ادب لطيف
جهامنداس ڀاٽيا
محبت
محبت آهي ڇا؟
ساري سنسار ۾ محبت جو مانڊاڻ منڊجي رهيو آهي. محبت
مان ئي ڪائنات جو قالب پيو ڍَلجي. محبت تي ئي اُو
پيو پلجي. ا ُڀري ۽ اُسري به محبت جي مام سان.
طعام نه آهي ٻيو ڪو محبت جي شيام لئه!
محبت جو رنگ، بي رنگ آهي. سندس ڍنگ، اڍنگ آهي.
ڍارَ ۽ تارَ آهي سندس لاثاني. محبت جو اَمر گيت
آهي – ”هر مشڪل آهي آساني!“
شاعر محبت جي ميخاني جا ساقي آهن. هر مڪانيءَ ۽
لافانيءَ سان ياقي آهن. باقي آهن ڇا؟
محبت جي ملڪ جا رهواسي آهن ڪير؟ ... شيرَ!
محبت جي رکڻ وارا آهن ڪهڙا؟.... ڪينَ جهڙا!
محبت جي لک لاهوتي،.... ته چک وري سندس هاهوتي
ضرور هوندي.
ڪيمياگر پاڻ ڳاري ناڻو اڏائي، تڏهين مس پارو ماري
ڪک مان لک بنائڻ جو کيس راز ملي، ۽ مٽيءَ مان مڻيا
حاصل ڪرڻ جو ڪو حيلو وسيلو کيس هٿ اچي. ذات جي
ڪيمياگري ايتري جفاڪشي ۽ جاکوڙ ٿي گهري، ته ذات جي
ڪيمياگري ڪيترو نه ڪشالي واري هوندي!
لـَکَ هاربا، ته ڪيميا گر ڏَس پورو ڏيندو ئي ڪين.
چوندو ’هيئن ڪبو‘ ’هونئن ڪبو‘ مگر راز رستي جو
سَليندو ئي ڪين! هارائي ايندا، ته به پيا چوندا
ٻيلي ڪيميا آهي! جنون کين جو لڳو، تنهن ته سندن سک
آرام ئي کڻي ڀڳو. هرج ته هِرکَ واري کي هـُري ئي
ڪين.
لهرون مهراڻ ۾ ا ُٿنديون، ڪَنيءَ سان قرب ونڊڻ لئه
پيون اَچ وڃ ڪنديون، ته به منهن موڙ ُ مَ
مٽينديون. ورَ ورَ واجهه وجهڻ، ليلائڻ ٻاڏائڻ،
هَنجون هارڻ، پَچَ ۾ پچڻ سندن سيرت آهي!
محبت اِها به آهي جو جِيو ُ پيو پچي، هَنجون پيو
هاري، مگر ديگڙي نه اگهاڙي – متان رڌ سِجهَڻَ کان
رهجي نه وڃي!
-صورت آهي هڪڙي اها محبت جي!
ذات واري آهي محبت، ته اچي به ذات وٽان، وڃي به
ذات ڏي! محبت وارو ته ڇيهي کان ڇٽل آهي. سدا نفعو
آهي کيس. نه کيس آهي لهر نه لوڏو، نه جَر. نه
جوکو.
ڇو ؟... هو آهي خالي کوکو!
خالي، سَڀَ جو والي، ڪنهن جو نه سوالي؛ کَپَ کان
واندو، هِڪَ سان هيڪاندو آهي.
ڇا محبت جو گَس ُ اِهو آهي؟
ڇا وَس ُ آهي بيوَس جو، جو محبت ڪري سگهي، پيچ
پائي سگهي؟
ا ُڇانگ سان اچي اُتس پئي بي پاري آهي. ڪاپاري آهي
ڌ َڪُ ... لڳو، ته ڪنڌ ڀڳو! ڪيئن؟
اوچتو ئي اوچتو ... لنگهندي ڏسندي، ٻُڌندي، نه
خواب هو نه خيال ... خبر نه آهي، راڳ جي ڪهڙي سـُر
۽ تالَ، جِيوَ کي جان کان جدا ڪري، فدا ٿيڻ لئه
کڻي شيدا ڪيو!
علم ۽ عقل، هوش ۽ حواسَ، ڪم ڪرڻ کان ڪاهل ٿي پيا؛
ڪـُنجون قفل سڀ حوالي هوت جي ڪري، هو بي هَس ۽ بي
گَسِ ٿي پيا.
ڪهڙي باهه ڪاريگر ٻاري، جنهن واٽهڙوءَ جي دل
پگهاري؟ جنهن ڦو ُڪون ڏيئي وس ُ ڏيکاري، پاڻ وڃائي
جنهن پاٽڙي چاڙهي!
سانگي پڇندا رهيس: ”اَدل، او مِٺل، پاٽ ۾ آهي
ڇا؟“
هو کين چوندو رهيو، ”ابا، ڪَکَ ئي ڪَکَ!“
هو چونس، ”ادا، ڪکن سان قرب ٺهي ڪو جـُڙي؟“
هو کين ورندو ڏئي ته ”ادا، ڪکن سان هڪواري دل لائي
ته ڏسو!“
محبت ڇا آهي؟ - عبرت جو افسانو آهي، يا موت جو
شادمانو؟
ترانو آهي! ... مٺڙو راڳ آهي، يا لاهوتي لاڳ آهي!
وڍيل جون وايون، ڪٺل جون ڪوڪاريون ...
اسم آهي يا جسم؛
قسم آهي يا بي قسم؛
بنا ڪنهن اطلاع جي، بنا ڪنهن صلاح جي، ٻـَڌجي ٿو
وڃي –
اوپرو پنهنجو عزيز بڻجي ٿو پئي، رشتو ٺهي ٿو پئي –
هڪ طرف ڇوڙَ ۽ ڇِڄَ آهي، ته ٻئي طرف ڳنڍ ڳانڍاپو،
جيءَ جو جياپو آهي!
لاانتها ا ُساٽ آهي...
ڪير اجهائي اڃ؟ سـُڃ ۽ رُڃ جو جت آهي واسو، سو سدا
پياسو نه رهندو ته ڇا لهندو؟
اها آرزو ڪير اجهائي؟
اها پرولي ڪير سلجهائي؟
محبت!
.... جهاتِي پاتِي، ته لَنوڙي لاتِي!
هڪ ئي جهلڪ ۾ ڪاتي وهيو وڃي.... هڪ هستي ڊهيو وڃي،
ٻي ٺهيو وڃي!
هڪ وري وهڪ وهيو هلي، ته بيهيو نه بيهندي؛ دل جي
ديس ۾ ريج ڪري، سـُڪا ساوا ڪري ڇڏيندي.
ڪيمياگر ٻيا به گهڻا، مگر محبت ڪيمياگر جهڙو ڪو نه
ڪو!
محبت ڪجي ٿي، يا ٿيو ٿي پئي؟
ورڻ ۽ ڪرڻ، - قلم قسمت جي هٿ آهن.
سَگهه سَگهاري کي سرندي ڪين، جو سِڪ جي سَڙڪ ۾ سر
رکي صدقو ٿئي.
محبت جو اصل ۽ نسل آهي انسان!
پوءِ حيرت ڇا جي، عبرت ڇا لئه؟
عقل کي الوداع ڪرڻ، محبت جو ورڻ آهي ڇا؟
ڌڪن مٿان ڌڪ سانداڻ وانگيان قبول ڪرڻ، محبت جي محل
چڙهڻ آهي ڪيئن؟
لـُٽائي ٿي، لـَٽائي ٿي، ڦِٽائي ٿي، مِٽائي ٿي،
مگر پاڻ ته کـُٽيو نٿي کـُٽي، مٽيو نٿي مٽجي! ڪهڙو
به ڪاريگر ڇو نه هجي، مگر سندس رنگ ڦٽيو نٿو ڦٽجي:
لٽائڻ جو ورثو آهي محبت کي.
عرصو ته کيس آهي ڪينَ!
تڏهين هلي ڪٿان ٿي؟
لاحد وٽان ٿي لهي، احد ۾ ٿي پَهي!
ڪڏهين ٿي لهي؟... ازلي آهي نزول سندس!
ڪڏهين ٿي پهي؟.... ابدي آهي سندس پهچ!
چهچ سائي آهي سدا پاڻ، مگر پنهنجي سواريءَ کي
سِڪائي، سِجهائي، سوجهي ۽ سوجهرو ٿي بخشي
لِڪَ ۾، هِڪَ ۾ ٿي ليئو وجهي؛ هِڪَ تي سجِهي، هڪ
کي هر هنڌ هر جاءِ ٿي پَسي رَسي ۽ وَسي ٿي وطن ۽
ولايت، مڪان ۽ لامڪان ۾. وسيع آهي سندس پوک، بي
بها سندس فصل.
بک، بي آرامي، بيقراري، بيعزتي،.... ته به اَمر
بهاريءَ سان ياري آهي محبت جي!
محبت تڏهين جسم جي جَڪڙ آهي؟
بيشڪ، ٻار اول ته ريجهي رانديڪي تي ٿو. هو ننڍي
کان هريل ائين آهي.
رانديڪو رنگ مٽائي، ته ٻار دل ڦِٽايو ڇڏي ان تان؛
وري رنگ برنگي نوان رانديڪا کيس ريجهايو رجُهايو
ڇڏين. دنيا ۾ راند جو ميدان آهي. هرڪو هرک هر هنڌ
نٿو هاري: ڪو ڪٿ ڪو ڪٿ، ڪو ڪيئن ته ڪو ڪيئن.
کيڏاڻن واري سنگت رنگت، رکيو ٿي رکي، ۽ فطرت ۾ جذب
ٿيو ٿي وڃي.
وَسَ وسيلا ڪهڙا به ڪري، ته به پڙاڏا پرڇا نوان –
صورتون مورتون کيڏاڻن جون – يادگيريءَ جي ڪوٺيءَ
مان وقت پائي سِرڪي ايندا: کيس ننڍي هوندي جو
نينهن ياد ڏياريندا؛ کيس گفتار، رفتار، رخسار،
جنسار جي جمال ۽ حسن جون سـُرڪيون پياريندا؛ کيس
مست ڪندا، است ڪندا.
جسم جادوگر آهي. ان جا سنج، هنجن جون هٻڪارون ۽
لٽڪارون ڇَٽيندا ٿا رهن. وقتي جي واءُ ا ُڻائي ۾
اَڪ ُ ان پوکيو هوندو، ته ا ُهو به سندس سـُوج ۽
سـُهجَ لـُٽيو ٿا ڇڏين.
