هاڻي اسان جي آڏو وڏيون ٽئنڪون لنگهيون، جن تان
مستري وڏيون وڏيون مصيبت جيڏيون توبون لاهي رهيا
هئا. ننڍين ٽئنڪن کي ٽرئڪٽرن ۾ تبديل ڪيو ويو هو،
۽ جن هاڻي زرعي سامان پئي ڍوئيو، جنگي لارين کي
وري عام سفري بسون بڻايو ويو هو. بسن جي لنگهي وڃڻ
کان پوءِ پريڊ ختم ٿي، ۽ روس جو قومي ترانو وڄڻ
لڳو. جلسي ختم ٿيڻ تي عزت مآب مون کي چيو ته آءٌ
ڪجهه ڏينهن وڌيڪ روس ۾ ترسان.
ٻئي ڏينهن روسي اخبارن عزت مآب جي تقرير، پريڊ جي
سڄي احوال سميت، وڏين سرخين سان شايع ڪئي. اخبارن
۾ منهنجي تصوير به ’امن جي ايلچيءَ‘ جي عنوان سان
ڇاپي ويئي. غير ملڪي اخبارن جي نمائندن مون کي
پريس – ڪانفرنس سڏائڻ لاءِ چيو. مون هنن جي تجويز
کي قبول ڪيو. سڀني سفارتخانن جي نمائندن مون کي
زور ڀريو ته آءٌ سندن ملڪن جي سفيرن سان ملاقات
ڪريان. مون عزت مآب کي پنهنجي پريس – ڪانفرنس
ڪوٺائڻ واري خيال کان واقف ڪيو، ۽ پڻ غير ملڪي
سفيرن سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي. عزت بآب
منهنجي تجويز قبول ڪئي، چيائين ته اخباري نمائندن
۽ سفيرن جي گڏيل ڪانفرنس جو انتظام جلد ڪيو ويندو.
مقرر وقت تي سفير ۽ سندن عملي جا عهديدار، ۽
اخباري نمائندا اچي دعوت ۾ ڪٺا ٿيا. آءٌ سندن
ايترو تعداد ڏسي حيران ٿي ويس. ماسڪو ۾ ڪو ورلي
سفير يا اخباري نمائندو هوندو، جيڪو دعوت ۾ نه آيو
هو.
مون هڪ مختصر تقرير ڪئي، ۽ کين اهي ڳالهيون ورائي
ٻڌايم جيڪي عزت مآب جلسي واريءَ تقرير ۾ ڪيون
هيون. مون پٺتي پيل ملڪن جي ترقيءَ تي خاص زور
ڏنو، ۽ اخباري نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو جنگ جي
خلاف جهاد ڪرڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏين، ته جيئن دنيا کي
تباهيءَ کان بچائي سگهجي. مون هنن کي ٻڌايو ته
جيڪڏهن هڪ دفعو دنيا جي عوام جي دلين ۾ جنگ جي
خلاف نفرت پيدا ٿي ويندي، ته پوءِ هٿيارن گهٽائڻ
جي فيصلي تي دير ڪا نه لڳندي - ۽ جيڪڏهن ’سکيا‘
ملڪ هٿيار گهٽائڻ شروع ڪندا، ته اسان وٽ ايترو ته
پيسو بچندو جو سڄيءَ دنيا جا ماڻهو، خاص ڪري پٺتي
پيل ملڪن جا ماڻهو، خوشحال ٿي ويندا. تنهنڪري،
دنيا جي سڀني اخبارن تي هي انساني فرض آهي ته هو
جنگ خلاف اٿاريل آواز کي سڄيءَ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
ڦهلائين. مون هي به چيو ته آءٌ سڄيءَ دنيا جو گشت
ڪري امن جي پيغام کي پکيڙڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندس،
پر جيئن ته آءٌ هڪ معمولي ۽ اڪيلو انسان آهيان،
تنهنڪري ضروري آهي ته دنيا جا ڪروڙين انسان هن
ڪارخير جي ڪاميابيءَ ۾ حصو وٺن، جن جي حمايت حاصل
ڪرڻ لاءِ اوهان جون اخبارون سڀڪجهه ڪري سگهن ٿيون،
اخباري نمائندن ڪيترائي سوال پڇيا، جن کي مون
مناسب جواب ڏيئي مطمئن ڪيو. سفيرن سان به ساڳئي
قسم جي گفتگو ٿي، ۽ مون کين صاف ٻڌايو ته آءٌ ڪنهن
خاص ملڪ، جماعت يا شخصيت جي طرفان نه ڳالهائي رهيو
آهيان، بلڪه آءٌ فقط پنهنجي ذاتي نمائندگي ڪري
رهيو آهيان. ڪن سفيرن مون کان سندن ملڪن ۾ وڃڻ جي
پروگرام بابت پڇيو. مون جواب ۾ کين ٻڌايو ته آءٌ
سڄيءَ دنيا ۾ امن جو پيغام کڻي ويندس، پر پهرين
آءٌ انهن ملڪن ۾ ويندس، جيڪي مون کي دعوت ڏيئي
گهرائيندا.
ٻئي ڏينهن مون کي سڄيءَ دنيا جي مختلف ملڪن مان
بيشمار تارون مليون، جن ۾ اخباري نمائندن طرفان
موڪليل خبرن جا تفصيل، ترجمن سميت ڄاڻايل هئا، مون
کي پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته سڄيءَ دنيا جي اخبارن،
امن جي مهم جي حمايت ڪندي، عزت مآب جي تقرير ۽
پريڊ جي احوال کي وڏيءَ اهميت سان شايع ڪيو هو.
اهو سڄو ڏينهن مون اسڪولن، ڪاليجن، جماعتن ۽
اجتمائي ٻنين جي نمائندن سان ملاقاتون ڪندي
گذاريو. ٻئي ڏينهن مون کي وري تارن جي وڏي سٿي اچي
ملي. ان ڀيري تارن ۾ مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريل
هئا. گهڻو ڪري سڀني ايڊيٽوريلن ۾ امن جي زبردست
حمايت ڪئي ويئي هئي. ڪيترين ئي اخبارن،عزت مآب جي
تجويزن کي ساراهيندي، گهُر ڪئي هئي ته جلد از جلد
وڏين طاقتن جو هڪ ميڙ ڪوٺايو وڃي. ڪن ٿورين
اخبارن، پنهنجي امن پسنديءَ جو زوردار اظهار ڪندي،
روس جي امن پسند ارادن ۽ تجويزن تي شڪ ظاهر ڪيو
هو، ۽ عزتمآب جي تقريرن کي هنن روس جي سياسي
پروپئگنڊا ڪري ڄاڻايو هو. مون ڪن چند اخبارن جا
اهي رايا پڙهي دل تي لاٿي، ڇو جو سمجهيم ٿي ته
هڪڙي ڏينهن ۾ سڀني ماڻهن جي راءِ کي بدلائڻ ناممڪن
هو ۽ ان لاءِ مسلسل ڪوشش جي ضرورت هئي. ساڳئي
ڏينهن عوامي چين ۽ جپان جا سفير مون وٽ آيا، ۽
پنهنجين حڪومتن طرفان چين ۽ جپان اچڻ جي دعوت
ڏنائون. مون جپاني حڪومت جي دعوت قبول ڪئي، ۽جپاني
سفير کي چيم ته آءٌ پنهنجي وڃڻ جي تاريخ پوءِ
ٻڌائيندس. مون عوامي چين جي سفير جا ٿورا مڃيندي
کيس چيو ته في الحال منهنجو چين وڃڻ جو ارادو
ڪونهي، ڇو جو ٻن هفتن کان پوءِ مون کي وطن ورڻو
آهي.
شام جو جپاني سفارتخاني کي مون وڃڻ جي تاريخ ڏني.
ٻئي ڏينهن، منهنجي عرض تي، عزت مآب مون کي پاڻ وٽ
گهرايو، مون ساڻس چين ۽ جپان جي دعوتن ۽ پنهنجي
جپان وڃڻ جي فيصلي جو ذڪر ڪيو، ۽ وڃڻ کان اڳ ڪن
روسي شهرن گهمڻ جي اجازت ورتيمانس. جپان ڏانهن
رواني ٿيڻ ۾ اڃا هفتو پيو هو. مون عزت مآب کي هي
به عرض ڪيو ته روسي شهرن ۾ منهنجي وڃڻ جي خبر کي
شايع نه ڪيو وڃي، ته جيئن آءٌ فراغت سان گهمي ڦري
سگهان. عزت مآب چيو ته ائين ٿيڻ ناممڪن آهي، ڇو جو
تنهنجي تصوير اڳي ئي روس جي سڀني اخبارن ۾ شايع ٿي
چڪي آهي، ۽ جتي به تون ويندين اتي جا ماڻهو هي
هرگز پسند نه ڪندا ته تون سندن شهرن ۾ اچي، ساڻن
ملڻ کانسواءِ هليو وڃين. مون، ان ڪري، روسي شهرن
گهمڻ جو ارادو بدلايو، ۽ عزت مآب کان ماسڪو ۾ هڪ
هفتو وڌيڪ ترسڻ جي اجازت ورتي، جنهن کي هن وڏي
خوشيءَ سان قبول ڪيو. عزت مآب مون کي ٻڌايو ته هن
منهنجي رواني ٿيڻ کان اڳ، تمام وڏي پيماني تي، روس
جي اعليٰ موسيقارن ۽ فنڪارن جي شموليت سان، امن جي
موضوع تي هڪ عظيم الشان ڊرامي جي تيارين لاءِ
هدايتون جاري ڪري ڇڏيون هيون؛ پر جيئن ته ان جي
تيارين ۾ 5 – 6 مهينا گهربل هئا، ۽ آءٌ تمام ترت
هتان روانو ٿيڻو هوس، تنهنڪري هن وڏي اشتياق سان
مون کي انهيءَ موقعي تي ٻيهر ماسڪو اچڻ جي دعوت
ڏني. هن منهنجي جپان رواني ٿيڻ جي تاريخ پاڻ وٽ
نوٽ ڪئي، ۽ منهنجي هوائي سفر جي اطمينان بخش
انتظام جي خاطري ڏني. مون سندس مهمان نوازيءَ، خوش
اخلاقيءَ ۽ مهربانين جا ٿورا مڃيا، ۽ خاطري
ڏنيمانس ته ”دنيا ضرور توهانجين تجويزن جي آجيان
ڪندي، ڇو جو دنيا جون اخبارون متفق طور امن جي حق
۾ آهن. امن جي تصفيي لاءِ دنيا جي وڏين طاقتن جي
باهمي ملاقات کان جيتوڻيڪ ڪجهه وقت ضرور گهربل
ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ڪي ملڪ ان لاءِ اوائلي ڇنڊڇاڻ ۽
صفائي طلب ڪندا، پر جيئن ته حضور جن امن لاءِ هر
قسم جي ڪوشش ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪا آهن، تنهنڪري
مون کي يقين ڏياريو ته هو پاڻ، سندس حڪومت، ۽ روس
جو عوام، امن جي فائدي ۾ آهن؛ ۽ اميد ڏيکاريائين
ته هو پنهنجن مغربي دوستن سان امن جي ڳالهه ٻولهه
۾ اوتروئي ڪامياب ٿيندو، جيترو هتي ماسڪو ۾ ٿيو
هو.
