پير محمد اشرف شاهه ۽ سندس ڪي همعصر شاعر
اميد علي شاهه
پير اميد علي شاهه سنه 1285هه/1868ع ۾ وفات ڪئي.
سندس مشهور ڪافيون مختلف بياضن ۾ شامل آهن، جن مان
ڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
[965]
سمجهڻ ڳالهه دلبر ناهي سُّٿري ادا
سَڌ سڀڪا نا ڪري هلڻ جي ادا
1.
تَيُون جي پرين چاڙهيون، ڏيئي ٻارڻ منجهه ته ٻري
تَيُون تپن تئو تي، جيئن عاشق آڳ ٻري
2.
جيئن ڪمند پيڙي پرين ڳڙ ڪيو ڏيئي عاشق منجهه اري
تيئن رضامند راڻا پوءِ جيئن وڻي تيئنڪري
3.
هڪ پرديس ٻي جدائي، ٽيوناٿئي جي پنڌ پري
چوي ”اميد علي“ اجهي پرين آيا، تن سان روئي لڳ تون
ڳري.
[966] *
هر بيان بره ري باطل
دل سا بلڪل بات نه باسي
1.
محبت ٻاجهون مئن نه مَنان اي مسئلي
وچ وجود ويکو ورق وصالي
يار
رهيوسي
رمزان والي رسالي
ڪنهن رنگ ڪيتي دل راسي
2.
هر علم
اڪسير الحجاب
ڪِيريائي دا ڇوڙ ڪتاب
بسمل ساٿي پڙهه بره دا باب
وتين واصل بنان وسواسي
3.
ڪيا هي قرب قوس ڪدوري
شرفي پڙهدي صحيح سموري
پڙهه پڙهه ڪيتوني عمر پوري
رهه ڳئي پريم ڪنون
جي پاسي
4.
هر علم حرف هڪوئي هڪ
اسانون نينهن نقطا پڙهايا نچ
سڻ ”اميد علي“ سخن سوايا سچ
سِڪ سلوڪ دي ساه ساسي
[967]*
ڏاڍو برهه لڳو ٿي بانوري، بنان سڄڻ جي بنهن نه
ڀرمي
1.
بانوري ڪي بيسرباني، چور چري ڪئي دل چشمن جي چئني
نئون اڙايو نينهن نت نت نيڻن، نسنگ نهوڙيو نا وري
ناز نيڻن جي آئي نظر ۾
2.
سرمون سوائي اکڙين نه سماوي، سي پرين آيا پاٻوهي پائي
گهنڊ گهونگهٽ ئي دل کي گهائي، گهاون تي ڪيائين
گهاء
وري
ويٺي گذاريان گهورن جي گهر ۾
3.
ڀرمي بنهين نه بيقراري، آتش عشق جي ڪئي او ٻاهري
صدقي شمع تون ٿي ساري، سبب تَهين ڪئي سانوري
سڄڻن گڏجي ڇڏي سائي سر ۾
4.
گهر انهين گهٽ گهيڙ نه ڪوئي، جوئي آيو سوگهو ٿيو سوئي
عرض اُڪنڊيءَ اٿئي اهو ئي، ”اُميد علي“ چئي آءُ
وري
وِره ونڊيون ويهي هِن وَر ۾.
همت علي شاهه ۽ سندس بياض ۾ آيل شاعر
بهرام
بهرام آڳاٽو شاعر آهي. سندس فقط هڪ ڪافي اڳ (صفحي
342 تي) ڇپيل آهي. وڌيڪ دستياب ٿيل هڪ ڪافي هيٺ
شامل ڪجي ٿي.
[968] *
منهنجو جادوگر ويو لُٽي، اديون هِينئون ته نائڪ
ناز سان
1.
اچي بيٺم سامهون ميان، ٻاڻ هڻي ٻُٽي
انهي صورت واري ساز سان
2.
سڌ نه هيڙم سُّور جي ميان، جهام ڏيئي ويو دل جهٽي
انهيءَ رمز واري راز سان
3.
نفي منجهؤن اثبات جو ٿئڙو، ’لا‘ کي ويو لَٽي
انهيءَ الف سندي آواز سان
4.
دل ”بهرام“ جي وويار لُٽي ويو، محبت مُّول نه مَٽي
جيئن شاهه محمود اياز سان.
مينگهو فقير شر ۽ سندس سلسلي جا شاعر
مينگهو فقير شر
مينگهوپ فقير شر، فقير غلام حيدر شر جو پٽ هو.
تاريخ 27-رجب 1233هه/1818ع ۾ ڳوٺ پنهنجي تعلقي
ميرواهه ضلعي خيرپور ۾ ڄائو ۽ پيءُ جي وفات
(1296هه) کانپوءِ فقيري جي گادي تي ويٺو.سندس اصل
نالو حبيب الله هو، پر کيس ننڍي هوندي ئي هڪ ساڌو
فقير ”مينگهو ڏنگراج“ ڪري سڏيو، ان بعد ”مينگهو“
مشهور ٿيو. اڻ پڙهيل هو، پر عالمن سان صحبتون
ڪيائين. فقير غلام حيدر شاهه جي قبر تي قبو
اڏايائين ۽ ان تي ساليانو ميڙو هڻايائين. تاريخ 13
ربيع الاول 1313هه/1895ع تي وفات ڪيائين. فقير
غلام حيدر جي ڪلام جي ڇپيل ڪتاب ۾ سندس 30 ڪافيون
نظر مان گذريون.
*
[969]
سرتيون منهنجي ڳالهه سڻو، سا باري آهي بيپرواه
1.
لکين ڪروڙين سجدا ڪيائين
شور حجت کان سمجهه نه ڪيائين
ڪهڙو ڪيائين گناهه
2.
ڪوڙين ڪيتريون آتڻ اورن
سوز سکيو آ نئون نئون انهن
لٿڙن فرض فلاح
3.
ڪتڻ سبڻ ڪم نه ايندءِ
بديون باري پاڻ
بخشيندءِ
جو سدا حمدالله
4.
آءُ ته ناهيان ڪَتندي سِبندي
وتان سير ته سَٽون ڏيندي
مرشد منجهه نگاهه
5. ”مينگها،
مديون معافي ٿينديون
اَجهي احمد جيڪي اينديون
ثابت چئو صلي الله.
[970]
اکين اسرار جون ڳالهيون، سوين چالا لکين چاليون
1.
اَڙن چوکيون اچي چورِي
ظاهر ڪن زلف پوءِ زوري
بره بيراڳ ڪئي
ڀوري
ڪيان ڪهڙيون ڪنهن سان ڳالهيون
2.
اچي فوجان حسن پهريون
لکين لاحد چڙهن لهريون
چلائن چوٽ سي چهريون
ڪري بيدار سي ڀاليون
3.
لائن
هينئڙي اندر هوري
وجهن اهڙي کڻي
ڏوري
هميشه هُونگ هڪ هوري
نوڪان نيڻن جون نراليون
4. ”مينگها“
مرشد چيو چاري
اندر اورج نه ٿي عاري
جيئن جڳ سان
گهمين ساري
جانب سان جُوءِ ۾ جاليون.
[971]
ويکو بار بره دا باري هي
سر عاشقان دي اظهاري هي
1.
ويکو چاڪ پوشاڪ چوڌاري
اوهِي صاحب تخت هزاري هي
2.
ويکو شاهه حُسن ته شڪاري هي
ماري تير ڪمان ته ڪٽاري هي
3.
ويکو خواب زليخان زاري هي
وچ مصر بازار واپاري هي
4.
ويکو مالڪ مُلڪ مختياري هي
جيوين ڪربل قتل تياري هي
5.
