سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :18

 

موهن فقير

موهن فقير، ڳوٺ عاقل تعلقي لاڙڪاڻي ۾ سن 1845ع ڌاري ڄائو. نوشهره فيروز جي شاهه نصيرالدين نقشبندي جي نظر سان رچي ريٽو ٿيو، ۽ رندي ڪلام چيائين. سن 1323هه/1905ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين. سندس سماڌي عاقل جي ڳوٺ ۾ آهي. هڪ قلمي بياض ۾ 96 ڪافيون ڏٺيون ويون (1)، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.

[732] روپ جوڳ

نِت نِت سونروار جاني، ڪانُ قلب ۾ تنهنجو ڪاري

1.      حرف پڙهايو تو حق حقاني، لفظ اُهو جو سو لاثاني
        شاهنشاهه سڃاڻي جاني، واٽ ڏَسي جو وحدت واري
2.      نينهن نسنگ ٿيو آهي نِسري، محبوبن جي آهي مصري
        دل تي دلبر يار جاني، صورت تنهنجي آهي ساري
3.      ذرو نه ملي ٿو ڪو هڪ زر تي، آر عشق جي اُلٽي اڳتي
        وِرهه ڪيو ويران جاني، بار برهه جو بيحد باري
4.      ٻولان ٻوليم تنهنجون ٻوليون، لئون لئون اندر آهن لوليون
        سي سِيباڻيون ساهه ساڻ جاني، مام ڳجهي دل ”موهنم“ ماري.

 

[733] روپ مارئي

آهن منهنجون مارن سان ٿيون ريتيون

سي ته ڇنڻ ڪنهن جي ناهن ڇوڙڻ جون
1.      پڪن پيرن جون اٿم هيرُون

ڪنڊا ڪرڙ ڪن ٿا ڪيرون
        ٿن پُسِيُنِ ساڻ پِريتيون

راتيان ڏينهان سي ڪن ريسان روڙڻ جون
2.      کُنڀيون خوب اسان وٽ کائن

مارو ڪل مَلهير ملهائن
        سي جوءِ وڃي ٿا جِيتيون

ٻولان نه ٿن ڪي ٻوڙ ٻوڙڻ جون
3.      محلان ماڙيون وڃان ساڙيون

وحدت ويڙهيچن جون واڙيون
        سي پِڇيون پَٽن ٿي مان پِيتيون

اُهي اُنهن جي اور اورڻ جون
4.      لکيو لوح قلم هو جاڪُون

اُهو جو الست لاڪُون
        اُهو ساهه اکيون تن سان سِيتيُون

سي مور نه ”موهن“ مُنهن موڙڻ جون.

 

[734] روپ برو

درد وارن جي دلڙي، ٻول تنهنجي ۾ ٻولي
1.      وِرهه ڪيو ويراڳي، دل دلبر تو داڳي
        ساهه اندر سا ساڳي، ڪَل قلندر کولي
2.      آهي سِرَ جي سَٽِي، محبت ڪين مَٽِي
        عاشق سمجهن اُلٽي، پرين جي ڪا پرولِي
3.      محبوبن جي ميڙي، ڪير جهلي دل جهيڙي
        وئي سو وڪوڙي ويڙهي، شاهه حُسن جي ڇولي
4.      جيءَ لڳي جو جنهن کي، ساري سُڌ سا تنهن کي
        محب ڏني ”موهن“ کي، لاشڪ ”لا“ جي لولي.

 

 

[735] روپ بروو

نينهن تنهنجي نروار يار، من موهي منهنجو ڪيو مستانو
1.      عشق وارن جو اَديون، سڻ بِرهه وارن جو بيان
        آهي عاشق الله جا دلين ۾ جن جو ڌيان
                                بت پوڄڻ ٿوَ ڪوڙو بهانو
2.      سنگت صوفيءَ جي رکين ته ڪنڌ ڪپائي ٿيءُ ڪباب
        مان کي سو مرشد ڏنو وڄي روح ۾ رب جو رباب
                                ڳل ڳچي ۾ تنهنجو ڳانو
3.      عشق اندر ۾ اوچتو ڏِئي ساهه ساجن لئي سَٽان
        دوست بنان دل جان جون ٿيون خان خالي سڀ کَٽان
                                حب تنهنجي مان کي ڪيو حيرانو
4.      ”موهن“ هن مسڪين جو تون سُڻ سچا صاحب سوال
        سڪ گهڻي ٿم ساهه کي تنهنجي خوب ملڻ جو خيال
                                ٻهڳڻ آهيان تنهنجو ٻانهو.

 

[736] روپ سورٺ

هِيءَ تند چارڻ جي تار، راجا راءُ سُڻي

1.      سُرُ سمجهي سِرَ ۾ ڏسي ويهي ڪر ويچار
                                ڪُڻي پوين تون يار ڪُڻي
        2.      تانِي تَم ٿئي ڪينڪي، سُٽ پَٽ ڪنڌ ڪپار
                                اُڻي جيڪي يار اُڻي
        3.      ڪاٽ ته ڪاميٽِي ٿِئي، جيئن پَڪا جَوَ جُوار
                                لُڻي جيڪي يار لُڻي
        4.      موتِي مُلڪ محبوب جو، ڪائو ڪثرت ڪار
                                چُڻي جيڪي يار چُڻي
        5.      ”موهن“ کي محبوب جي ڳِڌو ڳجهيءَ ڳار
                                ڳُڻي تنهنجي يار ڳُڻي.
[737]

جيڪي واري يار وسارينديون

تن کي پوءِ مياران مارينديون
1.      ڪوڙيون قول ٻُنڌي شل ڪين ٿين

جيڪي قول ڀڃن سي قتلام ٿين

اُٿي آتڻ ۾ آهي ڪين اچن

گهر گهوٽ بنا اُهي ڪئن گهارينديون
2.      جيڪا ’آءُ‘ واري ٿِي آڻِ رکي

تنهن کي جوهر اندر ڪينءَ جُکي

تن سان ماڻڪ موتي ڪين مَٽِي

جيڪي ڌيان نه خاصا ڌارينديون
3.      جيڪي پاڻ ڀائينديون پاڻ سندو

تن کي ڪوڙو پاڻهي ڪانڌ ڪندو

منجهه راض رضا آهي ڪين رهن

سي ته ڪوهه ڪُپَر ڪوڪارينديون
4.      جنهن جي ور سان وائي آهي پوري

من ”موهن“ کي آهي منظوري

لهنديون ڏاج ڏوڙا ڏس ڏاڻ اُهي

جيڪي وحدت ڪين وسارينديون.

 

[738]

هو جا هنجهن ذات ذات، ڪين گذاري ٿي ڪنگ سان

1.      ڪنگن کائڻ ڪُرڙِي، هَنجهن هيرو وات وت
2.      جاتي هنجهه هليو وڃي، ٻگهه نه اوڏانهين بات بات
3.      ٻگهه نه ٻولِي اُهِڙي، هو لَوَن لطيفي لات لات
4.      ”موهن“ آهي من ۾ طلب تني جي تات تات.

