صوفي ابراهيم شاهه
صوفي ابراهيم شاهه قادري، صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو سجاده نشين هو.
تاريخ 27 رمضان 1269هه/1853ع تي وفات ڪيائين.
”مسڪين“ ۽ ”فقير“ جي تخلص سان ڪافيون چيائين. نواب
حاجي محمد علي خان لغاري تاجپوري. جي هڪ قلمي بياض
۾ سندس 66 ڪافيون موجود آهن.
[173]
سر ڪلياڻ
اي دل نه هو تون ماندي، دلبر جو يار آئيا
ڪِيتُس ڪرم جو اپنا، يا رب جو يار
1.
لڳڙا جو عشق پلپل، هووي جو جان جل جل
دلڙي رهي پلپل، جيرا ميرا جلائيا
2.
اوڙڪ جو يار ايندا، دل کي دلاسا ڏيندا
موهن جو يار ملندا، ڪيتا ٿي سجن سعيا
3.
ازلئون جو عشق آئيا، دلڙي منهنجي جو آئيا
آتش جو اندر لائيا، محبت جو مچ مچائيا
4. ”مسڪين“ محب ڪامل، هئا جو حال شامل
مجهسون رهيا جو رلمل، محبوب مُک ويکائيا.
[174]
سر ڪلياڻ
ماڻا ڪر نه جاوين يار سجن
مجهي شوق هئي ديدار ڪا
جب ديکي جاتا سجن، ميري پاس نهين آتا سجن
تب جل رها ميرا جو تن، ميرا حال ٿيا بيمار ڪا
2.
جب ديکيم تيري جهلڪ،. تب بِسر گئي ساري خلق
مين مست هويا در پلڪ، مجهي پنڌ هئي پيزار ڪا
3.
هر دم هووين هم رفيق، تجهه بن نهين ميرا شفيق
تون اصل کؤن آهين عقيق، مجهه ملڻ هئي لاچار ڪا
4. ”مسڪين“ مهر ڪر سڄڻ، آئيا جو ميري اڄ اڱڻ
ميرا اڱڻ ٿيا سارا چمن، جيها رنگ هي گلزار ڪا.
[175]
سر ڪلياڻ*
ڪا هنئين سين لاءِ ڀوري، ڪا هنئين سين لاءِ
توکي سمهڻ آيو ساء ڀوري، ڪا هنئين سين لاءِ
لڳي آڳ مچ ٻريو محبت جو منجهاء
1.
مچ ٻريو محبت جو ميان، تو ڪيئن ماٺ جڳاء
ڪيئن سانڍيئي ڪپاهه ۾ سندي ٽاندن باهه
2.
سچي سِڪَ پرين جي ميان، اندر جني آهه
سي بانوريون برن ۾ روئنديون پڇن راهه
3. ”مسڪين چوي مَن ۾ ميان، ڏوهه ڀريو ڏانء
اسان پريندي پانهنجو، صدقو ڪيو ساهه،
[176]
سر آسا
سِڱيون سور سَڃين، ماءُ! وِره وڃائين ڪاپڙي
1.
بُّک بيراڳن بر ۾، پاسو پَر نه ڏين
2.
تال تنبورا تُنبڙي، نانگا نال نه، نِين
3.
سُک نه سامين سُنگ ۾، ڏوڙا ڏک ڏسين
4.
فرياديون ”فقير“ جون، سامي مانَ سُڻين.
[177]
سر آسا
ڪنهن نون مين حال سڻاوان عشق لڳا تيڏا ماهي
1.
اڳي جو اکيان عشق آڙايان، پيڇي سو پير نه پاوان
2.
طعنا جي تنڪا رانجهن والا، چشما تي چُم چاوان
3.
متيان ڏينديان سڳيان سهيليان، مول نه ڪنهن ڪونه ڀاوان
4.
آپ اُٺايس سر پر چايس، لڳڙا نينهن نڀاوان
5.
فڪر ”فقيراڻي“ فراق جو دل وچ، سهسين سور سماوان.
[178]
سر جوڳ
پلڪ نه رهنديان پَليان، اکيان سي وتن اڪيليان
1.
نال نيڻان دي نينهن مين لايا، پيڇي سو مول نه وليان
اڳي وڃن البيليان
ور ڏي وڙهديان، ٻهه نهين رهنديان، چشمان ڏيکڻ ڇَليان
محرم مُهيندي غرَ نه ڪهيندي، جهٽڪا ڏي نهين جهليا
ڦِردي ”فقير“ ني ڪاڻ رانجهن دي، گهول گهمن ڦِر ڳليان
توڻي سڙن ساليان
ڦِردي ”فقير“ ني ڪاڻ رانجهن دي، گهول گهمن ڦِر ڳليان
پيوَن سي پريتم پياليان.
[179]
سر لوڙائو
سڪندڙي ساريان عمر اماڻيان
مارو ميڙ ملير وڃان
1.
ملڪ مارن جي مينهڙا وسن ٿا
ساڻيهه منجهه سانوڻ سجهن ٿا
پرين سان گڏ پلر پيان
2.