ويکو ”مينگها“ منصب داري هي
سارا نور جمال جباري هي.
[972]
جڏان تير ڪمانان ڇٽيان، سانون ڪون ڏيوي هُڻ متيان
1.
مئن ماهي دي مِهر سڃاتي، خيال کيڙيان دا ڳيا صفاتي
گهور نيڻان دي گهتيان
2.
مئن ماهي دي ماهي ميڏا، اصلئون آهان روز ازل دا
طعني ڪيون ڏيوو تتيان
3.
قاضي ڪتابان کول مسئلي، شرع شريعت نهين نرالي
عشق آيا گِهن گهٽيان
4. ”مينگها“ منجهيان چاڪ چريندا، ويڙهي اساڏي ونجهلي وڄيندا
ڀرڀر ڏيندا وٽيان.
[973]
لايون نينهن ننڊون ڪرين، ڇو سمهين ساري رات
1.
اٿي اسر ويل جو، هيءَ بابو ٻولن بات
2.
ڪَهندا وڃن ڪيچ ڏي، اهي مُنڌ ڇڏيو مصلات
3.
غازي گور کناٿ کي مليا منجهيئي محلات
4.
ترڪي تيرٿ تي هليا ڪهندا وڃن قلات
5.
ڪَنين ڪُنڍل ڪيوٽيون، اٿن پورڀ وائي وات
6.
سامين ڪئي آهي سرير ۾ ”مينگها“ ملاقات.
ميان قائمالدين فقير شر
*
ميان قائم الدين فقيرشر، مينگهي فقير شر جو پٽ ۽
فقير غلام حيدر شر جو پوٽو هو. سنه 1335هه
کان اڳ گذاريائين. ميان قائم الدين دستار بند
عالم، سٺو طبيب، ۽ درويش فقير هو. فقير غلام حيدر
شر جي رساله ۾ سندس 10 ڪافيون ڇپيل آهن، جن مان ڪي
هيٺ ڏجن ٿيون.
[974]
روپ بروه
واه واه نينگر تيڏي ياري، تيڏي ياري آه بره بهاري
ملي يار ٿيوي بهاري،
مئن صدق صديق ٻلهاري
1.
ماءُ داڻي جو عذر ڏتوئي، وچون بهشتان دي آپ تڙايوئي
پُّر جام جلال پيتوئي، هستي بات بره دي باري
2.
جيوين نال حلاج هلايئي، شاهه شمس دي کلڙي کلايئي
سر صوفي دا نيزي چڙهايئي، ڪيتي شاهه حسين سواري
3.
وليا ٽُرسي مئن ٽُرڻ نه ڏيسان، گهن گهوڙي دي واڳ وليسان
ٻانهان ٻڌي مئن عرض ڪريسان، تيڏا نيڻان دي رمز
نرالي
4.
سُرخي سِينڌ لبان سِر لالي، تيڏي نيڻان دي رمز نرالي
ڪڍي آون خنجر خالي، ڏيندي ابرو سيف اُلاري
5.
مٺي ٻهڳڻ تيڏي آ ٻولي، جند جان ڪران مئن گهولي
تيڏي گوليان دي مئنگولي، پاوان پاند ڳچيءَ ڳل ڳاري
6.
ڪر ”قائم“ سر قرباني، جند جان صدق مهماني
مليا شاهه درازي جاني، آوين دوست ڏيوين دلداري.
[975]
ڪري حملو حسن
آيو، نسنگ نروار وه وه وه
خنجر پيڪان جئنپنبڻيون، چشم چڀڪار چہ چہ چہ
1.
ڪمان قوس قزح ابرو يا شمشير ايراني
چڙهي آ فوج دوراني، دلي دهڪار ده ده ده
2.
لکين لقمان افلاطون حيرت ۾ ثيا حيران
ڪيئي داناء ٿيا ديوانا، حسن بازار قہ قہ قہ
3.
ڪاڪل ڪلنگي زلف زنگي، هڻي جن ٻاڻ دل ٻنگي
پهري جنسار سڀ جنگي، تفنگ تلوار ٺهه ٺهه ٺهه
4.
ڪري جلوو آيو جاني، ڪر مشتاق قرباني
عجب لب لعل مرجاني، شڪر گفتار ٽهه ٽهه ٽهه
5.
ڪروڙين سر هجن ”قائم“، ڪيان سڀ يار تان صدقي
ڪوڙين قدمن تان قرباني، ڏيان ڏهه وار ڏهه ڏهه ڏهه.
[976]
جوڳ*
سوين ته سلام ڏجون ڙي ميان، لکين ته سلام ڏجون ڙِ
ميان
ادا پانڌي ساٿي، ادا ميان منهنجي پارؤن
1.
بعد سلامن چئج نيازن، حال احوال ڪجان ڙي ميان
مانَ لهن وِئڙي سڄڻ سنڀارون
2.
ويڌن منهنجي جي سانگي پڇن، پوءِ
ڏس اهو ڏَسجان ڙي ميان
دردوندي ٿي توکئون منگي دارون
3.
دوست علي شاهه سّيد صاحب، پار وڃي پڇجانءِ ڙي ميان
پيرين جناب کي پئج منهنجي پارون
4.
پاڻ ”قائم دين“ چوي ٿو، ڍڪڻ دوست ٿجانءِ ڙي ميان
توڙي هجن مون ۾ لکين ته ميارون.
[977] *
تنهنجي حسن ڪيان حيران، سوين سلطان چوان
1.
غبغب ۾ جيئنغرق سڪندر، يوسف منجهه ڪنعان
مِصر زندان چوان
2.
هُد هُد حيرت ۾ ڏسي آندو مهتر سليمان چوان
صبا ايران چوان
3.
مَلڪ فَلڪ جا ٿيا سلامي، باري بره بيان
زمين آسمان چوان
4.
ادهم ابراهيم ڇڏيو سارو سڀ سامان
تنبو طولان چوان
5.
دم دم دلبر جي ٿِي در تي، مَلڪ جنّ اِنسان
”قائم“
قربان چوان.
[978]
روپ ڪلياڻ
پنهل آيو اڱڻ جيڏيون، ڪَتڻ کي ڪوه ڪارينديس
1.
ڪري چرخي کي چيهاڙيون، ڀڃي ڀينر تڪا تاڙيون
ڏسان دلبر کي ڏيهاڙيون، پلنگهه طولون پٿارينديس
2.
ازل کان ئي اڳي منهنجو، سڻائو ڀاڳ ڀينر هو
پنهل آيو پکي پيهي، اڱڻ سرتيون سينگارينديس
3.
نحن اقرب سڄڻ نيڙي، اچي وسيم وري ويڙهي
آيو دلبر منهنجي ديري، سوين ٿورا سنڀارينديس
4. ”قائم“ دلبر لايو ديرو،وسايو يار ڏس ويڙهو
منهنجو ٿيو يار سان ميڙو، ڪري سِرُ گهورَ
گهارينديس.
[979]
حسن لعلي لبن دلبر ڏسي مرجان ٿيو حيران
اکين نرگس ڪيو ماندو، مِرنگهه مستان ٿيو حيران
1.
زلف زنگي جوان جنگي، چڙهن فوجان حبش هندي
سڪندر هي ڏسي ظلمات، سرگردان ٿيو حيران
2.
ڪماني قوس قزح ابرو يا شمشير ايراني
نَريمان نرم ڪيو پنبڻن، پسي پيڪان ٿيو حيران
3.
هلڻ قامت سرو سهڻو، شڪر گفتار من مهڻو
سڄڻ ٻولي ٻڌي دائود خوش الحان ٿيو حيران
4.
