سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :16

Sindhi

سنڌي

Biblical English

انجيل واري انگريزي

Old Irish

پراڻي آئرش

Sanskrit

سنسڪرت

Lithunian

لٿونين

                             

 

Contracted

extended

 

 

(آءٌ) آهيان

 

(تون) آهين

 

(هو) آهي

(I) am

(’آئي‘ ايم)

 

 

 

art

(آرٽ)

 

 

is

(اِز)

am

(ايم)

 

 

 

at

(اَت)

 

 

as or is

(آئز يا اِز)

as me

(اَس مي)

 

 

as tu

(اَس تو)

 

 

as’ e

(اَس اِ)

asmi

(اَسمي)

 

 

asi

(اَسي)

 

 

asti

(اَستي)

1. esmi

(اِسمي)

 

 

 

2. essi

(اِسي)

 

 

3. esti

(اِستي)

مٿئين خاڪي ۾ لٿونين، سنسڪرت ۽ پراڻي آئرش زبانن جو لاڳاپو ڪافي دلچسپ آهي؛ پر هت منهنجو مقصد فقط اهو ڏيکارڻ آهي ته ’آس‘ سنسڪرت ڌاتوءَ سان ضميري پڇاڙيون ’مي‘ يا ’م‘، ’اِي‘ يا ’اِ‘ وغيره گڏڻ سان ’هئڻ‘ يا ’ٿيڻ‘ (to be) فعل جون ضميري صورتون ٺهن ٿيون. اسين اڃا تائين سنڌيءَ ۾ پهريون ٻه ضميري پڇاڙيون هوبهو ساڳيون حرف جر، فعل ۽ اسم ۾ گڏيندا آهيون: مثلاً وٽ + م = وٽم =  مون وٽ؛ وٽ + اِ يا اِي = وٽئه يا وٽئي =  تو وٽ؛ پٽ + م = منهنجو پٽ؛ پٽ + اِ يا اي = پٽئه يا پٽئي =  تنهنجو پٽ؛ ٻڌم = مون ٻڌو؛ ٻڌءِ يا ٻڌئي = تو ٻڌو؛ وغيره. فقط ضمير غائب جون پڇاڙيون اسان وٽ مختلف آهن، ۽ ان جو سبب اهو آهي ته ضمير غائب لاءِ اسين اڪثر ضمير اشارو ڪتب آڻيندا آهيون؛ پر غائب جي پڇاڙي ’س‘ به خالص سنسڪرت بنياد منجهان آهي.

مٿينءَ وضاحت مان اهو پڻ ظاهر ٿي ويو هوندو ته ’اسين‘ يا ’ اسان‘ ضميرَ ”اَسمي‘ مان نڪتل نه آهن، جيئن ڊاڪٽر صاحب فرمايو آهي، پر انهن جو ڌاتو ڪو ٻيو آهي. اهو ڌاتو آهي ”اَس“ ۽ ”اسمان“ يا ”اسماڀي“. سنسڪرت ۾ ’ويوئم‘ سان گڏ اهي ٻه لفظ به ’اسين‘ يا ’اسان‘ لاءِ ڪم اچن ٿا. پر هي ’اَس‘ مٿئين ”آس“ (= ٿيڻ) کان مختلف آهي. اهو لفظ ’آس‘ به سنسڪرت جي ضمير متڪلم جمع جي پڇاڙي آهي، جئن هيٺئين مثال منجهان ظاهر ٿيندو.

سنڌي

لئٽن

يوناني

پراڻي پارسي

سنسڪرت

 =ڏيون اسين

=اسين ڏسون

dam + us

دام+ اس

Didom + es

ديدوم+اِس

dadem + ahi

دادم+ آهِي

dadm +us

دادم+ اس

انهن مثالن ۾ ’آس‘ پڇاڙيءَ جون مختلف صورتون ڪم آيل آهن، ۽ ضمير متڪلم جمع جي نمائندگي ڪن ٿيون. سنسڪرت ’آسمان‘  جي هڪ ڏانڊيءَ (stem) ’آنس‘ (-نس) مان متڪلم جمع جون ٻيون صورتون (oblique cases) نڪتل آهن – مثلاً، انگريزي –us انس، وغيره اهي سمورا مثال ضمير متڪلم جمع جون مفعولي صورتون (Dative) آهن. انهيءَ ’آس‘ پڇاڙيءَ مان ئي سنڌيءَ جو لفظ ’اسين‘ ٺهيو، ۽ ان جي صورت مفعولي (dative) ’اسان‘ بڻيو، جو سنسڪرت ”اسمان“ يا اسماڀي“ منجهان ٺهيو، جو پوءِ فاعلي صورت ۾ به استعمال ٿيڻ لڳو. سنڌيءَ ۾ ’اسين‘ محض فاعلي صورت آهي، ۽ ’اسان‘ ان جي مفعولي صورت آهي – مثلاً ”تو اسين کي چيو“ جي بدران چئبو ”تو اسان کي چيو“. نحوي ترڪيب جي لحاظ کان رفتي رفتي ”اسين“ جو  استعمال به محدود ٿي ويو، ۽ ”اسين“ فاعلي صورت جو استعمال فقط لازمي زمان ماضيءَ سان وڃي وابسته ٿيو فعل متعدي زمان ماضيءَ مان بنهه خارج ٿي ويو، ۽ باقي سڀني حالتن ۽ صيغن لاءِ ’اسين‘ ۽ ’اسان‘ ٻئي ڪتب اچڻ لڳا – مثال طور ”اسين چيو“ بدران ”اسان چيو“ صحيح آهي. ’چوڻ‘ فعل متعدي آهي. فعل لازمي ۾ ’اسين‘ ۽ ’اسان‘ ٻئي ڪم اچن ٿا – مثلاً ”اسين آياسون“ يا ”اسان آياسون“. سنڌيءَ جي ويا ڪرڻ جي اها خصوصيت به صرف زمان ماضيءَ تائين محدود آهي – ياد رکڻ گهرجي ته ٻين زمان ۾ لازمي توڙي متعدي فعلن ۾ ’اسين‘  ۽ ’اسان‘ جو اهو فرق مٽجي وڃي ٿو. انهن مثالن ڏيڻ مان منهنجو مقصد نه فقط ”اسين“ ۽ ”اسان“ جو بنياد ڏيکارڻو هو، بلڪ انهن جو فرق پڻ ظاهر ڪرڻو هو؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ نحوي ارتقا کي اسان جي ٻوليءَ جي انفراديت قائم ڪرڻ ۾ وڏو دخل آهي. اهي ئي جزئياتي فرق آهن، جي سنڌيءَ جي انفراديت ۽ ٻين ٻولين جي اثرن کان آزاديءَ جا نشان آهن.