آءُ ڪنهن سان ڪريان حال ويهي
ٻيون سڀ ساڻيهه آءُ پرڏيهي
ڏوراپا ڪنهن کي ڏيان
3.
هي سک تنهنجا مون نه سيباڻا
ڪين وڻن مون کي طول وهاڻا
جيڏين ڌاران دم نه جيان
4.
روز کڙي نت راهه نهاريان
ڦارون پايون ”فقير“ پڇايان
ٿر هيڪاندي شال ٿيان.
[180]
سر سارنگ
ويکو يار ڪا ديدار جو جنسار بنيا هي
دستور ڪنون نور جو اسرار بنيا هي
دل دُور ڪِيتُس ڪَلُور ڪِيتُس چور چشمان نال
ڦِر هاڻ ڪُهڻ ڪاڻ جو خونخوار بنيا هي
2.
زلفان لئي ايمان چا مستان ڪيتا هي
رخسار ڏونهين پار سِيہَ مار بنيا هي
3.
هڪ جهل سندي پلڪ سارا مُلڪ رليا هي
4.
اڄ رات ڏيو ڏات سڻو بات هي ”فقير“
پيچار سڀ ڄمار جو ڦيريدار بنيا هي.
[181]
سر تلنگ
تون نه ڇڏين، مر لوڪ ڇڏي
سائين! لوڪ ڇڏي جن لئي
اکيون اُڪير ۾ جيڏيون جن لئي
ساهه سِڪي ٿو سرتيون تن لئي
سو محب ملي ڪنهن بخت وڏي
2.
حسن هوتن جيڏيون ڪيو اظهاري
درسن پسي دل ٿي ويچاري
نينهن نيڻن سان ويو يار گڏي
3.
سڪ سچن جي ڪيس نماڻي
ٿي پورهيت ڀرينديس پاڻي
مانَ ڪنئي يڪبار سڏي
4.
عشق جني جي ڪيس آزاري
”مسڪين“ محبت تن جي آءُ ماري
سي مانَ پڇن ڪڏهن جانب جڏي.
[182]
سر بلاول
مک ويکايوءِ، محب مارايوءِ
چشم چايوءِ، سو ڇو شتاب
جاني جلوا ڏيک تُساڏي، لُٽ نيتي هي دل اساڏي
قلب ڪيتوئي ڪُهي ڪباب
ويکڻ آيا سورج چاندا، ڏيک تجلا ٿيا ماندا
جاني ڇپايا تيڏي تاب
نينان دي وچ ڪو ناز ڌرين ٿو، مشتاق نون چار مار گهتين ٿو
حڪم ڪيتوئي لاحجاب
زلفان تيڏي زور زنجيران، جوڙ بنايوئي ڦاهي ”فقيران“
ٻَڌ نيتي دل تِس طناب.
[183]
سر بلاولي
ڀورا! عاشق نام سڏاوڻ وي
سڀ بار بدي دا سر چاوڻ وي
آهي عاشق نه حال غروري
نهين زاري ڪرڻ ظهوري
اها منزل هي منصوري
سر سولي چا لڙڪاوڻ وي
2.
ڪيا دنيا ڪيا عقبى والا
نهين ماضي استقبالا
رهه راضي همدم حالا
اِيوين رمز سجن دي رهاڻ وي
3.
ڇوڙ دلق گدائي جو ڪملا
نهين شاهي سر ٻڌ شملا
اِهي فڪر ڦٽا ڪر اَولا
پڇي الله الله سخن الاوڻ وي
4.
ڪيا علما علم اميري
هي هرگز حال حقيري
ڳؤرا بار ”فقير“ فقيري
آهي مشڪل توڙي نڀاوڻ وي.
[184]
سر جهنگلو
آوي اسانون يار مکڙا ويکايوئي
موهه موهن محتاج ڪيتوئي جاني.
آوي اُمت نون ڪلمان پڙهايوئي
ظاهر بر خود دين ڌرايوئي
محمّد ٿي معراج ڪيتوئي جاني
2.
وچ زنخ دي چاه بنايوئي
يوسف تنهن وچ آڻ سٽايوئي
تيڏان مصر وچ سرتاج ڪيتوئي جاني
3.
طور سينا پر موسى ڪهرايوئي
پرزا ڪر پوءِ درس ديکايوئي
عاجز دي احتياج ڪيتوئي جاني
4.
آکي ”فقير“ مئن سهي جو سڃاتو
جڏاهون جو ٻي ڪنهن اور جو چاتو
تڏان تنن ڪون تاراج ڪيتوئي جاني.
[185]
سر بروه
ساڏا نينهن نڀاوڻ دا نهين، سور تساڏا سٻر ٿيا
1.
ڪر ڪر فوجان جو حسن آيا
عشق سا نون چا ڊُرڪ جڳايا
اڳون عذر اَلاوڻ دا نهين
حملا ڏيک سانوڻ حذر ٿيا
2.