حُسن حشمت اسم ”قائم ڪُلہ ڪج تاج شاهي کي
ڏسي جمشيد ڪيخسرو، خجل خاقان ٿيو حيران.
[980]
ويکو هرجا دلبر يار آيا، ڪر صورت دا سينگار آيا
1.
ڪٿان هندو تي ڪٿان مومن هي، ڪٿان ڪافر پا زُنّار آيا
ڪٿان ٻانڀڻ مُلان قاضي هي، ڪٿان سوري سِر سردار
آيا
2.
ڪٿان شيعا تي ڪٿان سني هي، ڪر مذهب دا تڪرار آيا
ڪٿان شافعي مالڪ حنبل هي، ڪٿان رند الست اِسرار
آيا
3.
ڪٿان عيسيٰ موسيٰ يحيٰ هي،ڪٿان يوسف وچ بازار آيا
ڪٿان مرسل ٿي معراج ڪري، ڪٿان دلدل شاه سوار آيا
4.
ڪٿان گور کناٿ مڇندر هي، ڪٿان مست قلندر وار آيا
ڪٿان آبي خاڪي بادي هي، ڪٿان ناري نوري نار آيا
5.
ڪٿان نرمل نانڪ شاه آيا، ڪٿان سچل يار سچار آيا
ڪٿان بُلا شاهه عنايت هي، ڪٿان شرف وچون تاتار آيا
6.
ڪرين ”قائم“ سِر قربان فدا، رک رمز عجب رفتار آيا
سبحاني ما اعظم شاني، ايها گويا ڪر گفتار آيا.
[981]
وهوا نينگر تيڏي ياري، تيڏي ياري بِره بَهاري
تيڏي ماري حُسن
هزاري، ملي يار ٿئي غمخواري
مئن صدق صدق سؤ واري
1.
ڍوليا ٽردا مئن ٽُرڻ نه ڏيسان، گهن واڳ گهوڙي دي
وَلَيسان
ٻانهان ٻڌ ڪي عرض ڪريسان، تيڏا زور غريبان دي زاري
2.
تيڏي لال لبان سِر لالي، تيڏي نينان دي رمز نرالي
ڪڍ مارن خنجر خالي، آؤندي اَبرو سيف اُلاري
3.
تيڏي ٻهڳڻ مٺڙي ٻولي، جند جان ڪَران مئن گهولي
تيڏي گوليان دي مئنگولي، پائي پاند ڳچي ڳل ڳاري
4.
ڪيا نال حلاج هَلايُئي، شاهه شمس دي کلڙي کَلايئي
سِر صوفي دا نيزي چڙهايئي، ڪيتي شاهه حسين سواري
5.
ڪر ”قائم“ سر قرباني، جند جان صدق مِهماني
مليا شاهه درازي جاني، آڻ دوست ڏتي دلداري.
مراد علي شر
فقير مراد علي ولد مينگهو فقير ولد فقير غلام حيدر
شر ڳوٺ مينگهي شر ضلعي خيرپور ۾ 26-شعبان 1303هه
تي ڄائو ۽ 1361هه/1942ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ٻه
ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون
*
[982]
جڏهن عشق ڪيو ارشاد، سڄڻ مون آهي صحيح سڃاتو
1.
سميع بصير ٻڌو هي ٻولي، نينهن وڄايو ناد
2.
عليم ڪليم به آهه اهو ئي، سمجهي ٿي تون شاد
3.
پاڻ وڃائي ٿي تون پڌرو، اندر ڪري آباد
4.
خوديءَ جا خيال وڃائي ڇڏتون، وٺ عشق سندو
امداد
5. ”مراد
علي“ نينهن نوازيئي، ڇڏ خوشيون ۽
خواب.
[983]
نئون نينهن لڳو دل جائي
آهي وات پنهل جي وائي
1.
برهه بيرنگ رنگ ۾ آيو، سمجهه ٿي سُڌ سائِي
2.
جوش اندر جولان مچايا، برهه اچي ٿيو ڀائي
3.
سڀيئي سور سيني ۾ آيا، سڄڻن سِڪ سمائي
4. ”مراد
علي“ محب ملڻ جي ڪر وحدت واري وائي.
جامين فقير
جامين فقير، ڳوٺ رسولپور تعلقي مير واهه جو ويٺل
هو ۽ فقير غلام حيدر شر جو مريد هو. تيرهين صدي
هجري (19-صدي عيسوي) جي آخر ۾ ٿي گذريو. سندس هڪ
ڪافي هيٺ هيٺ سامل ڪجي ٿي.
[984] *
عمَر اڄوڪِي هِي ويلَ، مئي کي ٿي ماري
سِڪ ته سانگين جي ڪيا سنڌ ساڻا
1.
عمر! مارن تي وڄن جا وارا
کنوڻين لايا کيل، ٿو تاڙو تنواري
منهنجي مارن تي ڪيا مينهن مانڊاڻا
2.
هنڌ پٿراڻيون طول وهاڻا
سوَڙيون ڀانيان سيل،
گهنگهر ٿي گهاري
مون نه وڻن ٿا تنهنجا وڇاڻا
3.
کائڙ پاسي خوش ٿي
گذاريان
ٻانهوريَنّ سان ٻيل،
ڪنڌيءَ ڪناري
اُتي ته چاريان وڃي اَجڙ اَباڻا
4.
جيئري ”جامين“ چئي ڏسنديس ڏوري
مَرڪي ڪنديس ميل،
واڳڙي واري
سانگي سڀيئي منهنجي ساه کي سيباڻا
مبين فقير
مبين فقير پٽ جامين فقير، فقير غلام حيدر شر جي
درگاهه جو مريد ۽ مينگهي فقير شر جو همعصر هو.
[985]*
آديسين جون اوطاقون، جايون ڏسيو منهنجو جيءُ جلي
ٿو
1.
ساٿي سڱيڻا ساڻ سناسي، ڪالهه ڪُهي ويم ڪاتيئون
وڍي ويراڳي مون جي ويڙا، پاڻ لڪائي لاڪون
2.
سامين سندي سُور جي، ون کي ڪل نه پئي ڪائي
ساري سلام سنياسين ڏيج، دل ڦاٽي ٿيم ڦاڪون
3.
سڪ مان سرتيونس ور پرايا، جيرا جڙي ويم جاڪُون
ڏئي ويا ڏاج ڏکيءَ کي، سورن ڍڪي ڍاڪون
4.
ويا ويراڳي وري نه آيا، مون من موهي ماڳئون
مڙهيون پوري ”مبين“ چئي، تاڙا ڏيئي ويا طاقون.
خواجه عبدالحي نقشبندي جي معتقدن جو سلسلو
رستم لغاري
رستم لغاري، شاهه نصيرالدين جو مريد ۽ عثمان فقير
سانگي جو صحبتي هو. سندس هيٺيون ڪافيون 1880ع
۾ لکيل هڪ قلمي بياض ۾ شامل آهن.
[986] *
عشق ڏاڍي آفات ڏٺوسي، مچ مُدامِي ٻَلدا هي
اکيان شوق شهادت والي، اصل خيال خلل دا هي
جو حُسن دي حالات ڏٺوسي
2.
ڪَپ ڪباب ڪريندا قطري، تيل اکين بن ٻلدا هي
جو نا پڄڻ دي بات ڏٺوسي
3. ’لا‘ جي تيغ تڪبير وهائي، جسم سارا جلدا هي
جو ڪُوپ جلالي ڪات ڏٺوسي
4. ”رستم“ رمزان دي رسم اهائي، ظهار ذوق
دلين دا هي
جو نيڻان نامر جات ڏٺوسي.
