لعل بخش ٽالپر
مضمونَ
’ضمير شاهه‘ جو مڪان
”جسم“ ولايت جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ ”ضمير شاهه“ جو
عاليشان مڪان هو. نالي ۾ مڪان هو، مگر صفائيءَ
سٺائيءَ ۾ هڪ محلات جي برابر هو. برسات جي مند
آئي، محبت جو مينهن اُٺو، سڄيءَ ولائت ۾ سبزي لڳي
ويئي. ’ضمير شاهه‘ جي مڪان ۾ به هڪ عاليشان ۽
خوشنما ٻوٽو ازخود پيدا ٿيو، جنهن جي مـُکڙيءَ مان
هڪ اهڙو ته گل نڪري نروار ٿيو، جنهن جي سونهن ۽
سرهاڻ جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي! ڏسڻ سان ماڻهو دنگ رهجي
ٿي ويا. انهيءَ گل کي اتي جي دنيا ”اميد“ جي نالي
سان ياد ڪرڻ لڳي. هن گل کي ڀرواريءَ ”طلب“ جي
واديءَ مان پاڻي ٿي مليو. جڏهين هيءُ پاڻيءَ سان
سيراب ٿي ٿيو، تڏهين ٽڙي ۽ کـُلي اهڙو ته سوجهرو
ٿي ڪيائين جو نه فقط انهيءَمڪان بلڪه آسپاس کي پڻ
رات جي وقت به بتيءَ ٻارڻ جي ضرورت ڪا نه ٿي ٿِي؛
مگر جيڪڏهين ڪنهن وقت انهيءَ پاڻيءَ جي کيس تنگي
ڪئي پئي ويئي، يا ان جي بجاءِ ٻيو پاڻي ڏنو ٿي
ويو، تڏهين هن مرجهائجي، مکڙيءَ جي صورت ۾ پنهنجو
سر سجدي ۾ رکي، پنهنجيءَ دنيا کي تاريڪ ڪري ٿي
ڇڏيو. ازانسواءِ، کيس ڪيترو به وقت پاڻي نٿي ڏنو
ويو، ته به هو ڪو صفا سڙي سـُڪي ڪونه ٿي ويو. هن
جي اهڙين خاصيتن نه فقط دنيا کي موهيو، مگر اتان
جي عالم پناهه ”عقل بادشاهه“ کي پڻ پنهنجو تابعدار
بڻائي ڇڏيو. هينئر ضمير شاهه جي مڪان کي چار چنڊ
لڳي ويا، زيارتي ائين اچيو ڪٺا ٿين جو تر هنيو
پٽيءَ تي نه پوي. جڏهين عالم پناهه روبرو اچي هن
گل جي زيارت فيض بشارت کان مشرف ٿيو، تڏهين هن جي
حيت جي ڪا حد ئي نه رهي ۽ سندس ڏند چپن سان لڳي
ويا. اتي ضمير شاهه جي شخصيت جو پڻ عالم پناهه کي
احساس ٿيو. هن پنهنجا خاص پنج نوڪر ضمير شاهه جي
خدمت عاليه ۾ انهيءَ گل جي پرورش لاءِ ڇڏيا، ۽ پاڻ
موٽي پنهنجي تخت تي بخت آزمائي ڪرڻ لڳو. هوڏانهن
وري نوڪر ويچارا، منجهه انتظار، ضمير شاهه ۽ گل جي
خدمت ۾ تيار بيٺا رهيا.
ضمير شاهه جو حڪم هو ته جيئن گل کي ڪنهن به وقت
’طلب‘ جي واديءَ واري پاڻيءَ جي تنگي نه ٿئي، ۽
جيئن هو مرجهائجي نه وڃي، ڪوشش ڪري کيس هر وقت تر
۽ تازي رکڻ جو خيال رکيو وڃي. نوڪر حڪم جا بندا،
تن ڇڏي ڏنا ٻيا ڌنڌا، سڄو ڏينهن کين اها تات تاري،
رڳي گل جي خدمتگاري.
عالم پناهه عقل بادشاهه به ٻئي ٽئي ڏينهن گل جي
ديدار فرحت آثار کان ڀيرو ڪو نه ڀڃندو هو. جڏهين
عالم پناهه جو به اهو حال هو، تڏهين اندازو لڳائي
سگهجي ٿو ته ويچاريءَ رعيت جو ڪهڙو حال هوندو. ڪير
جو روزانو نه اچي گل جو مجرو ڀري! جيئن گل جي عزت
وڃي عرشين لڳي هئي، تيئن وري ضمير شاهه جو شان به
انهيءَ دنيا جي نظرن ۾ چار قدم اڳتي وڌي ويو. ٻيا
ته ڇڏيو، پر خود عالم پناهه به انهيءَ گل جي ڪافي
عزت ڪندو هو.
دستور موجب، جيئن هڪ ڏينهن عالم پناهه عقل بادشاهه
پنهنجيءَ خاص نوڪرياڻيءَ نيڪ اختر، پري پيڪر، حسن
تصوير، نالي ”تدبير“، کي ساڻ ڪري مڪان ۾ آيو، تيئن
ضمير شاهه سندن خير مقدم ڪيو. دراز مسافريءَ سبب
عالم پناهه کي اڃ لڳي. ’تدبير‘ نوڪرياڻيءَ کي ڀر
واري ”آرام“ جي اوطاق تان پاڻي آڻڻ لاءِ حڪم ڏنو
ويو. ’آرام‘ جي اوطاق سان گڏ ”اجل“ جي پڻ اوطاق
هئي. ’تدبير‘ کي رستي ۾ ”تقدير“ نالي ’اجل‘ جي
نوڪرياڻي ملي ويئي، جنهن کيس وٺي وڃي ’اجل‘ جي
اوطاق ۾ ڇڏيو. ويچاري ’تدبير‘ کي ڪهڙي خبر ته هيءَ
ڪنهن جي جاءِ آهي؟ هوءَ يڪدم اتان ٻه جام، هڪ سبز
ٻيو گلفام، ڀري کڻي آئي. عالم پناهه سبز جام، ۽
ضمير شاهه گلفام پيتو. ظاهر ۾ شراب هو، مگر سندس
اثر خراب هو. بس، رڳو پيئڻ جي دير ٿي، پوءِ ته
’عقل سجدي ۾ ڪِريو، ۽ سر جهُڪيو تدبير جو!‘
عالم پناهه ۽ ضمير شاهه ٻيئي وڃي حيات ابديءَ سان
همڪنار ٿيا. جڏهين عالم پناهه ئي ڪو نه رهيو، ته
پوءِ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون وري ڇا جون؟ جو جيڏانهن،
سو تيڏانهن ڪافور ٿي ويو. گل جي هڪ پاسي کان عالم
پناهه ۽ ٻئي پاسي کان ضمير شاهه جي مرقد مرتب ڪئي
ويئي.
جاندار هليا ويا، مگر بيجان گل ۾ اڃا جان آهي. هن
جي حالت اڃا ساڳي آهي. هو زنده آهي، ۽ پنهنجيءَ
دنيا ۾ اهڙيءَ ئي شهرت سان مشهور آهي. هڪ ويو ته
ٻئي اچي سلام ڪيو. هن جا ڪيئي سلامي آهن. جيتوڻيڪ
هو ٻئي شهزادا هينئر ملڪ عدم ۾ آهن، ته به خاموش
زبان سان هن جي سلامي ۽ غلامي ادا ڪري رهيا آهن.