چؤطرف سڄڻ جي چشمان چوريان
خون ڪرڻ لئي جو خوني کڙيان
سيف سڄڻ سٽاوڻ دا نهين
سيڱ سينا ساڏا سپر ٿيا
4.
تيغ نينان دي جو ”فقير“ ڦٽيا
وِره سڄڻ دا مين ڪنهن نال وٽيا
باب بره دا بتاوڻ دا نهين
گوندر دي وچ گذر ٿيا.
[186]
سر رپ*
تون ڪر پڇين ڪوهه، هئي اسان جو حال جو
جنهن کي ڏکي ڏيل ۾، سا تان ڪمتر هوءِ
1.
پري پَسي پَهَين جيئن، او پڻ ڏٺو ڏوهه
دائم آهي دل تي اي عاشقن اندوهه
سپريان جي ڳالهڙي پڌر وجهڻ ڏوهه
2.
سِر وڍي پير ڪري ڪو عاشق راه هلندو
جُوءِ جن جي او رنگي، ورلو اتهين پنڌ ڪندو
سئي ڄاڻن سي سڃاڻن، لُڀايا جي لوءِ
3.
سپيريان جي ڳالهڙي جي هوند پڌر پوءِ
ته مارو ماڙهو ”مسڪين“ کي هوند سڀڪو ٿو چوءِ
درد درد وندين جو ڪمتر ڄاڻي ڪوءِ.
آخوند صاحبڏنو
آخوند صاحبڏنو شڪارپور جو ويٺل هو. مشهور درويش ۽ عالم فقير الله علوي جو
معتقد هو. نواب ولي محمد خان (وفات 1247هه) جو
همعصر هو. سن 1250هه/ 1834ع ڌاري وفات ڪيائين.
قلمي بياضن ۾ سندس 27 ڪافيون ڏٺيون ويون.
[187]
اندر آتش ٻري ڄيرو، پچي جيء جان ٿو جيرو
ڪيو دلبر بدل ديرو، کُتا خيما سندا سورن
1.
هڻن جانب ڀري جاتي، نسنگ نائُڪ سندا سور
طبيبن جو طبا تاتي، اثر ڪئو نه فرق ڦٽن
2.
لڳي جَڙِ دوست جي جاڪُون، ناهي آرام تِرُ تاڪُون
ڦاٽي اندر ٿيو ڦاڪُون، منهنجو هينئڙو بنان هوتن
3.
هئي هئي هولن ڪيو هوليڙو، عجب ڪيو عشق اوسيئڙو
سڄڻ جي ڳالهڙين ڪيڙو، منهنجو من مست محبوبن
4.
سدا صحبت سَقيمن جي، مٺي مجلس محبن جي
ساريو صحبت سپرين جي، اچيو پلپل پُور پَوَن
5.
اول سڀ ڪنهن عشق سوکو، نباهڻ نينهن پوءِ اوکو
اَٿو جيء جان جو جوکو، سمجهي رک پير پار پِريَن
6.
اها سُڌ سور جي جنهن کي، لڳي لوري جيءَ ۾ جنهن کي
وڃي ڏس تون ڏکوين کي، نه سَل سِڪَ سور بيدردن
”صاحبڏنا“ تون هلي هيڪر، پسي درسن سندو دلبر
فدا جيءُ جان تون جيڪر، ڪرين قربان لئي ڪيچين.
[188]
ڪُوڙا ڪين رسيا، جن ڪرت ڪچي
لنگهي پار پيا جن سِڪ سچي
ڊنو پوءِ ٿو وڃين، ڀيري ڀاڻ نه ڀڃين
هل تون موت مڃي، لائق ناهه بچي
جوکو جان جتي، عاشقن وڃن اتي
اوراٽي اڳتي، بيٺا مرد مچي
من ۾ مير جني، ناهي نصيب تني
پوري ٻار ٻني، پيا منجهه غير گچي
جن لئي جانِ فدا، پرين سي پسندا
سورن ساڻ سدا، بيٺو بِرهه ڀِچِي
لڪايو لوڪ لِڪَ ۾، سر ٿيا سِڪَ ۾
هوتن جي حق ۾، ڪيائون ڪانه ڪچي
لائي نينهن مَ لڙ، سپريان لئي سڙ
ٻاري باهه ڀڀڙ، پوين ڇونه پچي
سالڪ سوز اندر، ”صاحبڏنو چوي سر
منجهون مچ مڱر، نڪتا راس رچي.
[189]
ناه مناسب منهنجو ڙي جيڏيون
ڏيڻ ڏوراپو ڏيرن کي
وچ ۾ کَرنِ خريَبت چوري
ڪڍيائون ساجن سحر سوري
ونگ پيا شل ويرن کي
2.
اُٿڻ ويهڻ اختيار عجيبن
مارن جيارن سڀ هٿ هوتن
وس نه پانهنجو ويچارن کي
3.
ساڻ زوري ور مون لئي لائي
سورن خاطر آءُ ڇو ڄائِي
ڀينر چوان پنهنجي بختن کي
4.
