سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :19

- ”ڪنهن ٻيءَ قوم کي مصيبت ۾ ڏسندي، اسين اها دعويٰ نٿا ڪري سگهون ته اسان جي پنهنجي سلامتي ۽ امن خطري کان ٻاهر آهي، ۽ ڪو به هوشمند شخص پنهنجيءَ قوم کي ائين چئي اطمينان نٿو ڏياري سگهي ته ’اسان جو انهيءَ قوم سان ڪهڙو واسطو، اها جنهن ملڪ ۾ رهي ٿي سا هِتان کان هزارين ميل پري آهي‘، وغيره. اهڙيون ڳالهيون هڪ بيوقوف ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن کي اهو پتو نه هجي ته هِن زماني ۾ پري پري جا مفاصلا، سميٽجي، ننڍڙن ننڍڙن نقطن ۾ سهيڙجي ويا آهن. جيتريقدر دنيا جي سمورين قومن جو تعلق آهي، اهي سڀ هڪ ئي جسم جا الڳ الڳ عضوا آهن - ۽ جڏهن جسم جي هڪڙي حصي کي ڪو معمولي ايذاءُ رسندو، ته ان جو اثر سڄي جسم تي پوندو. تنهنڪري، انهيءَ يڪي جسم کي مضبوط ۽ صحتمند رکڻ لاءِ ضروري آهي ته دنيا جون سموريون قومون، هڪ مرڪز ته گڏ ٿي، زندگيءَ جي بقا، حفاظت ۽ امن لاءِ اجتماعي جدوجهد ڪن.“ – ڪمال اَتاترڪ

’مهراڻ‘ جا موتي

·        ”جو شخص بصيرت واريءَ اک سان مشاهدو نٿو ڪري، اهو گمراهه آهي ۽ سزا جو حقدار آهي.“ –  قرآن شريف

·        ”جيڪڏهن ڪو شخص خلق جي خدمت ڪرڻ گهري ٿو، ته پوءِ ڄاڻڻ گهرجي ته زرق برق لباس پهرڻ سان خدمت نه ڪري سگهبي؛ ڇا لاءِ ته زيب ۽ زينت وارو لباس خود آرائيءَ ۾ مبتلا رکي ٿو.“ – غزالي

·        ”اوهان کي ڪم ڪرڻ جو حق آهي – پر فقط ڪم ڪرڻ خاطر – منافعي ماڻڻ جو اوهان کي ڪو به حق ڪونهي. منافعي جي تمنا، اوهان جي ڪم جو مقصد هرگز نه هجڻ گهرجي. منافعي جي لالچ سان ڪيل ڪم، منافعي جي لالچ بنا ڪيل ڪم جي مقابلي ۾ بلڪل حقير ۽ گهٽ درجي وارو آهي؛ ڇو ته منافعي جي موهه کان بي نياز رهي ڪيل ڪم، خود، قربانيءَ جي جذبي سان ڪيل هوندو آهي.“ – ڀڳوت گيتا

·        ”نيڪيءَ جي ڦل حاصل ڪرڻ جي موسم، نيڪي ڪندڙ جي دنياوي زندگيءَ ۾ نٿي اچي؛ حقيقت ۾ انسان اهو آهي، جو ائين ڄاڻندي به ته پوکيل فصل لـُڻي نه سگهندس، هڪ محنتي هاريءَ وانگر پنهنجي ڪم کي لڳو رهي.“ – ٽالسٽاءِ

·        ”بيفڪر ۽ بيعمل ماڻهن جي علم ۽ حال جو مثال ڪوريئڙي جو ڄار وانگر آهي، جو جيتوڻيڪ گهر آهي، پر نهايت ڪمزور ۽ بيڪار.“ – قرآن شريف

·        ”ڪنهن به انسان، فرقي يا قوم تي قدر جي قهر نازل ٿيڻ جي پهرين نشاني اها هوندي آهي  جو ماڻهن مان فڪر جي گهرائيءَ، حق گوئيءَ ۽ صالح ڪردار جي بجاءِ ڪوتاهه نظري، حق ناشناسي ۽ بيعملي پيدا ٿي وڃي ٿي.“ – گورڪي.

·        ”قدرت جي قانون موجب، حقائق کان بيگانگي، انسان جي صلاحيتن ۽ اهليت کي مرده ڪريو ڇڏي – پوءِ ڀل ته ظاهر ۾ اهو انسان روشن اکين، تيز ڪنن ۽ ڪينچيءَ جهڙيءَ زبان جو مالڪ هجي، پر مڙني صفتن هوندي به   هو انڌو، ٻوڙو، ۽ گونگو ٿي وڃي ٿو.“ – نامعلوم

·        ”فڪر ۽ عمل جي پختگي، ڪافي عمر جي رياضت سان پيدا ٿئي ٿي. زماني جي اوچتن امتحانن ۾ اهي ئي انسان ڪامياب  ٿين ٿا، جي هر طرف کان دامن ڇڏائي پنهنجي نفس کي دائمي قدرن جي طابع ڪن ٿا.“ – لينن

·        ”پنهنجو پاڻ تي سوڀ پائڻ، ٻين تي سوڀ حاصل ڪرڻ کان اتم آهي: قدرت جي طاقت به انهيءَ سوڀ کي هار ۾ نٿي بدلائي سگهي. آءٌ اوهان کي هڪ خوشخبري ٻڌايان ٿو. هن عارضي زندگيءَ جي دکن دردن کان ڇوٽڪارو پائي سچي خوشي ماڻڻ لاءِ هڪڙو رستو آهي، جو سڀني لاءِ کـُليل آهي. اهو رستو تمام اڻانگو آهي، ۽ ان کي ڪن به طلسمي طريقن سان آسان نٿو بنائي سگهجي.  اهو رستو آهي – سخت ۽ لڳاتار خود – چڪاس. ان مان مراد آهي اهو سڀڪجهه ڇڏي ڏيڻ، جنهن تي اوهين نادانيءَ وچان ناز ڪريو ٿا  يعني اوهان جي هاڻوڪي هستي – يعني اوهان جون بي مقصد خواهشون ۽ بيجا غرض. ڪو به اوهان جي طرفان اهو رستو طي ڪو نه ڪندو – نه ديوتا، نه انسان. اوهان کي خود ئي انهيءَ راهه تان گذرڻو پوندو. اٿو، ۽ پنهنجو سفر شروع ڪريو. تيار ٿيو – اهڙا تيار، جو واٽ ۾ ڪٿي به رڪجڻ جي حالت نه پيدا ٿئي. پنهنجون انتهائي ڪوششون ائين ڪرڻ ۾ صرف ڪريو. ڏسجو، متان ڪا لالچ اوهان کي پنهنجيءَ راهه کان ٿيڙي ڇڏي – تَن آسانيءَ جو خيال، خود آزار ۽ گمراهه خواهشون، لاحاصل کوج، ۽ انهن ماڻهن جي ساٿ ۽ سهاري جي خواهش، جيڪي اڃا انهيءَ راهه تي هلڻ لاءِ تيار نه آهن! ڪنهن به ڌارئين ڌيان کي آڏو نه اچڻ ڏيو – مقصد ڏانهن رخ رکي، هلندا ئي رهو. ائين ئي پنهنجو پاڻ تي سوڀ حاصل ٿيندي – اها سوڀ، جيڪا سڀني سوڀن کان عظيم آهي. دنيا جهان جي مسرتن جو راز انهيءَ ۾ آهي.“ – گوتم

