سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :7

غلام حيدر شر

فقير غلام حيدر شر ولد قائم خان شر بلوچ 1215هه/ 1800ع ۾ ضلعي خيرپور ۾ ڳوٺ مينگهي شر ۾ ڄائو. مجاز جي چوٽ کان پوءِ فقير نانڪ يوسف وٽ وڃي الاهي عشق جو سبق ورتائين. آخرڪار دنيا کي ويراڳ ڏيئي وڃي جهنگ وسايائين. پڇاڙيءَ جو پنهنجي ڳوٺ ۾ موٽي آيو، سنه تاريخ 7 محرم 1296هجري/ جنوري 1879ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ڳوٺ مينگهي فقير شر ۾ دفنايو ويو. سندس سرائڪي ۽ سنڌي ۾ چيل هڪ سئو کان وڌيڪ قافيون مختلف قلمي بياضن ۾ مطالعو ڪيون ويون. (1)

[137]

هاوَڙ عشق جي دوزخ دهليا،

زمين زمن کؤن زور ٿيو

عرش اعلى کؤن لنگهي اڳاهون
        وره وڃي وڻڪار پيو
2.      فلڪ منارا اوري رهيا،
        پِرت پري پرواز ڪيو
3.      بره برابر واڳان ڇايان،
        دين ڪفر سڀ نينهن نيو
4.      ”غلام حيدر“ غم نه رهيا،
        عشق الله بن ناهه ٻيو.

 

[139]

اسان محبت تنهنجي منگي،

تون شاهه آهين بيرنگي

عشق اُليلان ڏاڍيون لايُون،

جوش جاڳائي جنگي

هر صورت ۾ سِرّ سمايو،

عربي رومي زنگي

ڪائي ايران توران بنايو،

ٽوپي پوش فرنگي

پير مغان پُر جام پياريو،

ترت لاٿائين تنگي

غلام حيدر“ غير ويو سڀ،

وره تنهنجي دل ونگي

 

[140]

چرخو چور چري، ڀوري اها مهل اٿئي، ايندءِ ڪين وري

درد الله ري دورنگ آهين

سڀ ٿو ڪسب ڪوڙ ڪمائين

موتو“ ڏس مري، جيئري پوءِ وري

2.    سوين سڪندر دارا جهڙا

هٿين سکڻا هتئون جي وِيڙَا

هلين ڪانه ذري، وين ڳورَ ڳري

سڪ منجهارون يار سڃاڻي

ويهه نه پنهنجو آيٽ اُلاڻي

آهه عمر هڪ گهڙي، خاڪ ذري

غلام حيدر“ مڃ غلامي

يار ”يوسف“ جو ٿيءُ سلامي

ڇڏ تون ”لا“ لڙي، پِڪَ پَري.

 

[141]

عجب اسرار اکيان دا، لٽيندا ملڪ دليان دا

سنت ڪيا فرض نا ڇوڙن، ٻيائي سڀ اٿان ٻوڙن

هڪا دم ”هو“ خدا هوون، چاون سر بار بديان دا

لاون سر شور دم شاهي، امانت عشق دي آهِي

حسن دم هونگ همراهي، مارن چل تير مزگان دا

جلوا ڪر جلد سر آوَن، سو الٽي بات برساوَن

پهر دم پوش سِر پاون، گهتن دل دام زلفان دا

غلام حيدر“ رسو آوَن، پِرت دا دم سچا پاون

جدا ڪر جسم ڦل پاون، ويکن نت نيڻ سڄڻان دا.

 

[142]

عاشقان پاتي وي جهاتي جهات، لهر لهر ڪي رات

عشق اندر وچ خيما کوڙيا، جل ڳئي جسماتِ

نفل نمازان ڇوڙ سِڌاڻي، زهد و تقويٰ تاتِ

غلام حيدر“ گم حسن دي وچ، آپ هويا آثبات.