دلبريون ڪندو ٿو رهي خيال ۾! حال جڏهين ماضي ٿو
ٿئي، ته وري اَمَر ُ حال ا ُڀاري اوساري، هو
لافاني بهاريءَ ۾ گذاري ٿو. حال جي کڻي کيس گهُٽي
ٿو، ته هو ڪامل ڪلاڪار وانگيان چِٽ چٽيو ا ُنهن
مان اوراڻا پيو اوريندو؛ يا، ٻار وانگيان، بي
پايان سمنڊ جي ڪناري تي قلعا قافلا، لشڪر توبون،
واريءَ مان اَڏي پيو سلطنت پنهنجي هلائيندو. اها
به محبت آهي!
هڪڙيءَ گهڙيءَ جي هرک هارجي پيو، ته ڄڻڪ هميشه
لاءِ هن جو ٿي پيو! ڳـَٽ ُ نه آهي، وَٽ ُ نه آهي،
لـَٽ ُ نه آهي.... سَٽِ ئي سَٽ، مـُور مَ مَٽِ!
هِٽ ته نه هارَ کَٽَ جو حساب آهي، ۽ نه نفعي نقصان
جو ڪتاب!
..... محبت جو شباب آهي اننت بهار ۾!
جسم ته جهُرَ ۽ ڀـُرَ کان آجو نه آهي. مـورت ڀڄي
پوي ٿي، مگر صورت سالم ٿي رهي. ساعت ساعت ڪري سال
سرڪيو وڃن. صورت به جهانوڙجي وڃي، مگر جسم اندر
’اِسم‘ جو آهي، تنهنجي صفت زمان نٿو زبون ڪري
سگهي.
محبت جڏهين جسم ۽ قسم کان ا ُڪري اسم جي پار ٿي
پهچي، تڏهين ته ’اَها اصل اهميت ٿي حاصل ڪري، ۽
ايڪائيءَ ۾ ٿي وصل ڪري.
احساسَ کڻي جسم جي جلوي کي ڳوليندا ڦوليندا رهن،
مگر محبت وصفن جا وٿاڻ پئي سونجيهندي؛ ۽ پوڄيندي
آهي جمالي ۽ جلالي جهلڪا، جي سندس جان کان هلڪا
هوندا، جي سندس سيِني جي ساگر ۾ سپِن جي پيٽ ۾
سمايل هوندا.
هِڪَ هِڪَ صفت ۾ الفت جو لا انتها سرمايو محبت
وارو ٿو لهي، جو هو زبان سان نه به ڪَهي - ۽ شايد
ڪهي سگهي به ڪين!
محبت؟.... صحبت آهي، رغبت آهي، شفقت آهي، رحمت
آهي، زحمت آهي؛ منت آهي، ممنون آهي؛ جنت آهي؛ جنون
آهي؛ عشرت آهي، حسرت آهي؛ غم آهي، جهنم آهي؛ وڇوڙو
آهي، وصل آهي؛ اصل آهي، نقل آهي؛ حاسد آهي، قاصد
آهي؛ حاصل آهي، واصل آهي؛ موت آهي، زندگي آهي؛ ڪِي
به آهي ڪين، ڪينَ به آهي ڪِي به!
اعليٰ آهي، بالا آهي؛ زير آهي، زبر آهي؛ خار آهي،
گلزار آهي؛ سـُور آهي، نـُور آهي؛ هار آهي، سينگار
آهي؛ سـُولي آهي، سَوَلي آهي؛ باقي آهي، طاقي آهي.
محبت گهرج کان خالي آهي: گهُري نٿي، پـُري نٿي؛
ڀُري نٿي، سـُري نٿي؛ ساري نٿي، ٻاري نٿي، واري
نٿي، مگر تري ۽ تاري ٿي تَر ُ ۽ تانگهو! سانگو نه
آهي ڪو محبت کي، نڪي آهيس ڪو ڪم اَڻانگهو!
مهانگو نه آهي سودو محبت جو؛ سِرَ ڏني به سهانگو
آهي.
خبر نه آهي ڪيميائي بناوت آهي ڪهڙي محبت جي؟
ا ُن جي ايندي، ان جي ٿيندي، ان جي ڏيندي، ڏاتاري
ڏات پلٽجيو پوي، ڪينَ رکندي به سخاوت ۽ سرداريءَ
جي ا ُٿل ا ُٿليو پوي؛ ته به معلم ۽ مولوي، پنڊت
۽پير، امير ۽ اسير، محبت جي مانگ کي سانگ ڪيو پيا
سمجهن.
محبت جو سچ آهي ڪو ٻيو؛ دنيا جو سچ کيس ڪچ پيو
ڀاسي. سندس سچ، سدا بهار وانگيان ٻهڪندڙ ٺهڪندڙ:
ڪِٿ به کيس گهِر گهلائي، ڪوتاهي يا ڪمي ڀاسي ئي
ڪين!
ڪَلا جي ڪـُنجي آهي محبت؛ ڪلاڪار جي مَنجي آهي
محبت: اِت ا ُو ويهي پَسي ٿو پَريان نظارا، ۽ پسار
ُ ڪري ٿو پرڏيهه: اِتان هو پيهي ٿو حسن جي سنسار
۾، ۽ رسي ٿو ا ُن راز کي، جنهن جو ساز بڻجي، سهڻو
ٿو بڻائي دل ۽ دنيا!
محبت جو معيار، ڪلاڪار ڪَٿي ڪِٿ ٿو سگهي؟
محبت جو اَثر چٽيندا، محبت جو نتيجو ظاهر ڪندا،
مگر محبت ڇا آهي، تنهن جو بيان ڪري سگهندا ئي ڪين.
محبت کي نابين ڪري تصور ڪندا؛ سندس تيراندازي، بي
سازي ۽ بي رازيءَ واري ڏيکاريندا؛ ائين به سازن
سان آواز ڏيندا ته محبت ڪيڏو نه درد ٿي پيدا ڪري،
مگر صبر سان ان کي برداشت ڪندي ٿي رهي؛ دلين جي
ميلاپ کي، سانجهيءَ جي رنگن ۾، ٻن ندين جي وهڪ جي
وحدت ۾ وهڻ جي تصوير ۾ کڻي ظاهر ڪندا: ته به سندن
ڪَلا، ڪـُل ڪلائون محبت جون ظاهر ڪرڻ ۾ ڪاهل ۽
جاهل ٿي ثابت ٿئي.
محبت خود اعليٰ ڪلا آهي، جنهن جو ذڪر ۽ فڪر محبت
واري ڌاران ٻئي ڪنهن کي هٿ اچي نه سگهندو.
محبت شاعر آهي؛ محبت مصور آهي؛ محبت نَٽُ آهي؛
محبت ساري موسيقيءَ جو سرمايو آهي؛.... ته به، خبر
نه آهي محبت آهي ڇا؟ - محبت، ’محبت‘ آهي! بيان بي
بيان آهي، ته به سلطنت سندس ساريءَ ڪائنات
تي!سياڻا چوندا، ’محبت هڪ مرض آهي‘؛ هڪ غرض آهي.
احساسن جي غرض پوري ٿيڻ بعد، سمو سلطان (وقت
بادشاهه) ا ُن محبت کي مَٽائي ڦِٽائي ٿو ڇڏي. غرض
پوري ٿيڻ بعد، ’محبت‘ ساري ٻئي هنڌ وڃي خيما ٿي
کوڙي.محبت لاغرض آهي. غرض کيس آهي غرق ٿيڻ ۾، فرق
کي فرار ڪرڻ ۾؟
ائين به نه آهي، غرق اُو پاڻ ٿيو وڃي: ”تون“،
”مان“ ۾ مَٽجيو پوي، غرض ۽ فرض جو ته سوال ئي نه
رهيو!
محبت جي مرض آهي، ته لاعلاج آهي. حڪيمن ويدن جا
جملي علاج ۽ جلاب ان خِلط کي خارج ڪرڻ ۾ خام ثابت
ٿيا آهن.
محبت جو آغاز ئي هڪ راز ڀريو باب آهي. اُوءَ ئي
سڀ کي ساز بنائي، آواز اٿاري ٿي سگهي.
محبت آهي ڇا؟
..... راڳ حسن جو!
حضرت حـُسن جڏهين نه نڪري نروار ٿو ٿئي، ته محبت
کيس سجدو ٿي ڏئي! ائين به آهي ته محبت جي آواز تي
حسن کليو ٿو پوي،... اک پوءِ ته حسن ُ هر چر پر ۽
هلچل ۾ ڏسي پئي.
حسن ا ُڀري ۽ ا ُسري ٿو محبت جي موڪري ميدان ۾.
حسن جو دڳ اک مان ٿو هلي، ته محبت جو وري دل مان
ٿو ڦـُٽي. محبت جا ڪئين رنگ آهن. هڪ هڪ رنگ کي ونگ
پنهنجو، دنگ پنهنجو. انهن مڙني سـُرن جي ميلاپ مان
آلاپ ٿو ا ُسري.
هَسِي آهي جو ڪنهن سَمي، ته ٻئي وقت هوندي آه ۽
دانهن. درد ته ساڄ ۽ ڏاج آهي محبت جي مفعول جو.
درد، اعليٰ فرد آهي.
ان مان مارو، وهاڳ، جوڳ، ڪوهياري ڦٽي ٿا نڪرن. رَس
واريون راڳڻيون آهن اِهي مڙيئي!
رس جي وَس ٿي ويچارو محبت جو ماريو پنهنجي جند
وڃايو ويهي، تڏهين به ڍءُ ته کيس خير ڪو ٿو ٿئي.
رَس، ڪَس ڌاران نٿو پيدا ٿئي .... ڪَس ڌاران وري
جَس ُ ڪٿي؟
محبت ته هَسَ جي هار آهي – مارَ ئي مارَ اهي محبت
جي مامَ!
مَچ ُ معنوي آهي – ٻارَ ئي ٻارَ آهي سندس گام،
ڦوڪيو پيو ڦوڪينس! در اهو، ڪم اهو، فهم اهو، فرمان
اهو؛ سندس جيهو وري ٿيندو ڪير؟
اُچار ۽ وهنوار آهي سندس ڪهڙو؟ نه حساب نه ڪتاب،
نه وقت نه ويلو: جنهن وقت جـُک جُک جاڳي، ان وقت
ٿي اڪيلو وس ُ کان، ڪري دَمَ جو ميلو!
وري دَمَ ٻئي ڌار .... ا ُها ئي ٻاڪارَ!
سر ُ ئي سَر ُ.... رات ڏينهن پيو جهَر ُ ۽ جهُر ُ!
ٻارَ لڳِي اچي، تارَ هلي اچي....
