڀالا

روز چڪن ٿا اِي ڦٽ آلا
                ديد دِکائي منهنجيون اکڙيون اڙائي وئين

”قاسم“ ڪيڙو سِرُ قرباني

جان فدا تو تان جانب جاني
        رمز ڏيکاري منهنجو روح ريجهائي وئين.

 

 

 

 

 

[454] *

وڃي قاصد قريبن کي سنيهو ڏي سندم ساري

سگهو لهه سار منهنجي تون اندر ٿو عشق آزاري

1.      اچي ڪر هوت هڪواري، پنهل پورهيت جي پوئواري
        رُلائي واٽ ويچاري، متان محبت سندءِ ماري
2.      اوهان جي عشق جي اوري، لڳيم لنؤ لنؤ اندر لوري
        ٿيس آءٌ گس سندي گهوري، قضا اهي هاءِ ڪم ڪاري
3.      ڀلا ڪر ڀال جو ڀالڻ، جدا اهکو ٿيو جالڻ
        پنهل پورهيت سندو پالڻ، ڪريو سان ميٺ موچاري
4.      ڪريان قاصد قريبن جي، حڪايت هن حبيبن جي
        ڇڏي جي رٿ رقيبن جي، وريا واڳون وٽم واري.

  

 

آخوند لطف الله ”لطف“ سانوڻي

آخوند لطف الله ولد حاجي نصرالله آخوند سانوڻي، هالن پراڻن جو ويٺل هو، پر گهڻو وقت حيدرآباد شهر ۾ گذاريائين. سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي چڱي دسترس هيس. سيد فاضل شاهه ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ٻه ڪافيون ڏنيون آهن، پر سندس موجود ۽ مداحون پڻ مشهور آهن(1). سيد فاضل شاهه جي لکڻ موجب، آخوند لطف الله 1887ع کان اڳ وڏيءَ ڄمار ۾ حج تي ويو هو، جتان موٽي پنهنجي ڳوٺ هالا پراڻا ۾ وڃي وفات ڪيائين.

سر مالڪوس

اَمُر نَهي کي صحي سڃاڻي،

حڪم حقيقي مڃ فرمان

’الست بربّڪم‘ قول ٻُڌو ئي

حرف ’بَلى‘ جو آپ اُتوئِي
        ڇا چوان آءُ توکي چوئِي

پارج پنهنجو ٻول نِڌان
2.      سينڌ سنواريو سرمو پائين

عطر عنبير لڱن کي لائين
        پاڻ جِهو ٻيو ڪونڪو ڀائين

ناقص ڄاڻج اِيءُ نقصان
3.      نجم ڳڻيو ٿو نجومي چائِين

سير سماوِي سِرُّ اَلائين
        موڳا ماڻهن کي مُنجهائين

اوڳا ٿيندءِ پوءِ ارمان
4.      بندا جڳائي توکي بندگي

صاحب اڳيان سَرَ افگندگي
        شرمندا ٿِيَئي نه شرمندگي

ويٺين وساري تون سلطان
5.      عبث وڃائي عُمر اجائي

”لطف“ ڪئي تو ڪانه ڪمائي
        فضل بِنان ٻي واهَ نه ڪائي

آگو بخشيندءِ ربُ امان.

 

[456]

عاشق نام سڏاوڻ سؤکو، مشڪل بار ملامت جو
1.      هر دم حُب جو هُل هلائين

در در ديوانو ٿو چائِين
        پَرکا ويلي پاڻ لِڪائين

پري پنڌ صداقت جو
2.      عشق اَٿِي ڏاڍو يار اڻانگو

جي لائين تان کڻ سِر تان سانگو
        ننگ وڃائي ٿي تون نانگو

ڇِني سڱ سِياڪت جو
3.      دوست حقيقي سان دل لائج

مخفي ۾ پنهنجو پاڻ بچائج
        لوڪ اڳيان ڳجهه ڪِيم ڳالهائج

رکج امن اَمانت جو
4.      عشق گڏ ڪين گذاري

ڇڏج حيلا چڙهج نظاري
        سوريءَ تي آءُ سِر سينگاري

حيلو ڪج نه هلاڪت جو
5.      ”لطف“ لاڳاپا تون سڀ لاهي

اڱڻ عجيبن جي وڃ ڪاهي
        وهڻ واجب توکي ناهي

خرقو ڍڪ خِدامت جو.