چُريا مون کي چاڪ دلبر جا
دل ۾ دکن ٿا درد دوسن جا
ترس ڪو ناه طبيبن کي
5.
پِرتئون پِريَن لئي ڏونگر ڏوريندي
مال مڏيون جند جان گهوريندي
ڪوه ڪندي مُنڌ ماڙن کي
6. ”صاحبڏنو“ چوي وسيلو آهي
اؤکيءَ ايندو قريشي ڪاهي
ساڻ نيندو شل سامُن کي
[190]
دُعا ڪريو اچي وَر مون وري
جنهن لئي اديون آهيان چَرِي
هئي هئي ڇو ٿي سُمهيس سيج تي، رهزن هوم رند ريج تي
ويئڙا وٺي ور ڪيچ ڏي
2.
جيڪس هُيس ميري مندي، ويئڙا ڇڏي بيڪس بَندي
کوٽي کري سائِن سندي
3.
خنجر کُتا نينهن جا نوان، ڪنهن کي درد دل جو چَوان
ناهي لڳي لورِي اوهان
4.
ڪيان دانهن جيڪر اُڀَرِي، ماڻهو مڙئي چوندم چري
مرجان مران سِڪ ۾ سڙي
5.
ساٿي ويام سحور کي، ٻن ڏيان دنيا جي دور کي
ڏيان باهه شهر ڀنڀور کي
6. ”صاحبڏنا“ ڪَل هي ڪُٺن، ٻيا ڇو سدا گهورون گُهرن
جن کي
لڳي رت سي روئن
[191]
چرخو چوريو ڙي جيڏيون، ايندوَ ڪم ڪتڻ
اٿي جاڳو ڙي جيڏيون، ڪهڙو ساء سهڻ
1.
هت ڪئن ايندءِ ڪرهو، ڪئن وسريئي موت مرڻ
هُت ڪيئن ايندئين هوت وٽ، ڪوڙي ڪوڙي ڪنڌ کڻڻ
2.
ڦوٽو پاڻي تي تري، اِينهين ڄاڻ جيئڻ
خاڪي ويندين خاڪ ٿي، ڄاڻو جيئڻ
خاڪي ويندين خاڪ ٿي، ڄائو هوس نه ڄڻ
3.
ڪر ڪا ڪِرت ڪتڻ جي، غافل ڇڏ گهُمڻ
مُؤڪِل ايندئي موت جو، ويندُءِ لاڏ لُڏڻ
4.
اولي اورج عشق جي، لوڪئون ڪج لِڪَڻ
پاندِي ڪتج پريت جي، جاتي عشق آتڻ
5.
ڪَر ڪِين وڻج واپار، موڳيء ناهي موٽڻ
قسمت سان ڪڏهين ٿئي، موٽي ماڳ اچڻ
6.
عاشق عارف اولياء، تِن کي ڊاء ڊڄڻ
اٿن هول حساب جو، راتيان ڏينهان روئڻ.
[192] *
عشق وارن کي اکڙيون عاشقن جون ميان
درد وارن کي ديدان
دلبر
جون ميان
وجهن گهورن سان گهايُون گهايُون
پتنگ پرواز ڪيون جلن ٿا جيئن
عاشق آڙاهه ۾ پون ٿا ايئن، سانگا سِرن جا لاهيون لاهيون
2.
رمز جا ڪُٺڙا رهن رضا ۾
جيءُ جسو پنهنجو وجهن جزا ۾، عاشق الفيون پايُون پايون
3.
ڏور وڃن ٿا مئيءَ کي ماريون
سِر سُوريءَ تي ڏين سينگاريون، ڏس رندن جون لايون لايُون
”صاحبڏنو“ چوي سورهيه سالڪ
سِر ڏيئي ٿيا مُلڪ جا مالِڪ، ديدان ديدان سان لايون لايون
[193] *
ڳوٺ سڄڻ جو مثل مدينو، خوشي ته وسي يار ننگينو
سهڻو باغ سڄڻ جو عالي، طوطا مينا مور خوشحالي
ٻولي ٻولن ٿا دردن والي، رمز تنهين جي ٿي ساڙي سينو
سَگ سڄڻ جا قسمت وارا، هر دم جيڪي ڪرن نظارا
مون کي ڀي ڪر اهڙا اشارا، آهيان خادم خاص ديرينو
3.
محل سڄڻ جا حور قصوري، ڪعبو ملائڪن بيت المعموري
رهندڙ جنهن جا آهن حضوري، رکن ٿا سڀ سان نيڪ قرينو
4. ”صاحبڏنو“ شال وصل جو پياسي، ساجن لئي آهي ڏاڍو اُداسي
صفت سخا جي رک تون خاصي، سڪندي گذاريان سال مهينو.