 

 

[143]

ڪري ڪرم الله، هٿ ته ڪنهن جي ڪينڪي

مشرق مغرب عشق جو، ڦري دم فتاح

بِره بهاران، لائيون، صورت سا صلي الله

تَن مَن تاران، لائيون، جيڏيون سو جل الله

سرتيون سوز جڳائيو، آحد علي الله

غلام حيدر“ گُرَ جي، دائم دل نگار

 

[144]

لايو جادو سڄڻ جوڙي،

کپائي ديد دم کوڙي

لڙن زلفان تنهنجون جاني

ڏين دم پيچ نوراني

ٻيائي سڀ وجهن ٻوڙي

لکين چڙهن چوڏس لهريون

عشاقن سر بحر بحريون

صفا ڪن سوز دل سوري

نحن اقرب لڳو نعرو

وحدت جو وير وسڪارو

ڪڍن سڀ روڳ کي روڙي

غلام حيدر“ منجيئي دلبر

اندر آهي روحي رهبر

لڌوسي يار وندر ووڙي.

 

[145]

آهي آڌوتي اڻموٽ، رمزان روز رلائن ٿا

چئنچل چاڙهي چوٽ، سرندا سوز وڄائن ٿا.

سوز سناسِن سر چايو
        محبت وارو مينهن وسايو
        ڀڃي عدم جي اوٽ
        جلدون جسم جلائن ٿا
2.      بره بيراڳي عاشق ڪِيَڙا
        نينهن نسانبر تاميا نيَڙا
        اسم ذاتي دم چوٽ
        سامي سوڌ وڄائن ٿا
3.      عشق اُليلان ڇوليون ڇُٽڪن
        بره جا باشا دم دم اَٽڪن
        گهور ڪيون ڏس گهوٽ
        سورهيه سر سنڀاهن ٿا
4.      ”غلام حيدر“ گُر گفتاران
        لنؤ لنؤ لولي تانگهه تنواران
        ڀڃي ڪفر جا ڪوٽ
        مرشد مرد ملهائن ٿا.

[146]

عشق اُليلان ڇوليون ڇُٽڪن
                دين ڪفر جي ڪين ٽِڪڻ جو
1.      درد گُهوران ڪري جنهن سر آئيو
        عقل علم پهرين سٽ سڌايو
        نينہ نشانبر نعرو لايو
                        نام ڪنهين جي وره وٺڻ
2.      عاشق کيڏن سر جي بازي
        مُنجهي مئا اتي ملان قاضي
        سر گهورن اُتي سوره غازي
                        سؤدو عشاقن سِر سَٽڻ جو
3.      وحدت وارن سِر سنڀايا
        نعرا انالحق هلايا
        مردن سي ميدان ملهايا
        پتنگ پياسي خيال پهچڻ جو
4.      ”غلام حيدر“ غلبو رباني
        مرشد هادي حق حقاني
        دوست مليو سي دل جاني
                        محب سيکاريو مَري جيڻ جو.

[147]

گهورڻ تو تان هادي گهوري، اَن نه پڄان تنهنجي ٿوري
1.      وحدت ويريون يار جوڙايون، جاءِ اکين منجهه جوڙي
2.      مرشد مؤجان يار جڳايوُن ٻيائي سڀ ٻوڙي
3.      آءُ لڳ اڱڻ اسان جي، تند ”تونهين“ دم چوري
4.      مشرق مغرب ظاهر باطن، ٽڳا ڏس جيڪو ٽوڙي
5.      معلوم توکي حال سڀوئي، مَهاران آءُ سڄڻ موڙي
6.      ”حيدر“ غيرت گذري، يار لڌم ڏونگر ڏوري

[148] روپ گجري

دم دم تو در زاريون، پايان پاند ڳچيءَ ڳل ڳاريون
1.      آءٌ اڱڻ مون يار سَدائي، گهوريون گهوريان جيئڙو جائي.

عيبن هاڻي اصلئون آهيان، در تنهنجي ٻَهه وُن ٻاڏايان
سڻي ڪر ستاريون

3.      توريءَ ناهه تڪيو ٻيو ڪوئي در،

تنهنجي تي اچي پيڙس روئي
                                بخش ڪر بهاريون

غلام حيدر“ سوال سجايو، آغا منهنجو عرض اگهايو

صدقي ٿيان سَوَ واريون.

.
   