هفتو به اچي پورو ٿيو. ان وچ ۾ منهنجي خط و ڪتابت
۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو هو. مون کي سڀني هنڌان
خط اچڻ لڳا، جن مان معلوم ٿيم ته گهڻيئي ماڻهو ۽
جماعتون امن جي حصول لاءِ تيار ٿيون هيون. ماسڪو
ڇڏڻ جو وقت آيو، ته هڪ سرڪاري موٽر مون کي هوائي
اڏي تي پهچائڻ لاءِ آئي. هوائي اڏي تي هزارين
ماڻهو مون کي الوداع ڪرڻ آيا هئا. عزت مآب به
وزيرن سميت آيو هو. فوٽوگرافرن ۽ فلمي ڪئميراوارن
موٽر کان وٺي هوائي جهاز جي در تائين منهنجا فوٽا
پئي ورتا. صاف پوشاڪ پهريل ٻارڙن مون کي قسمين
قسمين گلن جا تحفا پيش ڪيا. آءٌ عزت مآب سان آخري
ڀيرو مليس. هن ٻڌايو ته مون کي ٽوڪيو کڻي وڃڻ لاءِ
خاص هوائي جهاز انتظام ڪيو ويو هو. مون هڪ دفعو
وري سندس مهمان نوازيءَ جو گرمجوشيءَ سان شڪرانو
ادا ڪيو. روسي عوام جي ايڏي پرخلوص اهتمام کان آءٌ
بيحد متاثر ٿيس، ۽سموري انساذات جي خوشحاليءَ جون
دعوائون گهرندي، اسان هڪٻئي کان وداع ڪئي.
آءٌ جنهن جهاز ۾ سفر ڪري رهيو هوس، سو جنگي مقصد
لاءِ بنايل، بم اڇلائيندڙ، هڪ ننڍي قسم جو جيٽ
هوائي جهاز هو؛ پر هاڻي ان کي ڏاڍي سهڻيءَ طرح
سينگاريو ويو هو، ۽ منجهس آرام ۽ آسائش جو سڀ
سامان موجود هو. هوائي جهاز ۾ منهنجي چاڪري شاهانه
نموني ۾ ڪئي ويئي. جپان جي ماسڪو واري سفير مون کي
ٻڌايو هو ته ٽوڪيو ۾ منهنجو قيام چئن ڏينهن لاءِ
رٿيو ويو آهي – مون کي گهڻو وقت ٽوڪيو ۾ ترسڻو هو،
پر جي مون چاهيو ته هڪ ڏينهن ٽوڪيو کان ٻاهر وڃي
سگهيس ٿي.
اسين چوويهن ڪلاڪن ۾ ٽوڪيو پهچي وياسين. جڏهن
هوائي جهاز جپان جي ويجهو آيو ته مون هوائي عملي
جي هر هڪ فرد جا ٿورا مڃيا، جن ڏاڍي چاهه سان
منهنجي خاطرداري ڪئي هئي. مون انهن سڀني جا نالا
لکي ڇڏيا، ته جيئن ڪنهن ڏينهن کين تحفا موڪلي
پنهنجي عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪريان.
کي پيش ٿيندڙ ڊرامي جو انگريزي ترجمو ڏنو ويو.
ا. اسٽيج بيهاريو ويو. محل جي وڏي باغ ۾ ٿيندڙ
جلسي ۾ نيو ويو. ارن ۾ آيل هئا.
کي ۽ اهوائي
جهاز جڏهن زمين تي لٿو ته ٽوڪيو تي سج چمڪي رهيو
هو. هوائي اڏي تي هڪ وڏو هجوم جمع هو. آءٌ هوائي
جهاز جي در کان ٻاهر نڪتس مس، ته ماڻهن امن جي فلڪ
شگاف نعرن سان منهنجو استقبال ڪيو. مون به جواب ۾
هٿ لوڏي کين سلام ڪيو. جيئن ئي آءٌ هيٺ آيس ته
جپان جي هڪ عاليٰ ترين شخص مون کي اچي ڀاڪر پاتو.
هن سان ۽ سندس خاندان سان ملڻ کان پوءِ، ٻين
عهديدارن سان منهنجو تعارف ڪرايو ويو. پوءِ اسين
سڀ هڪ وڏي سجايل اسٽيج تي وڃي ويٺاسين. اسان جي
ويهڻ تي امن جو ترانو وڄڻ لڳو. ان کانپوءِ جپان جو
قومي ترانو پيش ٿيو، جنهن جي احترام ۾ اسين اٿي
بيٺاسين. پوءِ هن عظيم شخص اٿي تقرير ڪئي – جنهن
جو ترجمو مون کي تقرير ختم ٿيڻ کان پوءِ فوراً ڏنو
ويو. هن چيو: ”اڄ اسين پنهنجي هڪ ايشيائي ڀاءُ جي
آجيان لاءِ اچي هتي گڏ ٿيا آهيون. اسين جپاني عوام
جي طرفان هن جو آڌر ڀاءُ ٿا ڪريون، ۽ کيس سڄيءَ
دنيا کي يقين ٿا ڏياريون ته جپان جو عوام هميشه
امن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهندو. جپاني عوام
کي جنگ جي تباهڪارين جو ذاتي تجربو آهي: اسين ئي
اها قوم آهيون، جنهن ائٽم بم جا قهر ڪلُورَ اکين
سان ڏٺا آهن – تنهنڪري اسين جپان جا باشندا،
پنهنجي پوري عزم سان هي عهد ٿا ڪريون ته جنگ جي
خلاف اسين هر ممڪن جهاد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ۽
امن حاصل ڪرڻ اسان جو ايمان آهي! اسين ’امن جي
ايلچيءَ‘ جي تهدليؤن آجيان ٿا ڪريون. پاڻ هڪ پٺتي
پيل ملڪ جو رهاڪو آهي، ۽ اسان کي هن جي ملڪ ۽ ٻين
پٺتي پيل ملڪن جي ضرورتن جي بخوبي ڄاڻ آهي.
جيتوڻيڪ اسان جا وسيلا ڪي گهڻا نه آهن، پر تڏهن به
اسين انهن ملڪن جي ترقيءَ ۾ پنهنجي حال آهر مدد
ڏينداسين. اسان جي دعا آهي ته امن قائم ٿئي، ۽
انسانيت خوش ۽ خوشحال ٿئي!“ هوائي اڏي کان هڪ
کليءَ موٽر ۾ چڙهي، اسين شهر آياسين. ’عظيم شخص‘ ۽
سندس خاندان جا ماڻهو مون سان گڏ هئا. رستن جي
ٻنهي پاسن ماڻهو قطارون ٺاهيو بيٺا هئا، ۽ جيئن
اسين لنگهياسين ته هو گلن جي ورکا ڪرڻ لڳا. سندن
هٿن ۾ امن جا پوسٽر هئا، ۽ سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان
ٻهڪي رهيا هئا. عظيم شخص ۽ سندس ساٿي واٽ تي هڪ
هنڌ لهي پيا، ۽ مون کي مهمان – گهر ۾ آڻي ترسايو
ويو. انهيءَ ڏينهن آجيان – ڪميٽيءَ جو چيئرمن مون
وٽ آيو، ۽ ايندڙ ٽن ڏينهن جي گشت جو پروگرام
ڏنائين. پهرئين ڏينهن مون کي ناگاساڪي وڃڻو هو؛
ٻئي ڏينهن، واپس اچي، ٽوڪيو ۾ جپاني نوجوانن جي هڪ
جلسي ۾ شريڪ ٿيڻو هو؛ ۽ ٽئي ڏينهن جپان جي عورتن
طرفان سڏايل هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻو هو.
شام جو کاڌو مون جپان جي وڏن واپارين ۽ صنعتڪارن
طرفان سڏايل هڪ دعوت ۾ کاڌو. هيءَ هڪ خانگي دعوت
هئي، جنهن ۾ فقط ڪارخانن ۽ فرمن جا عهديدار ۽ سندن
عورتون شريڪ ٿيون. جپاني رواج مطابق، اسين سڀ فرش
تي ويٺاسين. کاڌو عورتن پنهنجن هٿن سان تيار ڪيو
هو، ۽ کارايو به انهن ئي – نوڪرن جي ڪا به مدد ڪا
نه ورتي ويئي. هن قسم جي قربائتي مهمان نوازيءَ
مون کي گهڻي قدر متاثر ڪيو. ڪنهن به تقرير ڪا نه
ڪئي؛ البت جڏهن مون کي هڪ سون مان ٺهيل ۽ جواهرن
سان جڙيل گلدستو پيش ڪيو ويو، ته سڀني چيو – ”شل
تون ڪامياب ٿين! شل تون ڪامياب ٿين!‘ جواهرن کي
اهڙيءَ ترتيب سان جَڙيو ويو هو جو انهن مان لفظ
”امن“ ٺهي پيو هو.
