سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون (جلد پهريون)

 باب:

صفحو:1

ڪافيون  (جلد پهريون)

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

 

مهاڳ

        سنڌ جي ”لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز، سنه 1955ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“۾ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

        ان تجويز مطابق جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙي مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ ”لوڪ ادب“ جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي ويئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

        پهريان ٻه سال 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو.

        هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

        پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻولي جي عام ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ عام مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري   ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاَ: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙي ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهي ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينہ ”فوڪ لور“ (Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃان ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها عام ملڪي تمدن جو يا ”معياري ادب“ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگي جو مرڪري دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهو ئي آهي جيڪو عوام جي زندگي جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻولي جي ”لوڪ ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حدِ فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

        ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي ڪشالي ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي سهيڙڻ برابر ٿيندو، جو  ٿوري وقت اندر ناممڪن آهي. البت جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي، سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئنده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

        ”لوڪ ادب“ تجويز جيتوڻيڪ بنده جي طرفان پيش ٿي مگر ان جي عملي سربراهي توڙي ڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن کي جس جڳائي، جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعہ مواد ڳولي هٿ ڪرڻ، سهيڙيل مواد کي صاف ڪرڻ ۽ ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ ۽ آخر ۾ ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، ۽ خاص طور انهن مڙني دوستن جو حصو آهي جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهريون ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي.

        هيءُ ڪتاب ”لوڪ ادب“ سلسلي جو ويهون ڪتاب آهي جنهن کي مواد جي گهڻائي سبب ان ٻن جلدن ۾ مرتب ڪيو ويو آهي. هي پهريون جلد آهي جيڪو هن وقت شايع ٿي رهيو آهي.

        لوڪ ادب جي تجويز جي تڪميل ۾ وقت بوقت ڪي نه ڪي رنڊڪون پيون آهن، جن جو ذڪر هن کان اڳ ڇپيل مهاڳن ۾ اچي چڪو آهي. هن سال (1984) جڏهانڪر سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي آهي تڏهانڪر ڇپائي جو ڪم البت اڪلاء سان ٿيو آهي. بنده لوڪ ادب جي تجويز جي تڪميل جو ڳرو بار انهيءَ لاءِ پنهنجي ذمي ڪيو هو ته سنڌي لوڪ ادب جي قيمتي سرمايي کي، جيترو ٿي سگهي، اوترو سهيڙي ان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي، ۽ رٿيل پروگرام موجب ”لوڪ ادب“ جي ڪم از ڪم چاليهن جلدن کي مڪمل ڪجي. اهو ڪم رات ڏينهن محنت سان پورو ڪيو ويو، پر جيڪڏهن ڇپائي ۾ دير ٿي ته حياتي پوري ٿي ويندي ۽ ڪم رهجي ويندو.

        هن وقت تائين لوڪ ادب تجويز هيٺ رٿيل ڪتابن مان جملي ستٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن ۽ هيءُ اٺٽيهون جلد آهي جيڪو شايع ٿي رهيو آهي. مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد اسماعيل شيخ ۽ محترم ممتاز مرزا هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري يڪجا ڪرڻ ۽ دوباره صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو. محترم محمد اسماعيل شيخ پروفن جي نگراني ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ پريس جي مئنيجر محترم الله بچائي يوسف زئي هن ڪتاب جي ڇپائي جي سهڻي نگراني ڪئي. ڪتاب جي رٿا ۽ آخري سٽاء توڙي ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

 

 

حيدرآباد                                       خادم العلم

12  _ ڊسمبر 1984ع                         نبي بخش

 

 

اَم لِلانسان ما تمنيى  فللِہ الاخرة و الاولى

 