 

حافض گل محمد

حافظ گل محمد، درازن واري درگاهه جو معتقد ۽ مريد هو. سندس 13 ڪافيون هڪ قلمي نسخي ۾ نظر مان نڪتيون، جن مان ڪي هتي شامل ڪجن ٿيون (1)

[149] روپ مارئي

تُونهين آسانون بس، وو هلڻ پيا ٻيا ڪيا ڪريسون
1.      حور قصور بهشتيان تيڏيان، ڪائي نه آوي ڪَس
2.      پنان واٽ وحدت والي، ٻيا سڀ خيال عبث
3.      تيڏا نينہ نشاني دلبر، ڳَل اساڏي هَسُ
4.      دل تي يار سڄڻ، سدا تون وسدا وَس
5.      لوه کي لڳي ڪر لال پيارا، پرين تون پارَسُ
6.      گدا ”گل محمد“ ڪُون سهڻا، ڏيهه ڏُکين دا ڏَسُ

 

‍[150[ روپ جهنگلو

قاصد آن قربان، ڀَلي جيءُ آئين

قاصد آن قُربانَ

حقيقت محبوب مٺي جي، جي ڪرين بابت بيان
2.      ڪريان صدقو توهي تؤن، گهوريان ئي جند جان
3.      کَلائين ٿو کَل سڄڻ جي، ڪيڏو ڪيوئي اِحسان
4.      گل ڪيوئي ”گل محمد“ کي، لاهي سڀ ارمان

 

[151] روپ جهنگلو

ڪاغذ آيا ڪالهه، ميڏي دلبر دا

1.      خط خوشي دا ڏيکڻ سيتي، خاطر ٿي خوشحال
2.      ڏيکڻ نامي نال ٿيوسي جاني جام جمال
3.      اکر هڪ روز رقعي دا، ڏاڍي حالت حال
4.      ”گل محمد“ يار سڄڻ دا هي ڪلونت قوال.

 

[152] روپ جهنگلو

آوي اَساڏڙي پار، آوي آساڏڙي پار

باقي تان وَسدي پار

ديس اساڏا نِي وَس وسايا

سالين سُڪيان نِي وي ويس وٺايا

چاڪ چمن چؤڌاري
2.      سهس انگوريان ني وي گل گلابان

ڀؤنر ڀُڻڪن وي بلبل باغان

کُليا سؤ چِترَ بهار
3.      ٽَهڪن ٽاليان ني وي ڪانهه ڪناري

ڦَرن بوستان ني وي ڦَل ڦلياري

باغ چنار ڪچنار
4.      ”گل محمد“ وي وچ گُلان دي

ڳالهيان تيڏيان وي ڳاوڻ ڳاندي

ڪر ڪَهين ويل گذار

 

 

 

[153] روپ سسئي

ٻاروچا يار ساريان سنڀاريان، او حيلي ڪنهن نه وساريان

اڙي هوت ڪري وئين ڪيڏي، اها تو نه جڳاءِ ايڏي

هت هيڪليون هنجهون هاريان

وئين يار ڪيئن لؤ لائي، رس وهلو واڳ وراءِ
                        نه تان پاڻ مَري ماريان

تنهنجي عشق هُيو مون ماڻي، تَن تانگهه اوهان ڏي تاڻي

هت گهڙي تان نا گهاريان

توکي ساه سدائين ساري، اِهو مُونجهه مون کي ٿو ماري

تو لئي ٿي ڏونگر ڏاريان

گل محمد“ غرض اِها هي، تنهنجو خيال نه لحظو لاهي
                        ويٺي ٿي ٻارڻ ٻاريان.

 

 

  

محمد صالح قادري

محمد صالح قادري لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سچل سائين جو طالب هو ۽ وڏو درويش هو. قلات، قنڌار، خراسان ۽ بخارا تائين سندس مريد هئا. لاڙڪاڻي ۾ ”ڳڙهي ميان صاحب“ سندس نالي سان محلو مشهور آهي.

