غلام علي الانا
فن ۽ ثقافت
آثار قديمه جي ماهر ڊاڪٽر ويلر، پنهنجي تصنيف
”پاڪستان جي پنج هزار سال“
(Five thousand years of Pakistan)
۾، اها دعويٰ ڪئي آهي ته برصغير هند – پاڪ دنيا جي
قديم ترين ملڪن مان هڪ آهي، ۽ پنجن هزارن سالن کان
هيءُ ملڪ دنيا جي قديم قومن جي تهذيب ۽ ثقافت جو
مرڪز پئي رهيو آهي، جن جو داستان ۽ تاريخ هتي جا
قديم آثار دهرائي رهيا آهن. موئن جي دڙي، هڙاپا،
ٽئڪسيلا ۽ ڪوٽ ڏيجيءَ جا قديم آثار هر سياح ٻڌائين
ٿا ته پاڪستان هڪ قديم ملڪ آهي ۽ قديم قومن جي
ثقافتن جو مرڪز آهي. هن ۾ ايرانين، يونانين،
ٻوڌين، سٿين، ساڪن، ۽ مسلمانن، پنهنجي فن ۽ ثقافت
کي هميشه قائم رکڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش پئي ڪئي آهي.
انهيءَ قديم ورثي جي بقا ۽ ترقيءَ لاءِ موجوده دور
۾ جيڪي ڪوششون ڪيون وييون آهن سي قابل داد آهن ۽
ثقافتي سرگرميون جيئن پوءِ تيئن زور وٺي رهيون
آهن. اڄڪلهه علمي حلقن ۾ انهيءَ موضوع تي ڪافي
تبادلئه خيال هلي رهيو آهي.
ثقافت يا ڪلچر کي مختلف ماڻهن، مختلف وقتن تي،
مختلف معنائن ۾ استعمال پئي ڪيو آهي؛ پر هن وقت
ثقافت يا ڪلچر جو مفهوم چڱيءَ طرح وضاحت سان مقرر
ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انسان جي اجتماعي زندگيءَ جا
سمورا خارجي مظاهر اچي وڃن ٿا. ڪنهن قوم جي ريتن
رسمن، طرز لباس، راندين روندين، وندرن، تفريحن،
لطيف فنن، ۽ اهڙين ٻين مڙني شين جي مجموعي کي
’ثقافت‘ چيو وڃي ٿو. انهيءَ لحاظ کان ثقافت ڪنهن
قوم جي نظرين ۽ اعتقادن، اخلاقي رجحانن ۽ جمالياتي
ذوق جي آئيندار هوندي آهي، ۽ ان جي پوريءَ تاريخ
جو عڪس، تت ۽ نچوڙ، پاڻ ۾ محفوظ رکندي آهي.
ثقافت
جي نشو نما ۾ ”قوت محرڪه.“ جيڪو حصو ادا ڪندي آهي،
اهو انساني فطرت جو هڪ نهايت اهم ترين جوهر آهي،
جنهن کي جمالياتي ذوق چيو وڃي ٿو. تخليق توڙي
ايجاد جي قوت کي انهيءَ جوهر مان گهڻي مدد ملندي
آهي. انهيءَ ئي زندگي بخش ذوق جو مشعل هٿ ۾ کڻي،
تهذيب ۽ تمدن جا قافلا، اطمينان ۽ مسرت جي تلاش ۾،
محنت جي مشڪل وادين کي طي ڪن ٿا. اهو ذوقِ جمال،
ضرورت کي هڪ جاءِ تي بيهڻ نٿو ڏئي؛ بلڪه ان جو
زماني رد عمل هڪ عجيب طلسمي عمل آهي، ڇاڪاڻ ته
منزل اڳيان اڳيان ڀڄندي نظر ايندي آهي ۽ ڪڏهن به
ڪنهن هڪ جاءِ تي قائم نه رهندي آهي. مثال طور، اڄ
جيڪا تعميرات جي طرز دلين کي مرغوب آهي، ڏهن سالن
کان پوءِ طبيعت انهيءَ کي پسند نه ڪندي ۽ ذوقِ
جمال ان کي وري هڪ نئون رنگ ڏيندو، جو سڀڪنهن کي
پسند ايندو. اڄ جنهن لباس پائڻ سان ذهني ۽ جسماني
تسڪين حاصل ٿئي ٿي، سڀاڻي اهو ساڳيو لباس ڏٺي به
ڪيئن وڻندو، ۽ ڪنهن نئين قسم جي طرز تلاش ڪئي
ويندي. اهڙيءَ طرح، انساني معاشري جي سڀني شعبن ۾
تغير ۽ تبديل جاري آهي. دراصل ذوقِ جمال جو مصرف
هيءُ آهي ته زندگيءَ ۾ حسن ۽ رنگيني، آراستگي ۽
پختگي پيدا ڪري. ڪنهن به قوم جو جمالياتي ذوق ان
جي نظرين ۽ عقيدن، ان جي ضابطه حيات ۽ ان جي
اخلاقي رجحانن ۽ تاريخ کان بي نياز ۽ بي تعلق رهي
ڪم نٿو ڪري، پر ان جي اجتماعي ڪردار جي زير اثر
رهي ٿو.
ذوقِ جمال پنهنجو مڪمل مظاهرو لطيف فنن جي ذريعي
ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هر قوم جو لطيف فن ان
جي فردن لاءِ ذوق جمال جي تربيت جو موثر ترين
ذريعو آهي. لطيف فن، زندگيءَ جي آرائش ۽ زيبائش
توڙي حسن پيدا ڪرڻ ۾ گهڻو حصو وٺن ٿا. ثقافت جو سڀ
کان وڏو شعبو، ان ڪري، لطيف فنن کي سمجهيو وڃي ٿو.
پاڪستان اڃا هڪ زير تعمير رياست آهي ۽ ان جي
معاشرت پڻ، بحيثيت مجموعي، اڃا مٽيءَ ۽ گاري جي
صورت ۾ آهي. ٻين لفظن م ائين کڻي چئجي ته پاڪستاني
ثقافت اڃا مستقبل جي پر انهن پردن ۾ آهي. تنهن
هوندي به ماهرن هن ملڪ جي ثقافتي دولت کي هڪ
معنيٰ ڏني آهي، ۽ ان کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو
آهي: (1) ثقافت جا اهي مادي خزانا، جيڪي عالم
امڪان جي دائري ۾ هئڻ سبب ظاهر ظهور ڏسي وائسي
سگهجن ٿا، ۽ انسان جي جسماني زندگيءَ جي بقا ۽
آسائش ۽ آرائش لاءِ ضروري آهن – جهڙوڪ هر قسم جا
اوزار، جڳهيون، لباس، گهرو سينگار جا سامان، کاڌا،
سواريون ۽ مالداري، زراعت ۽ صنعت جا طريقا،
وغيره؛ ۽ (2) ثقافت جا اهي روحاني خزانا، جن جو
صرف ذهني آراستگيءَ سان واسطو آهي – جهڙوڪ قديمي
روايتون، رسمون ۽ رواج، قصا ۽ ڪهاڻيون، علم ۽ ادب،
رقص، موسيقي، مصوري، وغيره. هت اسين ثقافت جي ڪن
خاص جزن جي موجوده دور ۾ اهميت ۽ ترقيءَ کي
جاچينداسين.
لباس.
ماڻهن جي ڏيک ويک ۽ لباس جو ملڪي حالتن تي تمام
مدار آهي. صرف وادي سنڌ جي ڏاکڻئين ڇيڙي جي لباس،
سينگار ۽ سينگار جي سامانن جو ئي کڻي جائزو وٺو.