 

[739]

هُو ٿِئي جي هُو نه مارائي، ڪاٺ ڪَٽيهَر ڪار
1.      پر پري ڪر بئنسر بِينا

ري رنگ ري رنگ يار رنگينا

سا سر سو سرڪار
2.      لُونءَ لُونءَ ۾ لَنؤ ’لا‘ جِي لِڪَ جي

سِڪ سڪندي کي سا سِڪ سِڪ جي

آهي دل ”موهن“ درڪار.
3.      ور وائيءَ جو سو وَر وَر ۾

ثابت سِرُ صحي ڪر سُر ۾

تون پڇ نه ٻئي ڪنهن پار
4.      شاهه نصير ڪرائي شادي

الک مڱ اوهان جا عادي

گڏيا گهوٽ ڪنوار.

 

[740]

نه ريک اَريک، نه ميک اَميک، نه بيک اَبيک
                        سو ’لم يلد‘ لامارو

1.      نه رت اَمرت، نه بُت اَبُت، نه گَهت آگهَت
                        سو ’ولم  يولد‘ وارو

2.      نه کَنڊ اَکنڊ، نه بند آ بند، نه رنڊ اَرنڊ
                        سو سَير سِري ۾ سارو

نه پر اَپر، نه مَر اَمر، نه وَر آور
                        سو ’ونحن‘ جو وچ وارو

نه وِچ آ وِچ، نه ڀِچ آ ڀِچ، نه رِچ آ رِچ
                        سو نرمل نور نيارو

نه غم آ غم، نه ڪم آ ڪم، نه دم آدم
                        سو ”موهن، جو مَن وارو.

[741]

الٽو بره جو بار، پڌر اچي پيئي آهيان

1.      ڪين اچي ٿو ڪڏهين، ڪوٽن منجهه قرار
        2.      ملڪ سارو ويو وسري، دل تي دلبر يار
        3.      ويئي دل ڪين وري، ٿي حيلا ڪيم هزار
        4.      ”موهن“ جو محبوب اٿئي، ’نوشهري‘ نروار.

 

  

دوست محمد

دوست محمد، فقير خيرمحمد هيسباڻي جو طالب هو. اوڻيهين صدي عيسوي جي شروع ۾ ڇپيل ڪافين جي ڪتاب ۾ سندس ٻه ڪافيون ڇپيل آهن، يعني ته دوست محمد ان وقت جيئرو هو يا ان کان اڳ گذاري ويل هو.

[742]*

آءُ سڄڻ تون ڇڏ يار ماڻا

دلڙي سڪي ٿي تو لاءِ راڻا
1.      ڪانه ڪئي تو مون سان ڀلائي

ساهه سڪي ٿو منهنجو سدائي

تو ريءَ وِهه ٿيا کاڄ ۽ کاڻا
2.      يار مٺل توريءَ دم دم رڙان ٿو

دوست سڄڻ توکي ياد ڪيان ٿو

ڇڏ تون دلبر يار رساڻا
3.      روز مِٺا تهنجا پور پون ٿا

تو لئي هميشه نيڻ روئن ٿا

جلد اچي پنهنجا وسائج ڀاڻا
4.      پيچ تنهنجي زلفن جو پيو آ

خيال تنهنجو دل ۾ پيهي ويو آ

دم دم ڪُهن تنهنجا نيڻ نماڻا
5.      ”دوست محمد“ سان مل اچي جاني

عشق تنهنجي مان کي ڪيو آهي فاني

کُورا درد جا اڃا نه وساڻا.

[743]

وؤڙي جبل پهاڙ پار، شال جانب کي لهان

1.      پنهل ٻاجهون ڪين آهي، جيءَ اندر ۾ قرار يار
2.      سال ڀانيان هڪ پل جدائي، تنهنجي نيڻن ٺار يار
3.      ننڊ اکين کي ڪين آهي، ري تنهنجي منٺار يار
4.      گذري ويا ڏک ۾ ڏهاڙا، رئندي رئندي زار يار
5.      درد ڏک منهنجا دفع ڪر، دُلدل جا سوار يار
6.      ”دوست محمد“ کي سڄڻ ڪيو، پانهنجو دلدار يار.

 

 

 

 

 

سيد باغ علي شاهه

سيد باغ علي شاه، سيد ڏنل شاهه ڀِڪ واري (تعلقو شڪارپور) جو طالب هو، جيڪو وري شاهه نصيرالدين نوشهري واري جو طالب هو. سلوڪ وارو فقير هو. سندس هڪ ڪافي 19 صدي عيسوي جي اوائل ۾ هريسنگ جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب ۾ شامل آهي، يعني ته سيد باغ علي شاهه ان وقت جيئرو هو،  يا ان کان اڳ گذاري ويل هو.

 

[744] *

عشق آهي آفات، وجهي ٿو ونگ وڇيرن کي

1.      انهيءَ آڏيءَ تي ڪيئي اگهيا، ڪانه پڇي ٿو ذات
2.      ڪاملن کي آ ڪار ڪُهڻ جي، طالبن کي اها تات
3.      بره بازي ڪي بانڪا کيڏن، ڏينهن هجي توڙي رات
4.      باغ علي شاهه چئي بره وارن جي، سالڪ سمجهه صفات

 

 

 

 

 

 

 

 

دريا خان ڪلهوڙو

درويش دريا خان ڪلهوڙو ڳوٺ ’منگواڻِي‘ (لڳ ميهڙ) ويٺل هو.خيرمحمد هيسباڻي ۽ عثمان فقير جو صحبتي هو. ٻي روايت موجب هو نُور پور جو ويٺل هو، پر جوانيءَ ۾ ڳوٺ ڇڏي وڃي لعلو رانڪ تعلقي واره ۾ آستانو ڪيائين. اوائل ۾ يڪتاري ۽ چپڙين تي ڳائيندو هو، پر پوءِ پنهنجا ڪلام پڻ چيائين. سندس وفات 15-1920ع1335-1340هه ڌاري ٿي. وفات وقت سندس عمر 90-95 ورهيه هئي.

[745]

چاکي نفي ڪيان، ڇا کي اثبات

سواءِ خدا جي ٻيو ڪين آهي
1.      خيال خدا وارو پنڌ سڻائو،جنهن ۾ خوف ناهي خطرات
                                سورهيه ڏئي ڪو سر سَهائي
2.      ڏسڻ سڄڻ جو نور نظارو، آهي عيب ثواب
                                ڏسي ڪو حجاب دلين جا لاهي
3.      ڪر ”دريا خان“ پاڻ تون پڌرو، ڇو ٿو لڪائين حق جي ذات
                                سانگو ڇڏ تُون سِريءَ جو لاهي.

 

[746]

گهَڙيءَ گهڙيءَ ٿيان گهورَ

ناتي لائڻ سان، نينہ نباهڻ سان

1.      ٿورو ڪري آءُ، پيرڙا ڀري آءُ، آءُ ته ڪريون گڏ اور
                قدم اُٺائڻ سان، وکڙي وڌائڻ سان

مَنڙو اسان جو مست جو ڪيڙو، ٽِلڻ تنهنجيءَ ٽور
                کِلڻ ڳالهائڻ سان، ٻولن ٻڌائڻ سان

اکڙيون اڙائي وڌو ڦاسائي، جهمڪڻ لائِي جهڪور
                چشمن چائڻ سان، گهورُن گهائڻ سان

4.      دل ”دريا خان، جي يار لُٽي آ، مُرڪڻ تنهنجي مور
                حڪم هلائڻ سان، ماري مڃائڻ سان.

