پوئين رات ٿي. هوائن ۾ خاموشي هئي. چنار ۽ شاهه
بلوط جا وڻ لڏي لڏي ٿڪجي پيا هئا. ماحول سانتيڪو
هو. هو پنهنجي مٺڙي صفيءَ جي ڀر ۾ پيو هو – بلڪل
اوپرو ۽ اياڻو، بي سـُڌ ۽ بي سرت. ٻئي اُٿيا. صفيه
سندس سيني ۾ ڪوٽ جي ڪالرن اندر منهن ڇپائي روئي
رهي هئي ... ۽ ائين ئي، سڏڪندي سڏڪندي، هن جي ڪمري
کان نڪري ويئي.
سيزن پوري ٿيڻ تي هئي.
چانڊوڪي رات هئي. هوءَ ٻاهر پيل وڏي پٿر تي هن جو
انتظار ڪري رهي هئي. ڌنڌلي چانڊوڪيءَ ۾ هوءَ ڪنهن
ديويءَ جي مجسمي وانگر پـُر تقدس ۽ پـُراسرار پئي
لڳي. ٻئي گڏجي پنهنجن ڄاتل سڃاتل رستن تي هلڻ لڳا.
صفيه سوال ڪيو:
”تون وساريندين ته ڪو نه؟“
”نه نه، مون ته توکي روح جي انتهائي گهراين سان
پيار ڪيو آهي!“ هن وراڻيو.
”پرين،“ صفيه هن جي هٿن کي پنهنجن هٿن ۾ سوگهو
ڪيو، ”جيڪو مزو جلڻ ۾ آهي، سو مِلڻ ۾ ڪٿي!“
هن کي صفيه جو ’مِلڻ ۽ جَلڻ‘ جو فسلفو سمجهه ۾ نه
آيو. ’پيار ۽ جدائي!‘ .... سوچيندي، هن بيوسيءَ
وچان صفيه جي هٿن مان پنهنجا هٿ آجا ڪيا – ڄڻ سندس
روح جي راڳڻي ٽٽي پئي هئي، گيت زخمي ٿي پيا هئا.
ماحول جي خاموشي خنڪ ۽ پـُراسرار ٿيندي ويئي. رستي
جي پرئين پاسي چنار ۽ صنوبر جا وڻ مايوس ٿي نظر
آيا – شايد وڻ به سڏڪڻ لڳا هئا.
يونيورسٽيءَ جي ٽرم جو اڌ مـُدو ذري گهٽ پوري ٿيڻ
تي هو. هو يونيورسٽيءَ جي هر گوشي ۾ صفيه کي تلاش
ڪرڻ لڳو، پر صفيه کيس نظر نه آئي. هڪ ڏينهن جيئن
لئبرريءَ ۾ ويٺو هو ته هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته
ڪو سندس پويان بيٺو سندس چـُر پـُر ڏسي. هن ٿڪل
نگاهن سان نهاريو..... سندس صفي بيٺي هئي! هن جي
اکين ۾ پاڻي تري آيو، ۽ هڪ سڏڪو ڀري جلدي اکين کي
ساڙهي سان مهٽيندي ٻاهر هلي ويئي.
هڪ دفعي صفيه کيس هڪ لفافو ڏيندي چيو، ”هن کي غور
سان پڙهجو.“ رات جو گهر آيو، سڀ الڪا ۽ اوسيئڙا
لاهي، يڪدلِو ٿي خط پڙهڻ لڳو:
”منهنجا سائين،
”تون سمجهين ٿو ته مان هاڻ تنهنجي تصور کي حقيقت
جو روپ ڏيئي نٿي سگهان. پوءِ تون مون سان ايتري
محبت ڇو ٿو ڪرين؟- ايترو والهانه پيار! سچ، جڏهن
توکي ڏسندي آهيان، دل ائين چوندي آهي، ساريءَ دنيا
کي پٺتي رکي تو وٽ پهچي وڃان؛ مگر هي زنجيرون ڪوئي
ٽوڙي نٿو سگهي. مان گهڻي ڪوشش ڪئي ته تنهنجو خيال
دل تان لاهي ڇڏيان، پر ڇا اهو ممڪن آهي ته ڪوئي
لوح و قلم کي ميساري ڇڏي؟ اچ، اڄ عهد ڪريون ته
اسين هڪٻئي کي نظرن کان دور ڪنداسين، ۽ دل ۽ روح
جي قريب رهنداسين.
- تنهنجي صفي، جا پرائي آهي.“
خط ۾ پيل فوٽوءَ کي ڏٺائين، ۽ چوڻ لڳو: ”اَلا
سائين!.... روح خستگيءَ سبب ٽـُٽي رهيو آهي.
چاهيان ٿو تنهنجو پيار ملي، جو منهنجن نيڻن کي
ننڊڙيءَ سان سرچائي سگهي! خدا توکي روح جو چين به
ايترو ڏئي، جيترو توکي حسن ڏنو اٿس!“ ائين چوندي،
هن چادر مٿان ورائي ۽ سمهي پيو – ائين، جيئن پڪ
هجيس ته نه صبح ايندو، ۽ نڪي پاڻ اٿندو.
ڪمل ڪيلو لراماڻي، ’پياسي‘
امير
خبر ناهي ته سندس مائٽن کيس ’امير‘ جو نالوڇو ڏنو
هو. هو مائٽن کي سڪيلڌو پٽ به ته ڪين هو، کيس هڪ
ننڍي ڀيڻ به هئي، جنهن کي هو پيار مان ’بلبلي‘ ڪري
پڪاريندو هو. بلبلي ۽ امير – ٻه ننڍڙا معصوم، ٻه
ابهم، ۽ ٻئي ڏاڍا ٻاجهارا ٻار هئا. ’بلبلي‘ اڃا
ٿڃ – پياڪ هئي، ۽ امير جي عمر ٻارهن سال کن واه جو
ٿيندي. سندس مٺڙو ڳالهائڻ ۽ مٺڙو ورتاءُ اهڙو ته
هوندو هو، جو هو سڀني کي موهي ڇڏيندو هو. البت
ڪڏهن ڪڏهن سندس اَبو اَما ڇڙٻ ڏيندا هئس، پر هو
انهيءَ کي پنهنجيءَ مشڪ سان ٽاري ڇڏيندو هو. امير
مون کي وڻندو هو، منهنجيءَ ونيءَ کي وڻندو هو، ۽
ائين ئي اسان جي گهر ۽ پاڙي مان سڀڪنهن کي وڻندو
هو. پاڙي جي ٻارن لاءِ امير ڄڻ ته رانديڪو هو.
هرڪو پيو پاڻ ڏانهن ڇڪيندو هوس. ڪي کيس ٽول مٺايون
کارائيندا هئا، ته ڪي کيس پنهنجن مائٽن سان گڏ
گهمڻ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪندا هئا. ڪي ته وري اهڙا به
هوندا هئا، جي سندس حرڪتن ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندا
هئا. امير چلولو به هو، پر سندس چلولائيءَ ۾ به
واه جا هٻڪار هوندي هئي. مون سان ته ڏاڍو هري مري
ويو هو. آفيس مان موٽندو هوس ته ڊوڙندو ڊوڙندو اچي
ڄنگهن کي پڪڙيندو هو. مان به هنج ۾ کڻي گهر وٺي
ايندو هوسانس، ۽ پوءِ هو پنهنجين حرڪتن جو ورنن
ڪندو.