ٻئي ڏينهن صبح جو آءٌ هوائي جهاز ذريعي ناگاساڪي
پهتس. جيتوڻيڪ هوائي اڏي تي فقط ٻه – ٽي سؤ ماڻهو
آيا هئا، پر جڏهن آءٌ جلسي ۾ پهتس ته ائين ڏسڻ ۾
آيو ڄڻ سڄو شهر اتي اٿلي پيو هو. اسٽيج اڳيان سوين
ننڍڙا سٻاجهڙا ٻارڙا ويٺا هئا، جن سڀني کي اڇيون
پوشاڪون پهريل هيون. اسين پهتاسين ته ڪارروائي
شروع ٿي. پهرين ٻارڙن هڪ گيت ڳايو. سازن مان اهڙا
المناڪ ۽ درديلا آلاپ نڪري رهيا هئا، ڄڻ ڪنهن موت
جي مجلس ۾ مرثيي خواني ٿي رهي هجي. چوڏهن سال اڳ،
ٻي عالمگير جنگ ۾، هِن ئي سرزمين تي ’ائٽم بم‘
ڪيرايو ويو هو: ڪيڏي تباهي ۽ بربادي انسانن تي
آئي، ڪيترا انسان ان ۾ موت جو بَک ُ بنيا، ڪيترا
انسان ان جي اثر سبب انڌا ٻوڙا ۽ گونگا بنجي ويا،
ڪيترا انسان ان جي دهشت سببان بنهه پاڳل بنجي ويا
– اهو سمورو احوال اهڙي ته دردناڪ انداز ۾ گيت ۾
بيان ڪيو ويو هو، جو جيتوڻيڪ آءٌ جپاني ٻولي نٿي
سمجهي سگهيس، پر سازن جي پـُرسوز آواز ۽ ٻارڙن جي
معصوم چهرن تي اڀرندڙ عذاب جا اثر انگيز. آثار،
مون کي جنسي اوڇنگارون ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪافي
هئا. جنهن شخص هن منظر جو خيال رٿيو هوندو، سو
يقيناً ڪو تمام وڏو فنڪار هوندو، ڇاڪاڻ ته هن
ساديءَ پيشڪش منهنجي روح جي انتهائي گهراين ۾ جنبش
آڻي ڇڏي هئي.
ان کانپوءِ هڪ ڇوڪريءَ مختصر تقرير ڪئي، جيڪا ائٽم
بم جي حادثي مان بچي ويئي هئي. سندس منهن ۽ هٿن تي
زخمن جا ڪيترائي نشان هئا؛ پر هوءَ خوش مزاج ۽
مـُرڪڻي هئي. هن فقط چند منٽ ڳالهايو، ۽ ائٽم بم
جي حادثي وقت پنهنجيءَ عمر وغيره ڄاڻائڻ کان وڌيڪ
هوءَ ان وقت جا ڪي به حالات نه ٻڌائي سگهي. کيس
اها ئي آس هئي ته ڪو ڏينهن اهڙو ٿئي، جڏهن بمن ۽
بارودن کي بلڪل ناس ڪري ڇڏجي، جيئن اهي انسانن جي
جسمن ۽ روحن کي ناس نه ڪري سگهن. هن پنهنجي اها
تمنا ظاهر ڪئي ته سڄيءَ دنيا جا سائنسدان، عهد
ڪري، تباهيءَ جي طريقن سوچڻ بدران، انسانذات جي
ڀلائيءَ لاءِ سائنس جون کوجنائون ڪن. هن دنيا جي
مدبرن ۽ اڳواڻن جي دلين ۾ تبديليءَ جي دعا گهري،
ته جيئن هو امن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺن، جنهن سان
سڄيءَ دنيا جا ماڻهو خوش ۽ خوشحال ٿي سگهندا. هن
اميد ظاهر ڪئي ته امن لاءِ هلايل تازي تحريڪ،
جنگ کي ٽارڻ ۽ هٿيارن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيندي: ان بعد مون به ٻه اکر ڳالهايا، جن ۾ ٻارڙن
جي گيت ۽ ڇوڪريءَ جي تقرير کان پنهنجي گهڻي قدر
متاثر ٿيڻ جو ذڪر ڪيم. مون اميد ظاهر ڪئي ته دنيا
ضرور انهيءَ فيصلي تي پهچندي، ۽ نه صرف ائٽم بم،
بلڪه سڀني قسمن جي بمن بارودن ۽ جنگبازين کي
سدائين لاءِ ختم ڪري ڇڏيندي، ته جيئن سموريءَ
انسانذات تان ڪن انسانن جي هٿرادو پيدا ڪيل خطرن
کي هميشه لاءِ ٻنجو اچي وڃي، ۽ وري ڪڏهن به اسان
کي ۽ اسانجن نسلن کي تباهيءَ جو منهن نه ڏسڻو پوي.
آخر ۾ امن جو ترانو ڳايو ويو، ۽ جلسو ختم ٿيو.
پوءِ مون کي موٽر ۾ چاڙهي، ناگاساڪي جو شهر گهمايو
ويو. ائٽم بم واري هولناڪ حادثي جا اڃا به جيڪي
آثار ڪن هنڌن تي ڏسڻ ۾ آيا ٿي، تن منهنجي دل دماغ
کي لرزائي ڇڏيو. طبيعت اهڙي ته ملول ۽ مغموم ٿي
ويئي، جو شام جو جڏهن واپس ٽوڪيو پهتاسين ته مون
رات جي ماني به ڪا نه کاڌي. آجيان ڪميٽيءَ جي
چيئرمن – جيڪو سمورو وقت مون سان گڏ هو – مون کي
راڳ جي هڪ محفل ۾ هلڻ لاءِ چيو، پر اوڏانهن وڃڻ به
پسند نه ڪيم. منهنجي رهائش واري ڪمري ۾ ڪيتريون
انگريزي اخبارون آڻي ڍير ڪيون ويون هيون. آءٌ انهن
تي سرسري نظر وجهڻ ويهي رهيس. جيئن جيئن آءٌ خبرن
تي نظر وجهندو ويس، منهنجي طبيعت جي ملولائي
اطمينان ۾ بدلبي ويئي. اخبارن ۾ عزت مآب جو ’امن
اعلان‘ ۽ ماسڪو جي پريڊ جو احوال تمام نمايان طور
شايع ٿيل هو. اخبارن ان موضوع تي پنهنجا وڏا وڏا
ايڊيٽوريل به لکيا هئا. اديبن جي عام حمايت، ۽
ڪيترن ئي ملڪن جي سماجي جماعتن طرفان امن جي تحريڪ
کي ڪامياب بنائڻ جا فيصلا ۽ پروگرام پڻ اخبارن ۾
آيل هئا.
ٻئي ڏينهن صبح جو مون کي موٽر تي ٽوڪيو جو شهر
گهمايو ويو، ۽ شام جو شاهي محل جي وڏي باغ ۾ ٿيندڙ
جلسي ۾ نيو ويو. باغ ايترو ته وڏو هو، جو منجهس هڪ
لک ماڻهن جي ويهڻ جو انتظام سولائيءَ سان ٿي سگهيو
ٿي. مون ڏٺو ته سڄو باغ جپاني نوجوانن سان ڀريو
پيو هو. اسٽيج کي مختلف قسمن جي گلن سان سينگاريو
ويو هو. نوجوانن ٽهڪ پئي ڏنا. هنن کي رنگارنگي
ڪپڙا پيا هئا. سڄي ماحول مان خوشي پئي بَکي.
آءٌ اسٽيج تي پهتس ته ماڻهن زور زور سان تاڙيون
وڄايون. پوءِ جپان جو قومي ترانو وڄايو ويو، ۽ سڀ
ماڻهو اٿي ان کي ڳائڻ لڳا. تراني جي ختم ٿيڻ تي،
اسٽيج کان ڪجهه پرڀرو، هڪ ٻيو وڏو اسٽيج بيهاريو
ويو. جلد ئي هڪ نوجوان ڇوڪرو ۽ ڇوڪري انهيءَ اسٽيج
تي آيا. هو هڪ ڊرامي جا ڪردار هئا. مون کي پيش
ٿيندڙ ڊرامي جو انگريزي ترجمو ڏنو ويو.
ڇوڪرو: پياري، آءٌ توکي هڪ خوشخبري ٻڌائڻ آيو
آهيان. مون کي ايئرفورس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊيو
ويو آهي! هاڻي آءٌ جلد ئي هوائي تربيت لاءِ هليو
ويندس. (ڇوڪري اهي لفظ انتهائي فخر سان ادا ڪيا.)
ڇوڪري: تنهنجي خوشيءَ ۾ منهنجي خوشي آهي؛ پر جي
تون هليو ويندين ته آءٌ اڪيلي ٿي پونديس. او مٺڙا،
آءٌ تنهنجي جدائي سهي نه سگهنديس!
ڇوڪرو: چري، آءٌ ڪو هميشه لاءِ ٿورو ئي پيو وڃان.
هڪ سال جي تربيت آهي، اهو عرصو اکڇنڀ ۾ گذري
ويندو، ۽ جڏهن موٽي ايندس ته اچڻ سان توسان شادي
ڪندس، پوءِ اسين سدائين گڏ گذارينداسين. آءٌ
جيڪڏهن پائلٽ ٿي ويندس ته ڪيترو نه سٺو ٿيندو!