[987]
رهن خوش خيال سان کيئا، بره وارا سي بي غرضي
1.
پيون نت جام جلالي، نيڻين لايُون وتن لالي
هميشه خودي
کئون خالي، لاٿائون لوڪ جا ليئا
ڪيا ڀيرا ڪينهن قرضي
2.
لڳي جن پرت هي پياري، اڙن ٿا اُهي اعتباري
کڻن پوءِ سُنگ سرداري، عشق اول ۾ پيا
لاهوتين جي نه دل لرزي
فڪر في الحال ڪيا فاني، گهورن جند جان جسماني
ڪُسن ڪُرڪن قرباني، ’موتوا‘ قبلل‘ مري جيئا
فنا ٿيڻ تنين فرضي
رندي آهي رسم ”رستم“، هڻن گوتو ٿين ٿا، گم
لِڪڻ ناهي تنين لازم، حاضر هر حال ۾ ٿيئا
لِڪڻ ناهي تنين لازم، حاضر هر حال ۾ ٿيئا
منن محبوب جي مرضي.
[988]
مست اکيون مخمور، ڌاريوَ ڪاڻ ڌاڙي
ڪرن ڪِيس ڪلور، عشاق اجاڙي
1.
لام جنگيون
ٿيون جوڙن
ڪجليون، تاب حسن جون تکيون تجليون
تالان ڪيائون ڪوه طور، سڄوئي ساڙي
2.
عين عجائب ابر الاهي، سرڙيون صاف اچن سرواهي
چشمان ڪن چٽ چور، قتل ڪن ڪاڙهي
3.
مزگان مام هِڪي سان مارن، ناز ڀريونٿيون جاڏي نهارن
ڏنگن ڏورئون ڏور، کائين ٿيون ساڙي
4.
رخ ”رستم“ ڪن جاڏڙي ديدان، رنگ پرين جو آهي ترسيدان
سوريءَ تي منصور، چِتايائون چاڙهي.
[989]
ايهو آهي ڪير، ٻوليون ٿو ٻولي
سالڪ سمجهي سير، لهن ڳلي منجهه ڳولي
1.
ونحن اقرب ويجهو وسي ٿو، پنهنجو نظارو پاڻ پسي ٿو
ذات مَٽايُون ڀير، آيو ٿي اولي
اندر ٻاهر ظاهر ذاتي، ڪري ڇَل ڇپيو منجهه ڇاتي
فرق ناهي ڦير، ’هئڻ‘ ٿو رولي
وفي انفسڪم ڳجهيون ڳالهيون، ڪپ دوئي جون دام
دواليون
وچؤن ناهي وير، ڀُلائي ڀولي
سِرُ سڃاڻن ”رستم“ جيئي، نيہ نشانا کوڙن سيئي
شوق جني جو شير، ديکن در کولي.
[990]
طالب موليٰ جا آهيون، جنگ جسم سان نه لاهيون
1.
هردم رهون هن حال ۾، الستي احوال ۾
گم هميشه خيال ۾، راتو ڏينهان ٿا ڪاهيون
2.
سُّرڪ ساقي تو پياري، ڪس لٿي هن ڪيف سان
‘لا‘
واري سيف سان، هستي هوئڻ کي واهيون
3.
پُرجهي بره جي بات کي، هٿ ڪيائون حقي
حرفات کي
ڇڏي تقويٰ جي تات کي، ٿا سڀ لاڳاپا لاهيون
4.
جڏهن رمز ”رستم“ هي ڏٺي، محبت لڳي منم
کي مٺي
سانگا ڪياسي سڀ ڦِٽي، هن نفس اوڏا ناهيون.
خوشيرام فقير سودائي
خوشيرام فقير ”سودائي“ نوشهري جي درگاهه جو طالب ۽
شاهه نصير جو مريد ۽ معتقد هو. سنه 1880ع ۾ ڪافين
ڪلامن جو بياض گڏ ڪيائين، جنهن ۾ خصوصاً شاهه نصير
۽ انهي درگاهه جي ٻين طالبن جو ڪلام قلمبند
ڪيائين. هن بياض ۾ سندس 25 کن ڪلام شامل آهن، جن
مان 4 هيٺ ڏجن ٿا.
[991]
آيم صاف سنيهو آءُ سُهڻي ڏهون هلي
پيرين پنڌ نه پڄان ڀلو ڪندو مون ڀلي
1.
اَنا احمد واري عام ميان، بلاميمي واري مام ميان
اها لاحد واري لامميان، آهي الم احد بيشڪ عين علي
2.
ڇڏ رعنائي رنگ راز اهو، ڪاف قائم شير شهباز اهو
ڪري ٿو عرش ڪرش پرواز اهو، وه وه عجائب آهي وصلي
3.
وٺ نوڙت وارو نياز ميان، ڀڃ دوئي وارو درواز
ميان
ٿيندو رهبر راحم راز ميان، ’موتواقبل‘ ڏس جيئري
تان جلي
4.
اها خاص خبر ”خوشيرام“ سڻي، هل تون هُون جي حسن جي هام
هڻي
پوءِ ٿو ’قم باذني‘ جان قول ڪرين، ٻي پنج تن پاڪ
بن ناهي ڳلي.
[992]
ڌناسري
ائين نه گهرجي يار، منهنجا جاني وساري ويهي رهيين
1.
اصل اوهان جو ائين هيو رايو، پوءِ انگ لکيو هو ڪلتار
2.
ٻنڌڻن لاڪُون ڪِيَڙوَ سايو، تن ۾ تنهنجي تنوار
3.
روز ڏسان ٿي اجهو پرين آيو، سگهو لهه تون سنڀار
4. ”خوشيرام“ تنهنجي سِڪ سڪايو،سوڀ ڏيندين تون سردار.
[993]
ڌناسري
آڻيندو ته الله، منهنجا جاني موٽائي ماڳ تي
1.
دلڙي اسان جي ڪئي ديواني، ڄاڻي شاهنشاهه
2.
ڳالهيون تنهنجون ڪهڙيون مان ڳايان، توکي ساري منهنجو
ساهه
3.
ڏينهن سارو مون کي ڏک ۾ گذري، راتيون نهاريان ٿي راهه
4. ”خوسي رام“ کي دلبر دل کان نه لاهج، جيڪا وڻي سا واهه.
[994]
ٻاروچي ٻولي، يار واهه وڻي منهنجي من کي
1.
سُرڪي جا سورن جي، جهليم سا جهولي
2.
الفي پائي عشق جي، گهوٽ ٿينديس گهولي
3.
لوڙهي لهرن وچ ۾، رڻ چاڙهي رولي
4. ”خوشي رام“ اوهان جي گولن جي گولي.
قاضي غلام علي
قاضي غلام علي، فقير خيرمحمد هيسباڻي جي درگاهه جو
طالب هو. سندس 20/25 ڪافيون نظر مان گذريون، جن
مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون. هن کان اڳ سندس ڪافين لاءِ
ڏسو 453-454 صفحا.
[995]
دردن دمدم لائي ڌنڌڪار، محرم يار
اکڙيون رُونِ، رَتُ رات ڏينهان
1.
پريت جو پيالو يار پياري، مچ محبت جا ويڙين ٻاري
خوب ٿيا خمار، محرم يار، سبق سورن جا ڪنهن کي
سڻايان
2.
دلبر ديدان جڏهن تولايان، دام زلف جا وجهي وئين ڦاهيان
نينهن اوهان جي ڪيونروار، محرم يار، سڀئي ڀلايان
تنهنجون ڀانيان
3.