مقدمو

        سنڌي نظم جي تاريخ  ۾، ”قافي“ (جنهن کي غلطيءَ مان ”ڪافي“ ڪري لکجي ٿو)، قدامت جي لحاظ سان ”ڳاهه“ کانپوءِ ٻئي درجي تي آهي. ”ڳاهه“ ايراني ”گاٿا“ جو سنڌي اُچار وارو نالو آهي، ۽ ”قافي“ عربي نظم ”قافية“ (قصيدو، نظم)  جو سولو سنڌي نالو آهي. عربي دان سنڌي شاعرن جي مشهوري ٻي صدي هجري کان ٿي، ۽ غالباَ اهڙن شاعرن سنڌي ۾ پڻ ڪي شعر چيا جيڪي ”قافي“ جي نالي سان سڏيا ويا. انهيءَ اندازي موجب ”قافي نظم“ جي شروعات ٻارهن سئو ورهيه کن اڳ ٿي. نظم جي اها ”صنف“ پوءِ سماع طور ڳائجڻ لڳي، ۽ ڳائڻ جي لحاظ سان ايندڙ عرصي ۾ مسلسل طور مقبول رهي. ان جي مقبوليت جا روايتي اهڃاڻ اندازاَ  7- صدي هجري کان ۽ تحريري بيان 10- صدي هجري (12- صدي عيسوي) کان ملن ٿا. لکيت ۾ سڄا سالم ”قافي“ نظم 11- صدي هجري جي آخر کان مين شاهه عنايت جي ”ڪلام“ ۾ موجود آهن. ان وقت کان وٺي ويندي موجوده دور تائين ”قافيون“ لکيت ۾ ملن ٿيون: يعني ته اهو ذخيرو ٽن صدين کان وڌيڪ وڏي عرصي جو گڏ ٿيل آهي. انهيءَ ڪري سواءِ ”ڳاهه“ ۽ ”بيت“ جي، ”قافين“ جو مواد سنڌي نظم جي ٻي هر جنس کان ٻيڻو چوڻو آهي؛ باوجود انهيءَ جي جيترو اڄ موجود آهي ايترو يا انهيءَ کان به وڌيڪ ضايع ٿي چڪو آهي.

        ”سنڌي قافي“ کي سولو عامي شعر سمجهي، پڙهيل طبقي ان ڏانهن پورو ڌيان نه ڏنو؛ پوين ٻن سئو سالن ۾ سندن خاص توجه ”غزل“ طرف ئي رهيو. مير عبدالحسين خان سانگي پهريون اعلى اديب هو، جنهن ”غزل“ کي سنڌي لباس پهرايو ۽ ان سان گڏ ”قافين“ جي ذوق کي پڻ وڌايو. هن سن 1291هه کان اڳ قافيون جوڙڻ شروع ڪيون، تان جو سن 1291هه ۾ کيس قافين جوڙڻ تي پوري دسترس حاصل ٿي، ۽ پنهنجين ڪافين جو ڪتاب ”سوز سانگي“ مرتب ڪيائين، جنهن ۾ ”صدها“ (سون جي تعداد ۾) قافيون شامل هيون. ”سوز سانگي“ وارو اصل قلمي مجموعو پوءِ گم ٿي ويو، پر باوجود انهيءَ جي اهي قافيون ٻيهر گڏ ڪرايون ويون (1) جن مان هن وقت 133 ”ڪليات سانگي“ ۾ محفوظ آهن. بهرحال اندازاَ 1880-1890ع واري عرصي جي علمي ادبي حلقي ۾ جنهن جو اڳواڻ مير عبدالحسين خان سانگي هو، ”سنڌي قافين“ جو ذوق وڌيو. انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ مير صاحب محمد حسين علي خان قافين جو مجموعو گڏ ڪرايو، جنهن ۾ ”ميان سچيڏني“ (سچل) ۽ ٻين جون قافيون چونڊي شامل ڪيون ويون. ان بعد سيد فاضل شاهه پهريون شاعر ۽ اديب هو، جنهن جون چونڊيل قافيون سن 1883ع (1300هه) ۾ سرڪاري طور ڇپيون، پر غالباَ نڪي اهو ڪتاب پڙهايو ويو ۽ نه وري قافين جو ٻيو ڪو مستند مجموعو شايع ٿيو. البت ڪاروبار ڪندڙ ڪتب فروش، عوامي ذوق شوق جي مدنظر ۽ پنهنجي ذاتي نفعي خاطر ننڍڙا غلط سلط ڪتابڙا ڇاپيندا رهيا، جن جو ذڪر هيٺ ايندو. راقم ”لوڪ ادب تجويز“ هيٺ قافين بابت ڪتاب کي پڻ شامل ڪيو ته جيئن سنڌي نظم جي هن اهم تاريخي ۽ عام مقبول جنس کي وسارڻ بدران ان تي وڌيڪ توجهه ڏيئي سگهجي. حقيقت ۾ ”قافيون“ سنڌي علم ادب جي دائري ۾ عموماَ ۽ سنڌي نظم ۽ شعر جي شعبي ۾ خصوصاَ وڏي اهميت رکن ٿيون.