ڊاڪٽر صاحب ان بعد سنڌ جي ٻوليءَ ۽ پالي پراڪرت جي مٿس اثر جي تاريخ ويهي بيان ڪئي آهي. انهيءَ تاريخ کان ته ڪو انڪاري نه به ٿئي، پر ڊاڪٽر صاحب انهن منجهان جيڪي نتيجا ويهي ڪڍيا آهن، انهن سان مون کي اختلاف آهي. لاشڪ پاليءَ جو اثر سنڌيءَ تي ضرور ٿيو هوندو، ۽ اهڙا لفظ به ڳولي سگهجن ٿا، جيڪي پاليءَ جو اثر ظاهر ڪن ٿا. اهو اثر بلڪل اهڙو ٿيو، جهڙو پوءِ ڪن ٻولين جو – يعني ته سنڌي انهن ٻولين مان جيڪي ٿورا لفظ پاڻ ۾ سهوليت سان سمائي (assimilate) سگهي سي کڻي ورتائين،  ۽ باقي اثرات نين تبديلين جي ڪري زائل ٿيندا ويا. ائين چوڻ صحيح نه آهي ته سنڌيءَ (سنڌ جي ٻوليءَ؟) سنسڪرت جو اثر پهريائين (؟) پاليءَ جي ذريعي ٿيو، ڇاڪاڻ ته پاليءَ کان گهڻو اڳي آريا هت آباد ٿي چڪا هئا، ۽ سندن ٻولي سنسڪرت سنڌ ۾ رائج ٿي چڪي هئي. ٻڌ ڌرم جي پرچار جو اهو هڪ خصوصي امتياز رهيو آهي ته ٻڌ ڌرم جي پرچار ڪندڙن پاليءَ سان گڏ مقامي زبانن ۾ پڻ پنهنجا خيال ٿي ظاهر ڪيا. آسوڪا يا اشوڪ  راجا جي ٿنڀن تي پاليءَ کانسواءِ اتر – اولهه جي پراڪرت، ڏکڻ – اولهه واريءَ پراڪرت، هماليه پرديش جي پراڪرت، ۽ گنگا ماٿريءَ واريءَ پراڪرت يعني اوڀر واريءَ پراڪرت جا ليک لکيل ملن ٿا. ٻوڌين جي مذهبي تبليغ جو اهو هڪ بنيادي اصول رهيو هو ته مختلف علائقن جي پراڪرتن ۾ ئي تبليغ ڪئي ويندي هئي؛ ان ڪري سنڌ ۾ به هنن ضرور پاليءَ  سان گڏوگڏ سنڌيءَ ۾ پرچار ڪيو هوندو. اسان وٽ پاليءَ يا ٻيءَ ڪنهن پراڪرت جو ثبوت ڪو نه ٿو ملي، ان منجهان ته هيڪاري پڪ ٿي ٿئي ته ڇاڪاڻ ته سنڌي ان وقت به ڪافي ترقي يافته زبان هئي، ٻوڌين جي تبليغ گهڻو ڪري سنڌي ۾ ئي ڪئي ويئي هوندي. حڪمران طبقي جي اشاري تي مُلا، پنڊت ۽ پروهت ته هونئن ئي ڍيرن جا ڍير ميسر ٿي پوندا آهن؛ ۽ ڌرمي پرچار اثرائتو به مقامي ٻوليءَ ۽ ماحول ۾ ٿئي ٿو. ان جو هڪ مثال عيسائيت جي تبليغ جي تاريخ به مهيا ڪري ٿي. ان ڪري، منهنجيءَ راءِ ۾، سنڌيءَ جي تشڪيل اڳي ئي اهڙي مڪمل پايي تي پهتل هئي، جنهن ۾ ٻوڌين پنهنجي تبليغ ڪئي، ۽ ان دوران ۾ ڪجهه اکر پاليءَ جا به سنڌيءَ ۾ اچي ويا هوندا، ٻوليءَ جي سنسڪرتي ماهيت اڳي ئي ساڳي هئي، ۽ ان تي پاليءَ جو اثر ٻين ٻولين وانگر فقط چند مخصوص لفظن تائين محدود رهيو.

ڊاڪٽر صاحب جي مضمون جو ٻيو حصو سڀ کان زياده توجهه طلب آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي تمدن سان نهايت بي انصافيءَ واري هلت ڪئي ويئي آهي. مضمون جي انهيءَ حصي ئي مون کي ذهني اذيت پهچائي آهي: هڪ ته ان ڪري جو ڊاڪٽر صاحب جهڙي ماڻهوءَ جي قلم مان اهي چيزون نڪتل آهن، ۽ ڊاڪٽر صاحب مان مون کي اها هرگز اميد ڪا نه هئي ته پاڻ علمي تحقيق ۾ پنهنجيءَ ذاتي پسند ۽ هڪ طرفي ذهني لاڙي کي ايترو داخل ٿيڻ ڏيندو ٻيو ته هن حصي ۾ چند اهڙا مفروضا قائم ڪيا ويا آهن، جن کي ڪو به تمدني يا منطقي بنياد ڪونهي؛ ازانسواءِ، دانسته يا نادانسته، هن حصي ۾ ڪجهه اهڙا جملا پڻ آيل آهن، جيڪي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي تمدن لاءِ نازيبا ۽ ناروا سمجهيا ويندا. مون کي يقين آهي ته ڊاڪٽر صاحب جو پنهنجو مقصد اهو هرگز نه هوندو، جيڪو اهي جملا ادا ڪن ٿا. پر، پنهنجن خيالن ظاهر ڪندي، ڊاڪٽر صاحب انهيءَ رنگ ۾ رنگجي ويو آهي، جيڪو سنڌ جي فارسي مؤرخن يا سندن سنڌي مترجمن اختيار ڪيو آهي. اهي تاريخون ۽ ترجما – چچ نامو (فتح نامو)، تاريخ معصومي ۽ تحفـةالڪرام- هڪ اهڙي يڪ طرفي رنگ جا حامل آهن، جيڪو انهن جي سموريءَ علمي ۽ تاريخي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ ٿو هڻي. انهن تاريخن ۽ سندن سنڌي ترجمن ۾ سنڌ جي قديم باشندن کي ڪافر هجڻ ڪري ملعون، لعين، ۽ خدا ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن اڻ سهائيندڙ لفطن سان ياد ڪيو ويو آهي. انهن تاريخن جي مترجم صاحب به ترجمي ڪندي، (شايد ترجمي جي ديانتداريءَ کي خيال ۾ رکندي!) سنڌين لاءِ اهي لقب القاب قائم رکيا آهن. ائين به نه آهي ته ڪو ترجمي کي اصل سان متفق رکڻ لاءِ ائين ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي هنڌن تي ڪن فقرن ۽ جملن  جو رعايتاً آزاد ترجمو به ڪيو ويو آهي.  ڇا اهو ممڪن نه هو ته مترجم صاحب اهڙن ڏکوئيندڙ لفطن کي ترجمي ڪندي حذف ڪري ڇڏي ها، ۽ وڌ ۾ وڌ کڻي اهڙو فٽ نوٽ ڏيئي ڇڏي ها؟ ڪاش، اسان جا صاحبِ علم حضرات ٿورڙو تعصبي رنگ کان هٽي، بيريا عالمانه انداز سان، مذهبي ڇوت ڇات کي علمي تحقيق کان ٻاهر رکندي، سنڌ جي تاريخ تي محنت ڪن ها! ممڪن آهي ته انهن ڳالهين لاءِ اهو جواز پيش ڪيو وڃي ته پراڻين تاريخن جو اسلوب ئي اهڙو هو، ان ڪري ان کي قائم رکڻ ۾ ڪا اربع خطا ڪانهي، پر اهي ته ٿيا پراڻا مثال، جيڪڏهن ويهين صديءَ ۾ لکيل ڪن مغربي مستند مؤرخن جون اهڙون تاريخون (مثلاً ايڇ . جي . ويلس جو ’آئوٽ لائين آف ورلڊ هسٽري‘)، جن ۾ اسان مسلمان ۽ اسان جي مذهبي اڳواڻن لاءِ ڪي دل آزاريندڙ لفظ استعمال ڪيل آهن، جيڪڏهن ڪو شخص ويهي سنڌيءَ ۾ لفظ بلفظ ترجمو ڪري، ته اهي ئي ساڳيا عالم يقين اٿم ته انهيءَ مترجم تي گارين جو ڌوڙيو لائي ڏيندا!

ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي دور کي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايو آهي. انهن مان پهريون حصو آهي ”فتح اسلام وقت ٻوليءَ جي صورت ۽ سٽا“. انهيءَ حصي ۾ مکيه نظريو اهو پيش ڪيو ويو آهي ته ڇهين صديءَ کان يارهين صديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ٿي. ان لاءِ بنياد انهيءَ مفروضي تي قائم ڪيو ويو آهي ته ’عربي دور حڪومت کان اڳ موجوده سنڌي ٻوليءَ جي موجود هجڻ جو ظني ۽ گماني دليل به موجود ڪونهي‘. ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب ٿورو ئي اڳتي سنڌ تي لکي اولين تاريخ چچنامي ۾ ڏنل ڪجهه سنڌي لفظن – شهرن جي نالن، طبعي چيزن جي اسمن، اضافي ترڪيبن، وغيره – جا مثال ڏنا آهن. ڇا، اهي مثال موجوده سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل جو ڏس ڪو نه ٿا ڏين؟ انهن چند لفظن جي مطالعي مان ئي ڏسجي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪم از ڪم پنهنجي آوازن ۽ اچارن جي تشڪيل ان کان گهڻو اڳي ڪري چڪي هئي. انهن مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي ٻوليءَ جا انوکا آواز – يعني ڻ، ڄ، ٻ، ڏ، وغيره – عربن جي ڪاهه وقت ٻوليءَ جي آوازن جي ترتيب (phonetics) ۾ موجود هئا – اها ٻي ڳالهه آهي ته عرب ۽ فارسي مؤرخ، انهن نرم ۽ لطيف آوازن کان بيعلميءَ جي ڪري، انهن کي پنهنجين ٻولين جي محدود صورتخطيءَ ۾ ادا ڪري نه سگهيا. جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ٿو ته اهي آواز ان وقت موجود هئا، ته پوءِ تاريخي طرح انهن جي پيدا ٿيڻ جو سَنڌو به عربن کان گهڻو اڳ مقرر ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهي اچار اسان وٽ اڄ به ائين ئي موجود آهن. علم اللسان ۽ انساني ٻولين جي آوازن (phonetics) جي تاريخ موجب، اسين انهن کي ڪم از ڪم اوتري ڄمار ته عربن کان اڳي به ڏيئي سگهون ٿا، جيتري عربن کان پوءِ. جيڪڏهن ٻوليءَ جي آوازن جي ترتيب کي اسين عربن کان اڳي جو پيدا ٿيل مڃون، ته پوءِ لامحاله اهو به مڃڻو پوندو ته ٻوليءَ جي ’تشڪيل‘ به عربن کان اڳي، بلڪه گهڻو عرصو اڳي، ٿي چڪي هئي.انهيءَ لاءِ علم اللسان جا ڪيترائي اصول ڏيئي سگهجن ٿا. ان سلسلي ۾ پنهنجي مضمون جي منڍ ۾ آءٌ اڳي ئي ڪجهه عرض ڪري آيو آهيان. طوالت جي ڊپ کان، هت فقط آءٌ هڪ وڌيڪ سبب ڄاڻائيندس. آوازن جي ترتيب هر ڪنهن ٻوليءَ جي تشڪيل جي اولين ڏاڪن مان آهي. هر نئين آواز پيدا ڪرڻ لاءِ انسان کي هزارين ورهيه لڳي ٿا وڃن. دنيا جي سمورين ٻولين جي آوازن جي ترتيب جي تاريخ اهو ئي ٻڌائي ٿي ته بنيادي آوازن (primary sounds) جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪي مرڪب آواز يا اختراعي آواز ٺهندا آيا آهن، اهي انساني گفتگو ۽ ٻوليءَ جي تاريخ جو پتو پڻ ڏين ٿا، ۽ هر نئين اختراعي آواز ٺهڻ ۽ استعمال ٿيڻ ۾ هڪ ڊگهو عرصو لڳي ٿو وڃي. مثال طور، عربي اسان جي مذهب جي زبان آهي، ۽ سنڌ جا مسلمان گذريل ٻارهن سون ورهين کان قرآن مجيد پڙهندا آيا آهن – ان هوندي به اڄ سنڌ ۾، سواءِ ڪن مولوين جي، اوهان کي ڏهن هزارن ۾ به هڪ ماڻهو نه ملندو جو عربي ث، ص، ح، ق ۽ ع جهڙا آواز صحيح عربي لهجي ۾ اچاري سگهي. (پڙهندڙ خود به پنهنجي نڙيءَ کي هن مضمون پڙهندي اها مشق ڏيئي سگهن ٿا.) عربيءَ جا اهي اچار به اختراعي آواز آهن، ۽ عرب دنيا ۾ انهن کي وجود ۾ آئي هزارين ورهيه گذري چڪا آهن. ساڳيءَ طرح، سنڌيءَ جي انهن خاص پنهنجن آوازن ٺهڻ ۾ به ايترو ئي ڊگهو عرصو لڳي ويو هوندو. انسان آوازن ٺاهڻ سان لفظ گهڙڻ شروع ڪندو آهي. اسان جي آوازن – ٻ، ڄ، ڃ، ڳ، ڱ، ڻ، وغيره – وارا لفظ ٻوليءَ جي تشڪيل جي انفرادي خصوصيت بڻجي ويا، ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي موجوده تشڪيل انهن آوازن جيتري ئي پراڻي آهي.

جيڪي مثال چچنامي ۾ لفظن جا ڏنا ويا آهن، انهن جي ساخت ۽ ڌاتن معلوم ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ طبعي جزئيات جا اسم اڄ به بلڪل انهيءَ ئي شڪل ۾ موجود آهن، جيڪا شڪل عربن جي ڪاهه وقت هئي. اهي لفظ ان وقت بنيا هوندا، جڏهن سنڌ جا ماڻهو انهن چيزن سان روشناس ٿيڻ لڳا هوندا. نه رڳو ايترو، پر انهن لفظن جي نحوي بناوت ۽ اضافي ترڪيبن جا اهڃاڻ به ملن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن ’ڍنڍ‘، ’ٻيٽ‘ يا ’ندي‘ فقط هين صديءَ کان پوءِ ئي ڏٺيون، ته پوءِ شايد ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ درست معلوم ٿئي ها؛ پر اهي چيزون سنڌ جي جاگرافيءَ جو نمايان ۽ لازم – ملزوم حصو آهن، ۽ اهي نالا سنڌ جي انهن ماڻهن قائم ڪيا هوندا، جن جو انهن سان واسطو رهيو، ۽ انهن ئي سنڌي ٻوليءَ کي تشڪيل ڏني. سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل کان محض ان ڪري انڪار ڪرڻ ته عربن کان اڳي جي تاريخ اسان وٽ نه آهي، اهو ڪو علمي دليل ڪونهي- بلڪ ان کي ته مفروضو (hypothesis)  به سڏي نٿو سگهجي – اهو ته محض غير منطقي ڌڪو (Illogical conjective) ئي سمجهيو ويندو.