هي خطو پنهنجي شادابيءَ ۽ سرسبزيءَ جي ڪري دنيا جي
ڪيترين ئي قومن جي اک ۾ هو. هتي جا وسندڙ واپاري
بندر ۽ هتي جون دولتون انهن کي ڇڪينديون رهيون،
انهيءَ ڪري هي حصو مختلف تهذيبن جو گهوارو بڻجي
ويو. مختلف لباس، ۽ لباسن سان گڏ هارسينگار جي طور
طريقي ۾ به گهڻي ڦير گهير آئي. قديم زماني ۾ هن
خطي جون زالون گلابي ريشمي سوسيون، باريڪ ململ،
سايون ريشمي ۽ اوني شالون پهرينديون هيون. مشڪ ۽
عنبر، ڪافور ۽صندل کي تيل ڦليل ۽ هار سينگار ۾
استعمال ڪنديون هيون – ايتريقدر جو چوٽن کي به مشڪ
عنبر ۽ چنبيليءَ سان واسينديون هيون. ڳچين ۾
هَسيون، پيرن ۾ ڪَڙيون، ٻانهن ۾ ڪنگڻ، ڪنن ۾
پَنڙا، ۽ نڪ ۾ نٿ هتي جا خاص زيور هئا. نٿ ته اڄ
به سهاڳ جي نشاني سمجهي ويندي آهي. عربن جي آئي،
’جهانجهر‘ جو رواج چالو ٿيو. موجوده دور ۾ هتي جون
زالون چنبيلي يا ڪو ٻيو خوشبودار تيل مکي، گول
پيشانيءَ مٿان ڊگهن ڪارن ۽ لسن وارن کي ٻن وڏين
چڳن ۾ سنوارين ٿيون. پٺيان سڀ وار گڏي چوٽي ڪن، جا
ڪمر تائين پيئي لٽڪندي آهي؛ ان ۾ اڳٺ وانگر ڳاڙهو
ريشمي ڇيڙو زياده زينت بخشيندو آهي.
هڪ صوفيانه قول آهي – ”الله جميل و يحب الجمال“،
يعني الله پاڻ به حـَسين آهي، ۽ حُسن کي پسند ڪري
ٿو. جتي حسن آهي، اتي خدا جو نور آهي. عشق حسن
کانسواءِ پيدا ٿي نٿو سگهي؛ حسن ان جو محرڪ جذبو
آهي. هر قوم جي مهذب ۽ زنده دل هجڻ جو ثبوت، ان
ڪري، سندس ذوقِ جماليات، حسن پسنديءَ ۽ فطرت
شناسيءَ تي منحصر آهي.
مصوري.
فنونِ لطيفه جو مکيه جزو مصوري آهي. اسلام جي اثر
ڪري، ساهوارن جي تصويرن جو رواج ماضيءَ ۾ گهٽ
رهيو، ليڪن ان جي جڳهه وري نقاشيءَ گلڪاريءَ ۽
سنگتراشيءَ ورتي، جنهن ۾ فنڪارن ڪمال جو فن
ڏيکاريو آهي. مسجدن ۽ مقبرن ۾ ڪاشيءَ ۽ سنگتراشيءَ
جوڪم، چادرن ۽ فراسين ۽ڪپڙن تي ڇـُرَ ۽ گلڪاريءَ
جي حرفت خاص اهميت واري آهي. خاص ڪري چولن، گـَجن،
گهَگهن، سـُٿڻين ۽ گندين وغيره تي ڀرت جوڪم نهايت
نفيس ۽ مشهور آهي. قلمدانن، ٿالهين ۽ چمڙي جي ڪوزن
وغيره تي نقاشيءَ جو ڪم نهايت سهڻو ۽ ديده زيب
آهي. کيس ۽ لونگيون اجرڪون ۽ چادرون قابل ديد آهن،
جن جي ساک مشرق کان مغرب تائين پهچي چڪي آهي.
موسيقي .
موسيقي ثقافت جو خاص جز آهي. راڳ روح جي راحت ۽
دماغ جي طراوت آهي. اندر اجارڻ، دلي تسڪين ۽ روحي
جذبي پيدا ڪرڻ، طبيعت جي ڪَجيءَ ۽ آوارگيءَ کي دور
ڪرڻ، ۽ انساني اطوار کي سينگار۽ سنوارڻ لاءِ،
سنگيت نهايت موثر ذريعو آهي. موسيقي، نظام فطرت جي
هرپهلوءَ ۾ ڪارفرما آهي. فطرت جي هر تحرڪ ۾ تار ۽
سـُر سمايل آهي. پاڻيءَ جي وهڪرن، هوا جو جهُوٽن،
پکين ۽ جانورن جي لاتين ۽ ٻولين ۾ به تار ۽ تنوار
موجود آهي. سچ پچ ته زندگيءَ جو مدار ’تحرڪ‘ تي
آهي. هر تحرڪ فطري قانون موجب پاڻ ۾ موزونيت رکي
ٿو، جا راڳ جو اهم ترين جزو آهي. راڳ کي سمجهڻ ۽
زور وٺائڻ، زندگيءَ جي راز کي سمجهڻ ۽ ان جي پيروي
ڪرڻ جي برابر آهي. چيني پيغمبر ’ڪنفيوشس‘ جو چوڻ
آهي ته ’جڏهن ڪو راڳ ۾ پوريءَ طرح مهارت حاصل ڪري
پنهنجيءَ دل کي ان مطابق عادي ٿو ڪري، تڏهين فطري
طور هو سالم ۽ شريف ٿئي ٿو، ۽ سندس دل سولائيءَ
سان ترقي ڪري خوشيءَ جو خزانو هٿ ڪري ٿي‘. افلاطون
چوي ٿو ته ’جنهن کي سـُر ۽ تار جي خبر ڪا نه ٿي
پوي، ان کي لوڌي ڪڍو، ڇالاءِ ته اهو انسانيت کان
خالي آهي.‘ قرآن به چوي ٿو ته قرآن کي مِٺن ۽
موهيندڙ آوازن سان سينگاريو: ”و رتل القرآن
ترتيلا“. رسول ڪريم (صلعم) فرمايو آهي ته ”زينو
القرآن باالصوات العرب“، قرآن کي عربي ميٺاج ۽
لـَي سان پڙهو. ’لحنِ دائود‘ ته مشهور آهي، جنهن
جي سـُر ۽ لَي تي مست ٿي پکي به اچي ويهي رهندا
هئا ۽ ٻڌندا هئا. راڳ جو اثر پکين ۽ حيوانن تي به
ٿئي ٿو، ان کان ڪنهن کي به انڪار نه آهي. انساني
عادتن ۽ طبع کي درست ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو راڳ
تي توجهه ڏيڻ ۾ آهي. اخلاق ۽ راڳ – ٻئي عمل ۽
جذبات ۾ هم آهنگي ۽ موزونيت پيدا ڪن ٿا. ڪشاده دلي
راڳ سان، ۽ سچائي اخلاق سان وابسته آهي: انهيءَ ئي
حقيقت کي سمجهندي، ’ڊينٽيل اوڪانيل‘ راڳ کي ’قومن
لاءِ بهترين تحفو‘ چيو آهي.
سنڌ جي زمين ساز سرود ۽ راڳ آلاپ کان ڪڏهن به خالي
نه رهي آهي. اسان جي راڳ ۾ سوين ساز آهن. انهن مان
ڪيترا اهڙا به آهن جي اڄ کان هزار ورهيه اڳي پيدا
ڪيا ويا، ۽ ڪي وري اهڙا آهن جي پنهنجي پيچيدگيءَ ۽
اوکائيءَ ڪري رواج ۾ اچي نه سگهيا ۽ گمنام ٿي ويا.
جيئن جيئن زماني ۾ ڦيرو ايندو رهيو آهي، تيئن تيئن
اسان جي سنگيت ۾ به سڌارو ايندو رهيو آهي، ۽ نوان
نوان ساز پڻ ايجاد ٿيندا رهيا آهن. هتي جا مڪاني
ساز – نڙ، يڪتارو، سـُرندو، دهل، شرناءِ، بنسري،
پاوا، بِين، ڪانِي، تنبورو، مـُرلي، کڙتال،
مـُگرمان، دِلو، ڍولڪ، بوڻينڊو، چنگ، وغيره – سـُر
۽ لَي ۾ پنهنجا مَٽ پاڻ آهن. ان کانسواءِ نوان ساز
– هارمونيم، رباب، بينجو، پکراج، سرمنڊل، وغيره پڻ
هاڻي رائج آهن، ۽ انهن جا وڏا استاد اسان وٽ موجود
آهن.
ناچ .
مفڪرن انساني علم ۽ فن کي، دنيا جي پيدا ٿيڻ کان
وٺي موجوده وقت تائين، ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. انسان
اول اول جڏهين اکيون پٽيون، تڏهين ڪائنات جون
پهريون شيون جن کيس سڀ کان اول متاثر ڪيو، سي هيون
– ڏک ۽ سک، محبت ۽ نفرت، موسمي تبديليون ۽ انهن جا
اثرات، وغيره. جڏهن انسان جو فڪر سندس ذهن جي حدن
۾ سمائجي نه سگهيو، تڏهين پنهنجن احساسن، خواهشن،
۽ حيرت ۽ خوف جي اظهارن کي مختلف تصورن جو روپ ڏيڻ
لڳو. مذهب جا موهوم تصور، ۽ ديوين ۽ ديوتائن، جنن
ڀوتن، پرين ۽ فرشتن جا تصوراتي وجود، ۽ فطري عناصر
جون خيالي قوتون رٿيندي، انسان جي ذهن ۾ پهريون
ڀيرو، انهن کي ريجهائڻ ۽ راضي رکڻ لاءِ، عجز ۽
نياز، پيار ۽ طلب جا جذبا ا ُڀري آيا ۽ انهن جذبن
جي اظهار ۾ هڪ قسم جي مدور حرڪت پيدا ٿي: جذبن جي
اظهار جي انهيءَ ئي حرڪت پوءِ هڪ مستقل فن جي صورت
اختيار ڪري ورتي، جنهن کي مختلف قومن ۽ ملڪن ۾
ناچ، رقص ۽ وجود جا نالا ڏنا ويا.