ساه سڄڻ تولاءِ اُداسي، پرين ڏسڻ تنهنجي جو پياسي
ڪر نه جدائي دلبر يار، محرم يار، تو لئي گوندر
ڏينهن گذاريان
4.
اڱڻ ”غلام علي“ جي محب تون ايندين، دوست دلاسو درمانديءَ
ڏيندين
صدقي سِرُّ ساه يار، محرم يار، پِنڊ ۾ تنهنجي پرت
پچايان.
[996]
دل درد مؤن ڪري دانهون، سانگ ڇڏي ويا پرانهون
1.
ساڻ سانگ جي نوي ميان ڏينهڙا گڏ ٿي گذاريم
محبت تن جي الوميان مچ اندر ۾ مچايو
ڇپر ڇڏي ويا ڇاهؤن
2.
جوش پون ٿا نوي ميان جِيڙَ جُکي ۽ جلي ٿو
سوز فراق تنهين جو ميان سور ڪنہ نه سَلي ٿو
ڏور ڏکن جي ڏائي وڌايؤن
3.
نير وهائن ٿا نوي ووميان نيڻ نماڻا
ٺاهن تن جا ميان اندر ۾ اوراڻا جهوراڻا
جيڻ جڏو ڀانيان ٿي تڏاهون
4.
غلام علي چئي نوي ميان دُکڙي تَن جي تَن ۾
ناوڪ نينهن سندي ميان لنگهه ڌُوپار اندر ۾
پيچ پِرت جو ويم پايون.
شاهه نصير جي درگاهه جو طالب سلطان شاهه ۽ انهي
سلسلي جا ٻيا شاعر
سلطان شاهه*
سلطان شاهه ولد نورالله شاهه لاڙڪاڻي تعلقي جو
ويٺل هو، ۽ شاهه نصير جي درگاهه جو طالب هو. شاهه
نصير جو سجاده نشين فرزند شاهه صفي الله سندس مرشد
هو. سلطان شاهه پنهنجي ڪلام ۾ هن درگاهه جي ٻين
سجاده نشينن نول گهوٽ، شاهه ڪريم ۽ عبدالعلي شاهه،
توڙي درگاهه جي طالبن فقير خيرمحمد هيسباڻي، عثمان
سانگي، عين علي ۽ نورالله سان به پنهنجي عقيدت جو
اظهار ڪيو آهي.
[997]
ايڏي نه ڪر بيپرواهي، اي سڄڻ! سور وارن سان
1.
هجر فراق هيڻو ڪيڙو، سور نٿا ڏين ساهي
2.
آءُ ٻانهي تون منهنجو سائين، مل اچي تون ماهي
3.
ڪڏهن ايندين ڪنيزڪ ڏي، ايڏي تو ڇو اُچائي
4.
سِڪي تو لاءِ ”سلطان“ ويچارو، اِها ٺُڪ ڪهڙي تو ٺاهي.
[998]
آهي حيرت ۾ حيران، لڪ انهي لڪائڻ تون
1. ’الانسان سر‘ تون سارو، ’فگاذ ڪروني‘ ڪر نه وسارو
’ونحن
اقرب‘ هت وٿاڻ، ڇا ۾ پاڻ ڇپائڻ تون
2. ’انااحمد‘ موج منصوري، ’مَن راني‘ تون هوت حضوري
موج ڏاڍي مهران، پاڻ ۾ جهاتي پائڻ تون
3. ’وفي انفسڪم“ تو پاڻ لڪايو، ’اينما ڪنتم‘ تو ٻيهر ٻڌايو
بره سندو باران، وحدت جي وسائڻ تون
4.
پهري آئين تون لک پوشاڪن، ماري وئين تون لک عشاقن
ڪاٿي هندو ڪٿ مسلمان، ٺاهه تنهنجي انهيءَ ٺاهڻ تون
5.
نور الله هادي اچي مَئي پياري، ”سلطان“ جي تو دل جياري
سورن جو سامان، جان جسم جي جلائڻ تون.
[999]
ڪاڏي ويا سي ڪتاب، عشق ’الف‘ جي آتش ٻاري
1.
جزمان نقطا باب ڀڄي ويا، لٿا حرف حساب
2.
ويجهي کان ويجهي سڀ وساريا، ’بي تي ثي‘ جا باب
3.
مڪتب درس جا سبق وساريا، طبل حسن جي تاب
4.
اچي آڏو ڪيا اسان سان، سورن سوال جواب
5.
کائي حرام ٿياسي حلالي، شغل منجهه شراب
6.
سوز درد ”سلطان“ وڌايا، رُوحي رنگ رباب.
[1000]
غير خيال کان هادي بچائج، حال سڀ کان وڃان ٿو
1.
راز اوهان جو ٿئي ٿو ظاهر، مون بند اهو ئي ڀڃان ٿو
2.
تو چيو ’تون ٻانهون ناهين‘، مون اتي رهان اڃان ٿو
3.
جھڄ حلاجي ڄاڃي آهيون، مون سنڀري ڏيان سڇان
ٿو
4.
ڪار ڪتڻ جي ڪري اهو ئي، پاڻ نه اصلي پِڃان ٿو
5.
خيال ”سلطان“ گهمي اڪيلو، مور نه ٻئي کي مڃان ٿو.
[1001]
رک ڍولڻ تون ڪو ٻرڪو، تنهنجي عشق لاتو آهي چرڪو
1.
هجر اوهان جي هت ساهه سڪايو، پرين پيارا ٿا پاڻ لڪايو
مون ڏي ڏسي پيا مُرڪون
2.
سڄڻ لڳيون تنهنجي نينهن جون نوڪان، وري ڏيو ٿا چُواتيون
چوڪان
ڪيڏو ڊول ڪَيُون ٿا ڍرڪو
3.
نورالله هادي نگہ نوري، ”سلطان“ سمجهي ڳالهه سموري
تو جانب لاتو جهرڪو.
[1002]
ڏاڍو بره مون کي آ بچايو تو، بڇايو تو، آ رنجايو
تو
1.
باه بره جي سر منهنجي تي، آهي وره ڍولڻ وسايو تو
2.
ڪنهن کي ٻڌايان ڳالهيون ڳجهه جون،جڏهن پاڻ سڄڻ آ تپايو
تو
3.
تکو وهي ٿو تير نظر جو، ڪڏهن ڪونه گسايو تو
4.
سوال ڍولڻ تون مڃ ”سلطان“ جو، رنگ هادي آ رسايو تو.
[1003]
اهي اکيون ٿين انڌيون، جي هت نه پسن هوت کي
1.
سمهڻ منجهؤن سسئي جو، ويا ٻاروچل بَڌيُون
2.
انهيءَ بحر عميق کي، آهن ڪي ڪنڌيون
3.
ٿا هڻن صاحب حال جا، سيني منجهه سنڌيون
4.
سڻ اچي ”سلطان“ جون، خيال واريون کنڌيون.
[1004]
سمجهين مام تون ’من عرف‘، توحيد ۾ گم ٿي نَحو صَرف
1.
گرم بازار هت پوءِ عشق بنائي، اول هيو سو بره برف
2. ’ابيچند‘ جو ڪري بهانو، شوقئون آيو شاهه شرف
3. ’الف‘ عشق جي ڪيئن وساريان، ’بي تي ثي‘ جا سڀ حرف
4.
هڪڙو حق ”سلطان“ تون ڄاڻين، سوز وڃايا سڀ طرف.
[1005]
آهيان مان ته اُصول، اناالحق آ اسرار منهنجو
1.
