سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :6

 

جيوڻ لال

جيوڻ لال شڪارپوري، روحل فقير جي درگاهه جو عقيدتمند هو، جنهن هڪ ڪلام ۾ انهي سلسلي جي گادي وارن جو ذڪر ڪيو آهي.

 

[102] *

”روحل“ رام اوتار، ڪَنڊڙي آهي پريم منڊلي

1.      ”شاهو سائين“ ڀيد بتايو، ”غلام علي“ گلعذار
        دُرس دريا خان دولهه آهي، نظر علي نروار
2.      ”روحل ٻيو“ رمزن وارو، ”محمد حسن“ موچار
        ”غلام علي ٻيو“ ٻهڳڻ ٻالڪ، صورتوند سردار
3.      فيض علي فيضن وارو، جو آهي صاحب دستار
        خاص خليفو ”سائين سڀاڳو“، جنهن کي ڏات ڏني ڏاتار
4.      جهڙي ڪاشي تهڙي ڪَنڊڙي، وِٿ نه ڀانيان وار
        ”جيوڻ“ آکي آهيان بندو، ستگر تو آڌار،

 

 

 

 

 

 

 

ٿانور داس

ٿانور داس شڪارپوري به درگاهه ڪنڊڙي جو معتقد ۽ مريد هو. سندس ڪافي هيٺ ڏجي ٿي.

[103] روپ سسئي*

اوهين ته سوال ڪيو رب کي سرتيون

هيءَ نماڻي ملي پنهنجي ور کي

پنڌ پٿر جو مون اديون اختياريو

پوءِ پنهل جي آءُ ڪنديس ڪڄاڙو

آءُ ٿي ظاهر چوان سڀ کي سرتيون

ڪا پارت ڪريو پرور کي
2.      ڏکيءَ ڏونگر ڏورڻ آيو

ڪاف ڪشالو مون سِرتي سهايو

آءُ ٿي دعا ڪريان اَب کي سرتيون (1)
                        جنهن ڄائيندي لوڙهيو مون بشر کي
3.      سورن مون سان ڪئي پڄاڻي

راه روه ۾ پيدا نه پاڻي

ڪهڙو حال چوان حب کي سرتيون
                        پنڌ رليس ڏاڪا تنهن ڏونگر کي
4.      قرب ”ٿانور“ سان ڪيو آرياڻي

پنهل آيو پاڻ سڃاڻي

جنهن جو قدم لڳو لب کي سرتيون

اهو عرض آهي صوفي سرور کي.

 

 

در محمد زنگيجو

 

فقير درمحمد مسڪين، روحل فقير جي درگاهه جو معتقد هو. مرشد جي ساراهه ۾ سندس چيل ڪلام هيٺ ڏجي ٿو.

[104] روپ شان*

ڪنڊڙي جا پير پرور، سِر وَهي تنهنجي سر

1.      اچن سوالي وڃن نه خالي، روحل تنهنجي در
2.      تو ٻاجهو ٻيو ناهي ڪو وسيلو، وڃان ٻئي نا در
3.      ڏجان ڏاڻ خوشيءَ مؤن، وهلو وير تون ور
4.      ”درمحمد“ مسڪين چوي، تون نظر پنهنجو ڌر.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حافظ عبدالوهاب عرف سچل ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

حافظ عبدالوهاب عرف سچل *

سچل جو اصل نالو عبدالوهاب هو. سنڌي ڪلام ۾ ”سچو“، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ تخلص طور ڪم آندا اٿس. درازن جي ڳوٺ ۾ سن 1152هه/1739ع ۾ ڄائو ۽ اُتي ئي سندس درگاهه آهي. پنهنجي وقت جي اعلى تعليم حاصل ڪيائين. سنڌي ۽ سرائڪي ۾ سندس ڪافين جو وڏو ذخيرو آهي. نوي ورهين جي عمر ۾ 13-رمضان 1242هه/1827ع ۾ وفات ڪيائين.