پير صاحب علي گوهر شاهه ”اصغر“ ۽ سندس سلسلي جا
شاعر
پير صاحب علي گوهر شاهه ”اصغر
سيد علي گوهر شاهه ”اصغر“ عرف ”بنگلي ڌڻي“، پير پاڳارن مان سيد صبغت الله
شاهه ”تجر ڌڻي“ جو ٽيون نمبر فرزند هو. تاريخ 4
رجب 1231هه/1816ع ۾ ڄائو ۽ 11 جمادي الاول
1263هه/1845ع ۾ وفات ڪيائين.
موجوده پير ڳوٺ ۾ ڪوٽ، بنگلي، ڪتبخاني، مسجد ۽ مدرسي جي تعمير توڙي پنهنجن
بزرگن جي ملفوظات وغيره کي گڏ ڪرائڻ طرف سندس خاص
توجهه ٿيو. پاڻ ڪافين جو باڪمال شاعر هو. سندس
ڪافين جي ڪتاب ”اصغر سائين جو ڪلام“ ۾ 526 ڪافيون
شامل آهن. (1)
[194]
سر ڪوهياري
جهاما ڏِئي جيئن جُهڙ، سائين
تيئن رت روئن اکيون تولئي، وو
روهه رڱيم روئي وو رت سان، ماڻَ ڀريا ڪِين ته مُڙ
2.
مِرُن ٻڌي وو ماٺ ڪئي، لَڪَن، منهنجو لُڙ
3.
ويڻَ ڪَڙا تو وو قريب جا، هِن مِٺا جيئن ڳُڙ
4.
پانڌي ڏجان وو پوڻائِنِ تي، ڍاڪُون ڍڪي جيئن پُڙ
5.
محبت جي وو ميدان ۾، ”اصغر“ عاشق پيو گُڙ.
[195]
سر ڪوهياري
سُنهُن ڏِين جي ساکُون،
ته آهيان ٻانهي تنهنجي ٻاروچا وو
مَٽيو مُنهن مجيب ڇو تو، ڇوري کؤن سو ڇا کؤن
2.
باري لڳ بخشج تون، مَٺيون ٿيون جي ماکؤن
3.
شجر پوکيئي جو شوق جو، ڇانگ نه تنهن شاخؤن
4. ”اصغر“ هن عشق جي، مس بِرههَ ڪيون باکؤن.
[196]
سر حسيني
ڪٺيءَ وٽ ڪَٽِي ڪا،
راتِ نه هڪ ڪيچن ڙي
1.
ڦِٽو ڪيائون ڦَٽيءَ کي، جيڪُس ٿيس کَٽِي ڪا
2.
ٻَڌي ڪانه جَتن ڙي، ڦَٽن تي به پَٽي ڪا
3.
ويندي هن ولهيءَ کي، گهوٽ نه ڏَسي گَهٽي ڪا
4.
ههڙي هوند ڪانه ڪا، فراقن جي ڦَٽي ڪا
5.
جَنين يار جدا ڪيو، پوي تَن تي چَٽِي ڪا
6. ”اصغر“ عاشق دل ديواني، محبن ڏَنہ نه مَٽي ڪا.
[197]
سر جوڳ
آهيان اُهو سوئي آهيان، لوڪان پاڻ لڪايان
1.
آءُ ڪعبي جو ڪعبو حقيقي
ٺاهه نڪو ٿو ٺاهيان
مسئلو مُلَڪو ڪونه ڇڪايان
2.
بعد فناء الفناء جي بقاء البقاء
اِنهان پوءِ ڀي ناهيان
اڃان ڀي پاڻ جُهڪايان
3. ”ڪُلُّ شيءِ هالَک اِلاَّوَجهَہ“
هُو جي آءُ ڇا
ناهيان
غيرت سڀ ٿو ڍڪايان
4.
ڪڏهن مَڙهين ۾ ڪڏهن مسجد ۾
ڪڏهن عاشق ٿي هنجون
وهايان
ڪاٿي سُهڻو ٿي سِڪايان
5.
ڪڏهن عبدالله ٿي ڪريان عبادت
ڪڏهن سپاهي
ٿي سِر لاهيان
ڪاٿي چشمان ٿو چِڪايان
6.
ڪاٿي ”اصغر“ ڪاٿي اڪبر ٿو ٿيان
وحدت ڪثرت مان آهيان
هر هنڏ پاڻ ٽِڪايان.
[198]
سر جوڳ
جوڳي ڪر جنسار، آيا شمي لاڪي
ڇوڙِس تخت هزار، آيا جهنگ پُڇاڪي
وال جوڳي دي وَل وَل ولڙي
هڪ هڪ وال سؤ سؤ ڇَلڙي
ڪيتيان زُلفِ زونار، سِيالِيان جهوڪ پُڇا ڪي
الست آواز جنهن وَنجهُلي وڄائي
مَليسِ مُنهُن وچ ڀَڀوت مَلَنگي
سهڻا ڪر سينگار، عاشق ڪِيتُس اَڪي
الست آواز جنهن وَنجهُلي وڄائي
روپ ”بَلى“ دي دِلڙي ريجهائِي
لاخوف دا خمار، معشوق آيا چشمان چاڪي
آوندي ڪِيتيس دلڙي ديواني
ڇوڙ قبيلي ڦِران مستاني
رئندي زارو زار، ڳالهيان ڳُڻ ڳاڪي
”اصغر“ عاشق مرشد موهيندا
صورت مورت سڀ سُونهيندا
غمزن ڪيا گلزار، آيا سُرمان پاڪي.