ٻاري ڪير ٿو؟ تاري وري ڪير ٿو؟
سـُڌ، سارَ، سڀ سماع ۾ سڙيو وڃن.
هڪ ئي ڌ ُن، هڪ ئي ڌُني؛ هڪ ئي باهه، هڪ ئي
ڪـُني...
حق ئي حق، هوت ئي هوت؛.... ريءَ هوت آهي موت مڙيو
ئي!
محبت آهي ڇا؟ - برقي طاقت!
محبت وارو ته بيڪس ۽ بيوَس ٿئي؛ پوءِ اها بجلي کيس
طاقتور بنائي ڇو ڪين ٿي؟ کيس بنائي بيشڪ ٿي – محبت
وارو مرڻ کان نه مـُڙندو.
جيڪو ’محبت‘ جي دعويٰ ٿو ڪري، تنهن وٽ ته محبت رهي
ئي ڪين ٿي؛ مگر جيڪو محبت جي مستيءَ ۾ مست آهي،
تنهن جي زبان است آهي.... ماٺ ئي ماٺ!
پاٻوهه هوندي سندس گفتار ۾؛ رَس ُ هوندو سندس
رفتار ۾؛ روشني هوني سندس رخسار ۾؛ نينهن هوندو
نهارَ ۾!
آب ۽ تاب سان سندس ڪو تعلق ڪونهي.
لاجواب آهي سندس جستجو.....
لِڪَ ئي لِڪَ!
گونگي آهي اگر، ته فصيح آهي سندس چـُپ. ڪيڏو نه
شباب آهي محبت جي ماٺ جو! ماڻڪن کان مَٿِ آهي سندس
مڻيا!
جواني ديواني آهي –
مگر محبت جي جواني؟.... ا ُڀَرَ نٿي کائي، گـُلَ
نٿي بَنائي!
ويٺي وهائي، نيڻ ٽمائي، دل سمائي، ٻڌائي بنهه نه!
هوءَ ٺاهي نٿي پاڻ، وڃائي ٿي وجود. نفي ڪري، نابود
ڪري، وڄائي ٿي ناد آد وارو.
محبت آهي ڇا؟.... گدائي! گَس ُ آهي سندس گـُسَ
وارو؛ مٽيءَ سان آهي سندس ريجهه؛ ته به، پنڌ آهه
سندس اوکو، پهاڙن جي نِهارن ۾ آهي سندس نيشان....
اکين سان ڪوه قاف اُليڙي! هڪ هڪ پَلڪ جي ڇـُلڪ سان
ڪئين ڪوهه لتاڙي ويندي. پَلڪ ۾ پهچائيندي پار،
ڏيکاريندي درٻار حسن جي! اهڙي زور واري هوندي به،
هَامَ نه هڻندي؛ ڪنڪر کڻي چوندي، ’هيرا لعل آهن
هيءُ!‘ موتي ماڻڪ درڪار نه آهن.
محبت آهي ڇا؟.... بي نام، بي گم، بي فهم.
سندس قيام ڪٿي؟.... بيگم پور جي بازر ۾.
سندس طعام ڪهڙو؟... غم.
سندس پياسَ ٻـُجهي ڪيئن ٿي؟... خون پي جڏهين کوکو
بڻائي؛ هستيءَ کي جڏهين منجهه مٽيءَ ملائي.
محبت تڏهين آهي ڇا؟... موت جو افسانو!
ترانو آهي سندس آسماني؛ مٽيءَ جي ناهه منجهس ڪا
نشاني.
ٻه – مُنهيِن ترار آهي محبت. جيئن جيئن وڃي هلندي،
تيئن تيئن وڃي چاڪَ ٻنهي طرفن ڪندي. محبت وارو
انهيءَ ترار کان ڌار نه ٿيندو؛ وار ُ نه واريندو.
محبت آهي ڇا ؟ .... سـُور ئي سـُور! ڪرائي،
ڪرَرائي، مصيبت ۽ هيبت، غريبت ۽ لعنت؛ ته به، هيءَ
مَنڊَ آهي، محبت جي دنيا. لڀي ٿو ا ُهو محبت جو
مالڪ!
گـُم آهي فهم؛ وهم ئي وهم آهي؛ انومان آهي، گمان
آهي.
محبت جو رنگ آهي هيءُ.... ڏسي ويٺو جيءُ، مَري پيو
ٿيءُ.
ڀولَ نه ڀانئج، ڀورا! ته ڪي ٿورا آهن ونگ ۽ ڍنگ
محبت جا!
- ڪلاڪارَ جو قلم ڪمزور آهي، مگر محبت زور آهي
ظهوري ۾!
ا . ح . جئسنگهائي
تون ۽ مان
(1)
تون آهين اهو، جنهن کي منهنجو تن ۽ من پنهنجين
سڀني اِڇائن ۽ مرادن سان ٿا ڳولين؛ جنهن ۾ سڀ
طلبون منهنجيون ٿيون طي ٿين؛ جنهن ۾ مِلي، سڀ
جيوَن منهنجي جون ڌارائون ٿيون، مقصد پنهنجو
پائين!
تون آهين ا ُتي، جتي نگاهون روح منهنجي جون خود
آهن لڳل“ جتي پهچي، سڀ انتظاريون منهنجيون ٿيون
موڪلائين؛ جتي حرص ۽ هوس نه ڪڏهن من کي اڀارين، ۽
امنگ الفت جا فقط پيا وصل جي آنند کي وڌائين.
تون آهين ائين، جيئن سمنڊ اٿاهه، جنهن ۾ سڀ ڀاوَ
منهنجا ندين مثل ٿا پاڻ سمائين، ۽ جيوَت منهنجيءَ
جون وهندڙ واهيون ڪرم ۽ ڪشالي مان لنگهي ٿيون اَنت
پائين!
(2)
جيڪي مون گڏ ڪيو آهي هن پوک مان، سو هينئر مون کان
وٺ اچِي. جو ڪجهه مون ميڙيو آهي، سو وٺي مون کان،
مراد من جي پوري ڪرينم!
هيءَ کاري سَنگن جي مون تولاءِ آهي ميڙي. منجهس
آهي اگر هيءُ ساؤن ۽ ڪرنگهه ڪٻهڙو؛ منجهس نه آهن
اگر ڪي مـُلهه وارا داڻا، تڏهن به، تو اڳيان آڻي
حاضر ڪريان ٿو جو ڪجهه آهي مون وٽ. منهنجي مراد نه
آهي ڪا توکي ڀرپور ڪرڻ جي، مگر پاڻان سڀڪجهه الڳ
ڪرڻ جي، پنهنجو سڀڪجهه توکي ڏيڻ جي.
مون کي خبر نه آهي، اي سائين، ته ڪهڙي ڪتب ايندا
توکي هي سڙيل کر جا داڻا: اها فقط اٿم ڄاڻ اندر
جِي ته هن سڀڪجهه ڏيڻ سان ئي ٿيندو سجايو پورهيو
منهنجو!
(3)
سرتين چيو: ”اي ڳهيلي! جيتر چونڊي، سنواري، گل
پنهنجا تون پاڻ نه کڻي هلندينءَ، ۽ هوڪو نه وڃي
ڏيندينءَ سندس محل اڳيان، تيتر ڪيئن ڏسندو هو گل
تنهنجا؟“
مون چيو: ”ڀينر، مون کي ته نه اچي ٿو هوڪو ڏيڻ، نه
اٿم ڪا سمجهه گلن سوئڻ يا گلدستن ٻَڌڻ جي!“
چيائون، ”تڏهن وڃي سوداگر کي منٿ ڪري هت وٺي اچ،
ته هو گل ڏسي خريد ڪري توکان.“
مون چيو، ”هي گل اڪيلا ڇڏي، مان ڪيئن ٿي وڃي
سگهان! متان ڪو پوک جو دشمن وڃي هيءَ واڙي اجاڙي،
متان وڃن گل پاڻيءَ بنا پَنڙا سـُڪائي – ان خوف
وچان مان انهن کان پري رهي نٿي سگهان!“
هنن پڇيو، ”تڏهن ڪيئن پوي خبر سوداگر کي تنهنجن
گلن جي؟“
مون کين فخر سان ٻڌايو: ”واءُ کي چيو اٿم ته ’اي
ساهيڙي، تون کڻي وڃ نياپو منهنجو ان ڏي‘؛ ڀونئرن ۽
پوپٽن کي پڻ ڏنا اٿم پيغام ان لاءِ؛ ڌرتيءَ کي منٿ
ڪئي اٿم ته ’ڏَسج مون کي مهل اُها، جڏهن هو اچي
ويجها قدم ڀري‘؛ دل مان پڻ تارون طلب جون مـُنجان
ٿي ذري ذري!“
هو کلي چوڻ لڳيون، ”تيتر هي گل ئي تنهنجا سـُڪي
ويندا!“
مون کين چيو: ”نه؛ آءُ انهن کي پيئارينديس پاڻي
پِرت جو، جيئن هو تازا رهن هميشه! جيڪي سـُڪن، تن
جي ٻجن مان پڻ ٻيا گهڻا پوکيندي رهنديس، جيتر هو
پنهنجي راضَ مان مون وٽ اچي. مان ته ائين ٿي
سمجهان ته ڪنهن ويل مڙيوئي ڪٿان نه ڪٿان هو به پيو
مٿن نظر رکي، ۽ واس منهنجن گلڙن جو وٺي.... تڏهن
ته هي ٻوٽا خوشيءَ مان ڦرن ٿا، تڏهن ته هي گل ناز
مان ٽڙن ٿا!“
(4)
آسمان جي طوفان کان نه ڊڄ تون، اي گلڙا! سو ته اچي
ٿو تنهنجين لامـُن کي لوڏي لوڏي مضبوط بڻائڻ!
ڦاڳَ جي ڦِرندڙ هوائن کان نه ڊڄ تون، اي مٺڙا! سي
به اچن ٿيون جڳ ۾ تنهنجي سڳنڌ ڦهلائڻ!
بسنت رتو جي وسڪارن کان نه ڊڄ تون، سهڻا! سي بوندو
اچن ٿيون، تنهنجي چهري تان مٽيءَ جي رَوَ هٽائڻ!
بادلن جي گجڪار جو خوف نه رک ڪو دل ۾: بجلي به اچي
ٿي انڌاريءَ ۾ تنهنجي روشن روءِ بَکائڻ!
ڪا جا آهي رمز رکيل هوائن جي هَڪلن ۽ بادلن جي
ڌڙڪن ۾ - خود خزان جي خصومت ۾ آهي راز سمايل ڪنهن
اَمر خوبيءَ جو!