[105] سر سسئي

ڳوٺ ساري جون ڳليون ڳليون،

وو، نِت ڏسڻ مون کي آيون

رت روئڻ کؤڻ کؤن اُهي اکڙيون،

ڪين سي جهلجن جَهليون جهليون
2.      ڪيچيئڙن جون وَري قطارون،

هيڏي ٻڌيونسين هليون هليون
3.      سي نه وسرن ڳالهيون اُهي،

يار سڄڻ جي تو سَليون سليون
4.      چاڙهيئي اسان تي درد فراق جون،

ڇوهه ڏاڍي مؤن ڇَليون ڇَليون
5.      روز ازل کؤن ڪيوَ ”سچو“ سان،

يار ڀلا، ڪيئي ڀَليون ڀليون.


[106] سر سسئي

هوت اچج هت هاڻي، پنهنجا ڏک ڏَسينديس، ميان
1.      دوست اوهانجڙي آهيان، ميان، سائين لڳ سڃاڻي
                        پاڻ گولين گڏينديس، ميان

تون تان صاحب سپرين، ميان، هيءَ نانءَ نماڻي
                        توکي سائين سڏينديس، ميان

پکا پکن سامهان، ميان آرياڻي مون آڻي
                        توکي اوڏا اَڏينديس، ميان

پٺيءَ لڳيس تانهنجي، ميان، حُبَ منجهؤن هوتياڻي
                        آءُ ڪا پاند ڇڏينديس، ميان

”سچو“ اوتي سپرين، ميان، پنبڻين مان پاڻي
                        ڏک ڏوراپا ڏينديس، ميان.

 

[107] سر سسئي

آهي ڪا ساهيڙي، جا هوت پنهل پرچائي ڙي
1.      ڏينديس باهه ڀنڀور کي، ڇپر مون کي ڇاهي ڙي
2.      پنهون نينديس پاڻ سان، نيئي واڳ ورائي ڙي
3.      ڇُلي پيس ڇپرين، ڪيچ ڪوهيارو ڪاهي ڙي
4.      ”سچو“ صاحب ساٿ جو، عشق محب ملائي ڙي.

 

[108] سر سسئي

ڪالهه اسان تو ڪيون ڪيون، يار سڄڻ ڳجهيون ڳالهيون
1.      ٿين پراڻيون ڪينڪي، نِت آهن سي نيون نيون
2.      رهيون آهن روح ۾، چڱيون اوهان جي چيون چيون
3.      ڪين وسرن ساه کؤن، اُهي تان پاڙڻ پَيون پَيون
4.      مٺيون ڳالهيون تانهنجيون، هن ”سچوءَ“ ساه سَنيون سَنيون.

 

[109] سر مارئي

ڪانگڙا قريبن جا، توکي ڪالهه اُڏايون ڪَن، وٽئون ويڙهيچن

1.      آسروندي آهيان، من ڪو ڀيڙو ڪن
        2.      پکا پکن سامهان، اوڏا مانَ اَڏن
        3.      ”سچوءَ“ جي به سرير ۾، دونهان روز دکن.

 

[110] سر جوڳ

آکيان تَيڏيان عقاب، عاشق مار شڪار ڪيتو ني
1.      غمزي نال گُلابي هوندي، ڏُونهين نين نواب
2.      دل تي درد مندان دي دم دم، شوقي ڦِرن شناب
3.      ڪڏان گاه نَهين او کاوَنِ، قوت اُنهان دا ڪباب
4.      دائِم پيوَن چشمان تيڏيان، شوري مست شراب
5.      قتل ڪرينديان آکيان تيڏيان، ”سچل“ لڳ ثواب.

 

[111] سر پهاڙي

ڇيران ڪهڙي ڇم ڇم لائي، يار ويکو رنگ لايا هي
1.      غمزي رمزي ساز کي ٿئي، ڳاوڻ والي ڳايا هي
2.      مُنهن مهتاب ڪنون هي زياده، صورت وچ سَوايا هي
3.      شاه، گداگر، پِير، اَميران، ڦير اِهين ڦٿڪايا هي
4.      عشق جِنهان دي اَندر وڙيا، نظر تِنها تُون آيا هي
5.      سُهڻل سائين جاءِ جوڙائي، وچ ”سچل“ دي سمايا هي.