سنڌي ٻوليءَ جي موجوده سنڌ ٻوليءَ جي موجوده تشڪيل جي قدامت جو هڪ مثال ته خود ڊاڪٽر صاحب ڏنو آهي – حالانڪ ان مان پاڻ نتيجو نهايت ئي غير منطقي ڪڍيو اٿس، ۽ ان سان مون کي ڪو به اتفاق ڪونهي. ڏاهر جي چيل لفظن ’نسي من، نسي من، نسي من‘ کي ڊاڪٽر صاحب ”هتي مون، هتي مون“ جو جامو پهرايو آهي: ان منجهان سنڌيءَ جي ضمير ۽ ظرف جو استعمال ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان وقت سنڌيءَ جي ضميرن ۽ ظرفن جي اها صورت موجود هئي، ته پوءِ ٻوليءَ جي نحوي تشڪيل جي قدامت کي ڪيئن ٿو شڪ ۾ آندو وڃي، سا ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ ڪا نه آئي! ڊاڪٽر صاحب انهيءَ منجهان اهو نتيجو ويهي ڪڍيو آهي ته سنڌيءَ ۾ ان وقت حرفن ۽ زمانن موجب فعل اڃا جملي جي ربط جو لازم ملزوم جز نه بنيا هئا! هڪ مشڪوڪ روايت تي مبني، ٻن اڻ سڃاتل ۽ غلط سلط صورتخطيءَ ۾ لکيل ندائي لفظن کي جملو سڏڻ، ۽ ان ۾ معنائون وجهي، ان کي سنڌيءَ جي بي ربط ترتيب جي نشاني سڏڻ کي افسوسناڪ نه به سڏجي، پر سچ پچ اها ڪيڏي نه کل جهڙي ڳالهه آهي! اهڙو هڪ ٻيو کل جهڙو ”سنڌي جملو“ (!) ’اره ڪره مندره‘ وارو آهي. تعجب آهي ته اسان جي عالمن انهيءَ جملي مان پڻ سنڌيءَ جي گوناگون بي ترتيبن کي ڳولي ڪڍڻ تي طبع آزمائي ڇو نه ڪئي آهي!- شايد ان ڪري جو ان مان مفهوم ڪنهن عرب حاڪم جي تعريف جو ورتو ويو آهي! اهو جملو راجا ڏاهر کان گهڻو پوءِ جو آهي، ان کي ته عربي ۽ فارسي مؤرخ سمجهي ڪين سگهيا، باقي ’نسي من، نسي من‘ جي مطلب لاءِ مڙئي مغز ماري ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته ان مان سنڌي ٻوليءَ جي قديم ناقص ترڪيب جو ثبوت ٿي مليو، يا ڏاهر جي موت متعلق مفروضي کي ٽيڪ ٿي ملي!

ان بعد، ڊاڪٽر صاحب سنڌي لفظن جي بناوت ۽ جوڙجڪ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته جيئن اڳ تيئن هي لفظ حروف صحيح سان بنيل هئا، ۽ منجهن حرف علت يا ته گهٽ هئا، يا بنهه هئا ئي ڪو نه. اهو اصول انسان جي ڳالهائڻ سکڻ تي بحث ڪرڻ وقت ته بيان ڪيو ويندو آهي ته جڏهن انسان ڳالهائڻ سکيو، تڏهن اول اول هن حرف صحيح اچارڻ شروع ڪيا،  ۽ حرف علت رفتي رفتي انسان جي زبان ۾ لفظن جي ٺهڻ جي سلسلي ۾ داخل ٿيندا رهيا؛ پر سنڌيءَ متعلق جنهن نتيجي لاءِ اهو اصول بيان ڪيو ويو آهي،  اهو ڪافي دلچسپ آهي. شايد ڊاڪٽر صاحب جو اهو ئي خيال ٿو ڏسجي ته سنڌي ماڻهو ڳالهائڻ ئي عربن جي ڪاهه وقت پئي سکيا، ۽ عربن ئي هنن کي صحيح طرح ڳالهائڻ سيکاريو! آءٌ وري به ڊاڪٽر صاحب جو ڌيان چچنامي ۾ آيل سنڌي لفظن ڏانهن ڇڪائيندس: سنڌ جي تاريخي رڪارڊ ۾ جيڪي قديم ترين لفظ ملن ٿا، انهن ۾ پاڻ حروف علت جي ترتيب ڏسي ته شايد کين پنهنجي نتيجي کي پاڻ ئي ريٽڻو پوندو. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب انهن لفظن لاءِ به ائين چوي ته انهن ۾ ڪم آيل حروف علت به عربي اثر جو نتيجو آهن، ته پوءِ پنهنجي ’ٿـُو کَٽا‘!..... آڻ مڃي، جهڳڙو ئي ڇـُٽو! ڊاڪٽر صاحب سنڌي لغت جو مهتم اعل اعليٰ آهي: جيڪي لفظ پاڻ مثال طور ڏنا اٿن، انهن جي ڌاتن ۽ سندن ارتقا تي ڪجهه ڌيان ڏيڻ لاءِ پڻ آءٌ کين کين عرض ڪندس، ۽ اميد اٿم ته کين پنهنجي  راءِ ضرور بدلائڻي پوندي. سنڌيءَ سنسڪرت جي سورهن حرف علت مان ڏهه اڃان تائين پاڻ وٽ قائم رکيا آهن، جن کي ا، و ، ي کانسواءِ اعرابن ذريعي به استعمال ڪجي ٿو. دراصل لفظي بناوت ۾ سنڌيءَ ۾ اعرابن جو استعمال اڙيا ۽ ڪشميريءَ وانگر هر لفظ جي آخري اکر تي ڪيو وڃي ٿو، ۽ هر لفظ جو پويون اکر به متحرڪ ٿئي ٿو. حرف علت جي استعمال جو اهو طريقو سنسڪرت ۽ عربيءَ ۾ به نظر ڪو نه ٿو اچي.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نظريي جي جواز ۾ ”واڻڪي سنڌيءَ“  جو مثال ڏنو آهي. واڻڪو سنڌي رسم الخط  سنڌ جا واپاري طبقي، فقط وڻج واپار جي لکپڙهه لاءِ ناگري لپيءَ جي اکرن مان ٺاهيو. انهن اکرن ۾ ڪجهه تبديلي آڻي، ماترائن کي حذف ڪيو ويو. اهو محض وقت بچائڻ ۽ لفظن جي نحوي بناوتن جي موشگافين کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو. هندستان ۾ اهڙو ٻيو مثال مارواڙي الف–  بي جو آهي، جنهن ۾ هنديءَ جا اڪثر اکر ماترائن کانسواءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. مارواڙين جو اهو دستور به ساڳئي اصول تي محض واپاري لکپڙهه جي سهوليت لاءِ ڪيو ويو آهي.  انهيءَ الف – بي مان لکيل جملن کي فقط واپاري طبقو ئي پڙهي سگهي ٿو، جو انهن کي انهيءَ جو استعمال ٿي وڃي ٿو. واڻڪي سنڌي الف – بي تاريخي طرح ٽالپرن جي ڏينهن جي آهي، ۽ ان جو رڪارڊ به محض واپاري لکپڙهه آهي. نه رڳو انهيءَ ۾ ماترائن کي حذف ڪيو وڃي ٿو، پر فعلن کي به مخفف صورت ۾ لکيو ويندو آهي. مثلاً ’ميوارام‘ کي جي بدران  لکيو ويندو، جو هونئن پڙهڻ ۾ ايندو ’م- و- ر- م‘  انهيءَ نالي جي مثال مان ظاهر ٿيندو ته ستن اکرن مان ٽِ اکر (حرف علت) حذف ٿي ويا آهن، ليڪن سمجهڻ وارو پڙهڻ مهل ان ۾ حرف علت دليؤن گڏي، ان کي ’ميوارام‘ ئي پڙهندو. ان ڪري، واڻڪي الف – بي اهو ثابت ڪا نه ٿي ڪري ته سنڌيءَ ۾ لفظ رڳو حرف صحيح مان ٺهيل هئا؛ بلڪ هيءُ محض هڪ خاص طبقي جي لکپڙهه جوطريقو هو، جومحنت ۽ وقت بچائڻ جو اصول تي ٺاهيو ويو هو. انهيءَ مان اهو مفهوم وٺڻ ته اها هڪ قديم الف – بي آهي، ۽ ان ڪري قديم سنڌي لفظ حرف علت کانسواءِ هئا، ۽ ان ڪري عربي ٻوليءَ سنڌيءَ کي حرف علت مهيا ڪيا، ڪيتري نه سطحي ڳالهه ٿي معلوم ٿئي!