پوءِ آءٌ مٿي، تمام مٿي، خلائن ۾ اڏامندس، ۽جي
دشمن تي حملو ڪرڻو هوندم ته عقاب وانگر جهٽ هڻي
کيس ماري هليو ويندس! ڀلا، فوجي لباس ۾ آءٌ ڪيئن
لڳندس؟
ڇوڪري: ڏاڍو سهڻو! پر هينئر به تون مون لاءِ دنيا
جي سڀني جوانن کان وڌيڪ حسين آهين. پيارا، تو
هوائي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي؛ آءٌ
تنهنجي مرضيءَ خلاف نٿي وڃڻ چاهيان، پر ائين ڪرڻ
سان ڇا تون جنگ جي تصور کي نه پيو همٿائين؟
ڇوڪرو: تون ائين ڇو ٿي سمجهين ته اسين جنگ جي
فائدي ۾ آهيون؟ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ جنگي سامان ٺاهڻ
جون تياريون اسين رڳو ان ڪري ٿا ڪريون ته جيئن جنگ
کي ٽاري سگهون. جيڪڏهن اسين دفاعي لحاظ کان مضبوط
نه هونداسين، ته ڄڻ مخالف ملڪن کي پاڻ تي حملي ڪرڻ
جي دعوت ڏينداسين؛ پر جي جنگي لحاظ کان اسين
طاقتور هونداسين، ته ڪو به ملڪ اسان ڏانهن اک
نهارڻ جي به جرات نه ڪندو. سچ پچ، پياري، آءٌ
تنهنجي حفاظت لاءِ هوائي فوج ۾ ڀرتي ٿي رهيو
آهيان. توکي پوري خبر آهي ته اڄ جي جپاني نوجوان
کي جنگ کان سخت نفرت آهي، هو امن چاهي ٿو.
ڇوڪري: مون کي خبر آهي ته جپان جا نوجوان امن جي
پرزور تائيد ڪن ٿا. ساڳيءَ طرح دنيا جا ٻيا ملڪ به
وڏي واڪي امن جون دعوائون ڪري رهيا آهن. پر، انهن
دعوائن هوندي به، اسين سڀ تباهه ڪـُن هٿيارن جي
تيارين ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون. ٻيا ملڪ به اسان
وانگر چون ٿا ته هو جنگي هٿيار پنهنجي دفاع لاءِ
ٿا ٺاهين، ۽ کين جنگ ڪرڻ جي آرزو ڪا نه آهي. ڇا،
ماضيءَ ۾ دنيا جا مخالف ملڪ جڏهن پاڻ ۾ وڙهندا
هئا، ته پهرين اهي ئي ساڳيا بهانا نه ڪندا هئا؟ ڇا
هي صحيح نه آهي ته جڏهن به ڪن ملڪن جنگ جون
تياريون ڪيون آهن، تڏهن ڪنهن نه ڪنهن طرح جنگ جي
اوڙاهه ۾ ڌڪجي آيا آهن؟ پوءِ ان ڳالهه جو ڪهڙو
ثبوت آهي ته هاڻي ائين نه ٿيندو؟
ڇوڪرو: دراصل جنگ تڏهين ٿيندي آهي، جڏهن ڪي ملڪ
جنگي لحاظ کان طاقتور هوندا آهن ۽ ٻيا سـُستيءَ يا
بيخبريءَ سبب دفاعي طرح ڪمزور هوندا آهن. ڇا، تون
نٿي ڄاڻين ته جي برطانيه ۽ ٻين مغربي ملڪن جون
جنگي تياريون مڪمل هجن ها، ته هٽلر ڪڏهن به آسٽريا
۽ ائنچليس کي فتح ڪري نه سگهي ها، بلڪه مغربي
طاقتون شروع ۾ ئي هن کي نيست نابود ڪري ڇڏين ها!
اها برطانيه جي غفلت هئي، جنهن جو فائدو وٺي، هٽلر
ٻن سالن ۾ پهرين آسٽريا ۽ پوءِ زيڪوسلاويڪيا کي
ڦٻائي ويو. تنهنڪري، اسين جنگي تياريون ان ڪري پيا
ڪريون ته جيئن ڪا لالچي قوم اسان تي حملو نه ڪري.
ڇوڪري: تون ان دور جو ذڪر ڇو نٿو ڪرين، جڏهن هٽلر
سڀ کان پهرين ’رو‘ تي حملو ڪيو هو. جيڪڏهن ان وقت
مغربي طاقتون عقلمنديءَ کان ڪم وٺن ها ته انسان
دشمن هٽلر جي ناپاڪ ارادن کي اسرڻ جو موقعو ئي نه
ملي ها؛ ڇو جو ان زماني جي هٽلر کي شڪست ڏيڻ لاءِ
وڏين فوجن جي ضرورت ڪا نه هئي.
ڇوڪرو: ڇا، ان جي معنيٰ هيءَ نه آهي ته هٽلر جي
شروعاتي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ به مغربي طاقتن جي غفلت
هئي، جن خاموش تماشائين جي حيثيت سان هٽلر جي ا
ُرهه زورائيءَ کي ڏٺو پئي.
ڇوڪري: تو منهنجو مطلب نه سمجهيو. مون چيو ٿي ته
شروع ۾ هٽلر جي طاقت کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ وڏين فوجن
جي ضرورت نه هئي؛ تنهنڪري ’رو’ جي فتح جو سبب
مغربي طاقتن جي فوجي ڪمزوري نه آهي. حقيقت هيءَ
آهي ته خود مغربي ملڪن ۾ ٻَڌي نه هئي. هو هڪٻئي کي
شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا، ۽ هٽلر سندن باهمي
نااتفاقيءَ جو وجهه وٺي ڪامياب ٿي ويو.
ڇوڪرو: پر مغربي ملڪ ڪيئن ٿي جرمنيءَ کي جنگي
سامان ٺاهڻ ۽ فوج تيار ڪرڻ کان روڪي سگهيا؟
جرمنيءَ کي روڪڻ جو فقط هڪ طريقو هو ته هن سان جنگ
ڪئي وڃي - ۽ جيئن ئي فرانس ۽ برطانيه تيار ٿيا ته
انهن جرمنيءَ سان جنگ ڪئي.
ڇوڪري: آءٌ تنهنجي هيءَ ڳالهه مڃان ٿي ته جڏهن هڪ
دفعو هٽلر جنگي تياريون مڪمل ڪري چڪو هو ته هن کي
روڪڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. هن کي رڳو شروع ۾
سولائيءَ سان شڪست ڏيئي سگهجي ها، پر مغربي ملڪ
شروع ۾ غافل رهيا – جيتوڻيڪ سندن جرمنيءَ جي
سفارتخانن کي هٽلر جي جنگي تيارين جي خبر هئي.
جيڪڏهن ان وقت يورپ جا ملڪ هڪ – آواز ٿي هٽلر کي
روڪين ها، ته اڄ تاريخ جو رخ ئي ٻيو هجي ها. هو
هٽلر تي دٻاءُ آڻين ها، ۽ هٽلر کي سندن ڳالهه رکڻي
پوي ها، يا خود جرمنيءَ جو عوام هن کي مجبور ڪري
ها ته جنگ جون انسان – دشمن تياريون نه ڪري. ان
زماني ۾ جرمن عوام هڪ نئين جنگ جي خلاف هو.
ڇوڪرو: خود تنهنجا دليل هي ثابت ڪن ٿا ته جڏهن به
بين الاقوامي سياست جي افق تي ڪو چريو انسان اڀري
ٿو، ته هن کي رڳو طاقت سان ئي دٻائي سگهجي ٿو؛
تنهنڪري بهتر ائين آهي ته اسين هر وقت سجاڳ رهون،
ته جيئن ڪنهن اوچتيءَ مصيبت کي منهن ڏيئي سگهجي.
ڇوڪري: آءُ پهرين به چئي چڪي آهيان ته جنگي تيارين
جو لازمي نتيجو جنگ آهي. اسان کي گهرجي ته ڪوششون
وٺي انهن ملڪن کي آماده ڪريون ته هو جنگي تياريون
بند ڪن، جيڪي زور شور سان هٿيارن ٺاهڻ ۾ مصروف
آهن. آءٌ ڄاڻان ٿي ته دنيا جي گهڻن ملڪن اهي
تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. هاڻي اسان جو فرض
آهي ته انهن کي فوجي طاقت گهٽائڻ تي مجبور ڪريون -
۽ جي ائين ٿيندو ته جنگ جوخطرو گهڻو گهٽ ٿي ويندو.
ٻيءَ صورت ۾، جيئن جيئن هرڪو ملڪ پاڻ کي هٿيار بند
بڻائيندو رهندو، تيئن تيئن عالمي جنگ جا امڪان
وڌندا رهندا، ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن جنگ جي نوبت اچي ئي
ويندي.
ڇوڪرو: پر اسين پنهنجي فوجي طاقت گهٽائي پاڻ کي
ڪمزور ڇو ڪريون، جڏهن دنيا جا ٻيا ملڪ پنهنجي فوجي
طاقت ۾ مسلسل اضافو ڪري رهيا آهن؟ خير، ڇڏ انهن
ڳالهين کي، توکي ڇو اچي انهن مسئلن جي ڳڻتي لڳي
آهي؟ اها اسان جي ليڊرن ۽ وڏن جي ذميداري آهي ته
هو ملڪ ۽ قوم جي ڀلائيءَ لاءِ سوچين.
ڇوڪري: تنهنجو ائين چوڻ غلط آهي. جنگ ۽ امن جو
مسئلو اسان سڀني جو مسئلو آهي. ڇا، ’ٽوجو‘ جِي
چريائپَ جپان جي هر مرد، عورت ۽ ٻار جي قسمت تي
اثرانداز نه ٿِي؟ امن جي خاطريءَ ۽ امن جي حاصلات
سان اسان سڀني جي زندگي آباد ۽خوشحال ٿيندي؛ - ۽
امن تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن هر مرد ۽ عورت، پوءِ
کڻي هن جو تعلق زندگيءَ جي ڪهڙي به شعبي سان هجي،
امن لاءِ جدوجهد ڪندو.
ڇوڪرو: ٽوجو ۽ سندس ساٿي هاڻي مري کپي چڪا آهن.