 

[112] سر پهاڙي

سوئي ڪم ڪَريجي، جنهن وچ اَلله آپ بَڻيجي
1.      وچ ميان محبت والي، دم قدم ڌَريجي
        اها تڪبير ”فنا في“ والي، پهلي پهر پڙهيجي
2.      مار نعرا اَنَالحَق دا، سُولي سر چَڙهيجي
        اندر ٻاهر هَڪو هويُون، ”موتوا قبل“ مَريجي
3.      وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان، عاشق تان نه اَڙِيجي
        ”سُبحاني ما اَعظم شاني“، ”سچل“ سِر سُڻيجي.

 

[113] سر پهاڙي

ٻيا ڪوئي ڄاڻڻ محض گناه، هر ڪنهن صورت آپ اَلله

1.      ڪٿي گدا گدائي والا، ڪٿي وَت شاهنشاه
2.      دونهان ڏيک متان ڪوئي ڀُلي، اولي اَبر ماه
3.      ”وَنَفَخت فِيہِ مِن رُّوحِي“ اي سَهي ڪر ساه
4.      ”خَلَق الاَشياءَ وَهُوَ عَينُها“ اِهو قول گواه
5.      صورت وچ ”سچل“ دي ٻولي، آپي بيپرواه.

 

سر پهاڙي

مئن تان ڪوئي خيال هان وو، هُڻ لڀسان وي نال خيال ديل
1.      زهد عبادت،  تقويَ طاعت، آهن ڪم ڪشال دي
        فڪر اِهين وچ فاني ٿيوين، ويکين جوڙ جمال دي

2.      اِهين جو منزل سيئي وَيسن، صاحب جو احوال دي
        مئن ديدار، ديدار مئن وچ، پهريم ويس وصال دي
3.      اصل اوهي آگاه نهين، جو عاشق شيء شڪال دي
        ”سچل“ سچ ڪريندئين ظاهر، اِلاّ ڪاڻ قِتال دي.

 

[115] سر بروو

عشق عقل ڪيا لڳي لڳي، سڻ وي قاضيا
1.      دَوڙ عقل دي ڪِتلي تائين، عشق دي منزل اڳي اڳي
2.      نال عقل دي ڪَئي پَساري، ڏيک بِره ڪَنوُن ڀڳي ڀڳي
3.      مئن رانجهن دِي رانجهن مَيڏا، کيڙا وَت ڪيون وڳي وڳي
4.      بُوءِ بره دي جِنهان نُون هوئي، يار اُنهان نون لڳي لڳي
5.      دوست منگدا ”سچو“ جِنهان نون، پرت تِنهان دي تڳي تڳي.

 

[116] سربروو

اِٿ نهين وو ڪِٿ نهين، اِيهو يار جو اَليندا اَليندا
1.      عبرت ويکو يار دي، ڪيهي چال هي چليندا چليندا
2.      آپ ڪُون دلبر آپ ڪَنون، ڪس واسطي ڀُليندا ڀُليندا
3.      گوشي گِهن ڪر ڪڏان روندا، ڪڏان همہ نال هَسيندا هَسيندا
4.      ڪڏان نٽوا ڪڏان ڀڳتا، ڪڏان بازي يار بَڻيندا بَڻيندا
5.      رانجهو هير تي ليلى مجنون، سوين نام سڏيندا سڏيندا
6.      ڪڃري هوڪي صورت والِي، کَڙا ”سچو“ ناچ نَچيندا نچيندا.