امر آهي زندگي انهن جي، جن جي دل ۾ رهي ٿي سڳنڌ سچ
جي: جيئري ڏين ميٺاج، ۽ مـُئي ڏين سـُرهاڻ سِڪ جي
..... امر آهي ڪهاڻي گـُلن جي!
(5)
کولي دُ نگ سڀ دل جا، شرابي! ڪڍ تون ڪو هـُڳاءُ
اهڙو، جو مٽجي وڃي بدبوءِ ۽ خرابي.
بند ڇو رکيون اٿئي هي مَٽيون محبت جون؟ عطر ۽ عنبر
۾ نه آهي خوشبوءِ اهڙي، جهڙي تنهنجي من – مَٽڪيءَ
۾. ڍَڪ ُ لاهه حجابي، ۽ دور ڪر پڙدا دوئيءَ جا، جن
رکي آهه خوشبوءِ تنهنجي دٻائي. ونڊ سـُرهاڻ اها،
جا تنهنجي دل جي مَٽَ ۾ آهي.... پوءِ ڏس، ڪيئن ٿي
اها جڳ کي مست بڻائي!
اهڙو هڳاءُ ڏي ڦهلائي، جو واءُ جنت جي خود پيئي
شرمائي! جو به جهٽي هڪ جهلڪو ان جو، وايون ڏي ان
جون وسلائي: ڪين ڪري جيئن چـُون – پـُون ڪوئي، نه
جنگيون جهيڙا ڪو هِت لائي.
مَي جي نشي سان نفس نوائي، ڇڏ تون وهم وڃائي....
ڪرم ڌرم جو مـُنڍ آ محبت، سا ڏي هر جا ڦهلائي!
جڏهن بـُک هـُيس اکين ۾، ۽ هو اچي منهنجي در اڳيان
لنگهيو، تڏهن پاڻ مون کي ڪجهه ڪين چيائين، پر مون
سمجهيو ڄڻ زهر ٿي منهنجي کاڌي ۾ وڌائين؛
جڏهن ليڙون پائي لڱن تي، هو اچي منهنجي هَٽَ تي
بيٺو ۽ هيڏانهن هوڏانهن نظر هنيائين، تڏهن به مون
کي ڪجهه ڪين ڪيائين؛ پر مون سمجهيو، ڄڻ آگ ٿي
منهنجي وسترن کي ڏنائين؛
جڏهن مـُنجهيل ۽ اداس ٿي هڪ ڪـُنڊ سان اچي ويٺو، ۽
مـُونن ۾ منهن پائي هيٺ ٿي نهاريائين، تڏهن پاڻ
مون ڏانهن اک کڻي به نه ڏٺائين، پر مون سمجهيو ڄڻ
مون تي ٽوڪ ٿي ڪيائين؛
جڏهن پاڳل بڻجي ٿي گهٽين ۾ واڪا ڪيائين ۽ ڪجهه نه
ڪجهه ٻوليائين، تڏهن به منهنجو نانءُ نه ڳڌائين؛
پر مون سمجهيو، انهن واڪن سان ٿي منهنجو دل من
ڏاريائين؛
جڏهن نراس ٿي، آخر، شهر جي ٻاهران وڻ هيٺان ويهي
ٿي آسمان ڏي تڪيائين، تڏهن به ڪنهن سان ڪجهه نه
سَليائين؛ پر مون سمجهيو ته ان ماٺ پنهنجيءَ سان
ٿي ڌرتي ۽ عرش ا ُلٽ ڪيائين.....
- الاجي ڪهڙا ٿي هِي اڻسڌا تاڪيد ڪيائين!
هريڪانت
تون پڇين ٿو،....
تون پڇين ٿو، مسڪرايان ڇو ڪين ٿو آءٌ؟
سرءُ جي موسم ۾، ويران گلشن کان ڪير پڇي کڻي:
”لهلهائين ڇو ڪين ٿو“، ته هوند ڪهڙو جواب ملي؟
تون پڇين ٿو، گيت ڇو ڪين ٿو ڳايان آءٌ؟
ڪنهن پراڻي ساز کان، جنهن جا سڀ تار ويا هجن
ٽـُٽي، ڪير پڇي کڻي: ”مڌر مٺا آواز ڇو ڪين ٿو
سڻائين“، ته هوند ڪهڙو جواب ملي؟
تون پڇين ٿو، چمڪ ڇو نه آهي منهنجي چهري ۾؟
ا ُجهاميل ديپڪ کان، جنهن جي وَٽ ويئي هجي جلي ۽
تيل ويو هجي کپي، ڪير پڇي کڻي: ”پرڪاش ڇو ڪين آهي
تو ۾“، ته هوند ڪهڙو جواب ملي؟
تون پڇين ٿو، اداس ڇو بڻيو آهيان آءٌ؟
اماس جي اونداهيءَ رات ۾، چندرما جي شيدائي چنچل
چڪور کان ڪير پڇي کڻي:
”مايوس ڇو بڻيو آهين تون“، ته هوند ڪهڙو جواب ملي؟
2
افسانا
1. هڪ سج، هزار پاڇا
- سراج
2. ڪِني آڱر
- نسيم کرل
3.
جواب
- موهن ڪلپنا
4. ’زندگي حسن جي حڪايت آ‘ - حنيفه
حملاڻي
5.
امير
- ڪمل ڪيولراماڻي ’پياسي‘
6. خوابن جو مسافر
- ذوالفقار راشدي
7. ڇا، اهو خواب
هو؟ -
موپسان
سنڌيڪار: علي بخش ميمڻ
8. نوجوان ساٿيءَ ڏانهن
- جمال رند
ناٽڪ
1. جهُڪندڙ
اوچائيون
- موهن ڪلپنا
”ا ُهو سونهري دور هو، ا ُهو بدترين دور هو،… جڏهن
روشني ئي روشني هئي، جڏهن اوندهه ئي اوندهه هئي؛
جڏهن کل خوشيءَ جا ٽهڪڙا هئا، جڏهن دلسوز آهون ۽
دانهون هيون؛ جڏهن زندگيءَ جا ترانا هئا، جڏهن موت
جا مرثيا هئا؛ جڏهن گـُلن جي هٻڪار هئي، جڏهن ڪنڊا
ئي ڪنڊا هئا؛ جڏهن بهار جي رنگيني هئي، جڏهن سرءُ
جي ويراني هئي؛ جڏهن محلاتن ۾ روشن فانوس هئا،
جڏهن جهوپڙين ۾ سرد آهـُن جو دونهون هو؛ جڏهن هر
طرف جنت جا نظارا هئا، جڏهن هر طرف جهنم جا شعلا
هئا؛ جڏهن هر طرف خوشي ۽ شادماني هئي“ جڏهن هر طرف
ڏک ۽ پيِڙا جي نشاني هئي؛ جڏهن سڀڪجهه هو، جڏهن
ڪجهه به ڪو نه هو.... هيءَ ڪهاڻي انهيءَ دور جي
آهي.
”انهيءَ دور جي ڪهاڻي، جڏهن ”مونسي نيور“ روشنيءَ
۽ دونهين مان گذري رهيو هو. چئن گهوڙن واريءَ
بگيءَ تي سوار، قيمتي پوشاڪ پهريل، ائين ويٺو هو،
ڄڻ ته زندگيءَ جي واڳ ئي سندس هٿن ۾ هئي - ۽ هو به
ائين. هو فرانس جي تمام وڏن اميرن مان هڪ هو. شاهي
درٻار ۾ وڏي هلندي هيس. زمانو به اهو هو، جڏهن
امير ۽ حاڪم ئي اڇي ڪاري جا مالڪ هئا، ۽ غريب عوام
جي حيثيت جانورن کان به بدتر هئي.
”’مونسي نيور‘، آڪڙ ۽ مغروريءَ جو پـُتلو بڻيو،
پنهنجيءَ گاديءَ تي سيٽيو ويٺو هو. چئن گهوڙن واري
بگي بيحد تيزيءَ سان گهٽين مان گذري رهي هئي. ڪٿي
ڪو موڙ آيو ٿي، ته هوءَ وڄ جهڙي تيزيءَ سان پٿريلي
رستي تي ڪڙ – ڪڙ ڪندي، چينگهاٽ ۽ چرڙاٽ ڪندي، گوڙ
۽ شور مچائيندي گذري ٿي ويئي. ڪنهن به موڙ تي ان
جي تيز رفتاريءَ ۾ فرق نٿي آيو. مرد ۽ عورتون،
هراسجي، هڪٻئي جا هٿ جهليندي، هن ناگهاني موت کان
پاڻ بچائيندي، ڀتين سان لڳي لڳي هلي رهيا هئا، ۽
ٻارڙن کي گهلي گهلي رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري
رهيا هئا.
”اوچتو، هڪ ڦوهاري جي ويجهو اچي، گاڏيءَ ساڳيءَ
تيزيءَ سان موڙ کاڌو. ان جي هڪ ڦيٿي هيٺ ڪنهن شي
جي اچي وڃڻ جو سخت ڌماڪو محسوس ٿيو، ۽ يڪايڪ آسپاس
جي سڀني بيٺل ماڻهن جي منهن مان چيخون نڪري ويئون.
گهوڙا جهٽڪو کائي پوئتي هٽيا، ۽ بيهي رهيا. دراصل
گاڏيءَ جي رڪجڻ جو سبب به اهو ئي گهوڙن جو پاڻ
بيهڻ هو، نه ته شايد گاڏي هلي ئي وڃي ها – ڇو ته
اهڙا معمولي واقعا ته سدائين ٿيندا ئي رهندا هئا
جو اهي تيز رفتار گاڏيون پنهنجن زخمي ڪيل، چچرجي
ويل ماڻهن کي ائين ئي ڇڏي هليون وينديون هيون.
”ملازم هڪدم گاڏيءَ مان هيٺ لٿو. پندرهن – ويهن
ماڻهن اڳتي وڌي گهوڙن جون واڳون جهلي ورتيون.