عشق اسان جو قائم قديمي، انا احمد بلا ميمي
ناهيان مان ته رسول، جائِي نام آ جبار منهنجو
2.
عرش معليٰ بخت اسان جو، تحت ثريٰ کان تخت اسان جو
وحدت ٿيو ته وصول، بيخود بالا خمار منهنجو
3.
اچي زمين تي حڪم هلايو، ’اعظم شاني‘ بات بتايم
رندان والا رُول، بسطامي آ بوهيار منهنجو
4.
ظاهر باطن منهنجو ظهورو، رمزي رندي راز سمورو
فڪر فنا جو ڦول، گم شده آ گلزار منهنجو.
نورالله
نورالله بن عين علي، شاهه نصير جي درگاهه جي سجاده
نشينن مان يا انهن جي طالبن مان هو. سلطان شاهه
سندس ڀائيٽيو هو، ۽ سندس معتقد هو، جو پنهنجي
ڪلامن ۾ سندس
عقيدت جو اظهار ڪيائين. سندس هيٺين ڪافي سلطان
شاهه جي پوين وٽ محفوظ قلمي بياض تان ورتل آهي.*.
[1006]
مون کي پرين تنهنجي تات، آهي مون کي سڄڻ تنهنجي
تات
1.
ڪان ڪان ٿو ڪانگو ڪري، مون کي وڻي تنهنجي لات
2.
ڳالهيون ڳايون يار هميشه، تنهنجي وائي وات
3.
يار دلاسو دلبر سائين، مون کي ڏيو پرڀات
4. ”نورالله“ جو ننگ سڃاڻپ، ڏاتر بخش تون ڏات.
بيوس رضوي سيد
*
بيوس رضوي سيد هو، شايد نصرپور جي رضوي ساداتن يا
روهڙي جي رضوي ساداتن مان هو. سندس ويهه پنجويهه
ڪلام نظر مان گذريا جن جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو
ته ’بيوس‘ سٺو شاعر هو. ڪن ڪافين ۾ ’نورالله‘ ۽
’نصير‘ جو نالو آندو اٿس، جنهن مان اهڙو گمان به
نڪري ٿو ته شايد هو شاهه نصير (نوشهروفيروز) جو
معتقد هو. 1920-1922ع ڌاري يا ان کان اڳ گذري ويو.
[1007]
تو ڍولڻ جو ديدار، جيسين پسان شل موت نه ماري
1.
درد
وڇوڙي ڪئي دل ماندي، هيڙس نه ٿيڙس هوت هيڪاندي
عشق جو لڳو آزار، ڳڻتي اندر کي اُها نِت ڳاري
2.
آءُ اياڻي نينہ نه ڄاڻان، محب نه ڪر تونمُئي سان ماڻان
تو ٻاجهئون تڪرار، روز هنجهون نت حب ۾ هاري
3.
آءُ الله لڳ يار پيارا، تو بن گهاريان ڏکيا ڏيهاڙا
برهه ڪيس بيمار، ساهه سيد منهنجو سدا توکي ساري
4. ”بيوس“ بلڪل بيدل بيڪس، ڇِنُ ڇپر ۾ ڇڏج نه بيوس
آءُ ٻانهين تون سردار، تن تڳا نِت تنهنجي تاري.
[1008]
مک نه ڇُپايا ڪر وي، يار صبح شام
1.
سگهڙا آوين ڦُيرا پاوين، تيڏڙي تانگهه تمام
ايوين نه ايذايا ڪر وي
2.
نال عشا قاندي ڪريندائين ماڻي، مشڪل تيڏڙي مام
سانون سمجهايا ڪر وي
3.
فوج حُسن دي بلڪل باري، تيڏا سخت حڪام
ايوين نه الايا ڪر وي
4.
دام زلف دي گهتيئي ڏاڍي، کَس ڳڌئي آرام
مينون نه منجهايا ڪر وي
5.
دام زلف دي گهتيئي ڏاڍي، کَس ڳڌئي آرام
”بيوس“
نون بلايا ڪر وي
[1009]
مرڪ اسان جو مِيڻون موٺ، جهر جهنگ جهانگي ٻڌن نه
ڳوٺ
1.
قوت اسان جو ڪرنگهه ڪَلوڙيون، سايون سبز ٽوهن ولڙيون
پٽ جا ميها متيرا سوٽ
2.
ڏُٿ جا شائق ڏوٿي اباڻا، کائڻ لّس لُلر سي راڻا
ويهن واري تي الله جي اوٽ
3.
آڌي اُٺائن اُٺن ڳنواريون، پوئين رات پٽ پهنواريون
حق هوجي هونگر چڙهن چوٽ
4.
عمر انهن سان روز ۽ راتيون، ويڙهي تن وسان پايون جهاتيون
قرب تني جا ڪوڙين ڪوٽ
5. ”بيوس“ بيشڪ ڄاڻي نصير، نيڻين وهايان تن لئي نير
کيت بنان نهن منهنجو گهوٽ.
[1010]
ڏيانءِ اکين ۾ توکي جاءِ، پير پرين پاءِ
آءُ مٺا عينن جي اوتاري
1.
اکين سان اکيون وتن رمزان رکيون، سُهمن ساڻ
نه سهاء
گهايل نه گهاء،ڏيان توکي پنبڻن پلنگ پٿاري
2.
رمزان رلايون روز ازل کؤن، سڪان سڄڻ تنهنجي
ساء
وري واجهاء، هِجر هنجهؤن آب ويٺي هي هاري
3. ”فاذ ڪروني اذڪر ڪُم“ ته اتوء، صحيح تان سخن سنداء
دليون دل لا3، لڙهه ته لڳس آءُ تنهنجي لاري
4. ”بيوس“ جو وس ڇاهي اڳيون تنهنجي، ڳُڻن ڀريا تون ڳل
لاءِ
پيچ پرت پاء، ويهه نه ولهي کي يار وساري.
[1011
دلدار جي ديدار تئون صدقي وڃان سئو وار
ڏٺائين ناز مئون نروار، کُليو گلشن گلزار
1.
ڪيائين هار ۽ سينگار، واسينگ سندس وار
جنسار جلويدار جا بي انت خريدار
2.
تکي ناز جي تلوار، ڌري دست ٿيونخنخوار
عشاق بيقرار، گهايائين گهوٽ ڪي هزار
3. ’آرنِي‘ جي پُڪار، موسيٰ ڪئي هر بار
سندس نور جي جهلڪار سان ٿيو طور انڌوڪار
4. ”بيوس“ کي آڌار منجهه دلدل هسوار
عطا عشق جو آزار، ڪريو سيّد الابرار.
علي ڏنو
*
علي ڏنو (ولد عين علي؟) شاهه نصير جي درگاهه جو
طالب هو. ساڳئي وقت سلطان شاهه سان به پنهنجي
ڪلامن ۾ عقيدت جو اظهار ڪيو اٿس. قلمي بياض ۾ سندس
30 ڪافيون شامل آهن (جن ۾ ٻه ڪافين کان وڏا نظم
آهن).
[1012]
ڄام پنهون هي پاڻ، سمجهڻ پرجهڻ سان ساڳيو آهي
1.
پنهون پاڻ وو اهو ئي آهي ميان، ٻوليندڙ سان پاڻ
2.
پنهون آري وو ٻيو ڪوئي ناهي ميان، رمز سندس ريهاڻ
3.
سسئي سڀڪو وو هڪڙو پنهون ميان، عشق وارن جو ڄاڻ
4.
ايندڙ ويندڙ وو پاڻ پانڌوڙي ميان، ”علي ڏني“ جي ايڏهن
آڻ.