 

[117] سر بروو

خدا ڪِس جانهين ڇُپدا، اَلله جڳ لوڪ سارا هي
        ناڪوُچي نا ڳِلي ڇُپدا، اَلله جڳ لوڪ سارا هي
1.      بهرجائي ڀي حاضر هي، اندر ٻاهر ڀي ناظر هي
                        اَکين کولو ته ظاهر هي

ڪهان دعوت ڪي درويشي، ڪهان دردون سي دلريشي
                        ڪهان رکدا هي بدڪيشي

ڪهان لک ورد پڙهدا هي، ڪٿ اپڻي نال لڙدا هي
                        ڪهان خونناب ڪردا هي

ڪهان بازيگران بازي، ڪهان ميدان دا غازي
                        ڪهان مفتي، ڪهان قاضي

ڪهان دَلقي گداگر هي، ڪهان پِيري مجاور هي
                        ڪهان سلطان سرور هي

ڪها ڪر دٻدٻي لشڪر، پڪڙ دي زور هر ڪشور
                        ڪهان احمد، ڪهان حيدر

ڪهان هي شان شاهي ڪا، ڪهان درجا سپاهي ڪا
                        تماشا خوش اِلاهي ڪا

ڪهان هُو هُو ڪريندا هي، ڪهان نعرا مريندا هي
                        ڪهان سولي چڙهيندا هي

ڪهان ڪرتا هي بيداري، ڪهان ڪرتا هي لک زاري
                        ڪهان چلتا هي خُمّاري.

ڪهان هي عبددُ سارا، ڪهان اِسڪندر و دار
                        ڪهان ”اَنا اَحمدي“ نعرا

ڪهان اُو ئي پنٿ ڪي اولي، لکين لک ٻوليان ٻولي
                        ڀڳي سڀ غير دي ڀولي

ڪهان مست و موالي هي، ڪهان هر ڪس دا والي هي
                        ڪهان ”سچو“ سوالي هي.

 

[118] سر ڌناسري

چرخي چِت نا لڳدا، هُن ڪيوين اَتڻ اَوان، سَنيان!
1.      سهَج ڪنون مئن سر تي چايا، مهڻا ساري جڳ دا
2.      مئن رانجهن دي رانجهن مئڏا، کيڙا وَت ڪيون وَڳدا
3.      تانگهه ماهي دي نال اَساڏا، اي تن سارا تڳدا
4.      مئن تا تيڏي در دا بردا، آهِس عاشق اڳ دا
5.      رمزان نال ”سچوا“ يار سهڻا، دِليان پَرايان ٺڳدا.

 

[119] سر مالڪونس

اڄ تان خبران آيون آيون، دوست اوهان جي ديسئون
1.      وري وسائيندو سِگهڙو، جاني سو پنهنجيون جايون جايون
2.      ته ڪَر وينديَنِ نڪري، هِيئن ڀُلي ڪينَ ڀانيون ڀانيون
3.      ڏک وڏو ئي ڏيل منهنجي کي، وئين تون لالن لايُون لايُون
4.      راتو ڏينهان روحَ پنهنجي کي، ڳالهيون سندوَ ٿا ڳايون ڳايون
5.      اچڻ اوهان جي جون طرف ”سچوءَ“ جي، شال وري ٿين وايون وايون.

 

[120] سر مالڪونس

ڳَلي ڳَلي مون ٿي ڳولي ڳولي، يار سڄڻ تنهنجي ڪارڻ
1.      ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، اسان تان ٻانهپ ٻولي
2.      ٿيس ديواني دوست اوهان لئي، ڪري چيهاڙيون چولي
3.      اَچي اچانڪ اندر اسان جي، حُب مچائي هولي
4.      اصل لاڪُون آهي اوهان جي، هيءَ غريب سا گولي.

