سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :10

خليفو گل محمد ”گل“ هالائي

خليفو گل محمد، هالن پراڻن جي سانوڻي آخوندن مان هو. سنه 1811ع ۾ ڄائو ۽ 1271هه/1855ع ۾ وفات ڪيائين. پير صاحب پاڳاري علي گوهر شاهه اصغر جو مريد ۽ خليفو هو. فارسي زبان جو عالم هو پر سنڌي شاعريءَ ۾ به پنهنجي غزلن جي ديوان ۽ غزل جي انوکي رنگ ڪري مشهور آهي.

ڪافين جي مختلف قلمي بياضن ۽ سيد فاضل شاهه جي ڇپايل ڪافين واري ڪتاب ۾ خليفي گل محمد جون 15 ڪافيون نظر مان نڪتيون.

[259] سر سسئي: ڪافي يڪي

دوستن ڪئا ديرا، وڏيءَ ويرا، ڪيچن وڃي ڪيچ ۾
        1.      ڪيچي ويا ڪيچ ڏي، ساجهرَ سَويرا
        2.      سسئيءَ کنيا اُن جا، پِره ڦٽيءَ پيرا
        3.      هڻي پاڻ پهڻن تي، ٻانڀڻ ٿي ٻيرا
        4.      ڏيرن ڏيکاريس ”گل“ چوي، سُورن جا سيرا

 

[260] سر سسئي: ڪافي يڪي

عاجز آهيان اَپار، جانب يار، موٽ مئيءَ تي مون پرين
        1.      چڻڪي منهنجي چِت ۾، سندي سُور لغار
        2.      راتو ڏينهان روح ۾ پرين تنهنجي پچار
        3.      نماڻيءَ جي نِجهُري، ڀيرو ڪج ڀتار
        4.      عيبن ڀري آهيان، سَترُ ڪر ستار
        5.      آهي ايذايو ”گل“ کي، سندِي صحبتَ خار

 

[261] سر ملار: ڪافي يڪي

دل سدا مشتاق، سڄڻ تيڏي ڪيتي

1.      ڏسڻ تنهنجي لئي دائم دل تي
                اؤکن ڪِئي اوطاق

2.      چاهه تنهنجي چِت ۾ چَٽ پَٽ
                چڪيون چڪن ٿا چاڪ

3.      آءُ سڄڻ لهه سارَ سڙيءَ جي
                فنا ڪئي جا فراق

4.      توريءَ ”گل“ ڦُل ڪؤنر ڪُوماڻا
                عاشق ٿيا غمناڪ

[262] سر: ڍوليو

تنهنجي نيڻن جا ڏاڍا ناز ميان
1.      قيد ڪيو تنهنجي صورت سانول، رمز ڪَهين ريهي دل
                گهڻن غمزن ساڻ غماز ميان

حسن تنهنجي جا هُل هنگاما، شوقئون شڪار ڪرين قتلامان
                جئن جهپي بحري باز ميان

3.      عين اوهان جا لڙن لڙايون، جام جنگيون جوڙي هڻن هوايون
                ڪُهندي نه ڪرن لحاظ ميان

دردمندن جي دل دلدارا، پَرکِين يار سؤ پارا
                گهائِي دست اوهان جي گاز ميان

عاشق تنهنجو آهيان اداسي، مهر وفا رک سونهن ستاسي
                ڏنو ئي مستي منجهه مجاز ميان

گدا ”گل محمد“ دردن داڳيو، وِرهه اوهان جي ويتر واڳيو
                رکو تنهن ڏِي روح جو راز ميان

 

[263] سر جهنگلو

ڪاغذ آيا ڪال، ميڏي دلبر دا

خط خوشي دا ڏيکڻ سيتِي، خاطر ٿَئِه خوشحال
2.      ڏيکڻ نامي نال سڌ پيس جاني جام جمال
3.      اکر هڪ هڪ روز رقعي دا، ڏيوي حالت حال
4.      ”گــل مـــحمد“ يـــار ســڄڻ دا هي ڪَلَونت قوال

[264] سر جهنگلو

رنگ لايا يار دي چشمي، رنگ لايا يار دي چشمي
1.      زندگي زلفان ڪٽڪ قهر دي، قَرول وسدي وسي
2.      نازان ناز ڪرشمي ڪر دي، اي سهڻيان دي رسمي
3.      نال نظر ٿَئي عاشق شيدا، مل ڀَڀُوتان ڀَسمي
4.      ايل زيل ڪيتس ڪُل عالم، پورب تائين پَسمي