”چاچا، اڄ مون ڪرموءَ جي ڳچيءَ ۾ ماڪوڙي پڪڙي وڌي!
ماڪوڙيءَ چڪ پئي پاتس ته ڪرموءَ ر ُنو پئي ۽ ان
سان گڏ ٽپا به پئي ڏنائين. ان کي ائين ڪندو ڏسي
ڏاڍو مزو پئي آيم. سندس روئڻ تي اما اچي ڳچيءَ مان
ماڪوڙي ڪڍيس، ۽ پوءِ مان ڀڄي ويس!“ يا وري چوندو
هو: ”هو جيڪو کيمن لنگڙو صوفن وارو آهي نه، اڄ مان
ان جو هڪ صوف کڻي وٺي ڀڳس. کيمن لنگڙو به منهنجي
پٺيان پيو. هو ته لنگڙو هو نه، پوءِ مون سان پڄي
ڪيئن؟ مان ڪجهه پنڌ ڊڪي جڏهن صوف ٿي ڏيکاريومانس،
ته پاڻ وڌيڪ خار ٿي لڳس، ۽ بڙ بڙائيندو وري منهنجي
پٺيان ٿي پيو. آخر مان به ٿڪجي پيس، ۽ صوف سندس
گاڏيءَ ۾ ڦٽو ڪري گهر موٽي آيس!“ وري ائين چوندي
به نه هٻڪندو: ”چاچا، دادا مميءَ سان ڪڏهن ڪڏهن
ڏاڍو ڪاوڙبو آهي. ڪلهه سندس ڪوڪيءَ کي امڙ ٿورو
سرس گيهه لڳايو، ته آکڻ لڳس، ’هوند آهر ڪين
هلندينءَ؟ اسين ڪهڙا رڄ مڙس آهيون جو هيئن گيهه –
ڳرنديون روٽيون کائينداسين! ڪجهه پاسيرو هوندءِ،
ته ڪٿي هٿ ٽنگڻو ڪين پوندءِ‘. چاچا، دادا ٿورو
گيهه وڌيڪ کاڌو ته ڇا ٿي پيو؟ سڄو ڏينهن ته نوڪري
ٿو ڪري، ... امڙ کڻي مون کي اڻ مـَکيل لولي ڏئي
ها!“ ۽ پوءِ ويهندو هو منهنجي منهن ۾ تڪڻ، ته مان
کيس ان جو ڪهڙو ٿو جواب ڏيان. مان کيس جواب به
ڪهڙو ڏيان. ڇا، کيس ائين چوان ته ’تون، تنهنجو
دادا، تنهنجو چاچو، ۽ اسين سڀ نوڪريءَ وارا شخص،
وچينءَ منزل ۾ اچي ٿا وڃون؛ جنهنڪري نه مزوري ڪري
ٿا سگهون، ۽ نه موٽرن ۾ سير ڪري ٿا سگهون. اسان جي
بدن جو هر هڪ عضوو مشين جو پرزو آهي. ڄنگهن ۽
ٻانهن جو ٿڪ ته لهي وڃي، پر دماغي ٿڪ لهڻ ڏاڍو
ڏکيو آهي؛ ۽ آنديءَ - نيديءَ وارا انسان ته هر
مهيني خرچن جا چِٺا ٺاهي ٺاهي پنهنجي زندگي خرچ
ڪري ٿا ڇڏين‘. سمجهيم ته منهنجو اهو چوڻ هن جي
ڪچڙي دماغ تي برو اثر ڪندو، تڏهن ڳالهه کي کل ۾ ئي
ٺاهڻ جي ڪوشش ڪيم.
”امڙ توکي ڪيئن اڻ مکيل لولي ڏيندي، تون سندس
’امير‘ جو آهين! امير ماڻهو ته وڏا ٿيندا آهن
نه!“
”ڇا امير ماڻهو للائو ٿيندا آهن؟“
”نه، للائو نه، پر لاٽ صاحب ٿيندا آهن.“
”لاٽ صاحب ڇا کي چئبو آهي؟“
”جنهن وٽ نوڪر هجن، جيڪو گيهه – ٻـُڏل لوليون
کائيندو هجي، جنهن وٽ موٽرون هجن.“
”پر، چاچا، مون کي جو سڀ امير ڪري چوندا آهن!“
”تو اڃا ننڍڙو امير آهين.“
”مان وڏو امير آهيان، چاچا، تمام وڏو!“ ۽ پوءِ ميز
تي بيهي قد پڄائيندي چوندم:
”ڏس، چاچا، مان توکان به وڏو آهيان!“
سندس ا ُهي ٻول مون کي لاجواب ڪري ڇڏيندا هئا.
”چاچا، ڏسجانءِ“، مـُٺ ڀڪوڙي، پوريءَ همٿ سان
چوندو، ”مان به جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ
نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس، موٽر به رکندس!
ڀلا ٻڌاءِ، چاچا، ته مان وڏو امير ڪينَ ٿيندس؟“ ۽
مان پيار مان پوءِ کيس هڪ مٺِي کڻي ڏيندو هوس.
هو پوءِ هليو ويندو هو ٻارن جي جـُهنڊ ۾. مان کيس
ڏسندو ئي رهجي ويندو هوس. ٻار ڪهڙا نه پيارا ٿا
ٿين! پنهنجي طوطيلي ٻوليءَ سان هنيانءُ ئي ٺاريو
ڇڏين. واقعي ٻار هنئين جا هار آهن. ٻار خدا جي
نعمت آهن. ٻارن کي خلقيندڙ به ايشور، ته پاليندڙ
به ايشور؛ ۽ جڏهن ايشور سڀني ٻارن سان پهچي نه
سگهي، ته ’ماتا‘ جي روپ ۾ هر ڪنهن جي پرگهور لهي!
ڪيترو نه مٺڙو ٻار هو ا ُ هو امير! ملوڪ هو ملوڪ !
ڍولائتو بدن، گول گول چهرو مٺڙو مٺڙو آواز؛
ڳالهائيندو هو ته ڄڻ دل پيئي ٺرندي هئي. سدائين
پيو ٽڙندو ۽ ٽهڪندو هو. مون ته ڪڏهين به موڙهيل
ڪين ڏٺومانس. ننڍو يا وڏو، ٻار يا ٻڍو – سڀني سان
ملي هڪ ٿي ويندو. مان جي کيس ڪهاڻي ٻڌائيندي چوندس
’هڪڙو هو راجا‘، ته يڪدم وچ ۾ دخل ڏيندو: ”نه
چاچا، اهو راجا نه هو، پر امير هو – امير راجا هو
!“ ائين ڀانئبو هو ته ائين چئي هن ڪا کيپ کٽي آهي.