’مونسي نيور‘ تمام اطمينان سان اوٻاسي ڏيندي پڇيو،
’ڇو، ڇا ٿيو؟‘ ايتري ۾ هڪ قداور ماڻهوءَ گهوڙن جي
ٽنگن وچان هڪ ڳٺڙيءَ جهڙي شيءِ کنئي، ۽ ڦوهاري جي
دڪيءَ تي آڻي رکي پوءِ هو بي اختيار روئڻ ۽ دانهون
ڪرڻ لڳو. سَيسَ، جهـُڪي، ’مونسي نيور‘ جي ڪن ۾
سـُس ڦـُس ڪئي: ’هن ماڻهوءَ جو نينگر گاڏيءَ هيٺ
اچي مري ويو آهي، هيءُ ان جي لاش تي ڳوڙها ڳاڙي
رهيو آهي!“
”’توبهه، ڪيتريقدر نه نفرفت انگيز آهن هن جون
رڙيون – ڪيتريقدر سمع خراش!“
”سڀني ماڻهن جون نظرون ’مونسي نيور‘ جي منهن ۾
کـُتل هيون. دانهـُن ڪندڙ ماڻهوءَ به پنهنجين
ڳوڙهن ڀريل اکين سان ’مونسي نيور‘ کي ڏٺو، ته
’مونسي نيور‘ فوراً پنهنجي کيسي مان هڪ سِڪو ڪڍيو،
۽ انهيءَ ماڻهوءَ جي پيرن ۾ اهو سِڪو اهڙي انداز
سان اڇلايائين، ڄڻ پاڻ ٻارڙي جي قيمت ادا ڪري ڇڏي
هئائين. انهيءَ ادائگيءَ سان گڏ ئي، ’مونسي نيور‘
سيس کي حڪم ڏنو، ’گاڏي هلاءِ!‘
”هوا ۾ هڪ چهبڪ لهرايو ويو. گهوڙا زور سان ڊوڙڻ
لڳا.’مونسي نيور‘، مغروريءَ جو مجسمو بنيو، گاديلن
تي ٽيڪ ڏيئي رهيو هو ته يڪايڪ سندس جهوليءَ ۾ اهو
ئي ساڳيو سِڪو اچي ڪِريو. هن مـُشڪندي پنهنجو اهو
سـِڪو ڏٺو،.... ليڪن اهو نه ڏسي سگهيو ته هاڻي ان
سڪي تي بغاوت جي ڇاپ لڳي چڪي آهي – انهيءَ بغاوت
جي، جيڪا فرانس جي انقلاب جو باعث بڻي!“
]”ٻه
شهر، هڪ ڪهاڻي“- چارلس ڊڪنس[
سراج
هڪ سج، هزار پاڇا
ننڊ مان اٿندي ئي هن کي خيال آيو ته ڏهين بجي
”شيزان“ ۾ يارن سان يٽ شٽ هڻڻ جو انجام آهي.
شيزان، - گلابي ساڙهين، نيلگون غرارن، ۽ انڊلٺ جي
رنگن وارن فراڪن ۽ اِسڪرٽن جي هوٽل! اکيون مهٽي هو
اٿي ويٺو، ۽ گهڙيءَ لاءِ وهاڻو پٺن کي ڏيئي اڌ
ليٽي پيو. هن جي اها عادت هئي ته کٽ ڀت سان ملائي
ڇڏيندو هو، ۽کٽ جي ٻئي پاسي کان ڪرسي رکي ڇڏيندو
هو. هن کي هميشه اهو ڀؤ هوندو هو ته رات جو ليٽندي
پيٽندي کٽ تان نه ڪري پوي! ننڍي هوندي هن جي ٻن
حرڪتن کان سندس ماءُ هميشه نالان هوندي هئي: هڪ ته
هو ننڊ ئي ننڊ ۾ پاسا ورائيندو، بازوليون پائيندو،
ٿا اچي کٽ تان هيٺ ڪرندو هو – هڪ ڀيري ته مٿي ۾
اهڙو ڌڪ لڳس جو نرڙ ۾ ڳوڙهو ٿي پيس، ۽ نيِل پئجي
ويس؛ ٻيو ته جڏهن صبح جو ماڻس هنڌ ويڙهيندي هيس،
سڄو هنڌ آلو ڀَت ُ ٿيو پيو هوندو هو. ان تان پڻس
توڙي ماڻس ڪيترا ڀيرا مارون به ڪڍيس. پر جيئن
مارون پونديون هئس، تيئن هنڌ وڌيڪ پـُسندو هو - ۽
تيئن وڌيڪ مارون کائيندو هو. اهو سلسلو گهڻا ئي
سال جاري رهيو. کٽ تان ڪرڻ جو علاج ته اهو ڪيائونس
جو پَٽ تي سمهارڻ لڳس؛ پر هن جي جسم ۾ ڪا ڀونئري
کـُتل هئي جو صبح جو جڏهن ماڻس اٿندي هئي، تڏهن
کيس هنڌ کان ڪم از ڪم ڏهه فوٽ پري، مٽيءَ ۾ اونڌو
ستل ڏسندي هئي.
بستري تي ائين آڏو ليٽندي، هن هٿ وڌائي ڪرسيءَ تي
رکيل پَنَ جي ٻيڙي کڻي دکائي. سـُوٽو هڻي، وات چٻو
ڪري، هو دونهين مان ڇَلا ٺاهڻ لڳو. هن کي دونهين
جا ڇلا ٺاهڻ ’منصور‘ سيکاريا هئا. منصور کيس اهو
به ٻڌايو هو ته ”فرائڊ“ جي قول موجب ٻيڙي يا سگريٽ
ڇڪڻ، ۽ خاص ڪري دونهين مان ڇلا ٺاهڻ ’سيڪس‘ جي
’سبليميشن‘ يعني لاشعوري لذت آهي. ’منصور به عجيب
شخص آهي!‘ هن سوچيو. منصور هن جو بهترين دوست هو.
ٻنهي جا خيال به هڪٻئي سان ٺهڪندڙ هئا. ٻئي هڪٻئي
سان همدردي ڪندا هئا. مثال طور، هن کي منصور جي
’گرل فرينڊ‘ وارو معاملو ياد آيو. جڏهن ڪلفٽن
واريءَ پـُل جي ڀت تي ويهي، منصور پنهنجي مخصوص
انداز ۾ پنهنجن معاشقن جو ذڪر ۽ ناڪاميءَ جو ماتم
ڪندو هو، تڏهن هن کي مٿس رحم اچي ويندو هو، - ۽
کيس پنهنجو مثال ڏيئي سمجهائيندو هو ته زال ذات ۽
بيوفائي ٻئي هڪڙيءَ مصدر مان نڪتل آهن، ان ڪري هن
کي پنهنجين ناڪامين کي خاص اهميت ڏيڻ نه گهرجي.
منصور انهن صلاحن جي عيوض هن کي اڪثر فلمون
ڏيکاريندو هو، ۽ هوٽل جا بل به هو ئي ڀريندو هو –
جيتوڻيڪ اهڙن موقعن تي هو پنهنجيءَ پتلون جي کيسي
۾ هٿ وجهي منصور اڳيان اهڙي ڏيکائي ڏيندو هو ته هو
زوراوري ڪري بل ٿي ڀري، - ڪڏهن ته هن کي به بل ڀرڻ
جو موقعو ڏئي! منصور ڪجهه فتحيابيءَ جي مرڪ چپن تي
آڻي بل ڀري ڇڏيندو هو، ۽ چوندو هو – ”يار، ڳالهه
مڙئي ساڳي آهي.“
خيالن ۾ ٻيڙي ئي وسامي ويئي هيس. ماچيس کڻي دکائڻ
جو خيال ڪيائين، پر ماچس ۾ تيلي ئي ڪا نه هيس.
خارن مان بسترو ڇڏي اٿي کڙو ٿيو، ۽ ٽوال کڻي وهنجڻ
لاءِ ٻاهر نڪتو. نل تي ڪافي ماڻهو انتظار ڪري رهيا
هئا. هي به وڌي اچي نل تي بيهي رهيو. هو نل تي
موجود ماڻهن کي سڃاڻندي به ڪو نه سڃاڻندو هو. هو
هنن کي ’لفٽ‘ ئي ڪو نه ڏيندو هو. ڪٿي هي پڙهيل
ڳڙهيل اَڇن ڪپڙن پائڻ وارو سکر ماڻهو، ۽ ڪٿي هو
رڪشا ڊرائيور، بار ڍوئيندڙ لاچار هِت ’گوليمار‘ ۾
ويهين روپئي تي ڪمرو اچي ورتو هئائين. پاڙي جي
سمورن ماڻهن کي به اها خبر هئي ته هو هڪ وڏو صاحب
هو، سنڌ ۾ پنهنجون زمينون هيس، پنهنجا باغ بنگلا
هئس، هت رڳو جاءِ نه ملڻ ڪري اچي ڪمرو ورتو
هئائين، ۽ ڪا چڱي جاءِ ملڻ سان هڪدم هتان ڇڏي
ويندو.
هنن ما ڻهن جي جسمن تي نظر پوندي ئي هن کي بڇان
اچڻ لڳي. ڪارا ڪلر جهڙا بدن، جن تي مَر جا تهه
چڙهندا ٿي ويا؛ منجهن پگهر جي اهڙي بوءِ هئي جو هن
ٽوال کڻي نڪ تي رکيو؛ ۽ وري پاڻ ۾ چرچا ڀوڳ تي
ڪهڙا ڪِنا ٿي ڪيائون! خاص ڪري جڏهن ”ڪلو“ رڪشا
ڊرائيور وهنجڻ ايندو هو، ته سڀني لاءِ موج مچي
ويندي هئي. ڪلو سورنهن – سترهن سالن جو ڇو ڪراٽ
هو؛ پنهنجيءَ ماءُ، ننڍڙيءَ ڀيڻ، ۽ هڪ ننڍي ڀاءُ
سان هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ رهندو هو. ڪلو نل هيٺان ويندو هو
ته سڀني جو مَڪو مچي ويندو هو – ”هاءِ قربان“،
”صدقي“ جا هوڪا اچڻ لڳندا هئا. ڪلو کلندو، کين
گاريون ڏيندو، وهنجندو رهندو هو. ۽ هو سوچيندو هو
ته ڪيڏا نه ڪريل آهن هي ماڻهو – نيچ طبقي جا
جوٿيا! ۽ هو ڪلو... ڪيئن نه پيو ٽهه ٽهه ڪري کلي،
ڄڻ ته ڀينسان ڪا رنڊي آهي جا پنهنجن يارن جي چرچن
تي کلي پئي خوشي ٿئي!‘
آخر سندس وارو آيو. ’لڪس‘ صابڻ جي چڪي کڻي جڏهن هو
نل طرف وڌيو، تڏهن هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته
سڀني جون نگاهون صابڻ جي اڇيءَ اڇيءَ چڪيءَ تي کپي
وئيون آهن. هن سندن مَر چڙهيل اگهاڙن پـُٺن ۽
چِيڙهه ٿيل وارن کي ڏسي دل ئي دل ۾ چيو: ”هونهه،
لڪس جهڙو اٿن منهن! سڄي گوليمار ۾ ڪنهن ڏٺي به ڪا
نه هوندي!‘
جڏهن وهنجي پنهنجي ڪوٺڙيءَ ڏانهن هلڻ لڳو، ان وقت
تائين پاڙي جا ٻار به اٿي چڪا هئا- ۽ سندس ڪمري
کان ٿورو ئي پر ڀرو گٽر جي منهن تي قطار ڪري ضروري
حاجت کان فارغ ٿي رهيا هئا، ۽ هڪٻئي کي ننڍڙا
ننڍڙا پٿر به هڻندا ٿي ويا. هن جو نڪ ڪاوڙ کان
ڳاڙهو ٿي ويو. روزانو هو اهو نظارو ڏسي تپي باهه
ٿي ويندو هو. پر هن پاڙي ۾ هو ڪجهه ڪري به ته نٿي
سگهيو! گهرن ۾ ڪاڪوس ته هئا ڪو نه؛ هر جهوپڙيءَ جي
پاسي کان ڳوڻين ۽ٽپڙين مان ٺهيل ڪاڪوسن کي ته
زالون استعمال ڪنديون هيون، ۽ مرد ماڻهو
ميونسپالٽيءَ جي ڪاڪوسن تي قطار لڳائي بيهندا هئا
- ۽ ٽڪو ڏيئي جان آزاد ڪندا هئا. خود هن کي به
قطار ۾ بيهڻو پوندو هو، پر ”موتي“ ڀنگيءَ سان سندس
چڱي ڏيٺ – ويٺ ٿي ويئي هئي، ۽ ٽڪي بدران آنو ڏيئي،
ستت ئي جند آزاد ڪري موٽندو هو.