[199]
سر جهنگلو
سڀ ڪنهن سڄڻ اڄ عيد ڪئي، مان کي توريءَ ماتام آه
1.
عيد اضحى جي آئي، لئي عاشقن قتلام آه
لوڪان خوشي مون لئي حشر، سورن سندو انجام آه
دمدم وصل جو واعدو مشتاقن مدام آه
سِر سوڌو سڀڪنهن سٽڻ، اِهو عاشقن احرام آه
سور سختيون سبق لئي عاشقن اِڪرام آه
سي حيرت ۾ حيران هِن، ٻئي هر ڪهين آرام آه
مستن جان مخلوقات جو مون مٿي اڙدهام آه
مهڻا ملامت مان مٿي ٿيو هل ۽ هنگام آه
ڪو چوي اهو آ چريو، ڪو چوي سر سام آه
ڪو چوي سودا اٿس، ڪو چوي پيتو هِن جام آه
دلبر جو هن ديوانيءَ کي پيو دوستيءَ جو دام آه
”اصغر“
عاشق جي عشق جو هي قصو ملڪ ۾ عام آه
[200]
سر جهنگلو*
ديــدن وِڌيس دَڳي ڙي دَڳي ڙي
دانَہ
دوست سڄڻ جي، دلبر دوست پنهل جي
راضي گُهرجي هڪ گهوٽ گهوريءَ کي
ڀُلڪارن جو ڀؤ نه ڀوريءَ کي
ويري ڇا جو وَڳي ڙي وَڳي ڙي
2.
عشق آريءَ سان منهنجو روز ازل کؤن
ناهي اڄ جو، ڏينهن اول کؤن
سڀ کؤن آهي اڳي ڙي اڳي ڙي
3.
ناهيون اوهين وره جون ورتيون
لئون لالڻ جي آهي من کي سرتيون
تيلانہ تَتِي ٿي تڳي ڙي تڳي ڙي
4.
ريهي رُوح رُليءَ جو نِيو رانول
سوگهو ساه سڙيءَ جو ڪِيو سانول
سِڪَ جي ساڻ سَڳي ڙي سَڳي ڙي
5.
بَڇي باهه بَره جي ڀوريون
نماڻيءَ کؤن ڇاکي سا چوريون
دل ويو دوست ٺَڳي ڙي ٺڳي ڙي
6.
تار طلبَ جي ٿم محب سان مچي
ڇُٽندو ڪين ڪمينيءَ کؤن ڪيچي
ڀينر بلڪل ڀَڳي ڙي ڀڳي ڙي
7.
ڪنديس پرزا پاڻ ته پنهنجو
هادي هوت تان آهي منهنجو
ڇوريون ڇا ٿو لڳي ڙي لڳي ڙي
8.
طعنا تهمت مهڻا ملامت
”اصغر عاشق کڻن امانت
جڳ سڀوجي جَهڳي ڙي جَهڳي ڙي.
[201]
سر لوڙائو
نفعي ضرر جي خبر رکين پيو، بندگي ويلي بيخبري
1.
وئي جواني آئي پيري، ريش سفيد عنوان ظهيري
ته به اثر نه ٿيو توکي بي اَثري
ٻالڪ بزرگ نيڪ سڏائين، ٺاهه ٺڳيءَ جا ويٺو ٺاهين
ته به هنر نه آيو توکي بي هنري
”اصغر“ عاشق يار سڏائين، پئسا پانديون پوڻيون پڇائين
تو کؤن ذرو نه وسري سِيم ذري
[202]
سر سهڻي
ميهر تان نه مَٽي، ڇا جي لوڪ مَٽيندو
سِڪَ رتيءَ جي ساء کان، آيس راڄ رُٽي
2.
گهوريان جيءُ جهانَ تان، هڪ جانب شال جٽي
3.
لوڌ نه ماري لوڪَ جي، هڪ ساهڙ تان نه سٽي
4.
ڪاهي ويندي پار پرين جي، منهنجو شال نه هينئانءُ هٽي
5.
ڪاهي آيس ڪُن تي، ساهڙ لاءِ سٽي
6.
هي ڏک ڏولائي جا ڏينهڙا، قادر شال ڪَٽي
7.
لنگهي ويندا لُک جا، ڏکيا ڏينهن ٻَٽي
8.
پنجهوڙيون تن پاڏنجون، وارن جون به وٽي
9.
سر پڻ ڪنديس صدقو، ڪنڌ ڪلهن تؤن ڪَٽي
10.
سهڻِي سَهڻي ۾ ساهڙ جي، وڌي گُهور گُهٽِي
11. ”اصغر“
عاشق چئي عشق جو، شال نه خيال کُٽي.