[265] سر جهنگلو

آوي اساڏڙي پار، آوي اساڏڙي پار

باقي تان وسدي پار

وَس اساڏا ني ديس وسايا

سالين سُڪيان ني ويس وٺايا

چاڪ چمن چوڌاري
2.      سهس انگوريان ني وو گُل گلايان

ڀونئر ڀُڻڪن وي بلڪل باغان

کليا سؤچتر بهار
3.      ٽهڪن ٽاليان نِي وي ڪانهن ڪناري

ڦــرن بــــوســـتان نــــي وي ڦــــل ڦـــليار

باغ چنار ڪچنار
4.      ”گل محمد“ دي وچ گُلان دي

ڳالهيان تيڏيان وي ڳاوڻ ڳاندي

رکين ويل گذار

 

محمد ذاڪر اُڄڻ ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

 

محمد ذاڪر اڄڻ

 

محمد ذاڪر اڄڻ، درويش چنيهه فقير اڄڻ (1131-1197هه) جو پٽ هو ۽ سچل جو همعصر هو. اندازاً 14 صدي جي شروع (19-صدي جي آخر) جي لکيل هڪ نسخي جا 31 ورق دستياب ٿيا (1) جن ۾ محمد ذاڪر جون 10 ڪافيون شامل آهن.

[266]

درست اندر دل دامان، مان کي مارُن جو ميان
1.      خير خير جي وس وطن مؤن ميان

ڪَن پوي اڄ کامان
2.      ڏوٿِي ڏؤنرن جي ڏٿ مؤن ڀلو ميان

خوشيان کيت سان کان مان
3.      ڏک مڙئي ڏيل مؤن ڀلو ميان

تن ڏٺي وڃي طعامان
4.      پار پرين جي صحي سرير مؤن ميان

غم وڃي ٻري کامان
5.      اچي ”اڄڻ“ کي سُک سنگهارن جي ميان

لس کوڙيون هاڻي لامان
6.      ذاڪر“ چوي ذوق مؤن ميان

پِرين چُماءِ پاءِ مان

[267]

ڪاڪي جا ڪُون مئن لاڪُون، پلئه پئو تنهنجي آهيان
        1.      مشرق مغرب عرش ڪرسي وي ميان
                عشق اوهان جو جون هاڪُون

2.      هشق اوهان جو آهي ”اڄڻ“ کي وي ميان
                اندر ڪيون اوطاقون

4.      زور اوهان جو آهي ”ذاڪر“ کي وي ميان
                اِئين ڍڪج جِيئن ڍاڪيون

[268]

جي گڏ جانبَ ساڻ آءُ هُيسَ، جيڏيون ڙِي
                        ته مون لَڪَ نه لوڙيان

ڪِيرا ڪَنواٽن جا ميان لا،

کِلِي ٿي مون هوت کوڙيا
2.      ڏاوَنَ ڏاگهورَنِ جا ميان لاء،

جُودئون ٿي مون جوڙيا
3.      عشقَ سڄڻَ جي هِنَ ”اُڄڻ“ کي،

مُنہَ ته سَڀنيئُون ٿي موڙيا
4.      ذاڪرِ“ گُهرن جي ذوق تنهنجو ميان لا،

ٻيا ٿي ڪَمَ ڪَچوڙيا

 

 

رازق ڏنو فقير اُڄڻ

رازق ڏنو اڄڻ، محمد ذاڪر اڄڻ جو پٽ، درويش چنيهه فقير اڄڻ جو پوٽو هو ۽ پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ جو همعصر هو. رازق ڏني فقير پنهنجون ڪافيون غالباً پاڻ لکيون، ڇاڪاڻ ته سندس ڪافين مان اهڙو ثبوت ملي ٿو ته فقير علم وارو هو. البت سندس پنهنجو هٿ لکيل بياض سلامت ڪونه رهيو پر ان تان يا ٻين اوائلي نسخن تان نقل هلندا آيا. هڪ اهڙو دستخط اندازاً 14- صدي جي شروع (19-صدي جي آخر) جو لکيل، تنهن جا 13 ورق سلامت قلمبند ٿيل آهن، پنهنجو نالو رازق ڏنو، رازل، اڄڻ توڙي احقر (هڪ ڪافي ۾) ڪري آندو اٿس. هيٺيون بيت پڻ قلمبند ٿيل:

منتظر منهن ڏسڻ لئي آهن عاشق اُبيٺا

تون تان تن وٽاءِ، اچين عجيب اڄڻ چوي.