[747]*

محبوبي ميخاني ۾، مئي پي مستان ٿياسي يار

1.      عجب آهن عشق دي چِهري، هٿين ميندي سِر سِهري
                سهجئون سيج چڙهيا سي يار

2.      سڪ سڄڻ جي ڪيا چِت ۾ چارا، نيڻين وهن ٿا نِت نِت نارا
                پاڻئون پِرت پڙهيا سي يار

3.      ”دريا خان“ گهُر تون درد دعائون، پوريون ٿين سڀ من جون مدعائون
                تنهنجي لَڙهه ته لڳا سي يار.

[748]

عجب سهڻي جو سينگار، نئون نئون روز ڏسان ٿي
1.      ڳجهه جون ڳالهيون يار سڄڻ سان، هينڙي منجهه هزار
                        ڪنهن کي ڪين چوان ٿي

2.      يار ته منهنجو اصل کئون آهي،ڳل ڳچيءَ جو هار
                        پُويون پاس رکان ٿي

3.      چشم چراغي روز ٻرن ٿا، کُليا باغ بهار
                        ڀنؤر جان واس وٺان ٿي

4.      اکي ”دريا خان“ شوق منجهارئون، مليا دوست دلدار
                        دوست ڪاڻ سڙان ٿي.

 

 

نشان علي

دريا خان جي ننڍي ڀاءُ نشان علي فقير پڻ وڏي ڀاءُ جي هدايت موجب فقيري راهه اختيار ڪئي. سڄو وقت ڀاءُ جي قائم ڪيل آستاني تي لعلو رانڪ ۾ رهيو، جتي 27 رمضان 1302هه/1884ع تي وفات ڪيائين*

[749]

سگهڙو موٽج ميهار، لهي وڃ سار سنڀار

ماري آهيان مٺل، ديدن جي ديدار
1.      سانگو سر جو لاهي، پئي ڪُنن منجهه ڪاهي
        دلي کي ته دهيون ڪيو، ڇولين جي ڇڇڪار
2.      ڪيڏو زال ڪيو جگر، هلي سنڀاهي سر
        ٿيس نينهن سندي نظر، ڀؤ ڇڏي ڀلڪار
3.      تو سان دلڙي اَڙي، جادو ڪيو جڙي
        سورن سبق پڙهي، دؤر ڪيان دلدار
4.      تو سان نينهڙو لاتم، پيچ پريت جو پاتم
        اڳهين ائين نه ڄاتم، دلبر ٿيندس ڌار
5.      ڇوهي منجهه ڇُڙي، پئي لهرن منجهه لُڙهي
        اچجان سڏڙا سڻي، متان ڏئين پوءِ ميار
6.      سڻي تڙ تي تنوار، ويس وهڻ جي وار
        گهوري جند گهڙي پئي، ٻڏل ڪري ٻاڪار
7.      جادو لڳڙس جائي، ويس وهڻ جي وائي
        آڻي عشق تپائي، کرَڪن جي کيڪار.
8      نيڻ ”نشان“ سان لائي، دلبر دلڙي ڦاسائي
        ويٺين منهڙو لڪائي، پلپل ڪيان ٿي پڪار.

 

[750]

ڏونگر ڏي ڪو ڏس، مون کي خان پنهل جو
1.      جبل جاڙون ٿو ڪري، پير ته مئيءَ جا پَس
        سڙيا سُوريتيءَ جو پيئي ڪونه تَرَس
2.      لکيا لوح قلم ۾ مئيءَ جا سُور سَرسَ
        هوند پڄن تا هٿڙا، ميٽي ڇڏيان اِها مَس
3.      وينديس رهنديس ڪينڪي، ڪونهي منهنجو وس
        وٺي ورنديس پاڻ سان، هوت ته پنهنجو هس
4.      لڳا نيڻ ”نيشان“ جا، لٿي ڪائي ڪس
        روح هيئين ۾ رکجي وئي، رمزن واري رس.

 

[751]

آيا نور نظر ڏُون نَين وچون

جيوين شمس قمر دن رين وچون
1.      هڪ روشن رخ مهتاب ويکو

ڏوجها عالي نين نواب ويکو

وچ ابرو دي محراب ويکو
                        هويا حاصل حج حرمين وچون
2.      تعريف ڪرڻ تون هي لاحد

جَزمان نقطا سمجهن شد

بِن ميم ويکن عاشق احمد
                        هويا قاب اتي قوسين وچون
3.      ڏٺي مست اکيون مخموري ٿي

منظور نظر وچ پوري ٿي

ڏوهين طرف دليين منظوري ٿي
                        ڏٺم تاب تکا تجَلين وچون
4.      زلفان دام دلين ڪالي خم خم

نينان تير چلاون زور زخم

اول مار سٽن دل ڪرن وهم
                        سک چين ڳيا طرفين وچون
5.      دل يار ”نيشان علي“ دم دم

هويا هر دوجهان وچ شاه علم

ويکان نور جمال تي جاون غم
                        ٿيوي زوق زياده عينين وچون.

 

 

قاضي غلام علي

 

فقير خيرمحمد هيسباڻي جي درگاهه جو طالب هو.

[752]

عشق ٻولي ٻولڻيان ٻولڻيان، نئون نئون ناز نينان دي. 1.      عشق آرام وي ميان، ڏيندا ناهِين وي
                وره وساريان وي ميان، ٻيان ڪل واهِين وي
                حسن ڪنهين ڏي هولڙيان هولڙيان
        2.      پڇين نان تون وي ميان، پهه ڪنهين تون وي
                ٻي ڪنهين تڪ تولڙيان تولڙيان
        3.      سڀ سِيالين وي ميان، ٽوڪان لاهن وي
                گهٽ نه ڪائي سڀ سير سڏائن وي
                اسان جهليان تان جهولڙيان جهولڙيان
        4.      درد وندان دي دل رنجائنوي ميان
                ايڏُون اوڏون وي ميان، چولي چائن وي
                رُل ڳَئي سَئين رولڙيان رولڙيان
        5.      ٻي ڪل نهين وي ميان، ڪوڙي چالي وي
                دلبر لڌڙم وي ميان، وچون حالي وي
                اي سر گهتين گهولڙيان گهولڙيان
        6.      ”غلام علي“ هي طالب تئڏا وي ميان
                شاهو شاه وي ميان، پير مُهيندا وي
                ڀَن گهتيان تنهن ڀولڙيان ڀولڙيان.

 

[753]

مهاڻيءَ جي مَن ۾، آهي سمون سدا ساڻ
1.      سميون سڀئي سومريون، هيون حُسن ۾ حيران
        سِر جو سؤدو سَٽ ۾، وچئون ’پاڻ‘ نه آڻ
2.      پُرجهي ڏس تونپاڻ ۾ الستي اهڃاڻ
        جوئي ڳولهين تون ميان، سوئي توئي ساڻ
3.      سون مياڻي سونَ ٿِي، خزاني جي کاڻ
        تڙ تماچي آئيو، هِن کِکيءَ هاڻِي ڪاڻِ
4.      مَنهَن ملاحن جي، هادي هلي آيو هاڻ
        ”غلام علي“ صدقو ڪيان، پِرين مٿان پاڻ.