 

[121] سر ٽوڙي

لوڪ ڪنون لڄ مُول نه آ وي، عشق گهمايان گَهٽيان
عشق گهمايان گهٽيان، لوڪ ڪنون لڄ مُول نه آوي
1.      طعني تُنڪي تِنها دِي زينت، مول نه ٿيوَنِ کَٽيان
        سؤ سؤ سُڻديان، زخمي هونديان، لُڪ لُڪ ٻڌ ديان پٽيان
2.      ڀر ڀر ڏيندا دوست اُنهان نُون، وِره وچالُون وٽيان
        او درمانديان نِت ڪُر لانديان، سوز فراق ديان سٽيان
3.      ڇوڙ گهران نون گهمديان وتديان، دشت جبل تي پٽيان
        پيتيان جِنهاهان، خبر اُنهاهان، هور نه ڄاڻن ڄٽيان
4.      بر سر آيا بِره جِنهان تي، وِره ولوڙن مٽيان
        پاند اَڙاڪي، خلق کِلاڪي، هوڪي ڏيونِ هٽيان
5.      عشق عشقب جِنهان دي ڳل وچ، ٻڳيان ڳالهين سڀ کٽيان
        اُهي ”سچو سائين“ ڪيا سک سنڀلِن، جيڪي فراق ديان ڦٽيان.

 

 

 

حافظ عبدالله

 

حافظ عبدالله قريشي صديقي، سچل سائين جو اُستاد هو، جنهن کيس ابتدائي تعليم سان گڏ قرآن شريف به حفظ ڪرايو هو. سنه 1233هه ۾ وفات ڪيائين. سندس قبر سچل جي درگاهه جي صحن ۾ آهي. قبر جي ڪتبي وارو قطعہ تاريخ به سچل سائين جو موزون ڪيل آهي.

[122] روپ ڪلياڻ*

ساري رات سڄڻ سيتي رنگ رچايوسي

وچ وصال ٿي ڪرا هُڻ اَپڻا آپ بچايوسي
2.      رک ڪي رازؤن پير جو پرتئون، نه چايوسي تان نه چايوسي
3.      شوقؤن شاعر ٿي ڪر آپ ڪون، ڳچي تائين ڳچايوسي
4.      عشقؤن ”عبدالله“ يار سچو تان، محبت دا مچ مچايوسي

 

[123] روپ ڪلياڻ

مارڻ مئڪون تئڪون، نهين مناسب سهڻا

1.      ننگ نسورا پرتئون پالين، ميان، سهڻا ميڏا من سُهڻا
2.      رک رک ناتي زور زوراور، ڪِيا اساڪُون ڪُهڻا
3.      نهين هو لائق يار پيارا، ايوين تان ناحق ڪُهڻا
4.      عشقؤن ”عبدالله“ آکي ميان، سِر اندر سجود ڌرڻا.

 

[124] روپ سسئي

اڙي آ پرين ڪنهن پر، ڀلو اهڙي نه مون سان ڪر

1.      راتيون ڏينهان آهي اسان ڪونه، سِڪ تان تنهنجي سَر
2.      اَن گهمان ٿي گهوري او، هجي جهنگل او، تان جهرَ
3.      ٻانهون ٻَنڌي بيٺي آهيان، دوست اوهان جي در
4.      هيءَ نه مُئي تان ساه سنڀاري، گهوٽ اچي جي گهر
5.      عاشق تنهنجو سچو ”عبدالله“، دلئون آهي دلبَر.

 

[125] روپ ڍوليو

توڙي ڄاڻي يار نه ڄاڻي، اسان دست تُساڏي وڪاڻي
1.      محبت سيتي مُلهه ڳڌوئي، ڪيهي قيمت ڏي ڪي ڏتوئي
                        هُڻ ڪيون ڪرين سؤ ماڻي

ڪيوين شرم ڳيا جو شعورؤن، ٽريا عشق عقل کؤن ڏورؤن
                        ڪيهي هاسي خاصي سياڻي

ڪيتوءِ مست ڏتئي مدهوشي، ٿَئي هوشؤن ڀي بيهوشي

ڪي سمجهه ٿياسي آياڻي

نيڻن ننڊ هُڻي ڪيوين آوي، کاوڻ پيوڻ ڪجهه نا ڀاوي
                        ميڪون زهر لڳن سڀ کاڻي

گهمڻ ڪيها، سُک سُمهڻ ڳيوسي، سهج سڀوئي سُول ٿيوسي

گِلم گاليان طول وهاڻي

”عبدالله‏ نيهن آيا آپي، ايهي سُڻ ڪي نِينهئون نياپي
                        سچو سائين مانَ سڃاڻي.