جڏهين اوهان جو ’جسم‘ ولائت ۾ وڃڻ ٿئي ته ضرور ان
گل جي زيارت جو فيض ۽ شرف حاصل ڪندا، ڇو ته چوندا
آهن ته ”شنيده ڪي بود مانند ديده“ – ٻـُڌل کان ڏٺل
وڌيڪ بهتر ٿو ٿئي. پر اهو ديدار به ڪن خوش نصيبن
کي نصيب ٿيندو، ورنه مون جهڙ ابدنصيب به ته دنيا ۾
ڪيترا ئي هوندا: ڪافي عرصو گل جي ڀرسان بيٺس، پر
منهنجي قسمت جي ڪوتاهي جو کيس پاڻي ڏيڻ وارو هو ئي
ڪونه، تنهنڪري هو مکڙيءَ جي قيد ۾ بند هو ۽ سندس
سڄي دنيا تاريڪ هئي. نه هئي سونهن، نه سرهاڻ. آخر
محروم ٿي موٽيس، ۽ جيئن انهيءَ گل جي ٽاريءَ کي بي
سبب هٿ لاتم، ته آڱر ۾ اهڙو ته ڪنڊو چڀي ويو جو
مون کان بي اختيار دانهن نڪري ويئي. منهنجيءَ
دانهن جي آخر ۾، گويا ان جي جواب ۾، سامهين پهاڙ
مان موزون لهجي ۾ هيءُ آواز آيو:
”گل هجي تان گل ُ سڃاڻي گلَ سندو قدر ۽ پيار،
غير تي غيرتمنديءَ کان ڪيئن نه ٿئي نشتر ’نگار‘!“
نفس
اسان جي نفس جا ٻه ڀاڱا ٿيل آهن: هڪ آهي باخبر نفس
(شعوري نفس)، ۽ ٻيو آهي بيخبر نفس. اسان جي وجود
تي اڪثر باخبر نفس حڪومت ڪري ٿو؛ ليڪن ننڊ،
بيهوشيءَ، بيماريءَ ۽ چريائيءَ جي حالت ۾ بيخبر
نفس جي حڪومت هلندي آهي.
اسان تي ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين دنيا ۾ جيڪي به اثر
ٿيا آهن، يا جيڪي به ڪم ڪيا اٿئون يا ٻڌا اٿئون-
پوءِ توڙي کڻي اسين هڪ سال عمر جا هئاسون ۽
جيتوڻيڪ هينئر اهي ڳالهيون اسان کي ياد نه به آهن
– تڏهين به ائين نه ڄاڻجي ته اهي اثر ڪي نابود يا
زائل ٿي ويا؛ اهي بالڪل قائم آهن، ۽ اسان جي بيخبر
نفس ۾ گڏ ٿيا پيا آهن: ائين ڪري سمجهو ته بيخبر
نفس آهي پـُراڻ سـُراڻ جو ڀنڊار.
اسان جو دماغ جنهن جي وسيلي هلي چلي يا ڪم ڪار ڪري
سگهون ٿا، سو جڏهين ڪم ڪري ٿڪبو آهي، تڏهن ان ۾
هڪڙي قسم جا زهري مادا، جن کي ”ٽئڪسن“ سڏبو آهي،
اچي گڏ ٿيندا آهن. انهن جي نيڪال ڪرڻ لاءِ صرف
آرام ئي علاج آهي، تنهنڪري کيس ننڊ جي ضرورت ٿيندي
آهي. جڏهين اسان جو دماغ، جنهن جو اسان جي باخبر
نفس سان گهرو تعلق آهي، ننڊ ۾ هوندو آهي، تڏهن
بيخبر نفس سجاڳ رهندو آهي. ان وقت اهو پنهنجا اڳ
ڏٺل دنيا جا واقعا جي سندس ڪوٺڙيءَ ۾ بند هوندا
آهن، اهي کوليندو آهي. اڪثر اهي اثر ظاهر ڪندو
آهي، جن جو ڪجهه اثر ان وقت باخبر نفس ۾ هلندڙ
هوندو آهي – يعني ته باخبر نفس ۽ بيخبر نفس جو پاڻ
۾ گهاٽو تعلق رهندو آهي. جڏهين باخبر نفس ڪنهن
ڳالهه بابت ڪجهه خيال ڪندو آهي، تڏهن ڪنهن تنت جي
وسيلي بيخبر نفس جي انهيءَ لڪير کي، جنهن ۾ ان
ڳالهه بابت ڪي ڪجهه حقيقتون هونديون آهن“ اهڙي ڇڪ
ٿيندي آهي جو انهيءَ قسم جا واقعا يا ڳالهيون جيڪي
اڳ ٿي گذريون هونديون ۽ منجهس گڏ ٿيل هونديون، تن
مان مکيه ۽ دهرايل يا تازيون تازيون ڳالهيون
پنهنجي جيب مان ڪڍندو ويندو باخبر نفس ڏانهن
موڪليندو. انهيءَ ڪري، جن ڳالهين بابت ڏينهن جو
ماڻهوءَ کي گهڻي اڻ تڻ هوندي، ته رات جو بيخبر نفس
جي حڪومت ۾ هو پنهنجي ڀنڊار مان اهڙي قسم جا پراڻا
واقعا يا ڳالهيون ڪڍي ظاهر ڪندو آهي، جي ماڻهوءَ
جي دماغ ۾ ساڳي تصوير ۽ نقش ٺاهي پنهنجو ساڳيو
نمونو ظاهر ڪندا ويندا آهن – جنهن کي چئبو آهي
”خواب“.
ڪيترا ويچارا جاهل آدمي خوابن کي خدائي الهام
سمجهندا آهن (نبين ۽ اوليائن جا خواب الهام آهن ۽
سچا آهن، انهن جو هن ڳالهه سان واسطو ڪو نه آهي)،
۽ انهن جا تعبير ڪرائي انهن کي پنهنجو مستقبل تصور
ڪندا آهن، ليڪن اهو رڃ وانگر آهي، يعني ته ڪوڙ جو
مسئلو ڪوڙ. ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر کان ڪڏهين پڇي ڏسو
ته هو اوهان کي ٻڌائيندو ته جڏهين ڪنهن ماڻهوءَ جو
معدو خراب ٿيندو آهي يا بدهاضمو ٿيندو آهي ته هو
خراب خواب ڏسندو آهي، جنهن ۾ هن کي خوف ۽ خطري
جهڙيون ڏيکاريون نظر اينديون آهن. معدي مان جيڪي
بخار اٿن ٿا تن جو اثر سنئون سڌو باخبر نفس تي پوي
ٿو، تنهنڪري اهي باخبر نفس جولاڳاپو بيخبر نفس سان
گهٽايو ڇڏين؛ انهيءَ ڪري بيخبر نفس جو مڪو مچي وڃي
ٿو ۽ وٺي ٿو مداريءَ وانگر پنهنجي ڳوٿريءَ کي
کولي، يعني جيڪي به اڳ مٿس خراب خيال ۽ خوفائتا
اثر سمايل هوندا سي سڀ ظاهر ڪندو – جيئن ته ماڻهو
ٿا وڙهن، جن پيا نچن، ڪتو ٿو کائي، اٺ ٿو وڙهي،
وغيره وغيره. ننڊ ۾ جو ٻار ڇرڪ ڀريندا آهن، ان جو
به اهو ئي سبب آهي: تڏهن ته حڪيم چوندا آهن ته
ننڍو ٻار ننڊ ۾ ڇرڪ ڀري يا ڊڄي ته ان کي ارنڊيءَ
جو جلاب ڏجي ته پيٽ صاف ٿئيس. ڪي ڪي جاهل ۽ جهنگلي
آدمي وري اهڙين حالتن ۾ ٻار جو گلو ڌاڳن، سڳن، وڻن
جي ڇوڏن ۽ تعويزن سان ڀري ڇڏيندا آهن! ساڳيو ئي
سبب بيهوش، چرئي يا بخار ۾ وڦلڻ واري ماڻهوءَ جو
آهي.