اسان سڀني کي هنن جي ڪـُڌن ڪمن کان نفرت آهي. اسين
امن پسند آهيون. آءٌ فوج ۾ به ان ڪري ڀرتي ٿيو
آهيان، ته جيئن امن قائم ٿي سگهي.
ڇوڪري: مون توکي پهرين به چيو هو ته آءٌ تنهنجي
دلي ارادن جي مخالفت ڪا نه ڪنديس. تون فوج ۾ ڀرتي
ٿي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ کي پنهنجو فرض ٿو سمجهين.
منهنجو فرض هي آهي ته آءٌ ته جنگ جي خلاف آواز
بلند ڪريان. هاڻي اچ ته پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪريون: تون
پنهنجو فرض پورو ڪر، ۽ آءٌ پنهنجي فرض جي سرانجامي
ڪنديس. مون کي توسان ڏاڍو پيار آهي، ۽ تنهنجي
جدائي برداشت نٿي ڪري سگهان، پر جيڪڏهن تون هوائي
فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ بدران ’اِسپوٽنڪ‘ ۾ چڙهي چنڊ ڏانهن
وڃڻ جو فيصلو ڪرين ها، ۽ ته مون کي جيڪر بيحد خوشي
ٿئي ها- پوءِ کڻي مون کي پڪ هجي ها ته تون وري
ڪڏهن به مون وٽ موٽي نه ايندين!
هن مختصر ڊرامي مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ڊرامي جي
ختم ٿيڻ کان پوءِ مون هڪ مختصر تقرير ڪئي. مون
جپاني نوجوانن جو شڪريو ادا ڪيو، جيڪي امن جي مهم
کي ڪامياب بنائڻ ۾ منهنجو ساٿ ڏيئي رهيا هئا. پوءِ
امن جي تراني سان جلسو برخاست ٿيو.
جيئن اسين موٽر ۾ چڙهي مهمان – گهر ڏانهن موٽي
رهيا هئاسين، ته چيئرمن مون کي هڪ ٻئي جلسي جي
دعوت ڏني، جيڪو جپاني ۽ عورتن جي طرفان سڏايو ويو
هو. انهيءَ جلسي جو انتظام پراڻي صدر گاهه، ’ڪيٽو‘
شهر، ۾ ڪيو ويو هو. هن مون کي ٻڌايو ته جلسي ۾
شرڪت ڪرڻ بعد مون کي ٻئي ڏينهن واپس ٽوڪيو پهچايو
ويندو، ته جيئن اٽليءَ ويندڙ هوائي جهاز تي وقت
اندر پهچي سگهان.
ٻئي ڏينهن آءٌ ڪيٽو پهتس. شهر جون قديم طرز جون
عمارتون مون کي خاص ڪري وڻيون. ريل مان لهي، اسين
سڌو جلسي گاهه تي پهتاسين، جيڪو ماڻهن سان کچا کچ
ڀريو پيو هو. انهن ۾ عورتن جي اڪثريت هئي. ٻه ٽي
سو جپاني عورتون، ننڍن ننڍن ٻارن کي هنجن ۾ کڻيو،
اسٽيج جي سامهون قطارن ۾ بيٺيون هيون. جلسي جي
شروع ٿيڻ تي انهن سڀني گڏجي هڪ راڳ ڳايو، جنهن جو
ترجمو ڪجهه هن طرح جو هو:
”اسين مائرون آهيون. اسان انسانذات جي نئين نسل کي
جنم ڏنو آهي. هيءُ نسل هينئر اسانجين هنجن ۾ آهي،
جيڪو اڳتي هلي پنهنجي ابن ڏاڏن جي ناموس کي قائم
رکندو. اسين هنن کي ڏاڍيءَ سڪ سان پنهنجين ڇاتين
جو کير پياري پالي رهيون آهيون، ته جيئن هي تندرست
۽ توانا ٿي وڌن. هر هڪ ٻار جي پرورش تي اسين
پنهنجي جوانيءَ جا بهترين سال انهيءَ اميد سان صرف
ڪنديون آهيون ته هو وڏو ٿي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي
خدمت ڪندو. پندرهن سال اڳ جڏهن اسين ٻار هيونسين،
ته جنگ جو ڪارو ديو ُ اسانجن سرن تي هو. اڄ جڏهن
اسين مائون آهيون، ته اها ساڳي بلا وري اسانجن
ٻارن کي کائڻ جي انتظار ۾ آهي! ڇا، هزارين ڏک
ڏاکڙا ۽ مصيبتون سهي، اسان پنهنجن ٻارن جي پرورش
ان ڪري ڪئي آهي ته هنن کي بمن ۽ بندوقن جو کاڄ
بڻايو وڃي؟ ڇا، اسان کي ڪڏهن به امن نه ملندو؟ ڇا،
اسين ڪڏهن به انسان نه ٿينداسين؟ ڇا، اسان انساني
مائرن جي حالت هميشه انهن جانورن جهڙي رهندي، جن
کي هر وقت پنهنجن ٻارن جي جانين جو خوف رهندو آهي،
۽ وڻن جي هر جهُڳٽي مان کين دشمن جو خطرو پيو
محسوس ٿيندو آهي! اسين دل جي انتهائي گهراين مان
هڪ وڏيءَ تبديليءَ جي دعا ٿيون طلبيون – ماڻهن جي
ذهنن جي تبديلي – انهن جي دلين ۽ روحن جي تبديلي –
ته جيئن هو جنگ کي ختم ڪري، امن کي قائم ڪن !.....
اسين پنهنجن هِنن معصومن جون حياتيون پنهنجن هٿن
سان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن جنگ جي
منحوس ڏائڻ انهن کي کائڻ کان پوءِ هميشه لاءِ مري
وڃي، ۽ وري ڪڏهن به انسانذات تي ان جو پاڇو نه
پوي!“
انهيءَ راڳ ڳائيندي، سڀئي عورتون پنهنجن ٻارڙن کي
ڇاتين سان لائي لوڏينديون رهيون. هي انتهائي
دلگداز منظر، امن جو ڀرپور مظاهرو هو، جنهن سڀني
کي بيحد متاثر ڪيو.
آءٌ انهن عورتن کي ڪجهه نه ٻڌائي سگهيس، ليڪن کين
اهو يقين ڏياريم ته هاڻي اهو ڏينهن جلد اچڻ وارو
آهي، جڏهن سندن اميدون پوريون ٿينديون، ۽ اسين جنگ
جي سڀني امڪانن کي ختم ڪري هميشه لاءِ امن جي فتح
حاصل ڪنداسين.
ان کان پوءِ چند ڪلاڪ ڪيٽو جو خوبصورت شهر گهمي،
آءٌ ٽوڪيو موٽي آيس.
انهيءَ ڏينهن اٽليءَ جي ايلچيءَ مون کي شام جي
کاڌي تي گهرايو، جنهن پنهنجي ملڪ طرفان مون کي
هِتان کان اوڏانهن وڃڻ جو سرڪاري دعوتنامو ڏنو هو.
هوائي جهاز ۾ منهنجي لاءِ جڳهه جو انتظام پڻ ڪري
ڇڏيو هئائين. کاڌي کان پوءِ اسين سڌا هوائي اڏي تي
آياسين. آڌي رات اچي ٿي هئي، تنهنڪري فقط امن –
ڪميٽيءَ جا ميمبر مون کان موڪلائڻ آيا هئا. مون
گرمجوشيءَ سان سندن مهمان نوازيءَ ۽ آڌر ڀاءُ جا
ٿورا مڃيا، ۽ هنن جي ذريعي جپاني عوام جو به شڪريو
ادا ڪيم، جن جپان ۾ گهرائي مون تي هي ظاهر ڪيو هو
ته هو نيڪ نيتيءَ سان امن جا خواهان آهن.
صبح جي ٿڌيءَ روشنيءَ ۾ اسان جو هوائي جهاز اچي
روم جي شهر ۾ لٿو. هوائي اڏي کي جهنڊن ۽ بامٽين
سان سينگاريو ويو هو، ۽ ماڻهن جو هڪ وڏو مجموعو
اڳي ئي منهنجي لاءِ منتظر هو. هوائي اڏي تي اٽليءَ
جي اهم شخصيتن منهنجو استقبال ڪيو. منهنجي پهچڻ
شرط امن جو ترانو شروع ڪيو ويو، ۽ ان کان پوءِ
اٽليءَ جو قومي ترانو پڻ ڳايو ويو. پوءِ اسين
موٽرن ۾ چڙهي شهر ڏانهن روانا ٿياسين. هوائي اڏي
کان وٺي ويندي شهر جي وچ تائين، رستن جي ٻنهي پاسن
تي ماڻهن جا هجوم بيٺا هئا. هنن پنهنجا هٿ لوڏي ۽
خوشيءَ جا نعرا هڻي منهنجي مرحبا ڪئي. شهر جي
عمارتن ۽ دڪانن کي وڏين وڏين تصويرن سان تمام
سهڻيءَ طرح سجايو ويو هو، جن مختلف طريقن سان امن
جي تصور جي ترجماني پئي ڪئي. مون کي اٽليءَ جي هڪ
معزز خاندان جي قديم محل ۾ ٽڪايو ويو. اهو هڪ وڏو
اعزاز هو، ڇاڪاڻ ته انهن محلن کي وڏي تاريخي اهميت
هئي، ۽ انهن جي تعمير پنهنجي وقت جي بهترين فنڪارن
ڪئي هئي. اٽليءَ ۾ منهنجو گشت چئن ڏينهن لاءِ هو:
پهرئين ڏينهن شام جو مون کي ’ڪلوزيم‘
(Colosseum)
۾ ٿيندڙ هڪ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻي هئي؛ ٻئي ڏينهن
اٽليءَ جو پراڻو شهر ’ميلان‘ ڏسڻو هوم؛ ٽئين ڏينهن
وري روم ۾ واپس اچي، ’پوپ‘ سان ملاقات ڪرڻي هيم؛ ۽
چوٿين ڏينهن مون کي ’وينس‘ وڃڻو هو.