پنهنجي ڪمري ۾ پهچي، هن پتلون ۽ بـُشرٽ ڪڍي پاتي.
بشرٽ خاص ولايتي چيز هئي. مٿس موٽر، لاريون، هوائي
جهاز- مطلب ته سڄي ولايت ڇـُريل هئي. ۽ جڏهن اها
بشرٽ پائي نڪرندو هو، تڏهن سندس قدم زمين بدران
هوا ۾ هوندا هئا. هو ائين سوچيندو هو ته گوليمار
ته ڇا، شهر جي فئشن جي مرڪز ’ايلفي‘ گهٽيءَ جون
سموريون محبوبڙيون کيس ٽيڏيءَ اک سان پيار ڀريل
نظر سان ڏسڻ لڳنديون هيون؛ پر هو بم رکي، پاڻ وڌيڪ
آڪڙ منجهان هلڻ لڳندو هو. جڏهن مهيني اڌ کان پوءِ
شهر جي سڀ کان مهنگي ڌوٻيءَ، ”نِيـُو وي“، کي ڌوئڻ
ڪاڻ ڏيندو هو، تڏهن هڪ معنيٰ ڀريءَ مرڪ سان کيس
هدايت ڪندو هو ته سندس بشرٽ ڏاڍي قيمتي هئي، ان
ڪري ذرا زياده خيال سان ڌوئي.
بشرٽ پائي، هن آرسيءَ ۾ پنهنجي سراپا تي هڪ
پسنديدگيءَ جي نظر وڌي، ۽ ڦڻي کڻي وارن ۾ گل ڪڍڻ
لڳو. وارن تي هن کي خاص ناز هو. هن کي نئين
اِسٽائيل، نئين طرز جي گلن ڪڍڻ ۾ خاص ڪمال حاصل
هو. خود منصور به کيس هڪ ٻه دفعو چيو هو ته هن جا
وار غضب جا هئا؛ ۽ خود سندس گرل فرينڊ هڪ ڀيري پري
کان هن کي ساڻس گڏ ويندي ڏسي، کائنس ٻئي ڏينهن تي
پڇيو هو: ”منصور، ۽ اهو ڪالهه توسان ’لولِي هيئر
اِسٽائيل‘ وارو ڪير هو؟“ اها ڳالهه جڏهن هن ٻڌي
هئي، تڏهن سندس سينو ٻه انچ وڌي ويو هو.
وارن کي اڳيان ”ڪِريم رول“ وارو گهُنڊ ڏيئي،
ساڌاري، هو ڪوٺيءَ کان ٻاهر نڪتو. رستي تي
ملباريءَ جي هوٽل تي اچي هن ناشتو ڪيو – مَسڪا
بند، ۽پوڻا چانهه. چانهه پي هو ملباري سيٺ کان اڌ
پاڪيٽ سگريٽ ۽ ماچيس وٺڻ ۾ لاءِ اچي مانڊڻيءَ تي
بيٺو. پر اڄ ملباري سيٺ کي الائي ڇا ٿيو هو – شايد
گهر ۾ جوءِ ڪي جوتا بڇيا هئس، سو هن کي ڏسندي ئي
چئي ڏنائين: ”سيٺ، گذريل مهيني جا پئسا اڃا نه ڏنا
اٿوَ، اڄ ٻيو مهينو به اچي پورو ٿيو آهي: اڄ شام
جو جيڪڏهن مون کي پيسا نه مليا ته پوءِ نه ماني
ملندوَ، نه سگريٽ!“ هو حيرت مان ملباري سيٺ جو
منهن ڏسڻ لڳو. هن کي مٿس سخت ڪاوڙ اچي ويئي. هن جي
اها همت جو هو هن سان اهڙي نموني سان ڳالهائي! پر
ڪجهه سوچي، سگريٽ جو اڌ پاڪيٽ ۽ ماچيس کڻي هو اڳتي
وڌيو، ۽ اچي بس لاءِ قطار ۾ بيهي رهيو. بس لاءِ
ڪيترائي ماڻهو اوسيئڙو بڻيو بيٺا هئا. هن سوچيو،
آچر ڏينهن به ايتري رش!
’شيزان‘ ۾ سڀ دوست اچي ڪٺا ٿيا هئا – منصور، شيخ،
رشيد ۽ صديقي. شيزان ۾ قدم رکڻ سان سڀني گڏجي رڙ
ڪئي، ”هَلو، راج!“ هن کي سڀ دوست ’راج ڪپور‘
سڏيندا هئا- هونئن سندس نالو به ته راڄو خان هو.
”يار، ڏاڍو انتظار ٿو ڪرائين!“ منصور کيس ڪرسي
آڇيندي چيو.
”ڀائو، ڪهڙيون ٿو خبرون پڇين؛ اڄ منهنجي ’گرل
فرينڊ‘- اڙي ساڳي ’مولانا‘، ضد ڪرڻ لڳي ته ’مارننگ
شو‘ واري فلم ڏيکار. مس مس جان ڇڏائي پهتو آهيان.
چيومانس ته منهنجو منصور سان انجام آهي. ير، توتي
ڏاڍي خار اٿس!“
”ڪيئن نه هوندي،.... توکي جو کانئس چورائي ٿا
وڃون!“ رشيد کلندي چيو.
”نه نه، هونئن ته منصور کي پرپٺ به ڏاڍو ڀانئي ٿي
– آخر به ته منهنجو دوست آهي – پر جڏهن کان منصور
’ميريءَ‘ ساڻ دوستي ڳنڍي آهي، الائي ڇو ساڙ ٿي پيو
اٿس. مون کي چيائين ته ’سڃاڻان انهيءَ ميريءَ کي،
مون سان ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهندي هئي: ايڏي مغرور
ڇوڪريءَ سان منصور جهڙو ٺاهوڪو مڙس دوستي ڪري، سا
ڳالهه مون کي بلڪل پسند ڪانهي‘.“ ائين چئي، هن
منصور ڏانهن نهاريو، جنهن جي ڳلن تي سرخي اچڻ لڳي
هئي.
”ڇا واقعي؟ مان ميريءَ کان پڇندس ته واقعي مونا
ساڻس گڏ پڙهندي هئي ڇا. ادا، مون کي ته آخر هڪ
وفادار گرل فرينڊ ملي ئي ويئي.“ منصور هڪ عجيب
خوشي محسوس ڪندي چيو.
”ير، واه جي گرل فرينڊ هٿ ڪئي اٿئي!“ راج هن جي
اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو، ”ڪالهه اسان کان لڪي
کيس ڪلفٽن تي وٺي وئين! ’سي بريز‘ هوٽل تي مون
اوهان کي ’مئنگو اِسڪئاش‘ پيئندي ڏٺو هو. آءٌ مونا
سان گڏ هوس – اتي ئي ته مونا ميريءَ کي سڃاتو.‘
”ڪلفٽن تي؟ پر منصور ڪلهه شام جو مون سان گڏ هو!“
رشيد ٿورو حيران ٿيندي چيو. راج جي منهن تي پِيلاڻ
ڦهلجڻ لڳي، پر منصور سندس مدد ڪئي:
”ها ها، آءٌ شام برابر توسان گڏ هوس؛ پر اٺين بجي
جو توسان موڪلايم ۽ گهر پهتس ته ڪڪي، منهنجي
ننڍيءَ ڀاءُ، مون کي چيو، ’دادا، روپيو ڏي ته هڪ
شي ڏيانءِ.‘ لاچا، روپيو ڏيڻو پيم. ميريءَ جو خط
ڪڍي ڏنائينم. خط به اجهو اڃا منهنجي کيسي ۾ پيو
آهي.‘ ائين چئي هن پتلون جي کيسي ۾ هٿ وڌو؛ پر
پوءِ منهن تي حيرانيءَ جا آثار آڻيندي چيائين،
”اوهو، خط ته ڪالهه سوٽ ۾ ئي وسري ويو.... ڪالهه
مون وارو گلابي ’شارڪ اِسڪن‘ وارو سوٽ پاتو هوم.
خير، سو ڳالهه ٿي ڪيم ته خط ۾ لکيائين ته ’ڊيئر
منصور، دل اڪيلي اڪيلي ٿي پئي آهي، ڇو نه اڄ رات
ڪلفٽن تي هلؤن‘. سو، گاڏي کنيم، کيس گهران وڃي
’پِڪ اپ‘ ڪيم. يار، ڪا رات گذري – وڃي خير ٿيا!
ميريءَ جو ڪو جسم آهي، - جهڙو چقمق! سڄي رات ڪلفٽن
تي گذاري ڇڏيسون. پوليس وارا ته هونئن ئي پنهنجا
دوست آهي، تن جو ڪار جو نمبر ڏٺو، سو ويجها ئي ڪو
نه آيا. ميري ته صبح جو به اصل نه پئي ڇڏيم. سندس
ڪنواري جسم جي خوشبو اڃا تائين پيو محسوس ڪريان!“
ائين چئي، هن هڪ اونهو ساهه کنيو – ڄڻ ته ميريءَ
جي خوشبو کي هضم ڪرڻ جو ارادو هوس.