بيخبر نفس ڪو رڳو اسان کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪو نه آهي،
مگر اهو اسان لاءِ ڏاڍو فائديمند به آهي. مثلاً،
پنج سال اڳي مون ڪو ماڻهو ڏٺو هو. سندس نالو ۽
نشان پتا وسري ويا آهن. وسري وڃڻ جي معنيٰ اها
ڪانهي ته مون ڏٺو ٻڌو ئي ڪونهي: يعني ڏٺم به سهي،
نالو به ٻڌم، ليڪن عرصو ٿيو گهڻو، تنهنڪري قانون
مطابق جهونيون ڳالهيون باخبر نفس مان ٽپي هليون
ويون بيخبر نفس ۾. هاڻي اهو ساڳيو ماڻهو مون کي
رستي ۾ ملي ٿو وڃي. ٿورو شڪجان پيو ته شايد اهو
آدمي ڪٿي ڏٺو اٿم. بس، ايتري ئي خيال ڪرڻ سان،
باخبر نفس جي تنتن جي ذريعي، انهيءَ ماڻهوءَ بابت
خيال ڪرڻ ۽ وڌيڪ حقيقتن ظاهر ڪرڻ لاءِ، بيخبر نفس
جي انهن لڪيرن کي ڪشش ٿيندي، جيڪي ان ماڻهوءَ ۽ ان
جي حقيقتن سان لاڳاپو رکنديون هونديون. جيڪڏهين
گهڻي عرصي جي ڳالهه هوندي ۽ بيخبر نفس کي بي ترتيب
آفيس جي دفتر وانگر لکپڙهه نه لڌي، ته پوءِ گهرندو
آمدني روانگي نمبر؛ پوءِ، جي ان ماڻهوءَ ٿورو
حوالو ڏنو ۽ ان جي آڌار تي ڪنهن لڪير تي ڪجهه اثر
پيو، ته پوءِ پاڻيهي ويندي سئي سڳي کي سيريندي:
يعني انهيءَ لڪير مان اها ڳالهه نڪرندي ۽ ظاهر
ٿيندي، باخبر نفس ۾ اچي موجود ٿيندي. پوءِ اتي
ٻڌائي سگهبو ته هائو ٻيلي! تنهنجو نالو فلاڻو ڪي
فلاڻو آهي، فلاڻي هنڌ برابر مليا هئاسون، وغيره.
ساڳيءَ ريت، وسري ويل ڳالهين بابت پڻ خيال ڪرڻ سان
بيخبر نفس جي لڪيرن کي ڇڪ ٿئي ٿي، ۽ انهيءَ قسم
جون ڳالهيون گڏ ٿي هيٺ لهي اچن ٿيون. باخبر نفس ۾:
حافظي ۾ تڏهين انهن ڳالهين جي يادگيري پوي ٿي.
هاڻي، ٿورن لفظن ۾، يادگيريءَ جي معنيٰ ٿي: ڪنهن
به گذريل ڳالهه بابت خيال ڪري، بيخبر نفس مان ان
بابت لڪير ۾ جمع ٿيل ڳالهيون يا حقيقتون ڇڪي باخبر
نفس ۾ آڻڻ کان پوءِ حافظي ۾ آڻڻ.
جڏهين ڪو ماڻهو ننڊ ۾ آهي ۽ آهستي آهستي سڏ ٿو
ڪجيس ته نٿو جاڳي، پر جي ڏاڍيان واڪو ڪبو ته اٿي
کڙو ٿيندو. اهو انهيءَ ڪري، جو موجوده هلندڙ وقت
جي ڳالهين لاءِ بيخبر نفس ٻڌل نه آهي، مگر اهو ڪم
باخبر نفس کي سونپيل آهي، جو ان وقت آرام ۾ آهي.
پر، تنهن هوندي به، بيخبر نفس تي اهو لازمي ٺهرايل
آهي ته جيڪڏهن خطرو ڏسي ته باخبر نفس کي سجاڳ ڪري.
جڏهن ڪو موزون آواز ٿئي ٿو – راڳ، ساز، هلڪو آواز،
وغيره – ته ان تي بيخبر نفس ڄاڻي ٿو ته ان مان بدن
کي ڪو خطرو ڪونهي، بلڪه اڃا به کيس تفريح اچي ٿي،
تنهنڪري باخبر نفس کي هو سجاڳ ڪرڻ نٿو چاهي؛ پر
جيڪڏهن ڪو ناموزون آواز ٿيو – ٺڪاءُ، رڙ، روڄ،
وغيره – ته بيخبر نفس محسوس ڪري ٿو ته ضرور خطري
جو وقت آهي ۽ پوءِ هو باخبر نفس کي جهٽ پٽ سجاڳ
ڪري ٿو، ۽ ماڻهو جاڳي پوي ٿو. اوهان ڏٺو هوندو ته
ڪيترا جوان آدمي، ڪي اٺن کان، ڪي ڪتن کان ۽ ڪي وري
جنن ڀوتن کان ڏاڍو ڊڄندا آهن. ان جو سبب صرف اهو
آهي ته ننڍپڻ ۾ انهن ماڻهن کي انهن شين ضرور
ڊيڄاريو آهي، يا انهن جي خوف بابت ڪي اهڙيون
ڳالهيون يا آکاڻيون ٻڌيون اٿن جن جو اثر سندن
بيخبر نفس ۾ موجود آهي: پوءِ توڙي کين انهيءَ
موقعي جي يادگيري هجي چاهي نه، پر هينئر جيڪڏهين
اهڙي قسم جي شي ڏسندا يا ان بابت ڪجهه ٻڌندا ته
ڏاڍو ڊڄندا، جيتوڻيڪ کين ڪيتري به خاطري ڏجي ته
هينئر کين اها شي ڪو به نقصان رسائي نٿي سگهي.
ڊاڪٽر جڏهين بيمار جي آپريشن ڪندا آهن ته اڳ ۾
ڪلورو فارم سنگهائيندا اٿس، جنهن جي سنگهڻ سان
باخبر نفس تي نشو چڙهي ويندو آهي ۽ هو ڪم ڪرڻ ڇڏيو
ڏئي. باخبر نفس جي ڪم نه ڪرڻ سبب ماڻهو ڪلاڪ ڏيڍ
بيهوش پيو هوندو آهي، ۽کيس وڍڻ ٽڪڻ سان ايذاءُ
ڪونه ايندو آهي، تنهنڪري عضوا به تحرڪ ڪو نه ڪن.
آمريڪا ۾ وري هاڻي ڇا ڪيو اٿن جو جيڪو وڏا وڏا
ڊاڪو آهن ۽ پوليس ۾ پنهنجي ڏوهه جي قبوليت ڪنهن به
حالت ۾ نٿا ڪن، انهن کي نشي جهڙي شي کارائي کين
بيهوش بنائيندا آهن. انهيءَ حالت ۾ هو بيخبر نفس
جي وسيلي پيا ڳالهائيندا آهن، ۽ کين اهوسماءُ نه
رهندو آهي ته ڇا پيا چئون. پوءِ ڪاهي پوندا بڪواس
۾ - ڪا ڳالهه ڪهڙي، ڪا ڪهڙي – ڪڏهين پوليس کي
گاريون، ته ڪڏهين پاڻ ۽ پنهنجن همراهن کي گاريون.
ان وقت جيڪڏهن ڪيل ڏوهه يا چوريءَ بابت ٿورو حوالو
ڏيئي ڳالهه ڪڍبي، ته جي اچي ويس خيال ته پوءِ
پنهنجن سنگتين ساٿين جا نالا، چوريءَلڪائڻ جا هنڌ
وغيره، سمورا نشان پتا بيان ڪري وڃي پار چڙهندو.
پوليس کي ٻي ثابتي نه ملڻ واريءَ حالت ۾، شڪي
حالتن سبب، ائين ڪرڻ سان چڱي مدد ملي ٿي. اهو سڀ
بيخبر نفس جو نتيجو آهي!
جيڪڏهين اسان کي بيخبر نفس نه هجي ها ته جيڪر ننڊ
ڪري ڪين سگهون ها. هاڻي جڏهين اسان جو هڪ نفس آرام
۾ آهي ته وري ٻيو سجاڳ آهي، ائين واري سر پيو ڪم
هلي: مگر جڏهين ٻئي نفس ننڊ پئجي ويا ۽ پنهنجو ڪم
بلڪل بند ڪري ڇڏيائون، ته پوءِ ان دائمي ننڊ جو
نالو ٿيو موت!