شام جو ڪيترن ملڪن جا ايلچي مون سان ملڻ آيا، ۽
پنهنجن ملڪن جا دعوتناما ڏنائون. مون هنن جو شڪريو
ادا ڪيو؛ پر جيئن ته مون کي گهران نڪتي اٽڪل ٻه
مهينا اچي ٿيا هئا ۽ اوڏانهن واپس ورڻو هوم،
تنهنڪري سندن دعوتن کي فوري طرح قبول نه ڪيم، ۽
کين ٻئي ڀيري سندن ملڪن ڏسڻ جي خاطري ڏنم.
ڪلوزيم وارو جلسو جيئن ته شام جي کاڌي کان پوءِ
ٿيڻو هو، تنهنڪري مون کي مختلف ملڪن جي اخبارن
جاچڻ جوموقعو ملي ويو. اخبارن منهنجي جپان واري
گشت جو تفصيلي احوال تمام سٺي نموني شايع ڪيو هو.
کاڌي کان پوءِ اسين ڪلوزيم ڏانهن روانا ٿياسون.
جلسي جو ميدان سڄو ماڻهن سان ڀريل هو، ۽ ان کي طرح
طرح جي روشنين سان سينگاريو ويو هو. منهنجي اتي
پهچڻ شرط، بئنڊن ۽ باجن جو غـُل مچي ويو، ۽
ڪارروائي شروع ٿي. سڀ کان پهرين ٽيهارو کن رومي
پهلوان، جن کي روم جي قديم وضع جي پوشاڪ پهريل
هئي، ميدان ۾ آيا. سندن هٿن ۾ اهڙا ئي هٿيار هئا،
جهڙا قديم زماني ۾ روم جا ماڻهو استعمال ڪندا هئا.
اچڻ سان ”سيزر زنده باد!“ جو نعرو هڻي، هو پاڻ ۾
لڙائي ڪرڻ لڳا. ڪنهن جي هٿ ۾ ڀالو هو، ڪنهن وٽ
بڻڇي هئي، ته ڪنهن وٽ تلوار يا ڪهاڙي هئي. ڪو نيزو
هلائي رهيو هو، ته ڪو تير – ڪمان استعمال ڪري رهيو
هو. وٽن گهڻن ئي قسمن جا هٿيار هئا، جن سان هڪٻئي
کي مارڻ لاءِ هو ائين لڙي رهيا هئا، جيئن اڳئين
زماني جا ماڻهو لڙايون ڪندا هئا- ڄڻ ته سچ پچ
هڪٻئي کي ماري ڇڏيندا. هنن ڪمال خوبيءَ سان قديم
رومين جي جنگي ۽ خونخوار جذبن جي ترجماني پئي ڪئي.
هيءَ ويڙهه ڪجهه وقت جاري رهي. اوچتو موسيقيءَ جو
آلاپ اڀريو، ۽ هڪ عورت جي اطالوي راڳ ڳائڻ جو آواز
اچڻ لڳو. جيئن جيئن هوءَ ڳائيندي رهي، هڪ هڪ ٿي
سڀني جوڌن پنهنجي ويڙهه بند ڪري ڇڏي پهرين ته هو
منجهي بيهي رهيا، پر پوءِ جيئن ئي راڳ جي سريلن
ٻولن جو اثر هنن تي ٿيڻ لڳو، ته هو پنهنجا هٿيار
ڀڃي ڦٽا ڪرڻ لڳا. سڀني هڪٻئي سان هٿ ملايا، ڀاڪر
پاتا، ۽ پرجوش آواز ۾ سڀئي گڏجي ساڳيو راڳ ڳائڻ
لڳا. راڳ ۾ ايترو ته سوز ۽ اثر هو جو مجمعي مان پڻ
ڪيترائي ماڻهو اٿي راڳ ڳائڻ لڳا.
راڳ ختم ٿيڻ تي سڄي جلسي جون بتيون وسامي وئيون، ۽
سڄي ميدان ۾ اوندهه ٿي ويئي. جلد ئي وري بتيون
ٻريون، ۽ ميدان تي جنگي جوڌن جي بدران هڪ سفيد
لباس پهريل ماڻهو بيٺو هو، جنهن کي وڏي اعزاز وارو
ڇَٽ ُ مٿي ۾ پيل هو. هن اچڻ سان اعلان ڪيو ته ’آءٌ
امن جو پيغامبر آهيان!‘ اوچتو ئي هڪ هيبتناڪ شينهن
ظاهر ٿيو، جنهن ايندي ئي شرط اهڙي ته دل ڏاريندڙ
گجگوڙ ڪئي جو سڄي ميڙ تي موت جو هراس طاري ٿي ويو.
شينهن ماڻهوءَ ڏانهن وڌڻ لڳو، پر هو سڪون ۽ صبر
سان پنهنجيءَ جڳهه تي بيٺو رهيو. جڏهن شينهن بنهه
ويجهو اچي پهتو، ته هو بهادر شخص ان کي خطاب ڪري
چوڻ لڳو: ’اي تباهيءَ ۽ جنگ جا نشان! تو منهنجن
گهڻن ئي امن جي ساٿين کي ماريو آهي، اڄ تون مون کي
به مارڻ آيو آهين - پر آءٌ تنهنجو مقابلو ڪندس.
تون مون کي ماري نٿو سگهين. آءٌ اڪيلو نه آهيان.
ڏس، هتي ويٺل هزارين انسان مون سان گڏ آهن. انهن
سڀني جي قوت مون ۾ موجود آهي. سڄيءَ دنيا جي
بيشمار انسانن جو زور منهنجين ٻانهن ۾ سمايل آهي.
آءٌ توکي پڇ کان جهلي مٿي کڻندس، ۽ ڦيرائي ڦيرائي
اوڙاهه جي اهڙي تري ۾ ڦٽو ڪندس، جتي تون هميشه
لاءِ ختم ٿي ويندين – اي جنگ جا نشان - ۽ دنيا جي
تختي تي تنهنجو نالو به ڪو نه رهندو!‘ شينهن
زوردار گجگوڙ ڪئي ۽ حملي لاءِ تيار ٿي ويو. جيئن
ئي هو تيزيءَ سان وات کولي، گجڪار ڪندو اڳتي وڌيو،
ته ماڻهوءَ سَٽَ ڏيئي اچي پـُڇ کان ورتس. هڪدم
بتيون وسامي وئيون، ۽ وري جڏهن روشني ٿي ته شينهن
غائب هو – هو ماڻهو اڪيلو بيٺو هو. تماشائي زور
زور سان تاڙيون وڄائڻ ۽ نعرا هڻڻ لڳا – ’امن جي
فتح ٿي!‘ امن جي فتح ٿي!‘ سڀ ماڻهو جوش ۾ اچي اٿي
بيٺا، ۽ سڀني پنهنجون ٻانهون مٿي ڪري، روم جي قديم
روايت موجب، پنهنجا آنڱوٺا مٿي کنيا – ان مان ظاهر
هو ته هو قتل و غارت جي خلاف هئا.
بتيون وسامي وئيون، ۽ وري جڏهن ميدان تي روشني ٿي
ته سامهون هڪ ڊرامي جو ننڍڙو منظر هو –
]چند
سپاهي هڪ زخمي ماڻهوءَ کي کڻيو پئي آيا. هي ’مارڪ
ائنٽَنِي‘ هو، جنهن خودڪشي ڪئي هئي. هو اڃا جيئرو
هو.[
قلوپطرا: او سج! ساڙي ڇڏ ان آسمان کي، جنهن ۾ تون
ڦِرين پيو. تون پاڻ بي نور ٿي وڃ، ته جيئن سڄيءَ
دنيا تي اوندهه ڇانئجي وڃي!.... ائنٽني!
]چار
ميان، اِراس، منهنجي پياري کي آرام سان ليٽايو!
ائنٽني: سيزر جي ڇا مجال آهي جو ائنٽني کي شڪست
ڏئي؛ اڄ ائنٽني پاڻ تي پاڻ فتح حاصل ڪئي آهي.
قلوپطرا: ها، ائنٽني جو فاتح ائنٽني آهي.... پر
منهنجي زندگي مون کان کسجي ويندي!
ائنٽني: آءٌ مران ٿو. مون سان گڏ مصر جي شان ۽
شوڪت به مري ويندي!
(ائنٽني مري ٿو.)
قلوپطرا: اڄ دنيا جو تاج مٽجي ويو. جنگ جو سينگار
هليو ويو. سپاهين جو اَجهو ختم ٿي ويو. اڄ دنيا
مان شان ۽ بهادري موڪلائي ويئي. هاڻي بزدلن ۽
بهادرن ۾ ڪو فرق نه رهندو.
]اسڪندريه
۾ هڪ ٻيو منظر. سيزر، گالس ۽ ٻيا داخل ٿين ٿا.
قلوپطرا ۽ سندس درٻاري اڳ ۾ موجود آهن.[
سيزر: توهان مان مصر جي ملڪه ڪهڙي آهي؟
ڊولابيلا: (قلوپطرا کي) ملڪه، هي روم جو شهنشاهه
آهي.
(قلوپطرا سيزر کي گوڏا ڀڃي سلام ڪري ٿي.)
سيزر: او، مصر جي راڻي! پر تون منهنجي آڏو
جهُڪين ڇو ٿي؟ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان ته اٿي بيهه.
قلوپطرا: عاليجاهه، هيءَ خدائن جي مرضي آهي. مون
کي پنهنجن مالڪن اڳيان سرجهڪائڻو آهي. هاڻي توهين
منهنجا مالڪ آهيو. توهان جي حڪم جي پيروي منهنجو
فرض آهي.
سيزر: اهڙيون ڳالهيون نه ڪر، قلو پطرا. جيتوڻيڪ
تو اسان کي سخت تڪليفون پهچايون آهن، پر اسين انهن
کي اتفاقي حادثا سمجهي وساري ٿا ڇڏيون.