 

[457] *

هوءِ جي وِئڙا وڏيءَ وَس

عمر! سي ٿي آءُ سانگي ساريان سومرا
        1.      پل پل پڇان آءُ پَهيَڙا، ڏوٿين سندا ڏَسَ
        2.      وُٺا مينهن ملير ۾، گاهَن ڇانيا گَسَ
        3.      ڪنهن سان ڪريان ڪوٽ ۾، ريجهه رهاڻيون رَسَ
        4.      لوياريءَ سين ”لطف“ چئي، مارو مِلن مَسَ

 

[458]

هئي هئي ويڙا ڪنهن ڏِس ڏوُر

عمر! آءُ ٿي مارو ڏسان ڪينڪي

1.      جيڪس جهانگي جُوءِ مان لڏي، ويا ڪنهن ضرور
2.      مُندون موٽي ائيون، مارو نه موٽيا مُور
3.      ساريو سنگت ڏينهڙا، رڙي ٿيس رنجُور
4.      لاهي لاڳاپا ”لطف“ چئي، ماري وِيڙا مهجُور.

 

سليمان شاهه

سليمان شاهه لڪياري ساداتن مان هو. موري تعلقي جي ’پُرڻ‘ ڳوٺ ۾ ڄائو، پوءِ لڏي اچي جعفر وڳڻ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ ان بعد ٻروچ ڏاهري جي ڳوٺ ۾ رهيو. وڏي همت وارو هر هاري هو ۽ ’نَوَلَکِي‘ واهه تي نار چاڙهيندو هو. پير صاحب پاڳاري حزب الله شاهه جو سچو عاشق ۽ حُر مريد هو. ڳوٺان درگاهه تائين پيدل ويندو هو. پير صاحب جن ڪاوڙجي درگاهه تي اچڻ کان منع ڪيس، جنهن تي اها ڪافي چيائين ته:

”ڏَس ڪو ڏانءُ، جنهن سان توکي پرچايان“

سليمان شاهه عبادت ۽ سخاوت ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس طالبن۽ ٻالڪن مان ميانداد فقير لغاري وڏو درويش ٿي گذريو، جنهن جي خانقاه ڪوٽ ميرمحمد (تعلقو روهڙي) ۾ آهي. علي بخش فقير ڏاهري، دودو فقير ڏاهري ۽ ٻيا پڻ سليمان شاهه جي ٻالڪن مان درويش ٿيا. سليمان شاهه 01- رجب 1313هه/1890ع ۾ وفات ڪئي، ۽ مرزان ڏاهري جي ڳوٺ ۾ سندس مزار آهي. سندس 43 ڪافيون مختلف بياضن ۾ نظر مان گذريون جن مان ڪي هت ڏجن ٿيون.

[459]

ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان!

ڏَس ڪو ڏانءُ جنهن سان توکي پرچايان

1.      جان ٿيان هندو پوڄان بتخاني

ڪاشي دُواري گنگا آشناني

جڻيو پايان، ڪين مان تلڪ لڳايان!
2.      جان ٿيان ناچو پهريان پيشوازي

ڌڪـڙ ڌمچر ساز آوازي

ڦيرڙيون پايان، ڪين نه ڇيرون ڇمڪايان!
3.      جان ٿيان مومن نيڪ نمازي

جنهن ۾ جانب تون ٿئين راضي

جامع جوڙايان، ڪين سِرڙو نمايان!
4.      اچ ته پيارل ڪريون پرچائو

ساڻ ”سليمان“ ٿئي سرچائو

لائق ناهيان ته ڀي تنهنجڙي آهيان.

 

[260] *

ٻيو مذهب مان نه ڄاڻان، عشق جو آهيان بندو
1.      عاشقن کي عشق جو آهي روح ۾ رُڪ جو رندو
        سي وڍيا واڍوڙ وحدت، ساهه سوگهو جن سندو
2.      شافعي، مالڪي، حنبلي، توڙي کڻي حنفي هوندو
        عشق ري عطا نه ٿئي، توڙي اچي ڪو اُڏامندو
3.      نوبتو ڏاڍي نينهن سان، جيڪي طلب جو تاڻن تندو
        دل ۾ دؤر پرين جو، قرب سان هم دم ڪندو
4.      ”انا احمد بلا ميم“، سو ”سليمان“ سمجهندو
        يا چوان محمّد چوان يا ”احد“ خود خداوندو.