ناچ انساني جذبات جي اظهار جو اولين فطري ذريعو
آهي. هر ملڪ جا لوڪ ناچ، انسان جي اوائلي رقص جون
شاخون آهن، جن زماني جي هزارن لاهن چاڙهن کانپوءِ
به پنهنجي اها سادگي ۽ اصليت، رنگيني ۽ دلڪشي قائم
رکي آهي. هي اهو عوامي فن آهي، جو هڪڙي نسل کان
ٻئي نسل تائين متواتر هلندو به رهي ٿو، ۽ ڪجهه فني
ترقي به ڪندو رهي ٿو. اهڙيءَ طرح، انسانذات جو اهو
موروثي فن اڄ تائين هلندو آيو آهي ۽ ايندڙ نسلن کي
به ان طرح ورثي ۾ ملندو ايندو، يقيناً، اهو سلسلو
تاابد جاري رهندو.
اسان جي عوام پنهنجي انهيءَ قديم ورثي کي جنهن ذوق
۽ شوق سان هيستائين پئي سنڀاليو آهي، تنهن مان
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هتي جي سرسبز ميدانن ۾،
چانڊوڪين راتين جي ٿڌڪار ۽ بهار جي هيرن ۾،
گهنگهرن جي جهڻڪار ۽ جهانجهه جي واڄٽ ۽ دهل جي
پـُرجوش آوازن ۾، اسان جو هيءُ قديم فن پنهنجي ملڪ
جي ثقافت کي سدائين زنده ۽ سلامت رکيو ايندو.
اسان جا لوڪ ناچ، هتي جي عوام جي فطري مذاق ۽ طبعي
تقاضا جو آئينو آهن. جيڪڏهين هتي جي ثقافتي تاريخ
مان لوڪ ناچن وارو حصو ڪڍيو وڃي، ته پوءِ اها
تاريخ سراسر اڻپوري ۽ نامڪمل رهجي ويندي، لوڪ ناچ
انسان جي ارتقا سان گڏ پيدا ٿيو آهي، ۽ هر هنڌ
موجود آهي. سو ماترا، جاوا ۽ ملبار، توڙي
افغانستان، چين، روس، جپان، عرب، شام، مصر، ترڪي،
هندستان، آفريڪا، آمريڪا – دنيا جي مڙني ملڪن ۾
هيءُ فن پنهنجي مستقل اهميت سان قائم آهي. اسان جا
لوڪ ناچ به اسان جي ثقافت جي اهم جز جي صورت ۾
سدائين زنده رهندا.
هر ملڪ کي پنهنجا پنهنجا مخصوص لوڪ ناچ آهن. هتي
جي لوڪ ناچن ۾ سِمِي، جـُهمر، ڀَنگڙا، ڪڪلي، گدا،
لـُڊي، ڏانڊيو ۽ جمالو، قابل ذڪر ۽ قابل ديد ناچ
آهن، جي هتي جي عوام جي جذبات جا ترجمان آهن.
لوڪ ڪهاڻيون .
ساڳي اهميت لوڪ ادب کي به آهي؛ خصوصاً لوڪ ڪهاڻيون
دنيا جي هر ملڪ ۾ رائج آهن، ۽ اتي جي ثقافتي
سرمايي جو قيمتي حصو آهن. لوڪ ڪهاڻين ۾ نه صرف
معاشرتي زندگيءَ جون تاريخي جهلڪون سمايل ٿين
ٿيون، پر انهن ۾ عوام جي اخلاقي قدرن، تعليم و
تربيت ۽ جمالياتي ذوق جا بنيادي رجحان پڻ نمايان
صورت ۾ موجود هوندا آهن. لوڪ ڪهاڻيون جيئن ته
انساني معاشرت ۽ تهذيب جي عام تصورن جي تخليق آهن،
تنهنڪري انهن ۾ همه گيري ۽ آفاقيت آهي. اهو ئي سبب
آهي جو هڪ ئي انداز ۽ موضوع جون ڪيتريون ئي
ڪهاڻيون، ٿوريءَ تبديل ۽ تفاوت يا اضافي سان،
مختلف ملڪن ۾ رائج ٿي چڪيون آهن. سچ پچ ته هيءُ
عوام جو اهڙو عام سرمايو آهي، جنهن تي اسين هاڻي
ڪنهن به خاص ملڪ يا قوم جو ليبل لڳائي نٿا سگهون،:
سڀني ملڪن جون رائج لوڪ ڪهاڻيون سڄي انسانذات جي
مشترڪه ملڪيت آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي وابستگي روح ۽
ضمير سان آهي – ۽ سڄي انسانذات جو روح ۽ ضمير هڪ
آهي.
ڊاڪٽر علي احمد قاضي
مضمونَ
عشق ۽ عقل
’عشق‘ ۽ ’عقل‘ – اکرن ۾ اوترا، قدبت ۾ قريب، صورت
۾ سڳا ڀائر؛ سيرت ۾ اهڙا ا ُتوتي، جو رهن به ساڳئي
مغز ۾، پر شل نه جـو جڪي اچين! البت ايترو آهي ته
جي هڪڙي سنوت نه ڏني، ته ٻيو موڙو کائي به پٺ نه
ڇڏيندس.اڃا عشق اڀريو، ته عقل جو هٿ لٺ ۾؛ پر جي
پيو زور، ته عقل سندس پٺ ۾ - متان پاڻ نه وڃائي
ويهي! سَگهه ته انهيءَ کي ئي آهي نه! جي سگهه
ويئي، ته سمجهه ڇا ڪندي؟ جي سگهه نه هوندي ساڻ، ته
ته سمجهه هَلائي ڪنهن کي؟ تڏهن ته جوشيلي ڀاءُ جون
اڙٻنگايون پٺيءَ جوش سان، ته ٻيو ته هوش سان آهي؛
جي ٻئي ويڙهو هجن ها ته هن کان اڳي ڪم لاهيو هڪٻئي
کي پورو ڪريو ويٺا هجن ها! پوءِ ته ڪـُل ئي خير،
مغز ئي کوکو؛ ڪنهن کي ائين چوڻو ئي نه پوي ها ته
ته ’مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿين نه مات‘.
آخر اهو ’مرڻا اڳي مرڻ‘ آهي ڇا؟ کائڻ پيئڻ جي
اونَ پَلي، گندي تاڻي پئجي رهجي، يا هٽ بازريون
بند ڪري، اسڪولن تي تالا چاڙهي ڇڏجن؟ هرن مان ڏاند
ڪڍي ڇيڪ ڇوڙي ڇڏجن، يا ڪـُوڙ – ڪوڙ ڪري دت هڻي
سمهي رهجي – جيئن اسڪول وڃڻ مهل تپ جو مڪر ڪري
پئجي رهبو هو- ۽ پوءِ ٽيڏيءَ اک سان ٽيٽ پئجي رکجي
ته ٻيا ڇا پيا ڪن!... پر سو به ڪيترو ڪبو؟ نيٺ ته
پاسا ورائي ورائي اٿڻو ئي پوندو! ڀلا ڪٿان ٿو پيٽ
ڇڏي؟ گوتم ٻڌ جهڙي مهاپرش به مهل محلاتون ڇڏي وڃي
جبل تي ته ديرو ڪيو، پر جانئي بک جو چڪ پيٽ ۾
پوندو هوس ته ’بڪشو – بڪشو‘ ڪري لهندو هو هيٺ! خدا
نه ڀلائي ته شايد ’مرڻا اڳي مات‘ جو فـُقرو ڪنهن
مغربي عالم کان به ٻڌو ته اٿم!