دل جا افسانا
اي دل! ڪنهن جي هجر ۽ فڪر ۾ تو پنهنجي گلابي رنگ
کي سياهه ڪيو، پاڻ کي بيگناهه برباد ڪيو، اکڙين کي
بي آرام بڻايو، ۽ نيڻن مان نير وهايو؟ تنهنجون عرش
تي سير ڪرڻ واريون نگاهون اڄ فرش کي فيضياب ڪري
رهيون آهن؛ پر ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ته ڪڏهين تنهنجي
لاءِ به ڪن اکڙين مان ’ٻه ٽي آنسو ٿيا روانا‘.....
ڪنهن دلدار جي دل جا؟
دل جي چلڪندڙ بلوري شيشي کي جڏهين ظالم زماني جي
ڪنهن بيپناهه پٿر جي سخت چوٽ لڳي، تڏهين سندس پرزا
اڏامي وڃي پري پيا: انهن مان بي اختيار آواز وٺي
اٿيا، ’او بيدرد زمانا‘..... ڪنهن برهه جي بيمار
جي دل جا!
جنهن جي تلاش ۾ تو جهر جهنگ جهاڳيا، رڻ پٽ رلئين،
بازارين ۽ گهٽين جي خاڪ ڇاڻيئه، سوين هزارين ويس
ڪيئه، دنيا جي اسٽيج تي ڪيئي تماشا ۽ رانديون
رچايئه – ڪڏهين گل سان پيار ته ڪڏهين خار سان
خوشامد – مگر افسوس جو تڏهين به توکي پنهنجو مطلوب
ڪو نه مليو: ’ان جا اتي اٿيئي آسيانا‘، جتي آواز
آهن.... ڪنهن لاچار جي دل جا!
ڪيئي مضمون لکيم؛ ڪيترا بيت بنايم؛ شاعرن ۽ مصنفن
جي بلند خياليءَ ۽ باريڪ بينيءَ، رنگينيءَ ۽ زرا
فشانيءَ مان چڱو حظ ورتم؛ دنيا جا چالو قصا ۽ ڪتاب
اڻپورا ڪو نه ڇڏيم؛ هندي، سنڌي، اڙدو، انگريزي،
عربي ۽ فاريسيءَ جا دفتر اٿلايم؛ پر جن من
منجهايو، سي هئا ’ٻه ٽي پَنا پـُرانا‘..... ڪنهن
بيقرار جي دل جا!
جنهن دل کي تون ڌڪارين ٿو، تنهن لاءِ تون سِڪي
ويندين؛ جنهن ڏانهن نه نهارين ٿو، تنهن کي نه ڏسي
سگهندين؛ جنهن کي تون مارين ٿو، تنهن کي نه جيئاري
سگهندين؛ جنهن وٽ نه اچين ٿو، تنهن کي نه ملي
سگهندين: اهو وقت اچي ويندو جو ڪين ڏسي سگهندين
’ڪي نام ۽ نشانا‘.... ڪنهن پرت جي پينار جي دل جا!
دل جي ڪليءَ کي جڏهين ظالم زماني جي جهولي جي جهپٽ
آئي، تڏهين هوءَ مرجهائجي ويئي. سندس آزاديءَ جو
دروازو جو کلڻ تي هو، سو هميشه لاءِ بند ٿي ويو.
سندس خاموش زبان مان آواز پيا نڪرن – ’او بيدردي
نه هم کو ستانا‘..... ڪنهن بي اختيار جي دل جا!
زماني جي رفتار ۾ ڪنهن وقت دل دکي آهي ته ڪنهن کِل
خوشي آهي. هن دل جي ساز جا آواز ڪنهن وقت پيا
کلائين ته ڪنهن وقت پيا روئارين: ڪنهن وقت ڏس ته
’ڳائين پيا طرحين طرحين ترانا‘...... ڪنهن قربدار
جي دل جا!
ڪنهن مظلوم دل جي ڪهاڻي تون ڪڏهين ڪين ٻڌي
سگهندين؛ جيڪڏهين ٻڌندين ته سمجهي نه اصل سگهندين،
پر جي سمجهندين ته وري جهٽ پٽ روئي ويهندين: تنهن
کان چڱو اٿيئي ته انهيءَ ڳالهه کي ئي ڇڏي ڏي، ڇو
ته ’ڏاڍا ڏکيا اٿيئي افسانا‘....... ڪنهن مظلوم
اشڪبار جي دل جا!
تنهنجون اکڙيون
هنن کي ڏسي، عشق جي اڃايل جي پياس پوري ٿي، برهه
جو بيمار تندرست بڻجي پيو، ورهيه جو وهاٽيل ذرا
ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو، هر خيره نگاهه ۾ نئين جان اچي
ويئي: مطلب ته جنهن سان به هنن چار – چشمي ڪئي سو
چريو ٿي ويو. هنن جي خاموش زبان ۾ ڪهڙي نه شيريني
هئي! اهي هيون ڪير؟.... تنهنجون شربتي اکڙيون!
تنهنجي حسن جي باغ وٽان جڏهين راهروَن جو اوچتو
گذر ٿيو، تڏهين هن کي ڪا چقمقي ڪشش ٿي. ويچاري کي
پنهنجو مطلب به وسري ويو. تنهنجي باغ جي ٻن سرهن
گلن جي خوشبوءِ هن جي دنيا کي معطر ۽ مخمور بڻائي
ڇڏيو. اهڙو اڻ پيتيءَ جو نشو هن کي ڪنهن ڏنو؟.....
تنهنجون نشيليون اکڙيون!
جڏهين ڪنهن غريب تي حسن جي فوجن جو بيپناهه حملو
ٿيو، تڏهن هن دوڙي اچي تنهنجي دامن ورتي. هو تو وٽ
پناهگزين ٿي رهيو، مگر تنهنجين ئي دونالين هن کي
پنهنجو نشانو بڻايو. هو دانهن ڪري تڙپي اٿيو. مگر
اٿي ڪين سگهيو ۽ خسته جان ٿي ڏڪي ڏڪي وڃي ڪريو.
اهو خون ڪنهن ڪيو؟..... تنهنجون ستمگر اکڙيون!
ڪنهن جي ياد رات جو تنهنجي ننڊ ڦٽائي، توکي بي
آرام ڪيو. تو به گهڻا شڪار ڪيا، پر توکي ڪنهن شڪار
ڪيو؟ تو لاءِ ته ڪيئي منتظر، پر تون ڪنهن جي
انتظار ۾؟ ڇا، اتي تنهنجن پاسبانن جا هٿيار ڍرا ٿي
ويا؟ خود تنهنجن ڳاڙهن ڳلن تان ڳوڙهن جو ڪاروان
ڪنهن جاري ڪيو؟... اهي تنهنجون اشڪبار اکڙيون!
ميويدار وڻ وانگر جهڪيل، گويا ڪنهن فڪر ۾ مستغرق،
ڪڏهين ڪڏهين پاڻ تان حجاب جو پردو کڻي، کنوڻ وارو
جهلڪو ڏيئي، وري ڪارن ڪڪرن ۾ گم ٿي وئيون. ڪنهن جي
ستائڻ تي مس مس هڪ ننڍڙي جهلڪ ڏيئي، وري زمين کي
نوازينديون رهيون. هنن جي فضا اڄ تنگ هئي. عرش تي
سير ڪرڻ واريون نگاهون، فرش کي فيضياب ڪري رهيون
هيون. ڪنهن جي خدمتن جو شڪريو پر اسرار نموني ادا
ڪري رهيون هيون. ڪير؟...... تنهنجون شرميليون
اکڙيون!
هينئر هنن وٽ ڪو به اصرار ڪو نه هو. ڏسندڙ جي دل
ازخود ڀِڄي ٿي پيئي. هنن ۾ شيريني ۽ ميٺاج هو.