ان بعد ڊاڪٽر صاحب عربي دور حڪومت ۾ سنڌيءَ تي ٿيل اثر کي وضاحت سان بيان ڪيو آهي. تعجب آهي ته ڊاڪٽر صاحب هن حصي کي بيان ڪرڻ ۾ هڪ اهڙو ڍنگ اختيار ڪيو آهي، جنهن مان اهو ٿو محسوس ٿئي ته عربن جي ڪاهه کان اڳ سنڌ ۾ ڪو سماج، ڪو معاشرو، ڪو نظام بنهه هوئي ڪو نه، ۽ اهو عربن اچي سنڌ کي ميسر ڪري ڏنو! انهيءَ کان ڪو به شخص انڪار ڪو نه ڪندو ته حمله آور قوم جڏهن فاتح بڻجي حڪومت ڪرڻ لڳي ٿي، تڏهن ان جي ٻوليءَ جو اثر مقامي ٻوليءَ تي ضرور ٿئي ٿو؛ مگر هڪ محدود دائري اندر. ٻوليءَ کي مرڪزيت نفسياتي سبب به آهن. سڀ کان اول ته ٻولي ماڻهن جي هڪٻئي سان گهرن تمدني، سماجي، ۽ تاڄنيتي ناتن جو هڪ وسيلو آهي. حمله آور قوم جي ٻوليءَ جو اثر صدين کان پوءِ ٿيڻ لڳي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته محڪوم قوم پنهنجي حاڪم قوم سان پختا تمدني ۽ سماجي لاڳاپا تڏهن ئي پيدا ڪري ٿي، جڏهن حمله آور قوم لاءِ سندس نفرت ۽ غيراطميناني وقت جي مرهم سان ميٽجڻ لڳي ٿي، ۽ اهو وقت جو مرهم ڌارينءَ قوم جي اڳرائيءَ ۽ زيادتيءَ جي زخمن کي ڇٽائڻ لاءِ صدين جي عرصي ۾ پنهنجو ڪم رفتي رفتي ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص ائين چوي ته عربن لاءِ سنڌين جي دل ۾ پيدا ٿيل نفرت جلد ئي ختم ٿي ويئي هوندي، ته اهو شخص قومن جي تاريخ ۽ نفسيات کان بلڪل بيعلم آهي. اسان وٽ تازو انگريزن جو مثال آهي. انگريزن تقريباً سو ورهيه سنڌ تي راڄ ڪيو: انهيءَ سو سالن جي عرصي ۾ انگريزي ٻوليءَ سنڌيءَ تي جيڪو اثر ڪيو آهي، سو عالم آشڪار آهي – ٻه – اڍائي ويهون لفظن جون به مشڪل ملنديون، جي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا. قومن جي تاريخ ۾ اهو به هڪ مثالي نشان آهي ته شروع شروع ۾ حمله آور قوم جي ٻوليءَ لاءِ ماڻهن ۾ نفرت هوندي آهي. سواءِ واپاري طبقي جي ڪن گروهن ۽ حڪومت جي چاپلوس ماڻهن جي، عوام انهيءَ ٻوليءَ کي ڳالهائڻ هڪ غداري ۽ قومي بيغيرتي تصور ڪندو آهي. اهي احساس رفتي رفتي ماٺا ٿيندا آهن، ۽ ان ۾ ڪافي عرصو لڳي ويندو آهي. ان ڪري، عربيءَ جو اثر سنڌيءَ تي تمام دير سان ٿيو هوندو. عربيءَ جي اثر ۾ اسلام جي درجي بدرجي رائج ٿيڻ جو ئي سڀ کان وڏو هٿ آهي؛ پر انهيءَ اثر به شروع ۾ سنڌي ماڻهن ۾، سواءِ ڪن علمي طبقي جي ماڻهن يا سرڪاري نوڪرن، جي، ڪو به نمايان ڦهلاءُ ڪو نه ڪيو. تاريخي ثبوت به اهو آهي ته عربيءَ جو ماڻهن ۾ نمايان اثر مس مس ڏهين ۽ يارهين صديءَ ۾ ٿيڻ لڳو. ان جو مکيه سبب هڪ نئين مذهب جو ولولو هو، ۽ ٻئي طرف حاڪم قوم کي خوش ڪرڻ جو درجي بدرجي اڀريل جذبو. ان ئي عرصي ۾ اسين ڪي عربيءَ جو سنڌي شاعر ۽ اديب به ڏسون ٿا. اهي تاريخي حقيقتون آهن، جن کان انڪاري ٿي نٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ائين ٿو سمجهي ته سنڌي ماڻهن هڪدم عربي اثر کي قبول ڪرڻ شروع ڪيو، ته اهو محض هڪ اڳ سٽيل رجحان جي ماتحت، ۽ دنيا جي قومن جي تاريخ کان لاعلميءَ جي باعث.

جيسين سنڌي ماڻهو عربيءَ جي ٿورڙو اثر قبول ڪرڻ لڳا، تيسين عربي حڪومت جو به خاتمو ٿي ويو، ۽ سنڌ مقامي ماڻهن وٽ موٽي آئي. ان بعد عربيءَ جو اثر فقط مذهب جي ذريعي ٿيڻ لڳو، ۽ هڪ محدود دائري اندر اهو اثر اڄ تائين به قائم آهي.

ڊاڪٽر صاحب جن ڳالهين کي ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿيڻ جا سبب ڄاڻايو آهي، تن کي پڙهي ائين ٿو معلوم ٿئي ته عربن کان اڳ سنڌ هڪ بيابان ۽ جهنگ هو، جنهن ۾ نه ماڻهن تي ڪي نالا رکيل هئا، نه شهر هئا، نه ڪو زرعي نظام هو، نه پنهنجو معاشرو هو، نه سياسي مرڪزيت هئي، نه ڪا سماجي لهه وچڙ هئي، نه ڪو وڻج واپار هو، ۽ نه ڪي نوان شهر ۽ ڳوٺ ٻڌبا هئا! خود مسلمان مؤرخن جون لکيل تاريخون ڊاڪٽر صاحب جي بيان خلاف شاهدي ڏين ٿيون. برهمڻ ۽ راءِ گهراڻي جي حڪومت، چچنامي جي مؤرخ جي بيان منجهان، هڪ جامع سياسي ۽ معاشرتي تنظيم ثابت ٿئي ٿي. سندن زرعي نظام، راءِ سهاسيءَ جي سخاوت، عدل انصاف ۽ حڪومتي سرشتو، ۽ چچ جي همه گيري سياسي تنظيم جون جهلڪون انهن تاريخن ۾ به موجود آهن. ڇا، اهي سموريون ڳالهيون هڪ پختي سياسي ۽ سماجي نظام جي شاهدي ڪو نه ٿيون ڏين؟