[203]
سر بروو
تو سان ڳالهه اٿم هڪ ڪرڻي، هلي آءُ تون اڱڻ پيارا
ڏي امانت وارِ سلامت،
هو جا دل ڏنيم توکي ڌرڻي
2.
آءُ عجيب اڱڻ منهنجي،
صبح محبَ آءُ آهيان مرڻي
3.
جيءُ وڃي ٿو جان مؤن نڪتو،
پئي ڦڦڙن ۾ ڦَرڻي
4.
اجل! ساعت ساهه نه ڪڍ تون،
اڃان آهه اٿم هڪ ڀَرڻِي
5. ”اصغر“ عاشق جي دل دانہَ دلبر،
ناهي ڏاڍ ڏکن کؤن ڏرڻي.
[204]
بروو
بار بديون بهتانا، لک طعنا، سِرَ تي سُور سٺم
ڪاڻ ڪُٺن کي مور نه ڪنهن جي
ٻڌن ڇوڙين پاڻ ۾ پنهنجي
شوقئون ڪن شڪرانا
طعنا تنڪا جهيڙا جٺيون
سر تي سهنديون محبت مُٺيون
پائي ڳل ڳچي ڳانا
3.
عرض عجيب
کي قربئون ڪريان
بلڪل بيحد وڃو
ڀريان
جانب اڳيان لک جانا
4. ”اصغر“ عاشق کي لايئي لوري
جند جان سڄڻ تو
تان گهوري
گـهوريان مال خزانا
[205]
سر آسا
وحدتئون آ ڪي ڪثرت دي وچ
ڪيتا وسي سُهڻي عجب پَسارا
احدئون آڪي عبد آکايس
هر هنڌ هر جا آپ لَکايس
عاشق اپڻا نام رکايس
ڪيتس آپڻا آپ نظارا
2.
بيرنگي وانگون آيا وچ رنگ دي
ڪڏان هوندا
حاڪم ڪڏان کڙمنگدي
چاڪ چوائي آيا وچ جهنگ دي
ڪٿان ڇوڙيس تخت هزار
3.
حاڪم هو
ڪي حڪم هَلِيندا
ڪِنهان ڇُڙيندا
ڪِنهان جَهليندا
ڪِنهان نون
عاشق ڪر تَليندا
مظهر، ڪيتس هي جڳ سارا
4.
ڪڏان احمد ڪڏان محمد هويا
احدئون عبدالصمد هويا
اَبيچند ڪڏان
سَرمد هويا
ڪڏان هويا علي حيدر هاڪارا
5.
اڪبر وچون هويا اصغر
”اصغر“ اِهو ول هويا اَڪبر
”کُلُّ شَيءِ
يَرجعِ“ هو ياوت اَظهرُ
لڳا ”لِمَنِ المُلکُ“ نغارا
[206]
سر آسا
جوڳي زلفان کول نِي، آيا ڀَڀُوت رَما ڪي
1.
سِر تي چِرا مُنهن تي ڀَسِمي
آها اصلي نا ها رسمي
رهيا آ سِين ڪول نِي
سامي سيني وچ سَما ڪي
2.
وچ زلفان دي مُکڙا دَمڪي
بَدليان وِڄ جيوين بجلي چَمڪي
ٿِيوان تنهن تُون گهولِ ني
شعلي ويک شمعا ڪي
3.
ڏيندِيهان بِکيا گهِندا جو ناهين
دمدم در در ڦِردا جو اَنهين
رمزين نال ڳيا رول ني
قهري ڪيس ڪُما ڪي
4.
شاهه شَهاندا ويس ويراڳي
ڪَن وچ مُندري ڀيرُ بيراڳي
وي ويک عجائب چول ني
کَڙيان سِر نَما ڪي
5.
نَينان ماهِي دي ”اصغر“ نِيتا
مثل جوڳي ڪنهن دا نه مِيتا
چشمان نُون ڳِيا چولِ ني
غَمزي نال غَما ڪي.
[207]
سر راڻو
راڻا، نه ڪر تون ماڻا، مارين ڇو ٿو محب مُٺيءَ کي
1.
راڳ واري وِلهيءَ تي، سوڍل آءُ سياڻا
2.
ورنہ تنهنجي وصل لئي، نِينهان گهوريم ناڻا
3.
ترس نه ڪرين تون تن تي،کُوري ۾ جي کاڻا
4.
وَهندو ايندين جي تون ولها، وٽ آگي عرض اگهاڻا
5.
اُڪنڊ اوهان جي آهي ”اصغر“ کي، مل راڻا مَن ڀاڻا
[208]
سر بلاول
سونو بازو بند، مون ڏي سڄڻ موڪليو
ٻانهن ۾ پائينديس، لوڪؤن لڪائينديس، اٿم آسابند
2.
اچڻ ساڻ عجيب جي سرتيون، گهوريان ساري سِنڌ هِند
3.
مٽ ناهي ڪو يار سڄڻ جي، سائين جو سوڳند
4.