ٿورن ورهين جي ڳالهه آهي جو ڊاڪٽر رسيل، سروئي تپ
جو نامي گرامي ماهر ۽ محقق، نيلگري جبل جي ’ڪونور‘
۽ ’اوٽاڪمنڊ‘ جي علائقن ۾ مليريا – سروي ڪرڻ جي
خيال سان منزل انداز ٿيو. خوش قسمتيءَ سان مان تن
ڏينهين ’ڪونور‘ جي ’نيوٽريشن انسٽيٽيوٽ‘ ۾ طالبعلم
هوس، جتي، ڊاڪٽر ايڪرائڊ جهڙي بين الاقوامي حيثيت
رکندڙ ۽ خورشي مسئلن جي حل ڪرڻ واري عالم جي زير
نظر، ڪـُئي کان وٺي گهوڙي تائين سوين جانورن کي
مختلف کاڌا کارائي تجربا ڪبا هئا، ۽ ڏسبو هو ته
کاڌي جي اوڻاين ڪري سندن صورت ۽ سيرت ۾ ڪهڙو فرق
ٿو پوي ۽ ڪهڙيون بيماريون ٿيون سنجرن.
ڊاڪٽر رسيل به مليريا بابت خوب علم اوتيو، ۽ حجت
سان چوڻ لڳو ته جي نيلگري جبل جي رهواسين لاءِ في
ماڻهو فقط ڇهه آنا ساليانو خرچ ڪجي، ته جيڪر
مليريا جو تپ هتي ڪو اکين سان ئي ڪو نه ڏسي! پر
سندس جنهن جهلڪي منهنجي ستل عقل کي ڪن کان جهلي ا
ُٿاريو، سو سامهون ٿو اچيم ته اکين مان پاڻي نڪريو
وڃي. فرمايائين ته ”مليريا جو مرض هڪ پاسي بدن کي
ڳاري، پيٽ وڌائي، نست ڪري ته ٻئي پاسي دماغ کي
کايو بيڪار ڪريو ڇڏي. نه زور بازو، نه سمجهه سالم؛
نه عزم، نه استقلال؛ نه ڪم سان چاهه، نه سَت نه
ساهه؛ جهڙو جيئرو تهڙو نه – ’مرڻا اڳي ئي مات‘! نه
سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀؤ. عقل ته ائين ويڙهجي
ويندس جو ڪو چوي ته فلاڻي جي پَڳ ۾ اَٺُ، ته چوندو
ها! ڀلا هجيس ڪا مغز ۾ سوچ ويچار جي طاقت ته ڪنهن
خيال کي پرکڻ جي ڪوشش به ڪري! ڪهڙو عجب جو هندستان
جي ماڻهن، جن کي هزارهين ورهيه مليريا جي تباهه
ڪندڙ مرض رت پِي پئي پيڙيو آهي، تن جو مذهب مان هڪ
پست همت اصول، ’ڪَرما‘ ٿيئري جي شڪل ۾ دنيا کي
نصيب ٿئي!“..... بس، منهنجا ته طاق لڳي ويا!
سچ ته جنهن قوم ۾ نه هوندي ڪم جي طاقت نه خيال جي
وسعت، جو دنيا جي ڪشمڪش کي منهن ڏيئي سگهي، سا
ضعيفائيءَ کي ئي زيور بنائيندي: اهڙائي اصول
گهڙيندي، جي هن جي ڪاهليءَ کي ٻيو نه ته شانائتو
ته ڪن! سو به چڱو، ڀلي اهڙي قوم دل جي تسڪين حاصل
ڪري، پر دنيا جي ڀيٽا ڀيٽيءَ ۾ پير جهلڻ به ڪم پيو
آهي. وري انسان جي مغز جو مزو ته اهو آهي جو هر
حال تي خوش: جيسين ڪا بلند قامت ٻي قوم ڏسجي،
تيسين ائين ئي سمجهبو ته انسانذات جي جسمي ۽ دماغي
اوج جو معيار ئي اهو آهي، جيڪو اسان جو آهي!
بس، پوءِ ته ڪنهن مهل ڪو ويچارو دماغدار ويچاروان
به بيمار پيو هوندو، جنهن پاڻ کي بيوس ۽عاجز ڏسي
خيال ڪيو هوندو ته ’جي ڌرمي خيالن موجب اهو درست
آهي ته بيماري پاپن جو ئي ڦل آهي، ته هي ڪي اڳئين
جنم جا ڪرم ٿو لوڙيان، ٻيو هاڻي ته اهڙو ڪو ڪـُڪرم
ڪيو ئي ڪو نه اٿم جنهن جو هيڏو عذاب مليم‘. اها ته
خبر ئي ڪا نه ته ڪو ميان مڇر به دنيا ۾ آهي، جنهن
جي نسل کي قائم رکڻ لاءِ گرم رت جي ضرورت آهي، ۽
فطرت کي ڪا پرواهه ڪانهي ته اهو رت اشرف المخلوق
مان آيو يا ٻئي هنڌان؛ هن کي پنهنجو ڪم نباهڻو ئي
آهي. هرڪو پنهنجي سچيتي ڪري. آخر جاهلي به وڏو
ڪڪرم آهي ڪي نه؟
پر وري به جس آهي مذهب کي. جي مليريا جو ڪارڻ ۽
علاج ڳولڻ سندس وس کان ٻاهر هو، ته اداس دلين کي
آٿت ڏيڻ جي تجويز ته سوچيائين. ويچارا عاجز انسان
ڪنهن ڪنڌيءَ ته لڳا. وس کان ويئي، تنهن کي ڇا ڪبو.
’بس، بابا، منهنجاڪرم‘ – ائين چيو نه آهي ته روح
کي راحت آئي نه آهي! مذهب جو معجزو اهو ته آهي جو
جتي فلسفي جي دليلبازي ٿر – ٿر ڪري هارائي بيهي،
اتي اکر ئي هڪڙو. انسان جي خيال کي ڪيڏي نه طاقت
آهي: ڪو عقيدو پختو ٿي ويو، ته اها آٿت ڏيو ڇڏي جو
بنا خرچ جي پيڙهيون به خوش!
پئي جا خبر عربن کي، تن سوچيو ته ’ڪرَما ٿيئري‘ ته
مغز ۾ آهـُڙي ئي ڪا نه ٿي، سو ’توڪل‘ جو تـُر هو
ٻَڌي، لنگهي پيا آس پاس، بت جا سَگها، تتيءَ ٿڌيءَ
جا ڏاڍا، بک اڃ جي پرواهه ڪا نه. عرب ملڪ جي تتل
واريءَ تي خيمن جا رهاڪو، لـُڪن جا پختا پڪل، نه
ڊپ نه ڊاءُ؛ کجور کائي کڻي ٻڪ پاڻيءَ جو پيتو، ته
هل هليو! عربي گهوڙا ته مشهور آهن . اٺ اهي، جي
ڊگهين منزلن جا هيراڪ، ٿَڪ ته ڄاڻن ئي ڪو نه. جهڙا
ڍاٽِي، تهڙا سوار – هڪٻئي کان ڏاڍا! باقي جا
اسلامي روشني ملين، تنهن ته اهڙو ڀڙڪو ڏيئي ڇڏين
جو الله – الله ڪندا هلندا وتن. نه تتيءَ جي، نه
ٿڌيءَ جي - ’تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ
جي‘. اِلاهي عشق ۾ لعلؤن لعل. پاڻ پتوڙي ٻين جي
ايمان اجارڻ ۾ مست. ڏکي ڳالهه ته ڪا نظر ئي ڪا نه
هـُين – ’سڀئي ڀانيون سـُک، پرت ڪارڻ پرينءَ جي‘.
عقل به ڏٺو ته ڀائو هينئر رڳو نفس جو غلام نه آهي،
ڪجهه جڳ خاطر پڻ جيئڻ گهري ٿو، جيڪو پير ٿو کڻي سو
ڏکئي کي سکئي ڪرڻ لاءِ، سو به ٽِڙي پيو. وٺي جو
کڻي پرچار شروع ڪيائون ته ’بابا، لوچڻ لاءِ ته آهي
ئي هيءَ دنيا، اڳيون جنم وري ڪهڙو؟ اٿو، اٿو،
عقيدا درست ڪريو، همٿ ٻڌو، ڪم کي لڳو – ڏهه هِتي،
ستر اڳتي – ويلَ نه وڃايو!، بس، ڪا مهل موچاري
هئي؛ قدرت اها صداقت جي بجلي ڪا سندن چست بدن ۾
چاپي ڇڏي هئي، جا سندن هر قوم ۽ فعل ۾ مشعل جي
شعلن وانگر پَرَ ڪري ٿي اڏاڻي: جيڪي چون سو سچ،
جيڪي ڪن سو صحيح! عرب واقعي پارس سان لڳي سون ٿا
چڪا هئا. پوءِ، جتي پهچن، اتي سوڀ اڳ ئي وڃيو
سهڙي..... خبر تان پيئي جو عرب جي دنيا جا ويرانا
آباد ٿي ويا، جهنگل بستان بنجي پيا، بيواهن جي
واهه کـُلي، مسڪينن کي تسڪين ملي، هر ڪنهن جي روح
۾ نئون سـُرور اچي ويو. قوم جو هر هڪ فرد جيئرو
هو، ۽ضرور جيئرو هو، پر ٻين لاءِ – نه عيش لاءِ،
نه نفس لاءِ. پنهنجي ته يادگيري به ڪا نه هين –
’پنهنجو پاڻ وڃاءِ، تهان پوءِ تڪبير چئو.‘ هاڻي ته
آدم جو اوج اچي ويو. ڇا سندس بلندي، ڇا سندس شان!