راج جي چهري تي سـُرخي وري واپس اچي چڪي هئي، هن
به مرڪندي چيو: ”ڀائو، ڪهڙيون ٿو ڳالهيون پڇين....
مونا ته بنهه گلاب جي گلن مان ٺهيل ٿي ڏسجي! ڪو
جسم اٿس،... دل ٿي چوي ته ڪچو کائي ڇڏيانس – ڏاڍي
لذيذ هوندي! جڏهن منهنجن وارن ۾ آڱريون ڦيرائي
چوندي آهي ’راج ڊارلنگ‘، تڏهن آءٌ ائين سمجهندو
آهيان ته سموري ڪائنات منهنجين ٻانهن ۾ اچي ويئي
آهي!“
شيخ ۽ صديقي، جيڪي اڃا تائين ماٺ ڪريو ويٺا هئا،
سي به رڙهي آيا، ۽ پنهنجن پنهنجن داستانن ٻڌائڻ
لاءِ آتا نظر اچڻ لڳا. پر منصور ۽ راج ته محفل جا
موڙ هئا. جڏهن هو ڳالهائين، تڏهن ٻين کي چپ رهڻو
پوندو هو. راج کي به ڪڏهن ڪڏهن واري ڏيڻ لاءِ چپ
رهڻو پوندو هو، پر اڄ راج شايد ’موڊ‘ ۾ هو. ميز تي
پيل سگريٽ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دکائيندي هن
چيو: ”يارو، هڪ صلاح ته ڏيو ته ڇا ڪريان. مونا اصل
شاديءَ لاءِ بنهه بيچين ٿي رهي آهي. مون ڊيڊيءَ
(بابي) کي خط لکيو، پر ڊيڊي ته ماڳهين مڃي ئي نٿو:
چوي ٿو ته جي تو اتي شادي ڪئي ته ملڪيت مان پائي
به ڪا نه ملندءِ! ڀائو، آءٌ ته پريشانيءَ ۾ اچي
ويو آهيان. هڪ طرف مونا آهي، ٻئي طرف ملڪيت، ملڪيت
به ڪا ٿوري هجي – بلڊنگون، موٽرون، زمينون – اڃا
تازو 58 – ماڊل جي ’شيو‘ (شيورليٽ ڪار) ورتي اٿس!“
شيخ کي سڀ ڏاڍو سنجيدو سمجهندا هئا؛ ان ڪري سڀني
پنهنجون نظرون هن ڏانهن موڙيون. شيخ موقعو ڏسندي،
هلڪي مرڪ چپن تي آڻيندي، چيو: ”جي مون کان پڇو ته
آءٌ جيڪر پنهنجيءَ محبوبه لاءِ دنيا کي ڇڏي ڏيان.
دولت ڇا آهي، هٿن جي مَر ُ؛ پر دل جي دولت آهي، دل
جي رونق ۽ روشني، ’ملٽن‘ ڪو نه، پنهنجن ڪتابن ۾،
هاها، اهو ڪتاب، جيڪو صديقيءَ کي پڙهڻ لاءِ ڏنو
هوم – چيو آهي ته دل جي رضا رکڻ سڀ کان وڏو ثواب
آهي. منهنجي صلاح مڃ، ۽ تون ماٺ ميٺ ۾ مونا سان
شادي ڪري ڇڏي- ۽ پوءِ پيءُ کي لک ته توشادي اڳيئي
ڪري ڇڏي آهي.“
صديقيءَ به لقمو ڏنو: ”آءٌ ته شاديءَ جي بنهه خلاف
آهيان. ’بابر بعيش ڪوش‘ وارو مقولو مون کي پسند
آهي. ڇا جي شادي، ڇا جي ڳالهه – عيش ڪجي، ۽بس!“
چانهه به اچي ويئي. چانهه پيئندي، سگريٽ جو ڪش
هڻندي، منصور راج کي اک ڀڳي.راج اشارو سمجهي،
دروازي ڏانهن ڏٺو. ٻه جوانڙيون، کلنديون مشڪنديون،
اچي سندن ڀرواريءَ ٽيبل تي ويهي رهيون. سڀني جي
چهرن تي يڪلخت سنجيدگي ڇانئجي ويئي. سڀ ٺهي ٺڪي
ويهي رهيا. گفتگو سنڌيءَ بدران انگريزيءَ ۾ ٿيڻ
لڳي، ۽ خاص طور منصور ۽ راج ته ڪجهه عجيب بيچينيءَ
جي عالم ۾ هئا. راج پنهنجيءَ بشرٽ تي نظر وجهي،
پنهنجي وارن جي فصل تي هٿ گهمائيندي ڇوڪرين ڏانهن
ڏٺو. منصور به پنهنجي ٽاءِ ٺيڪ ڪندي انگريزي ڌ ُن
جي سينڊ وڄائڻ لڳو، ۽ سندس هڪڙو پير ميز هيٺان
زمين تي ٽپ – ٽپ ڪرڻ لڳو. پنج ئي ڄڻا هڪٻئي سان
اشاري بازيون ڪندا رهيا، ۽ هلڪي آواز ۾ ڪجهه چوندا
به رهيا. سندن انداز اهڙو هو، جو ٻئي ڇوڪريون به
ڪجهه عجيب نموني سان کين ڏسڻ لڳيون. کين پاڻ ڏانهن
نهاريندو ڏسي، راج منصور کي ٺونٺ هنئي. سندن دلين
جو رنگ منهن تي اچي ويو هو. سندن سرگوشيون وڌنديون
وييون؛ ۽ منصور سينڊ وڄائيندو رهيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ ڇوڪريون اٿيون. کين اٿندو ڏسي
منصور ۽ راج به اٿيا، ۽ دوستن کي چيائون ته هو
اجهو ته آيا. ڇوڪريون اڳيان، هي ٻئي پويان.
انگريزي ڌ ُن جي سينڊ اڃا تائين منصور جي چپن تي
هئي. وڪٽوريا روڊ جي چوسول وٽ، ٻنهي ڄڻن، ٽرئفڪ
بتيءَ جي اشاري ملڻ شرط، ڇوڪرين سان ملي هلڻ لاءِ
قدم تيز ڪيا. هاڻي هو ڇوڪرين سان ڪلهوڪلهي ۾ لائي
هلڻ لڳا. آچر جو ڏينهن، ماڻهن کي به شايد ڪو ڪم
ڪار هو ئي ڪو نه، سو رڳو پئي فـُٽ پاٿ وَسايائون.
فٽ پاٿ تي پهچي، ڇوڪرين ”اَنڊر گرائونڊ“ (پيادن جي
سهوليت لاءِ، ٻن رستن کي ڳنڍيندڙ زمين دوز رستو)
ڏانهن رخ رکيو. هي ٻئي ڄڻا به تڪڙا تڪڙا زمين دوز
رستي جي ڏاڪڻ لهي، وري ڇوڪرين سان جسم جسم سان
لائي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. راج ته خاص موڊ ۾ هو:
خيالن ئي خيالن ۾، هو ٻنهي ڇوڪرين جي جسمن مان
وڌيڪ گداز جسم جي چونڊ ڪري رهيو هو. سندس نڪ جي
چهنب ۽ ڪنن جون پاپڙيون ڪنهن عجيب احساس کان
ڳاڙهيون ٿي ويون هيون؛ سندس اکين ۾ نيم فاتحانه
چمڪ اچي ويئي هئي.
اوچتو زمين دوز رستي جي پوري وچ تي کيس ڪا رڙ ٻڌڻ
۾ آئي. رڙ ٻڌڻ کان هڪ ساعت پوءِ، هن منصور کي ڊڪ
پائيندو، ماڻهن وچان گهـُتون هڻندو، ڀڄندو ڏٺو، ۽
ٻيءَ ساعت ۾ هڪ ڇوڪريءَ اچي کيس ٻانهن کان ورتو:
”مئا، شرم نٿو اچيوَ! پنهنجون مائون ڀينرون ڪو نه
اٿوَ!...“ ڇوڪريءَ اهي لفظ چئي بس ڪيا ته هڪڙي
راهگير کيس زوردار ٿڦڙ وڄائي ڪڍيو، جنهن هن کي مٿي
۾ ڀنواٽي وجهي ڇڏي. ۽ پوءِ..... پندرهن منٽ کن هو
راهگيرن هٿان ڪـُٽبو رهيو. هن کي ڪو هوش حواس نه
رهيو – صرف سندس وات مان هري هري اهي لفظ ادا
ٿيندا رهيا: ”سائين، مون ڪجهه به نه ڪيو آهي! مان
بيڏوهي آهيان!“ سندس بشرٽ ڇيهون ڇيهون ٿي چڪي هئي،
۽ سندس وارن جا وانگوڙا کلي اکين تي پئجي رهيا
هئا. سندس اکين ۽ ڳلن تي ڌڪن جا نيل گهرا ٿيندا ٿي
ويا.
زمين دوز رستو سڄو راهگيرن ۽ تماشائين سان ڀرجي
ويو. ماڻهن کي لنگهڻ جي جاءِ نٿي ملي. پوءِ هڪ
پوليس واري اچي کيس ٻانهن کان ورتو. کيس زمين تان
اٿاريندي، ماڻهن کي اڳيان هٽائيندي، هن کي زمين
دوز رستي کان ٻاهر وٺي آيو. ٻاهر به ماڻهن جو
انبوهه گڏ ٿي چڪو هو. هن جو ذهن خيالن جي طوفاني
اچ وڃ جي ڪري ايترو ڀٽڪي چڪو هو جو هن کي ڪا به
ڳالهه صحيح سمجهه ۾ نٿي آئي. هو اڃا تائين حيران
هو ته ڇا ٿيو، ۽ هن کي ماڻهن ڇو ٿي ماريو. هن
روئندي روئندي پوليس واري کي چيو، ”سائين، آءٌ
بلڪل بيقصور آهيان....!“
پوليس واري کيس غضب جي نظرن سان گهوريندي چيو،
”ها، تون ته وڏو بيقصور آهين! زالن کي هلندي
چهنڊيون پائڻ ڪو جرم ٿورو ئي آهي!... توسان گڏ ٻيو
ڪير هو؟“
”من...... صور.....!“ هن جي وات مان اچانڪ نڪتو.