·        ”ماڻهوءَ تي ٻاهران ڪهڙيءَ طرح حڪم ٿو هلي، سا ڳالهه ڪا گهڻي ضرورائتي ناهي؛ ليڪن هو پنهنجي اندران پاڻ تي ڪهڙيءَ طرح حڪم هلائي ٿو، تنهن تي سڀڪجهه منحصر آهي. سڀ کان وڏو غلام اهو ناهي، جنهن تي ظالم زوريءَ حڪم هلائي ٿو – جيتوڻيڪ اها به تمام خراب ڳالهه آهي – پر اهو آهي، جو پنهنجي ذاتي جهِل، خود غرضيءَ ۽ بدڪاريءَ جي قيد ۾ ڦاٿل آهي.“ – سمائيل

·        ”علم محض اعتبار جو نالو نه آهي، پر شڪ ۽ تنقيد به علم آهي.“ – غزالي

·        ”جنهن شي کي وجود نه آهي، سا ڪڏهن به وجود ۾ نه ايندي. جيڪا شي موجود آهي، سا ڪڏهن به لاموجود نه ٿيندي. جن کي عميق ترين داخلي حقيقت جو عرفان آهي، سي ’وجود‘ ۽ ’لاوجود‘ جي فطرت پڻ ڄاڻن ٿا.“ – ڀڳوت گيتا

·        ”جنهن کي ڪرامت چئجي ٿو، سا آهي ئي ڪا نه: جيڪي ٿئي ٿو سو سڀ سرشٽيءَ جي نيمن پٽاندر، جي آد – جڳاد کان هليا ٿا اچن.“ – لعلچند جڳتياڻي

·        ”سمنڊ جي ڪناري تي بيهي، لڏندڙ لمندڙ جهازن کي ڏسڻ سان هڪ طرح جي خوشي پيدا ٿئي ٿي؛ ڪنهن وڏيءَ ماڙي جي دريءَ وٽ بيهي، هيٺ لڙائي هلندي ۽ ماڻهن کي مرندي ڏسي به هڪ طرح جي خوشي پيدا ٿئي ٿي؛ پر جا خوشي سچ جي اتانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي هيٺ ماٿر ۾ ڀـُلن چـُڪن، بخارن ۽ طوفانن کي ڏسڻ سان ٿئي ٿي، تنهن جهڙي ٻي ڪا ئي خوشي ڪانهي – پر شرط اهو آهي ته ڏسندڙ ۾ نهٺائي ۽ رحم هجي.“ 

- لوڪريشس، هڪ رومي شاعر

·        ”سچائيءَ جو هڪ لفظ به گم ٿي نٿو سگهي. ڀلي ته گهڻو وقت گند جي هيٺان دٻيو رهي، پر جلد يا دير سان اهو ضرور ظاهر ٿيندو. اهي رتچوس شخص ڌڪار جوڳا آهن، جيڪي محتاجن جي پگهر جي پورهيي جي ڪمائيءَ جو ڌن پاڻ تي خرچ ڪري تعليمي افتا بنيا آهن، پر انهن ڏانهن ٿورو به ڌيان نٿا ڏين. جيستائين ڪروڙين بکايل ۽ اڻپڙهيل دنيا ۾ موجود آهن، تيستائين آءٌ اهڙن ماڻهن کي ويساهه گهاتڪ سمجهندس.“ – سوامي وويڪانند

·        ”قانون جي نظر ۾ هر اها شي دولت آهي، جيڪا ڏي – وٺ جي لائق هجي؛ علم سياست ۾ هر اها شي دولت آهي، جنهن سان اقتدار حاصل ڪجي علم اخلاق ۾ هر اها شي دولت آهي، جنهن سان شريف زندگي گذاري سگهجي؛ ۽ علم معيشت ۾ هر اها شي دولت آهي، جنهن مان انسان فائدو وٺي سگهي.“ – رساله ’استبداد‘ جو مصنف

·        ”دنيا ۾ جيتري طاقت زندگيءَ ۾ دهشت ڦهلائڻ خاطر خرچ ڪئي وڃي ٿي، ۽ جيتري دولت درٻارن ۽ ڇانوڻين ۾ ضايع ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن ان جو اڌ يا چوٿون حصو به انسانن کي روشن دماغ بنائڻ ۾ صرف ڪيو وڃي، ته پوءِ هن دنيا ۾ قلع ۽ ڇانوڻين جي ڪا ضرورت ئي ڪا نه رهي.“ – وڪٽر هيوگو

·        ”لعنت آهي انهن اصولن تي، جيڪي محبت جي جذبي بنا ٺاهيا ويا آهن.“  -اليگزينڊر پوپ (1688 – 1744ع)

·        ”ڪفر کان پوءِ وڏو گناهه آهي دل آزاري.“  امام رباني

·        ”چڱيءَ خبر کان بدخبر تڪڙو پنڌ ڪري ٿي.“ – شڪسپيئر

·        ”دولتمندن جي صحبت زهر قاتل آهي، ۽ انهن جو چرب لقمو دل جي ڪارڻ جو ذريعو بڻجي ٿو.“ – امام رباني

·        ”حقيقي طور پاڳل اهو آهي، جنهن جا حواسَ درويشيءَ ۾ گم ٿي وڃن.“ -پوپ

·        ”منهنجي والد مون کي آسمان تان لاهي هيٺ آندو، ۽ منهنجي استاد مون کي زمين تان کڻي آسمان تي رسايو.“ – مامون رشيد

·        ”منهنجي زندگي فقط ٻه سال آهي، جا فڪر ۽ تربيت ۾ گذري. علم جي طلب وارو دور منهنجي زندگيءَ ۾ شامل نه آهي. اهو ڌاريو ۽ پرائو آهي، ڇا لاءِ جو اهو علم نقل تان آيو ٿي، جنهن ۾ اصل جو ڪو شائبو ڪو نه هو.“ – امام ابو حنيفو

·        ”ان شخص کي ٻه زندگيون حاصل آهن، جنهن جو ’حال‘ خوشگوار آهي؛ ڇو ته ان ۾ ماضيءَ ۾ مستقبل جا روشن پهلو سمايل آهن – قومن سان به اها ڳالهه لاڳو آهي.“ –پوپ

·        ””ڪاش، اوهانجن گهرن کي پنهنجيءَ مٺ ۾ ڀري سگهان، ۽ کليل ميدانن ۾ ايئن پکيڙي ڇڏيان، جيئن ڪسان کيت ۾ ٻج ڇٽيندو آهي! ڪاش، پهاڙي گهاٽيون اوهان جا رستا هجن، ۽ سرسبز سونهري پيچرا اوهان جون گهٽيون: پوءِ، هڪٻئي کي ڳوليندي، ۽ ڊاک جا باغ لتاڙيندي، ڪپڙن ۾ زمين جي سڳند ڀري، اوهين گهر موٽي اچو!