عشقَ صراط مستقيم ورتي نه آهي، عقل مشعل راه بڻيو
نه آهي. ’اشرف المخلوق‘ جو تفسير ظاهر ٿي چڪو.
عربن جا واڄا وڄندي جو فطرت جي ڪَنِ پيا، سو
سـُجهي آيس ته ٻيلي عرب ئي هاڻي سکيا آسودا، سڻڀا
ستابا ۽ ڪار ڪِرتا ماڻهو ثابت ٿيا آهن: جي ڪو آدم
جو نسل چالو رکڻو ۽ سڌارڻو آهي ته هنن جي ئي هٿان:
ڇو نه هنن جو عشق ڪجهه انهيءَ طرف به لاڙي وجهجي.
پوءِ ته هوڏانهن اسپين، هيڏانهن ايران– وين جانَ
محبت جي ڄار ۾ لوليون ڏيئي مست ڪندي، ۽ پنهنجو
آدمذات کي قائم رکڻ جو فرض ڪمال عياريءَ سان
نباهيندي. ڀلا، جي ’محبت‘ عيار فطرت جي ’فريب‘ جو
نالو نه آهي ڇا آهي؟ ڪم هڪڙن جو، لوڙيون اسين- چي،
’ادي کي عشق انڌو ڪيو‘.... ٻيلي واه!
هلندي هلندي، عرب يار به عيش ۽آرام ۾ ٿڌا ٿيندا
ويا. مقصد هٿن کان ڇٽڪي وين. فرض الاهيءَ جي عيوض،
فرض محبت ۾ محو ٿي ويا، ۽ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ هيئن
ٿي چيائون:
’جهُڪي محرابِ ابرو ۾، امامِ عشق جي پٺيان،
پڙهيو فرضِ محبت مون اي زاهد گر، عجب ڪهڙو؟‘
بس، هاڻي هـُش تي خوش: لعل به لڌي، پريت به رهجي
آئي!
نتيجو اهو نڪتو جو جام الفت نه رڳو عربن پر ٻين
سڀني مسلمانن جي محبت جي خلل کي موروثي مرض ڪري
وڌو. نه رهي بدني طاقت، نه دماغي حوصلو. عقل به
ويو ٽپڙ سيريندو. ڪم ڪاريون ڇڏائي وين، بيڪار
ٿيندا ويا. نيٺ منزل اتي وڃي پهتي جو سندن قومي
شعرا، جي پنهنجي شعر جي زور سان ڪنهن مئل قوم کي
اڀاري وجهندا هئا، سي پاڻ ئي عشق جي درياءَ ۾ غوطا
کائي بيوس ٿي پيا: چي،
’گهِڙي منجهه عشق جي دريا، هلڻ هـُن پار مشڪل آ!‘
وري به، همٿ جهلي، ڪجهه وقت عشق ۽ عقل جي جهيڙي
نبيرڻ جي ڪوشش به ڪيائون: چي،
’عشق عقل جو لڳو آهي جهيڙو، ڪير نبيري، ڪير، ميان!
عقل چوي هلي گهوڙا ڌاريون، تن تي چڙهي ڪر سير،
ميان؛
عشق چوي هل پير پيادو، دم نه ڪر هڪ دير، ميان!
عقل چوي اَڏ بنگلا ماڙيون، باغيچا بستان، ميان؛
عشق چوي اهي ڳالهيون اجايون، واريءَ سندڙا ڍير،
ميان!‘
اهڙن شعرن سان قوم ڦِٽي يا جـُڙي؟ پوءِ ته سائين
نينهن جي نشي اها مستي ڏيئي ڇڏين جو جهيڙا نبيرڻ
ته ويا ڇـُٽي، پر اڃا ڪو شاعر رڳو گهنڊيدار وار
ڏسي ته ڳنڍُ ٻَڌو پيو آهي.... پنبڻين جي نوڪ سان
پيا شهيد ٿين ته باقي ڇا؟ ٻيو ته ٺهيو، پر هڪڙو
ٺاهيائون ’زنخدان‘ جو ’چاه ذقن‘، جنهن ۾ مـُنڱ به
نه ماپي، - ان ۾ ٻڏيو پيا مرن! ڪو ٻئي پاسي به
اهڙو لقاءُ ڏٺوَ؟ اهڙو انڌ ڪنهن هنڌ ڪو نه هوندو.
رڳو جو ’محبوبي‘ ۽ ’محجوبي‘ ۽مرغوبي‘ ۽ ’نيم
خوابي‘ نيڻن جي ذڪر جو ذخيرو کڻي گڏ ڪجي، ته ايڏو
دفتر ٿيندو، جنهن جي کڻڻ لاءِ ڪي آمريڪا جي
سامونڊي ٻيڙي جي هوائي جهازن جا ڪئريتر ڪم ڏين،
ٻيو باربرداريءَ جا جانور ته پِڙ ڪڍي بيهندا.....!
نيٺ نوبت اچي اتي بيٺي، جو قوم جو هوش خطا ٿي ويو.
ٻين جي پرگهور ته ٺهي، پر پنهنجي سمڪ به ڪا نه
رهين. جاهلي ڪاهي پيئي، ڪاهلي ويڙهي وين. دعائن
پنڻ – تي زور، آڱر چورڻ جي صلاحيت ڪا نه- حال برا
ٿي ويا. ڪرمن جو ڪانٽو، چڪر ڦري، اچي ’قسمت‘ تي
بيٺو. چي، ’بس بابا، قسمت! تقدير اڳيان تدبير بيوس
آهي!‘.... وا مصيبتا! هيءَ مليريا وري ڪهڙي ڪڙڪي؟
بس، مليريا جو تپ نه، ته محبت جو تپ: ’ڪرم‘ نه، ته
’تقدير‘!
بس هاڻي ته شاعر سڳورا آهن اوسرن لکڻ ۾. بنهه ڏيئي
وٺي بيٺا آهن! چي،
’پائي پيچ ويو پرديس ’پنهل‘، مون کي جهاڳڻ آيو
جهنگ جبل!‘
البت آسرو آهي، جو آسودگي به ويئي آهي وٿيرڪي ٿي.
فطرت جو رخ به هوندو هاڻ امريڪا ڏانهن. من سندس
عيار هٿن مان ڪي پنهنجو داغدار دامن کسڪائي، پوتڙو
ڇنڊي ڪلهي تي رکي، اسان جا شاعر، ڪي قدر مٿڀرو
منهن ڪري، عقل جي تلاش ۾ رڳو ايترو سمجهه ساڻي ڪري
چون ته ’ٿيو عشق انڌو، ويو ڇڏائي عقل، پوءِ جهاڳڻ
آيم جهنگ جبل‘- ته به جيڪر سندن ڌاڙي لڳل عقل، ٻيو
نه، ته ڪو ڀـُنگ تي ئي ورائي وجهي!.....