محبت سندن رهنمائي ڪري رهي هئي. الفت جا آثار انهن
۾ نظر پئي آيا، تنهن هوندي به هو نازن جي پليل دل
۾ پنهنجا آشيانا بنائي رهيون هيون. ڪنهن دل جا ستل
سور جاڳايا؟ زبان سان ڪجهه به ڪو نه چيو، مگر رٺل
دلين کي جنهن زبان حال سان پاند پوتيون ۽ ميڙ
منٿون ڪري مڃايو، سي هيون..... تنهنجون نماڻيون
اکڙيون!
سورج کان سهڻيون، لاله کي لڄي ڪندڙ، نرگس کان وڌ
نازنين، ڪجل جي ڌارا سان عاشق تي بيپناهه وار
ڪندڙ، سـُرمگين سيفي، ڪاريون ڪٽاريون، ڪجليون
ڪنڍيون،..... تنهنجون آهوءَ جهڙيون اکڙيون!
ڪڏهين ته تنهنجون اهي اکيون وفائيءَ جو مرڪز هيون.
ڪڏهين ته هنن جدائيءَ کي جدائي ۽ وڇوڙي کي وڇوڙو
ڏيئي ڇڏيو هو. هنن کي پنهنجي گرويده ۽ فريخته تي
ناز هو. هنن جا هن سان انجام ۽ اقرار، واعدا ۽
قاعدا مقرر هئا. تن کي اڄ هو درگذر ڪري، نياز مان
بي نياز ٿي وئيون. کانئن پنهنجا ڪيل اقرار وسري
ويا. هو پنهنجي انجام کي پاڻي ڏيئي نه سگهيون.
جنهن تي هنن کي ناز هو، تنهن کان هو بي نياز ٿي
وئيون. تنهن هوندي به، انهن جو نيم بسمل خاموش
آهي؛ مگر دنيا کين هيئن ياد ڪري رهي آهي – ’او
بيوفا اکڙيون!‘
سراج الحق ايم . اي .
”سنڌي
ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“
هڪ تنقيدي جائزو
’مهراڻ‘ جي 1- 1959 پرچي ۾ محترم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“
ڇپيو آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو هڪ مڃيل عالم آهي، ۽
سندس ادبي لياقتن ۽ علمي صلاحيتن کان انڪار ڪفر
آهي. سنڌي عالمن ۾ ڊاڪٽر صاحب انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن
مان آهي، جن جو فڪر بامقصد مطالعي، سوچ ۽ محنت
جونتيجو آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جون خدمتون جيڪي
ڊاڪٽر صاحب ڪيون آهن، انهن جهڙو مثال سنڌ جي هن
قحط الرجال واري ماحول ۾ گهٽ ملندو. هيءُ مضمون پڻ
ڊاڪٽر صاحب جي وسيع مطالعي ۽ سخت محنت جي شاهدي
ڏئي ٿو. ڊاڪٽر صاحب وڏيءَ سوچ ۽ محنت ڪرڻ کان پوءِ
سنڌي ٻوليءَ جي اصليت، بنياد ۽ تاريخي حيثيت لاءِ
ڪي نتيجا قائم ڪيا آهن، ۽ انهن کي پنهنجن نظرين
طور پيش ڪيو آهي. هيءُ مضمون سنڌي ٻوليءَ سان محبت
رکندڙ لاءِ فڪر ۽ تحقيق ڪرڻ جي دعوت جِي حيثيت رکي
ٿو - ۽ ضروري آهي ته سنڌي اديب پنهنجي اڀياس ۽
کوجنائن، تاريخي ڇنڊڇاڻ، ۽ عالمي ادب ۽ تاريخ جي
پس منظر ۾ انهيءَ تحقيق کي ڪنهن بار آور نتيجي تي
پهچائين، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بنياد ۽ تاريخي اهميت
جي تعين ڪرڻ ۾ حصو وٺن.
ڊاڪٽر صاحب جي هن مضمون ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون آهن،
جيڪي مون کي نه آئڙيون؛ ان ڪري انهن متعلق آءٌ
پنهنجا خيال ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪريان
ٿو. مضمون متعلق ڪجهه چوان، ان کان اڳ آءٌ هڪ
گذارش هيءَ ڪرڻ گهران ٿو ته ڊاڪٽر صاحب جي ذات سان
مون کي شخصي توڙي ادبي عقيدت آهي. پر، هڪ لکندڙ جي
حيثيت ۾، سنڌي ٻوليءَ بنسبت مون کي ڊاڪٽر صاحب سان
مؤدبانه اختلاف راءِ آهي؛ ۽ يقين اٿم ته ڊاڪٽر
صاحب جي مضمون متعلق جيڪي ڪجهه ايندڙ صفحن ۾ عرض
ڪندس، ان کي ڊاڪٽر صاحب محض ادبي بحث ۽ ادبي
اختلاف راءِ جي نظر سان ڏسندو. منهنجو مقصد محض هڪ
ادبي بحث آهي، تنهنڪري اميد ته پڙهندڙ پڻ ان کي ان
رنگ ۾ ئي قبول ڪندا.
منهنجي لکڻ جو هڪ اهم سبب هيءُ آهي ته هن مضمون ۾
ڪي نظريا اهڙا ۽ اهڙن لفظن ۾ پيش ڪيا ويا آهن، جن
سنڌ ۽ سنڌي تمدن سان محبت رکندڙن جي دلين کي البت
ڏکوئيو آهي. ڪن ماڻهن ته انهن مان غلط نتيجا ويهي
ڪڍيا آهن: ايتريقدر جو هن مضمون کي هندستان ۾
ناگري لپيءَ خلاف هڪ دليل طور استعمال ڪيو پيو
وڃي. حشُو ڪيولراماڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي صاحبن جهڙا
سمجهدار اديب به هڪ وڌيڪ دليل هٿ ڪرڻ لاءِ سنڌي
ٻوليءَ کي سامي سٿ جي ٻولي سڏڻ لاءِ تيار ٿي ويا!
لپيءَ جو مسئلو هڪ الڳ بحث آهي؛ ناگري لپيءَ جا
حمايتي هونئن ئي ڌڌڙ ۾ پير هنيو بيٺا آهن، ۽ انهن
وٽ ڪو ٺوس دليل ته آهي ئي ڪو نه، جنهن جي بنياد تي
هو پنهنجي نظريي کي بچائي سگهن. هنن اهو وڀوت ته
محض سياسي ۽ سماجي ان داتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ کڙو
ڪيو آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جو ميدان ته وري به
سياسي ۽ سماجي آهي؛ ٻوليءَ ۽ ان جي بنياد کي ان ۾
ڪو به دخل نه آهي. ان ڪري، هندستان جي سنڌي اديبن
کي ”دروغ ِ مصلحت آميز بـﮧ از راستيء فتنه انگيز“
واري مقولي تي عمل ڪرڻ جو ته ڪو ضرور ئي ڪونهي!