[154] *

آک ته اِيها ڪنهن دي ذات،

هر ڪنهن جنهن ڪون سجدا ڪيتا

مَلڪين مَنِي ٻانهپ تاپ،

هر ڪنهن جنهن ڪون سجدا ڪيتا

خاڪي آدم بُوت بنايس، تنهن وچ آڪي ڇپ ڇپايس

سڀڪو آکي هي صفات، هر ڪنهن جنهن ڪون سجدا ڪيتا

عاشق معشوق نام سڏايس، بار برهه دا سر تي چايس

ڪي ڪشالا ڏينهان رات، هر ڪنهن جنهن ڪونه سجدا ڪيتا

لکين لباس پهر ڪي آيا، رنگارنگي رنگ بنايا
        صورت بڻي ڀاتون ڀات، هر ڪنهن جنهن ڪونه سجدا ڪيتا

ماءُ پيؤ نه تنهن دا ڪوئي، حوا ڪنهن دي ڄائي هوئي

سڻو اِيها حقيقت باب، هر ڪنهن جنهن ڪونه سجدا ڪيتا

5.      ”صالح“ سمجهين هي سِر سارا، اندر ٻاهر نور نظارا
        دم الهي وائي وات، هر ڪنهن جنهن ڪونه سجدا ڪيتا.

 

 

[155]

عشق نهين آسان، يارو! برهه نهين آسان
        جوئي شاهه چوين سلطان، يارو! برهه، نهين آسان
1.      پيلان ڪَيُون پتنگ اچن شمع ڏسي سي شان
        سورهيه انهين صف ۾ مرد پيا ميدان
2.      حسن سندي جنگ ۾ ڪو مَل اچي مستان
        جلوي منجهه جَلي وڃي تاب ڏسي طولان
3.      ڪُٺي ڪُسن ڪينڪي عام ڪيو ارمان
        مرسل سندي موج ۾ مڃيائون فرمان
4.      ڪُوڙن ڪم ناهه ڪو، هو جي ناني کائن نان
        منزل انهي سي ئي ويندا، اَحدِي جن ايمان
5.      ٻيو ڀي عاشق آءُ چوان، جنهن لاٿو شڪ گمان
        ”سچو“ کنيو سچ جو نينهن سندو نيشان
6.      ”صالح“ انهين سِرُ جو ڌري ڏس ڌيان
        جي سانگو ڇڏين ساهه جو، ماڻين هي مڪان.

 

[156] سر پهاڙي*

نازان نال ماريوئي، ڪيها ويس ڪيتوئي
                        سهڻا ويس ڪيتوئي

اکيان تيڏيان لال شرابي، پيالا پُر پيتوئي
2.      بدن تيڏا گل گلابي، جلوي جمال ويکيوئي
3.      مشڪڻ سيتي ”صالح“ سارا، سيني وچ سِيتوئي.
4.      مشڪڻ سيتي ”صالح“ سارا، سيني وچ سِيتوئي.

 

 

شير خان ڀنڀرو

شير خان ڀنڀرو اُتر جو ويٺل هو. سچل سائين جو طالب هو. سندس چيل ڪي ڪافيون شامل ڪجن ٿيون.

 

 

 

[157] روپ تلنگ

سانگي سانگ ويڙا، الله تن کي اُڻي
        ناهي ننڊ نيڻن، نبي پاڪ ڄاڻي
1.      پکي ٿي پرين ڏي وڃان ڪر اُڏامي
        سگهان ڪين اُڏري، اندر بي آرامي
        سري ڪين ساعت، ڳاري دل ڳاراڻي
2.      پڃري منجهه پابند ڪڙيل قابو آهيان
        ڪيس قيد قسمت پنهنجي وس مان ناهيان
        دکن درد دونهان وسامن نه هاڻي
3.      ”شير خان“ ”دم دم آنءُ سانگين کي ساريان
        ڏکيا ڏينهن گوندر ۾ ويٺي گذاريان
        ويا سور سرتيون، سيد جي ساماڻي

 

 

 

 

[158]

عمر! دير لائي، اَلائي ڇو اباڻن
                ڏسي ڏوهه ڪهڙو ڏمر ڪيو ڏاڏاڻن
1.      جدا نئي جيڏين کؤن سڪندي سال ٿيڙا