فلسفو ۽ سائنس
اهڙو ماڻهو ڪو مشڪل ملي، جنهن جي مغز ۾، جيئري رهڻ
جي جهنجهٽ کي منهن ڏيڻ کانپوءِ، اهو خيال نه اڀريو
هجي ته آخر هيءُ دنيا جو چرچو ڇا لئه، هي تماشو
ڪهڙو؟ ڄمڻ، جيئڻ ۽ مرڻ جو چڪر چالو..... لکين
ورهيه لنگهي ويا..... سج چنڊ تارا ڦيرن ۾ محو؛ جيو
جڻو، وڻ ٽڻ، گل ڦل، پکي پکڻ، پنهنجيءَ موج ۾ مست،
نه ٻڌن نه ورائين، نه لنئوڻو ئي ڦيرين! ڀلا وقت جو
پکيئڙو، جنهن آکيري ڇڏڻ کان پوءِ ڪڏهن آرام سانگي
هڪ پل به پَرَ نه سميٽيا آهن ۽ بنا فرصت جي پر
هڻندو ئي هلي، سو ڪائنات جي ڪارزار کي ڪٿان ٿو
وسرام ڪرڻ جو وقت ڏئي! – ’تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي
ويل ويهڻ جي.‘
جنهن دم ڏس، ته دنيا جو ميلو دائمي ڀرپور، دولهه
درياهه جي وهڪري وانگر، ڇولين ٿي ڇوليون، پور ۾
پور، ويرؤن وير وڌ! چي، ’آءُ، محنت وارا، لوچ ته
لهين لعل! ترسڻ ڊڄڻ اجايو، همت جهلي مهراڻ جي موج
تي سوار ٿي: ”مَئي متي مهراڻ ۾ پئه ٽپو ڏيئي.“
قسمت وارو آهين، ته املهه ماڻڪ ملڻ جو رستو اهو
اٿئي. ڪجهه کاءُ، ڪجهه ڪماءِ، هل هليو... لالچ جي
لوڏن ۾ نه اچج: ”وٺيو وڃج واٽ، ڪنڌ نه ڦيرج
ڪيڏهين“!‘
ميلي ۾ ملاکڙو به مست متل.... ’آءُ، جوان، ٻڌ
سندرو! جيڪو کَٽي، تنهن جو وارو.‘ قسمت جو ’ميري
گورائونڊ‘ به چڪرن ۾ چور. اميري – فقيريءَ جو
اَڏول گول ڦيٿو به ڪن کي چوٽ چاڙهيو وڃي، ته ڪي
تري ۾ ويٺا تارا تڪين. ڪولهي، ڪو چڙهي.... پر مڙس
مڙسن جو مَٽ؛ ڪڏهن پيادو، ڪڏهن سوار.
آخر هن کيل جو مطلب ڪهڙو؟ مقصد ڇا؟ چرخو ڇا جو،
چرچو ڪهڙو؟... جنهن وقت هن قسم جا سوال مغز ۾ منهن
ڪڍن، ته پاڻ کي فلسفي جي اڀياس لاءِ تيار سمجهو؛ ۽
جڏهن جواب به سـُجهي اچيوَ، ته فلسفي جي جاترا جا
جاٽِي ٿي چڪا.
حقيقت ائين اچي بڻي، جو انهن ساڳين سوالن تي مذهب
به اڳي ئي پنهنجا رايا قائم ڪري ڇڏيا هئا – جن تي،
مذهبي عقيدن موجب، سندس پوئلڳن کي نه عقل هلائڻ جو
حق حاصل هو، نه ڦير ڦار جو اختيار – سو جو فيلسوفن
پنهجا مباحثا شروع ڪيا، ته اچي لڳي مذهب ۽ فلسفي
جي چڪري. سوال به هئا اوکا، فيصلو به ڪو نه پيو
ٿئي. ويچاري ’سقراط’ فيلسوف کي ته يوناني جمهوري
حڪومت جهلي کڻي قيد ۾ رکيو. چي، ’يونان جي جوانن
کي عقلي دليلن سان گمراهه ٿو ڪري!‘ نيٺ عدالت
فتويٰ ڏني ته کيس زهر جو پيالو پياري پورو ڪيو
وڃي. ’افلاطون‘ جو اهو واقعو ڏٺو، سو هن خطرناڪ
سورن جي دنيا جي ڀيٽ ۾ ويهي هڪ بهترين دنيا جو
خاڪو ٺاهيائين، ۽ مذهب ۽ فلسفي کي ملائي ’تصوف‘ ۾
تار ٿي ويو. هن سمي ته عالم آشڪار آهي ته انسان جي
سمجهه ڄمڻ کان پوءِ، حواسن ڪم آڻڻ ڪري، ذرو ذرو ٿي
گڏ ٿي ٿئي؛ پر پاڻ ان وقت ائين ڄاڻايائن ته ’اسان
جي سمجهه روح جي يادگيريءَ سان ٻڌل رهي ٿي: روحن
تي عرش تي سڀڪجهه ڏٺو آهي، ۽ ڪيترو علم مليل اٿس؛
نه ته اهي جانور جن کي ڪـُتو ٿا چئون سي قد بت،
شڪل شبيهه ۽ رنگ روپ ۾ ايترو نرالا آهن جو سڀني کي
ڪتي جي نالي سان ياد ڪرڻ عقل ڪڏهن به ڪين باسيندو،
پر ته به اسين سڀ متفق آهيون ته اهي سڀ ڪتا آهن –
ڇاڪاڻ ته عرش تي جيڪو ڪتي جو مجسمو روح ڏٺو آهي،
ان سان زمين جي ڪتن جون سڀئي جنسون ٺهڪي ٿيون
اچن‘. آيو وارو ’ارسطاطاليس‘ جو. سڪندر اعظم جو
استاد هي هو. سندس وڏڙا انهيءَ خاندان جا قديمي
استاد ٿي رهيا هئا. ارسطاطاليس ڏٺو ته جيڪي سوال
فلسفي کنيا آهن – ته ’ڪٿان ٿا اچون‘، ڪيڏانهن ٿا
وڃون‘، ’نيٺ ڇا‘- تن جو فيصلو ته مشڪل آهي. نه
اسان دنيا جي شروعات ڏٺي نه پڄاڻي. ايام گذريا،
ايام ايندا. اسين پنهنجي ٿوريءَ عمر ۾ ڪيئن سمجهون
ته هي کيل ڪيئن شروع ٿيو يا ڪٿي پڄاڻي ڪندو؟ ڀلا،
جيڪو سئنيما شو ٽي ڪلاڪ ٿو هلي، ان جي وچ ۾ جي
جهاتي پائي نڪري اچجي، ته ان جو به پتو ڪين پوندو
ته ڳالهه ڪيئن هئي.... هتي ته اڻکٽ عرصي سان مٿو
مارڻو پيو آهي! اهي خيال ڪندي، گهڻي قدر وڏن سوالن
کان رخ ڦيري، لڳو آسپاس جي ننڍڙين شين کي جاچڻ.
سائنس جي شروعات اِتان ٿي. مٽي ڇا جي ٺهيل آهي،
هوا پاڻي ڇا آهن – اهڙين شين جي اڀياس کي ئي ته
سائنس چئجي ٿو!
اهڙيءَ شروعات سان، وڌندي وڌندي، سائنس ڪٿي پهچي
چڪي آهي... ويچار ته ڪريو! آهي ڪو اهڙو ماڻهو،
جنهن کي سائنس ڪنهن نه ڪنهن طرح آسودو نه ڪيو هجي؟
رڳو بجليءَ جي ڪرتبن کي ٿو ويچارجي ته مونجهارو
وٺيو وڃي. ارسطاطاليس کي اهو به تعجب هو ته وڻ ٽڻ،
پٿر پاڻي، وڇون بلائون، شينهن گدڙ – سڀ ڪيئن اچي
گڏيا آهيون، ڇو اچي گڏيا آهيون؟ اهڙا خيال ڪندي،
شين کي جاچيندي، معلوم ٿيس ته ڪي شيون چرن پرن
ٿيون ۽ ڪيتريون چرڻ کان لاچار آهن. پهرين کي
جيئريون شيون سڏيائين، ۽ ٻين کي بيجان. ڀلا، وڻ ته
هڪڙي هنڌ بيٺا ٿا رهن، پر وڌن ويجهن، ڦَر ڦـُل ڪن،
انهن کي بيجان ڪيئن چئبو؟ ۽ تير ته ڪمان کان نڪري
ڪيترو نه تکو ٿو ڀڄي، پر نڪو وڌي نڪو ڦر ڏئي، پوءِ
رڳو ڀڄڻ سبب ته جيئرو ڪين چئبس؟
ورهين جي هڻ – تڻ کان پوءِ هيءُ ناميارو فيلسفوف،
جنهن جي خيالن يورپ کي هزار ورهين کان مٿي پنهنجو
پوڄاري بنائي ڇڏيو هو، انهيءَ فيصلي تي پهتو ته
بيجان شي ته لاچار اوزار جي صورت ۾ ڪنهن ٻئي جي
مقصد پوري ڪرڻ لاءِ ڪم ٿي اچي، پر جيئري شي ته
هرڪا مڪمل خاص ڪَلِ ٿي ڏسجي، جنهن جا عضوا اوزارن
وانگر گڏجي سندس مقصد پوري ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندا ٿا
رهن: مطلب ته بيجان شي کي پنهنجو ذاتي مقصد ڪونهي،
پر جيئريءَ شي کي پنهنجو مقصد مدنظر رهي ٿو، جنهن
کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي رهي ٿي.