 

پيارو فقير

پيارو فقير ضلعي جيڪب آباد جو رهاڪو هو. سنه 1915-1940ع واري دؤر ۾ عشق جي مهميز لڳس، جنهنڪري ڪافيون ڪلام چيائين. پاڻ ڳائيندو هو. فقير خيرمحمد هيسباڻي جي درگاهه جو طالب هو. 1947ع کان ٿورو اڳ گذاريائين.

[754] *

جانب تنهنجو جنسار، درس ڪيان ديدار

توتي آ مهر مدار، آهيان تنهنجي اختيار

1.      اڱوٺيون آگن-دار، تائيٿان مُنجن تار

بُندڙا بروبر، پؤنچيون ڪن پچار

جيءَ کسيو جَوَڙي، ٻانهِين ٻيڙيدار

لِڪ ڪئي آ لُڪڙي، آيو سارو سر بار
2.      نسبيون ڪن نظير، واڍولا وجهن وير

جهالر جهومڪ تُنهنجي دل ڪئي دلگير

تنهنجو ڪڙيون ڪٺمال، مُنڊيون ڪِيانءِ مهشير

چِلڪي چؤپَڪَلِي، چؤڪُنڊي چندن هار
3.      چوٽي پُل چاندي، وَيڙهه ڪئي آ دل واندي

مورِي محبوبن جي دل کسي آندي

دستيون هڻن ڌڪَ، هلي ٿيان هيڪاندي

ٻانهن  رکيي، دِل ٻَکِي، مور ٿيو مهندار.
4.      نٽ بُولي داڻا، موتي ڪن ٿا ماڻا

لعلان لاکايُون، نُورا نماڻا

تنهنجي هَٿِ دِل کس، آن ڀي ائين ڄاڻان

دل کسي دُهري، بَيني ڪيو بي قرار
5.      ”پيارا“ پرين پار، هينئڙي حسينا

تنهنجا ڇلا زيب دار، منگليون مَسينا

پائنِ سَريُون سِيني،ڪنگڻ نگينا

پِرين پائي ڪن زيب، لايون ڇيرن جا  ڇمڪار.

 

[755]

مرسل مُنوَر مُنِير مدني،نَرُ نُور آ نظر ۾
        زنگي زُهور بدني، هر شاخ گل شجر ۾
1.      خاصو خليل رب جو، جاني جميل سڀ جو
        ڪامل قنديل هب جو -شاهي خطاب شدني
                                        مقبول والقدر ۾
2.      يٰس طــٰہ تن ۾، سارو قصو صحن ۾
        اسرار ڏس اکين ۾-پي جام جُود جدني
                                        والليل والفجر ۾
3.      ڏس عشق جي علامت، رمزان ڏسي ٿي راحت
        ديدار جي دلالت-اسرار خاص خودني
                                        تجلو ٿيو تجر ۾
4.      منهنجي اچڻ جي تياري، ساري دنيا سينگاري
        ٿيا باغ ٿي بهاري-لولاڪ شان لُدني
                                        افلاڪ بر بحر ۾
5.      ”پيارو“ غلام گولو، عاشق ڪري نه اولو
        بهرَ، خدا جي ٻولو-روذ جزاء جَدَني
                                        معافي ڪندين محشر ۾.

 

[756]

محمود غزنوي ڪِرشد عاشق اياز تي
                سِرڙو ڏنو ڏياچ سُر تي يا ساز تي
        1.      فرهاد ڏاريا ڏونگر، مجني ملهايا برٿر
                پنجتن ڪيا پاڪ پرور، ريجهي بيٺا راز تي
        2.      منصور جهڙا منور، ايوب جهڙا صابر
                آمين چون هر هر، نِوڙي نماز تي
        3.      رانجهن رنگ رنگينا، بِرهين وڄائي بينا
                موسى تي طور سينا، آيو آواز تي
        4.      ”پيارا“ تون پاند پائج، سگ ان جو تون سڏائج
                خود خيال کي اُڏائج، محبي مجاز تي.

  

 

 

مولوي الله بخش کوهارو

مولوي الله بخش کوهارو، مشهور شاعر ميان ثناء الله ثنائي جو والد هو. اصل عباسي ڪلهوڙا پر ڌنڌي ۾ مهارت سببان کوهارا سڏيا ويا. پاڻ عالم هو. فقير خيرمحمد هيسباڻي سان صحبت هئس ۽ وٽس ويندڙ هو. انهيءَ لحاظ سان پنهنجو تخلص ’صوفي‘ ڪيائين ۽ ڪلام چيائين، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا. *

[757]

ٻُڌي تند تنوار، راء ڏنو سِر راه ۾ رب جي
1.      واه ٻيجل ويهي ساز وڄايو، رئيس راجا کي رمز ريجهايو
                        ڪري پرت پُڪار

2.      چارڻ چنگ ۾ هيءَ ڪئي ٻولي، سيگهه ۾ سِر ڏي جَهلِي ٿم جهولي
                        مڙج ڪيم ميهار

3.      صبوح جو ته سويرو ساهي، راءِ ڏنو سِر ڪلهن تان لاهي
                        ڪپي ساڻ ڪٽار

4.      ”صوفي“ جني کي آ طلب حقاني، روز وسن تن راز رباني
                        سي وحدت جا وڻجار.

[758]*

اکين جا اُمارا، بازن جان ته جهارا (1)

چڙيءَ جان چنبن ۾، سٽن ساه سارا
1.      سي شهباز شاهين شقرا شڪاري

ڪرن گهُور گهائن ٿا عاشق ويچارا
2.      لغڙ، باز، زُرا، چَرغ، تُرمچي سي

جهڙپ سان جهٽن دل ڏيئي لس لامارا
3.      باشا، باز، بحري بُکيا ڏين بَواريون (1)

طعامو طلب تن جي، جگر خُون خوارا
4.      ”صوفي“ ناز نيڻن سندا راز دل جا

ڀلي ڪن ڀلايون، پِرت جا پسارا.

 

 

 

 

در محمد هيسباڻي

در محمد هيسباڻي، فقير خوش خيرمحمد جي عزازت مان هو. سندس هيٺيون ٻه ڪافيون سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ رکيل ڪافين جي قلمي بياض تان ورتل آهن.

[759]

ڏاڍيان بِرهِين باهيان ٻاليان، رَمزين واليان

مئن ته شَرَمُ حَياوَ ڪَنون ڳَيان وي

1.      ديد ماهي دي شهيد جي ڪِيتا، دُورئون مار دُوناليان
        رَمزين واليان، مئن ته تابُ حُسن دي تَيان وي
2.      چاڪ ساڏي دل چاڪ جو ڪيتي، چشمان ديان رَکُ چاليان

رمزين واليان، ڏاڍي ناز نينان دي نَيان وي
3.      لاڪون روز الست دي سَيان، نال ماهي دي ميڏيان ڳالهيان
        رَمزين واليان، مئن ته پِرت پَڌر وڃ پَيان وي

4.      ”درمحمد“ چوي نال دلبر دي، پرت ڳالهيان سڀ پاليان
        رمزين واليان، مئن ته مِلڪَ ماهي دي ٿَيان وي.