وڇوڙي ويچاريءَ جا هيڻا حال ڪيڙا

پري کؤن پنهواريون ساهيڙيون سڃاڻن
2.      ڏکن ڪئي ڏهاڳڻ، جلي ويو آ جيرو

مارو مائٽ مُئيءَ جا، ڪيئون ڪونه ڀيرو

لُڇان روز روئي پُڇان پئي پيڪاڻن

وساري ولهيءَ کي ڇني ڇو ڇڏيائون

ڪري ڌار ڌاري گولي نا گڏيائون

آهيان ننگ انهن جو سچ ڪري جي ڄاڻن
4.      لٿُلر ۽ لوڻڪ ٻيو مَريڙو مِٺو آ

مکڻ ۽ ماکي کؤن، چکي جنهن ڏٺو آ

کنڀيون کاڄ خاصا، مِٺا کؤن مِٺاڻن
5.      الله پاڪ پرور اُميدان پڄائيندو

سانگين ساڻ ميلو ”شير خان“ ٿيندو

امانت سلامت پڄايون نماڻن.

 

 

[159]

سڄڻ تنهنجا دام دام،

دوست وڌا دل منهنجي تي

نوان نوان دام دام

آءٌ پنهل تنهنجي آهيان، سينو توسان ڪهڙو ساهيان
        حجت تو ۾ ڪانه ڀانيان، ڪهڙي هڻان هام هام
2.      لوري جا پنهل ويو لائي، ٻاڻ هڻي ويو ڪين ٻڌائي
        گهاوَ انهي وڌيس گهائي، ماريس انهي مام مام
3.      پلڪ پنهل ٿئي نه پري، ساعت منهنجي ڪين سري
        هيءَ مئل نِي هِت ٿي مري، ساري صبح شام شام
4.      ”شيرخان“ چئي جيتر جيان، سؤ سؤ ڀيرا صدقو ٿيان
        مَن ڪا پوئي مِهر ميان، مير مديني جا ڄام ڄام.

 

 

 خير شاهه

سيد خيرشاهه، رتي ديري ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل هو. سچل سائين جو معتقد هو.

 

[160]*

منهنجي حال جي شل ڪا ٻاجهه پوي پرين
1.      فڪر ڦَرهيون هٿن ۾، سبق سور پڙهن
        لايو ”لام“ ”الف“ سان، فضلي قلم وهن
2.      سختي سير سمنڊ جي، ڪُنَ به ڪڙڪاڪن
        جن تي راض رسول جو، ٻيا سي تڙا اچن
3.      حرم منجهه حبيب جي، ڪوڙين قنديل ٻرن
        پڃري آسائتي آهيان، در مٿي دوستن
        ”خيرشاهه“ چوي خير ٿي، مهر پوي ڪا محبن

[161] سر جهنگلو*

اوهان ٻاجهون اُداس، توکي سانول روح سنڀاري
1.      هَت آسين هُت تون پِرين، ڪرڻ هوٰءِ قياس
2.      قسمت قيدالماءَ هِت وٺايو، هن وطن جو واس
3.      سِڪ اوهان جي سهڻا سائين، محبت ڳاريون ماس
4.      ڏاڍو فلق ني فراق جو، هڪ نا وڃي ٿو ساس
5.      خيال ”خيرشاهه، جو آه ايڏاهين، بلڪل تنهنجو بيماس

[162] سر ڪلياڻ

پانڌي مون کي ساري سنيهو آڻي ڏي ڪو الله لڳ
1.      اُتي ڪج تون عرض اسانهجو، پلؤ پائي پڳ
2.      دوست پانهجي درجي، سائين ڪري مانَ سڳ
3.      آنءِ وسيلو تون تان منهنجو، ٺاهه ڪري نا ٺڳِ
4.      ڪج حقيقت حال جي ميان، عجيبن جي آڳ
5.      لئون ”جا لايئي“ ”خيرشاهه“ سان، آه مَشر ۾ جَڳ.