- هتي هڪ نازڪ سوال وار ڪانڊاريو ڇڏي ته ’مون به
ڪو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد مقرر ڪيو آهي، يا بيجان
اوزار وانگر ٻين خاطر وهي رهيو آهيان!‘....
آسائي – نراسائي
آسائِي چون ته دنيا ساري سـُک ۽ سـُرور جو مڪان
آهي؛ پر جي کڻي ڪو ڏک به پلئه پيو ته ڇا ٿيو ...
آيو، ويو! دنيا ۾ ايترو مزو ته آهي جو چيو اٿن ته
’اک ۾ گهمي گهاڻو، ته به مٺو جاڳاڻو‘! دنيا ساري
گل گلزار، جنهن ۾ ڪو ٿو ڏسجي خار. پر اهي به ڪي
خار چئبا، جن جو وقتي چـُڀڪو گل جي دائمي لطافت ۽
نزاڪت کي چؤڻو ڪريو ڇڏي! ڀلا اوندهه سوا سوجهري جو
ڪهڙو قدر؛ اُس نه سـَٺي، ته ڇانو جو ڪهڙو مزو؛ ڏک
کانسواءِ سک ڪهڙو؟
نراسائي چون ته دنيا ۽ سک؟ ڏکن ڏوجرن جي جاءِ کي
ته دنيا چئجي ٿو. روئندو آءٌ، روئندو وڃ! آهي ڪو
اهڙو شخص، جنهن جون آسون پُنيون؟ ذات شاعر جي دل
حسرت جي داغن سان ڀريل. دنيا جي بيوفائي ۽ آسمان
جي ڪج ادائي هرڪو ڳائيندو ويو. ’قليچ‘ جهڙي قانع
شاعر به چيو: ’ڪر ڌيان، دنيا آهي فاني، ڪنهن سان
ڪين نباهي، جاني!‘ جنهن کي ڏسو، ڪا نه ڪا جهوري
اٿس ئي. آهي ڪو بني بشر جو ڳڻتيءَ کان خالي هجي؟
ڪهڙي ٻار نه رنو، ڪهڙي جوان آه سَرد نه ڀري، ڪهڙي
پير مرد نه چيو ته ’هي ڇا؟ بس!‘ سچ ته ’دنيا سورن
جو سامان، ڪهڙو ان ۾ شڪ گمان‘.
سچو ته الائي ڪير؟ دنيا ۾ هڪ سج ٻه پاڇا ته آهن
ئي. ڪو ڪهڙي پاسي ڇڪجي ويو، ڪو ڪهڙي. وري جي انسان
جي فطرت تي ٿي نظر ڪجي، ته آسائتو ته هوندو ئي
هوندو. پر آس جي هئڻ جو مطلب اهو نه آهي ته هر طرح
آسودو آهي. دنيا ۾ ڪير آهي، جنهن جا مڙئي مطلب
پورا ٿيا، سڀ مرادون ماڻيئين؟ اها ’لاحاصل مراد‘
ته آهي، جنهن جي کٽڪي کي ’آس‘ ٿو چئجي. ان ڪري،
آسائي به اهي ئي آهن جي ڪم از ڪم هن وقت ته سالم
سـُرور جا ساکي نه آهن، البت آئيندي کي اکئين لايو
ڀڳي سان ڀيريو ويٺا آهن، جيسين رتو راس ٿئي –
’پيئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.‘
ڪيئن به هجي، پر جي آسائيت جو مفهوم اهو ورتو ٿو
وڃي ته دنيا ساري اسان جي سـُکدائي آهي، ته اهو ته
ٿيو ڏکين جي ڦٽن تي لوڻ ٻـُرڪڻو، ۽ جن جي جيءَ سان
لڳي پئي آهي تن کي دلاسو ڏيئي ٺڳڻو. آخر دلبي سان
ڪنهن کي ڪيترو سکيو ڪري سگهبو؟ جي سچ دنيا آسائيت
جو مڪان آهي، ته آسائي جواريءَ جون ته ڏهه ئي گيهه
۾...گيهه جي دِلي واري تي ڪهڙي ميار؟
وري جي نظر ٿي نراسائيت ڏانهن ڪجي، ته معلوم ائين
پيو ٿئي ته اهو خيال ڪنهن سک جي پليل، آرام طلب
ڳڀروءَ جو ٿو ڏسجي، جنهن کي فرصت گهڻي ڪم ٿورو، ۽
فرحت سان گڏ اهو کٽڪو به اٿس ته متان هي عيش جو
سامان هليو نه وڃي؛ ان ڪري سندس آسائش جي موجود گل
۾ سنهو ڪنڊو به پيو چـُڀيس ته اڳتي الائي ڇا! ڇا
به هجي، پر نراسائيت کي زندگيءَ جو اصول مقرر ڪرڻ،
سو ته ٿيو پَستيءَ کي ڳولڻ. پوءِ ته ٻيڙي لهرين وچ
۾، ڍ ڍ ر ڍ را، نڪاڪنڌي نڪوڪنارو، دنيا ساري
سمندر ڪارو.....!
حقيقت هن طرح ٿي ڏسجي ته هرڪو پنهنجي هٽيءَ جو
هوڪو ٿو ڏئي. هر ڪنهن کي پنهنجي خبر، ۽پنهنجي لڳ
لاڳاپي جي. ٻئي جي سـُڻي ڪير، سمجهي ڪير؟ جتي باهه
ٻري، اتي سيڪ اچي. دنيا ۾ ڏک به آهي، سک به آهي؛
پر ائين سمجهڻ ته ڪائنات خلق ٿي آهي اسان کي سک يا
ڏک ڏيڻ لاءِ، ان کان وڌيڪ به ڪا بي سمجهي؟ البت،
اسان جي همت افزائي انهيءَ ۾ آهي ته دنيا کي دوست
سمجهون، نه دشمن. ڪو به وڻ، گل، سبزي، ڪٿي ڦـُٽي
نڪري، ان مان ظاهر آهي ته اها جاءِ سندس موافق
آهي، نه مخالف: پوءِ ڇو اسين پاڻ کي اجايو سمجهي
وائڙا ٿيون؟ ڇو نه پنهنجين خداداد لياقتن سان
تڪليف کي به تفريح ۾ تبديل ڪريون! عقل، همت ۽ ڪوشش
جي گڏ ٿين ته ڏونگر ڏاري وجهن، صحرا سبزه زار ٿي
پون؛ ويتر جي صداقت ۽ امانت به ساڻن رلجي پوي ته
سون تي سهاڳو، ڪهڙي به اوڙاهه مان انسان کي ڪڍي
مٿي ڪن. اسين ڇو پنهنجيون لياقتون اڇلي ويٺا
آهيون؟ ڇو انهن کي ڪم آڻڻ کان ڀـُلجي ويا آهيون؟
ڀل ته قسمت ڪٿي به ڦٽو ڪري، ڪٿي به اُڇلي، پر
انسان جي عظمت ان ۾ آهي ته هو پنهنجين ذميدارين کي
توجهه، انصاف ۽ صداقت سان ادا ڪري: اها ئي سندس
عزت آهي، اهو ئي سندس فخر، اهو ئي سندس شان!
غريبت عيب نه به هجي، پر ثواب به ڪا نه آهي.
شهزادا محلاتن ۾ ڄمندا آهن، ۽ لَنگها ڪهڄرن ۾.
پوءِ مسڪينيءَ تي فخر ڪرڻ جو ته سبب ئي ڪونهي. ڇو
نه غريبت کي پنهنجين ترين سان ڌڪي ٻاهر ڪڍجي؟ آرام
۽ عزت جو گذر ته هر ڪنهن لهڻو! پنهنجي تن کي درست
رک، من کي مدائيءَ جي واٽ کان موڙي دڳ لاءِ، همت ۽
تحمل ڌارا، ڪجهه اڇلڻ کان به نه ڊڄ. ڪجهه ڏبو،
تڏهن ته ڪجهه ملندو. آسائي – نراسائي ٿيڻ مان ڪين
وري: ڪوشش ڪر، صداقت ڌار،.... آهن تنهنجا ٻيڙا
پار!
سچ ۽ ڪوڙ
’اسين سچا ٻيا سڀ ڪوڙا‘ ته هڪ دستوري ڳالهه ٿي چڪي
آهي. هرڪو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي پورو پيو سمجهي.