[1013]
آهي همت عشاقن هر دم، عشق عذر ڇا لڳي لڳي وو
شؤق شرم ڇا لڳي لڳي، مَن مڻئي سُڪ سڳي سڳي وو
1.
پل پل پهر سان ڪم نه آهي، عشق عشاقن اڳي اڳي وو
2.
آهي پاڻ ٻيو ڪو ناهي، عسق عشاقن اڳي اڳي وو
3.
صوفي ساڻ صحبت جي، طالب بيشڪ تڳي تڳي وو
4. ”علي ڏنا“ عاشق اُڃائيو، ڀلي وحدت ۾ وڳي وڳي وو.
[1014]
پاڻ بازيگر ڀوڳ، ڀلي ڪري ايهو ڀوڳ ڀوڳائي
1.
پڙهي منتر من خدايم، جذب وجد جوڳي جوڳ
2.
اهو مسافر ويراڳي پکيئڙو، پاڻ چڳيندڙ جوڳ
3.
دانا بينا اهو ئي ساڳيو، بعضي موڳن موڳ
4. ”علي ڏنا“ سلطان صفائي، الله وارن اوڳ.
[1015]
قيدن مٿي قيد، آهي آهي اوٽ عبديءَ جي
1.
هر جا شعاع شمس جو، خوش سدا خورشيد
2.
رين نفي دن اثبات، اهو عبديءَ ۾ ڀيد
3.
آيو منجهه عبديءَ جي جسمؤن ٿي جُنيد
4. ”سبحاني ما اعظم شاني“ بيٺو منجهه بازيد
5. ”علي ڏنا“ الله آهي، پاڻ صياد، صيد.
[1016]
جسم ڀول وي جسم ڀول، وي تون تان ڀُلين ڪيون
1.
وچ دغدغه دلستان داغستان، آپ بجاوي ڍول
2.
نور نورنگي نورالله خود، علم قوت سڀ جهول
3.
برق وانگون آپ علم هي، خود خالق مالڪ ٽول
4.
علم ساهدار ڀڄندڙ، بجلي بنوع گول
5.
اپ وچ ڀولي مئن ڪيونپيدا، هي اهيندا قول
6.
نهين ڏوجهان ڪس نون پوڇي، آپئي خبر کول
7.
هوندا خفقان ”علي ڏني“ نون، جذب وجد جبول.
بيرنگ فقير
بيرنگ فقير، شاهه نصير جي درگاهه جو معتقد ۽ طالب
فقير هو. انهي سلسلي جي طالب سلطان شاهه ۽ ان بعد
ٻين ڇهن شاعرن جو ڪلام خود سلطان شاهه جي پوين وٽ
رکيل قلمي بياض ۾ محفوظ آهي*. ان بياض جي آخر ۾ ڪچن اکرن ۾ نالو ”بيرنگ شاهه فقير سيد
بخاري“ لکيل آهي ۽ ان بعد هيٺيون ڪلام لکيل آهي.
[1017]
عشق زوراور جوان، بيچونوچون گُلگون بناوي
1.
عشق الله نون اظهر ڪيتا، لِڪ لڪوٽي نون هڪ پل وچ نيتا
آءُ ڪي وچ انسان، بشريت دا برقعا پاوي
عشق آدم ڪَني بهشت بنايا، ول ڦِر اس نون اُٿون
لوڌايا
وچ هجر گريان، ڪر ڪي تنهن سجدا ڏوا وي
3.
رنگا رنگ نقاش بنايس، وچ تنهان دي آپ لڪايس
حيرت وچ حيران، اپنا آپي پنڌ پڇاوي
احدؤن آيا ميم دي اولي، خلق کڙايس وچ اهين ڀولي
آءُ ڪي عربستان، احمد اپنا نام ڌراوي
هر مظهر وچ يار دا ڦيرا، وچ ڦلپوٽين پاوندا ڦيرا
(1)
صورت حق سلطان، سڀ وچ سهڻا يار سماوي
”بيرنگ“
بن ڪر ڦردا گدائي، پڇون هادي دي وتدا سدائي
منگدا دردين دآن، سيد اپني دا سانگ سٽاوي.
1300
هجري کان اڳ جا ٻيا شاعر
جان الله شاهه ”عاشق“
*
مير جان الله شاهه اول جيڪو شاهه عنايت شهيد جو
وڏو خليفو هو، تنهن جو پوٽو جان الله شاهه ثاني
فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو شاعر ٿيو. سندس تخلص ”عاشق“
هو 19-صدي عيسوي جي وچ ڌاري وفات ڪيائين. سندس
مزار روهڙي ۾ آهي.
[1018]
روپ ڪلياڻ
ڪير ويهي ٿو ڪير بيهي ٿو، ڪيهو سندس اهڃاڻ
1.
صورت ۾ ٿي سندس اُتارو،ڏس پروڙي پاڻ
2. ’فاسجدو‘ آدم فن فائق جو، صحيحون اِيءُ سڃاڻ
3. ‘الانسان سري و اَنا سِرهُ‘، ايهو پرين جو پرياڻ
4. ’ونحن اقرب‘ ناطق نڪُتو، ڄاڻ ايهو تون ڄاڻ
5.
ڳوليندر جو تو نٿو ڳولين، سوئي توئي ساڻ
6. ”عاشق“ ريءَ توحيد الله جي“ ٻيو سڀئي بُهه ڀاڻ.
[1019]
روپ ڪلياڻ
وحدت ڪثرت ڪثرت وحدت
اهو اُصول اصل جو نشان
1.
ڪثرت وحدت جو ٿي مظهر،ماڳ سندس لامڪان
2.
خلق الادم عليٰ صورتہِ، فائق جو فرمان
3. ’وفي
انفسڪم‘ سمجهه اشارو، ذاتي سِرّ عيان
4.
ڳولي ڦولي ثابت ڪر تون، ڪامل قرب قرآن
5. ”عاشق“
سر وچ سِرُ سڃاڻي، جاني سڀ جهان.
[1020]
روپ کنڀات
وهواه بِره اُٺي برسات، ڀُل ڳئي ڪثرت دي مصلحات
1.
روزي نفل نمازئون فارغ، وچ وحدت وصلات
2.
رنگ بيرنگ رنگ رلايا، وهم جَلا خطرات
3.
عشق اويڙي مچ مچايا، وِسريي ڪُل ڪلمات
4.
نينہ نسنگي ثابت ڪيتا، ’موتوا‘ دا درجات
5.
عشق ديان عاشق موجان ماڻن، اکيان دي عرفان
6. ”عاشق“ وحدت ڪثرت اندر، اظهر ذات صفات.
[1021]
روپ کنڀات
دم دِي آور دروني اندر، گهِني ذوق فنائي دا
1.
دم دي سُرت سنڀالي چالِي، دم دم اندر ٿيوين وصالي
ڇوڙ وَهم ٻانهپائي دا
2.
دم دا هردم بجا نقارا، نفي اثباتي دا مار نعرا
حَظ گهِن جسم جَلائِي دا
3.
دم دي نال رکين دمسازي، ڇوڙين خيال صفاتي سازي
سير ڪرين جا سَمائِي دا
4.
دم هَئي مُوڙِ مال خزانا، تنہ دا هوش ڌرين فرزانا
طبل وَڄا عُنقائي دا
5. ”عاشق“ دم ڪون ڪيتا محڪم، برسِر چاڪي عشق دا
آگم
پهريس پوش بقائِي دا.
[1022]
آخفيٰ آظهر لاِلٰہ اِلاالله، مُحمد رسول الله
بات هِڪائِي وهوا
1.