·        خبر نه آهي، ڪهڙي خوف وچان اوهانجن وڏن سوڙها مڪان ٺاهي، سڀني کي هڪٻئي مٿان آڻي سٿيو آهي! مون کي ٻڌايو ته انهن گهرن ۾ اوهان وٽ آهي ڇا؟ ڪهڙيءَ ناياب چيز کي بند دروازن ۾ ساهه سان سانڍي رکيو اٿوَ؟ اوهانجن گهرن ۾ دلي اطمينان جو واسو آهي؟ آهي اتي روح جي راحت ۽ من جي مسرت؟ آهن اهي اوچ ويچارَ، جي چمڪندڙ مناري جيان من – ٻُڌيءَ جي راهه روشن ڪندا رهن؟ - ته باقي آهي ڇا انهن اوچين ديوارن جي اندر؟... عيش عشرت جي مدهوشي! جا دٻي پير، ڌيري ڌيري گهر ۾ گهسندي آهي، ۽ آخر گهر ڌياڻي بڻجي راڄ ڪندي آهي؛ جا من جي پکيئڙي جا پَرَ ڪٽي، اڏامڻ کان هميشه لاءِ مجبور ڪري ڇڏيندي آهي؛ جنهن جا هٿ ريشم جيان نفيس، پر دل پٿر جيان ڪٺور ٿيندي آهي!

·        ”اوهان جو گهر، جهاز جو لنگر نه بڻجي، جو حياتيءَ جو ساگر جي ڪناري وٽ ئي، تانگهي ۾ اوهان کي روڪي بيهاري ڇڏي؛ - بلڪ ونجهه بڻجي، جو وانجهيءَ جي هٿ ۾ منزلون لتاڙي، پار پهچائي! اوهان جو گهر، ڦوڙي مٿان ڄمي ويل ڪَڙي نه بڻجي، جنهن هيٺان روڳ ۽ گندگي ڇپيا رهن ٿا؛ - پر اک جي پلڪ بڻجي، جيڪا آرام ڏيندڙ ۽ ڪِن ڪچري کان بچاءُ ڪندڙ آهي!

·        ”اهڙو گهر نه ٺاهيو، جنهن جي دروازي مان لنگهڻ لاءِ اوهان کي پنهنجا پَرَ سميٽڻا پون؛ جنهن جي ڇت کان بچڻ لاءِ سر جهڪائڻو پوي؛ ۽ جنهن اندر ساهه کڻندي ڊپ لڳي ته متان ديوارون ڏري هيٺ نه اچي پون... انهن مقبرن ۾ نه رهو!“ – خليل جبران

سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا

- ”جان کڻي ڪنڌ ڦيرايون ته واه! عجب عالم نظر آيو، جنهن سڀ ڏک ڏاکڙو وڃايو. پهريائين ته ڀانيوسين ته ڪنهن عالم روحانيءَ ۾ مَلڪن مهماني ڪئي اٿئون؛ پر خوض ۽ خيال بعد هوش ۽ حواس حامي ٿيا، جنهنڪري پروڙيوسين ته نه ٻيلي، ساڳئي گنجي ٽڪر تي کڙا آهيون، جو اڳي گنجو يا ٺوڙهو نظر ايندو آهي، مگر هاڻي برسات، برسي، بهار لائي گنجي، کي گلزار بنائي ڇڏيو آهي. ڇا هيٺانهين ڇا مٿانهين، ڇا کَڏَ ڇا کـُهو، ڇا لَڪُ ڇا لانگهو، ڇا راهه ڇا رستو – سڀ اهڙا ته سرسبز ۽ ساوا نظر ٿي آيا، ڄڻ قدرت جي ڪنوارَ  پنهنجي سينگهار لاءِ ساڙهيءَ بنائڻ جو ارادو ڪيو هو! وري ان سائيءَ سطح تي رنگ برنگ، گوناگون گلن جي جڳمڳ ۽ جهِرمر هئي، تنهن هيڪاري مٿين خيالن جي تصديق ڪئي ٿي – ڇو ته قسمين قسمين گلن، سائيءَ سطح جي ساڙهيءَ تي لعلن ۽ هيرن، جواهرن ۽ جعفرن جي جوت جتائي ٿي. ڇا ڏسون ته ڊومڻ ۽ ڊڀورَ، تَلَ ۽ تراين جي ڪنار ڪنار سبزه زار بنائي هئي. للر ۽ لنب، جبل جي جسم کي زمرد جو جامو پهرائي، عجب گلڪار لڳائي هئي. نرم نرم وٽائتي زمين تي مرٽ ۽ مکڙين جي موج؛ هتي هتي، جتي ڪٿي، ميها ۽ منگها پوج. ڌنار کٿوريءَ پنهنجي خوشبوء کستوري پَٽن تي پکيڙي، مارو ماڻهن جو مغز معطر ڪيو ٿي. ڳاڱيون ۽ ڳاڱا، ڳم ۽ ڳنڍير – سڀ بوندَ، برسي، بود ۾ آند هئا. جبل جي جاکوڙن ڪري، البت اڃ جي اساٽ هئي. پاڻيءَ پيئڻ جي ارادي سان ڪنهن چشمي جي ڳولا ۾ هلياسين....

”....... ڏسون ته مار! چوطرف ڊامڻ ۽ ڊڀور  سان ملڪ سرسبز ٿيو پيو آهي.  ڪنهن طرف ڌنار ۽ ميهار، ڳنوار ۽ ريڍار، مال کي مڇر مهي کان بچائڻ لاءِ ماڳ ۽ مڪان بنايو ويٺا آهن، ته ڪنهن پاسي وساڻ ۽ چوهاڻ گڏهن جا وٿاڻ ٺاهيو ويٺا آهن. مارو ماڻهو مهمان نواز ته مشهور آهن، سو ويچارا تڏا تونريون، رليون رانٽا کڻي آيا. اسان کي آبَ عزت سان ويهاري، خوب کيڪاري، پنهنجي منهن موٽي ويا. جان ڏسون ته ڪو پيو آڻي ڏ ُڌ، ڪو ڏهِي، ته ڪو مکڻ ته ڪو مَهِي؛ ڪنهن جنڊ جي پـُڙ جهڙي جوئر جي ماني، ڪنهن رين جي رٻ، ته ڪنهن ٻاجهريءَ جي ماني، کڻي آڻي اڳيان رکي. خير، ڪجهه کائي. باقي شڪر ادائيءَ سان ملڪن کي موٽائي ڏنوسين. ماني کائڻ بعد، ٻهراڙيءَ جي رسم رواج موجب، هڪٻئي کان خبرون چارون ورتيونسين.

”شام ويجهي ٿيندي ويئي. مال جي موٽڻ جي مهل هئي؛ سو اسين به ڍورن جي موٽڻ جو تماشو ڏسندا وياسين. ڏسندي ڏسندي هڪ پاسي کان ڪاريون ڪنڍيون، گجرون ۽ گنبيون، مينهون متاريون، ڀَليون ڀَٽاريون، وٿاڻ ڏي ڊڪنديون ڊوڙنديون وڃن، ته ٻئي پاسي کان ڪاريون ڪانوريون، بَگيون ۽ ڀوريون گانيون، سايون ڍايون، رنڀنديون، ڪيري ڏي ڪاهي پيون وڃن، ٽئين پاسي کان وري ڀَليون بَريون، ڪاريون ۽ ڪمريون ٻڪريون، ٻيٻراٺ ڪنديون، پنهنجي واڙي ڏي وريون، ته چوٿين طرف کان دنيا ۽ دنبيون، رڍون ۽ ڪوڪيون، ٻي – ٻي جي ٻاڪار ڪنديون، لوڙهي ڏانهن لڙيون.