        قافين جي شاعرن جو تعداد شمار کان ٻاهر آهي، پر انهن سڀني بابت اسان جي معلومات محدود آهي. رڳو نالي وارين مصراعن مان نالا ئي معلوم ٿين ٿا. قافين جي ذخيري جي به گهڻائي آهي؛ انهن مان ڪيتريون ائين لکيل آهن جيئن ڳائيندڙن ڳايون، ۽ نه جيئن اصل شاعرن جوڙيون. قافين جي مختلف موضوعن، نظم جي اندروني سٽائن، قافين ۾ سمايل جذبن ۽ خيالن ۽ سڀ کان وڌيڪ ته قافين ڳائڻ جي جدا جدا اندازن، الحانن ۽ راڳنين روپن جي لحاظ سان ”سنڌي قافين“ جو مطالعو هڪ خاص علمي اهميت رکي ٿو، پر ان کي تفصيلي نموني سان سمجهڻ البت آسان ناهي.

        ڌيان طلب ڳالهه هيءَ آهي ته ”نظم جي صنف“ توڙي ”راڳ جي صورت“ ۾ سنڌ ئي ”قافي“ جو گهر آهي. سنڌ ۾ ئي ”ڪافي راڳ“ اسريو. انهيءَ سلسلي جا حوالا 10- صدي هجري (16- صدي عيسوي) کان وٺي اهڙن مستند علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتابن ۾ پڻ ملن ٿا، جيڪي سنڌ کان ٻاهر تصنيف ٿيا. سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن، حضرت شيخ بهاؤ الدين زڪريا (ملتان)، حضرت شيخ فريد (پاڪ پٽن) ۽ حضرت شيخ عبدالجيل چوهڙ بندگي ۽ سندس جاءِ نشين (لاهور) جي سماع جي محفلن ۾ سنڌي قافيون ڳايون، جن کان متاثر ٿي ان دور ۾ فقط پنجاب جي ئي ڪن درويشن ”ڪافي راڳ“ وارا نظام جوڙيا، پر ”قافي نظم“ توڙي ”ڪافي راڳ“ جو اصل گهر سنڌ ئي رهيو. (2)

قافي نظم جي شروعات

        ”قافي“ سنڌي شعر جي هڪ آڳاٽي صنف آهي، جنهن جي ابتدائي ۽ اوائلي ترقي جي تاريخ تي زماني جي لٽ چڙهيل آهي. هن صنف جي اوائلي توڙي وچين دور وارو ڪو نمونو اسان وٽ موجود ناهي، انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي ته ”قافي“ جي شروعاتي هيئت ڪهڙي هئي. تاريخي تصديق موجب سنڌ ۾ شاعري جو ذوق عرب  -  اسلامي دور حڪومت ۾ اوج کي پهتو. سنڌي شاعرن پنهنجي عربي داني ۾ ڪمال ڪيو ۽ عربيءَ ۾ اهڙو ته اعلى ۽ معياري شعر چيائون جو عرب شاعرن ۽ عالمن پڻ دل کولي کين داد ڏنو. ابو عطا سنڌي جي عربي اشتعار کي مشهور شاعر ۽ اديب آبو تمام پنهنجي انتخابي ڪتاب ”حَماسي“ ۾ جاءِ ڏني. جيئن ته سنڌي ٻوليءَ کي عرب -  اسلامي دور ۾ وڏو فروخ حاصل ٿيو ۽ سنڌي شاعرن کي دمشق ۽ بغداد ۾ پڻ داد مليا، انهيءَ ڪري سنڌي شاعرن جو پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ شعر چوڻ فطري هو. ان آڳاٽي سنڌي شعر جا نمونا محفوظ نه رهيا، پر البت عربي شاعري جا اصطلاح جهڙوڪ ”بيت“، ”مصرع“، ”قافيہ“ ۽ ”ڪلام“ انهيءَ دور کان سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ٿيا. ”قافي ۽ ڪلام“ جو اصطلاح، جيڪو اڄ تائين هلندو اچي ٿو، سو عربي شاعريءَ جي ”قافية“ توڙي ”ڪلمة“ جي معنى ساڳي آهي، يعني ته ”ڪوبه منظوم ڪلام، شعر يا قصيدو“. سنڌي شاعرن جڏهن عربيءَ سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ نظم چيا ته انهن کي پڻ ”قافيہ“ ۽ ”ڪلام“ سڏيائون (1). جڏهن اهي سنڌي ”قافيہ“ ۽ ”ڪلام“ نظم ڳائجڻ لڳا ته انهن جي ڳائڻ جي طرز کي پڻ ”قافيہ ۽ ڪلام“ يا وقت گذرڻ سان ”ڪافي ۽ ڪلام“ جي آسان اُچار سان سڏيو ويو. انهيءَ اصطلاح جي شروعات يقيني طور سنڌ ۾ ئي ٿي، ڇاڪاڻ جو ڳائڻ جي سلسلي ۾ اهو ”ڪافي ۽ ڪلام“ وارو اصطلاح اڄ ڏينهن تائين فقط سنڌ ۾ ئي عام مقبول آهي. اهو اصطلاح انهن آڳاٽن سنڌي نظمن جو ياد گار آهي، جيڪي ”قافيہ“ ۽ ”ڪلام“ جي نالي سان سڏيا ويا. جيئن ته اهي نظم ”قصيدي“ جي اثر هيٺ اُسريا، انهيءَ ڪري انهن ۾ ”تعريف“ توڙي ”تشبيب“ جا مضمون سمايل هئا. اوائلي ديني عقيدي ۽ پوءِ جي صوفي سلسلي ۾، ”تعريف“ واري مضمون جو رخ ”الله تعالى جي ثنا“ ۽ ”نبي ڪريم جي صفت“ ڏانهن ٿيو. جڏهن ”ذاڪرن“ انهيءَ مضمون واريون قافيون سماع جي مجلسن ۾ ڳايون ته انهن کي ”مولود“ سڏيو ويو. ٻئي طرف ”تشبيب“ جي مضمون واريون ”ڪافيون“ عام محفلن ۾ ڳائجڻ لڳيون.