[461]

مست ڦِران مستان، برهه لڳم برحال پرينءَ جو
        1.      بِــــيني برسِـــــر بــــولـــــو بــــيــــنسر

رنــــگ رتول ڪي قابـو ڪَــــيسر

ڇـــــــــــا هــــــي مـــــــوتـــــي مــرجان،

سارو بدن رخ لال پرينءَ جو
        2.      ماڻــــــهو ڏيــــــن ٿا مون کي مهڻا

سي ته ڳـــچيءَ ڳل منهنجي ڳهڻا

بــــــــــــــــره ڪـــــــــيس بــــــــــــيران،

جهڙو تهڙو مان ڪنگال پرينءَ جو
        3.      مُــــــــک سهـــــڻي جي ٿو سونهين

شــــمــس قـــــمر، شرمايس ڏونهين

پـــــــــــسي نــــــــــــــقـــش نـــــيـــــشان،

خال بنيو خوشخال پرينءَ جو
        4.      سهـــڻو جــــــڏهن ٿو پاڻ سينگاري

دارا سڪــندر کـــــي ٿـــــو مـــــاري

جــــــــــــــــــلويــــــــــــــــدار جــــــــــــوان

ايڏو منهنجي اقبال پرينءَ جو
        5.      عـــاصي پــــياسي آهــي اُداسي

تنهن کي زيارت ڪرايو خلاصي

ســـــوالــــي آهــــي ”ســــلـــيـــــمان“،

جيڪر پسان مان جمال پرينءَ جو.

 

[462]

جن جي هٿ ۾ هميشه ڪاتي، سي مون وڃي سيڻ ڪيا

نؤبنو جن کي ڪوڏ ڪهڻ جو

مون تان لئون تني سان لاتي
2.      جي ڪُٺا هٿئون قريبن جي

تن تي مور نه آهي مماتي
3.      الغرضي سان مون اکڙيون اڙايون

جهل پل سان جنهن جي جهاتي
4.      ”سليمان“ سهڻي سائين کي

آهي هر دم زيب حياتي.

 

[463]

ڳوپ ڳنڍيون ڳَلَ ڳانا، ڇَتڙن جا ڪين ڇُڙن
1.      عشق اوراڻا ڏتڙا، پيچ پينگهي ۾ پِيَڙا
        ڏينهن لنگهي جي وِيَڙا، مِيندَن جان ڪين مُڙن
2.      عشق جَني کي آهي، خوف تني کي ناهي
        سنگا سَوَ جا لاهي، توڙي گهٽين شينهن گَجن
3.      بوند بِره جي وٺي سڄڻ ”سليمان“ سٺي
        محبت مينهن جي مٺي، جهڳ مڳ لائي آ جُهڙن.

 

 

 

[464]

سانگي ٻاروچا آيون ڪهڙ سانگي

تنهنجي قدم قدم تان ٿيان قربان

تو نه اچڻ جي ڪئي امدادي

شهر ڀنڀور ٿيو سڀ شادي

برهه حسن جو کليو بستان
2.      ڪيچئون آئين ڪرهل ڪاهي

سهڻل سائين سانگ سنباهي

پڙو ڇڏي آيون ڪيچ مڪران
3.      محب ڪري آئين منزل باري

سهجئون اسان تي ڪُيئي ستاري

ڪو ڏئون لتاڙي آئين ڪهستان
4.      ”الف“ آدم جو پائي آئين چولو

’ميم‘ محمد جو ڪري آئين اولو

سوين سڪايئي ”سليمان“.

 

[465]

سوگهو ساهه منهنجو ته سنگهارن سان

منهنجي پوري پريت پنهوارن سان

وطن وساري آءُ ڪيئن وهان

منهنجون ڳالهيون ٺآهن ڳنوارن سان
        هِت مُشڪ مَليان هُت مهڻا جهليان

ڪهڙو وير وجهان ٿر وارن سان
2.      تنهنجا ساز آواز عمر ٻَن بيا

منهنجو هِنيَڙو ڀڄي ڀُڻڪارن سان
        هت وڄڙيون وسن اکيون روز روئن

مون کي ميڙين مولى ڌڻ وارن سان
3.      تنهنجن باغن بنگلن جي باس نه باسيان

گلن گؤنٽن جي گلزار سان
        جيڪي گهڻو ٿا گهمن سُک ڪين سمهن

چِت چاهه چڙن جي چينگهارن سان.

 

[466]

توکي گندڙي کٿيءَ جي گوڏ ڙي

ڪهڙيءَ رمز ريجهايو تو راوَ کي

منجهه مياڻي، سمي سڃاڻي

جھام لَکي تنهنجي لوڏ ڙي
2.      ڇڏي کارِي، ٿي تخت واري

ڪانڌ کٽي ائين ڪوڏ ڙي
3.      راڻين ڀانيو راءُ اسان جو

آڻي وهاري اوڏڙي.

 

[467]

دليئون دلبر ناز پرور

هن ويچاريءَ کي ڪيئن وسارج
1.      درسن تنهنجو قُوت بکين جو

نالي ڌڻي جي مون ڏي نهارج
2.      آءُ اوهان جي لائق ناهيان

پلئي پئي هان، سو ننگ پارج
3.      درد ونديءَ کي در پنهنجي تئون

سانول سائين ڪين لوڌائج
4.      سوال ”سليمان“ جو عرض اهو ئي

هن گداگر سان گڏ گذارج.