ذات ڪُون آپي پيڙا رايا
عاشق معشوق آپ بن آيا
مخفي راز آپي آپ ڇپايا
آپي کيڏ آپ دِي، آپ رَسائِي وهوا
2.
احد احمد مام بناڪي
’الف‘
تي ’ميم‘ دا برقعا پاڪي
ڪثرت دي وچ قدم اُٺاڪي
ڪوڙيان وچ ڪِس ني، بات پُرجهائِي وهوا
3.
ظاهر باطل ذات هِڪا حق
غير دوئي دا ناهين ڪو شڪ
وحده هو لاشريڪ لڪ
بات مرشد صحيحون، حق بتائِي وهوا
4.
ذاتِي ذات وچ آپي اظهر
ظاهر باطن هِڪوئي مظهر
پُرجهي سُرت والا ڪوئي بيسر
لڪياري حزب الله شاهه نوري
الف تي ميمعين، صورت سائِي وهوا.
[1023]
باري بره آفات آهي آهي، ڪو رِند اڇي اُن چوگان ۾
1.
حُسين حلاجي نوبت ماري، دنيا عقبيٰ همہ وساري
ڪُڏ ڪُڏ چڙهيو ڦاهي ڦاهي
2. ’شمس‘ قُم جو نعرو ماري، بيخوديءَ جو ڍارو ڍاري
کَل کَلايئين ٺاهي ٺاهي
3.
شاهه عنائت صوفي سالڪ، سِر ڏيڻ کان ڪيائين
نا لِڪَ
نوڪ نيزي چڙهيو ڪاهي
ڪاهي
4.
شاهه بلاول سِرڙو سنباهي، وچ گهاڻي جي پاڻ پيڙائي
’ناهين‘
تنهين وٽ ناهي ناهي
5. ”عاشق“ رمز عشاقن خاصي، رهج انهن جو هردم پياسي
ريءَ محبت ٻيو ڇاهي ڇاهي.
[1024]
بيرنگ چال بره جي آهي، رِندُ پروڙي ڪوڪو ڀيرُ
1.
چال چلت آءِ بره جي اؤکي، بار کڻي ڪو سُرت سُمير
2.
ڀانڀڙُ باه بره جو باري، تنهن ۾ گهڙي ڪو مرد ڇُڳير
3.
بيخود جان جسم کي گنوائي، سوجهي سِريءَ جو لهي ڪو
سيرُ
4. ”عاشق“ مام محبت واري، بِن کاهوڙيءَ لهندو ڪير.
[1025]
بِره اچانڪ ڪَڙيان، ڀينر سورن ڏيلُ ڏڪايو
1.
مام الف جي يار سُڻائي، بي ڏي مُول نه وَڙيان وَڙيان
2.
آتش بره جي جوش جڳايو، تنہ ۾ بيخود پَڙيان پَڙيان
3.
نوڪ نظر نينن جي بيشڪ، بيوس آ مئن چڙهيان چڙهيا
4. ”عاشق“ بحر محيط دي اندر، نينہ دي ذوقئون گهِهڙيان
گهِڙيان
[1026]
روپ ٽوڙي
بَن يار عجب اسرار آيا، ايهو بيک بنا اِظهار
1.
اَحدئون احد بن ڪي نبي
ابابڪر، عمر خوشگوار آيا
عثمان بن عفّان غني
بن اسد الله شهسوار آيا
2.
ڪٿان پنڊت بن ڪٿان جوشي هي
ڪٿان موسيٰ ڪِٿ زُنّار آيا
ڪِٿان منبر چڙهه سمجها ويندا
ڪٿان زُهد عبادت ڪار آيا
3.
ڪٿان بار عشق دا سِر چايس
ڪٿان شاهي ڇوڙ پينار آيا
ڪِٿ صُنعان ٿِي ڪي سُور چريندا
ڪٿان بن ڪي آپ عطار آيا
4.
ڪٿان وحدت دا درياه بن ڪي
ڪٿان سُولي اُتي سردار آيا
”عاشق“
ٻهروپي ٿي ڪيئي ويس ڪِتُس
بن شمس تبريز مختار آيا.
خليفو ڪرم الله
خليفو ڪرم الله ولد حافظ محمد رمضان شڪارپور جو
ويٺل هو،کهڙن وارن مخدومن جو مريد هو ۽ خلافت جي
پڳ به اُتان ئي ملي هيس. عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم
هو. شروعات ۾ رنگريزي جو ڌنڌو ڪندو هو. سنڌي،
سرائڪي ۽ فارسي ۾ شعر چيائين. وڏي عمر ۾ سنه
1271هه/1754ع ۾ وفات ڪيائين.
[1027]
1.
وجهي جيءُ جنجل ۾ جيڏيون
سو تان هوت ڪري ويهه هيڏيون
لونءَ لونءَ ۾ ويلائي
2.
واٽ وندر جي آءُ تات ويندس
توڙي لال لڪن مان لهنديس
پرينپار پڄائي
3.
ٻاري باهه برهه جي محبن
سي مچ من مان ڪيئن وسامن
ويڙا دود دکائي
4. ”ڪرمون“ ڪاڻ
مانڌو جنهن جي
[966] مير فتح خان
(فتح محمد خان) ٽنڊي محمد خان واري جي سال
1914ع ۾ لکيل ڪافين جي بياض تان ورتل.
[967] خوشيرام فقير
سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.
[968] خوشيرام فقير
سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.
* تفصيلي سوانح ۽ ڪلام
لاءِ ڏسو ”رساله فقير غلام حيدر شر گودڙيه“،
ڇپايل فقير عبدلرحيم جو، منگي پريس منشي محله،
خيرپور.
سندس سوانح ۽ ڪلام
بابت وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”رساله فقير غلام
حيدر شر گودڙيه“، منگي پريس منشي محل خيرپور.
[976] خوشيرام فقير
سودائي جي لکيل بياض تان ورتل.
[977] کان [981] سنڌي
ادبي بورڊ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ 22-1920ع ڌاري
لکيل ڪافين جي بياض تان ورتل.
* سندس سوانح ۽ ڪلام
بابت وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”رساله فقير غلام
حيدر شر گودڙيه“ ڇپايل فقير عبدالرحيم جو،
منگي پريس منشي محله شڪارپور.
[984] ”سنڌي موسيقي جو
مختصر تاريخ“ شاهه عبداللطيف، ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز، 1978ع.
[975] 1925ع ڌاري قلم
بند ٿيل ڪافين جي هڪ بياض تان ورتل.
[986] خوشيرام فقير
سودائي جي 1880ع ۾ لکيل بياض تان ورتل.
سلطان شاهه ۽ ان بعد
هن سلسلي جي ٻين ڇهن شاعرن جو ڪلام، خود سلطان
شاهه جي پوٽي وٽ رکيل قلمي بياض مان چونڊيو
ويو، جنهن ۾ 100 ڪلام لکيل هئا. اهو بياض
محترم علي گوهر کهڙي جي معرفت دستياب ٿيو.
(ن-ب)
* اهو بياض محترم علي
گوهر کهڙي جن جي معرفت دستياب ٿيو. (ن -ب)
سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪتبخاني ۾ محفوظ بياض تان ورتل مواد
سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪافين جي بياض تان ورتل.
اهو بياض محترم علي
گوهر کهڙي جي معرفت دستياب ٿيو. (ن-ب
بيرنگ شايد ويٺل
ڦلپوٽن جو جتي سلطان علي شاهه ايندو هو
سنڌي ادبي بورڊ جي
ڪتبخاني ۾ڻ محفوظ 22-1920ع ڌاري قلمبند ٿيل
ڪافين جي بياض تان ورتل.
|