قلوپطرا: سڄي جهان جا واحد مالڪ، تو سان جنگ مون
فقط پنهنجي، پنهنجي اولاد، ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت
خاطر پئي ڪئي. پر تو، اي منهنجا مالڪ، اي عظيم
سردار، اي عظيم فاتح، ڪڏهن ان ڳالهه تي ويچار نه
ڪيو آهي ته جنگ ڪيتريقدر نه بيفائدي ۽ زيانڪار
آهي. تون جيڪڏهن اسان سان جنگ نه ڪرين ها، ته
منهنجو پيارو ائنٽني مون کان جدا نه ٿئي ها! اي
عظيم سيزر، تون جيڪڏهن جنگ نه ڪرين ها ته به عظيم
هجين ها!
سيزر: توکي شايد خبر نه آهي، قلوپطرا،ته اسين
سڪندر اعظم جي روايتن تي عمل ڪري رهيا آهيون. جنگ
خراب آهي – اهڙو خيال توکي ڪيئن آيو؟ انسان جي
وڏائي جنگ سان آهي. اسان جي سامهون ’اچيلس‘ ۽
’راميسس‘ جهڙن جري سپاهين ۽ جرنيلن جا مثال موجود
آهن. اسين اڄ به انهن جي جنگين کي ياد ڪريون ٿا.
ساڳيءَ طرح، ايندڙ نسل مون کي به پنهنجي عظيم
فتوحات جي ڪري ياد ڪندا.
قلوپطرا: منهنجو شاهي جُبو ڪٿي آهي؟ چارميان،
منهنجي مٿي تي شاهي تاج رک.... مون کي ائنٽني سڏي
رهيو آهي. آءٌ اچان پيئي، منهنجا خاوند!
(قلوپطرا زهريلي نانگ کي ڇاتيءَ سان لڳائي ٿي.)
قلوپطرا: امن! امن! هاڻي دنيا کي امن ملندو.
منهنجا سرتاج ائنٽني، تون هليو وئين، هاڻي تنهنجي
ٻانهي به تنهنجي پوئتان اچي ٿي.... هاڻي سڀ ماڻهو
امن سان زندگي گذاريندا-
(قلوپطرا مري ٿي.)
بئنڊ تي امن جي تراني سان منظر ختم ٿيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو، ڪجهه وقت مون سڄيءَ دنيا جي
مختلف ملڪن مان آيل بيشمار خطن کي پڙهڻ ۾ گذاريو.
هر خط جي لکندڙَ امن جي هلايل مهم تي خوشيءَ جو
اظهار ڪيو هو، ۽ پنهنجون پـُر خلوص خذمتون آڇيون
هيون. ڪن ملڪن جي شهزادين ۽ مشهور ائڪٽريسن پڻ
ذاتي طرح امن جي مهم ۾ حصي وٺڻ جو اظهار ڪيو هو.
هو پنهنجي خرچ تي امن جي پرچار لاءِ مون سان گڏ
دنيا جي دوري ڪرڻ لاءِ تيار هيون. ڪيترن ئي امير
ماڻهن پنهنجي طرفان مالي مدد جي پيشڪش ڪئي هئي.
مون کي هاڻي امن جي مهم جي ڪاميابي جو يقين ٿيڻ
لڳو، ڇاڪاڻ ته دنيا جون مشهور ۽ اهم شخصيتون امن
جي حمايت ڪري رهيون هيون، جيڪي پنهنجي پنهنجي ملڪ
جي عوام کي چڱيءَ طرح متاثر ڪري سگهيون ٿي.
انهيءَ ڏينهن اسين ميلان روانا ٿياسين. هوائي اڏي
تان موٽر ۾ ويهي، جلوس جي صورت ۾، سڌو اچي هڪ وسيع
ميدان تي پهتاسين، جتي اٽليءَ جي مزدورن طرفان
جلسو ڪوٺايو ويو هو. مزدور ليڊرن کانسواءِ، اٽليءَ
جا مشهور راڳيندڙ ۽ فلمي ائڪٽر اسان سان گڏ هئا،
جن کي ڏسڻ لاءِ ميلان جا شهري وڏي تعداد ۾ اچي جمع
ٿيا هئا.
جلسي جي ابتدا هڪ مشهور فنڪار جي راڳ سان ٿي. اهو
راڳ امن ۽ جنگ بابت هو، جنهن ۾ جنگ کي ننديو ۽ امن
کي ساراهيو ويو هو. راڳ تمام پر اثر هو، ۽ سڀني کي
گهڻو پسند آيو.
راڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ ميدان جي وچ ۾ اڏيل هڪ عمارت
تي پيل پردو هٽايو ويو. ڏسڻ وارا سمجهي سگهيا ٿي
ته اها عمارت بارود ۽ هٿيارن ٺاهڻ جي فئڪٽري هئي.
ان ۾ مزدور ڪم ڪري رهيا رهيا هئا. هو رائفلون،
بندوقون ۽ بارود ٺاهڻ ۾ رڌل هئا.
ٿوريءَ دير کانپوءِ هڪ مشهور ائڪٽريس فئڪٽريءَ ۾
آئي. پهرين هن سڄيءَ فئڪٽريءَ جو چڪر لڳايو؛ ۽
جڏهن هوءَ سڀني جنگي هٿيارن کي جاچي چڪي، تڏهن
مزدورن جي وچ ۾ اچي بيٺي. پوءِ هن امن جو ترانو
ڳائڻ شروع ڪيو. شروع ۾ مشينن جي شور سبب هن جو
آواز ٻڌجڻ ۾ نه پئي آيو. آهستي آهستي مشينن هلڻ
بند ڪيو، ۽ سڀئي مزدور ائڪٽريس جي چوگرد اچي گڏ
ٿيا. هن ڳائڻ بند ڪيو، ۽ مزدورن کي مخاطب ٿي چوڻ
لڳي:
”منهنجا مزدور ساٿيو، آءٌ اوهان کي ڪجهه چوڻ آئي
آهيان. مون اوهان جي ڪم ۾ رنڊڪ وڌي آهي، پر اوهان
جو گهڻو وقت نه وٺنديس. مون اوهان جي فئڪٽري گهمي
ڏٺي آهي ۽ اهي سمورا هٿيار پڻ ڏٺا اٿم، جن کي
اوهان ڪافي محنت ۽ هنرمنديءَ سان تيار ڪيو آهي.
آءٌ اوهان جي محنت ۽ هنر جي ساراهه ڪريان ٿي، پر
اوهان جي محنت جي ڦَلَ کي نٿي ساراهي سگهان. اوهين
جيڪي اِهي انيڪ قسمن جا هٿيار ٺاهي رهيا آهيو، سي
تباهيءَ جا ذريعا آهن. ڇا، هي ضروري آهي ته اوهين
تباهيءَ جا هٿيار ٺاهيو؟ ڇا هي مناسب آهي ته اوهان
جي سموري محنت ۽ هنر، جنگي سامان تيار ڪرڻ ۾ صرف
ٿئي؟ ڇا، اوهان جي پگهر جو پورهيو ٻين انسانن جي
موت جو سامان نه آهي؟“
هڪ مزدور: محترمه، اسين ته فقط مزدور آهيون –
حڪم جا بندا. جيئن حڪم ڪن ٿا، تيئن ڪريون ٿا –
اسان جو وس ڪونهي. اسان کي ته پنهنجن ٻچن جي کاڌي
۽ ڪپڙي لاءِ روزي حاصل ڪرڻي آهي.
ائڪٽريس: آءٌ سمجهان ٿي ته اوهان کي پنهنجي ۽
پنهنجن ٻارن جي پيٽ – گذر لاءِ محنت مزوري ڪرڻي
آهي؛ پر، ڇا، ان لاءِ اوهان کي اهي هٿيار ٺاهڻ
گهرجن، جيڪي ٻين انسانن جي ٻچن کي ماري ڇڏيندا؟
آءٌ هي به سمجهان ٿي اوهين حڪم جا بندا آهيو، ۽
هنن برباديءَ جي هٿيارن ٺاهڻ جا ذميدار حقيقت ۾
اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي اوهان کان هي ڪڌو ڪم
ڪرائين ٿا؛ پر، ڇا، هٿيارن ٺاهڻ ۾ اوهين هنن جي
مدد نه ڪري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهين ڪم ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو، ته ڇا اِهي بم – بارود ٺهي
سگهندا؟
مزدور: جيڪڏهين اسين ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪنداسين،
ته اسان جون نوڪريون کسجي وينديون، ۽ پوءِ اسان جي
بدران ٻيا مزدور اچي ساڳيو ڪم ڪندا.
ائڪٽريس: جيڪڏهن ٻين کي به سمجهايو ويندو ته
جنگي هٿيار ٺاهي هو جنگ جي امڪانن کي وڌائيندا، ته
پوءِ هو به ڪم ڪو نه ڪندا.
مزدور: پر جيڪڏهن اسين هِتي ڪم نه ڪريون، ته
ٻيو ڇا ڪريون؟ اسان کي ڪنهن به صورت ۾ روزي ته
ڪمائڻي ئي آهي!
ائڪٽريس: آءٌ ائين ڪا نه ٿي چوان ته اوهين هتي
صفا ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيو. اوهين پنهنجي ڪم جي نوعيت کي
بدلائي سگهو ٿا. آءٌ به اوهان وانگر هڪ مزدور
آهيان؛ پر منهنجي ڪم جو مقصد اوهان جي اوهان جي
ٻارن جي وندر آهي. اچو، آءٌ اوهان کي ڏسيان ته
اوهين ڇا ڪري سگهو ٿا.
هوءَ هڪ مشين ڏانهن ويئي. بٽڻ دٻائڻ سان مشين هلڻ
لڳي. مشين مان هڪ خودڪار هٿيار جا پرزا ٺهي نڪرڻ
لڳا. پوءِ هن پنهنجي کيسي مان سبڻ جي مشين جي
پرزن جون تصويرون ڪڍيون، ۽ هڪ مزدور کي چيائين ته
هو جنگي هٿيارن جي پرزن جوڙڻ بدران اهي پرزا ٺاهي.
