رمضان ڪنڀر
رمضان ڪنڀر، ميرن جي آخري دور ۾ تعلقي سيوهڻ ۾ ٽلٽي لڳ آمڙن ۽
ڳنڀيرن جي ڳوٺ ۾ ڄائو. جيتوڻيڪ علم نه پرايائين،
پر علم وارن سان صحبت رهيس. سڄي عمر ڪنڀارڪي ڪم ۽
ٻني ٻاري ۾ پورهيو ڪري گذر سفر ڪيائين. خواب ۾ ٿيل
اشاري سان شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس ڪلام
ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي. سن
17-1316هه/99-1898ع ڌاري وفات ڪيائين.
[845]
ڪيچ وڃڻ جو پهه ڪيو ڪيچين
پيڙم ساجن جو نه سماءُ
1.
هي هينئڙو ويراڳ ورهه لئي
ڏک ڏاڍو بيراڳ برهه لئي
راتيان ڏينهان روڄ رنجاءُ
2.
آهي نه سرتيون درد اوهان کي
مهڻن سان ٿيون ماريو مان کي
سورن ڪونه چَکايَوَ ساءُ
3.
وقت وڃڻ جي رات نه جهڻڪيو
جاڳيس تان نه ڪنواٽن ڪڻڪيو
پيڙم ڪونه ڪنين ڪڙلاءُ
4.
چوي ”رمضان“ چليا چت چوري
ڪنديس ڪُوڪان ڏونگر ڏوري
گهوريس گهوري ڪيچ گداءُ.
[846]
من ڪاڍو ڏنهن مارن، مئي کي مانَ ملن
ماڙيچن جي محبت، آهي ڪاڍو ڏنهن مارن
سرتيون ساريان سڪان سانگيڙن کي سدا
وهم وڇوڙا ويا ٻن پئي
وائي وداع
عمر وڏو آسرو
اٿم اميدون ادا
ورنديس واري وکون وينديس پنهنجي وطن
2.
جيءَ کي جهوري جهڄڻ
جهانگيڙن لئي جئري
تن ماڙين منجهه مارئي، مائٽ ساريون مري
آهه، ٻڌي هوند آيا
جيڪس ويڙا پري
ڪل سڻايان ڪنهن کي، ڏئي ڏوراپو ڏکن
3.
دل کي دلداريون ڏئي دمدم دوڙايان
دل پرچايان، نا پرچي توڙي پرچايان
نڪڻا نير نديونيڻ ڀريون ٿي نايان
ننگ نباهي ادا، نماڻي کي نال نين
4.
هي جي هل حادثا ڪريان هٿڙا هڻي
گهُر خاوند جي خاصي واحد کي جاوڻي
باب بندي هن بيڪس جيڪا سر تي بڻي
سي لوڙينديون لاشڪ لکيا ڪين لهن
5.
ونء قاصد
ڪر وائي وٽ ويڙيچن ويهي
خط جي خاصي خبر خاطي
پهچائج پيهي
چوي ”رمضان“ چٽا لفظ پڙهن ٿا ڏيهي
درد مئي جي دل جو، من پروانو پڙهن
جيوت سنگ
ساڌو جيوت سنگ، ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر قنبر علي خان ۾ سنه 1840ع ۾ ڄائو. سنڌي
۽ فارسي جي سٺي ڄاڻ هيس. فقيريءَ ۾ سندس تربيت
هالا (ضلعي حيدرآباد) جي سنت ولايتداس کتري ۽
شڪارپور جي معراج شنڪر ڀارتي وٽ ٿي، ۽ شاعري به
انهن ئي ساڌن جي صحبت ۾ ڪيائين۔ سنه 1317هه/1899ع
۾ گذاريائين.
[847]
چندين ڪيڙا حسن تنهنجي، دانہُ ديوانا مستانا
1.
راتيان ڏينهان تنهنجي سڪ ۾، نيڻن هارين دُر دانا
2.
عاشق سڪن ائين تنهنجي ڪاڻ، جيئن شمع تي
پروانا
3.
سدا تنهنجي سوز ۾ عاشق، رهن منجهه درد ديوانا
4. ’جيوت‘ جند جان جانب تؤن، ڪريان مان يار قربانا.
[848]
تنهنجي خاطر هي ٻانهي، گهمي ٿي مست ديواني
هميشان يار هج مون سان، ٿئي مون سير سلطاني
2.
ظاهر باطن سڀئي ڄاڻي، پسان صورت سبحاني
3.
ڏسان پنهنجو پاڻ کي جاني، سيرت صورت رَبَّاني
4. ’جيوت‘ نالو ناهي تنهنجو، اهين بي نام لاثاني.
سُّتِي اُٿي سُّتِي پيءُ
پيئڻ سان خوش ٿيندينءَ
1.
ستگور پيالو پُر ڪري ڏنڙو
جنهن سان جڙيو جيءُ
2.
جنهن هئي سُتي مُڪت جي ڏنڙي
ڌن سو پيارا پيءُ
3.
جن پيتو تن پُرجهيو پِر کي
تن کي ڪونهي سيءُ
4. ’جيوت‘
دم دم پيءُ دوا تون
پي پي پَرسن ٿيءُ.
[850]
سدا دوست دلڙي اوهان کي ٿي ساري
بنا يار تنهنجي،
گهڙي دم نه گهاري
1.
هميشه منهنجو دم سندءَ نانءُ اچاري
سواءِ تنهنجي نالي، ٻيو دل نه ڌاري
2.
پڙهي ’قُم بِاذنِي‘ وِڌيَوَ دل اُجاري
تپت سڀ خوديءَ جي ڇڏيو يار ٺاري
3.
ڪَيوَ مست ’جيو‘ت کي پيالو پياري
وِڌَوَ يار رڱي، نظر سان نهاري.
[851]
مام مرشد سان وِيَڙو حجاب، جت ڪٿ جانب ظاهر
1.
نالا ذاتيون ائين خلق ۾، جل مٿي جئن آهن حُباب
بنا دلبر ٻيو ڪو ناهي
2.