 

[468]

ڪَ ڏِئي نه ڏِئي، سرتيون! سڏ نه لاهيان

در  نه مٽيندس دلبر جو

وڃان ڪوهه ٻِئي
2.      راتو ڏينهان وتان ڏوريندي

لِڪان ڪاڻ لِئي
3.      ”قالوابلى“ چئي قابو جا ٿِيڙَس

انهيءَ قول ڪِئي
4.      دل ”سليمان“ جي ڪري پئي دانهون

وسئون حال وئي.

 

[469]

ڇَن نا، ڇَن نا، ڇَن نَنَ ناز

نٿ نُورا گهت گهر ميري آيا يار

دُر، زيور ڳل، ڪڙي ڪٺمالان، بينسر بُول بنايا هي
        هيرا زيور ذات به ذاتي، سر موتي سِر پايا هي
        لب لال الستي نال ادب دي اندر رهبر آواز
2.      ڪج ڪُلاه دي ڪلنگي قُدسي، ڪاڪل قلم هلايا هي
        چيري رنگ گلابي چهري، چل پل چشم چلايا هي
        ويک فانوس فلڪ دي فالم، ٿيوَن چا غمزه غواز
3.      چنگ اُپنگ ڌمالان، حاضر، باجا بين بجايا هي
        مرڌنگ، دڦ، سارنگي سالم، سوز ستار سنايا هي
        طرف طمع دي جلوي جانب، ٿيوَن ترت تراز
4.      سوز رنگي وچ صورت ساڳي، پاڪ پهريز جا پايا هي
        تاج ڪلنگي مُرسل محمد آپ بَنا بَن ٺآيا هي
        ويک ”سليمان“ سمجهه صحيح ڪر پتنگ پتنگ پرواز.

 

 

 

سيد مهدي شاهه

سيد مهدي شاهه ولد جڙيل شاه بخاري، شهر ميرواهه گورچاڻي لڳ ساداتن جي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ مهيني جمادالثاني سنه 1297هه/1880ع ۾ وفات ڪيائين(1). پير صاحب پاڳاري جناب حزب الله شاهه جو مريد ۽ عاشق هو. پنهنجي سفر ۾ جڏهن پير صاحب سندس دعوت قبول ڪري وٽس ويو ته ان موقعي تي ڪافي چيائين جيڪا مشهور ٿي وئي ته:

شڪر آ الحمدلله، يار گهر آيو منهنجي

سندس ڪلام ۾ فارسي، عربي، هندي لغات سمايل آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان سندس اسلوب بيان ئي نرالو آهي. مهدي شاهه جي ڪلام جو وڏو مجموعو هو جيڪو پاڪستان کان اڳ واري دؤر تائين سلامت هو، ۽ پوءِ ضايع ٿي ويو.

[470]

شُڪر آ الحمدلِله، يار گهر آيو منهنجي

يار گهر آيو منهنجي، دلدار گهر آيو منهنجي

آءُ صدق قربان تنهن تان دَمَ ۾ لک واري ٿيان
        صاحبَ لولاڪ سو سردار گهر آيو منهنجي
2.      هِجر غَم دُک درد دل جا دور ڪيا داتا سَڀي
        ٿيون خوشيون ۽ شاديون، غمخوار گهر آيو منهنجي
3.      تَخت ڇَٽ ڪَلنگي مُنگهَٽ محبوب منهنجي لئي مدام
        يا عَلي دلدل چڙهي، هسوار گهر آيو منهنجي
4.      جن ڏٺو ديدار ”مَهدي“ ديد محمد جو جمال
        خوب ’حِزب الله‘ ٻڌي دستار گهر آيو منهنجي.

 

[471] *

ڪري وسڻ جو ويسُ، بادل آيو بَرسي
                اَڄ وسڻ جو ويسُ، بادل ڪيو بَرسِي
1.      چَہ چَہ ڪهه ڪهه ٿي چوڌاري

ڪڪر ڪارا ڪيس
2.      ”اووفُوا بِعَهدي اُوف بِعَهدِ ڪُم“

لنگهيا لُوتَ لبيس
3.      ”اِنّڪَ لَتَهدِ اِلى صراط مُستَقيمِ“

رَوَ رَوان ڪيا ريس
4.      ڏولائي جي ڏيهه مان

مري ويئي ميس
5.      ڇُٽا سڀ ڇِيهن کان

وُٺا غَفاري غَيث
6.      مهدي شاهه محفوظ ڪيا

دعوت سان سڀ ديس.