        غالباً ستين صدي هجري کان وٺي صوفي درويشن ۽ سندن مجلسن ۾ سماع ڪندڙ سنڌي ذاڪرن ”قافين ۽ ڪلامن“ کي سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاهر ڳائي مشهور ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ جو هي ”قافي نظم“ ۽ ”ڪافي ڳائڻ پهريائين سنڌ کان اتر طرف ملتان واري خِطي ۾ (جيڪو ان وقت سنڌ ۾ شامل هو) رائج ٿيو ۽ اتان پوءِ اڳتي پنجاب ۽ هندوستان جي ٻين ڀاڱن تائين پهتو. سنڌ جي ”ڪافي ڳائڻ“ جي سلسلي ۾ اها خاص لئي، جيڪا هندوستان ۾ سڀ کان زياده مقبول پئي، سا ”ڪافي راڳ“ جي نالي سان مشهور ٿي، جنهن جو تفصيلي ذڪر اسان ”سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ“ ۾ ڪيو آهي. (1)جنهن مان هيٺيون اقتباس توجهه طلب آهي:

پاڪ پٽن جي حضرت شيخ فريد گنج شڪر ؒ وٽ سماع جون محفلون هلندڙ هيون، انهيءَ ڪري ”سنڌ جي ذاڪرن“ جو انهن محفلن کي مچائڻ جو پڻ قوي گمان نڪري ٿو. جيئن ته حضرت شيخ فريد پاڻ پڻ دهليءَ ۾ رهيو هو، ۽ بعد ۾ امير خسرو جي مرشد خواجه نظام الدين اولياء جي ساڻس عقيدتمندي رهي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ذاڪرن ۽ قوالن جي دهلي ۾ خواجه نظام الدين اولياء جي سماع جي محفلن ۾ قافيون ڪلام ڳائڻ ۽ سنڌ جي ”ڪافي راڳ“ کي اُتي مشهور ڪرڻ قرين قياس نظر اچي ٿو. ازان سواءِ امير خسرو پاڻ پڻ ملتان آيو ۽ انهيءَ ڪري کيس سنڌي راڳ ”ڪافي“ جي خبر پيئي.