تنهن ڏينهن ٻارن جي ڪٽڪ مان ڪنهن پاڻ سان نئين
ٽِڦِيتي سائيڪل آندي. امير سائيڪل ڏٺي. هن سائيڪل
واري سان کڻي پڪي ياري ٻڌي. پوءِ ان تي سواري ڪري،
ڄاڻي ٻجهي ٻارن جي جهنڊ مان پوش پوش ڪندو نڪري
ويندو هو. هو چوندو هو ته ”سائيڪل منهنجي ريل گاڏي
آهي، منهنجي موٽر آهي، منهنجو هوائي جهاز آهي!“ ۽
ائين چوندي هو سائيڪل کي تڪڙو تڪڙو هلائڻ شروع
ڪندو هو. سندس دوست موهن صرف پٺيان ئي ويٺو هوندو
هو. جيڪڏهن هن جي اڳيان ڪو ٻار اَچڻ جي ڪوشش ڪندو
هو، ته امير ان کي رعب سان وٺي ٿيلهو ڏيندو هو، يا
جي ڪو سائيڪل کي پٺيان روڪڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ته
امير ان کي به هڪ ٻه گـُٿو اکر چئي ويهندو هو.
امير ائين سمجهندو هو ته سائيڪل موهن جي نه پر
سندس ئي آهي.
سائيڪل تي چڙهڻ جي اجوري ۾، امير موهن کي
پنهنجيءَ خرچيءَ مان ٽول به وٺي کارائيندو هو.
بعضي جي ممي کاڌي کائڻ لاءِ سڏ ڪندي هيس ته هو
موهن کي به پنهنجي منهن نينڍ ڏيندو هو. ٻنهي جي
ٻاراڻي دوستي آهستي آهستي وڌندي رهي. ائين محسوس
ٿيندو هو، ڄڻ هڪ بيجان چيز ٻن جاندار هستين کي
ملائي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. موهن امير جي سائيڪل
هلائڻ مان ارهو ته ڪين هو. هونئن به ٻارن کي ڪهڙي
سڌ ته نفاق ڇا ٿيندو آهي. هڪ پيار ڏنو ۽ ٻئي ان جي
موٽ ڏني، ته اها ئي هڪٻئي جي ٻَڌي ٿي - ۽ جيستائين
اُها ’ٻڌي‘ هلندي هئي، ’ڪٽِيءَ‘ جو نالو به ڪير
ڪين وٺندو هو. موهن ۽ سائيڪل کي پائڻ کان پوءِ
امير ٻين ٻارن کي ڇيڙڻ ۽ چيڙائڻ به شروع ڪري ڇڏيو.
’پري هٽ‘ چئي، جڏهن سائيڪل کي اڳيان وڌائي ويندو
هو، ته کيس هڪ قسم جي خوشي محسوس ٿيندي هئي، ۽ اها
خوشي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڀانءِ ته هن ساري دنيا تي
فتح پائي ڇڏي آهي. ائين ئي، هاڻ هو ڪنهن جي اهل
ڪرڻ شروع ڪندو هو ته ڪنهن سان مخاطب به ٿيندو هو؛
ڪنهن کي چهنڊڙي پائيندو هو ته ڪنهن کي ٺونٺ هڻي
پاڻ کي سرخرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. مان به جي سڏ
ڪري گهمڻ وٺي هلڻ لاءِ چوندو هوسانس ته يڪدم ’پري
هٽ‘ چئي، سائيڪل تي چڙهي، اڳيان وڌي ويندو هو.
پنهنجيءَ ممي، دادا ۽ بلبليءَ کي به هو سائيڪل جي
روپ ۾ ئي ڏسندو هو – ڄڻ ته سائيڪل ئي هن لاءِ
سڀڪجهه هئي. هڪ دفعي سائيڪل منهنجي اڳيان
لنگهائيندي چئي ڏنائين: ”ڏس، چاچا، مان وڏو امير
لڳان ٿو نه!“ سندس ائين چوڻ مان سندس خواهشن ۾ مون
کي سندس زندگي ٽڙندي ٽهڪندي ڏسڻ ۾ آئي – ”مان به
جڏهن وڏو امير ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال
مليدا کائيندس، ۽ موٽر رکندس!“
هڪ دفعي جڏهن امير اڪيلي سر سائيڪل هلائي رهيو هو
ته موهن سامهون اچڻ جي ڪوشش ڪيس. عادت انوسار امير
کيس به چئي ڏنو، ”پري هٽ“؛ پر موهن لاپرواهه هو.
”پري هٽ، موهن! منهنجي موٽر سان ٽَڪر نه کائين!“
پر موهن ڪو ڌيان نه ڏنو. امير جيئن ئي سائيڪل جو
هٿيو ڦيرائي سائيڪل جو طرف ٿي بدلايو ته سائيڪل
اونڌي ٿي پيئي، ۽ امير سائيڪل تان ڪري پيو. امير
ڪاوڙجي موهن کي چهنڊڙي پائي ڪڍي. ٻارن جي ’ٻڌيءَ‘،
’ڪٽِيءَ‘ جو روپ اختيار ڪيو....
”هيءَ سائيڪل منهنجي آهي، ۽ مان ئي ان جو مالڪ
آهيان!ٰ“ موهن چيو.
”پري هٽ! توکي هيءَ سائيڪل هلائڻ به ته مون ئي
سيکاري آهي!“
”نٿو هٽان! تون منهنجي سائيڪل کي هٿ نه لاءِ!“
”لائيندس! اِجهو، لايان ٿو.... ٻڌاءِ، ڇا ڪندين؟“
”هٿ لائيندين ته مان تنهنجي دادا کي دانهن ڏيندس!“
”دانهن ڏيندين ته ماريندو سانءِ!“
”وڏو آيو آهي مار ڏيڻ وارو! پڻهين کي چئو ته
سائيڪل وٺي ڏيئي!“
”پڻهين جا پـُٽ!“
۽ پوءِ ٻئي ٻار اچي پاڻ ۾ وڙهيا. ويڙهه ۾ ٻنهي
ٻارن کي ڌڪ لڳا. موهن امير جي مائٽن کي دانهن ڏني.
شيو ڪرام کي امير جي اڙٻنگاين جي ڪا اها پهرين
دانهن ڪا نه هئي. ڪرمونءَ ۽ کيمن لنگڙي به دانهون
ڏنيون هيون؛ پر هر وقت، ماءُ جي گود پڪڙي، امير
پيءُ جي ڪاوڙ کان بچي ويو هو. ليڪن اڄ ته گهر ۾
گهڙڻ سان ئي امير سائيڪل گهُرڻ جي رٽ لڳائي ڏني.
شيو ڪرام پوريءَ پـُنيءَ وارو شخص هو. اڪائونٽنٽ
جنرل جي آفيس ۾ مٿئين طبقي وارو ڪلارڪ هو. ڪل ڏيڍ
سؤ روپين جي پگهار مان گهر جو ڪارخانو هلي، يا
امير جي سائيڪل اچي؟ وچئين ڪلاس وارن لاءِ ٻاهريون
ڏيک به ته ضروري آهي. وري گهر ۾ ڇا نٿو گهرجي؟ اڄ
ٿڌڙي، هولي يا ڏياري آئي، ڀينرن کي ڏهه – پندرهن
روپيا موڪلڻا پوندس؛ سڀاڻي آفيس جي ڪنهن عملدار جي
بدلي ٿيندي، اُتي به پارٽيءَ لاءِ ڪجهه ڏِکڻا ڏيڻي
پونديس؛ گهر ۾ به ڪجهه نه ڪجهه کـُٽو ئي پيو
هجي.... پوءِ ڀلا سائيڪل لاءِ پيسا ڪٿان اچن؟ شيو
ڪرام سوچيندو رهيو، ۽ ائين ئي سندس چهري جي رنگ ۾
تبديليون اينديون رهيون. مجبوريءَ هن جي جذبن ۾ هڪ
اهڙو انقلاب آندو جو هو امير کي پنهنجو نورچشم نه
پر هڪ بدمعاش، لـُچو ۽ بي مـَڃت سمجهڻ لڳو. انهيءَ
ئي ڌ ُن ۾ هو پنهنجيءَ ممتا کي به وساري ويٺو، ۽
جيئن ئي امير پيءُ اڳيان اچي چيو ته ”دادا، مون کي
سائيڪل کپي“، شيوڪرام سندس ڳل تي هڪ چماٽ وهائي
ڪڍي.