 

 

 

[472]

وسن ٿا مينگهه ملهارا، موج بحر جون پلٽن پاريون
1.      ڪعبي ڏانهن ڪر نائيو، وڄڙيون وسن جواهر يار
        مڪو مدينو عرب سڳورو هر ڪو خوش بهار
                        گلشن نبي جا باغ بهارا

سيوهڻ کان وٺي سنڌ سڄي تي وس ڪري وسڪار
        پاڻي گِهُه انُ ڪپڙو آرزان ڪر اظهار
                        ڏک بک لهن ڏُرت ڏُڪارا

رنگ برنگي حضرت روهڙي جي چؤطرف چوڌاري
        سمن اَبن عيسن تي هردم رحمت رنگ اپار
                        سخي قلندر شاهه سونهارا

”مهدي شاهه“ محبوب پنهنجي کي عرض ڪري اظهار
        صدقي شاهه شهيدن جي پرتو آهه پينار
                        مينهن وسن مَر لهن مونجهارا

 

[473]

زير زبر شد مد نقطا، پيش جزم هي سينگار
1.      ’الف‘ اِلــٰهي ’بي‘ دا برقعا ’تي‘ رک تن وچ توڪل تار
        ’ثي‘ ثُم عَلَيڪُم ٿي ساجد، نقش مثال مثل سنڀار
2.      ‘جِيم‘ جمال الله جلوا هي، ’حي‘ حمد حسن ديدار
        ’خي‘ خدائي مُلڪ به تيرا، تون خالق خلقڻهار
3.      ’دال‘ دنيا دا دور اجايا، ‘ذال‘ ذال ذڪر ڪر صحيح سنڀار
        ’ري‘ راضي ره بنديان تي، ‘زي‘ زور زور زبوني ڪار.
4.      ’سين‘ سپاهي ٿي تون سڀ دا، ’شين‘ شڪر ڪر حمد گذار
        ‘صاد“ صحبت نال نماڻيان، ‘ضاد‘ خليل الله دا ڌار
5.      ’في‘ رک هر دم فڪر فنا دا، ’قاف‘ هميشه قرب قرار
        ‘ڪاف‘ ڪريم ڪرم ڀي تون، ڪرم ‘لام‘ نفي سين نفس ذڪار
6.      ’ميم‘ محمد انت محبوبي، ’نون‘ خدا دا نور اظهار
        ’واو‘ ۾ ويس فنا ٿي ويسي، ’هي‘ وچ رهسي هڪ تايار
7.      ’همزا‘ آپ هوسِي حاڪم، ’لام‘ نه رهسي جڳ جنسار
        ”مهدي“ صورت  نيٺ نه آيا، بي يقينون هو يار.

 

[474]

نَوين نَوين رُت ائي وي، آ محبوب مٺا گهر ميري
1.      ڪن ڪُنڍل مُک مُرلي باجي

ڳل ڪنٺي لئون لائي وي
        ٿان ٿان شاديان، نت نت ٿئيان

رقصئون ڌوم مچائي وي
                پاءِ ڇمڪار ڪريندي ڇيري

ڪولئون ٻَهه نت نيڙي اساڏي

ڳل سهڻي سڪ لائي وي
        چَٽپٽ چيٽڪ رنگ رنگ (کليا)

ڏاڍي لاڏ کلائي دي
                        پاءِ گهنگهرو گهڻڪار گهڻيري
3.      شيرين سخن رنگين ڍولڻ وي

ٻهه گفتار الائي وي
        سڻ وچن سدا رنگ سهڻي

خود طوطي شرمائي وي
                زلف خم و خم گردؤن گهيري.

موج بحر گهر مظهر ”مهدي“

بوند برهه برسائي وي
        سوز سرخ رنگ زردي پيلي

ڪيا سفيدي سهائي وي
                خوش ارضئون خندان کنڊيري.

[475]

ميرامَن بانورا مهجُور، گهونگهٽ دي وچ ناز ڪريندا
1.      چمڪي جواهر جهلڪي، نُور نرالڙا نور
        ري پروانا ايوين جل جا، جيون جل گيا طور
2.      تحتها الانهار دي سُرڪ سوائي پِي ٿيا مخمور
        شمس الحق دا مار نقارا، اَنالحق منصور
3.      جنّ انسان صدق سو صدقي، قربان حور و قصور
        شمس قمر ڪيا مَلڪ پَري ڪُون چهري ڪيا چڪچور
4.      ”مهدي“ ويک عجب عجائب، دائم وچ دستور
        وَنحَن اقرب نِت نِت نيڙي، دلبر نهين دم دور.