 

 

 

 

 

نانڪ يوسف

فقير محمد يوسف اڳڙو، سچل جو وڏو طالب هو. ڪنهن حد تائين ائين چوڻ به صحيح ٿيندو ته سچل کي ظاهر ئي يوسف فقير ڪيو. 9 جمادالاول 1261هه/1853ع تي وفات ڪيائين. اڳڙن (تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپور) ۾ سندس مزار آهي. اتي توڙي ٻين وٽ 578 ڪلام اسان جي نظر مان گذريا.(1).

سر ڪلياڻ

آيو منهنجي پرين جي پار ڏي

رهبر رات جيڏيون

معاف مدايون ڪر ميريون منهنجيون

سچي ڪيڙيون اهنجيون سنهنجيون

شڪر هادي هڪ ذات
2.      پــکي پـــر ٽياڻي جي آيا پيهي

ڏس ڏيــــن ٿـــا ڏيـــهـون ڏيهي

مون کي لٿي مشڪلات
3.      خط خوشيءَ مان آڻي کوليائون

وايون وصل جيون ٻيهر ٻوليائون

پروانا پرڀات
4.      درد حسن ڪيون آهن ڪارون

”نانڪ يوسف“ يار جي پارون

عشق مليو مون کي ڏات.

 

[127] سر بلاولي*

آؤنـــدا نـــهين ســـڄـــڻ آؤنـــدا نـــهــــين

ڪيا ڏوه ميري پاس ڦيرا پاؤندا نهين

ديدار ڪيئي دلبر مشتاق مَريندا
        چِڪيندا چاڪُ ڪَنون فرا، محرم ڀاؤندا نهين
2.      محبت تُساڏي ٿيڙي محرم شير شڪر ڪنون
        هَس هَس ڇَپاوين آپ، چشم چاؤندا نهين
3.      دستور عجب مشهور مثل موهن دا
        آواز ڪرڪي لڳاوي عشق، ڦِر اَلاؤوندا نهين
4.      ”يوسف“ نماڻا پَردا چاڪر در دا
        تجهه بن ڪَسي ڪُون سَيس نماؤندا نهين.

 

[128] سر تلنگ*

اڄ پرين جا پيغام، خاطن خبرون خير سڻايون
1.      طَلّب نامو پاڻ مڪائون، ڏس ڪرم ڪريم ڪرام
                        وه وه عشق وڌايون آيون
2.      ڪرم ڪمينيءَ سان پاڻ ڪيائون، هو جي صاحب حڪم حڪام
                        ڏس تان ليئڙو ليئڙي پايون

آءُ تان هُيڙس ڪينڪي وو، سهڻي لَکي سترام
                واچون ورهي مينهن وسايون

فوج فراقن واه وصالون، ڪفر ڪاٿي اسلام
                عشق پڪارون لؤن لون لايون

ڪيم تياري طرف تنين جي، سرتيون جن جي سام
                تن جون مون سان لک ڀلايون

”نانڪ يوسف“ يار ڪتابون، شڪر بني هرنام
                ايوين ديدان دوست پَسايون.

 

[129] سر تلنگ

ڪؤنشن جي آن تان ڪيرڙي آهيان

خاڪ ڀسم جي ڍيرڙي آهيان

سندو همت حال سدائي

دم اهو تان خيال خدائي

نه ته آءٌ ڪميڻي ڪير ڙي آهيان

مون سُنهن ورچي ناهيان ناهيان

طرف نه ٻئي ڪنهن ڪاهيان ڪاهيان

پير پرين آءٌ پير ڙي آهيان

3.      عيب اسان ۾ هئڙا ڪيئي

مِينِ معافي ڪيا مڙيئي

توڙي مندي ڪا ميرڙي آهيان

پاڻي مؤن ٿيو پَسارو پيدا

ڏسي طلسم ٿئڙس شيدا

نه ته ساڳي ڏڦيڙ ڙي آهيان

 