[269]

وَهواه اخلاق انساني، تنہ ۾ آهي راز رباني
1.      جلوو ڪيو ڪرم جو، سائين صاحب سبحاني
2.      نظر نرمل نبي جي چمڪائي نوراني
3.      ”کُلُّ مِن اَلحّق“ مڙني ۾ هادي پاڻ حقاني
4.      مانند محبوب جي ناهي ڪو شان ۾ شاني
5.      ”لَم يُخلقُ، مِثلہ“ جهڙس ڪونهي ثاني
6.      رازق ”رازل“ تي راضي ٿيءُ رحماني

[270]

مينڌرا تنهنجي محبت، بخش ڪري بَدي بَدي

1.      ڪرمؤن پانهجي ڪريم ميان لا، شاهه ڪَيوڪا شفقت
2.      غرق ٿياسي گناهن ۾ ميان لا، محب ڪج ڪا مدَت
3.      همت تنهنجي هر دو جهان ۾ ميان لا، مٿي مون مسڪينت
4.      آسان هِن ”اڄڻ“ جو ميان لا، فائق ڪيو ري فرصت
5.      رازق لئي رهنما ميان لا، ”رازل“ سان ٿي رحمت

 

[271]

سگهي لهه سنڀال، سرور سِڪاين جي

دلبر دردوندن جي

1.      سهسين سال گذريا ميان لا،

واٽ واجهايان وصال
        2.      ڪوجها ڪوڙا ڪم منهنجا ميان لا،

خام سڀئي خيال
        3.      ڪونه آ ڪو ڪونين ۾ ميان لا،

محبن جي هي مثال
        4.      صاحب ڪارڻ سپرين ميان لا،

سائل سُڻ سوال
        5.      جوش جاڳايا جيءَ ۾ ميان لا،

جانب تنهنجي جمال
        6.      راتيان ڏينهن روز مرهان ميان لا،

راهي ٿيان رهوال
        7.      آسان هن ”اڄڻ“جي ميان لا،

ڪامل ڪيو ڪمال
        8.      راحم ”رازق ڏني“ سان ميان لا،

حامي هج هر حال

 

[272] روپ جهنگلو

دل ديواني ڪئي، درسن دوست جي ميان

چيز ”اڄڻ“ کي چست چکائي،

ويين دلاسو ڏيئي
2.      ٻاروچل کان ٻاجهه پئي ميان

ٻيل ٿيي تان ٻيئي
3.      آجو ”اڄڻ“ کي اوهين ڪيو ميان

دوئي اندر جي ڌوئي
4.      ”رازل“ کي راز رباني ميان

وڃائي روح جي رِئي

[273]

منهنجي دل ۾ لڳي، الو بره سندي لغار
                        اها آهي مدامي سپرين سار

1.      ڏيندن ديدار پانهجي جو منجهه جنت جنسار
2.      پنهل سائين ري پسڻ اوهان جي ناهيان منجهه قرار
3.      وعدو ڏينهن ميثاق جي، ڪيو پاڻ پروار
4.      ڏيکارئم لقاءَ ديد پانهجي جو، منجهه خلد خوش ديار
5.      وسارئونوالي مغفرت، گوش نه ڪن گفتار
6.      بنان ديدار موليٰ جي، ڳولن ڪانه پچار
7.      رنگ گلابي ڪريو، لاٿا نور نروار
8.      عاشق ”اڄڻ“ کي اندر ۾، سوز آهي سردار.

 

[274]

هن گوليءَ تي ڪر ڪا نظر جي نگاهه

ڪهي ڪانڌ ڏي لاهن سِڪَ ساهه
        1.      وجهن وندر واٽڙي لئي ٻاروچي داناهه
        2.      سواءِ ديد دوست جي، ٻي ناهي واهه
        3.      جلد اندر ۾ تو، ڏسن تو شاهه
        4.      ”اڄڻ“ کي ڏيو روشنائي جا ماهه

 

[275]

اهي ويا پنڌ پهاڙ پري، جن جا دونهان دکن دل ۾
        1.      مولا ميڙي محب مون کي ميان وي
                                جن ري ساعت نا سري
        2.      ويٺي واٽ واجهائيان جت جي ميان وي
                                حب هِنيين منجهه هري
        3.      سفر سڏايو سانگهه جو ميان وي
                                من ويڙهيچو وهلو وري
        4.      جن کي جيءَ ۾ جوش جانب جو، ميان وي
                                جري وير جري
        5.      جيڪي منهنجي جيءَ ۾ ميان وي
                                جانب ويڙو من جڙي
        6.      آگاهن ”اڄڻ“ کي ميان وي
                                عجيب آندو عشق اري
        7.      ”رازق ڏنو“ روز مَرهه ميان وي
                                روح اندر رڙي.