”آخر، جبل جو جنسار ڏسي، پاهه پلر پٽ پَسي، ساڳئي پيچري جي وسيلي جبل کان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئيسين. نيٺ، نمي کمي، پيرَ پَٽ تي پهتاسين. گهوڙا مجاور هٿ گهرائي، ڪميت ڪڏاڻي، اچي پنهنجي مڪان تي پهتاسين.“

] سيد ميران محمد شاهه جو مضمون ”گنجي ٽڪر جو سير“ مان اقتباس، شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي مرتب ڪيل ڪتاب ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم“ تان ورتل؛ چونڊيندڙ نارائڻ شرما، حيدرآباد سنڌ.[

- ”زندگيءَ جي قافلي جي راهه ۽ پيچ کان ته هر مسافر واقف آهي، پر ان جي آخرين منزلگاهه ڪهڙي آهي، ان جي ڪنهن کي ڄاڻ  آهي؟ مخلوقات ماضيءَ مان نڪري، حال لتاڙي، وڃي مستقبل ڏانهن وک وڌائيندي؛ مگر اهو ماضي ڪٿان ۽ ڪڏهن شروع ٿيو، ۽ مستقبل ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو، ان جو به ڪو پتو پار آهي؟ جنهن کي اسين ’اڄ‘ ٿا سڏيون، سو ’ڪالهه‘ ۽ ’سڀاڻي‘ به آهي. ’حال‘ ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾ صحيح سَنڌو آهي، جنهن کي پنهنجي سرڪا هستي ڪانهي:  هيءُ هڪ سَنڌو آهي جو ماضيءَ ۽ مستقبل کي ملائڻ لاءِ نهايت ضروري ۽ ڪارائتو آهي، پر انهن کانسواءِ سندس وجود بيڪار ۽ بيسود آهي. ان سبب ڪري، ائين کڻي چئجي ته حقيقت آهي ئي ’ماضيءَ‘ ۽ ’مستقبل‘ کي، ’حال‘ ڄڻ آهي ئي ڪو نه. پر، ماضي ختم ٿي چڪو آهي، ان ڪري ’مستقبل‘ جو ئي ويچار ڪرڻ گهرجي – جيتوڻيڪ اهو ماضي ئي آهي، جو حال ۾ پنهنجن نشيب ۽ فراز جي تجربن سان آئيندي جو اعليٰ رهبر ثابت ٿي سگهندو.“

]ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، ’خادم‘، جي لکيل مضمون ”وقت“ مان ورتل هڪ ٽڪرو؛ چونڊيندڙ قطب صديقي، حيدرآباد، سنڌ.[

- ”اڄوڪي زماني ۾ سائنس جي ترقي، هنر ۽ ڪاريگريءَ جي وک، مادي مزن ۽ عيشن جا اڪيچار وسيلا ڏسي عقل چرخ ٿي ٿو وڃي. جسماني ۽ حواسي خوشين جي ته حد ئي ڪانهي. پر ان ڪشمڪش ڀريءَ زندگيءَ جي تهه ۾ وڃبو، ته ڏسبو ته آنند ۽ شانتي بلڪل گهٽجي ويا آهن. هڪ طرف قومن جو پاڻ ۾ نفاق، جاتي جهڳڙا، ذات پات جا ويڇا، جدا جدا ڌرمن جا تنگ دائرا، فساد، پرانتپڻي جي ڇڪتاڻ، ٻولين جا رڳڙا ۽ گهرو اڻبڻت، ته ٻئي طرف سرمائيداري ۽ سامراجي لڙايون، ويچار – ڌارائن جو ٽَڪر، يعني شاهوڪاري – غريبي ۽ اوچ نيچ جو تڪرار! ائين پيو ڏسجي، گويا انسان ڪن جهونن سنسڪارن ۽ ريتن رسمن يا دماغي نين ايجادن ۽آرٿڪ اصولن جو غلام بڻجي پيو آهي، ۽ انسانيت بدران حيوانيت مٿس غالب پوندي ٿي وڃي. هاڻي ان آگ ۽ اُلن جي ٻرندڙ جوالا مکيءَ مان ڪيئن ڇوٽڪارو ملي، ۽ ڪيئن سک ۽ شانتيءَ جي جيوَن بسر ڪجي، تنهن جو طريقو مهاپرشن آدجڳاد کان اهو ئي ٻڌايو آهي ته سڀني کي ايشور جو روپ مڃبو، ته سڀني جنجالن کان مُڪت ٿبو. اهو جيون جو ڀيد سٿرو سمجهه ۾ نٿو اچي، ۽ عام لاءِ عمل کان ٻاهر آهي. تنهن سواءِ، چالو زماني جا نوان مسئلا اچي کڙا ٿيا آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ ۽ حل لاءِ ڪو يڪ ٽڪ مفيد علاج آهي ته اهو – ”تو ڀي رهه، مان ڀي رهان!“

] ’سرسوتي ساهتيه گهر‘.  بمبئي جي ڪتاب ”سالڪن جا سخن“ تان ورتل اقتباس؛ چونڊيندڙ محمد اشرف مَلڪ، ميرپورخاص، سنڌ.[

- ”مون پنهنجي پريميءَ کي خط لکيو – اهڙو ته درد ڀريو، جهڙي منهنجي دل؛ ۽ ايترو ته وڏو، جيڏو قيامت جو انتظار! منهنجو محبوب ان خط کي پڙهندو، ۽ ٽِڙي پوندو -  جهڙو گلاب جو گل ! ڇا توکي معلوم آهي، سَکِي، ته ڇو ٽڙندو منهنجو  پريمي؟ انهيءَ ڪري، جو مان انهيءَ خط ۾ ڪجهه به ته نه لکي سگهيس.... پنهنجي نالي کانسواءِ! جڏهن مان خط لکڻ ويٺيس.... توکي خبر آهي ته ان وقت ڇا ٿيو؟ خط جي ڪاغذ تي منهنجي محبوب جي تصوير اچي ويئي – ڪهڙي نه وڻندڙ، ڪهڙي نه سندر – ان تصوير جي قدمن ۾، سَکي، مون پنهنجو نالو لکي ڇڏيو....!

”مون پنهنجي پريميءَ کي خط لکيو، سَکي! اهڙو ته درد ڀريو، جهڙي منهنجي دل! سکي، اها ڊسمبر جي هڪ ٿڌي رات هئي. سردي پنهنجي جوڀن تي هئي. هو منهنجي در تي آيو. در اندران بند هو. در کڙڪايائين،... منهنجو نالو وٺي پڪاريائين،... پر مان ستل هيس، مون ڪجهه به نه ٻڌو. هن ستار تي هڪ مڌر گيت ڇيڙيو، پر ته به منهنجي اک نه کُلي... پوءِ هو هليو ويو! صبح ٿيو. آفتاب جي ڪرڻن ۾ روشني ۽ گرمي هئي، پر منهنجي دل تاريڪ ۽ جسم سرد هو. سج جي روشن جيءَ ڌرتيءَ کي سونو بنائي ڇڏيو، پر مان دنيا ۾ سڀ کان مفلس هيس...