عشق جانب جي دل منهنجي کي، ڪَيَڙو آهي ڪباب
سدا دلبر دل ۾ آهي
3.
هج هميشه يار سان رلمل، ناهي پوءِ ڪو ڏوهه ثواب
ظاهر باطن اهو ئي آهي
4.
مام مرشد جي سيني ’جيوت‘ ۾، هر دم وڄي ٿو چنگ رباب
راتيان ڏينهان ٻي وائي ناهي.
علي آرادين
علي فقير ذات آرادين، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري ضلعي سانگهڙ جو ويٺل
هو. اندازاً سنه 1318هه/ 1900ع ڌاري وفات ڪيائين.
سندس 4 ڪافيون شامل ڪجن ٿيون.
[856]
آءُ تان ويندس هاڻ ڀنڀور، ڪاهي ڪيچين ڪاڻ آلو
1.
عشق ڍولڻ جي ڪيس چري وو
خلق ساري ڀلي هاڻ کِلو
2.
ماء! نه نِيان مال اوهان جو وو
ڇڏ نه مون کي هڪڙو ڇلو
3.
ڀينر واريو هوت مُنهِينجو وو
پائي اوهين ڪو پَلو
4. ”علي“ چئي آءُ نه وران ور ريء
اوهين هئي نه هلو.
[853]
ڪر نه لڄي وو مون کي يار تون
عيبن واري آهيان آئون
1.
جهڙي تهڙي آهيان
تنهنجي
ورتيم داوَن دلبر تنهنجي وو
لال لڌم تو سان لائون
2.
دلبر دل توسان آهي
ڦاٿي
سڄڻ سک ناهي جاٿي هي ڪاٿي وو
ٿو روز نهاريان تنهنجون راهون
3.
دلبر دل ڦاٿي تو سان
روح نه ريجهي قربئون ڪنهن سان وو
دل ڪري تو لاءِ دانهون
4. ”علي“ آهي سڪايل سائين
پيارا پيچ پرين تون پائين وو
ٿيان خوش خيالا آئون.
[854]
يار ملي دلدار ملي، زاريونڪريان فرياديون ڪريان
1.
آزيون سڻي، نيازيون سڻي، داد ڪندا آڌار مِلي
2.
دانهون سڻي، ڪوڪارون سڻي، رحم ڪندا مختيار هِلي
3.
پڪارون سڻي، توارون سڻي، ڪرم ڪندا ڪلتار مِلي
4.
آهون سڻي، صدائون سڻي، عرض ڪري اظهار ’علي‘.
[855]
ساريان ٿي وو سنگهار، بيوس آهيان بند ۾
1.
طعام نه کِينديس طلبي تنهنجا، ڏيهه پڇان ڏؤنرن ڏار
2.
ديس نه لهي دل تان، پِرتئون سچا پهنوار
3.
لاهه نيئر نماڻيءَ تان، ڪڍ ڪڙولا قهار
4. ”علي“ چئي ان جي اندر ۾، اُڻ تڻ آهي اپار.
حافظ قائم الدين
حافظ قائم الدين سکر تعلقي جو ويٺل هو، سال 1900ع کان اڳ گذاري
ويو. ڄائي ڄم کان اکين کان معذور هو. سندس سنگتي
حافظ مڱيلڌو (جنهن 1900ع کانپوءِ گذاريو) ٺُل
تعلقي جو ويٺل هو، جيڪو پڻ ڄائي ڄم کان نابين هو.
ٻئي گڏ گهمندا هئا. حافظ قائم الدين شاهه هو ۽
حافظ مڱيلڌو گويو هو، ستار تي راڳ ڳائيندو هو. مير
علي نواز علوي شڪارپوري وٽ گهڻو ايندا هئا.
[856]
عشق لڳڙا روز ميثاق دا، دل
غمناڪ دا، قسم رزاق دا
1.
عشق لڳڙا جڏان نال سَيان
هوش عقل ديانباتيان ڳَيان
ڳيا فهم عقل ادراڪ دا
2.
عشق لڳا جڏان نال جاني
هويا هجر ٿَئِي دلڙي ديواني
جٽا عام لطف حق پاڪ دا
3.
عاشق ”قائم الدين“ آهي سوالي
ڪوئي سخيان اُتون نهين خالي
بخشين قرب مئنون ’لولاڪ‘ دا.
[857]
نال ٻاروچي نه نِيوڙي نه نِيوڙِي
ڀلا ڀينر هن ته ڀوريءَ کي
1.
واٽ وندر جي ناهيان
سونهين
دوست دکائي ويم درد
جي دونهين
ترس تني کي نه ٿيو ڙي، نه ٿيو ڙي
2.
پيچ پنهل سان مون پاڻ نه پاتو
پس منهنجي نه هو نينهن جو ناتو
لوح قلم ۾ ته لِکيو ڙي، لِکيو ڙي
3.
لال لَڪن تؤن وؤڙي جو لهنديس
انشاء الله
محب سان ملنديس
ٿيندو ساهه سُکيو ڙي، سُکيو ڙي
4. ”قائم الدين“ چئي ڪريان ڪشالا
محب ميليندو مون رب تعاليٰ
اوهين مانديون مور نه ٿيوڙي، نه ٿيوڙي
ڌڻي ڏنو کهڙو
ڌڻي ڏنو پٽ مير خان کهڙو، ڳوٺ ’ٻِنڊي‘ تعلقي گمبٽ (ضلعي خيرپور جو ويٺل هو.
اندازاً 1890-1900ع ڌاري جيئرو هو. سندس ڪافيون
جهمر ۽ هنبوڇي تي ڳائيندا هئا.
[757]
جهنگلو
اجھ ڪانگ رَهيا، ٻهج ڪول مٺا
ڪر ڳالهه عجيب ڪڏهن ملندا
1.
جانب ٿين نه شال جدا
تن کي ساري منهنجو
ساهه سدا
جند جان جني
ري ڪيم فدا
شل اُهي پير اڱڻ اچي پائيندا
2.