ٻين جي رڳو ريت رسم ڏسي کل پيئي ايندي ته هي ڇا ٿا
ڪن. جيڪو جنهن هوا ۾ پليو، سائي خوشگوار، صدا
بهار، ٻيءَ جي وائي نه وار. جيتري جنهن کي خبر
پيئي، سچ ئي اوترو. ٻيو سڄو خير. ڏيڏريءَ جي دنيا
کوهه! وري ماڻهوءَ جو مغز ڪو رٻڙ جي ڳوٿريءَ وانگر
اهڙو ٺهيل ٿو ڏسجي، جو سير به سهسايو وڃي ته د ُڪي
سان به ڪَناتار. هرڪو پنهنجي بَگري ڀريل ڀانيو،
دل ۾ خوش ته علم، عقل، سچ – سڀ سٿيل آهن ته مون
وٽ، ٻيا ته ماڪ تي موريا وتن!
چون ٿا ته ڪو مولوي ڪن جاهلن جي ڳوٺ ۾ وڃي سهيڙيو.
سندس واعظ ته ڪنهن سمجهيو به ڪو نه – دٻي ۾ ٺڪريون
– پر مورڳو ڄٽن ائين ڄاتو ته مولوي ڪو نپٽ اناڙي
ٿو ڏيکارجي. پوي جو هڪڙو، سو خار ۾ ڇوڏو کڻي، پَٽ
تي هڪ انگڙ – ونگڙ ڊگهو ليڪ ڪڍي، مولويءَ کي چوڻ
لڳو ته ’پڙهيل ته وڏو ٿو چوائين، پر هي ته ٻڌاءِ
ته مون ڇا لکيو آهي؟‘ مولوي ڏسي ٿيو وائڙو ته ڪم
ته چرٻٽن سان پيو، پر سمجهايان ڪيئن؟ هيڏانهن وري
ڄٽن جو مولويءَ کي هڪو ٻڪو ڏٺو، سو پاڻ ۾ پيا
ميڇون ڏيو مرڪن ته آهي ڪـُل ئي خير، ڪوري جو
ڪورو،... سو چوڻ لڳس ته ’واه، مولوي صاحب، واه!
ڊاڙ ته ڊگهي پيا مَريندئين، تئڪون آندا ته ڍڳي دا
مـُتر به ڪونهين!‘
مزو ته اهو آهي جو جڏهن پڙهيل پاڻ ۾ بحث ڪن، ته
به ٽپڙ ساڳيا – ڪم اهو ئي ڄٽن وارو ڏيکارين! هرڪو
دل ۾ خوش ته سچي اکر جو مالڪ ئي مان، ٻيا سڀ ڪوڙ
تي سندرو ٻڌيو بيٺا آهن. ٻئي جي ڳالهه ڪير ٻڌي،
ڪير سمجهي؟
آخر اهو سچ – ڪوڙ آهي ڇا؟ جنهن کي هڪڙا چون سچ، ته
ٻيا نسورو ڪوڙ! اهو فيصلو ڪري ڪير ٿو؟ ڪيئن ٿو
ڪري؟ سچ – ڪوڙ تي ڀروسو ڪيترو ڪجي؟ ٿوري ويچار ڪرڻ
سان معلوم ٿيندو ته اسين ڪيتريون خبرون مٽن مائٽن
۽ ٻين لڳ لاڳاپي وارن کان ٻڌيو، پنهنجي حافظي ۾
سانڍيندا ٿا رهون؛ وري جيڪي ڏسون ٿا ۽ جيڪي ذاتي
آزمودا ٿا پرايون سي، ۽ پڙهڻ واري زماني ۾ ڪتابي
احوال ۽ پاڙهيندڙن جا خيال پڻ شامل ٿا ٿين: اها
اسان جي پرايل حقيقتن جي موڙي اسان جي ڪسوٽي آهي،
جنهن تي مغز ڪا به نئين ٻـُڌل ڳالهه لائي ٿو ڏسي
ته سچي يا ڪوڙي. سچ – ڪوڙ جو ٺپو نڪو خيال تي لڳل
آهي، نڪو انهن اکرن تي جيڪي اهو خيال اظهار ٿا ڪن:
سچ – ڪوڙ ٻڌندڙ جي مغز سان ٻَڌل آهي. ان ڪري، جي
نئين ڳالهه منهنجي گڏ ڪيل علم سان ٺهڪي آئي ته
سچي، نه ته ڪوڙي. مطلب ته سچ – ڪوڙ جو فيصلو ڪندڙ
آهي منهنجو موجوده علم. انهيءَ علم جو جي ڪو به
ذرو مون کي غلط ٻڌايو ويو هوندو يا منهنجي سمجهه ۾
غلط ويٺو هوندو، ته منهنجي ڪسوٽي اوتريقدر ناقص
ضرور رهندي. ان کانسواءِ، اهو به پڌري پٽ پيو آهي
ته مون ڪو علم جو دنگ ڪو نه وڃي ڪيو آهي جو مون کي
مڪمل سچ يا ڪوڙ جي آگاهي ڏئي: جيئن جيئن منهنجو
علم وڌندو رهندو، تيئن تيئن سچ – ڪوڙ جي ڪَٿَ ڪرڻ
واري ساهمي به هيٺ مٿي ٿيندي رهندي.
هيل تائين مون ڪانوَ سڀ ڪاري رنگ جا ڏٺا آهن؛ ان
ڪري جي ڪو چوي ته ڪانوَ اڇا به ٿيندا آهن، ته
منهنجو مغز هرگز ڪين قبوليندو، ڇاڪاڻ ته هاڻي مغز
۾ پرکڻ جي موڙي گڏ ٿي چڪي آهي- البت جي ٻڌائيندڙ
اعتبار جهڙو هوندو ته وسهجي وڃبو، جيسين وري ڪا
ابتڙ خبر ٻڌجي يا پنهنجو ويچار ان کي غلط ثابت ڪري
– پوءِ اهو ويسهه، گمان – گاڏڙ ٿي، جهڪو پئجي
ويندو. پر، جي ننڍي هوندي استاد صاحب ٻڌائي ها ته
ڪانوَ اڇا به ٿيندا آهن، ۽ ڪنهن
ٻئي هنڌان ان جي ترديد نه ٻڌجي ها، ته پوءِ منهنجي
ڪسوٽي جُڙي ئي اهڙي ها.
ڪنهن بيخبر ٻهراڙيءَ واري کي ته چئو ته پاڻي ٻن
گئسن جو ٺهيل آهي،... ته کِلي ماري! اها ته وڏي
ڳالهه آهي، پر جنهن کي پاڻيءَ جي ظاهري وصفن جي
خبر نه هجي، ان کي گهوتي کارائڻ کانسواءِ ته
سمجهائي ڏيکاريو ته ان ۾ اندر وڃبو ته مري پئبو:
هو خيال ڪندو ته منهنجي ٽَنگ نڪري ٿي اچي ته آءٌ
ڇو نه نڪرندس!
ڏسجي ٿو ته منهنجي سچ – ڪوڙ جو ميزان ته منهنجي
علم موجب ڦرندو گهرندو ئي رهندو، ۽ پورو سچ هٿ اچڻ
به مشڪل. نڪي منهنجو علم مڪمل ٿئي، نڪي سچ – ڪوڙ
جو حساب پڪي پايي تي پهچي. پر واهه ڙي واهه، حسابن
ٺاهڻ وارا! حساب ته ڦِرن ئي ڪين. اکرن کان انگ
پڪا! جهڙا صديون اڳي هئا، تهڙا هاڻي، تهڙا ايامن
کانپوءِ. دنيا جو ڪاروبار انگن تي، چنڊتارا هلن
انگن تي، اسان جو رات ڏينهن انگن تي،.... انگ ڪڍو
ته اوندهه! وري ڪهڙا نه سچا، مقرر ۽ محڪم؛ ڪنهن جي
مجال جو گهٽ وڌ ڪرين... سورهو چونڪ، چوهٺ! پٿر تي
ليڪو. حساب ته نه ڦري، پر جيڪو حساب کان ڦري،
مورڳو اهو حساب مان نڪري وڃي!
- اچو ته انگن جو گيت ڳايون:
سچا منهنجا انگ حساب، سچا منهنجا کوڙا؛
اڳ به سچا، پوءِ به سچا، هاڻ به سچا اهڙا؛
اَٺ – ڏون – سورهن، مـُور نه مَٽجن، جهڙا آهن
تهڙا:
انگن تي ٿا ا ُڀ ۾ ڊوڙن بجلين سندا گهوڙا!
سچا منهنجا انگ حساب ..... |