هاڻي مان پريشان آهيان، سکي! پنهنجيءَ ننڊ کي پِٽيان ۽ پاراتا ٿي ڏيان، سڄي رات اکين ۾ گذاريان ٿي... پر افسوس، هاڻي هو ڪڏهن به نٿو اچي....!“

]حميد سنڌيءَ جي ڪتاب ”سيميءَ“ مان ورتل؛ چونڊيندڙ غياث الدين جوڻيجو، حيدرآباد، سنڌ[

 

علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون

پهرين سنڌ ”سنڌي ادبي سنگت“ ڪانفرنس

(6-7 فيبروري، 1960ع : بسنت هال، حيدرآباد، سنڌ)

گذريل فيبروريءَ ۾، حيدرآباد جي مشهور ’بسنت هال‘ ۾، پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي ’سنڌي ادبي سنگت‘ جي سنڌ – ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ جي گهڻن ئي شهرن مان سنگت جي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ’سنڌي ادبي سنگت‘ حيدرآباد جي سهاري سان سڏايل هيءَ ڪانفرنس ٻن ڏينهن تائين جاري رهي، جنهن ۾ ترتيبوار مقالن، افسانن ۽ شعر شاعريءَ جون ڪل ٽي نشستون رٿيل هيون. ڪانفرنس جو افتتاح حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر مسٽر ابو نصر ڪيو.

پهرئين ڏينهن، ڇنڇر ڇهين فيبروري، شام جي ڇهين بجي، مقالن جي پهرين نشست ٿي، جنهن جي صدارت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊِين آف فئڪلٽي آف آرٽس، سنڌ يونيورسٽي، ڪئي. ان ۾ ڪل ست مقالا پڙهيا ويا: (1) عبدالغفور انصاري، ”سنڌي مختصر افسانو“؛ (2) ’تنوير‘ عباسي، ”سنڌي جديد شاعري“؛ (3) شيخ حفيظ، ”جمال ابڙي جا افسانا“؛ (4) غلام علي الانا، ”سومرن جي دور جي سنڌي شاعري“؛ (5) عبدالجبار ’شام‘، ”سنڌي ڪافي“؛ (6) سروپچندر ’شاد‘، ”تنقيد ڇا آهي“، ۽ (7) شمشير الحيدري، ”سنڌي ثقافت“. مسٽر غلام حسين ڪؤنريجي بئنجي تي ڪوهياري پيش ڪئي، ۽ مسٽر ڪريم بخش بلوچ چنگ وڄايو – اهي ٻئي شوقيه فنڪار آهن. نشست جي ڪارروائي ختم ٿيڻ بعد، فلم ’نئون ڪِرڻو‘ پڻ ڏيکاري ويئي.

ٻئي ڏينهن، آچر ستين فيبروري، شام جي ٽين بجي، ڪانفرنس جي ٻي نشست مشهور افسانه نگار محترم ابن الياس سومري جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنگت جي ڪيترن ئي ڪهنه مشق ۽ نوَن افسانه نگارن جون منتخب تخليقون پيش ٿيون. ساڳيءَ ئي نشست ۾ سنڌي افساني بابت هڪ مباحثو پڻ ڪيو ويو، جنهن جي ابتدا مرزا مراد علي ’اختر‘ جي افتتاحي مقالي، ”مختصر افساني جو فن“، سان ٿي.

ساڳئي ڏينهن شام جو ڇهين بجي مشاعرو  ٿيو، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ ڪيو، ۽ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ ان جي صدارت ڪئي. مشاعري ۾ اٽڪل ٽيهارو کن شاعرن، مختلف صنفن ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. وچ ۾ ”سـُگهڙن جي ڪچهري“ ٿي، جنهن ۾ ٻيِڙي فقير ۽ سندس ساٿين ڳجهارتن جي ڏي – وٺ ڪئي. آخر ۾ ٽي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جن مان مـُک ٺهراءُ تعليم ڪميشن جي رپورٽ ۾ ذريعهء تعليم جي تبديليءَ بابت ظاهر ٿيل سفارشن جي باري ۾ هو، جنهن جو متن هيٺ درج آهي؛ باقي ٻن ٺهرائن مان، هڪڙي ۾ مرحوم حاجي محمود ’خادم‘ لاڙڪاڻوي، مرحوم ’اختر‘
هالائي، ۽ مرحوم نواز علي ’نياز‘ جعفريءَ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو، ۽ ٻئي ٺهراءَ ۾ سرڪار کي گذارش ڪئي ويئي ته ’ڪينجهر ڍنڍ‘ تي ’ڪلري ڍنڍ‘ جي نالي رکڻ سان ان جي ادبي ۽ تاريخي پس منظر ۽ روماني روايتن کي ضرب پهچندي، تنهنڪري مناسب آهي ته انهيءَ ڍنڍ تي ’ڪينجهر‘ جو اصل نالو رهڻ ڏنو وڃي.

ڪانفرنس جون ٽيئي نشستون نهايت ڪامياب رهيون. طبقي جي حاضرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ۽ مقامي توڙي ٻاهران آيل سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن جو معياري مواد پيش ٿيو. ڪانفرنس جي مفصل ڪارروائي، افتتاحي ۽ صدارتي تقريرون، پيش ٿيل مقالا، افسانا ۽ شعر وغيره، اميد ته ’مهراڻ‘ جي ايندڙ پرچي ۾ پيش ڪنداسين. – ادارو

ٺهراءُ

’سنڌي ادبي سنگت‘ جي هيءَ سنڌ – ڪانفرنس، تعليم ڪميشن جي قومي تعليم بنسبت ظاهر ڪيل سفارشن ۾ صفحي ’290‘ تي آيل انهيءَ تجويز تي تشويش جو اظهار ٿي ڪري، جنهن مطابق، اولهه پاڪستان صوبي جي سنڌ ۽ سرحد علائقن ۾ اڙدو زبان کي ابتدائي ٽئين درجي کان لازمي ڄاڻائيندي، حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ڇهين درجي کان اڙدو کي تعليم جو واحد ذريعو ٺهرايو ويو آهي. تعليم ڪميشن جي انهيءَ اصول تي پوري غور ۽ خوض ڪرڻ بعد، سنڌ جي اديبن، شاعرن، عالمن، تعليمي ماهرن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شهرين جو هيءُ اجلاس محسوس ٿو ڪري ته سال ’1963ع‘ کان سنڌي علم ادب، زبان ۽ ثقافت جي ترقيءَ جا دروازا هميشه لاءِ بند ٿي ويندا، ۽ هتي جي موجوده تعليمي ادارن جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويندو، جنهن جو اثر پاڪستان جي اڌ ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سندن ايندڙ نسلن تي بيحد برو پوندو.

”هن اجلاس جو خيال آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي مختلف علاقائي زبانن، ادب ۽ تعليمي ادارن کي زنده رکڻو آهي، ته پوءِ انهن کي آزاديءَ سان وڌڻ ويجهڻ جا موقعا ڏيڻ گهرجن. لساني، تعليمي توڙي نفسياتي لحاظ کان، ڪنهن به نسل جي صحتمند تعليم ۽ تربيت صرف اهڙيءَ صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ذريعو سندس ’مادري زبان‘ کي ٺهرايو وڃي.