 

[476]*

مين هُون پيني مين چالاڪ، نت نت جام شهيدان والا
                        ڪارڻ زهر ترياق

1.      جهاڙ جهپٽ ڪک پن ڪِر پَئي، ڇُپ ڳئي چوڏهن طاق
        ديوَ اِنس جِن حوران پريان، روندي مست ملاڪ
2.      عرش عظيم ڪرسي ساري، لرز ڳئي لولاڪ
        ملڪ نبي سڀ سهم ڳئي، حاصل ٿيا حق پاڪ
3.      جوان جنگاور جهدئون جنگي، برسيا سر بوراق
        ڏي سر ”مهدي“ حق سر ويسي، هئي هئي حـــال فراق.

[477]

لب ڪيا ياقوت رُمانا وي

دُر لعل هيرا مرجانا وي
1.      خوش خندان دندان دَهن، ڪيا روماني دُر دانا وي
        مشڪ ختن سؤ ڀيري صدقي، ڪوڏ ٿيون قربانا وي
2.      نازڪ بدني کليا نقابا، شمع شعاع شهانا وي
        ديو ملڪ جن حوران پريان، عبرت وچ اِنسان وي
3.      جَنّات عدني جوڀن تيرا، ويکن رنگ رڀانا وي
        شہ ”مهدي“ مستان شمع تي، پلٽ آيا پروانا وي

 

[478]

مِن تحتها الاَنهار، ويکو اسرار،

سُهيلِ يمني ڪا وهواه!
        جلوي ڪيا جهلڪار، رنگي رخسار،

جناب عدني ڪا وهواه!
1.      لب اَحمر سُرخ اَناري، ڪيا لال لالان مرواري
                        ڪيا بخمل بيد چناري

ڪيا چهرا ڪا چمڪار، جهومڪ ڪي تار،
                                هيري ڪي ڪُندني ڪا وهواه!
2.      ڪج زلفان ليلة رت، ڪج ڪار غلامان ڪثرت
                        ڪج ابرو سُنبل شجرت

ڪج ظاهر هي زنار، زلف ڪي تار،

رضا رب ارني ڪا وهواه!
3.      ڪج اَبرو چشم خماري، ڪج ڪار غلامان ڪاري
                        ڪج طور موسى تڪراري

مئن غمزان ني غمخوار، تجلي دار.

گوهر گل بدني ڪا وهواه!
4.      مئن آکيا تان ربّ اَرني، سوت ان ظهار زير زبرني
                        آ ويکو چاڙهي چڙهه ني

جت دائم هي ديدار، الاهي آر،

محَمّد مدني ڪا وهواه
5.      جا ”مهدي“ اُس جا مَريئي، سِرپيش دولهه دي ڌريئي
                        خوفئون ڏريئي، آه نه ڪريئي

سردار ٿيا هسوار، قتل ڪي ڪار،

حُسيني حسني ڪا وهواه!

 

[479]

ڪر ڇَم ڇقم ڇَننَن ڇنينا،

دل ميري دلبر ڌٻڪاوي

1.      ڍولڪ ڌڪڙڌمال بجي ڌو ڌو ڌانينا

سُر منڊل ستار ڪمنچا تُو تُو تانينا

سوين ستار ميري سيني سڀاوي

سوني گهنگهرو ڇم ڇم لائي، نت نورن فرياد سڻائي
        چمڪ چمڪ ڪر بجلي ٺآئي، اَنا حق عيني نا

زمرد رَين پرين پَرلاوي

منگتُ پڇي مرڌنگ بجاوي، ”مهدي“ لاءِ پريان گڏ پاوي

بن بينسر بن بجاوي، ائين ڪناري ڪر نينا

لي نام خدا ڪا غريب نواوي.

 

 

 

 

 

 

عرضي فقير ماري

عرضي فقير ماري، ڳوٺ ماري، تعلقي سنجهوري جو رهاڪو هو(1). پير صاحب پاڳاري سائين حزب الله شاهه جو مريد هو. محبت جي ميدان جو هو فطري شاعر هو ۽ گهڻيون ڪافيون چيائين جيڪي لکيت ۾ ڪونه آيون. سندس بيتن ۾ پڻ اعلى عاشقانه خيال  ۽ جذبا سمايل آهن. (2)، ۽ سندس ”ڪافيون“ ته سڄڻ جي سچي سڪ جو آئينو آهن.