 

 

[276]

راحم آن رفيق، جن وِئي وره ٿيا لا

جن سفر سال ٿيا

1.      درد انهن جي کان دم دم ميان لا، هِنيي آء حريق
2.      جدائي کان جانب جي ميان لا، تَنِ ٿيو تشويش
3.      هنجهون حُرن هوتن جي ميان لا، آڻن آب عميق
4.      آڳ اندر ۾ اوج ۾ ميان لا، تيز ٿيا تشريق
5.      ڪينَ قرار اچي ڪاٿهين ميان لا، ري ساجن منجهه رحيق
6.      وِندر واڍوڙينه جي ميان لاءِ، توشي آء طريق
7.      رِيجهه ”رازقڏني“ سان ميان لا، ڪر شافي لڳ شفيق.

 

[277]

منهنجو جانب جاني نيندا جَت،سُڌ نه پيڙم ساهيڙيون
        1.      ڪيچئون ڪيچي هليا، واصل ٿيا وحدت
        2.      ساعت سپرين جي، ساهه سگهي صحبت
        3.      هِنين مٿي هِت ني، دوست ڌريا دست
        4.      جدائي کان جانِ ۾، ”رازق“ روئي رت
        5.      هوتن هن جهان ۾، ويڙهيچن ڪئي وصيت.

 

 

نورالدين اُڄڻ

نورالدين اُڄڻ پڻ محمد ذاڪر اُڄڻ جي سلسلي مان هو. دستياب ٿيل نسخي جي ورقن ۾ سندس 3 ڪافيون ۽ هڪ مولود قلمبند ٿيل هئا، جن مان ٻه هت شامل آهن.

[278]

سهڻي ڏي سُهڻي چالِي چالِي

بره ڪئي آء بيحالي حالِي

ڪونهي قرار قلب منهنجي کي،

جين آب نه رهي وچ ڄالِي ڄالي
2.      نينہ اوهان جي نازڪ مَن کي،

مست ڪيو متوالِي والِي
3.      مُنهن معشوق جي مون کي مدامي

خاطر ڪئي خوشحالِي حالي
4.      عشق عجيب جي ”اُڄڻ“ کي،

آتش ڪئي عالِي عالِي
5.      نال ”نورالدين“ جي نرمل گڏجي،

ڪِسيي ڪَل گيالِي گيالي

 

[279]

محب ڪيئي ڪيئن قزاقي، ويين مون کي نينہ نائي
1.      ذات اوهان جي ني وو آهي زوراور، هلو آلو وي مئن واريان
                        ظلم نه ڪجاءِ ذراڪي

سڪ سپرين جي ني ووسرس سرير ۾، هلو آلو وي مئن واريان

سُرڪي ڏيو صاف ساقي

نانہ تنهنجي ني وو ”نورالدين“ کي، هلو آلو وي مئن واريان
                        آسان ڪئي ادراڪِي

 

شاهه شريف ڀاڏائي ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

 

شاهه شريف ڀاڏائي

شاهه شريف عرف قنبر علي شاهه ولد بچل شاهه جا وڏا اُڇ جي بخاري سداتن مان هئا. سندن وڏو ڏاڏو سنڌ ۾ آيو ۽ ”آبڙي“ ۾ اچي ويٺو، جيڪو (ضلعي حيدرآباد ۾) نصرپور اسٽيشن کان ڏکڻ طرف ”جاڙين، مورين وٽ آهي. سيد بچل شاهه هيٺ لاڙ ۾ ”ڀاڏ“ مڪان (سجاول کان ڏهه ميل ڏکڻ طرف،تعلقي جاتي) ۾ رهيو. شاهه شريف ”ڀاڏ“ مڪان ۾ ئي ڄائو، جو پوءِ ”ڀاڏائي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس مريد ۽ معتقد فقير غلام حيدر ”تيرهي“ سندس تاريخ وفات منظوم ڪئي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته شاهه شريف ستونجاه سالن جي ڄمار ۾ 1264هه/1847ع ۾ وفات ڪئي (1). پنهنجو ڪلام شاهه لطيف جي رسالي وانگر جوڙيائين، سندس رسالي ۾ 112 وايون شامل آهن.