غوث بهاؤالدين ذڪريا جي سماع جي محفلن جي روايت سندس خليفن ۽ معتقدن وٽ پوءِ به قائم رهي. غوث صاحب جي ناٺي ۽ خليفي حميدالدين حاڪم جي اولاد مان شيخ عبدالجليل ٿيو. تحريري ثبوت موجود آهي ته اندازاً 1540ع - 1490ع واري عرصي ۾، سنڌي ذاڪرن لاهور ۾ شيخ عبدالجليل (وفات 1504) ۽  کانئس پوءِٰ سندس ڀائٽيي ”شيخ علي بري“ جي سماع جي محفلن کي سنڌي ڏوهيڙن ۽ ڪافين سان گرمايو. انهيءَ ساڳئي دور سان لاڳيتي سورهين صديءَ واري دور ۾ سنڌ جي ذاڪرن ۽ ڪافي ڳائيندڙن هندوستان جي برهانپور شهر ۾ سماع جون محفلون مچايون. شيخ لاڏ سنڌي (1523-1598ع) سنڌ جي تاريخي شهر ”پاٽ“ جي انهيءَ برگزيده خاندان مان هو، جن وڃي برهانپور کي وسايو هو. شيخ ”لاڏ“ ڪافي ڳائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ”گل ابرار“ (تصنيف 1605 - 1613ع) جو مصنف محمد علي غوثي مانڊوي لکي ٿو ته : ”شيخ لاڏجيو، حُسن صورت ۽ حُسنِ سيرت سان گڏ، مٺي نڙيءَ جي اعلى نعمت سان پڻ نوازيل هو. نغمہ سنجي ۽ نغمہ نوازي سندس رات ڏينهن جو شعار هو. سنڌي ڪافيون اهڙي ته درد ۽ سوز سان آلاپيندو هو جو نه فقط پاڻ مست ٿي ويندو هو پر ٻڌندڙ پڻ محو ۽ مسحور ٿي ويندا هئا.“ مصنف غوثي اهو پڻ صاف لکيو آهي ته ”ڪافي“ سنڌ جي مقبول راڳن مان هڪ راڳ آهي.

        جيئن شيخ لاڏ سنڌ جي ”ڪافي راڳ“ کي برهانپور طرف مشهور ڪيو تيئن ساڳئي دور ۾ ميرمحمد معصوم بکري جي وڏي ڀاءُ ميرمحمد فاضل ”سنڌي ڪافي“ کي دهلي ۽ آگري طرف مشهور ڪيو، بلڪ هن مغليه درٻاري ڳائيندڙن کي ”ڪافي“ راڳ سان پوريءَ طرح روشناس ڪرايو. ”ذخيرة الخوانين“ (تصنيف 1650/51ع) جي مصنف شيخ فريد بکري لکيو آهي ته ميرمحمد فاضل ”سنڌي ٻولي جو شعر ”ڪافي“ نهايت ئي سهڻو چوندو هو ۽ ان ۾ کيس مقبوليت حاصل هئي“ ”ڪافي راڳ“ جي سلسلي ۾ وڏي اهم ۽ مستند راءِ ابوالفضل جي آهي جنهن ”آئين اڪبري“ ۾ هندوستاني راڳ تي هڪ تحقيقي باب لکيو آهي جنهن ۾ هندوستان جي هر ملڪ ۽ صوبي جي مخصوص مقامي راڳ ۽ لئي جو نالو ڏنو اٿس. مثلاً لکي ٿو ته ” ”دکن ۾ ڇَند“ ڳائجي ٿو؛ تلنگانه ڪرناٽڪ طرف ”ڌڦروُ“ مروج آهي؛ بنگال جو راڳ ”بنگلا“ آهي ۽ جوٺپوو جو ”چٽڪلا“؛ دهلي ۾ ”قول“ ۽ ”ترانه“ مقبول آهي؛ مٿرا ۾ ”بش پد“ ته آگري ۾ ”ڌرپَدَ“ جو چرچو آهي؛ لاهور ۽ ان جي چوڌاري ”ڇند“ رائج آهي؛ گجرات جو راڳ ”جيڪِري“ آهي؛ ۽ سنڌ جو راڳ ”ڪافي“ آهي جنهن ۾ مهر ۽ محبت جو جادو سمايل آهي.“