ڏاڍي اُڪير آهي
اکين
نت پانڌين کؤن ٿيون روز پڇن
جيڪي دوستن جا ديدار به ڪن
اُهي نيڻ کنيُون ته نهارن ٿا
3. ”ڌڻي ڏنو“ چوي شل دوست اچي
دلڙي عشق سندي رنگ ۾ ٿي رچي
جيڪا ناه غلام بِلي
ٿي بچي
ڏِنگ ڏوهه ڏسي سڀ معاف ڪندا
[859]
ساري روز سدا دل سانگين کي
هن کي آهي پچارو پهنوارن جي
1.
ڦوڳن ۾ ڦرڙا چارين ٿيون
اُهي ڪام وٺي
ڪوڪارن ٿيون
جيڪي دم دم
صاحب سارن ٿيون
اها ماڙ اصل مسڪينن جي
2.
خان! سونهئون اسين وارين تي
سُک ڪين سُمهئون تنهنجي سيجن تي
خوش لوئي ۾ مارو لال گهمن
اها ريت آهي ريڍارن جي
3.
عمر ڄام عدالت ڪريو
چوي ”ڌڻي ڏنو“ ڪو ڌيان ڌريو
مان کي ڏي موڪل، مارن بخت وريو
سڪڙي آهي مون کي سنگهارن جي.
بلند
بلند شاعر 13 صدي هجري جي آخر ۾ يا 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو، يا ان
کان اڳ گذاري ويو.
[860]
ناز ڀرين تنهنجي نيڻن، نيئي آهيان وو نيڻن نيئي آهيان
من ۾ ويئي آهيان
1.
آءُ نماڻي عيبن هاڻي، ماڻهو چُونم ميء مهاڻي
پر پئي پناري هاڻي، سهڻا سائين، پناري پيئي آهيان
2.
سخن پارج ڪِيم وسارج، ننگ ڏهون پانهجي تون پاڻ نهارج
ياد رکج وو سهڻا سائين، ياد رکج جيهي تيهي آهيان
3.
شمس قمر تنهنجو ناهي ثاني، صورت ناهي ٻيو ڪو ثاني
صورت تنهنجي حمد سبحاني، حسن حيران تنهنجي ڪيئي
آهيان
4.
بلند ڀلايون تنهنجون ڀانيون، اٽڪل عشق جي ناڻي وٺي نه
آيون
ٿوري تنهنجي سين سهڻا سائين، هينئر ههڙي ٿِيئي
آهيان.
راحب
راحب 13 صدي هجري جي آخر ۾ يا 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو، يا اڳ گذاري
ويو.
[861]
مَن رک درخت جي دستور
دل رک درخت جي دستور
1.
پاڻ ڀريندڙ ڀر نه رکي، ڀَرئو آهي ڀرپور
2.
وڍيندڙ سان ويرُ نه رکجي، من ماري ڪر چُور
3.
ڪهاڙو لڳي ڪُڪ نه سُڄي، ويو درد ۽ سُور
4.
ڇڙپ لڳي ڇُڳا ڇڻيا، ميوا مِٺڙا ٻُور
5. ”راحب“ آ کي رهڻي جي
رهندا،
حاصل تن
حضور
ويڌل
ويڌل 13 صدي هجري جي آخر يا 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو، يا اڳ گذاري ويل
هو.
[862]
هيءَ سِڪايل سوز ۾ موڳي مريضن جان مري
آهون سڻي عليل جيون واهر وليءَ وارث وري
1.
ڪاهون ڪرايس ڪيچ ڏي پريَنِ سندي پنڌ پيچري
لائق ڏٺائين لوڪ ۾ ساعت وِهَڻ تنہ ڪِئن سَري
2.
محبت مَشَر ڪَئِي مامري، سيد سندي سيڪ سوجهري
وس ويچاريءَ ناه ڪو، ڪامل ڏٺائين ڪئن ڪري
3.
سڪرات ۾ صاحب رسج، پيرل اچي پيرا ڀري
ڪونهي ڪميڻيءَ جو ٻئو، عربي آهيان تو آسري
4. ”ويڌل“ چئي منجهه وِره جي آڻي هنئي عاجز اَري
ساري سپيرين کي سدا، ڳالهيون ڪري ڳهلي ڳَري.
مبارڪ
مبارڪ 13-صدي هجري جي آخر يا 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو، يا
ان کان اڳ ٿي گذريو.
[863]
سُولان ميڏي دل ڪاهل ڪِيتي
1.
ڏُکان والي سُرڪي مئن ڪر گِهن
روز الستئون هُئي پِيتِي
2.
اڱڻ اسا ڏي جڏهان تون آوندا
جاِ مُئِي ول جِيتِي
3.
آکي ”مبارڪ“ نال نيڻان دي
جاني ميڏي دل نِيتِي
منٺار
منٺار اتر سنڌ جو هو. 13-صدي هجري جي آخر يا 14-صدي جي اوائل ۾
حال حيات هو، يا ان کان اڳ گذاري ويو.
[864]
تئڏي شهر دا حاڪم ڏاڍا
وو تئڏي شهر دا ظالم ڏاڍا
1.
عاشق شُهدي نون روز مريندا، ڏاڍا ڪيف قهر دا
2.
هٿئون هادي پُر پيتوسي، پهلا ذوق زهر دا
3. ”منٺار“ شوهدا مال نهين منگدا، وو بُکيا هيڪ نظر دا.
صديق
صديق اُتر طرف جو ويٺل هو ۽ 13-صدي هجري جي آخر ۽ 14-صدي جي
اوائل ۾ حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو. ڪافين جي
بياض ۾ سندس ڪافيون نظر مان گذريون.
[765]
کُهه کَٽون ٻَڻ طول وهاڻا، گهورئو سمهڻ سک سيجن جو
اصل لکيو هوم انگ ازل جو، ڪونهي ڏمر مون کي ڏيرن
جو
1.
سيجن تي
جا سُک سمهندي
ڏاڍي ڏکي سا ڏک پوندي
ڪندي ڪاف ڪشالو ڪيچن جو
2.