امير کي چماٽ لڳي ته هن رنو ڪين. خاموش، پنهنجي
ڳٽي کي مهٽيندو ،هو وڃي کٽ تي سمهيو. امير جي
مميءَ به هيءَ سڀڪجهه ڏٺو، پر هن ڪجهه ڪڇيو ڪين.
ڇا ڪـُڇي؟ هوءَ گهرجي حالتن کان به خود ئي واقف
هئي. امير سمهي پيو، ۽ شيوڪرام گهر کان ٻاهر نڪري
ويو. امير کي ننڊ اچي ويئي. هن جون اکيون بند
هيون، پر تمنا بند ڪا نه هئي. هن کي سائيڪل ئي
کپندي هئي، ۽ سائيڪل ۾ ئي هن کي سڀڪجهه ملي ٿي
ويو.
رات جو دير سان شيوڪرام گهر موٽيو. امير جي ممي
امير کي گود ۾ کنيو ويٺي هئي. مميءَ جو منهن لال
هو. اکين ۾ آنسو هئس. شيوڪرام جي دل ڀِني. هو
منجهي پيو. هن امير جي بدن کي هٿ لاٿو – مچ بخار
جا چڙهي ويا هئس. ڊاڪٽر آيو. ۽ مان به آيس. ڊاڪٽر
دوا ڏني، ۽ پَٽِي رکڻ جي هدايت ڪيائين. مون پَٽِي
رکڻ شروع ڪئي.
رات جو دير سان امير جو بخار گهٽيو. مميءَ کيس دوا
ڏني. امير ا ُٿي ويٺو، ۽ هن دوا جو پيالو هٿ ۾
ورتو. هن دوا جو پيالو وات تائين آندو، پر وري
هٽائي ڇڏيائين. مميءَ کيس دوا پيارڻ جي ڪوشش ڪئي،
ته سندس هٿ کي ڇٻي ڏنائين. هن دوا پيئڻ نٿي چاهي.
هن پنهنجي حالت سڌارڻ نٿي چاهي. مون به سمجهايو
مانس. صرف ايترو چيائين، ”“چاچا، مون کي سائيڪل
کپي، دوا نه کپي!“ سندس انهيءَ جملي شيوڪرام ۽
مميءَ جي اکين ۾ آنسو آڻي ڇڏيا... ۽ پوءِ امير دوا
جو پيالو وٺي کڻي ڦٽو ڪيو. دوا هارجي پيئي، ۽
پيالو ڀڄي پيو.
پيالي جي انهن ٽُڪرين ۾ مون کي امير جي محڪمتا ڏسڻ
۾ آئي – ’مون کي سائيڪل کپي، دوا نه کپي!‘ امير جي
زندگيءَ جي آس، طرف بدلايو. سندس ارادن جي ٻئي
پاسي مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو، ڄڻ ته امير چوندو هجي
– ’مون کي زندگي نه کپي، مون کي سائيڪل کپي!
سائيڪل ئي منهنجي زندگي آهي، سائيڪل ئي منهنجي
لاءِ سڀڪجهه آهي؛ سائيڪل هٿ ڪري مان موهن سان ٽڪر
کائي سگهندس، مان کيس شهه ڏيندس؛ مان زندهه رهڻ
چاهيان ٿو ته صرف سائيڪل لاءِ، هن زندگيءَ لاءِ نه
– هن دوا پيئڻ لاءِ نه، ۽ نه وري دادا ۽ مميءَ،
چاچا يا بلبليءَ لاءِ!‘
ڪجهه وقت کان پوءِ امير وري اک کولي. ”ممي، پاڻي،
”هن پڪاريو، مميءَ کيس پاڻي ڏنو. امير پاڻي پيتو.
ممي امير کي دوا جو ٻيو وزن ڏنو. امير دوا پي ويو.
اسان کي آٿت آيو. دوا پي، هن پيالو مون طرف وڌايو.
خالي پيالي ۾ مون کي امير جي زندگي هاڻ ٻهڪندي ۽
مشڪندي نظر آئي. ’امير هينئر زنده رهڻ چاهيو –
زندگيءَ لاءِ ۽ ان سان گڏ سائيڪل لاءِ. امير زنده
رهندو، سندس خواهشون حقيقت جو پوش اوڍينديون، سندس
اميدون ا ُماس جي اونداهيءَ کي چيري هينئر چندرما
جي سهائيءَ ۾ چمڪنديون، ۽ ان سان گڏ سندس دادا،
سندس ممي، بلبلي ۽ مان ....‘ مان ڪجهه وڌيڪ سوچي
نه سگهيس.
امير هينئر پورن وقتن تي دوا پيئندو هو، هر ڪنهن
جي چئي ۾ هو، ڪِري ڪندو هو – ڄڻ ته ڏنگاين ۽
اڙٻنگاين کان هن بلڪل ئي پاسو ڪري ڇڏيو. ائين ئي
هو نوبنو ٿيندو ويو. هو نو بنو ته ٿيو، پر سندس
جيوَن ۾ مون کي هاڻ ڪافي تبديلي نظر آئي. هاڻ هو
نه ڪنهن کي چيڙائيندو هو، ۽ نه سائيڪل لاءِ ٻين
سان وڙهندو هو؛ نه ڪنهن گاڏيءَ واري کي تنگ ڪندو
هو، ۽ نه ڪنهن جي ڪنڌ ۾ ماڪوڙيون وجهندو هو. گهر ۾
سانت، ته ٻاهر به سانت. البت پڙهڻ تي وڌيڪ چاهه
ڏيندو هو. سمجهيم ته هن پنهنجيءَ منزل جي راهه
ڳولهي لڌي آهي. اهو سڀ ويچاريندي، مون کي امير جا
اکر ياد اچي ويندا هئا: ”مان به جڏهن وڏو امير
ٿيندس ته پاڻ وٽ نوڪر رکندس، مال مليدا کائيندس،
موٽر رکندس!“
شيو ڪرام تنهن ڏينهن امير کي چماٽ هنئين. سندس
انهيءَ چماٽ امير جي آئيندي کي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪِرڻو
بڻي. شيوڪرام خود به هڪ دفعي چئي ويٺو: ”منهنجو
امير ضرور هڪ ڏينهن وڏو امير ٿيندو!“ ۽ ائين
چوندي، سندس اکين مان آنسو ٽپڪندا، سندس ڳلن کان
ٿيندا، سندس خميس ۾ غائب ٿي ويا. مميءَ هيءُ سڀ
ڏٺو، ۽ ممتا وچان چئي ويٺي: ”ست وچن!“
ذوالفقار راشدي
خوابن جو مسافر
ننڍپڻ جي يادن مان خوبصورت يادون منهنجا خواب آهن.