ڪافي ۽ وائي

        موسيقي جي لحاظ سان ”ڪافي“، ”ڪلام“ ۽ ”وائي“ جي سنڌي اصطلاحن کي سمجهڻ ضروري آهي. ”قافيہَ“، ڪَلِمہ“ ۽ قصِيده“ ڏيئي ساڳئي عربي صنف نظم جا هم معنى نالا هئا. سنڌي نظمن کي انهيءَ لحاظ سان آڳاٽي دور ۾ ”قافي“ ۽ ”ڪلام“ ۽ پوئين دور ۾ ”قصيدو“ سڏيو ويو. ”قافي“ نظم آڳاٽي وقت کان ڳايا ويا، ۽ عرصي تائين زبان زد عام ٿيڻ سان ”قافي“ کي ”ڪافي“ ڪري اچاريو ويو ۽ اهو ئي نالو سنڌ کان ٻاهر پڻ مشهور ٿيو. سنڌ ۾ ”ڪافي ۽ ڪلام“ جو اصطلاح رائج رهيو ۽ هن وقت تائين عام رائج آهي. نظم ۽ راڳ ۾ فرق ڪرڻ خاطر، نظم کي ”قافي“ ۽ ان جي ڳائڻ واري صنعت کي ”ڪافي جي صورت ۾ لکجي ته آسانيءَ خاطر اهو مناسب ٿيندو. ”ڪافي“ وانگر ”وائي“ پڻ راڳ جو اصطلاح آهي. ”وائڻ“ آڳاٽو سنڌي لفظ آهي، جو هن وقت نسبتاً گهٽ استعمال ٿئي ٿو. ”وائڻ“ معنيَ وڏي آواز سان چوڻ“، جنهن مان اسم ”وائي“ آهي، يعني اهو گفتو، ٻول، جملو يا عبارت جنهن کي وڏي آواز ۾ ادا ڪجي. انهيءَ مناسبت سان ئي ”وائي“ جي اصطلاحي معنيٰ پيدا ٿي: يعني ته اهو ٻول جيڪو مٺي آواز ۽ آلاپ سان ڳائجي. انهيءَ لحاظ سان ”وائي“ موسيقي جي آڳاٽي صنف ”قَولُ“ (لفظي معنى ٻول يا چوڻي) جو هم معنى اصطلاح آهي. اڃان تائين چوندا ته ”ڪافي“ جو ٿلهه هي آهي ۽ ڪافي جي ”چوڻي“ (راڳ واري ادا يا موسيقي) هن طرح آهي. مطلب ته ڳائڻ جي لحاظ سان ”ڪافي“ ۽ وائي“ اصطلاح هم معنيٰ آهن. فرق صرف اهو آهي جو معنوي اصليت جي لحاظ سان ”ڪافي“ نظم جي صنف ”قافي“ تان ورتل سنڌي اُچار وارو نالو آهي، ۽ ”وائي“ موسيقي جي صنف ”قول“ جو سنڌي نالو آهي.

قافي نظم ۽ غزل

        پِرين جي پچار ڪندي ڪنهن خاص خيال يا وجداني ڪيفيت کي دليان نڪتل ۽ زبان تي چڙهيل لفظن ۾ الحان ذريعي اظهار ڪرڻ، قافي صنف شاعريءَ جي خاص خصوصيت آهي جيڪا ان کي ٻين مڙني صنفن کان ممتاز ڪري ٿي. ”قافي، حقيقت ۾ غِنائي شعر آهي ۽ ذهني ڀڃ ڊاهه - گهڙ بدران ان ۾ فطري طور دل جو حال اورڻو آهي. غزل ۾ ”ذهني سجاڳي“ برقرار آهي ۽ انهيءَ ڪري ان جي هر مصرع ۾ نئين خيال پيش ڪرڻ لاءِ گنجائش آهي؛ ان جي برعڪس ”قافي“ ڄڻ ”دل جي سجاڳي“ جو آئينو ۽ سڄڻ جي ياد ۾ دل تي چڙهيل خيال يا ڪيفيت جي ترجماني آهي. انهيءَ ڪري ان جي مختلف مصراعن ۾ انهي مرڪزي خيال يا ڪيفيت جي وحدت هجڻ ضروري آهي. غزل لاءِ عروضي بحر ۽ وزن جو قالب لازمي آهي؛ مگر ”قافي“ جو وزن، الفاظ جي تور تڪ بدران لئي ۽ الحان جي ماڻ مطابق آهي.