سُمهڻ مؤن جيڏيون ٿيڙم ساڙو
هوت لنگهي ويم هينئر
هاڙهو
پير سڃاتم پرين جو
3.
گولڙي ٻانهي آهيان ساجن جي
تهدل توڙئون
آهيان سائِن جي
در نه ڇڏينديس آءُ دوسن جو
4.
وندر وينديس ڪين رهنديس
لال لَڪن مؤن ووؤڙي لهنديس
ساٿ سلامت سيڻن جو
5.
صحيحون ”صديق“ چوي
هنجهڙيون جا هاري
نِت سڄڻ جا سي راهه نهاري
ماڳ پسي شل محبوبن جو.
[866]
اچن ٻاروچل ڪاهي، ڪوهيارا وهلو وطن تي واڳ وراءِ
1.
ڪينَ سگهان ٿر ڏونگر ڏوري
اچج آرياڻي الله
لڳ اوري
خان ٿَڪيءَ تي ٿورو لاءِ
2.
پير پڇيو هيءَ پَٻَ ۾ پُري ٿي
گهوٽ اوهان ريءَ ڪين گُهري ٿي
ساجن تنهنجي سِڪ سواءِ
3.
سوز منجهارؤن ڪري هيءَ سڏڙا
ورنہ سڻي واڪا
وڏڙا
ويجهو ٿي تون وَرَ ورناء
4.
ساهه سڄڻ توکي سِڪي ساري
هوت! اوهان لئي هت
هنجهون هاري
ساجن تنهنجي سِڪ سواءِ
5.
صحيحون ”صديق“ صورت تو جلوو
پرتئون پسان پرين تنهنجو پرتوو
درسن مون کي دوست دِکاءِ.
[867]
ڪين ڳولين يار پنهنجو، ڇو نه ڳولين دوست پنهنجو
ڪِي اندر دل ۾ ادا
1.
هنيڙا وڃي ٿو وڻ هڻين، تو وٽ وسي سانول سدا
تِر نه تنهن کؤن تون پري، جيئڙو نه ڪر پنهنجو جدا
2.
ڪهڙو تنهنجو ڪم خلق سان هڪڙو هجي خالق خدا
ريءَ خدا جيڪي ڏسڻ ۾، سو سڀوئي فاني فِدا
3. ”انا عندظن عبدي بي نافع“ چيو نورالهديٰ
سو سمجهه ”صديق“ صحي ڪري، هردم تو سان
حاضر هوندا.
[768]
جيء جَڙاء اٿم جن سان
شال هونديم تن سان مُئي جيئري الا
1.
دعا ڪريجو جيڏيون ميان الا
نيبهه ٿئي سڄڻن سان
2.
پاڙي هونديس آءُ پير جي ميان الا
ڪندي جيئن ڪکن سان
3.
انگ اڳيئي لکيو ميان الا
ڪاڪيون ڪيچ ڌڻين سان
4.
دل جا دلبر ورندئي ميان الا
ٻجهي ڪين ٻئن سان
5.
سدا سِڪَ ”صديق“ چوي ميان الا
منهنجي پختي پِرت پرين سان.
[769]
ڪينَ جُدائي ڪينَ ڪرن ٿا
مون سان منهنجا پرين
1.
جَنہ ويلي جاٿي آءُ ساريان ميان الا
تنهن ويلي تاٿي رَسن ٿا
2.
رحم نگاهون پانهنجيون ميان الا
ڏينهان ۽ راتين رکن ٿا
3. ”شڪ نه رکج تون آهين اسانهجو“ ميان الا
”آهيان اوهان سين“ چون ٿا
4.
ڇا جمع ۾ ڇا فرق ۾ ميان الا
توڙي هِيين ۾ پَسن ٿا
5.
سدا سِڪ ”صديق“ چئي ميان الا
مَن ۾ مدامي وسن ٿا.
[870]
يار سڏاوڻ پَهرا پاوڻ وو
ٻاجهئون ياران دي عمر وڃاوڻ
1.
ٻاجهئون ياران دي ڪوئي يار نه مليا
هٿئون ياران دي چا نام رکاوڻ
2.
خيال ياران دا ڪوئي خيال تيڏي تي
اَتين نه تيڏا ڪوئي خرچ لکائڻ
3.
صاف ڪر سينا رک يقينا
نال محبوبان دي موجان ماڻڻ
4.
سمجهه ”صديق“ وچ سيني دي
حرف دوئي دا چا تَرڪاوڻ.
گل محمد
گل محمد 13-صدي هجري جي آخر يا 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو،
يا ان کان اڳ گذاري ويو.
[871]
او هوت ٻاروچا يار. ناتي تنهنجي ڪيس نماڻي الا
1.
سُرئي سيڄ سِڪاين جي ميان الا، دلبر توهئون ڌار
سُتي سا مون ڪين سُهاڻي
2.
ڏينديس باهه ڀنڀور کي ميان الا، ٻانهي جي ٻاڪار
ووءِ ووءِ ونجهل ڪيس ويڳاڻي
پاڻ سڃاڻي پانهنجو ميان الا، تن ڪيچين جي قطار
سگهو سُڻي آءُ تون آرياڻي
گڏجي ”گل محمد“ چوي ميان الا، تن ڪيچين جي قطار
پورهيت ٿي آءُ ڀرينديس پاڻي.
سلطان
سلطان 13 -صدي هجري جي آخر ۽ 14- صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو،
يا ان کان اڳ گذاري ويو.
[872]
ماروئڙا ڏک ڏيئي ويا، جيئڙي منهنجي جُک ڏيئي ويا
وڃي ونهيا اتي ويهي رهيا
جانب منهنجي ني وي، جيءَ جا ميان وو
سانگ سُکيا سيئي ويا
2.
سانگي سُلمَ جا ني وي، سپرين ميان وو
ڏور منهنجا ڏيهي ويا
3.
سِڪان ويٺي ني وي، ساريان ميان وو
جيئري لائي جڙ جي ئي ويا
4.