ٻالجتيءَ کان خوبصورت خواب ڏسندو ٿو اچان. خوابن
جو مريض آهيان مان. جڏهين گـُگهه انڌيرين راتين ۾
آسمان تي تارا ٽمڪندا هئا ۽ ماحول جادوئي بڻجي
ويندو هو، ناني آکاڻي ٻڌائيندي هئي – ڀول راڻي
پريءَ جي آکاڻي.
-
” ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه هو. بادشاهه پاڻ الله
آهي، پر هو زماني جو بادشاهه هو ان کي هئا ست پٽ.
هڪ ڏينهن بادشاهه ستن ئي جون شهزادن کي چيو ته ست
ئي ڄڻا تير – ڪمان کڻي تير اڇلايو. جنهن گهر ۾
جنهن جو تير ڪِريو، ان کي اتان شادي ڪرائيندس. گل
منير شهزادي جو تير وڃي هڪ ڍير ۾ کـُتو. سڀني
شهزادن، گل منير شهزادي تي چٿرون ڪيون. غمگين
شهزادي جيئن ڍير مان تير ڇڪي ٻاهر ڪڍيو، تيئن هڪ
ڀولڙي ٻاهر نڪري آئي، ۽ لڳي شهزادي گل منير جي
پٺيان. شهزادو ويچارو ڀولڙي وٺي گهر آيو، ۽ گوندر
۾ گذارڻ لڳو. ٿورن ڏينهن پڄاڻاشهزادي کي معلوم ٿيو
ته ڀول راڻي پري آهي، جيڪا ڀولائون ويس مٽايو وتي.
هڪ ڏينهن جيئن ڀول راڻي ڀولائون ويس ٻاهر رکي
حمام ۾ وهنجڻ ويئي، تيئن شهزادي وجهه وٺي اهو ويس
کڻي باهه ۾ اڇلايو. ڀول راڻيءَ کي جو ان تان مٺيان
لڳي، ته وئي ڀڙڪو ڏنائين. جيڏانهن جي هئي، تيڏانهن
هلي ويئي. شهزادي جو ماني پاڻي وهه ٿي ويو.......“
مون کي شهزادي سان سخت همدردي ٿي ويندي هئي. ناني
اڳتي ٻڍائيندي هئي: ”پوءِ شهزادو جهنگ جبل
لتاڙيندو، بحر بر جهاڳيندو، برن پٽن ۾ بکون
ڪاٽيندو، بر منهن ڏيئي هلندو رهيو. ورهين جي جاکوڙ
بعد وڃي ڀول راڻيءَ جي ديس پهتو. ڀول راڻي وري
راضي ٿي. شهزادي کي پنهنجي وارن جي سينڱ ڏنائين.
شهزادو موٽي پنهنجي ملڪ آيو، ۽ جڏهين به سينڱ کي
ساهُه ڏيندو هو ته ڀول راڻي ستر سهيلين سميت هڪدم
اچي حاضر ٿيندي هئي.“
مون کي شهزادي تي بيحد رشڪ ايندو هو. ڪيڏو نه خوش
قسمت هو اهو شهزادو، جنهن کي پنهنجن ڪشٽن ڪشالن جو
ههڙو حسين ڦل مليو! ڪاش، مان به شهزادو گل منير
هجان ها، منهنجي به ڪا ڀول راڻي هجي ها، منهنجوبه
تير ڪنهن اهڙي ڍير ۾وڃي کـُپي ها، مان به ڪنهن جي
لاءِ ڪوه قافن جا سينا لتاڙيان ها، مون کي به ڪا
ڀول راڻي پنهنجن وارن جي سينڱ ڏئي ها، منهنجين
محفلن ۾ به ستر سهيلين سان ڪا ملڪو تي حسن وري پري
رقص ڪري ها!
ساري رات مان خواب ڏسندو هوس. ڏسندو هوس ته ڪوهن
تائين ساوڪ ئي ساوڪ ا ُڀري آئي آهي. نهايت سليقي ۽
ترتيب سان، ڪنهن جادوگر ان مخملي ساوڪ جي سيني تي
جا بجا لال، گلابي، ڀورن ۽ ميٽوڙي رنگت وارن گلن
جا ٻوٽا جـَڙي ڇڏيا آهن. راتيون چانڊوڪيون آهن، ۽
آسمان تان چنڊ جي هر ڪـِرڻي سان نور جا فرشتا
ڌرتيءَ تي نازل ٿي رهيا آهن. ڪائنات جو گوشو گوشو
سرور سان ٽـُٻ ۽ خمار سان پـُر آهي. منهنجي هٿ ۾
ڪنهن پريءَ جي وارن جي سينڱ آهي. ساهه ڏيڻ سان ستر
سهيلين سميت، ستارن جي تخت تي ويهي، ڪا راڻي آئي.
رقص ڪرڻ لڳي. ڪائنات جو ذرو ذرو رقص ڪرڻ لڳو. گلن
جي رڳ ريشي مان موسيقيءَ جي امرت – ڌارا وهڻ لڳي.
منهنجي دل خوشيءَ جي درياهه ۾ اربيلن نينگرن وانگر
ترڻ ۽ تڙڳڻ لڳي. پريءَ رقص پورو ڪيو. لالائي مائل
نيم وا نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريائين. مرڪڻ لڳي.
هوءَ مرڪِي، ته ستر سهيليون به مرڪڻ لڳيون. چوڌاري
گلن جون ٽاريون جهومڻ لڳيون. هوائن جا جهوٽا آيا.
بهارن ۾ تازگي ڀرجي ويئي، گل به مرڪڻ لڳا. منهن
منهن ۾ ڏيئي، مـُکڙيون ڪـَنَ – ڳالهيون ڪرڻ لڳيون.
”تون ڪير آهين، راڻي؟“
”تنهنجي ڀول راڻي، شهزادا!“
”سچ!“ مون خوشيءَ کان چيٽ ڪئي.
- ”ابا، او ابا، ڇا آهي؟“ ناني پڇندي هئي. مان
جاڳي پوندو هوس. ”چريا، خوابن کان ڊڄبو آهي! آيت
الڪرسي پڙهي سمهي رهه.“
جيئن عمر ۾ اضافو ٿيندو ويو، تيئن خوابن ڏسڻ جو
مرض وڌندو ويو.هڪ رات بابا جي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن گل
ڦل راڻيءَ جو قصو ٻڌايو. گل ڦل راڻي جڏهن کلندي
هئي، ته ٽهڪ سان گل ڪرندو هو. رات جو دير تائين
مان غور ڪندو رهيس- گل ڦل راڻيءَ جو عاشق شهزادو
ڪيترو نه خوش قسمت هو! ان رات مون ڏٺو، مان هڪ
طائوسي تخت تي ويٺو آهيان؛ مون کي شهزادن وانگر
زربفت ۽ ڪيمخواب زيب تن آهي؛ فرض تي قيمتي قالين
وڇايل آهن؛ ديوارن تي ڪيترين حسين پرين جون
تصويرون چٽيل آهن؛ ڇت ۾ رنگبرنگي شيشي جا فانوس
لٽڪيل آهن، ۽ قوس و قزح جي رنگتن جهڙو رنگبرنگي
نور منجهانئن ٽميو پئي. مان ڄڻ ڪنهن الف ليلوي
ملڪه جي محل ۾ وڃي نڪتو هوس. منهنجي اڳيان هڪ پري،
ڪنول جي گلن جو تاج پهري، هٿ ٻڌي اچي بيٺي.