”هيءَ ڪانفرنس حڪومت پاڪستان کي زوردار گذارش ٿي ڪري ته سنڌي زبان پاڪستان جي هڪ تمام قديم، ترقي يافته، شاهوڪار، ۽ تاريخي، علمي ۽ ادبي زبان آهي، جنهن کي پاڪستان جي هڪ اهم حصي جي مادري زبان هجڻ جو شرف پڻ حاصل آهي، جيڪا گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ صوبي جي سڀني تعليمي درسگاهن ۾ ذريعهء تعليم رهندي آئي آهي، ۽ جيڪا پاڪستان جي هڪ وڏي علائقي جي معاشي ۽ معاشرتي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جو ذريعو بڻيل آهي، تنهن جي موجوده حيثيت کي نظرانداز ڪرڻ پاڪستان جي باشندن جي هڪ وڏيءَ اڪثريت کي سندس ذهني پرورش جي حقيقي ذريعي کان محروم ڪرڻ جي برابر ٿيندو، ۽ اها ڳالهه سڌيءَ طرح ملڪ جي اجتماعي توڙي انفرادي، علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي تهذيبي ترقيءَ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي: تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌي زبان کي سنڌي جي سڀني مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ذريعهء تعيلم جي حيثيت سان بدستور بحال ۽ برقرار رکيو وڃي.“

 

يوم لطيف

(10- آڪٽوبر، 1959ع؛ گورنمينٽ گرلس ڪاليج، حيدرآباد)

گذريل ڏهين آڪٽوبر 59ع تي، حيدرآباد جي گورنمينٽ گرلس ڪاليج طرفان ’يوم لطيف‘، علامه ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جي اهليه محترمه، بيگم خديجه، جي صدارت ۾ ملهايو ويو. ”ڀٽائي رحه، سورمين جو شاعر“ جي عنوان تي، بيگم صاحبه جي ڪيل صدارتي تقرير مان چند ارشادات پيش ڪريون ٿا. – ادارو.

”سڀاڳيون ڀينر! سنڌ جا ايندڙ ادبي گوهر به اوهانجين گودن ۾ پلجي وڏا ٿيڻا آهن. انهن کي اُها سـُتي سرڪايو، جنهن سان هو سنڌ جا سـُٻل سپوت پٽ ثابت ٿين: مهراڻ جي من موهيندڙ مٺيءَ ٻوليءَ جي عظمت ۽ محبت انهن جي دماغ ۽ دل ۾ ننڍي هوندي کان ئي ويهاريو.

”منهنجي حقير راءِ هيءَ آهي ته مڪتبن ۾ ڪهڙو به نصاب ٻارن کي ڪرائيندا هجن، پر جيڪڏهن هرڪا ماءُ ۽ ڀيڻ اهو ڪم پاڻ تي هموار ڪري ته پنهنجي ٻار کي سنڌي ٻاراڻو ڪتاب پاڻ ئي گهر ۾ پاڙهي ڇڏي، ته اها ڪافي خدمت ٿي. تجربو ڪري ڏسو ته خبر پوندي ته ڪيئن نه اسان جا معصوم مَڻيا پنهنجيءَ مٺيءَ ٻوليءَ کي چاهه سان ٿا پڙهن،- ۽ ننڍن نصيحت آميز بيتن جو ورد هنن جي واتان ٻڌي، دل کي ڪيڏي نه راحت ٿي اچي!

”عربي پارسي، انگريزي ۽ اڙدو – مڙئي زبانون پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي اسان لاءِ اهم آهن؛ انهن جي سکڻ ۽ ڳالهائڻ سان اسان جي ٻولي پاڻ وڌيڪ جلاءَ دار ٿئي ٿي؛ پر جنهن مهل پنهنجيءَ سٻاجهيءَ سنڌيءَ ۾ ٻچن سان سخن ڪجي، ته ڪوشش اها هجي ته نج ۽ سليس اکر ڪم آڻجن، جو ٻار جي دل جي ڦرهيءَ تي نقش پائدار ٿي وڃي.

”ڀٽائي رحه جا شائق ۽ شارح به اهو ئي ڪلمو پڙهندا رهيا ته شاهه کي پڙهڻ ۽ پوريءَ طرح پروڙڻ گهرو ٿا ته ٻوليءَ جو علمي اڀياس ڪريو، ۽ ان جي وسيلي سنڌ جي تاريخ کي نئين سر اجاريو. انهيءَ نيڪ ڪم ۾ اسان عورتن کي پٺتي پوڻ نه گهرجي – بلڪه مردن کان به اڳڀرو وک کڻڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي - ۽ ڀٽائي رحه جي سورمين جو سبق پڙهي، انهن وانگر همٿ هٿ ڪري، عمل جي ميدان ۾ نڪري نروار ٿيڻ کپي. هيل تائين جيڪا غفلت ۽ لاپرواهيءَ   جي ننڊ ڪئي اٿئون، تنهن مان سجاڳ ٿيڻ گهرجي. ڀٽائي   رحه جا اکر ڪيئن نه ڪَنن ۾ پيا ٻـُرن:

’ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري، سلطاني سهاڳ، ننڊن ڪندي نه ملي!‘

”وقت هٿان گهڻو نڪري ويو آهي. ٻيا سڀ منزل تي پهچڻ لاءِ ڊوڙي رهيا آهن. اسين اڃا ننڊ مان نيڻ نٿا کوليون. جي کڻي ٿورو سجاڳ ٿيون به ٿا، ته به اها خبر ڪا نه ٿي پوي ته اسين ڪيترو ٻين کان پٺتي پئجي ويا آهيون. زبان جو احساس ئي اسان کي تلافيءَ لاءِ تيار ڪندو.

هاڻي اهو واحد علاج آهي ته اسان جي نسواني طبقي ۾ سجاڳي پيدا ڪجي ته جيئن عمل لاءِ ميدان ۾ نڪري نروار ٿين.

’تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويلَ ويهڻ جي، متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پِرَ جو!‘“

”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“

(شاهه)

حاجي محمود ’خادم‘ لاڙڪاڻائي

هيءَ خبر سنڌي ادب جي خير خواهن ۽ علم دوست ڀائرن لاءِ نهايت رنج پهچائيندڙ آهي ته سنڌي ادب جي خاموش ۽ مخلص شاعر ۽ اديب، الحاج ميان محمود صاحب ’خادم‘ لاڙڪاڻائيءَ، 9- جنوري 1960ع تي، داعيءَ اجل کي لبيڪ چوندي، وفات ڪئي آهي – انالله و انا اليـﮧ راجعون.

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ’خادم‘ مرحوم جون علمي ۽ ادبي خدمتون ۽ سرگرميون نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪيون آهن. سندس خاموش، مخلص، بيلوث ۽ سرگرم علمي شخصيت جي زندگيءَ ۽ علمي ڪارنامن تي تبصري ڪرڻ لاءِ هڪ مختصر تحرير ناڪافي آهي.