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مضمون کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو
آهي، جن مان هو صاحب ٻه حصا مڪمل ڪري چڪو آهي، ۽
ٽيون حصو اڌ ۾ ڇڏيل آهي. افسوس آهي ته مضمون جو
باقي حصو ’مهراڻ‘ جي اڳئين پرچي ۾ نه ڇپيو آهي،
۽اسان جهڙ اطالبعلم اڃايل رهجي ويا آهن. مضمون جي
پهرئين ڀاڱي کي پڙهڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر
صاحب کي به اها ئي دقت پيش آئي آهي، جا ٻين ڏيهي
توڙي پرڏيهي محققن کي پيش ايندي رهي آهي. سنڌ جي
تاريخ ۾ عربن جي ڪاهه کان اڳ جيڪو خال آهي، تنهن
اڪثر محققن کي محض ظني نظرين پيش ڪرڻ تي پئي مجبور
ڪيو آهي. تاريخي مواد جي نه هجڻ ۽ ٻوليءَ جي وجود
۽ ان سان لاڳاپيل حقيقتن جي غير موجودگيءَ ڪري،
سنڌي ٻوليءَ متعلق جيڪي مختلف علمي ۽ نيم علمي
نظريا پيش ڪيا ويا آهن، انهن مان اڪثر نظريا ظني
آهن؛ پر ڪجهه نظريا اهڙا آهن، جن لاءِ خود ڊاڪٽر
صاحب فرمائي ٿو ته اهي علمي آهن، پر اڃا تحقيق طلب
آهن. باوجود انهن علمي نظرين جي موجودگيءَ جي،
ڊاڪٽر صاحب انهن کي ريٽي، پنهنجا ڪجهه ظني نظريا
پيش ڪيا آهن. بهتر ائين ٿئي ها ته ڊاڪٽر صاحب جن
نظرين کي علمي قبول ڪري ٿو، ان ڏس ۾ ئي پاڻ وڌيڪ
تحقيق ڪري ها؛ ڇاڪاڻ ته اهي نظريا، تحقيق طلب
سهي، پر ڪافي ٺوس ۽ بنيادي حقيقتن تي مبني آهن، ۽
علم اللسان يعني ٻولين جي علم جي اصولن جي بنا تي
قائم ڪيا ويا آهن. جن عالمن سنڌيءَ کي سنسڪرت مان
نڪتل ٺهرايو آهي، تن اهو فيصلو علمي ۽ لساني
بنيادن تي ڪيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نحوي بناوت هڪ
حد تائين انفرادي ئي سهي، ليڪن انهيءَ بناوت کي
سنسڪرت ۽ ان جي ٻين پراڪرتن سان لاڳاپيل ثابت ڪري
سگهجي ٿو – ڪن يورپي عالمن ۽ ڏيهي اديبن ان ڏس ۾
تحسين جوڳا نظريا پيش ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر
ٽرمپ، سرگريئرسن ۽سرڳواسي ڀيرو مل جا نالا پيش
ڪري سگهجن ٿا. ٻئي طرف اهي عالم آهن، جيڪي سنڌيءَ
کي سنسڪرت جي ڄاول نه، پر سنسڪرت وانگر هڪ بنهه
انفرادي حيثيت رکندڙ مـُکُ ٻولي ثابت ڪرڻ گهرن ٿا.
پر، ائين ثابت ڪرڻ لاءِ، هو محض ظني قياس آرائيون
ڪندي چون ٿا ته ”غالباً“ سنڌ جي اصلوڪي زبان ڪا
سامي زبان هئي، يا سامي زبانن جي سٿ مان هئي.
منطقي طرح، ان نظريي کي ڪو به بنياد نه آهي: تاريخ
جون جيڪي ٿوريون گهڻيون نشانيون ملن ٿيون، سي
انهيءَ نظريي جي پٺڀرائي ڪرڻ بدران، ان جي مفروضن
جي بنهه ابتڙ آهن. انهيءَ نظريي لاءِ ڪجهه اهڙا
مفروضا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي علم اللغات ۽ علم
اللسان جي تسليم ٿيل اصولن تي به پورا ڪين ٿا
بيهن. پنهنجي هن خيال جي وضاحت آءٌ مضمون جي جزن
تي بحث ڪرڻ وقت ڪندس؛ ان کان اڳ آءٌ علم اللسان جا
ڪجهه اصول مختصر طرح هت بيان ڪرڻ گهران ٿو ته جيئن
پڙهندڙ انهن جي روشنيءَ ۾ اڳيان ايندڙ بحث کي
چڱيءَ پر سمجهي سگهن.
علم الحيوان جا ڄاڻو ارتقائي نقطهء نظر کان جانورن
جي گروه بندي
(classification)
ڪرڻ وقت هي مفروضو قائم ڪندا آهن
ته اهي خصوصيتون، جيڪي ڪنهن گروهه جي سمورن – يا
تقريباً سمورن – جانورن ۾ هڪجهڙيون ۽ ساڳيون آهن،
سي سندن ساڳئي ۽ مشترڪ ابي ڏاڏي جو اهڃاڻ آهن.
ٻولين جي اڀياس ڪرڻ وقت، ٻولين جي ڀيٽ ڪري، سندن
گروه بنديءَ ۾ پڻ مٿيون اصول ڪارائتو ثابت ٿئي ٿو.
پاڻ جيڪي عالم ٻولين جي ارتقا جو اڀياس ڪن ٿا، تن
کي علم الحيوان جي ماهرن جي ڀيٽ ۾ هڪ وڌيڪ فائدو
حاصل آهي: لکيل تاريخ جي زماني ۾ حيواني زندگيءَ
اندر وڏي پيماني تي ڪي تبديليون ڪو نه آيون آهن؛
پر، ان جي ڀيٽ ۾، ويجهن زمانن ۾ ئي ڪي بنهه
انفرادي ٻوليون وجود ۾ اچي چڪيون آهن؛ ان ڪري اسين
ٻولين جي ساڳئي ۽ عام بنياد ۽ اصل ڏانهن اشارو
ڪندڙ اهڃاڻن جي اهميت ۽ مـُلهه، تاريخ جي هڪ
سلسيوار رڪارڊ جي پس منظر ۾ سمجهي ۽ سڃاڻي سگهون
ٿا.
انهن اهڃاڻن مان پهريون ۽ اهم اهڃاڻ آهي – ”لفظن
جي هڪجهڙائي
(word similarity).
عقل اها ڳالهه آسانيءَ سان تسليم ڪري ٿو ته ٻن
هڪٻئي سان لاڳاپيل زبانن ۾ سڃاڻڻ جهڙا ساڳيا لفظ
گهڻي تعداد ۾ موجود هوندا. ’رومانس گروهه‘ ٻولين
(فرينچ، انگريزي، اسپيني، اٽالين ۽ لئٽن) جي ڀيٽ
انهيءَ اصول جي تائيد ڪري ٿي. ٻولين جي انهيءَ ڀيٽ
مان مراد هروڀرو لفظن جي هوبهو يڪسانيت نه آهي.
لفظن جي يڪسانيت هڪٻئي کان لفظ اڌارا وٺڻ ڪارڻ به
پيدا ٿئي ٿي – جيئن عربيءَ ۽ سنڌيءَ جا هڪجهڙا
لفظ. ٻولين جي هڪٻئي سان جگري ناتي ۽ مائٽيءَ جو
اهو ثبوت مضبوط ترين ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن اهي
هڪجهڙا لفظ اهڙي قسم جا هجن، جيڪي هڪڙيءَ ٻوليءَ
مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ داخل نه ٿيا هجن، ۽ نڪي ٻنهي
ٻولين ۾ وچان ئي ڪنهن ٽينءَ ٻوليءَ مان داخل ٿيا
هجن. اهڙن اصلوڪن يا بنيادي لفظن ۾ شخصي ضمير
(متعڪلم، حاضر ۽ غائب)؛ اهڙا فعل جيڪي بنيادي ڪمن
ڪارين يا حالتن جو مفهوم ادا ڪن – مثلاً اچڻ ۽
وڃڻ، ڏيڻ ۽ وٺڻ، پيئڻ ۽ کائڻ، جيئڻ ۽ مرڻ، وغيره؛
صفتون، جيڪي عام خصوصيتن لاءِ ڪم اينديون هجن –
مثلاً چڱو ۽ مَٺو، ننڍو ۽ وڏو، ٿورو ۽ گهڻو، اوچو
۽ اونهو، وغيره، ۽ اهڙا نالا، جيڪي ڪائنات ۽ عام
طرح ملندڙ چيزن لاءِ ڪم اچن- مثلاً ڌرتي، سج،
چنڊ،ڪتو، ٻلو، پٿر، پاڻي، مٽي، باهه، وغيره؛ ۽ بدن
جي لڱِن ۽ ڀاڱن جا نالا – اک، ڪن، نڪ، وات، ٽَنگ،
ٻانهن، وغيره؛ ۽ رت جي سَڱن جا نالا – مثلاً پيءُ،
ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ ماسي، پڦي، وغيره – انهيءَ اصول
جي مکيه نمائندگي ڪن ٿا. پر جيڪڏهن ڪن به ٻن زبانن
۾ هڪجهڙن لفظن جو تعداد ٿورو آهي، ۽ اهي لفظ محض
تمدني زندگيءَ جي ڪنهن خاص پهلوءَ سان لاڳاپيل
آهن، ته يقيني طرح اهو چئي سگهجي ٿو ته هڪڙيءَ
ٻيءَ کان اهي لفظ محض اڌارا ورتا آهن. هن سلسلي ۾
عربيءَ ۽ سنڌيءَ جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو، ۽ يقيناً
سنڌي ٻولي ڪن ٿورن اهڙن خاص تمدني لفظن لاءِ
عربيءَ جي ٿورائتي آهي. ٻولين جي اها ڏي – وٺ ڪا
خاص ڳالهه ڪانهي، ۽ دنيا جي هر ٻوليءَ اهڙيءَ طرح
ٻين ٻولين جا لفظ پنهنجا ڪيا آهن.