پر ٻيءَ گهڙيءَ الائي ڪهڙو خيال آيس، ۽ چيائين،
”مون سان ڪير به نه هو.... مون ڪجهه به نه ڪيو
آهي.... سائين، آءٌ بيڏوهي آهيان!“
پوليس واري کيس گهليندي چيو، ”ٿاڻي تي پاڻيهي
سچيون ڪندين!“
* * *
سنڌ جي سرسبز واديءَ جي هڪ پرسڪون ڳوٺڙي ۾ زندگي
ورهين کان ننڊ پيئي هئي. سجاڳ به ڪير ٿئي... بک جي
لولي ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ننڊ ٿِي ڏياري، جو زندگي
دائمي ننڊ بڻجيو وڃي. ڳوٺڙي جا هاري ناري ورهين
کان بک جي لوليءَ تي گهريءَ ننڊ ۾ پيا هئا. ٻنين
جي ساوڪ، ۽ اَنَ جي داڻن جي تيز خوشبوءِ گهڙيءَ
لاءِ هنن کي سجاڳ به ڪندي هئي؛ پر جڏهن ان جون
گاڏيون ڀرجي سندن ڳوٺڙي کان دور وڃڻ لاءِ اسهنديون
هيون، تڏهن هو وري ننڊ پئجي ويندا هئا.
انهيءَ ڳوٺڙي جي گهر ۾ - ڪم از ڪم ان ۾ گهر جا
انساني لوازمات ته سمورا موجود هئا – روڄ جي ڏائڻ
لنگهي آئي هئي. صبر جي ديوي شايد ر ُسي هلي ويئي
هئي. هڪ پريو مڙس، اکين کي پنهنجي گوڏ جي پلاند
سان اگهندي، پنهنجي منهن ڪجهه ڀـُڻ – ڀُڻ ڪري رهيو
هو- ”اسان جي ڪا قسمت ....!“
هڪ ننڍڙو ڇوڪرڙو اچي سندس ٽَنگن کي چنبڙيو –
”بابا، ادو ڪڏهن ايندو!“ ٻارڙي جي انهن لفظن روڄ
جي ڏائڻ کي هڪ ٻيو چهبڪ وَسايو - ۽ زندگي ڪنڊ ۾
ويهي لڙڪ ڳاڙڻ لڳي.
هن خاموش گهر ۾ صبح جو ٽپالي هڪ طوفان کڻي آيو
هو. جڏهن يارو ٽپاليءَ سڏ ڪيو، ”چاچا مراد، چٺي
آئي اٿئي“، تڏهن پير مرد مراد جي جسم ۾ هڪ هلڪي
لهر اچي ويئي هئي. سندس گهر واريءَ جنڊ جي مـُٺي
کي هڪ ئي جنبش ۾ بيهاري ڇڏيو. سندس جواڻ ڌيءَ هڪدم
پوتي مٿي تي سرڪائي آندي؛ ۽ ننڍڙو خانو به مٽيءَ
مان هٿ ڪڍي اچي پيءُ کي چنبڙيو.
”ابا، ڪٿان آئي آهي چٺي؟“ مراد لوڙهي کان ٻاهر
ايندي چيو.
”چاچا، ڏسجي ته ڪراچيءَ کان ٿي“.
”هائو، هائو؛ ابا، راڄي وٽان آئي هوندي. ڀلائي ڪري
پڙهي ته ڏينم.“ڪنهن نامعلوم خوشيءَ جي چمڪ پيرسن
جي منهن جي گهنجن کي روشن ڪري ڇڏيو.
يارو ٽپاليءَ خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو:
-
”پيارا بابا سائين،
”ڌڻيءَ سڳوري جي فضل سان اوهان ڏانهن ڪل ئي خير
هوندو. ٻيو احوال، ته الله ٿو ڄاڻي ته آءٌ بلڪل
بيڏوهي ڦاسي پيو آهيان. مون کي پوليس هڪ ڪوڙي ڏوهه
۾ ڦاسائي چالان ڪري ڇڏيو آهي. هن خط کي تار ڪري
سمجهندا، ۽ ڀلائي ڪري وڏيري گل محمد کي هٿ ادب جا
ٻڌي عرض ڪندا ته منهنجو ضامن پئي مون کي ڇڏائي
وڃي. زياده ادب.
- اوهان جو فرمانبردار پٽ، راڄو خان.“
پيرسن مراد جي دل مان ڄڻ ته ڪجهه ڪِري پيو. هن کي
ائين محسوس ٿيو ڄڻ ته ڪنهن کيس پٺن وارو گهوٻاٽو
وهائي ڪڍيو هو سندس چيلهه ۾ هڪدم ڪـُٻ پئجي ويو.
ڏڪندڙ هٿن سان ياروءَ جي هٿن مان خط وٺي، ان کي بي
مقصد اٿلائڻ پٿلائڻ لڳو. ياروءَ جي چهري تي به
حيرانيءَ ۽ ڪنهن نامعلوم خوف جا آثار پيدا ٿيا، ۽
هٻڪندي چيائين: ”چاچا، الله مڙئي خير ڪندو؟“
”هائو، ابا، ڌڻي مڙئي ڍڪي رکندو!“
راڄي جي ماءُ ۽ ڀيڻ ’ستابي‘ به لوڙهي جي آڙ ۾
سڀڪجهه ٻڌي رهيون هيون. خط جو احوال ٻڌندي، راڄي
جي ماءُ ته اتي ئي ويهي رهي؛ پر ستابيءَ کان
بيساخته اوڇنگار نڪري ويئي.
”هون هون....!“ پير مرد اندر ايندي ستابيءَ کي
ڇينڀيو: ”ماڻهوءَ ڇيڻوءَ جو ته خيال ڪبو آهي!“
گهڙيءَ لاءِ سندس غيرت اڀري آئي هئي – سندس نياڻي
ڪنهن پرائي مڙس جي ايترو ويجهو ڪو آواز ڪري!
هن کي ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيو. وڏيري وٽ هو ڪهڙي
منهن سان ويندو! ستابيءَ جي سڱ ڏيڻ کان جڏهانڪر
انڪاري ٿيو هو، وڏيري هنن جي پويان باهه ٻاري ڏني
هئي: قرض ۾ مينهن ۽ ٻڪري ڪاهي ويو هوس؛ زمين تان
جواب ڏيئي ڇڏيو هئائينس. هٽ – واڻئي وڏيري جي چوڻ
تي کين سيڌو پاڌو ڏيڻ به بند ڪري ڇڏيو هو. سڄي سڄي
رات اک ڪيئن لڳندي هيس، ۽ ستابيءَ جي کٽ تي پهرو
ڏيندو رهندو هو – متان سڀاڻي وڏيرو ڪمينو ٿي بيهي!
ولو خاصخيليءَ جي ٻانهن به ته وڏيري ڪهاڙين جي زور
تي کنئي هئي سندن زندگي صرف خوف ۽ بک جو مجسمو
بڻجي ويئي هئي، پر پرئي مڙس پنهنجي غيرت هٿان نه
ڇڏي هئي. انهيءَ لاءِ هن کي هڪڙو ئي سهارو هو:
راڄو پڙهي اڪابر ٿيو هو، ۽ ڪراچيءَ ۾ وڏي نوڪريءَ
تي وڃي چڙهيو هو..... مجال آهي وڏيري جي، جو منجهن
هٿ وجهي! ۽ پوءِ، ڇهن مهينن کانپوءِ، راڄي جو خط
مليس به ته ڪهڙو! هن کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ ته
سندس لوڙهي کي چوڌاري باهه ورائي ويئي هئي، ۽ هنن
کي ٻاهر نڪرڻ جي واهه ڪا نه هئي... هن جودم گهٽجڻ
لڳو.
ستابي ته روئي روئي ساڻي ٿي پئي هئي. ماڻس ته اڃا
تائين چپ هئي – فقط سندس اکيون درياهه بڻجي ويون
هيون – هن جواندر وڍبو ٿي ويو - ۽ اوچتو هوءَ رڙ
ڪري اٿي:
”آ، منهنجا بابل پٽ!“ ۽ پوءِ ٻئي ماءُ ڌيءُ، هڪٻئي
سان ڳلي لڳي، پار ڪڍي روئڻ لڳيون.
گهر جي ڪک ڪک مان روڄ جو آواز ٿي آيو. ڪکائين ڇت
مان ڪا جهرڪي اٿي ان کان خالي گـُنديءَ تي اچي
ويٺي. گنديءَ ۾ ڪجهه نه ڏسي، جنڊ جي پـُڙ تي اچي
ويهي رهي. ڊڄي ڊڄي هڪڙو داڻو کنيائين، ۽ وري وڃي
پنهنجي آکيري ۾ ويٺي. پنهنجن ٻچڙن جي گرم گرم جسم
سان لڳي، جهرڪيءَ آسودگيءَ جو ساهه کڻي پوڙهي مراد
کي ڏٺو، جو پنهنجو مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ڏانهن
نهاري رهيو هو. هن چوطرف نظر ڦيرائي: گهر ۾ اهڙو
ٽپڙ ئي ڪو نه هو جو کڻي وڪڻي. سندس نظرون ٿڪجي اچي
ستابيءَ تي پييون – ستابي، جنهن کي ڪونج ڪري
سڏيندو هو. هئي به ته ڪونج – ڇا سندس مـُک، ڇا
مورت، ڇا سندس ٻول! گهڙيءَ لاءِ وڏيري جي شڪل به
تصور ۾ آندائين: ڊيڄاريندڙ شهپر، ٿلها چپ، جيڪي
مڇن تي ڪيس لڳائڻ جي ڪري اودا ٿي ويا هئس، ڀنگ کان
ڳاڙهيون رت اکيون..... شل الله سائين دشمن کي به
اهڙو منهن نه ڏيکاري!
”واه ڙي منهنجا مولا....!“ هن کان به اختيار اهي
لفظ نڪري ويا، ۽ هڪ ڊگهو سڏڪو، ڏک ۽ ايذاءَ جو روپ
وٺي، هن جي چهري تي ڦهلجي ويو!
هفتي کان پوءِ وڏيرو راڄي کي ڇڏائي آيو. هفتي کان
پوءِ ستابي وڏيري جي حويليءَ ۾ داخل ٿي ويئي. هفتي
کان پوءِ مراد جي ڪايا ئي بدلجي ويئي – سندس منهن
جا گهنج وڌيڪ آڏا ابتا ٿي ويا، سندس چيلهه ۾ دائمي
ڪـُٻ پئجي ويو، سندس اکين ۾ غيرت جو لاش قبر لاءِ
ٻاڏائڻ لڳو. هفتي کان پوءِ راڄي جي ماءُ جنڊ تي
ويهي جنڊ گهٽ پيهندي هئي، لڙڪ گهڻا ڳاڙيندي هئي
..... ۽ هفتي کان پوءِ راڄو پنهنجيءَ ڦاٽل رنگين
بشرٽ کي پاڻ پنهنجن هٿن سان ويهي سيبا ڏيڻ لڳو! |