مرحوم ’خادم‘ تونيه (علوي) خاندان جو فرد هو، ۽ سندس وطن مالوف بـُٺي تعلقو ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو آهي. پاڻ 29- نومبر 1895ع ۾ بٺيءَ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ علمي ادبي خدمتن جي طفيل شهرت دوام جي مقام تي پهتو. سندس ابتدائي تعليم بٺيءَ جي وڏي عالم۽ فاضل علامه حاجي دين محمد جي دارالعلوم کان شروع ٿي. سنڌيءَ ۽ فارسيءَ جي تعليم پوري ڪري، ان ئي مدرسي ۾ عربيءَ جي تحصيل ’شرح ملا جاميءَ‘ تائين ڪيائين، ۽ عربيءَ ۾ هڪ منتهي طالب العلم وارو استعداد پيدا ڪيائين. ان کان پوءِ ستت سنڌي ۽ انگريزي پڙهڻ لاءِ لارڪاڻي جي مشهور مدرسي ۾ داخلا ورتائين. اتي فائينل سان گڏ انگريزيءَ ۾ به چڱو استعداد پيدا ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو، ۽ ان سان حج تي روانو ٿيو. حج تان واپس اچڻ کان پوءِ ذريعهء معاش جي تلاش ڪيائين. ٻيءَ ڪنهن چڱيءَ ملازمت جي نه ملڻ ڪري، تپيداري پڙهي، تپيدار ٿيو، ۽ اها ملازمت ڳچ عرصي تائين ڪيائين.اڳتي هلي، سينارٽيءَ موجب، براج کاتي ۾ سروير ٿيو، جتان 55 سالن جي عمر ۾ رٽائر ڪيائين. تپيداريءَ جي زماني ۾ بٺيءَ مان لڏي پلاڻي جيئن اچي لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي ۾ رهيو، تيئن آخر تائين اتي ئي سڪونت پذير رهيو.

’خادم’ مرحوم، پنهنجي علمي ۽ ادبي نقطه نظر سان ان فن شاعريءَ جو معياري شاعر ۽ ناقد تسليم ڪيو ويو آهي، جو فن علم عروض جي فني ۽ اصولي موشگافين جو پابند آهي. غزل، جو پنهنجي هيئت جي اعتبار سان نج فارسي صنف آهي، ان جي لوازمات ۽ فني متعلقات کي ادب ۾ هڪ انفرادي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. اڙدو شاعريءَ جو پورو ڍانچو غزل جي فارسي صنف مان بنايو ويو آهي. غالب، داغ، مير ۽ ذوق ان صنف جا عظيم شاعر ليکجن ٿا، جن جو اثر اڙدوءَ جي متقدمين ۽ متاخرين ٻنهي گروهن تي هڪجهڙو پيو آهي. سنڌي غزل به ان ئي هيئت ۽ فن جو مرهون منت آهي.

سنڌي ادب ۾ فارسي۽ اڙدو غزل جي ترويج ۽ اشاعت ۾ خادم مرحوم جي خدمتن جو وڏو دخل رهندو آيو آهي. غزل ۽ ان جي فن متعلق اڙدو دان ناقدن جي عروضي ۽ فني موشگافيون پيدا ڪيون، اهي خادم مرحوم سنڌي اديبن سان روشناس ڪرايون. تغزل ۽ ان جا لوازمات، عروض ۽ ان جا اصول، حرڪات سڪنات جا قاعدا، اقسام قافيه، عربي ۽ فارسي بحر، عيوب ۽ فڪ اضافت، تنافر، تعقيد ۽ تعقيب جا مباحث، سنڌي ادب ۾ خادم صاحب ئي مروج ڪيا. اڄ سوين سنڌي اهڙا آهن، جن جي روضداني ’خادم‘ جي تنقيدي مقالن، خطن ۽ تبصرن تي مبني آهي.

ان فن ۾ سندس ننڍڙو ڪتاب ”رياض البلاغت“ جهونو ۽ معياري ڪتاب ليکجي ٿو. جنهن مان مبتدي ۽ قادرالڪلام شعراي ڪرام اڄ به مستفيد ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ نهايت دلنشين ۽ آسان پيرايي ۾ عروض ۽ ان جا مفيد ۽ ضروري مسئلا پيش ڪيل آهن. ان کان سواءِ، سنڌي زبان جي مختلف جهونين ۽ نين اخبارن – الوحيد، سنڌ زميندار، ۽ ستاره سنڌ، الحقيقت، مسلمان، بيداري؛ ۽ جهونن رسالن – جامع، بهار اخلاق، الاسلام، تحفه احباب، اصلاح، جعفر زٽلي، ڪچڪول، مخلص، ڪاميابي، الڪاشف، الهمايون، ترقي، مصطفيٰ  (لاڙڪاڻو)؛ ۽ تازي دور ۾ روح ادب، نئين زندگي، شاعر (حيدرآباد)، طالب الموليٰ (دادو)، مهراڻ (نئون ۽ پراڻو دور)، ۾ به خادم صاحب فن عروض ۽ غزلگوئي ۽ تنقيدي اصولن جي وقت بوقت ڇنڊڇاڻ پئي ڪئي آهي. سندس انهن علمي ڪاوشن ۽ تنقيدي تبصرن کي سنڌي ادب ۾ وڏي اهيمت حاصل آهي. ڪاش، ان پوري مواد کي نئين سر سهيڙي شايع ڪيو وڃي.

’خادم‘ مرحوم جي خاموش ۽ مخلصانه خدمتن ۾ ’انجمن سازي‘ ۽ ’بزم آرائيءَ‘ جو هڪ مستقل باب آهي. مرحوم مرزا قليچ بيگ کان وٺي اڄ تائين، جي به علمي ادبي محفلون، بزمون ۽ تنظيمون رهيون آهن، انهن ۾ خادم مرحوم جو وڏو هٿ هوندو هو. نئين دور ۾ ’آل سنڌ ادبي ڪانفرنس‘ جو رواج به خادم مرحوم جي ڪوششن جو مرهون منت آهي. ”جمعيت الشعراء سنڌ“ ۽ ”سنڌي سڌارا سوسائٽي“ جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ خادم صاحب جي خدمتن کي وڏو دخل آهي. مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم محمد هاشم مخلص، مرحوم شمس الدين بلبل، علي محمد قادري ۽ ڄيٺمل پرسرام جهڙن جهونن بزرگوارن سان گڏجي، خادم صاحب جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اها وسارڻ جهڙي نه آهي.

”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ جي اهتمام سان لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، ميهڙ، جيڪب آباد، سکر، ٺٽي، حيدرآباد، خيرپور ميرس ۽ ڪراچيءَ ۾ جيڪي به آل سنڌ ادبي ڪانفرنسون ٿيون آهن، تن جو سرگرم ڪارڪن ’خادم‘ مرحوم ئي هوندو هو. ڪانفرنس جي ابتدائي مرحلي کان آخر تائين، پورو انتظام خادم جي تجربيڪاريءَ ۽ فني مهارت جو مرهون منت رهندو آيو آهي.  صدارتي خطبا تيار ڪرڻ، استقباليه تقريرون لکڻ ۽ ڇپائڻ، دعوتناما لکڻ ۽ پوسٽ ڪرڻ، اخبارن ۾ پروپئگنڊا ڪرڻ، فنڊ گڏ ڪرڻ، مهمانن جي رهائش جو انتظام ڪرڻ، چونڊ اديبن ۽ فنڪارن کي گهرائڻ، ريزوليشن لکڻ ۽ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، مختلف فيصلن کي عملي صورت ڏيندڙ ڪاميٽيون ٺاهڻ، وس وارن سان ملڻ لاءِ وفد بڻائڻ: مطلب ته سئيءَ کان سڳي سوڌو ڪم خادم صاحب پاڻ تي وسائيندو هو.