[130] سر بلالي*

بيٺيون جهڙ جِهوئي، اکيون پرين جي پار ڏي

1.      درد اسان جي دل دوڙائي، حال چوان تان روئي
2.      نت نت راه نهاري چشمان، ڪانگ اچي من ڪوئي
3.      منهنجي دل ديوانيءَ ڏيندو، دلاسو تان سوئي
4.      ساروئي اختيار انهيءَ جو، آه نظر ۾ جوئي
5.      ”نانڪ يوسف“ جان پياري، ساڻ پِرين پوئي.

 

[131] سر گجري

تنهنجي اکڙين منجهه الله پري! تنهنجي اکڙين منجهه الله
1.      سچي مرشد ڳالهه انهيءَ جو، ڏنو سچ ويساهه
2.      پاڻ ڏسي ٿو پاڻ ٻڌي ٿو، ديدن مؤن داناه
3.      ڪَل اسان کي ڪهڙي ميان! ڪيهو ڏوه گناه
4.      تون تان مالڪ آهين ملڪ جو، ٻيو تان سڀ پساه

 

[132] روپ مقامي شاخ جوڳ

ڌُو پِڙَ ۾ ڌَپو، سڄڻ ڌُوپڙ ۾ ڌپو
        عشق جي آڙاه پئو ڏيئي ٽاه ٽنگڙ ٽپو
1.      هادي هردم همت توسان، چاڙه عشق چپو
        ”لا“ جو اِلا! هڻ ڪهاڙو، غير کي هڪ لپو
2.      بنان دوستي دوست جي، ٻيو خان کپت کپو
        هر گور هِردي اندر حاضر، امڙ نڪو اَپو
3.      هئي هئي عمر هيئن وڃي ٿي، ڳپل کائڻ ڳپو
        ٻيون مڙيئي ٻن ڏيئي، هڪ نام صاحب جپو
4.      هيء جڳ بازي ڪوڙ پَسارو، دنيا ڀولي ڀَپو
        ”ڪَڪو“ ڇڏي ”گَگو“ ڌوتي، للو، تتو، پپو
5.      ”نانڪ يوسف“ نينهڙو ڏس، نيڻ مرشد مڪو
        آءُ پڻ گهوري گهور تن تؤن، جو عاشق جو تپو.

 

[133] سر ڪاريهر

هادي سائين منهنجو آهين تون

تنهنجي تار لڳا تن من ۾

1.      هندو مومن هر مظهر ۾، صحيح سڃاتو مون
2.      حيف انهن ارواحن آهي، جي ٿا ڀانئن ڏون
3.      ازل لاڪون لايون تن من، تنهنجي نينهن نَٿون
4.      عشق الله ري عالم ڪُل، ڀينگن جا ڀُون ڀُون
5.      صاحب تون سرپوش اسان جو، تنهنجا دست مَٿُون
6.      يوسف يا رسوالي تو در، مهر سندوَ سان نت موڪُون.

 

[134] روپ بروه

غم عشق الله لک لهريون

لهريون لنگهن دم دل تؤن

موجانّ موج پيا پي خوني، شربت مؤن سيئي زهريون

ڌڙ ڌڙ ڌڙيون ڇل ڇل ڇوليون، گهُور ڪَرَنِ ڪم گهريون
3.      حُسن معشوقن فوجان ڇٽڪيون، ٻيلي طرف عشاقن ٺهريون
4.      جاري آهن جوش بحر مؤن، نينہ سنديون سي نهريون
5.      بِن ديدار آهن درمانديون، ساڻ ديد معشوقن چهريون
6.      صادقن سان سچو هو ڪو، سِر منڪر جي قهريون
7.      ”نانڪ يوسف“ عشق الله جو، مُون سر ڇٽڪيون بحريون.