 

 

[480]*

هِيئن نه ڀانيو هوم، ته ڪي ويندا سانگ سٽاڻي

هــيئن نه ڀانيو هوم، ته ڪي ويندا ڏيهه ڏُوراڻي

قدر ڪيچ ڌڻين ري الا، پهرئين ڏينہ پئوم
2.      پر بنا پرڏيهه ۾ الا، وِهڻ وه ٿئوم
3.      آٿڻ ۾ ”عرضي“ چوي الا، مچي مچ پئوم.


[481]

وري ايندم شال ويڙهه،

وو ساهه سانگين کي ٿو مون من تانگهي
1.      مون کي مارن کؤن، ڏيهه وڻن کؤن

وو ناحق ڪيم نکيڙ
2.      وُٺن مينهنِ وطن وينديس

وو ڪنهن پر ملان پنهنجي ڪيڙ
3.      منهنجي نِي پارئون، مير مهائين!

وو جهانگين ساڻ مَ جهيڙ
4.      ”عرضي“ اجڙوال ڪڏاهين

وو ڇيلا سي چوندم ڇيڙ

 

[482]

ٻهه جي ميڏي نال ڪيتس

سي ڪنهن ڪون آکان ڳالهيان ڙي
1.      ڳُجهڙيان ڳالهين ني وي، نِهين سلڻ ديان ني وي
        مٺيان ميڏي نال ڪيتس، چڱيان ميڏي نال ڪيتس
                        نيڙي ٻهه نروليان

مخفي مئن نال وي، ٻهه جي ٻوليس ني وي
        سي مامان ميڏي يار ديان، رمزان ميڏي يار ديان
                        سي نه سمجهن سياليان ڙي.

دل سنڀالي ني وي، اکيان روون ني وي
        ول ڪي ساڏي ويڙهي آوين، ول ڪي ساڏي نيڙهي آوين
                        چل ڪي چوکيان چاليان ڙي

آکي ”عرضي“ ني وي، اڳليان آرين ني وي
        مِٺي ملاقات واليان سي، چڱي ملاقات واليان
                        سي مئن اڄ سنڀاليان ڙي

 

[483]

سڄڻ شال جيوين جيوين

ڍولڻ گهر ٿيوين، جيوين ڀانوين تيوين

1.      ڪڏهان لُڪ نقابُ ڪريندئين

ڪڏهان کلين ڪڏهان ڪيوين
2.      ڪڏهن غير شراب سڏيندئين

عجب ول ڀر پيوين
3.      سڄا ڦاڙ ڪريندئين ذرڙي

عجب جو ول سيوين
4.      ”عرضي“ هي مشتاق ملڻ دا

من تهين دا ٿيوين

 

[484]

ٻانهي آهيان، جيڏيون ٻانهي

منهنجي ڪانهي ٻاروچي سان حجت هلڻ جي
1.      ڪين ڪنهين کي ٿي چوان

ڏيرن ڏک ڏنا ني
2.      پير پيادي نا پڄان

ڊوڙي گس گونگان ني
3.      آکي ”عرضي“ آءُ پُنهون

رحم ڪري رحماني.

 

[485] سر قصوري*

ذات بلوچان دي گولي

مين تان ذات بلوچان دي گولي
1.      مادر ڏتڙي مينون پاڪي پينگهي وچ

جوڙ جتان والي لولي
2.      ٻہ ٻاٻل مينون ڏاج ڳڻايا

ڏِتي سولان والي چولي
3.      سڪ سچي مهوال دي مَئن سِر

هُڻ ڌم مچائي هولي
4.      ”عرضي“ آکي جلد جَتان دي

ٻانَهپ ٻَہُ مين ٻولي

 

 


 


* [412] ۽ [413] سيد فاضل شاهه ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل. سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هنن ڪافين کي ’ڪافي يڪي‘ جو عنوان ڏنو آهي.

* [414] کان [416] نصرپور مان سيد قادر شاهه جي بياض تان ورتل.

* [417] نصرپور ۾ مرزا قربان علي جي ڪاغذن مان هٿ آيل.

* [418] ۽ [419] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* [420] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري ۽ محمد حسين ڪاشف کان مليل.

* [421] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري، محمد صالح سمي (ڪراچي) ۽ محمد حسين ڪاشف کان مليل.

* [422] ۽ [423] محمد صالح سمي (ڪراچي) ۽ محمد حسين ڪاشف کان مليل.

 

* [424] ماستر سومر خان لغاري ۽ محمد حسين ڪاشف کان مليل.

 

* [425] عبدالحڪيم پلي (ڍورو نارو) ۽ محمد حسين ڪاشف کان مليل.

* [426] عبدالحڪيم پلي (ڍورو نارو) کان مليل.

* [427] ماستر سومر خان لغاري ۽ محمد عالم ”شور“ خانپور (تعلقي ميرپورماٿيلي) کان مليل.