[760]

پَهري پوش آدم جو آئين

تنهنجي حسن ڪيو آءِ حيران، وو ماهي يارا

عرب عجم سڀ حُڪم تنهنجي ۾

توڙي زمين آسمان، وو ماهي يارا
2.      چقمق چشمان چُست چَلايَوَ

پنهنجي نيڻن جا پيڪانَ، وو ماهي يارا
3.      يڪدم زير زّنار جي آندو

زاهد شيخ صُنعان، وو ماهي يارا
4.      ”درمحمد“ جي درد جو دلبر

دِليئون ڪيو دَرمان، وو ماهي يارا.

 

ڇتو فقير سانگي ۽ سندس طالب شاعر

 

 

ڇتو فقير سانگي*

محمد ڇتل عرف ڇتو فقير ولد محمد بچل سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي پيٽهڙي ڳوٺ ۾ سن 1248هه ڌاري ڄائو. قرآن شريف، فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪيائين. دودائي ۾ رهندڙ قادري طريقي جي بزرگن مان پير ناصرالدين کان فيض حاصل ڪيائين ۽ خلافت جو خرقو اوڍيائين. آخري عمر ۾ لڏي وڃي ڳوٺ دڙي، لڳ محبوب جو بنگلو، تعلقي ميروخان ۾ رهيو ۽ اتي ئي 1311هه/1892ع ۾ وفات ڪيائين. ان وقت سندس مريدن ۽ طالبن جو حلقو ڪافي وسيع هو. عثمان فقير سانگي جي وساطت سان خيرمحمد فقير هيسباڻي سان مليو ۽ ساڻس صحبتون ڪيائين. مجاز جي مهميز سان سندس شاعريءَ جي شروعات ٿي.راڳ سندس روحاني خوراڪ هو. پاڻ وڏي رسيلي آواز سان ڪافيون ڳائيندو هو. سندس ڇپيل ڪلام جي مجموعي ۾ جملي 170 (سنڌي 129 ۽ سرائڪي 41) ڪافيون ڇپيل آهن.

[761] روپ آسا

آيو سيد سچو سردار، خاص دلين خوش ڪارڻ ڪاڻ

ننگ ناصر الدين وڌائڻ ڪاڻ

عالم عيدان ڪَرَن اُتاهين، جانب آيو آهي جتانهين
        دوست ڏسڻ ديدار، ڳوٺ آيا لک ڳائڻ ڪاڻ

2.      مريدن جو مددي آيو، قادر قربؤن شان وڌايو
        هر ٻوليءَ هوشيار، پيچ دلين جي پائڻ ڪاڻ
3.      دودائي سان دور اچي ٿي، سوڀ سيد سردار سچي ٿي
        پار توڙي اورار، نيڪ اچن ڪنڌ نائڻ ڪاڻ
4.      خبر خاص سڻي سردارين، عالم عيدان ڪرن اَپارين
        هر هر حمد هزار، قرب ڀرئي ڪوڏائڻ ڪاڻ.

 

[862] روپ سهڻي، ڪلياڻ

آيو عشق خوديءَ جي کائڻ ڪاڻ

کائڻ ڪاڻ، کپائڻ ڪاڻ

ڏئي مستي مام مڃائڻ ڪاڻ

1.      طالب ۾ مطلوب رکيائين، صورت جي سمجهائڻ ڪاڻ
2.      اسم جسم تي ذاتي آفاقي، بيک برهه بتلائڻ ڪاڻ
3.      دين ڪفر جو دام اَڏايائين، عاشق جي آزمائڻ ڪاڻ
4.      ”ڇتا“ سهسين ڪر شڪرانا، ويٺو ورهه وسائڻ ڪاڻ.

 

[763] روپ بروو

عشق اليندا جيوين وو جيوين

هوش عقل ڪُون نه آوندا مولى
1.      سير صفاتي دي وچ ذاتي

ويک نفي ول ٿيوين وو ٿيوين
2.      علم عبادت ڪشف ڪرامت

نال قصي نا نيوين وو نيوين
3.      ڪثرت وحدت وچ نه وِڃِيسِين،

هُو“ آسئي هٿ ڪيوين وو ڪيوين
4.      ڇوڙ ”ڇتا اِنهين اسم جسم ڪُون

وڃ آوڻ سک ايوين وو ايوين.

 

[764] روپ بروو

آزادي اسان جي ايلاز، تو سان زوراور زور ناهين

1.      عاشق بي آرام ڪيو ٿي، برهه بڇايو باز
        چايوُن چِڙيءَ جان ٿو جسم اُڏائين
2.      ماري ٿو محب مجاز توهان جو، نهوڙي ٿو ناز
        جڏهن ڏسڻ جي تون ڏور ساهِين
3.      درد تنهنجي تي دلبر سائين، ڪيم جان گداز
        ائين چوين، مَن ڪير آهين!
4.      ”ڇتو“ ڇا ڪري ويچارو، روح گهڻو ٿس راز
        منهن ميرو ٿس، جي ڏسين ماهِين.

 

[765] روپ بروو

ويهي عشق عقل کي تور، ٿئي سائينءَ ٻانهي جو سنڌو

عشق جَنهين جي جاءِ تي ميان، آيو زوران زور
                        سو برهه اڳيؤ ڇاهي بندو

2.      عشق آرانڀي آتشي ميان، سور تهين منجهه سور
                        لاهي درد دغائي جو ڌنڌو

3.      عشق آهي بي آرام اصل کؤن، چوڪ ڏئي جيئن چور
                        تيئن ڪفر، شريعت ۾ ڪندو

4.      عشق ”ڇتا“ جي آئي ني، گهور ڪَيُون سر گهور
                        مَر ماڻهو چَونِي پيا مَندو.

 

[766] روپ بروو

لايئي برهه بيقراري، هيڪل سگهئين نه ويهي

منظور ڪيئي مٿي تي، محمدي خاص ديهي

1.      ارض وسما سڀوئي، ڪثرت بنايئي ڪيهي
        رنگ روپ لک نالا، خاڪي کنيئي جي کيهي
2.      ”انا احمد بلا ميمي“ چوين، تون وڻيئي سا تيهي
        هيڏي هوڏي اچين ٿو، آ ڏيهه تنهنجو ڏيهي
3.      هر جا حڪم هلايو، عبرت اوهان جي ايهي
        ظاهر ڪري ظهورو، ڪک پن ۾ وئين تون پيهي
4.      هر دوجهان جو تون آن، نياز دار نيهي
        تنهنجي شوق ۾ ”ڇتو“ ٿو ماڻي مزا مڙيئي.

 

[767]روپ بروو

ڪيو ڇهه کسن ٿا دل ميان

پرين رمزن وار  ي راز سان
1.      بعضي ويهارن ويجهڙو، بعضي چون چل چل ميان
                        بيغرضيءَ جي غمار سان

2.      بعضي ڪاڻ نه پئي قاصد، جي، حال پڇن هيڪل ميان

ڏاڍي نادر ناز نياز سان

3.      ذات نالي کؤن واقف منهنجا، پاڻ پڇن پلپل ميان
                        نشي نين ورايُون ناز سان

4.      ”ڇتي جهڙو شاهه ڏياري، هوتن کي هيکل ميان
                        ڇا بلبل لڙندي باز سان.