”پري، تنهنجو نالو ڇا هي؟“
”گل ڦل راڻي، شهزادا!“
”مگر تنهنجي منهن ۾ مرڪ ڪانهي، تنهنجي منهن مان گل
نٿا ڇڻن، پوءِ ڪيئن مڃجي ته تون گل ڦل راڻي آهين!“
”مان خزائن جي ستايل آهيان، شهزادا! تون بهار جي
هوائن وانگر منهنجيءَ بغل ۾ ڪتڪتائي ڪر، ته هڪدم
منهنجي منهن مان گل وسڻ لڳندا.“ مون ساڄي هٿ جي
اشهد آڱر سان هن مر مرين بـُت جي بغل ۾ ڪتڪتائي
ڪئي. هوءَ بي اختيار ٽهڪ ڏيڻ لڳي. گلن جي بارش ٿيڻ
لڳي. چوڌاري گل پکڙجي ويا، ۽ خوشبوئن مون کي محيط
ڪري ڇڏيو. مان گلن جي ڍير ۾ ڪلهن تائين پورجي
ويس....
- ”سائين ُاُٿي، او نينگر ا ُٿي، اسڪول جي مهل ٿي
ويئي اٿئي ! اکيون مهٽيندو بستر تي اٿي ويٺس. نڪو
محلات هو، نه گل ڦل راڻي؛ نه گلن جا ڍير، نه خوشبو
جا درياهه! سج جي روشنيءَ اکين کي ورتو پئي. اڃا
به منهنجي آڱر ڪنهن مرمرين جسم جي حرارت ۽ گداز
محسوس ڪري رهي هئي. خواب جي لذتن ۽ ڪيفيتن کان
مدهوش، ڪتاب کڻي اسڪول پهتس. ٽن ڪلاڪن جي دستوري
حبس بيجا بعد گهنڊ لڳو. ڪتاب ڪـَڇَ ۾ ڪري، اسڪول
جي حاطي کان ٻاهر نڪتس.
”اڙي، هيءَ ڪير آهي؟... گل ڦل راڻي!“
”ٽڪي پن، پيسي اڌ پن!“ هوءَ ڇولا وڪڻي رهي هئي.
ٻار چوڌاري جهرمٽ ڪري بيٺا هئا. هن جو لباس راڻين
جهڙو ڪين هو، باقي هئي ته هوبهو گل ڦل راڻي!
”تنهنجو نالوڇا آهي، ڇوڪري؟“
”گـُلان. ڇو، تون نالو ڇو ٿو پڇين مون کان،
ڇوڪرا؟“ هن کي مٺيان لڳي. مان حيرت ۾ پئجي ويس.
”گلان؟..... نه نه، گل ڦل راڻي!..... نه نه،
گلان؟“
”ڇولا وٺندين؟“
”ڏي ڀلا.“
”آني جا ڏيانءِ؟“ هن مرڪي چيو.
مون کي فوراً خبط جاڳيو ته هوءَ زور زور سان ٽهڪ
ڏئي. مون تي هڪ لاشعوري ڪيفيت طاري ٿي ويئي.
منهنجي آڱر هن جي بغل ۾ ڪتڪتائي ڪرڻ لڳي. هن ڏاڍا
ڀرپور ٽهڪ ڏنا – هو بهو گل ڦل راڻيءَ وانگر. کـِل
کان ٻيڻي ٽيڻي ٿي ويئي؛ مگر هن جي وات مان گل نه
ڇڻيا! ڇولن جو ٿالهه هٿ مان ڪِري هارجي پيو. هوءَ
روئڻ لڳي.
”مون کي اما ماريندي، ڇوڪرا! خدا ڪري تون مري
وڃين! اَن ... اَن هان....“
تعجب آهي، گل ڦل راڻيءَ کي چند آنن جي نقصان تان
ڪير ماريندو! مگر هوءَ ته واقعي روئي رهي هئي. هن
جي وات مان گلن جي بارش ته ڪا نه ٿي، ويتر هن جي
اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا – شايد خزائن کيس تمام
گهڻو ستايو هو. مون اسڪول جي فيءَ مان، جهجڪندي،
هن کي هڪ روپيو ڏنو. شايد هوءَ نه وٺي، شايد ان کي
بيعزتي سمجهي – ڀلا راڻيون، جن وٽ سون روپي جون
کاڻيون، انهن کي هڪ روپئي جي ڪهڙي پرواهه؟ مگر هن
ته وڏيءَ خوشيءَ سان روپيو ورتو، ۽ ان کي ائين ڏسڻ
لڳي، ڄڻ ڪا الهڙ ناري پنهنجي شباب جو جائزو وٺندي
هجي. مون کان پڇيائين، ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
”شهزادو.، مون ڪنهن ٻيءَ دنيا مان جواب ڏنو. ”۽
تون گل ڦل راڻي آهين نه؟“
”اڙي چريا، مان ته گلان آهيان گلان!“
”نه نه، تون گل ڦل راڻي آهين؛ مان توکي گل ڦل راڻي
ڪوٺيندس!“
”چڱو، شهزادا، مان وڃان؟ امڙ ماريندي.“ ۽ هوءَ
ڊوڪڙيون ڀريندي هلي ويئي. مون وري نه ڏٺي. شايد
اهو به هڪ خواب هو.
آءٌ بدستور خواب ڏسندو رهيس. خوابن ڏسندي جواني
آئي. خوابن ئي خوابن ۾، خواب ڏسڻ جو جنون وڌندو
ويو. هڪ رات خواب ڏٺم. سادي سودي لباس واري هڪ
ڇوڪري هئي. اکين ۾ اکيون وجهي مرڪي رهي هئي، ۽
ڳائي رهي هئي –
صدقو انهن تان، الا، جيڪي ياد به ڪن.
- جيڪي ياد به ڪن....
گهوري انهن تان،الا، جيڪي ياد به ڪن!
جيڪي ياد به ڪن، وساري ڪين ڇڏين.
- صدقي انهن تان، الا....
مان مسحور ٿي ويس. پڇيومانس، ”تنهنجو نالو ڇا
آهي؟“
”شهزادي!“
”تون به پري آهين؟“
”نه، مٺڙا، مان آدمزادي آهيان.“
”مگر مون ته هميشه پرين جون آکاڻيون ٻڌيون آهن.
پرين سان محبت ڪئي آهي. مون پرين جا خواب ڏٺا آهن.