ٻيو اهڃاڻ آهي ’نحوي اسلوب يا گرامر جي نوعيت‘.
هندستان جي ٻولين، ۽ خاص طور سنسڪرت ۽ ان جي
پراڪرتن، جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ۾
ڪيتريون ئي گرامر جون خصوصيتون سنڌيءَ ۾ عام آهن.
جملي ۾ اسم، فعل ۽ ضمير جي بيهڪ، زمانن مطابق فعلن
جي ورهاست، ظرفن ۽ حرف جملن جو استعمال – اهي ۽
ٻيون ڪيتريون ڳالهيون انهن ٻولين جي هڪجهڙي نحوي
بناوت ثابت ڪن ٿيون. هِنن ٻولين جي باهمي لاڳاپي
جي انهن خصوصيتن جو اشارو، مضمون اندر انهيءَ نڪتي
تي بحث ڪرڻ وقت ڪندس. نحوي خصوصيتون به لفظن وانگر
ٿوريون يا گهڻيون اصل پسند
(conservative)
هونديون آهن. گرامر جي نوعيت جي مشترڪ هجڻ مان هت
منهنجو مقصد اصطلاحن ۽ جملن جي جوڙجڪ جو مشترڪ هجڻ
آهي، جيئن آءٌ مٿي چئي آيو آهيان. پر هت هڪ چتاءُ
ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو ته محض گرامر جي خصوصيتن جي
هڪجهڙائيءَ نظر نه اچڻ سان اهو نتيجو ڪڍڻ نه گهرجي
ته ٻوليون هڪٻئي سان لاڳاپيل نه آهن. دراصل جڏهن
هڪ مـُک ٻولي يا ڀاشا مختلف اپڀاشائن ۾ ورڇجي وڃي
ٿي، تڏهن انهن مان ڪي اپڀاشائون ساڳيو ۽ هڪجهڙو
رستو وٺي اسرڻ لڳن ٿيون ۽ ڪي بنهه مختلف نموني ۽
رستي سان ارتقا ڪرڻ ٿيون لڳن. يورپي زبانن مان،
مثال طور، فرينچ زبانَ لئٽن فعل جي پيچيده ۽
اندازي کان ٻاهر ڦيرين گهيرين کان، پنهنجي همزاد
ٻولين جي ڀيٽ ۾، گهڻو آجي ٿي چڪي آهي. ساڳيءَ طرح،
انگريزي زبان مان پڻ ’ٽيوٽانڪ‘
(Teutonic)
لفظي گردان ايترا ته گهٽجي ويا آهن، جو سندس گرامر
سنسڪرت کان وڌيڪ چيني ٻوليءَ جهڙو ٿي پيو آهي.
ٽيون اشارو يا اهڃاڻ آهي – ’هڪجهڙيءَ معنيٰ وارن
لفظن ۾ هڪجهڙو ۽ باقاعده فرق‘
(Consistent difference).
سنسڪرت جي پراڪرتن ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ باقاعده فرق لفظن
جي ڀيٽ ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو. سنڌيءَ ۾ اچارن جِي
سوس گهڻي انداز ۾ اچي چڪي آهي، ۽ ٻيو ته ٻين ٻولين
جي ڀيٽ ۾ سنڌيءَ جو جيئن ته سنسڪرت سان سڌو سنئون
لاڳاپو نهايت قديم آهي، ان ڪري سنڌي ڪيترا نرم
اچار بنهه پنهنجا پيدا ڪري چڪي آهي. ان جا ڪيترائي
مثال آهن؛ هت صرف اِن نـُڪتي کي واضح ڪرڻ لاءِ آءٌ
ڪجهه مثال ڏيندس. پهريون ته اچارن جي سوس جو مثال
آهي ’آ‘ اچار کي کائي فقط ’آ‘ ڪري ڇڏڻ. ’آ‘ جو
اچار دراصل آهي آ
+
آ، جنهن کي سـُسائي اسان ’آ‘ ڪيو آهي. ان جو سبب
سنڌي ٻوليءَ جي قدامت آهي، جا ان کي سنسڪرت جي
سمورين پراڪرتن تي حاصل آهي. مثال:
سنسڪرت سنڌي هندي گجراتي مرهٽي بنگالي
ناشڪا نَڪُ ناڪ ناڪ ناڪ ناڪ
آمرفل انب آم آم آنبا آم
اسان کي ايترا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جيڪي سنڌي
لفظن جي، ٻين پراڪرتن جي ڀيٽ ۾، سنسڪرت لفظن سان
قديمي تعلق ۽ هڪجهڙائيءَ کي ثابت ڪن ٿا - اهڙا
مثال هيٺ ڏيان ٿو. انهن مان نه رڳو مٿي بيان ڪيل
باقاعده فرق جو پتو پوي ٿو، بلڪه سنڌيءَ جي سنسڪرت
سان ويجهي تعلق جو اهڃاڻ پڻ ملي ٿو:
سنسڪرت سنڌي هندي گجراتي مرهٽي بنگالي
هست هَـٿُ هاٿ هات هات هاتـﮧ
اڪش اَک آنک آنک (ڊولا) (چوک)
سڪنڌ ڪنڌ ڪانڌا ڪانڌو کاندا ڪاندا
بنگاليءَ ۾ ’اک‘ جي لاءِ ’چوک‘ لفظ
سنسڪرت ’چوڪشش‘
مان نڪتل آهي، ان ڪري ڀيٽ ۾ نٿو اچي سگهي. باقي
مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻين پراڪرتن جي ڀيٽ
۾ سنسڪرت کي گهڻو ويجهي آهي.
اچارن جي سوس جا ٻيا مثال آهن ’اِي‘ جي اچار کي
’اِ‘ ڪري ڇڏڻ، يا ’آو‘ کي ’آ‘ ڪري ڇڏڻ. جيڪي
پڙهندڙ هندستان جي ڪن هڪ ٻن پراڪرتن مان واقف
هوندا، انهن کي ڪيترائي اهڙا مثال ملي ويندا –
مثلاً ’ريڇ‘ يا ’رڇ‘،
’بيج‘ ۽ سنڌي ’ٻج‘، وغيره. باقاعده فرق جو ٻيو
مثال آهي ڪن لفظن جي اکرن جي ڦير گهير – مثلاً،
سنڌيءَ ۾ سنسڪرت جي ’ل‘ جو ’ر‘ ۾ بدلجڻ، يا ’ب‘ جو
’و‘ ۾ بدلجڻ، يا ’د‘ جو ’ڏ‘ ۾ بدلجڻ. سنسڪرت جي
ٻين پراڪرتن اهي اچار قائم رکيا، سنڌيءَ انهن کي
پنهنجو ويس پارائي ڇڏيو – مثلاً، بيڱن
=
واڱڻ، بال
=
وار، دنت
=
ڏند، جال
=
ڄار، وغيره. اهي فرق ڪجهه اهڙي باقاعدگي رکن ٿا،
جو انهن جي اونهي اڀياس ڪرڻ سان انهيءَ نتيجي تي
پهچجي ٿو ته اهي فرق لفظن جي اهڙن گروهن ۾ پيدا
ٿيا آهن، جن کي لساني اعتبار کان علحده ۽ الڳ
گروهن ۾ ورهائي سگهجي ٿو – مثلاً ’بالڪ‘ کي اسين
’ٻالڪ‘ ئي رکون ٿا، پر ’ڊال‘ کي ’ڏارُ‘ ڪري ٿا
ڇڏيون. اهي تبديليون هڪ مقرر ٿيل قاعدي هيٺ ٿين
ٿيون، ۽ انهن قاعدن جو اڀياس ئي آهي، جو ٻولين جي
پاڻ ۾ لاڳاپي ۽ سندن اصليت جي تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪري
ٿو.