 

[768] روپ جوڳ

مام ڪيا مستانا، عرض ڪَئِين گداء ڪَرن ٿا

1.      توڏا توڪل شاهه جي ميان، ٿيڙا رَند روانا
2.      سالڪ هئڙا سمجهه جا ميان، درد ڪيا ديوان
3.      جوان ٻڍا توڙي ريش سفيدي، يا ڪِي ڦرن يگانا
4.      هادي بخشين حال حقيقت، منجهه خلق خزانا
5.      ”ڇتا“ شائق شوق مؤن ميان، ملهائين مئخانا.

 

[769] روپ ڍوليو

دلبر دلڙي ديواني، طلب تنهنجي ڪئي تمام
1.      ڪيو اسان کي ني وي، ڪاڻ ڪثر جي وو ميان
                        برهه تنهنجي بي آرام

2.      هر جاءِ هلي ٿو ني وي، اصل اوهان جي وو ميان
                        حيرت حسن حڪام

3.      ورهه هئڻ جا ني وي، وير وڃايا وو ميان
                        ”لا“ جو ڏئي لغام

4.      شوق ”ڇتي“ کي ني وي، اصل اوهان جو وو ميان
                        غلامن جو غلام.

 

[770] روپ بلاولي

عشق ڪريندا جتي آشيان

طاقت ڪنهن ڪُون نه تاب جهلڻ دي
1.      عشق آليندا جيوين جوئي، سمجهه نه سگهدا تيوين ڪوئي
        دين ڪفر دي دفتر دوئي، سير ڪيتي سلطان
                قدم چايس اِهين چال چلڻ دي

2.      برهه جٿانهين چايا بارا، وچ جنبش دي سڀ جڳ سارا
        درد ڪيتا جو پرت پڪارا،جنبش زمين آسمان
                گهن ٻيٺا دل جاءِ آدم دي

نينہ نفي اثبات ڪريندا، عقل علم ڪونه موت مريندا
        آپ آپي اختيار ڌريندا، شاهه هو يا هون دربان
                جاءِ ڪسي نا جنگ کٽڻ دي

ڇوڙ ”ڇتا“ اهو غير گمانا، مين بن ڄاڻ خدا دي معنا

هئي ڪٿانهين سائين ٻانها، شرح ڪنهين وچ نه شيطان

سچ اکان هي نه ڳالهه سلڻ دي.

 

[771] روپ سارنگ

ڏينهن ڏٺي ٿيم، يار ڀلي ڪري آيو

دوست ڏيکاريو ديدار، چڱي ڪري آيو
1.      سڪ جنهن جي ساهه کي ميان، اچي ٿيو اظهار
                                        نئين نينهن لايو
2.      پاڙڻ آيو پنهنجو ميان، ڪيو هئائون قول قرار
                                        وِڌُن رب رايو
3.      ڳڻ سڄڻ جون ڳالهيون ميان، شرح نا شمار
                                        ڳولن سُنگ ڳايو
4.      ”ڇتي“ جن جي شوق ۾ ميان، ووڙيو ٿي وڻڪار
                                        مولي سو ملايو.

 

[772] روپ سارنگ

عجب سير ”اگن“ ڏس آئي، گاڏيءَ سر گفتارا وي
        آدم جيئن عناصر چارئي، تيئنڏنس تبارا وي
1.      آتش آب اُنهين منجهه عاشق، ڌُم رکيا ڌڌڪارا وي
        لوهي ڪاٺ جسم جڙ خاڪي، باد منجهس ڀڀڪارا وي
2.      سهسين ريل ڪَلُون صاحب جي آهن هٿ هزارا وي
        ويٺو تنهين ۾ ڪري ڪروڙين، تاب طبل تڪرارا وي
3.      سندا غرض ٻَڌائيندس گاڏا، ڪَڙيل ڪري ڪُڏڪارا وي
        ڪَل رکيس جنهن قبلي تي،جهول ٻڌي جهلڪارا وي
4.      هلي ساڻ حڪم بس بيهي، ڦير ٻڌي ڦوڪارا ويهي
        موڪل ساڻ سنگت کي ساري، ڪوٺ ڪَيوُن ڪوڪارا وي

5.      ٽيشن هر گوديءَ تي ترسي، توري تند تنوارا وي
        خبر تار وٺي ٿئي واقف، باطن منجهه بشارا وي
6.      جيئن انسان اندر لک ٻوليون، آوئين منجهه اپرا وي
        ٻُجهي دور دَمن جي ڌان ڌان، هيٺ مٿي هلڪارا وي
7.      عين ”ڇتا“ جن شابس اهڙي، طالب سي تڪرارا وي
        مرضي منجهه رهن مالڪ، جي چئبا مرد مڻيارا وي.

 

[773] روپ ڪسوري

ڏيو دلداري، ڪري گفتاري، ڪرم ستاري، ويجهو هڪواري

سهسين سال ٿيا هِن مون سڪندي

وِره وچائين توکي لوڪ ۾ لڪندي

عشق اُٿاري، لاهه خماري، درد دنباري، هيءَ ويچاري
2.      نيڻ تنهنجي جون لکين لک چاليون

تڪي توري ڪري ڪير ڳالهيون

ڪير ڪاري، سيف سونهاري، بڙڇي ڪٽاري، تو ڪا ڀڙڪاري

3.      مزگان ڪانَ تنهنجا ابرو ڪمانا

سؤ لک سورن جا تن سان سامانا

جيئنسرڪاري، فوج قراري، سهس هٿياري، جنگ جهونجهاري

4.      يار ”ڇتا“ ڏس هِن وارَ ورارا

ونگ وجهن ٿا اهي قابو قرارا

زلفان زاري، ڏين ڏيکاري، واسينگن واري، ڦُوڪَ فناري.

 

[774] روپ جهنگلو

هر ڪو چوي سچن، صدر بار شابسن جا

1.      ليليى خاطر مجنون، هو بيٺو منجهه بَرن
        ڦريو نا فرمان کؤن، توڙي ويڙهيو وير ولين
2.      سوڀي جهڙو سڀڪو، لڀي ڪونه لَکن
        ڦتل ٿيو ڦاسندي، لاهي محتاجي محبن
3.      سيفل هليو سنڀري، تنهن کي جهيڙيُون خويش جهلن
        آندائين ايرم کؤن اها پري سا پدمن
4.      ”ڇتا“ شرمناڪ ٿيءُ، ڏس مَڄُائِي مردن
        زالان تو کان زور ٿيون، هِير زليخان زهدن.