جيڏين سرتين سينڌين وچ ۾، مٿي ٿيڙم ڪنڌ
5.
سهجئون مونجا سيج وڇائي، ڦُلن ڇانيو هنڌ
6.
سينڌ ڳنڌائينديس، سڀ رنگ لائينديس، اُتس سوني تند
7. ”ميم“ محبت ڪاڻ ڪيائين، اصلئون احد احمد
8. ”ونحن اَقرَبُ“ نيڙي وَسي ٿو، وچان وار نه سَنڌ
9. ”وفِي اَنفُسِکُم“ اِئين اُتائين، ڪاڏي وار مَ ڪنڌ
10.
احدئون احمد ٿي هِت آيو، آهي ”اللهُ الصَّمَد“
11. ”اصغر“ چوي اٿم انهن سان، ساهه سندو پَيوَند.
[209]
سر مارئي
ڏوٿين ريءَ آءُ ڏُکياري،
عمر ميان! موڪل ڏي ته ملير وڃان
هَئي هَئي ٻاٻاڻن جي ٿم پِرتڙي،
سيرن کؤن ٿم سُکياري
2.
سڱر سائُون لئي سانگين جي،
بيحد آهيان بُکياري
3.
پٽ پٽيهر ڏي تنهين کي،
نار هُجي جا نُکياري
4.
جهاگيڙن جي جهوريءَ کؤن،
جيءُ جُسو جانِ جُکياري
5.
ضعيفن جي زور جي،
مولى ڏِنئي ڪا مُکياري
6.
آجڙين ريءَ ”اصغر“ چوي،
دل جا آهيس دُکياري
[210]
سر گندري
ڪينجهر ۾ هت ڪالهه، سڄو ڏينهن شڪار هو
1.
ڪينجهر ڪيائون ڪلهن تي، وحدت جو واپار هو
2.
کٿوريءَ خوشبوءِ جو، هُو هو جو هُٻڪار هو
3.
نشان چُٽيائون نظر سان، محبن ڪيو مار هو
4. ”اصغر“ چئي عشق وارن تي، روضي ڌڻي جو راز هو
[211]
سر پهاڙي
ڪعبي وڃن ڪيئن ڪاپَڙِي، جي عام کان آجا ٿيا
ورن ڪين وجود ڏي، نسبت ناطي نينہ جي نِيا
ننگ ناهين ناهي نگاه، نانگا ننگؤن نڪري ويا
2.
بي ريا سهسين لکين ڪعبي وڃن حاجت پِنڻ سي اَتقِيا
ڪعبو وڃن تن ڏي هلي، جي ري خُمر ٿيا هِن کِيا
3.
حُسن هادي جو پسي، هر جاءِ لکين پائِن لِباس
مستن ڏٺو محبوب کي پنهنجي ڏيل ۾ ٻاري ڏِيا
4.
سامي سدا آهن سَير ۾، گرنار ريءَ نه آراميا
لنگهي دوارڪان ڪاشي هليا، جوڳي جُودون جمنا ڳَيا
5.
تَرڪ ڪيائون تَرڪ کي، جسمؤن مري جوڳي جِيا
گِرنار کان گنگا هلي، هنگلاج کان پورب پيا
6.
صفت کان جي صاف ٿيا، مٿڙا اٿن مَن ۾ سدا
بيراڳ ۾ بيراڳيا، درسن پسي ديوان ٿيا
7.
مشاهدي ۾ محو ٿيا، خمار ۾مخموريا
”اصغر“
عاشق آهن اُهي، جن ساهَ ساجن سان سِيا
[212]
سر پهاڙي
ڪانگل ڪڍي دل تو ڏيان،
جانب اڳيان جي تون کِئين
ڏج ڪِتابت روبرو، قاصد ادا شل تون جئين
مُرڪي حقيقت جي پڇن، جيئن آءُ روئان ٿي روئج تيئن
2.
مِزگن سندا خنجر هڻيو، عاشقن جو رت ٿو پئين
هٿَ پيرَ رت ۾ رڱيو، پوءِ ڏوهه مينديءَ کي ڏِئين
3.
بجليون بهاري جون ٿيون وَسن، اکڙيون رئن ٿيون تيئن
”اصغر“
عاشق جو حال ائين، جَرَ کان مڇي ٻاهر جيئن
[175] ”راڳنامون“ صوفي
محمد صديق، شاهه عبداللطيف ڀٽائي شاهه ثقافتي
مرڪز، 1981ع تان ورتل.
[186] ”راڳنامون“،
صوفي محمد صديق، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه
ثقافتي مرڪز، 1981ع تان ورتل.
[192] تعلقي پني عاقل
مان محمد عالم عباسي کان مليل.
[[193] تعلقي خيرپور
مان عبدالرزاق ٻانڀڻ کان مليل.
* فاضل شاهه واري
ڪافين جي ڪتاب ۾ هيءَ ڪافي سُر بروي هيٺ ڏنل
آهي.
|