 

[163]

ڀلو ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهڙيون

صاحب سائين! ماري تنهنجي فراق

1.      اندر کولي جي ڏسو ميان وو، چِتُ مڙوئي چاڪَ
2.      هيءَ ڇڏي ويا هِتڙي ميان وو، مون سان ڪري مذاقَ
3.      سدا سپيرين جي ميان وو، ويري منجهه وثاقَ
4.      مٿي عرش عظيم تي ميان، وو، تنهنجي حسن جي هاڪَ
5.      ويو ٻاروچو نِڪري ميان وو، چوري وِئڙو چاڪَ
6.      ”خيرشاهه“ خبر ڪاڏيون ميان وو، مَن اچن اوطاق

 

[164]

ڇو ٿو مارين مشتاقن کي، وو زوراور يار
        ڪاٿون سِکئين بيپرواهيون، منهنجا سائين!
1.      جوڳي ٿي ڪر توکي وؤڙيم

شهرين بحرين تو لاءِ ڏوريم

آءُ اسانهجي اوتاري
2.      ڏَس ڏيئي وڃي پاڻ پري ڪيئي

هِن نماڻيءَ جي ڪهل نه ڪا پيئي

درسن دوست ڏيکاري
3.      ”خيرشاهه“ جڏهن بِرهُ اچي باري

پوندءِ خبر سڄائي ساري

سبقُ سُورَ پڙهائي

[165] روپ سهڻي

ڪانگ ٿو لَنوي، منهنجو جائِي جانب ايندو
1.      سعيو ڪيو مڙيئي سرتيون، اڱڻ ٻُهاريو آ وي
2.      ڪتڻ آتڻ مول نه اُڄهي، پَههُ ٿو پوءِ پوي
3.      عظيم عنبير سينڌ سرما ووميان، مُشڪ مَليو ني آوي
4.      مڃيو سوال سائين سچي، ايئن ٿو ”خيرشاهه“ چوي.

 

[166] روپ مالڪوس

عطر عنبير مُشڪ ملايا، ڪيا سهيلين سينگار
2.      پسي رُوپ سروپ سڄڻ جا، تن من ٿيو بهار
3.      ڪاڻ انهين جي مون تان ڪيترو، رنو ٿي زارون زار
4.      جو ڪنيزڪ سان قول ڪيائين، پاريائين پنهنجو قرار
5.      راتو ڏينهان آهي انهين جو ”خيرشاهه“ کي خمار.

 

 

هيمن داس

ساڌو هيمن داس، درگاهه درازا جو مريد ۽ معتقد هو. هڪ قلمي نسخي ۾ سندس 131 ڪلام نظر مان گذريا. 23 ذوالقعد 1343هه تي درگاهه درازا جي هڪ سجاده نشين وفات ڪئي، انهي موقعي تي هيمنداس جي چيل هڪ ڪلام مان ڀانئجي ٿو ته چوڏهين صدي هجري جي پوئين اڌ ۾ وفات ڪيائين.

[167] روپ پيلو

ڪَتڻ واري ڪر ڪار، حقّ هادي، سهجئون سانگي سار
1.      هٿ هڻندي ويل وڃائين

وقت اهو ول ايندءِ نه ڪڏاهين، وهلو واري وار
2.      اُٿي جاڳ تون ننڊ نهوڙيئي

ننڊ نڀاڳي دوست وڇوڙيئي، ڇڏ گمراهي گينوار

حّق حسابئون حال نه پاوين

ڪوڙ ڪتابين ڌيان نه لاوين، جيءُ اندر جنسار

وهم عقل کان مَت نه مارائين

وحدت ۾ ٿي غرق سدائين، نانگو ٿي نروار

هيمن“ مِڙئي مطلب ٿئڙا

آڻ درازي در تي پئڙا، خاڪ چمي ٿيو پينار.

 

 

 

[168] روپ تلنگ*

راند عشق جَنين سان رَچي وڃي

ٿيا بانڪا سي بئبان ۾
1.      شوقئون شهادت جام جي پِيوَن
        مستيءَ ۾ سي نچي نچي، ٿين قتل ڪُل مئخان ۾
2.      محبت واري دام ۾ ڦاسي

سُرڪ وٺي سي سچي سچي، ٿِيَڙا باندي قلمدان ۾
3.      محبت ۾ مَحوَ ٿياسي

عشقئون اهي اچي اچي، هليا سُوليءَ سِر ميدان ۾
4.      ”هيمن“ سي جهل ڪنهن نه جهليا

پتنگ جيان پچي پچي، ٿيا وارد شمعدان ۾

 