ان بعد ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جي ”نفسياتي ڪيفيت“ تي ويهي بحث ڪيو آهي. بهتر ٿئي ها ته ڊاڪٽر صاحب ”ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت“ جي ڪا تشريح ڪري ها، ڇاڪاڻ ته ان بيان کي پڙهي ائين ٿو معلوم ٿئي ته عربن جي تعريف ڪندي ڪندي، ۽ سنڌي تمدن کي لوئيندي لوئيندي، ٻوليءَ جي ’نفسياتي ڪيفيت‘ بنهه سندن ذهن تان ئي لهي ويئي آهي. هن ئي بيان ۾ ڊاڪٽر صاحب عربن ۽ سنڌين جي سڱابنديءَ جي ذڪر ڪندي هي لفظ ڪم آندا آهن، ۽ مضمونن جي آخر ۾ وري به دهرايا آهن: ”عرب اخلاقيات واريون وصفون – مثلاً مروت، ضيافت، سخاوت، شجاعت، عصبيت، حميت، بدويت، سادگي ۽ مردانگي – سنڌين جي شخصيت جو لازم ملزوم نفسياتي جز بڻجي ويون!“ جيڪڏهن هڪ ڪم علم ۽ سطحي ذهن جو ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪري ها، ته ان کي هڪ سطحي ذهن جون سطحي ڳالهيون چئي درگذر ڪري ڇڏجي ها؛ پر ڊاڪٽر صاحب جي قلم مان اهي لفظ پڙهي مون کي سخت ذهني ايذاءُ پهتو آهي - ۽ هر سنڌيءَ کي پهتو هوندو. آءُ سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر صاحب انهن لفظن مان ادا ٿيندڙ مقصد تي پوريءَ طرح غور نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪجهه سوچڻ بعد هو جيڪر اهي لفظ هرگز استعمال نه ڪري ها!

اهي وصفون جيڪي ڊاڪٽر صاحب بيان ڪيون آهن، تن کي اول ته ڊاڪٽر صاحب عربن جي ملڪيت ٺهرائي ڇڏيو آهي – يعني ته دنيا ۾ فقط عرب ئي انهن اخلاقن جا مالڪ هئا، ۽ جيڪڏهن ٻيءَ ڪنهن قوم ۾ اهي وصفون موجود آهن ته اهي عربن کان ئي اڌاريون ورتيون اٿن! انسان جي سماجي ارتقا ۽ سندس اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي ارتقا ته ڊاڪٽر صاحب لاءِ ڪا شيءِ ئي ڪا نه ٿي ڀانئجي. جيڪي ڪجهه اخلاقي ۽ سماجي قدر اسين انسان ۾ ڏسون ٿا، سي سمورا عربن جي ملڪيت ۽ ورثو آهن!

ڊاڪٽر صاحب علم الانسان (anthropology) ۽ سماجي علم (sociology) جو پڻ ڪافي مطالعو ڪيو آهي؛ ۽ انهن وصفن کي ”عرب“ سڏي، ڊاڪٽر صاحب انهيءَ سموري مطالعي جي نفي ڪئي آهي! اهي عرب اخلاقيات جون وصفون سنڌ جي نفسياتي ڪيفيت ۾ عربن جي ڪري پيدا ٿيون، ائين چوڻ بدران جيڪڏهن ائين چئجي ها ته عربن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ سنڌي ماڻهو بي مروت، بي ضيافت، ڪانئر ۽ ڪنجوس هئا، ۽ منجهن مردانگي ڪا نه هئي، ته ائين لکڻ سان ڪم از ڪم عصبيت کي ته ذهني سڪون ميسر ٿئي ها! ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي جو جذبات جي وهه ۾ وهي اهڙيون ڳالهيون لکيون ويون آهن! نه رڳو ايترو، پر جذبات جو اهو وهه به ڪو اهڙو تکو ٿي ڏٺو، جو ڊاڪٽر صاحب کان اهو به وسري ويو ته پاڻ اڳيان ڇا چئي آيو آهي. عربن ۽ سنڌين جي سڱن جون ڳالهيون ڪندي، ڊاڪٽر صاحب هي لفظ به لکيا آهن ته ”اهل سنڌ جي شرافت ۽ مروت کان وڏا وڏا عرب خاندان به متاثر ٿيا“.... ڪيڏو نه تضاد آهي ڊاڪٽر صاحب جي لفظن ۾! پر هتي به ”اهل سنڌ“ مان ڊاڪٽر صاحب جي مراد شايد صرف اهي اهل سنڌ هئا، جي عربن کان شرافت ۽ مروت سکي، شريف ۽بامروت بڻجي چڪا هئا-!

اڳتي هلي ڊاڪٽر صاحب فرمائي ٿو ته ”(اهي اخلاقي وصفون) اهڙا تخيلات(concepts)  هئا، جن جو اثر، خيال ۽ ويچار جي ڪيفيت (thought process)، عمل جي نوعيت (behaviour)، ۽ اڃا به زياده نفسِ ڪلام جي هيئت ۽ ٻوليءَ جي سٽا تي پيو، جنهنڪري سنڌي ٻوليءَ جي نفسيات اصلاً توڙي اصولاً بدلجي ويئي“. ان لاءِ آءُ سڌو سنئون اهو عرض ڪندس ته قبلا، اهي اخلاقي وصفون سنڌين جي خيال ۽ ويچار جي ڪيفيت ۾ اڳي ئي بدرجه اتم موجود هيون، انڪري انهن وصفن جو جيڪو اثر سنڌي ٻوليءَ جي هيئت ۽ سٽا تي پيو، سو اصلاً ۽ اصولاً عربن کان ڪئين صديون اڳ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ موجود هو.

ڊاڪٽر صاحب عربيءَ مان آيل لفظن تي ويهي بحث ڪيو آهي، سو ايترو ته اڇا ترو آهي جو ان تي جيڪر ڪجهه به چئجي ته بهتر. عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ لفظ داخل ٿيا آهن، تنهن کان ڪنهن کي به انڪار ٿي نٿو سگهي، پر انهن لفظن جي ڪري سنڌي تمدن کي ڪـُلي طور عرب – تمدن جو مرهون منت سمجهڻ يقيناً زيادتي آهي. ٻن ٻولين جي هڪٻئي سان واهپي رهڻ ڪري ٻوليون هڪٻئي سان لفظن جي ڏي – و‎ٺ ڪنديون آهن. تعجب آهي ته اسان جا عالم سنڌيءَ ۾ آيل عربي لفظن لاءِ ته ايترو بغاغو مچائڻ جو عادي ٿي ويا آهن، پر ڪنهن به عالم اڄ تائين انهيءَ امڪان تي غور ڪو نه ڪيو آهي ته سنڌيءَ مان پڻ ڪي لفظ عربيءَ ۾ داخل ٿيا، ۽ ڪي پنهنجي اصليت عربيءَ ۾ وڃائي چڪا آهن. شايد ان جو اهو ئي سبب آهي ته هو سمجهن ٿا ته عربيءَ کي ’امتيازي درجو‘ (privilege) حاصل آهي، - ۽ اهو ڀلا ڪيئن ممڪن آهي ته عربيءَ ۾ سنڌي لفظ آيا هجن؟ پر جيڪي ماڻهو سمورين ٻولين کي – پوءِ سنڌي هجي يا عربي، تامل هجي يا تيليگو – انسان جي ڳالهائڻ جو هڪجهڙو وسيلو سمجهن ٿا، سي ٻولين جي هڪٻئي سان ڏي – وٺ کي ڪنهن به تمدني عصبيت جي نگاهه سان ڪو نه ٿا ڏسن. عربيءَ ۾ سنسڪرت لفظن جو نشان ”ڪافور“ وغيره جهڙن لفظن ۾ ملي ٿو؛ ساڳيءَ طرح سنڌيءَ جا به ڪي لفظ عربيءَ ۾ آيا آهن، بلڪ انهن مان ڪن کي ابتو ڪري عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ آيل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ۽ ڪن لفظن کي زوريءَ عربيءَ جو پڇ ڳنڍيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جيڪي لفظ مثال طور ڏنا آهن، انهن ۾ به اها دانسته ڪوشش نمايا آهي – يقيناً، لفظن جي اصليت کي ڳولي ڪڍڻ جي بيريا ڪوشش کي ان ۾ ڪو دخل ڪونهي.