اهڙيءَ طرح هوءَ ٻين مشينن ڏانهن ويئي، ۽ مزدورن
کي مختلف قسمن جون تصويرون ڏنائين. ٿوري ئي وقت ۾
مشينون، رائفلن ۽ بندوقن ۽ ٻين هٿيارن بدران
سائيڪلون، سبڻ جون مشينون، رانديڪا ۽ زراعت جا
اوزار ٺاهڻ لڳيون.
تماشو ختم ٿيو، ۽ مون هڪ وڏيءَ فئڪٽريءَ جي هوٽل ۾
مزدورن سان گڏجي ماني کاڌي. روم واپس ورڻ کان اڳ
مون ’ليئو نارڊو ڊا – ونسي‘ جي مشهور تصوير ”آخري
دعوت“ وڃي ڏٺي. هيءَ عظيم تصوير ڏسي، مون کي حسن ۽
خوشيءَ جو ڄڻ ته نئون خزانو مليو.
ٻئي ڏينهن آءٌ روم موٽي آيس. اڄ مون کي ڪڙ و رين
ڪنٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا ”پوپ“ سان ملاقات
ڪرڻي هئي. مون کي کڻڻ لاءِ پوپ جي طرفان هڪ گاڏي
آئي هئي، جنهن ۾ ڇهه گهوڙا جوٽيل هئا. مون ’پوپ‘
جي حضور ۾ عقيدت جو نذرانو پيش ڪيو. هن منهنجي امن
جي ڪوششن جي تعريف ڪئي، ۽ دعا ڪيائين ته شل دنيا
جي وڏن اڳواڻن جي دلين ۾ ڦيرو اچي، جيئن هميشه
هميشه لاءِ دنيا مان جنگ جون پاڙون پٽجي وڃن، ۽
امن قائم ٿئي. هن مون کي سندس ذاتي ڪمرا ڏيکاريا،
جن ۾ فن جا عظيم شاهڪار رکيا هئا.
چوٿين ڏينهن آءٌ ’وينس‘ ويس. جشن جو انتظام ’سين
مارڪو‘ ۾ ڪيل هو. اتي ايترا ته ماڻهو اچي ڳاهٽ ٿيا
هئا جو بيهڻ جي جاءِ ڪا نه هئي – آسپاس جي سڀني
جڳهين ۾ ماڻهو ڀريا بيٺا هئا. وينس جي تاجرن جي
صدر منهنجو استقبال ڪيو. هن مختصر تقرير ڪندي،
منهنجي وينس جهڙي قديم شهر ۾ اچڻ تي خوشيءَ جو
اظهار ڪيو، جنهن شهر جا ايشيا سان تمام پـُراڻا
لاڳاپا هئا. هن چيو ته ”ڪنهن زماني ۾ وينس جو هڪ
باشندو، ’مارڪو پولو‘، مشرق مان قيمتي خزانا کڻي
آيو هو، ۽ هـُن پهرئين ڀيري مغرب کي مشرق جي شان ۽
شاهوڪاريءَ کان واقف ڪرايو.“ هن چيو ته ”اڄ اهو
ايشيا، ماضيءَ وارو ’امير ايشيا‘ نه آهي. اڄ اهو
شان شوڪت باقي نه رهيو آهي، جيڪو پنج صديون اڳ
ايشيا کي حاصل هو. اٽليءَ جي رهواسين کي، خاص ڪري
تاجر طبقي کي، پٺتي پيل ملڪن جي ضرورتن ۽ امنگن جو
احساس آهي.“ هن بين الاقوامي سياست جي بدلجندڙ رُخ
تي تمام خوشيءَ جو اظهار ڪيو، ۽ اميد ظاهر ڪيائين
ته دنيا ۾ جلد امن قائم ڪيو ويندو، ته جيئن دنيا
جا ملڪ پاڻ ۾ آزاديءَ سان واپار ڪري سگهن.
وينس جي تاجرن هڪ ٻيڙين جي جشن جو انتظام ڪيو هو،
جنهن لاءِ هن چيو ته ان مان وينس جي رهواسين جي
امن لاءِ آس ۽ ا ُڪير جو اندازو ڪري سگهبو. مون
جواب ۾ هڪ مختصر تقرير ڪئي، ۽ سندن مهمان نوازيءَ
۽ پوئتي پيل ملڪن جي ترقيءَ جي واعدي جو شڪريو ادا
ڪيو.
هاڻي ٻيڙين جو جشن شروع ٿيو. مون کي ڪناري تي آندو
ويو، ۽ ٻيڙيون هڪ هڪ ٿي اسان جي اڳيان گذرڻ لڳيون.
پهرينءَ ٻيڙيءَ ۾ سازن وارا ويٺل هئا، جن کي
وچينءَ صديءَ جولباس پهريل هو، ۽ انهيءَ دور جي
سازن سان امن جو ترانو پئي وڄايائون. ٻيءَ ٻيڙيءَ
۾ شيڪسپيئر جي مشهور ڊرامي ”مرچنٽ آف وينس“ جو
منظر هو. مـُک ڪردارن مان، حَسيِن ’پورشيا‘،
موراڪو جي شهزادي جي هٿ ۾ هٿ ڏيو بيٺي هئي، جو چئي
رهيو هو – ”پوئتي پيل ملڪن لاءِ.“ ٽيءَ ٻيڙيءَ ۾
جنت جو نظارو چٽيو ويو هو. فرشتا ڪن ماڻهن جي
چاڪري ڪري رهيا هئا. روم جو مشهور قديم شاعر
’ڊانٽي‘ هي منظر ڏسي چئي رهيو هو – ”هي اهي ماڻهو
آهن، جن امن جي واٽ ۾ جان ڏني“. چوٿين ٻيڙيءَ ۾
’مارڪو پولو‘ جي سفر جو منظر هو. هو ايشيا جي هڪ
شهنشاهه جي شان ۽ دٻدٻي واريءَ درٻار ۾ بيٺو هو.
ان ٻيڙيءَ تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو ”ڪالهه“. ان جي
پويان هڪ ٻيڙي آئي، جنهن تي ايشيا جو هڪ ڳوٺ
ڏيکاريل هو. ڳوٺاڻن جي سقيم حالت، غربت، بک
۽بيماريءَ کي اثرائتي نموني پيش ڪيو ويو هو. ان
ٻيڙيءَ تي لکيل هو ”اڄ“. پوءِ هڪ نئين ٻيڙي آئي،
جنهن ۾ اٽليءَ جا ٽي مشهور قديم مصور – ليئو نارڊو
ڊا – ونسي، مائيڪل ائنجيلو، ۽ رافئل – ويٺا هئا.
هو ٽيئي ايشيا جي هڪ شهر ۾ آيل هئا. ليئو نارڊو ڊا
– ونسي هڪ آبڪلاڻي بند لاءِ نقشو تيار ڪري رهيو
هو؛ مائيڪل ائنجيلو ٻارن لاءِ هڪ سهڻو گهر جوڙي
رهيو هو؛ ۽ رافئل هڪ عوامي هال جي ڇت تي تصويرون
ڪڍي رهيو هو. ان ٻيڙيءَ تي لکيل هو ”سڀاڻي“. ان
کان پوءِ مختلف رنگن جي سهڻيءَ چٽساليءَ سان آخري
ٻيڙي آئي، جنهن ۾ وينس جي معزز تاجرن سان گڏ مون
کي ويهڻ لاءِ چيو ويو. اسان جي پويان ٻيون به
گهڻيون ئي ٻيڙيون هيون. اسين سڀ جلوس جي صورت ۾
وينس جي وڏين وڏين نهرن تان لنگهڻ لڳاسين. وينس جي
رهواسين پنهنجن گهرن کي خوب سجايو هو. جتان جتان
اسان جو جلوس گذريو ٿي، ”امن زنده باد!“ جي نعرن
جو شور مچي ويو ٿي. امن لاءِ سندن جوش ۽ جذبي مون
کي بيحد متاثر ڪيو. جلوس ختم ٿيڻ بعد مون کي هوائي
اڏي تي پهچايو ويو، جتان آءٌ واپس روم ڏانهن روانو
ٿيس.
روم جي هوائي اڏي تي بي انداز ماڻهو منهنجو انتظار
ڪري رهيا هئا. آءٌ هوائي جهاز مان ٻاهر آيس ته هنن
’امن زنده باد‘ جا نعرا هڻي، آخري دفعو مون کي
پنهنجي امن پسنديءَ جو يقين ڏياريو. مون پنهنجن
سڀني ميزبانن جا ٿورا مڃيا، ۽ پوءِ ڪراچيءَ ويندڙ
هوائي جهاز۾ اچي سوار ٿيس. رستي تي ٻن هنڌن تي
اسان جو هوائي جهاز لٿو، ۽ ٻنهي هنڌن تي وڏي تعداد
۾ ماڻهن ’امن‘ جي نعرن سان منهنجو استقبال ڪيو، ۽
پنهنجن شهرن گهمڻ جي دعوت ڏنائون. مون کين يقين
ڏياريو ته آءٌ جلد ئي سندن ملڪن جو دورو ڪندس.
سج لهي چڪو هو، ۽ هوائي جهاز تمام مٿانهينءَ تي
اڏامي رهيو هو، تنهنڪري مون کي هيٺ زمين تي ڪجهه
ڏسڻ ۾ نه پئي آيو، پر سمجهيم پئي ته ڪراچيءَ کي
ويجهو ٿيندو پيو وڃان. ڪجهه دير کان پوءِ هوائي
جهاز هيٺ لهڻ لڳو. آءٌ بي صبريءَ وچان دريءَ کان
ٻاهر نهارڻ لڳس. مون کي شهر جي بتين ڏسڻ جو شوق
ٿيو. اوچتو پري کان روشنيءَ جو چمڪو ڏٺم، ۽ سمجهي
ويس ته ڪراچيءَ جو شهر اچي ويو. منهنجي خوشي ۽
بيچيني وڌندي ويئي – ايتريقدر جو اک کـُلي پيئم. |