قافين جو وڏو شاهي ذخيرو

        *سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾، ”قافي نظم“ جو سلسلو توڙي ان سان ڳنڍيل ”ڪافي ڳائڻ“ جو سلسلو وڏي پلٽ پکيڙ وارا آهن. نه فقط انهن جي ماضي جو تاريخي سلسلو صدين تائين پهچي ٿو، پر هر سن ۽ صدي ۾ انهن جو تَرُ بَرُ ڪشادو رهيو آهي: يعني ته هر دور اندر سنڌ جي هر حصي ۽ ڀاڱي ۾ ”قافي“ نظم جي شاعرن توڙي ”ڪافين ڳائڻ“ وارن جي گهڻائي رهي آهي. ان جي تصديق تيرهين توڙي چوڏهين صدي هجري (19-20 صدي عيسوي) جي ذخيرن مان ٿئي ٿي، جيڪي لکيت ۾ موجود آهن. ڪيترن ئي شاعرن بابت اهو به معلوم ناهي ته ڪير هئا ۽ ڪٿان جا هئا. دل جي درد کي هلڪي ڪرڻ جو هڪ آسان طريقو ”ڪافي جهونگارڻ“ هو، جنهن ڪري هر درديلي ۽ احساس واري شاعر، پڙهيل خواه اڻ پڙهيل پنهنجي دل جي وندر ور ونهه خاطر، آسان ۽ سادي زبان ۾، لفظن کي ”ٿلهه ۽ مصراعن“ واري سٽاءَ ۾ منظوم ڪيو ۽ جهونگاريو: اها هڪ عام ۽ عوامي سطح هئي، جنهن تي ”قافي نظم“ وسيع پيماني تي اُسريو ۽ پکڙيو. اهڙيءَ طرح 12-صدي هجري (18-صدي عيسوي) کان وٺي ڪافين ڳائڻ جو ذوق شوق وڌيو. شاهه عبداللطيف جي راڳ جي اثر هيٺ ٻين گهڻن شاعرن قافيون جوڙيون. سن 1283هه  (1867) ۾ بمبئي مان پهريون ڀيرو ”شاهه جو رسالو“ شايع ٿيو، جنهن جي ذريعي واين جو وڏو ذخيرو پڙهندڙن جي سامهون آيو. ڪن سڄاڻ اديبن مختلف شاعرن جون قافيون گڏ ڪري مجموعا ۽ بياض مرتب ڪرڻ شروع ڪيا. هن سلسلي ۾ مير عبدالحسين خان سانگي، مير محمد حسين علي خان ۽ ان بعد فاضل شاهه جي گڏ ڪيل مجموعن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته چوڏهين صدي هجري (19.20 عيسوي) خاص طور قافين جي اثر ۽ اوج واري صدي هئي، جنهن جي آخر ۾ وڃي انهيءَ اوج جي پڄاڻي ٿي. انهيءَ وڏي عرصي ۾ ڪيترن ئي ذوق وارن قافين جا بياض پنهنجي وندر ۽ ورونهه لاءِ سکيا ۽ ڪيترائي ننڍا وڏا مجموعا نفعي خاطر چاپارايا ويا.

        اهو هڪ ايڏو ذخيرو آهي جنهن سڄي کي ڳولي لهڻ، هٿ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ، تفصيلي طور ان جو مطالعو ڪرڻ يا شاعرن متعلق معلومات حاصل ڪرڻ ۽ صحيح نتيجا ڪڍڻ آسان ڳالهه ناهي. اسان جيتوڻيڪ هن اهم موضوع جي مطالعي کي شروع کان ئي لوڪ ادب جي سلسلي ۾ شامل ڪيو، پر سڄي مواد کي سامهون رکڻ ۽ ان تي سوچڻ لاءِ ڪافي وقت ۽ محنت جي ضرورت هئي، جنهن ڪري هن ڪتاب جي تاليف کي ايتري دير تائين ملتوي ڪرڻو پيو. گذريل ويهن سالن کان وٺي اسان قافين جي مواد جي ڳولا پئي ڪئي آهي، ۽ ڪن وڏن شاعرن ۽ درويشن جي قافين ۽ واين جي ذخيرن کي هن کان اڳ سندن ٻئي ڪلام يا رسالن گڏ شايع ڪيو آهي(1). انهن کان سواءِ خاص طرح هن ڪتاب جي سلسلي ۾ ٻيا جيڪي قلمي يا ڇاپي ذخيرا اسان جي نظرن مان گذريا يا جن جو اسان مختصر طور يا سربستو مطالعو ڪيو(2) ، تن جي فهرست هيٺ ڏجي ته جيئن اڳتي هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق لاءِ راءِ روشن ٿي سگهي.