[280] وائي: سر آبري

مادر موت مُلاقَ، هوت مُلاقَ، هڏ مئيءَ جا ڪپيا
                مادر هوت فراق، موت فراق

1.      سي مان ڏونگر ڏوريان، هاڙهي جن جي هاڪ
2.      آريچا احسان سين، لڪ لنگهيا اولاڪ
3.      هونديءَ رات هُت ويا، ڇَڪ نه ڇَڪيا ڇاڪ
4.      جيجان تن جتن جو، عشق ناه مذاق
5.      ساٿين ري ”شريف“ چئي، چُڪيءَ چِڪيا چاڪ

 

[281] وائي: سر حسيني

لال هنيو لِوا در نعرو، ڏاڍو آهي لقاپر نعرو

1.      ”از روءِ عتابت“ ۾ ڏيرن ڏيکارو
        ”نه از فراقا نيزگي“ سسئي اوسارو
2.      ”نيم شب رفتہ“ راه ۾ ڪيو اوٺين آمارو
        ”باز شدم بيدار من“ ڪيچ ويو ڪوهيارو
3.      ”ڪردم ناز نظاره ها“ آيل چوڻ نا چارو
        ”گِريد روز رَود“ بره سِر بارو
4.      ”بينم نيست بلوچ“ جو جبل جُهنگارو
        ”ما نه شنيدم بگهوشها“ هوتن هُنگارو
5.      ڏسان هوت اکين سان، وؤڙي وڻڪارو
        ساٿين ڪاڻ ”شريف“ چئي، ڪنديس ڪيڏارو

 

[282] وائي: سر حسيني

جيڏيون جانب جَت، مون سان ڪيڙا جا پاهّت
1.      ڏسان شال اکين سان، چانگي تي چُناوَت
        هئي هئي هنجهون هاريان، جيءَ تي جلاوت
2.      بيٺي پڇائي پهيڙا، خاتون خديجت
        پڙهيائين پاڻ هٿن سان، لکي جا عريضت
3.      سسئي سنگهر پٽيين ليڙي جي زيارت
        پنهون برهمڻ گڏيو، آهي اِشارت
4.      آءُ ڏورينديس ڏونگرين، ريلا روئي رت
        اڳيان آريچن جي دَوڙِي تي دومِيتَ
5.      ”من فرياد از فراق بِيني و بِينتَ
        هاڙهي هوتاڻين جي، سدا سونهين سَٿ
6.      پنهون وٺي ويا پاڻ سان، بروهي مَليوتَ
        ڪڏهن ٿيندي ”شريف“ چئي، مون سان مُلاقَت

 

[283] وائي: سر بره

پنهل سندڙا ڪيچ، ڪيچيءَ سندڙا ڪيچ
        وري آءُ هوت بلوچ، وري آءُ ميان خان بلوچ
1.      هليس ٻانڀڻا شهر مان، ساري سُئي آهيان لوڪ
2.      ٻڌا ٻاروچن کي، ڳچيءَ سونهن طوق
3.      اديون آريچن جِي مون کي لڳڙي نوڪ
4.      دعا ڪجو ”شريف“ چئي، ڏسنديس وڃي جهوڪَ

 

[284] وائي: سر جمن

مون کي ماريو ماء، عشق لَنءُ عجيب جي
1.      آڙهه آتش عشق جو، اندر اُڌميو آه
        مَنجهِين ويڌ وِره جا، مَنجهِين سوز سماء
2.      ٻُڪيون ڦڪيون پانهنجون، ويڄ نه تون وڃاء
        دارون ناه درد جو، ساڄن جي سواء
3.      دوا درد دل جي، قربون او ڪنداء
        ويندا سور، ”شريف“ چئي، پِرين جي پساء

 

[285] وائي: سر سهڻي

لئون پِريان جي پار ڏي، آئي آئي اول اولِي
1.      وڃي پيئي وَهُ ۾ ميان، جِت ڇُهي جي ڇولِي
2.      سُئائين سنڀارن جي، ٻَهُون ڀتين سا ٻولِي
3.      توڏِي سنڀارن جي، ٻَهُون ڀتين سا ٻولِي
4.      دهشت ڌوم درياه جي، ڀيلي نه ڀولي
5.      گهڙي شوق، ”شريف“ چئي، گها گهائي گهولِي