ڪنهن خيالي ملڪه زرنگار جا پُور پچايا آهن. مان تو
آدمزاديءَ سان ڪيئن محبت ڪندس!“
”پرين سان محبت ڪرڻ چرچو ڪونهي. پريون ڪوه ڪاف جي
پريان ستن سمنڊن پار آهن!“
”مگر مان انهن کي ڳولي لهندس؛ سمنڊن جا سينا
لتاڙيندس، جبل جهنگ ووڙيندس.“
”مگر اهي خسيس ڳالهين تان رُسي وينديون آهن،
پيارا!“
مان انهن کي پرچائيندس، وري وري پرچائيندس، خدا
کان هزار زندگيون پني وٺندس، ۽ انهن کي پرچائڻ ۾
گذاري ڇڏيندس.“
”ليڪن پريون ته هرجائي ٿينديون آهن، خبر اٿئي!“
”گلن تي ڀونئر ڀيرا ڪري، ته قصور گلن جو ڪونهي،
شهزادي!“
”ليڪن پرين کي ديوَ به کڻي ويندا آهن، تو نه ٻڌو
آهي ڇا، سڄڻ؟“
منهنجي دل خوف کان لرزڻ لڳي. واقعي، مون ڪيترا
ڀيرا ٻڌو هو ته ڪڏهن جبل جيڏا ديوَ گلفام پرين کي
اغوا ڪري زبردستي کڻي ويندا هئا، ۽ ڪڏهن راجا
اِندر ڪاوڙجي انهن کي قيد ڪندو هو، يا پنڊ پاهڻ
ڪري ڇڏيندو هو؛ مگر عاشق شهزادا سر تريءَ تي رکي
پنهنجين اغوا ٿيل محبوبائن کي ڳولي ڪڍندا هئا؛
ڪيترين پرين تي رحم ڪري، راجا اِندر انهن کي سندن
محبوبن سان ملڻ جي موڪل ڏيندو هو. مون پـُر اميد
لهجي ۾ چيو:
”مگر مان پنهنجي پري ته راجا اندر کان پِني
وٺندس!“
”غلط فهمين ۾ نه پئو، سائين! اِندر جي آکاڙي ۾
گهڻي کان گهڻين، پيارين پيارين، حسين جميل پرين جي
ضرورت آهي. راجا اِندر حاتم سخي ڪو نه آهي. هونئن
به بادشاهه پنهنجن محلاتن جو حسن خيرات نه ڪندا
وتندا آهن!“
”مگر تون به شهزادي آهين، بادشاهه پنهنجي محلات جي
سونهن ڪيئن منهنجي حوالي ڪندو؟“
”اڙي، بس، ڳالهه به ايتري! مـَنَ، مان تو رڳو نالي
جي شهزادي آهيان – يا کيتن جي شهزادي ..... ۽ کيتن
جا شهنشاهه وڏيءَ دل وارا ٿيندا آهن!“ هوءَ کلڻ
لڳي.
”پر تو وٽ ته ستر سهيليون به ڪين آهن، جيڪي
منهنجين محفلن ۾ رقص ڪن، منهنجي روح کي ريجهائين!“
”مون وٽ دردن ۽ دکن دور ڪرڻ جا ستر نسخا آهن. تون
منهنجي ويجهو ٿي ويهه ته توکي ٻڌايان.“
”ٻڌاءِ، شهزادي!“
”مگر هڪ شرط آهي.“
”مون کي تنهنجوهر شرط منظور آهي. چئه، ڇا ٿي
چوين؟“
”تون خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي، چريا!“
ڇرڪ نڪري ويم. اک کُلي ته پاڻ کي ڪن خوبروئن جي
جهرمٽ ۾ ڏٺم. انهن مان هڪ من – موهڻي ڳائي رهي
هئي:
راڻا، او دل جا راڻا، موٽي مان وٽ آ: او سهڻا،
ساهه سيباڻا،
موٽي مان وٽ آ!
موٽي مان وٽ آ، توکي آڻيندو الله: راڻا، او دل جا
راڻا،
موٽي مان وٽ آ!
”نه نه، مان موٽي نه ايندس! هوءَ مون کي خوابن جي
طرف سڏي ٿي؛ مان هاڻي خواب نه ڏسندس؛ خواب مون کي
اذيت پهچائين ٿا، ملال بخشين ٿا؛ خواب مون کي هردم
ويڳاڻو رکن ٿا‘.... مگر، نه معلوم، منهنجو اهو
فيصلو به خواب جي حالت ۾ هجي – ڇو ته منهنجي زندگي
آهي ئي خواب.
موپسان
سنڌيڪار: علي بخش ميمڻ
ڇا، اهو خواب هو؟
مون هن سان محبت ڪئي.
محبت! ڪوئي محبت ڇو ٿو ڪري؟ ڇو؟ آخر ڇا لاءِ اسين
محبت ڪريون ٿا؟ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي! صرف هڪ
انسان، صرف هڪڙي صورت، هن جهان ۾ پَسڻ! هڪ خيال،
اهو ئي دل ۽ دماغ ۾ سمايل! هڪ خواهش، هڪ آرزو ۽
صرف هڪ تمنا جي تسلي! هڪ هستيءَ جو ذڪر، هڪ چيز
لاءِ جدوجهد! هڪ نالو، صرف اهو نالو هر وقت هي چپ
چـُمن! نالو، جو سواءِ ڪنهن ڪوشش جي، خودبخود دل ۽
دماغ مان چشمي جي پاڻيءَ وانگر چڙهندو ۽ اڀرندو
نظر اچي؛ اهو نالو جو هر وقت اچاريو ۽ پچاريو وڃي،
هر ساعت ۽ هر گهڙيءَ عبادت سمجهي حفظ ڪيو وڃي!....
ڪاش، ڪوئي مون کي ٻڌائي!
مان اوهان کي هڪ داستان ٻڌايان ٿو، ڇو جو محبت
جوداستان صرف هڪ ئي آهي – هر هنڌ ۽ هر وقت ساڳيو.
مان هـُن سان مليس، هن سان محبت ڪيم، ۽ بس. ساروئي
سال ان جي محبت جي سهاري جيئندو رهيس. هن جي آغوش
۾، هن جي ڪپڙن ۾، هن جي لفظن ۾ ويڙهيل سهيڙيل، جذب
۽ غرق، هن دنيا مافيها کان بيخبر، دک ۽ سک کان بي
نياز، موت ۽ زندگيءَ کان غافل، - پيو رهيس، سندس
صحبت ۾ سرشار ۽ مگن!
هڪڙي ڏينهن هوءَ آئي - ساري پاڻيءَ ۾ پـُسيل.
سردي سندس رڳ رڳ ۾ گهڙي ويئي هئي. برسات ۾ ٿڌ جو
اهو اثر ٿيو جو ٻئي ڏينهن هن کي کنگهه ٿي، ۽ اهو
سارو ئي هفتو تڪليف ۾ مبتلا رهِي. مون کيس اسپتال
۾ آندو. ان کانپوءِ مون کي خبر نه آهي. مان اوهان
کي ٻڌائي نه سگهندس – صرف ايترو ياد اٿم ته ڊاڪٽر
پئي آيا، نسخا پئي لکيائون، دوائون پئي آيون، ۽ ڪن
عورتن اهي دوائون پئي هن کي پياريون. هن جا هٿ
گرم هئا. هن جو مٿو باهه جي کوري جيان جلي رهيو
هو. هن جون اکيون بلب وانگر چلڪيدار مگر غمگين
هيون. جڏهن مون سان هن گفتگو پئي ڪئي، تڏهن سندس
اکين ۾ ڳوڙها تري ٿي آيا. هن ڪجهه چيو ٿي، مگر مون
ڪجهه نه ٻڌو. اهي داستان مون وساري ڇڏيا آهن. مون
کي ڪجهه به ياد نه آهي. هوءَ مري ويئي. مون کي
چٽيءَ طرح ياد آهي ته هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو.....