صحيحون ”سلطان“ چوي ني وي، مون کي ماڙيچا ميان وو
لائي تات ڦوڙائي جي تيهي
ويا
ڪيسر
هي شاعر 13- صدي هجري جي آخر يا 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو،
يا ان کان اڳ گذاري ويو.
[873]
تو بن دلڙي ماندي، سگها آ تون سڄڻ يار
1.
دل دنبورا ني وي، تَن جون تارون وو ميان
ڳُڻ تساڏي جو ڳاندي
2.
اوڙا پاڙا ني وي، پُڇ سَهِي ڪر وو ميان
ورهه ڪَنون نهين واندي
3.
گوشي ٻَهه ڪر ني وي، سانون سِڪيندئين وو ميان
ايڏا سُولَ نه سَهندي
4.
ڏينہ سڄائي ني وي، پانڌي پڇايان وو ميان
رَين وهاڻي ڏُکان دي
5.
الله ڪارڻ ني وي، آ پيارل وو ميان
توريءَ ساعت نه سرندي
6. ”ڪيسر“نماڻا
ني وي، نينہ ڪيا ڄاڻي وو ميان
بِره ڪِيتي دل باندي.
رحيمداد
رحيمداد اتر طرف جو ويٺل هو، ۽ 13-صدي هجري جي آخر يا 14-صدي جي
اوائل ۾ حال حيات هو، يا ان کان اڳ گذاري ويو.
سندس 17 ڪافيون نظر مان گذريون، جن مان ڪي هيٺ ڏجن
ٿيون.
[874]
جوش جانب جي ڪيا
اڄ تان وري نينہ سي نوان
1.
سورَ سڄڻ تنهنجا سُوکڙي، سانڍڻ ٿيم سي ساهه سوان
ڪئن ڪيان ڪاڏي وڃان، ڪر حال جي ڪنهن کي چوان
2.
پرين اوهان جي پار ڏي رهبر ڪِيمَ روئي رَوان
ويٺي نهاريان واٽڙيون، مَن ٿيي اچڻ مان ڏنہ اوهان
3.
قاصد چئج قريب کي پيرين تنهنجي ٿي پوان
محب ملڻ ري تنهنجي هت سور سختيون ٿي سهان
4. ”رحيمداد“ دانَہ دوست جي آءُ روءِ پسڻ ريءَ ڪئن رهان
فائق فضل ٿيي تانهِجو، تان اکيون بيهن مُهان (1).
[875]
خنجر تيز، ماهي تيڏي وو چشمان دي
1.
سهڻي درياهون ني وي، مول نه دهلي وو ميان
لائيس بِرهه بريز
2.
ڪاڻ پُنهل دي ني وي، ڪُيون رکي ڀنڀور وو ميان
روحان وچ رنگريز
3. ”رحيمداد“
آکي ني وي، رُوءِ تساڏي وو ميان
لائي سو عشق اَميز.
[876]
تون تان آدم ناهين سائين، ڀول نه ٻِي ڪنهن ڀُل
1.
مَلڪن ٿي سجدا ڪيا ميان، نه ته مِٽي لڌو ڇا مُل
2.
ڪيهر نچائي ڪير ڪُڏڌائي، شاهه بنان دُلدل
3.
لِڪو ٿو لاتُون ڪري ميان، باغ اندر بلبل
4.
هِي ڀي تنهنجو هُو ڀي تنهنجو، هادي هُلچو هُل
5. ”رحيمداد“ چوي دانَهه دلبر، ڪونهي تنهنجو تُل.
[877]
ڪانگا قريبن کي چئج
جو توکي ڏٺي مون کي ڏينهن ٿيا
1.
دم دم مان ٿا جِيارِن
شوق تنهنجي جا مون کي شينہ ٿيا
2.
وَڻ ڦُٽا گُلَ واهه ٿيا
او سهڻا مُندَ تي هِت مينہ ٿيا
3. ”رحيمداد“ چوي ڪَرَ ڪا ڏيو
او ڏکيءَ ڏمر هِت ڪيئن ٿيا.
شيرو
هي شاعر 13-صدي هجري جي آخر ۽ 14 -صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو،
يا ان کان اڳ گذاري ويو.
[878]
ڪِيتا روح ديوانا، درسن تيڏي
1.
هڪ دل آهي نِي وي، رانجهن نِيتي وو ميان
کيڙي دا ڪُوڙ بهانا
2.
مُنہ تي ڏيوَنِ ني وي، ماڻهو جي مِهڻي وو ميان
ماڀِي ڏيوي تيڏا طعنا
3.
سکيان سهيليان ني وي، ڳالهيان ڏينديان وو ميان
لڳا ڪو ايها زمانا
4.
پَٿر قبوليم ني وي، رانجهن والا وو ميان
کُہ کيڙي دا خزانا
5. ”شيرو“
جو آکي ني وي، مان ڏَنہ آيا وو ميان
پِرين دا پروانا.
شيخ محمد
شيخ محمد 13-صدي هجري جي آخر ۽ 14 صدي جي اوائل ۾ حال حيات هو، يا ان کان اڳ
گذاري ويو. سندس سنڌي ۽ سرائڪي 23 ڪافيون نظر مان
گذريون، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
[879]
محبن سان رب ڪَيڙو ميلو
وئا جيئري وَهم جدائيءَ جا اُلا
1.
سورن مؤن ٿي سُکَ ساماڻا
دردن مؤ ٿيا موتين داڻا
اهي اهن چاڪَ چڱائيءَ جا الا
2.
سِڪنديءَ مون کي ڏاهه سڏايو
گولي پانهنجي ساڻ گڏايو
ڪِيا ٿَوَ ڀالَ ڀلائيءَ جا الا
3.
ساجن موهِيسَ، سانڀر لاڪون
تَن ۾ عشق گهڻو ٿيو تاڪُون
اَٽڪيا نيڻَ نَنڍائيءَ جا الا
4.
شيخ“ چوي ڪيون شوق شُنيدان
آيا دوست اسان ڪيون عيدان
کاڻا کَر کَرائيءَ جا الا.