 

[286] وائي: سر سورٺ

سر ڏيئي سلطان، مرڪايو مڱڻو
1.      راجا ريڌو راز سان، سڻي تند جي تانَ
2.      موٽي هن محلَ ۾، ڀيڙو ڪِج ڪو ڀانَ
3.      ”الحُڪم لله وَ رضينا“ بيٺو منجهه فرمانَ
4.      سائل کي، ”شريف“ چئي، ڏنائين ڏهوڻا ڏانَ

 

[287] وائي: سر راڻو

سوڍي سُونہَ سِيا، سوڍي سُونہَ سِيا
                مومل ماڻِي مينڌري

1.      راڻل آئي راڄ ۾، ڳڻ ڪاڪ ڳيا
2.      لکين لوي آئيا، ڪري نِرت نيا
3.      جلوي جوت جمال جي ماڳهين محو ڪيا
4.      صورت لنگهيا ڪينڪي، رُويَت منجهه رهيا
5.      سناسي ”شريف“ چئي، ڪهڙي پہ پيا

 

[288] وائي: سر بروو

ڳيا چيٽڪ لاءِ، ماهي يار مئنتُون
1.      درد در وتديان هو ديوانِي، رَهيا طعني کاء
        بار بره دا باري ڙي سَهيو، سر تي کڙيئان چاء
2.      مَردي ويکڻ ڪيتي بَردِي، اپڻا مُک وِکاء
        ڪُوڪ سڻاوان ڪنهن نون ڙي، هي درد لا دواء
3.      چاڪ اسان نون چُور ڪِيتا، چشم سياه چٽڪاء
4.      شاه هزاري دا ويڙهي آيا، اَپڻا آپ ڀلاء
        هليا مئنون، ”شريف“ ڙي سهيو، کيڙا خام چلاءِ

 

[289] وائي: سر رامڪلي

پورڀ مدعائون، سُونهَن، سناسين جون

1.      سڳا، سيليون، سِڱيون، تني مالهائون
2.      ويهي مَڙهين وچ ۾، ڪيون جوڳين جفائون
3.      کدا خاڪيَڙن جي، ڌوپي ڌريائون
4.      گُوندر گت گروءَ سان، ڌاڳا ڌوتائون
5.      سيني اندر، ”شريف“ چئي، اَلک اوريائون

 

[290] وائي: سر ليلان

هِر کي مٿي هار، ليلان پاڻ لڄائيو، هر کي مٿي هار
1.      ديس ڇڏايس داسڙي، ٿي دم ۾ ڌارو ڌار
2.      لوٺِي شهر لِهور کي، سِڪِي سڀ ڄمار
3.      ملڪن ۾ مشهور ٿي، نِجَس نار، نِڪار
4.      منجهان شوق ”شريف“ چئي، ڪريو توبہ جي توار

 

[291] وائي: سر گهاتو

گهاتوئڙا گهوري، آيا سِيرَ سمونڊ جي
        1.      پروڙيائون پاتار کي، اونهي ۾ اوري
        2.      ڪَڇيائون ڪلاچ کي، تڪي ۽ توري
        3.      وڃي ماريائون مڇ کي، ڏوراڻو ڏوري
        4.      وڍي ورهايائون پڻ ۾، ڪپي ۽ ڪوري

 

 

[292] وائي: سر مارئي

وري ويڙهه وڃان، جتي ماروئڙا

آءُ تنهن  ويڙهه وڃان، جتي ويڙهيچا

1.      ٿاريلين جي ٿاڪ تان، ڀيرو ڪيئن ڀڃان
2.      مون کي نيندا پاڻ سان، ڪري ايندا ڄڃان
3.      اٿم اباڻن سان، ڳالهين جا ڳَڃان
4.      سدا سڪ، ”شريف“ چئي، اوڏي جي اڃان

 

[293] وائي: ڪامول

1.      پنجوتَڙ گُنجَدَ هَا، چُڻي چِيرولا
2.      ڪنڌيءَ ڪناري ريل جي، کِڙي کِيرولا
3.      پَنَ پاٻوڙا، ڪُم ڪُوڻيون، دَلُق درويشا
4.      نوريءَ ساٿ ”شريف“ چئي، سُونهَنِ ملاحا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org