 

[775] روپ جهنگلو، ڀيروي

عشق تنهنجي ۾ اثر، ڪوڙين ڪثر

شڪ وارن کي سَدائِي

1.      پئي تَن پريت مؤن اَلا، خاصن خاص خبر، بره بحر
                        هر جاءِ خيال خدائي

2.      ڪونه پيو تن ڪڏهن اَلا، غم ڪنهن منجهه گذر، سير سفر
                        ’موتوا قبلا‘ ٿيا مولائي

3.      سچائي سردار ڪيا اَلا، سي بُت شاهه بشر، نيڪ نظر
                        عاشق ارض سمائي

4.      ”ڇتو“ شڪرانا ڪري اَلا، حمد هزارين هر هر، اسم اندر

جسمي جوت جڳائي

[776] روپ ڀيروي، مانجهه

مارن ملڪ ملير، هيءُ ادا رسم راڄ رهڻي

1.      پاڻ نه ڀانئين پانهنجو، اصلئون عاد امير
                                قرب صفاتي تن ڪهڻي
2.      صاحب رضا جا صابري، آ جمعيت تن جاگير
                                جا بڻي سا آ سَهڻي
3.      واعظ ڪن وجود کي، نانهه سڻائن نظير
                                ٺرن اُتي جاتي ٿن ٺرڻي
4.      ڪل سنگهارن ڪين جا، ڪوٽن کان ڪَريِر
                                آڏن ”ڇتا“ اُها جاءِ نه ڊهڻي.

 

[777] روپ آسا

ڪيڏو هو اسباب عقل جو، سورن ساڙي صاف ڪيو

شوق اچي جيئن شير وراڌو، جوئي آيو سو خود کاڌو

عاشق هو توڙي عامي، آراڌو، ’موتوا‘ تنهن نا معاف ڪيو.
2.      نينهن اچڻ سان ڏئي ٿو نوڪان، زوري چوري تابش توڪان

ٻِٽ ڳاهينديون اچن ٿيون ٻوڪان، ڪين ڪيڏو ڏک قاف ڪيو

باه بره جي ڀڙ ڀڙ ڀڙڪي، جهنگ دُوئي جو جهڙ جهڙ جهڙڪي

هڏ هئڻ جو رلمل رڙڪي، عشق اچي اعراف ڪيو
4.      وره وارا يَر! وتن ويڳاڻا، کڻن خماري نيڻ نماڻا
        شڪر ”ڇتا“ ڪن تيئنپنڌ تاڻا، درد تِنهين درياف ڪيو.

 

الهرکيو سانگي

 

فقير الهرکيو سانگي، ڇتي فقير سانگي جو خاص طالب هو ۽ ڇتي فقير سان گڏجي سندس ڪلام ڳائيندو هو. سال 1922ع ڌاري وفات ڪيائين.

[778] روپ ڪسوري*

محب ڦٽا ڪري مئيءَ سان ماڻا

پرچ پرين تون پيارا

1.      اکيون بکيون ترڪش تکيون، تاب تکا ڪن تارا
        ڀري بيهاريئي، دُرس دُناليون، ڪن سيني ۾ سٽڪارا
2.      سِپر سينو هِنيَڙو، ڍالون، مارِ تکيون تلوارا
        ڇيرن ساڻ ڇني سڀ ڇڏيئي، جادِ سڄي تهوارا
3.      ”الهرکيي“ کي ٺشالَ ڏيکارين مديني جا منارا
        چارئي يار رسول سچي جا پنجتن پاڪ پيارا.

 

[779] *

ڪَون ٻُليندا آليندا ڪَون وهوا

اواز اندر وچ آکڻ والا، ڪَون ٻُليندا ڪَون
1.      جلوا جوڀن جوت جواني، منجهه ٿيا محبوب مڪاني
        تخت عدالت هي سلطاني، سِر سينگار ته سونُ
2.      ناهي نِگههَ ٻئي ظاهر ذاتي، اي صورت هي صحيحون صفاتِي

لب سرخي اچي لالن لاتي، نور نِگهه وچ نؤنَ
3.      خاڪي ڪوٺِي بُت انڌيرا، منجهه داخل دوست ڪا ديرا
        هر طرفي ۾ تڪيا تيرا، پاڪ پسڻ وچ پؤنَ
4.      مرشد ميرا من ڪا ماهي، اها صفت هي صادق شاهي
        الهرکيو چوي عشق عطائي، الف عبادت عَونَ*

 

 

 

 

غلام حسين سانگي

غلام حسين ولد الهرکيو سانگي، ويٺل ڳوٺ پيٽهڙو تعلقو لاڙڪاڻو، ڇتي فقير سانگي جو طالب هو.

[780] *

جيسر ٻڪرار، پنهل جا پار، پڇان ڪنهن کان

1.      وهندڙ نديءَ جي مان واقف ناهيان

سهڻا سردار پڇان ڪنهن کان
        ولايت واسي ويا ڪهڙي پاسي

کٿوريءَ بار پڇان ڪنهن کان
2.      ڪاهي ڪنواٽ ويا ڪهڙيءَ واٽ

مَيا موچار پڇان ڪنهن کان
        وڃن سنڀوڙا جُهلن سان جُهوڙا

اهي هسوار پڇان ڪنهن کان
3.      ”غلام حسين“ رُنا پئي رين

صبح سَوار پڇان ڪنهن کان
        لڳي لولي ٿيس گولي

گونگن گفتار پڇان ڪنهن کان.

 

 

 

 

نبن فقير جيهو

نبن فقير جو سڄو نالو نبي بخش پٽ ڦتوهل، ذات جيها آهي. ڳوٺ جيها تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. سنه 1297هه/1879ع ڌاري ڄائو ۽ 1348هه/1929ع ۾ وفات ڪيائين. فقيري ڏانهن لاڙو هئس، تنهنڪري پهريائين ”محبوب جي بنگلي ۾ ڇتل فقير وٽ ۽ پوءِ قلندر شهباز جي درگاهه تي وڃي رهيو. سيوهڻ ۾ کيس ”نبن فقير صوفي“ ڪري چوندا هئا. اتي پنهنجي خرچ سان ”ڪافي“ ٺهرايائين، جيڪا سندس نالي سان سڏجي ٿي. سندس ڪلام مان 4 ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

[781]

دنيا جي اَسباب مان نڪري، الله جي آڌار آياسي
1.      عرب، عجم، ايراني، يمن، يونان، تُوراني
        مليو دل جي اندر جاني، ناحق ٻيا ملڪ ماڻياسي
2.      ڇڏياسي دنيا سندس سانگا، لنگهياسي لَڪَ مڙئي لانگها

ٻڌي ڇيريون ٿيا سي نانگا، نچي نئون نينهن لايوسي
3.      چوي ”نبن“ مليو هيڪاندو، ملڻ محبوب لئي من ماندو
        پرين پيارو الله کڻي آندو، ڪُسَڻ وارو ڪاتُ لايوسي.

 

[782]

جاڳڻ سان رک جار، ڪر نه پياري ننڊ نِدوري
1.      اُٿي ’الف‘ سان اور اندر ۾، گهوٽ ڳللهي وٺ پنهنجي گهر ۾

ڪر گهِن وڻج واپار

2.      ”ونحن اقرب“ ورنہ ويجهو، ”وفي اَنفسڪم“ پاڻ ۾ پنهنجو
                        دل سان ڏس دلدار

3.      ”نبي بخش“ سک نوري نظارو، اهي پرين ٿي پل ۾ پيارو
                        دمنه جاليان ڌار.