 


(1) سنه 1310هه ۾ ميين وڏل حيدري وري انهن قافين کي جيڪي ماڻهن کي ياد هيون سي گڏ ڪيون ۽ اهي ”ديوان سانگي جلد-2“ جي آخر ۾ ضميمي طور شايع ڪيون ويون. اهو ديوان سنه 1904ع ۾ شايع ٿيو. اتان انهيءَ ذخيري کي ”ڪليات سانگي“ ۾ آندو ويو. (ڏسو ڪليات سانگي، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ، 1389هه/1969ع، صفحا 371-407).

(2) سنڌي قافين ۽ بيتن جو غلغلو سنڌي ذاڪرن ۽ قوالن جا ڳائڻ ذريعي پنجاب تائين پهتو. بابا گرونانڪ (1539-1469ع) پهريون درويش هو جنهن سنڌي قافي جي ڳائڻ کان متاثر ٿي، سنڌي لفظن ۽ فقرن جي آميزش سان پنهنجا ڪي نظم ”ڪافي“ (قافي) جي عنوان (باقي حاشيہ لاءِ ڏسو صفحو 24)

(1) هن مفهوم کي اسان پهريون ڀيرو سورهن سال کن اڳ ڪتاب ”سڀ ونگ“ ۾ واضح ڪيو (ڏسو ”سڀ رنگ“، مطبوع مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد، 1968ع، ص ص 155-156).

* سان ڳائڻ  خاطر جوڙيا. پر انهن ۾ ”قافي“ نظم واري سٽاءَ قائم نه رهي. سٽاءَ جي لحاظ سان صحيح قافيون پنجاب ۾ پوءِ شاهه حسين (1539-1593ع) چيون. هن بزرگ تي قاضي قادن جي بيتن ۽ سنڌ جي ذاڪرن ۽ قوالن جي ڳائڻ جو اثر هو جن غالباَ هن درويش جي آڏو وقت بوقت پئي ڳايو. سندس ”قافين“ جي ٻولي به ٺيٺ ”مانجهي“ واري پنجابي بدران سرائڪي سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ غالباً هو گهڻو وقت هيٺئين پنجاب توڙي سنڌ ۾ رهيو. سندس قافين جا آڳاٽا ذخيرا به سنڌ ۾ ئي قاضي قادن ۽ ٻين درويشن جي ڪلام سان گڏ محفوظ رهيا، جيڪي پوءِ دادو- پنٿي فقيرن پنهنجن پستڪن ۾ نقل ڪيا. شاهه حسين جي قافين جا ڪي جدا مجموعا به سنڌ ۾ محفوظ رهيا، ۽ لاهور مان پهريائين شاهه حسين جون جيڪي قافيون ڊاڪٽر موهن سنگ ديوانه ڇاپيون سي به سنڌ جي ئي قلمي نسخن تان اُٿاريون ويون. ”شاهه جي رسالي“ جي ڪن نسخن ۾ ۽ سنڌ جي ڪن ٻين بياضن ۾ شاهه حسين جون ڪي قافيون يا قافين جون سٽون محفوظ آهن.

(1) جيئن ته ميين شاهه عنايت ۽ سندس پٽن جو ڪلام، قنبر علي شاهه ڀاڏائي عرف شاهه شريف جو ڪلام، خليفي نبي بخش صاحب جو رسالو، صوفي فقير محمد صديق سومري جو رسالو، ڪليات مير عبدالحسين خان سانگي، فقير نواب ولي محمد جو ڪلام ۽ غلام محمد خانزئي جو رسالو.

(2) هن مقدمي لکڻ وقت معلوم ٿيو ته پياري سڄڻ ٺڊاڪٺٽر نواز علي ”شوق“ قافين جو گهڻو مواد گڏ ڪيو آهي. اهو اسان 18 فيبروري 1985ع تي وٽس وڃي ڏٺو ۽ پوءِءَ اهو مطالعي هيٺ رهيو. اهي خاص م جموعا جيڪي فقط هن مواد جو مطالعجو ڪندي ئي نظر مان گذريا تن کي هيٺين فهرست ۾ (ع) جي نشان سان نروار ڪيو ويو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org