 

[135] روپ تلنگ

پاڻ آهِ نينہ نِباهڻ وارو، جنہ سِر بدڪارن بارو
1.      جيهي تيهي آءٌ بدڪارڻ درمن جو ننگ سارو
        پير مغان سِر مسڪينن جو آ مدار مدارو
2.      مَندِي ميري مٽيءَ ڍيري، ڪري ڪهڙو ڪدارو
        معلوم محبن حال حقيقت، گوندر غم گذارو

3.      مون نماڻي عيبن هاڻي، اندر عشق اوتارو
        بيڪسن جو هادي سائين ٿو ڪري پاڻ سنڀارو
4.      ڪفر ڪاري ۾ دل ساري صاحب قسم سچارو
        عشق اُجارو صورت مرشد ڏسڻ روز نظارو
5.      ”نانڪ يوسف“ يار جون جوڙان جوڙي پاڪ پيارو
        ڏوهه ثواب ۾ سهڻو سڀ سان کيڏي کيڏ کيڏارو.

 

[136]

دم دم اساڏي دل تي سڄڻان ديان ڳالهيان

هڪ خيال خوب سانون محبوب واليان

1.      نينا دي ناز مارِي، هَس رو ڪريندي زاري
        مشڪل ياران دي ياري، اس ڳالهه ڳاليان
2.      ڳجهيان ڳالهيان ڪريندي، ڏاڍا فراق ڏيندي
        مرڪڻ سيتي مريندي، رک ناز واليان چاليان
3.      مخمور مست چلدي پي جام پُر عمل دي
        ڪريندي سو ڪم قتل دي، چشمان لا اُباليان
4.      دم دوست نال آوي، جو دم حيات جاوي
        اها ڳالهه من ڪُون ڀاوي، ٻَن گلم تي گاليان
5.      ”نانڪ“ نماڻا سوالي، ”يوسف“ يقين والي
        نينان دي ڳل نرالي، سچل يار سکاليان.

 

[137]

ڪوئي نوان سوداگر آيا

ماهي والي ديس ڪَنون
1.      ڪَن وچ ڪُڍل، مُک وچ مُرلي، موهن سو مَنڊُ چلايا
2.      ڏينديان بِکيا ليندا ناهين، صورت دا ڀرمايا
3.      ڀَڳوين ڪپڙي بانڌا ناهين، آيا سو ويس مٽايا
4.      ”نانڪ يوسف“ ٻانهي سچل دي، عالم سو ويلڻ آيا.

 

 


 


* [102] ”ڪنڊڙي وارن جو ڪلام“ سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع،

*[103] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل. (1) اَبُ = پيءُ

* [104] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* ميرزا علي قلي بيگ پهريائين سندس ڪلام گڏ ڪيو ۽ سن 1902ع ۾ سندس ڇپايل ڪتاب ۾ 1240ع ڪافيون ڏنل آهن. پڻ ڏسو حڪيم آغا صوفي جو مرتب ڪيل ”سچل سرمست“ ڇاپو سنه 1933ع؛ ”رسالو سچل سرمست“ (سنڌي ڪلام) سنڌي ادبي بورڊ 1958؛ ”سچل جو سرائڪي ڪلام“ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1959ع.

* [122] کان [125] ڊوزنل پبلڪ لئبرري خيرپور ۾ محفوظ ڪافين جي قلمي بياض تان ورتل.

(1) تفصيلي سوانح لاءِ ڏسو اسان جو لکيل مضمون، ”علمي آئينو“ (مخزن) ”اداره سنڌ شناسي“، سنڌ يونيورسٽي، سال 1980ع.

* [126] ۽ [127] سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل.

* 24-25 شاهه جي ڪنهن به اڳئين رسالي ۾ ناهن ۽ نڪي فقيرندو 1 آهن. اهي ٻئي وايون غالباً ڊاڪٽر ٽرمپ جي ڏيهي منشي ٺاهيون ۽ رسالي ۾ شامل ڪيون ويون

* [128] کان [135] ڊاڪٽر بلوچ جي 15 نومبر 1952ع ۾ قلمبند ڪيل ذخيري مان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org