 

[783]

ڪانگل وڃي ڏي سلام، منهنجي پارئون محبوب کي

1.      ناهي آرام عاشق کي، سوا صورت ڏسڻ تنهنجي
        سڄڻ آءُ اڱڻ منهنجي، ڪيان سِرگهور توتَئون هي
2.      لَکين ٿورا تنهنجا ڀانيان، ڪڏهن مان ڪينڪي لاهيان
        سَوين ڳڻ تنهنجا مان ڳايان، سُڃاتو ننگ پنهنجي کي
3.      چوي ”نبن“ مليا دلبر، لٿا غم سڀيئي گوندر
        سچي صورت ڏٺم سرور، سُڃاتو سي ساڳي سِرّ کي.

 

[784]

رانجهن يار ڏسي اکيون اڙيون

ڏاڍي خيال مان کُپِن کَڙيون

1.      هِنن اکين مون گهڻو سمجهايو، پير پرائي اڱڻ نه پايو
                لوڪ لحاظ نه لڙيون

2.      هنن اکين لڳي آ لوري، ليا پائين چوري زوري
                ميڙ منٿ نه مُڙيون

3.      مچ محبت ۾ مچي جي بيٺيون، رنگ حسن ۾ رچي جي بيٺيون
                چاڙهي عشق جي وڃي چڙهيون

4.      ”نبن“ رک نينهن سان ناتو، هيءَ خبر جن عشق سُڃاتو

ماڻڪيون ماڻڪين سان جَڙيون

 

سيد قطب شاهه جهانيان ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

 

قطب علي شاهه ”قطب

فقير قطب علي شاهه ولد فتح الدين شاهه جهانيان پوٽي جي ولادت حيدرآباد ۾ 21 رمضان 1229هه ۾ ٿي. نوجوانيءَ ۾ ئي دنيا جي خواهش کي ترڪ ڪري گنجي ٽڪر جي چُر ۾ وڃي ويٺو ۽ عبادت ۾مشغول رهيو. عمر جو وڏو حصو سير و سفر ۾ گذاريائين. 16 ذوالحج 1328هه/22 ڊسمبر 1910ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي ۽ هندي ۾ ڪلام چيائين. ”جهانيان خاندان“ ۾ سندس سنڌي ۽ سرائڪي 43 ڪافيون ڇپيل آهن، جن مان 8 ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيو(1).

[785]  سر ڀيروي، زلو

رانجهي يار سوا جڳ سور پَسو

آهي، ماضي، ٻيو مذڪور سڀو

1.      خاڪي ڪوٺِي سمجهه سياڻا، اندر آهن دوستن ٿاڻا
                ڌَر ڌيان، تو ۾ آهه حضور سڀو

2.      تو ۾ يار اندر لنؤن لاتي، تونپاءِ دَرُوني جهاتي
                ڪر جڳ جو ترڪ منظور سڀو

3.      ”قطب“ ڪوڙ دنيا جي بازي، ڇڏ تون موهه مڪر لباسي

سک دوست ملڻ جو دستور سڀو

[786] سر ڀيروي

وهوا چَڙا تيڏا سهڻا واڄا وڄدا هَي

1.      ’انالحق‘ اواز ڪريندا،ڪَڄي نهين هُڻ ڪَڄدا هي
2.      ’لا‘ جي تار لڳي تن اندر، ’الا‘ ڪنون وڄدا هي
3.      آفاق اتي پرواز ڪريندا، تَڄي نهين هڻ تَڄدا هي
4.      موج منصوري شور ڪيتا، تڏهان غير خيال سڀ ڀڄدا هي
5.      ”قطب“عشق ’اَلستي‘ هويا، ڪَلهه دا نهين اڄ دا هي.

 

[787] سر جوڳ، آسا،ڌناسري

سَمرڻيونسورين، آڌيءَ رات اُداسي

1.      ناد نفيليون سَنک سُر جا، ساڻ الک اورين
2.      تَن جي تسبيح، دل جو ڌاڳو، من جو مڻيو ڦيرين
3.      اُٿي آڌو تي، تند طلب جي لوڪ سُتي چورين
4.      ”قطب“ ساڻ سخن ۾ مرشد جي، هينئڙي کي هيرين.

 

[788] سر ڌناسري، جوڳ

نانگا ٿيا نهال،. دلبر ديري آيو

1.      ’لا‘ سين لاهي وهم وڃائي، لاهوتي ٿيا لال
2.      دين درياه دريچا کولي، ناهي چوڻ جي ڳالهه
3.      سامين سُرَ سان سِر سڃاتو، ڇڏي خوديءَ جا خيال
4.      ”قطب شاه“ ويڙهي وري آيو، ڪري ڀلايون ڀال.

 

[789] سر رامڪلي

لقاء جي لقا ۾ وڃي دل اَڙي

فنا جي فڪر سان بقا ٿي کڙي

خوديءَ جي خيالن لڙي دل لڙي
        اندر چنگ چوريون چُري جيئن چَڙي
        دليان درس پايو دنيا ٿي ڪَڙي

2

2.      بره جي ڀڀڙ ۾ وڙهي ويئي وَڙي
        هئڻ  جي هلاکي سڙي ويئي سڙي
        مسخن ساڻ مرشد جڙي دل جُڙي
3.      ”الانسان سِرِي“ سڃاڻڻ پَڙي
        الک ساڻ اورج همہ دل گهَڙي
        ”نفي‘ تيز هٿ ڪر نفس کي نَڙي
4.      اصل باز آهين مُنجهي ٿئين چِڙي
        ”قطب“ ڪي سڃاڻج، منجهؤن منجهه گهڙِي
        اندر تيغ ’هُو‘ هيءَ ٻاهر کُپ مَڙهي.

 


(1) (1) ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل.

* [742] ۽ [743] پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي چوپڙيءَ تان ورتل.

* [744] تعلقي روهڙيءَ مان محمد حسن مشتاق نارائي کان مليل.

* [747] کان ]748] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪافين جي بياض تان ورتل.

* * جوتيون جواهرن جون تان ورتل.

* [754] ڪچهري ڳوٺ مير الهورايو خان جمالي اوستو محمد ۾ 8- جنوري 1978ع تي قلمبند ڪيل.

* * هي ڊاڪٽر بلوچ، ميان ثناء الله ثنائيءَ جي زباني قلمبند ڪيون.

* (1) جهارو ڪري اچڻ = لُوهه ڪري اچڻ، جهڙپ ڪرڻ.

(1) (1) بُوارِي جمع بَواريون =بلاٽيون.

* * تفصيل لاءِ ڏسو: (1) مضمون ”ڇتو فقير سانگي“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ۽ (2) ”ڪليات ڇتو فقير سانگي“، صوفي مولابخش سانگي، محمدي پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو، 1973ع.

* [778] الهڏني فقير ماڇي جي بياض تان ورتل.

* [779] سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪافين جي بياض تان ورتل.

* * غالباً صادق شاهه جو مريد.

* [780] تعلقي حيدرآباد مان محمد صالح سپيي کان مليل.

(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”جهانيان خاندان“، وي. جي. مَٽائي، مصبوع اداره سنڌ شناسي (انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي)، 1972ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org