[169] روپ ڪاريهر

ڪين رهين مڪان انهيءَ وچ، وهم وجود وسارين
1.      بن طلب ڪسي عشق نه ملدا

عشق بنا نا دم گهارين
2.      عشق منجهارون عبد سڏاوين

مئن“ نون مات ڪر مارين
3.      ”مئن“ نون مات ڪريندي ڪُل

ساز صفائي ساڙين

4.      ساز صفاتي جلن جڏاهين

ذاتي دا شعلا ٻارين
5.      رلمل ذات صفات اِتاهين

لامڪاني ”هيمن“ گذارين.

 

[170] روپ پيلو

چرخو چِت وچ چور چور، ٻوڙ ٻيائي ٻوڙ
1.      نال صفائي صدق محبت، ”الف“ اندر وچ اور اور
2.      جانب جَپ تون جيءَ ۾ جائي، ڏيهه ڏورانهان نا ڏور ڏور
3.      حرف هِڪوئي هادي والا، تسبيح تن سان تور تور
4.      عشق الله دا جنهن سِر آيا، بخت اُنهان دا زور زور
5.      ڏوه ثوابون لنگهه وڃي جي، وکر وحدت وؤڙ وؤڙ
6.      نِيهئون ٿي نروار ننگر ۾، ڇَل وَل ڇوهئون ڇوڙ ڇوڙ
7.      چــاهئون سِرتي ڦِٺ جُٺ چاوين، ”هيمن“ داس منهن ناموڙ موڙ

[171] روپ سورٺ

درس ڏي ديدار، وڃان ٻلهار مٺا

لک وار مِٺا

عين عينن سان يار اَڙائي، ويهه مَ دوست وسار
                        دليئون دلدار مٺا

سخا ظاهر باطن دائم، اهو تنهنجو واپار
                        اَرضين ٿيو نروار مٺا

پانَوَ پارس تون ئي حقيقي، مَٽ نه ڀانيان يار
                        هيرا لک هزار مٺا

والي تون ئي هر دور جهان دا، قسم رب سچار
                        صاحب ستار مٺا

موتوقبل“ مار جِواوين، وصل سندو سينگار
                        ”هيمن هڪوار مٺا

 

قربان علي

فقير قربان علي، سچل جي درگاهه جو مريد ۽ معتقد هو. سندس ڪافي هيٺ ڏجي ٿي.

[172] *

نين محبوب ا دي ڏاڍي وِرانڌي

گهتن پيچ دليان نون ڦاندي

فوجان حسن ديان ناز ڪرينديان

چڙهه چڙهه آنديان موت مرينديان

طرحون طرحون بِره بڇينديان

لُٽ نِتهونهي عاشقان نون ساڌي
2.      جهڳ مڳ نين ڏيندي جهالي

مزگان مَريندي ڪيبر ڪالهي

آندي ڪرڪي اُلٽي چالي

ڳل چ گهتيونهي لٽڪ دي ڦاندي
3.      عشق ڦٽيندا سوزون اُنهان نون

خبر بِره دي ساري تنهان نون

چِڪن چاڪ اندر جنهان نون

ڳلها لوڪ آکي هِن ڳانڌي
4.      شوق مچايا ڏونهين نَيني

سَهجين ماريونِهي آڪر مَيني

ڇُٽي بند گهتڻ لئي بَيني

چڙهيا ”قربان“ نيڻان دي کانڌي

 


 


(1) (1) تفصيل لاءِ ڏسو ”سماهي مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، 1927ع، نمبر 3، ص ص 150 - 168

(1) (1) ڊويزنل پبلڪ لئبريري خيرپور ۾ رکيل ڪافين جو قلمي بياض.

* [154] ۽ [155] پوڪرداس جي ڇيايل ”ڪافين جو ڪتاب“ تان ورتل

* [156] ڊاڪٽر بلوڇ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* [160] هريسنگ جي ڇپايل ڪافين جي ڪتابڙي تان ورتل.

* [161] کان [162] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* [168] کان [181] ڊاڪٽر تنوير عباسي (خيرپور) جي قلمي ذخيري مان ورتل.

* [172] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري مان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org