ٻولين جي بنياد ۽ اصليت بابت انهن لساني اصولن
کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون خيال ۾
رکڻيون پون ٿيون – مثال طور، ٻولين جي ڪنهن گروهه
جو تمدني پس منظر ٻولين جي ساڳئي بنياد جو ڪافي
پختو ثبوت مهيا ڪري ٿو.
انهن اصولن جي ڪسوٽيءَ تي جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي
پرکبو ته گهڻي ڀاڱي اهو ثابت ٿي سگهندو ته سنڌي
ٻوليءَ جو لاڳاپو دنيا جي ٻولين جي ڪهڙي گروهه سان
وڌيڪ گهرو آهي، ۽ سنڌيءَ جي بنياد ۽ منبع تي به
اهي اصول چڱي روشني وجهي سگهندا.
ڊاڪٽر صاحب جي مضمون تي تفصيلي بحث ڪرڻ کان اڳ،
سنڌيءَ جي ممڪن ارتقائي تشڪيل بابت ٻه اکر چوڻ
گهران ٿو. جيڪا ٿوري گهڻي تاريخ اسان کي سنڌي
ٻوليءَ جي تشڪيل کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿي، انهيءَ
مان مٿين اصولن جي بنياد تي ڪي نتيجا قائم ڪري
سگهجن ٿا، ۽ انهن نتيجن کي تنقيد جي ڪسوٽيءَ تي
پرکي، انهن جي علمي وقعت پڻ معلوم ڪري سگهجي ٿي.
ان سلسلي ۾ ئي آءٌ ڊاڪٽر صاحب جي پيش ڪيل هڪ
نـُڪتي تي زور ڏيڻ گهران ٿو: ڊاڪٽر صاحب، ٻوليءَ
جي بنياد متعين ڪرڻ کان اڳ، بنهه شروع ۾ فرمايو
آهي ته سنڌيءَ جي تاريخ تي ٿيل تحقيق جا مختلف
گروهه آهن ۽ انهن سمورن گروهن کي پنهنجو پنهنجو اڳ
رٿيل لاڙو يا پسند
(bias)
آهي. هڪ گروهه هندو عالمن جو آهي، جن سنڌيءَ کي
سنسڪرت مان نڪتل ٻولي ثابت ڪرڻ کي هڪ ڌرمي فرض
سمجهيو آهي؛ ٻيو گروهه يورپي عالمن جو آهي، جن جي
تحقيق، بقول ڊاڪٽر صاحب، اڃا تنقيد طلب آهي؛ ٽيون
گروهه مسلمان محقق جو آهي، جيڪي سنڌيءَ کي عربيءَ
مان نڪتل سمجهن ٿا؛ ۽ چوٿون گروهه ڊاڪٽر صاحب جي
ذات جو (۽ ساڻس همخيال عالمن جو) آهي، جيڪي سنڌيءَ
کي سامي سٿ جي زبان، ۽ عربي ٻوليءَ ۽ عربي نحو جي
بنياد تي قائم ٿيل ڪا ٻولي سمجهن ٿا. انهن سمورن
گروهن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين ٻن
گروهن جون تحقيقتون، تنقيد طلب سهي، وزندار دليلن
۽ لساني اصولن جي بنياد تي بيٺل آهن؛ ٻئي طرف پوين
ٻنهي گروهن جي عالمن جون لکيتون محض حسنِ ظَن،
ذاتي پسند ۽ شخصي لاڙن جي بنياد تي مبني آهن، ۽
هنن سنڌيءَ کي عربي يا سامي تمدن جي مرهون منت
ثابت ڪرڻ ۽ وس آهر سنسڪرت کان علحده ۽ نرالي ٻولي
ثابت ڪرڻ کي بنهه ديني فرض ويهي تصور ڪيو آهي. اها
اسان جي بدقسمتي آهي جو تحقيق ۽ علم ۾ به ڌرم ۽
مذهب، شخصي پسند ۽ ذاتي لاڙن کي دخل انداز ٿيڻ ڏنو
وڃي ٿو. اسان جي ڪن مسلمان مؤرخن ۽ محققن ۾ ته هڪ
وڌيڪ ڪمزوري هيءَ به آهي ته هو پنهنجن شخصي لاڙن
جي ڪري، ڪنهن هندوءَ جي لکيل ڪنهن ڪتاب کي، ڪافي
وزندار ۽ مستند هوندي به، ڪو وزن ڏيڻ ۽ سند سمجهڻ
کان ڪيٻائيندا رهيا آهن. مثال طور، هت جيڪڏهن آءٌ
ائين چوان ته شايد صحيح ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب
پنهنجيءَ هن تحقيق ۾ ڪاڪي ڀيرو مل جي ڪتابن –
’قديم سنڌ‘ ۽ ’سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ‘ – مان ڪنهن
به قسم جي فائدي وٺڻ جي زحمت گوارا نه ڪئي آهي.
مون کي يقين آهي ته ڊاڪٽر صاحب جيڪڏهن انهن ڪتابن
کي پنهنجي پيش نظر رکي ها ته پاڻ اهي ظاهر ظهور
غلطيون ڪين ڪري ها، جيڪي هن مضمون ۾ جابجا ملن
ٿيون. ڪنهن مؤرخ يا محقق سان اختلاف راءِ رکڻ هڪ
صحتمند نشاني آهي، پر ان محقق کي بنهه نظر انداز
ڪري ڇڏڻ – پوءِ چاهي هو ڪنهن به فرقي سان تعلق
رکندو هجي – تحقيق جي دائري کي گويا خواهه مخواهه
تنگ ڪري ڇڏڻو آهي.
سنڌي ٻوليءَ بابت جيڪو ڪجهه تاريخي مواد اسان وٽ
انگريزيءَ، سنڌيءَ ۽ ٻين زبانن ۾ موجود آهي، ان
منجهان ڪو هڪڙو به دليل ڪو نه ٿو ملي، جنهن مان
سنڌ جي زبان يا زبانن کي سامي سٿ جي زبانن سان
ڳنڍي سگهجي. محض موهن جي دڙي جي ڪنهن تمدني پهلوءَ
جي فرات ۽ دجله دريائن جي تمدنن جي ڪنهن پهلوءَ
سان هڪجهڙائيءَ کي ٻولين جي بنيادي طرح همزاد هجڻ
تائين ڇڪڻ، منهنجي خيال ۾ هڪ غلط گمان ۽ بي معنيٰ
اندازو آهي. دريائي تمدنن جا ڪي ڪي پهلو لازمي طرح
هڪجهڙا ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته قدرتي ماحول ۽ ان جو
تمدني جزئيات تي اثر هڪجهڙو ٿي سگهي ٿو؛ پر ان مان
ٻولين جي هڪجهڙائي يا قريبي نسبت ثابت ڪرڻ، حقيقتن
کان نهايت بعيد ٿيندو. جيسين تائين موهن جي دڙي جي
ٻوليءَ کي پڙهيو نه ويو آهي، تيسين ان قسم جا گمان
۽ نظريا قائم ڪرڻ، صحيح نه آهي. |