* [428] سيد فاضل شاهه ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتابن تان ورتل. سيد فاضل شاهه سٽاءُ جي لحاظ سان، هن ڪافيءَ کي ”ڪافي يڪي“ جو عنوان ڏنو آهي. پوڪرداس جي ڇاپي ۾ مصرع  ٻي جي سٽ ٻي؛ ”ڪُهڻ مور نه ڪم جو ڪيو.“

* [430] ۽ [431] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* ۾ وفات ڪيائين

* [435] محمد عالم ”شور“ خانپوري (تعلقو ميرپور ماٿيلو) کان مليل.

(1) (1) ڪن غير معتبر روايتن ۾ گهرام فقير کي ڪنهن ٻئي جو طالب ڄاڻايو ويو آهي. مرحوم لطف الله بدوي ”تذڪره لطفي“ (ڀاڱو ٻيو، مطبوعه حيدرآباد سنڌ 56-1955ع، ص 683) ۾ صحيح طور لکيو آهي ته ”سنڌ جي شاعرن ۾ اصغر سائين کي بلند درجو حاصل آهي. هن ئي درد مان گهرام فقير جهڙن درد نگار شاعرن درس ورتو.“

* [437] ۽ [438] سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ’ڪافين جو ڪتاب‘ تان ورتل.

* [439] ”اصغر سائين جو ڪلام“، جنرل پرنٽرز لاهور، 1400هه

* [446] کان [447] تعلقي روهڙي مان عبدالرزاق کان مليل.

* [449] ”تذڪره شعراء هالا“، آفتاب پرنٽنگ پريس حيدرآباد، 1944ع

* [450] الهڏني فقير ماڇي جي بياض تان ورتل.

* [451] کان [452] تائين سيد فاضل شاهه جي ’ڪافين جو ڪتاب‘ تان ورتل.

* * فاضل شاهه [451] کي ’ڪافي يڪي‘ ۽ [452] کي ’ڪافي ڏيڍي‘ جا عنوان ڏنا آهن.

* [453] فاضل شاهه ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتابن تان ورتل. فاضل شاهه هن ڪافي کي ’ڪافي يڪي‘ جو عنوان ڏنو آهي. پوڪرداس جي ڪتاب ۾ هن ڪافي جو ٿل هن طرح، آهي جيڪو غلط آهي: ”ڏاڍا ڏک ڏئي وئين، عشق سندي مون چاٽ چکائي وئين“.

* [454] تذڪره شعراءِ هالا، آفتاب پريس حيدرآباد، 1944ع.

(1) (1) سندس مولودن ۽ مداحن لاءِ ڏسو لوڪ ادب جي سلسلي جا ڪتاب ”مولود“ ۽ ”مداحون ۽ مناجاتون“- سنڌي ادبي بورڊ جا ڇپايل. [455 کان [456] فاضل شاهه ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتابن تان ورتل. فاضل شاهه ٻنهي ڪافين کي ’ڪافي يڪي‘ جو عنوان ڏنو آهي.

* [457 ۽ 458] ”ٽيهه اکري سنڌي: ميين عيسي جي“، مطبع فيض سبحاني، ڪوٽڙي بندر، سن 1312هه تان ورتل.

* * [460] کان [470] ڪافيون، ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

(1) (1) شهر ميرواهه کان ڏکڻ پُراڻ جي پريان قبرستان ۾ مدفون آهي جتي سندس قبر اسان تلاش ڪئي، جنهن تي ڪتبي وارو سال لڳل هو.

* [471] پير جهنڊي جي ڪتبخاني جي قلمي بياض تان ورتل.

* [476] کان [479] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

(1) (1) سيد فاضل شاهه سندس مرتب ڪيل ڪافين جي مجموعي ۾، جيڪو 1878ع ۾ ڇپيو، عرضي فقير جي هڪ ڪافي (نمبر 217) ڏني آهي. يعني ته عرضي فقير 1878ع ڌاري زنده هو. البت فاضل شاهه کي سندس بودو باش جي خبر ڪانه هئي، انهيءَ ڪري کيس ’اتراڌي‘ ڪري ڄاڻايو اٿس. (سنجهورو بهرحال حيدرآباد کان اتر طرف هو).

(2) (2) ڏسو سندس بيت جنهن جو حمل تتبع ڪيو (ڪليات حمل، ٻيو ڇاپو، 1957ع، ص ص 36-37).

* [480] کان [484] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [485] سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ’ڪافين جو ڪتاب‘ تان ورتل. سيد فاضل شاهه سٽاء جي لحاظ کان هن ڪافي کي ’ڪافي يڪي‘ جو عنوان ڏنو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org