[880]
راول تو ريءَ رات
پِرين مون کي ويٺي ويٺي اچي وَرهِه ٿِي
1.
جا اڳينءَ رات رهاڻ ڪئي، تنهن ماريس ملاقات
2.
اڄ تڪيندي تارڙا ميان، پره ڦُٽي پرڀات
3.
ياد ڪريندي يار کي ميان، ويئي وهامي رات
4.
آهي ٻَر ٻَر هيانوَ کي ميان، تن من جهوري تات
6. ”شيخ محمدي“ چوي شوق کؤن ميان، ڏُکَ ڏياريوَ ڏات.
[881]
تنهنجا نِيرَ ڇُڙن هي نارا
ڪَن ڪار قتل جي، ڪُهندا سائين
1.
جو جَلوو جاني
سي هوش عقل کان فاني
سي تان رُئن ڪاڻ ’رَئَانِي‘
رِءَ روءِ ڏسڻ نه رهندا سائين
2.
جن کي عشق جون لاتئي لاٽُون
سي روز نهارين واٽون
تنهنجي چشمن جون اهي چاٽون
ڪي مير مهمير سهندا سائين
3.
ڪري جوِش چڙهن سائين جاڏي
اُهو ڪير آهي وڃي ڪاڏي
ڪن تالان تنهين کي تاڏي
جيڪو مُنهن چڙهيو اچي مهندا
سائين
4.
توڙي ”شيخ محمد“ مارئو
توڙي جاني يار جيارئو
جن سوريءَ سِر سوارئو
سي ’اناالحق‘ ڪهَهندا سائين.
[886]
ڏاههَ ڇڏي هِيءَ ڏُورِ
سائين وڃي ڏينہ لائج ڏونگرين
1.
سِڪَ سِاپو سُپرين الو الو
مان
ڏَنہُ مَٽ مَ مُور
2.
سِڪي جَنهِين سَڱُ ڪيو الو الو
سا مارئومَ معذور
3.
قصد ڪِيَڙَوَ ڪيچ حوالو جو الو الو
ڪَهڙي زور ضرور
4.
پِرَ ڪرينديس پورهيو الو الو
هلي هوت حضور
5.
راتيان ڏينهان روح کي الو الو
محبَ سندو مذڪوره
6. ”شيخ محمد“ چئي پِرَ جي الو الو
شاني ڪونهي شَهُور.
13-صدي هجري (19-صدي عيسوي) جي آخر جا ٻيا شاعر
ابر علي شاهه
ابر علي شاهه جي هيٺين ڪافي 1291/1874ع ۾ لکيل هڪ بياض ۾ شامل آهي، يعني ته
ابر علي شاه ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.
[887]
روپ ڪانرو
سدا وو پرين مون کي پانهنجڙو ڪن
جاني منهنجا اوڳَڻ ڪن نه ڪن
1.
اَني جني جي آهيان، ڀلو مهر پوي شال تن
2.
راتو ڏينهان وو تن جي، ڀلو محبت آهي من
3.
اوهان ٻاجهون وو سپرين، ٻيون ڳالهيون سڀ ٻن
4.
سي نه ڇڏيندم سپرين، جا پر آهي جن.
جمعو فقير
جمعي فقير جون هيٺيون ڪافيون 19-صدي عيسوي جي آخر ۾ (1974ع ۽ 1880ع) لکيل
بياضن توڙي 20 صدي عيسوي جي اوئلي بياضن ۾ شامل
آهي. يعني ته جمعو فقير ان وقت حال حيات هو يا اڳ
گذاري ويو.
[888]
پهاڙي
ويکو سڀ رنگي تصوير، وه وه ! لَک رنگين وچ آئي
سهس رنگين وچ آئي
1.
ڪٿان آدم ڪٿان حوا، ڪِٿ نينگر ڪٿان پير
2.
ڪٿان يوسف ڪٿ زليخان، ڪٿ هاري هجنجهون رَت نِير
3.
تخت هزاري رانجهن هويا، جهنگ سيال تان هير
4.
ڪٿان ليليٰ ڪٿان مجنون، وو ڪٿان ماروئڙا ملير
5.
عجب عجائب رنگ بيرنگ دي، اڀُل ڳئي تدبير
6.
ڪٿ ڳاوندا ڪٿ وڄندا، ڪٿ سميع بصير
7. ”جمعا“ هرجا رنگ رانجهن دي، ڪيا حاجت تقدير.
[889]
جهنگلو
ميڏي سهڻا تو ٻاجهون ساعت نا سردي
جڏان آوين لِيا پاوين مئن تان ٻڏي تردي
1.
نينهن لائيندي گهنڊ پائيندي نه کوليندي وال بي
ڪهنون اکان، نه مئن اکان، ڪهڙا آکان حال بي
جڳ سارا ڳول ڳول، ڦول رهيا رول بي
ڪڏان آسين پل رهسي، مئن پياسي ڦردي
2.
مئن ديواني لوڪ بيگاني تيڏي طعني مارن
ويتر چور پچر پور تيڏي گهور گهاون
آکين ڦير گهت وير شمشير چاون
پَکي پيٺي تَڏي ٻيٺي مئن ته ڏٺي ڏر دي
3.
پيش پئيان چُڪ رهيان حُج نهين هاڻ هلدي
ٻئي لڳي لاري تئون پياري دي پناري پلدي
ڏي دلداري هڪ واري جند ساري جلدي
پاوئين جهولي ڏيوان لولي، مئن ته گولي در دي
4. ”جمعا“ جائي ڪري وائي لؤ لائي ڍولي
دل ماندي هي هيڪاندي ڪيا باندي ٻولي
جند جاني دي پيشاني اُوتون ٻانهي گهولي
مَنان راضي ٿيوي غازي مئن مجازي مردي.
[890]
رنگ رنگيءَ جي رَي، هزارن ۾ ڪا هڪڙي
1.
وِيُ چري وحدت جو، محبت منجهه مَتِي
2.