مثال طور، ’هاري‘ لفظ وٺو. اول ته ڊاڪٽر صاحب ان کي ’حارث‘ مان ثابت ڪرڻ ٿو گهري؛ پر خود کيس ئي شڪ ٿو جاڳي، ۽  ان کي ’هر‘ مان نڪتل ته چوي ٿو، پر عربي اسم فاعل جي قاعدي سان! ’هـَر ُ‘ لفظ سڌو سنئون سنسڪرت ڌاتوءَ جو آهي، جو هنديءَ ۾ ’هل‘ آهي، ۽ گجراتيءَ ۾ ”هڙ“ آهي. گجراتيءَ ۾ ته ان سان لاڳاپيل فعل به آهي – ’هڙوون‘، معنيٰ چـُرڻ يا چورڻ، جو کيڙڻ جي معنيٰ ۾ به ڪم اچي ٿو – جيتوڻيڪ کيڙڻ يا هر ڏينهن لاءِ گجراتيءَ ۾ عام استعمال ٿيندڙ فعل ’کيڙوون‘ آهي، ۽ ان مان ’کيڙوت‘ لفظ هاريءَ جي معنيٰ ۾ ٺهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ته عربيءَ جو ڄاڻو آهي، ان هوندي به فرمائي ٿو ته ’هاري‘ لفظ اسم فاعل آهي عربي اثر هيٺ ’هر‘ منجهان. ’هر‘ اسم آهي، ۽ اسم فاعل اسم مان نه پر فعل مان ٺهندو آهي. جيڪڏهن ’هاري‘ کي اسم فاعل سمجهجي ته به عربي گرامر جو اثر ته ظاهر ڪو نه ٿو ٿئي، ڇو ته اسم مان اسم فاعل ٺاهڻ جو ته عربيءَ ۾ ڪو ئي قاعدو ڪونهي! دراصل ’هاري‘ لفظ اسم صفت آهي، جنهن مان تمليڪي اضافت جي معنيٰ ٿي نڪري – ’هاري‘ معنيٰ ’هر وارو‘. اهڙن اضافتي اسمن ٺاهڻ لاءِ سنڌيءَ ۾ لفظ جي پويان ”ي“ گڏڻ جوعام قاعدو آهي. ڪن ٻه – اکرن لفظن ۾ وري پهرئين اکر جي زبر کي ٻٽو ڪري، ”آ“ جو اچار پيدا ڪيو ويندو آهي: مثلاً، هر-هاري، مٽ- ماٽي = مٽ وارو، مڇ – ماڇي= مڇي وارو، وغيره.

جيڪڏهن ’هاري‘ کي اسم فاعل به تسليم ڪجي، ته پوءِ به اهو سنڌيءَ ۾ عام قاعدو آهي ته امر جي پويان ”ي“ ۽ ”و“ گڏڻ سان اسم فعل ٺهندو آهي: جيئن مارڻ – مار- ماري، تياڳڻ. تياڳ – تياڳي، ڄاڻڻ – ڄاڻ – ڄاڻو، ترڻ – تر –تارو، وغيره. ’تارو‘ لفظ ۾ ’ت‘ جي زبر کي ڊگهو ڪري ’تا‘ ڪيو ويو آهي. بلڪل اهڙيءَ طرح، ’هر‘ مان جيڪڏهن ’هاري‘ اسم فاعل آهي، ته خالص سنڌي قاعدن پٽاندر ’هر‘ جي ڪنهن فعل منجهان. جيئن ته گجراتيءَ ۾ ’هڙوون‘ لفظ اسان کي ملي ٿو، تيئن سنڌيءَ ۾ به ممڪن آهي ته ڪو فعل هجي، جنهن جي موجوده صورت ڪا مٽجي ويل ٿي ڀانئجي. قديم سنڌيءَ جا ڪيترائي لفظ ائين صورت مٽائي چڪا آهن، يا استعمال مان نڪري ويا آهن. ”هلڻ“ لفظ به غالباً انهيءَ لفظ سان لاڳاپيل آهي. ’هر‘ سان بنهه لاڳاپيل لفظ ”هوڙ“ يا ”اوڙ“ به اهو ئي پتو ڏئي ٿو ته ڪو فعل ”هوڙڻ“ يا ”اوڙڻ“ جي لڳ ڀڳ هو، جنهن مان اهي اسم نڪتا آهن. ”آلوڙڻ“ لفظ به معنوي لحاظ کان انهن لفظن سان لاڳاپيل ڀانئجي ٿو. انهيءَ سڄيءَ اپٽار مان منهنجو مقصد صرف هيءَ آهي ته اسان جا عالم سڳورا پنهنجي ٻوليءَ جي هر لفظ جي اصليت کي ڪنهن ڌارينءَ ٻوليءَ سان منسوب ڪرڻ بدران جيڪڏهن اول پنهنجيءَ ئي ٻوليءَ جي سرمايي ۾ تلاش ڪن، ته هوند کين زياده سونهي.

شهر ”سکر“ لاءِ به ڊاڪٽر صاحب عجيب نظريو پيش ڪيو آهي. سکر سان ملندڙ جلندڙ نالو، ساڳئي وزن تي، ’بکر‘ پڻ آهي. تعجب آهي ته ان لاءِ ائين ڇو نه چيو ويو آهي ته ’بکر‘ تي حضرت ابوبڪر رضي الله تعاليٰ عنه – جنهن کي سنڌيءَ ۾ ابوبَڪر رضه جي بدران، ’ڪ’ تي زَبر سان، ’ابوبَڪرَ‘ رضه چيو ويندو آهي – جي ياد ۾ اهو نالو پيو، ۽ ’بڪر‘ ڦري ’بکر‘ ٿيو آهي! عربي اثر ته ائين ئي ظاهر ٿئي ٿو! اهڙا نظريا ته بلڪل ان مثال وانگر آهن، جئين شيڪسپيئر کي به ڪي ماڻهو خالص مسلمان ثابت ڪري ’شيخ پير بخش‘ سڏڻ لڳن ٿا! سنڌيءَ ۾ ’سکر‘ لفظ ’چڱو‘ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو: ان ڏانهن شايد ڊاڪٽر صاحب جو ڌيان نه ويو ته متان انهيءَ معنيٰ سان اهو نالو شهر تي پئجي ويو هجي.