نرس دانهن ڪئي ۽ مان سمجهي ويس – سڀڪجهه سمجهي
ويس. مون کي وڌيڪ خبر نه آهي. صرف هڪ مولوي ڏٺم،
جنهن چيو: ”اوهان جي گهر واري....“ ۽ مان ائين
سمجهڻ لڳس ڄڻ هو اهي اکر چئي هن جي بيعزتي ڪري
رهيو هو؛ ڇو جو هوءَ مئل هئي، ۽ ڪنهن کي به اهو
اختيار نه هو ته ان کي اڃا به مون ڪمبخت سان ملحق
ڪري. مون هن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ٻيو آيو، جو هن کان
وڌيڪ مهربان ۽ مشفق پئي نظر آيو. هن اڃا ڪجهه چيو
به ڪو نه، ته منهنجين اکين مان ڳوڙها ڪِري پيا. هن
مون سان ڪفن دفن بابت صلاح مصلحت ڪرڻ پئي چاهي،
مگر مان ڪجهه به سمجهي نه سگهيس. حواس باخته ۽
غائب دماغ هوس. مون کي صرف ايتري يادگيري آهي ته
اهڙي حسين جسم کي هنن مٽيءَ جي حوالي ڪيو – تاريڪ
۽ خاموش غار ۾! او خدا، او الله .....! هن کي دفن
ڪيو ويو، سو به ان اونداهي ۽ اڪيلي غار ۾! گهڻيئي
عورتون ۽ مرد همدردي ظاهر ڪرڻ آيا، مگر آءٌ ڀڄي
ويس. گهٽين ۾، رستن تي ڊڪندو ۽ ڊوڙندو رهيس. ٻئي
ڏينهن مسافريءَ تي سنبريس – اهڙي مسافري، جنهن جو
ڪو به پتو ۽ نشان ڪو نه هو ته ڪٿي ۽ ڪڏهن ختم
ٿيندي. ڪالهه واپس موٽيس، ۽ جڏهن ان ڪمري جي نزديڪ
آيس ۽ انهن سڀني شين جي ويجهو آيس – ڪمرو، بسترو،
فرنيچر ۽ اهو سڀڪجهه جو ڪنهن جي موت کان پوءِ به
زنده رهي ٿو – ته مون کي الائي ڇا ٿي ويو. اهو غم
جنهن کي دفن ڪرڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪڍيا هئم، تازي
زخم جي عذاب وانگر لـَس نـَس مان اڀري ۽ ڦاٽي
نڪتو. مان ترسي نه سگهيس، ۽ نه وري اهي ديوارون جن
هن کي پناهه ڏني هئي ۽ جن تي اڃا تائين هن جي وجود
جا ڪيترا نشان موجود هئا، تن کي ڏسڻ جي همٿ ساري
سگهيس. يڪدم پنهنجي ٽوپي سنڀالي ٻاهر نڪرڻ لاءِ
ڪوشش ڪيم؛ مگر دروازي وٽ پهچندي ئي قد آدم آئيني
تي نظر پيئي، جو هـُن وڏي هال ۾ پاڻ کي روزانو
پيرن کان وٺي سر تائين ڏسڻ لاءِ رکايو هو – صرف ان
لاءِ ته هوءَ ٻاهر وڃڻ کان اڳ هڪ نظر پنهنجي لباس
۽ چهري تي اڇلائي سگهي – فقط ان لاءِ ته هوءَ ٻين
جي سامهون اچڻ کان اڳ ڏسي ته هن جي حسن ۽ شان ۾
ڪمي ته ڪا نه رهجي ويئي آهي! مون کي ڄڻ ته بريڪ
لڳي ويو. ان آرسيءَ جي سامهون بيٺو رهيس، جنهن تي
هـُن جو ڪئين دفعا پرتوو پيو هو – ايترا دفعا، جو
ضرور هن سندس حسن مان ڪجهه نه ڪجهه پاڻ وٽ محفوظ
رکيو هوندو. مان بيٺو رهيس، ڏڪندو ۽ ٿڙڪندو، اکيون
شيشي مٿان کتل، ايڏي وڏي ڀرپور ۽ خالي شيشي مٿان،
جنهن ۾ هوءَ ساري سمايل هئي – ايتري، جيتري منهنجي
اکين ۾. مان ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ ان شيشي سان
منهنجي دل جون ٽٽل تارون ڳنڍجي رهيون هيون. مون ان
کي ڇـُهيو. اهو برف جيان ٿڌو هو. اف، ماضيءَ جي
ياد! غمگين آرسي، خوفناڪ ۽ ڀوائتي آرسي، تون ڪيئن
اسان کي آڻيو ماضيءَ ۾ وجهين! خوش نصيب آهي اهو
انسان، جنهن جي دل سڀڪجهه وساري سگهڻ جي طاقت
رکندي هجي – اهو ڪجهه جو هن جي دل مٿان سوار ٿئي،
اهو سڀڪجهه جو هن جي اکين اڳيان گذريو هجي، ۽ اهو
به جو هن جي نظر ۾ سمائجي ويل هجي – نه صرف اهو،
پر هر چيز جا هن جي محبت جي گواهه هجي!
مان نڪري ويس؛ سوچڻ ۽ سمجهڻ کانسواءِ، مرضيءَ ۽
خواهش جي خلاف، مقام ڏانهن هليو ويس. مون هن جي
قبر لڌي. اڇو کير جهڙو پٿر، ٿورا گلن جا پن، ۽
ڪجهه الفاظ جي ان پٿر مٿان اڪريل هئا: ”اُها هتي
آهي، خاموش ۽ لاچار، جنهن پنهنجي مڙس سان محبت ڪئي
– اهڙي محبت، جنهن جي موٽ صرف محبت ئي ٿي سگهي
ٿي.“ سڏڪا ڀريم؛ سواءِ ڪنهن هوش حواس جي، پيشاني
سندس سر مٿان ڌريم، ۽ ويٺو رهيس. ڪيترو وقت ويٺو
هوس، سا خبر مون کي به ڪا نه پيئي؛ مگر جڏهن ڏٺم
ته اوندهه وڃي ئي روشنائيءَ مٿان غالب پوندي، تڏهن
اچي ان خوف ورايم ته ڄاڻ مقام جي متوليءَ مون کي
پنهنجي محبوب کان جدا ڪيو. ان خيال ايندي ئي مون
کي ڊپ اچي ورايو، ڇو جو مون چاهيو پئي ته اها آخري
رات هن جي قبر مٿان ويهي گذاريان. پاڻ کي بچائڻ
لاءِ، ان خاموش شهر ۾ نڪري پيس. گهمندو رهيس. هي
اسان جي شهر جي ڀيٽ ۾ ڪيترو نه ننڍڙو ۽ نزاڪتدار
هو! اسين چاهيون ٿا ته وڏا شهر هجن، پڪا ۽ ڪشادا
رستا، ايتريون ڪوٺيون ۽ ڪمرا هجن جو اسان جون چار
پيڙهيون رهي سگهن، ۽ انهن ئي چشمن مان پاڻي پيئن،
ان ئي زمين مان خوراڪ حاصل ڪن، ۽ انهن ئي وڻن مان
ميوو کائين.... مگر، انهن مـُئلن جون پيڙهيون؟
افسوس، ڪجهه به ڪو نه! زمين انهن کي واپس وٺي، پاڻ
سان گڏ انهن کي به پاڻ جهڙو بڻايو ڇڏي، ۽ بس. |