ڇُلي پئي ڇپر ۾، جنهن کي گهَرَ جي ڪانه گَتِي
3.
ڪڏهن پهتي ڪانڪا، وِرسي جيڪا سَتِي
4.
جبل جهاڳيائين جتن لئي، طلب منجهه تَتِي
5.
پٺيءَ هوت پنهل جي، ”جمعا“ ٿئي ڪا جَتِي.
[891]
سر روپ
ڏينهن رات سڄڻ توکي ساريان
جدا توريءَ ڏکيا
ڏينهن گذاريان
1.
پلپل پرين تنهنجا پورپون
رويو نيڻ هنجون ويٺي هاريان
2.
ڳڻن تنهنجن ڳڻتين ڳاري وڌو
جهوري جهنگ جبل ٿي جهونگاريان
3.
ٻانهي گولي يار اوهان جي
پورهيت ٿي ته پڪاريان
4. ”جمعو“
چوي اچ اڱڻ پرين تون
مان ته ويٺڙي واٽ نهاريان.
احسان علي
احسان علي جي هيٺين ڪافي 1880ع ۾ لکيل هڪ بياض ۾ شامل آهي، يعني ته احسان
علي ان وقت حال حيات هو يا اڳ گذاري ويو.
[892]
دل دوستن جي درتي پايون ڳارو پيئي
پايونڳارونپيئي، ڪاڏهين ڪين ويئي
1.
لاه ڇڏي سڀ لارا، پيش اچي هيءَ پيئي
پرينءَ پانهنجي ڪئي، جيهي آهيان تيهي
2.
دُرس درازي دائم، بره ڏٺم دم ويهي
حال هدايتي هيئي، ڏيهه وريا اٿم ڏيهي
3. ”احسان علي“ آهي انگَلي، سانگ ڇڏي آيو سڀيئي
سانجهيءَ تائين سجدو، ٻي سڀ وائي وئي.
[893]
دائم سو دم دم، وو ميان نينهن لڳا هُڻ نيڙي نيڙي
1.
ديدان دي نال ديدان لڳيان، اُلٽي عشق آگم آگم
2.
موج محبت برسر آئي، وسرئي ورد وهم وهم
3.
مئن تي ماهِي هڪ ٿيوسي، خام خطر سڀ ختم ختم
4. ”احسان علي“ سِرّهُ سارا، ڀلي ڀول ڀَرم ڀَرم.
امير علي
امير علي جون ٻه ڪافيون 1880ع ۾ لکيل هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهن، يعني ته امير
علي ان وقت حال حيات هو يا اڳ ٿي گذريو. امير علي
جون 5 ڪافيون نظر مان گذريون جن مان 4 هيٺ ڏجن
ٿيون.
[894]
اهي مست وتن مخمور، پيتو جن شربت شوق جو
1.
پائي پيچ وڌئي دل واڳي، ڏٺوءِ ڪيف ڪلور
ذاتي ذڪر ذوق جو
2.
تجلو تاب ڏٺو جن توري، ديدن جو دستور
لاتو تن ليو لوڪ جو
3.
بيشمار بيان حُسن جو، ڪهڙو ڪريان مذڪوره
نيڻن سندي نوڪ جو
4.
عشق ”امير علي“ کي او محبت ڪيو مسرور
جن فڪر فوق جو.
[895]
ڪانگ وڃي ڪج ساڻ سپرين، ڀلوڙي
او اهي فريادون منهنجون فراقن
1.
نيڻ وهن ٿا ڪَيُون منهنجا ناليون
ڪنهن سان ڪنديس دل جون مان ڳالهيون
2.
مرض مئيءَ کي ملڻ جو آهي
ري وصال جي ٻيو ڪير لاهي
طاقت نه آهي هنن طبيبن
3. ”امير
علي“ چوي اجهي پرين ايندا
دوست دلاسو دل کي جو ڏيندا
پوءِ مرهم ٿي ملندا محب مريض
4.
درد ۾ دم دم دانهان ڪريان ٿي
راتيان ڏينهان روز رڙان ٿي
قيامت قائمڪئي آهي قريبن.
[896]
منهنجي بيوس دلڙي اَڙي، لنؤ لڳي لاغرض سان
1.
دردن داغي وڌي سڪ سوز ۾ ويئي سڙي
ڇنڊن ڦيڻن سان نه ڇٽي، ترت ڏنائون نا تڙي
تازي نه ٿئي ڪنهن طرز سان
ديدار ٻاجهون يار جي گهارڻ ڏکي هڪڙي گهڙي
محبت وڌو منجهه مامري، ڪنهن کي ڏيان مان دانهڙي
ماندي مران هِت مرض سان
3.
چوڙيان ڇُٽي جو ڪينڪي، ويو قرب ۾ قابو ٻڌي
”امير
علي“ ڏي اچي، ڪانگل سيراندي ٻانهڙي
امداد ٿئي هن عرض مان
[897]
اڄ کِلي اکڙيون کڻي، وَئين دل لُٽي ڌاڙو هڻي
1.
جام پياري يار جاني، مست ڪيئي مون کي کڻي
عقل ۽ اختيار جي وئي واڳ، ڄاڻي هڪ ڌڻي
2.
نيڻن نئون رنگ نينهن لايو، بره جي بازي بَڻِي
ويا ختم ٿي خيال سڀ، اٽڪي جڏهن اک جي اڻي
3.
صحبت سهڻي يار جي وئي واه جا دل کي وڻي
پرين ڪئي آ پانهنجي هيءَ ري ڳڌل نالي ڳَڻِي
4. ”امير علي“ چئي آه جن تي مِهر جي ڪائي ڪَڻِي
تاب تجلي حُسن جي پيمال ڪيا پِيهِي پَڻِي.
بچل
بچل جون ڪافيون 1880ع ۾ لکيل بياض ۽ ان کانپوءِ جي ڇپيل توڙي لکيل بياضن ۾
شامل آهن. يعني ته بچل ان وقت حال حيات هو يا اڳ
گذاري ويو. سندس هيٺيون 3 ڪافيون نظر مان گذريون.