تورڙان ۽ ماڻهن جي نالن ۾ ڊاڪٽر صاحب کي ”چوٿائيءَ“ کي ”عربي ’ربع‘ جو ترجمو“ چوڻ جو موقعو ملي ويو آهي. جيڪڏهن ’ڪاسو‘ ۽ ’خرار‘ فارسيءَ مان اسان وٽ استعمال ٿيا، ته اهو ڇو ضرور آهي ته ’چوٿائيءَ‘ لاءِ اسان ’ربع‘ جو ترجمو ڪيو؟ ’پاٽي‘، ’ٽويو‘، ’ڌرڙي‘، وغيره به اسان جا ماڻ آهن، - انهن لاءِ شايد ڊاڪٽر صاحب کي عربي ۽ فارسي لفظ خيال ۾ نه آيو آهي، نه ته  اها سڄي جدول عربن جي ثابت ٿي سگهي ها!

لفظن جي باري ۾ آءٌ هي چئي بحث ختم ڪرڻ ٿو گهران ته اها حقيقت آهي ته عربيءَ جا ڪي لفظ سنڌيءَ ۾ مروج آهن، پر اهڙا به ڪي لفظ آهن، جيڪي سنڌيءَ منجهان عربيءَ ۾ داخل ٿيا آهي، جن لاءِ ڊاڪٽر صاحب الٽو فرمائي ٿو ته اهي عربيءَ مان آهن.

تمدن جي ميدان ۾ ڊاڪٽر صاحب جا نظريا ته گهڙيءَ لاءِ اهو سوچڻ تي مجبور ٿا ڪن ته ڊاڪٽر صاحب واقعي اهي ڳالهيون خود به مڃي ٿو، يا محض عربن جي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ اهي مثال ويهي گهڙيا اٿس؟ مثال طور، سنڌ جي ماڻهن جي نالن تي عربي تمدن جو اثر وٺو. ان لاءِ ڊيگهه ۾ وڃڻ جي ڪا ضرورت ڪا نه ٿو سمجهان، ڇو ته بر سرخود اها ڳالهه ايڏي غلط آهي جو ڪجهه لکڻ فضول آهي. عربن کان اڳ سنڌ جي ماڻهن جي نالن ۾ ڏاهر جي پٽ جو نالو ”جئسينه“ ملي ٿو، جنهن لاءِ چچنامي ۾ ايترو به وضاحت سان لکيل آهي ته ڏاهر اهو نالو ”شينهن کي اڪيلي سر  وڙهي مارڻ“ جي يادگار طور پٽ تي رکيو هو، ۽ ان جي معنيٰ آهي ”شينهن جهڙو“. ان منجهان نه صرف ڏاهر جي شجاعت ۽دليري ثابت ٿي ٿئي (جا ڳالهه شايد ڊاڪٽر صاحب جي نظريي موجب فقط عربن جو ورثو آهي)، پر ٻئي طرف سنڌي ماڻهن جي نالن – ’شينهن‘ وغيره جهڙن امتيازي نالن – جو پتو پڻ پوي ٿو. دنيا جي ڪيترين ئي قومن ۾ جانورن، پکين ۽ وڻڻ ٽڻن جا نالا ماڻهن تي رکيا وڃن ٿا – مثلاً انگريزن، فرينچن، ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ’فاڪس‘ (لومڙ)، ’وولف‘ (بگهڙ)، ’نيوبئٽل‘ (نئين لڙائي)، ’نائيٽنگيل‘ (بلبل)، ’گولڊ سمٿ‘ (لوهار)، وُڊ (ڪاٺ)، وغيره، ماڻهن جا نالا آهن. ڇا اهي نالا به عربي نالن جو عڪس ۽ اثر آهن؟

ان بعد ڊاڪٽر صاحب چوپائي مال ۽ وهٽن جي شوق ۽  انهن جي نالن جو ويهي ذڪر ڪيو آهي. ان لاءِ به آءٌ ايتروئي چوندس ته سنڌ زرعي ۽ چراگاهي ملڪ هو ۽ آهي، جنهن ۾ چوپائي مال ۽ اٺن گهوڙن کي عوام جي زندگيءَ ۾ وڏي اهميت آهي، ۽ چوپائي مال لاءِ سندن پيار ۽ شوق عربن کان گهڻو پراڻو آهي. رڳو ڊاڪٽر صاحب ”ڳوٺ“ لفظ جي تاريخ ۾ اونهو وڃي ها، ته کيس سنڌ جي ماڻهن جي چوپائي مال ڌارڻ جي مڪمل تاريخ ملي پوي ها. ويدن ۾ اسان کي سموري سنڌو واديءَجي تعريف ۾ هي ٽڪرو ملي ٿو:

“The Sindhu is rich in horses, rich in gold ornaments well-made, rich in wood ever fresh abounding in Silama plants and the auspicious river wears honey- growing flowers.” Reg Veda, x75, Prof. Wilson”s translation.

جنهن ملڪ جي تهذيب ايتريقدر قديم هجي، جنهن جي تهذيب قديم زماني ۾ به به ايتري شاهوڪار هجي، ان جي ٻوليءَ جي خزاني ۾ به يقيناً اوترائي قديم ۽ بيشمار تمدني لفظ هوندا. وهٽن جو پيار سنڌي قديم تمدن جي هڪ خاص نشاني آهي. شايد ئي ڪنهن ٻيءَ زبان ۾ وهٽن کي سڏڻ لاءِ اهڙا مٺا ۽ پاٻوهه ڀريا لفظ ملندا-  ڀٽاري، سڀاڳي، اما، پٽ، وغيره. اهو سڀ وهٽن جو پيار اسان جو قديم تمدني ورثو آهي. تمدني طرح سنڌ عربن کان گهڻو اڳ ايتري بلنديءَ تي هئي، جو عرب اڄ تائين ان جي ڪا پتي به حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اهڙي شاهوڪار تمدن ۾ گهوڙن ۽ اٺن جا مختلف نالا، ۽ تمدني زندگيءَجي جذئيات جا بيشمار نالا، خود پنهنجي ئي ماحول جي پيداوار آهن، نه ڪه ڪنهن ڌارئين تمدن کان اڌارا ورتل. ڪا زبان ڪنهن ڌارئين تمدن جو اثر قبول ڪندي آهي، ته انهيءَ جي ئي زبان ۾.  سنڌيءَ ۾ مينهين، ڍڳين، اٺن، گهوڙن، هاٿين وغيره جا بيشمار نالا آهن، ۽ انهن نالن مان اڪثر خالص سنڌيءَ ۽ سنسڪرت سان لاڳاپيل آهن. خود ڊاڪٽر صاحب به قبول ڪري ٿو ته ”سنڌ پنهنجي طبعي بناوت جي لحاظ کان عرب جهڙي هئي“؛ ان ڪري طبعي جزئيات به ساڳيا هئا، ان ڪري انهن جو تفصيل ٻنهي تمدنن ۾ موجود هو. عربن کان اڳ به اهو تفصيل ۽ ماحول موجود هو، ۽ عربن کان پوءِ به موجود هو، بلڪه سنڌ جو اهو ماحول عرب ماحول کان گهڻو وسيع ۽ مختلف قسمن جو هو. ان ڪري جزئياتي نالا ۽ اسم عربي تمدن هيٺ نه، پر اصلوڪي طرح سنڌي تمدن جي پيداوار آهن.  ساڳيءَ طرح سنڌي جي ٻهراڙيءَ جي زندگيءَجا اصطلاح – پير کڻڻ، نکٽ نهارڻ، ڏٿ ڏورڻ، کوهيون ۽ تڙ کڻائڻ، جهوڪ جون باهيون ٻارڻ، وغيره – سنڌي جي زرعي، ڪوهستاني، سامونڊي، ريگستاني ۽ سرسبز وادين جي پيداوار واري ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا.


* واڻڪي الف بي جي ٽائيپ ٺهيل ڪانهي، ان ڪري هت گجراتي اکر ڏنا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com