[898]
ايڏا ڏمر ڪنهن کؤن سکئين منهنجا سڄڻ سالڪ سڌر
ايڏا ظلم ڪنهن کؤن سِکيُون، تنهنجون اکيون خوني خنجر
1.
مشتاق دل ماندو آهيان، ٻئي در ڪنهن جي ڪيئين وهان
شب روز آءُ نوڪر چوان، تون شاهه آءُ تنهنجو گدا
بلڪل ملڻ جي مهر ڪر
2.
جي تون اڱڻ منهنجي اچين، دلبر دلاسو مون ڏئي
ڪو حال بي حالن سڻين، هو جي شوق تنهنجي منجهه سدا
هرگز نه ڪن ٻئي سان خبر
3.
هي حال مون معلوم اوهان، تو کؤن سوا ٻئي ڪنهن چوان
قدمن مبارڪ تي پوان، منهنجي پڄي سڀڪا مدعا
جيڪر اچو منهنجي نظر
4.
تنهنجي ملڻ ٻاجهئون لُڇان، ايندن ويندن خبرون پڇان
ديدار شل تنهنجو ڏسان، سر ساه آهي تو تئون فدا
بيڪس ”بچل“ سان ريجهه ڪر.
[899]
ڪر پرواز ڀڃ پڃرو،پکي پنهنجي وطن ويندين
1.
آڏين ٿو محل ۽ ماڙيون، رٿين بازار ۽ جايون
ڪرين گڏ راڄ ۽ راڻيون، خزانن جون کاڻيون کوندين
2.
اجل جڏ اوچتو ايندءِ، اچي سر تي مٿون بيهندءِ
وايون وسري سڀئي ويندءِ، خاڪي وڃي خاڪ
۾ پوندين
3.
آهين مهمان دل پل جو، چلت ڪيڏا چلائين ٿو
بڻين ٿو تخت جو حاڪم، حڪم پنهنجا وٺيو ويندين
4.
جيڪا تون پوک پوکيندين، سائي هرگز هٿين لڻندين
کٽڻ هارڻ جو هِي پڙ ٿِي، کٽين هارين جو هن پڙ ۾
5.
فنا في الحال آهي فاني، جيڪي پيدا ڪيو جاني
”بچل“
نالو مٺي رب جو، سمر سارو کڻي ويندين.
[900]
عشق وارن جون اڳي محبوب سان ٻولان ٻڌيون
1.
تڏنہ يار هي، دلدار هي، من موهن مختيار هي
ٻول سان ٻهڳڻ ٻڌي، هت ورهه واريون ڪيئن ڪنديون
2.
حلق تي خنجر وهائي، ڌڙ ڪيئي سر کان جدا
هت عاشق ٿو دانهون ڪري، جاتي وهن رت جون
نديون
3.
شمس قمر ٻڌي هاڪ حُسن جون فوجان چڙهيون
نينہ نهوڙي ناز سان، برهه تنهنجي جون بيشڪ بنديون
4.
من اندر مَسحو ڪيون ريءَ وضو وسها وتن
چئي ”بچل“ الله اڪبر، رڻ ۾ تني لائون لڌيون.
”تذڪره لطفي“ (ڀاڱو
ٽيو)، لطف الله بدوي، 1953ع
”تذڪره لطفي“، (جلد 3)
لطف الله بدوي، 1953ع.
[847] ۽ [848] پوڪرداس
جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب، سنه 1906ع تان ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري تان ورتل.
شڪارپور مان شير محمد
چغدي کان مليل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري مان 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان
ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري تان ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان
ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض تان
ورتل
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري مان 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي قلمي بياض
تان ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان
1900ع ڌاري لکيل ڪللين جي قلمي بياض تان ورتل.
ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي
ذخيري مان 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي قلمي بياض
تان ورتل. هي شاعر منٺار فقير راجھر کان الڳ
آهي.
[865] کان [870] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ 190ع ڌاري لکيل ڪافي جي
بياض تان ورتل.
[871] ڊاڪٽر بلوچ جي
قلمي ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض
تان ورتل.
[872] ڊاڪٽر بلوچ جي
قلمي ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي بياض
تان ورتل
[873] ڊاڪٽر بلوچ جي
قلمي ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين جي قلمي
بياض تان ورتل.
اصل پڙهڻي منڌل آهي ۽ ’مهان‘ جي ’م‘ تي زبر
آهي.
ٻي پڙهڻي:
نه ته ڪي واچَ اکيو بيهن مَها.
[879] کان [886] ڊاڪٽر
بلوچ جي قلمي ذخيري ۾ 1900ع ڌاري لکيل ڪافين
جي قلمي بياض تان ورتل.
[887] مير حسين علي
خان ٽالپر جو لکايل بياض (تاريخ 19-رمضان
1291عع) تان ورتل.
[888] مير حسين علي
ٽالپور جي لکايل بياض تان ورتل.
[889] خوشيرام فقير
سودائي جي لکيل بياض 1880ع تان ورتل.
[890] ڊاڪٽر بلوچ جي
قلمي ذخيري مان ورتل.
[891] مرحوم مولوي
نورمحمد مَلڪ عادلپوري (تعلقو ميرپورماٿيلو)
جي قلمي بياض 1334هه/1916ع
ڌاري
لکيل تان ورتل.
[892] خوشيرام فقير
سودائي جي 1297هه/1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.
احسان علي هي ڪافي سچل سائين جي سڪ ۾ چئي.
[893] تعلقي واره مان
غلام رسول جتوئي کان مليل.
[897] تعلقي واره مان
غلام رسول جتوئي کان مليل.
[898] خوشيرام فقير
سودائي جي 1297هه/1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.
[899] ”درد وندن جي
دانهن ، عاشقن جا آلاپ“ ڪافيون نيون، ڇپايل
چوهڙ سنگ ديوان بلند راض صاحب، دفعو ٻيو، 11
آڪٽوبر 1916ع. [900] سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري لکيل ڪافين جي
بياض تان ورتل.
|