ڪانفرنسن کانسواءِ، طرحي مشاعرا به خادم صاحب جي ڪوششن سان سنڌ ۾ روشناس ٿيا. انهن جو بنياد اگرچه اڳ ۾ پئجي چڪو هو، پر مشاعرن کي باقاعدي تشڪيل ڏيڻ، مصرع طرح ڏيڻ، ان تي نوآموز شاعرن جي آيل ڪلام جي اصلاح ڪرڻ، نون شاعرن کي وڏين محفلن ۾ کڙو ڪرڻ، کين داد ۽ تحسين ڏيڻ، کين همت افزائيءَ جا خط لکڻ، سندن ڪلام جو انتخاب ڪنهن رسالي يا اخبار ۾ شايع ڪرائڻ، نون شاعرن کي بهترين تخلص ڏيڻ – اهي سڀ خاموش خدمتون آهن، جن کي ڪڏهن به سنڌي ادب جا گهڻگهرا وساري نٿا سگهن.

شاعريءَ سان ۽ خاص طور غزل سان تعلق، سندس استاد ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقيءَ جي حوصله افزائيءَ ۽ مشفقانه تربيت جي ڪري ٿيو. ڊاڪٽر صديقي مرحوم اڪبر الهه آباديءَ جو شاگرد رشيد هو، ۽ فن عروض جو ماهر ۽ قادرالڪلام استاد هو. خادم مرحوم، فن جي تربيت ۽ تڪميل لاءِ، باوجود ذاتي مطالعي ۽ ذوق جي، هڪ ماهر ۽ استاد وٽان تربيت حاصل ڪرڻ کي افضل ڄاتو، لهاذا عروض جا معياري ۽ مستند ڪتاب، سبقاً سبقاً، پنهنجي استاد مرحوم کان پڙهيائين – حتاڪ ”بحرالفصاحت“ جهڙن ضخيم ۽ مغلق، پراڻيءَ طرز جي ڪتابن تي به عبور حاصل ڪيائين.

’خادم‘ صاحب باضابطي 1915ع ۾ استاد کان پاکر ۽ سَندَ حاصل ڪئي، ۽ نومشقيءَ جو دور ختم ڪري، 1917ع کان ڪلام چوڻ ۽ ڇپائڻ شروع ڪيو. سندس علمي ۽ ادبي مصاحبن ۾ عبدالله عبد عاقلي، اياز قادري، رشيد لاشاري، حامي، جامي، اثر، ناظم، نظام، آغا گل، خواب، نظامي، عاشق ۽ فدا جا نالا اچن ٿا. هندو شاعرن مان دلگير، دکايل ۽ رام پنجواڻي به سندس فن ۽ شخصيت جا قدر دان هئا. ’بيوس‘ جهڙو عمر رسيده شاعر به سندس اصلاح ۽ مشوري کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو. سنڌي ٻوليءَ جا وڏا عالم سندس سنڌيءَ  متعلق پيش ڪيل تجويزن کي قابل غور سمجهندا هئا.

تقسيم کان پوءِ واري دور ۾ پاڪستان جي قومي ٻوليءَ متعلق اٿاريل شور و شر ۾ خادم صاحب سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ لاءِ تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. خاص طرح ڊاڪٽر دائود پوٽي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، علي محمد راشدي، ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ سان رفيق ڪار ٿي، ڪراچيءَ ۾ آل سنڌ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي، نهايت پـُر امن ۽ علمي طرح سان احتجاج ڪرايائين، ۽ پوريءَ ڪراچيءَ تي واضح ڪيائين ته سنڌي به علم و ادب، زبان ۽ فن جي حيثيت سان وڏو مقام رکن ٿا، ۽ انهن جي ٻولي ڪنهن به حيثيت سان نظر انداز نٿي ڪري سگهجي.

سندس خدمتن کي اڳيان رکي کيس ”باباي سنڌي“ ۽ ”مخدوم الشعراء“ سڏيو ويو؛ پر پاڻ شهرت کي پسند نه ڪندي، انهن لقبن کي ترڪ ڪري، مثال قائم ڪيائين ته لقبن جي اضافِي تعريف جي ڪا ضرورت ڪا نه آهي: ”عطر آنست کـﮧ خود ببويد“.  خادم مرحوم سچ پچ ته مسلمانن ۾، بلبل ۽ مخلص، قليچ ۽ صغير سيوهاڻي، دائود پوٽي ۽ وفائيءَ کان پوءِ سنڌي ادب ۽ فن جو سچو پچو ”خادم“ هو. سندس معاصر دوستن ۾ مخدوم طالب الموليٰ ضياء الدين بلبل، ڊاڪٽر خليل، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالله عبد، حافظ احسن، غني، عبدالله چنه، محبوب علي چنه، عبدالواحد سنڌي، مولائي شيدائي، منظور نقوي، جوش، خواب، سرور، خالدي ۽ لطف الله بدويءَ پارا اديب موجود آهن، جي سندس خدمتن جو اعتراف ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي تنقيد تاريخ ۾ هڪ اهڙو تلخ ۽ تخريب پسند تنقيدي دور به گذريو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن وڏن شاعرن ۽ اديبن جا ناقدانه معرڪا ٿي گذريا آهن، جن ۾ ڪيترن بي تعلق ۽ غير جانبدار اديبن تي به سخت تنقيدي حملا ٿي چڪا آهن؛ جن ۾ ڪي پس پرده رهي، تماشائي ٿي، ٻين کي ويڙهائيندا هئا، ته ڪي ڏونري تي هٿ هڻي، تنقيد جو سونٽو هٿ ۾ کڻي، گاموسچار ٿي، چڱن جون پڳون لاهيندا هئا. ان دور ۾ نظامي، واصف، بيوس، گربخشاڻي، لطف الله بدوي، رشيد لاشاري، ضياء الدين بلبل، جمعو خان غريب، احسن، مراد علي ڪاظم، محمد خان غني، عبدالله چنه، شيخ عبدالله عبد، ماستر بشير، گدائي، حافظ حيات شاهه، سرور ۽ عارف الموليٰ جا نالا ملن ٿا، جن مان ڪي معتوب ۽ مظلوم رهيا ته ڪي حمله آور ٿيا ته ڪي تماشائي. اهو پورو دور اڄ به پنهنجي مواد جي حيثيت سان وساري نٿو سگهجي. بهرحال، هڪ علمي دور هو، جو ’خادم‘ جي شخصيت سان ڪنهن نه ڪنهن صورت سان وابسته هو. رب ڪريم شال کيس مرهي ۽ سندس مغفرت ڪري!

سندس ڇپيل تصنيفات ۾ ’شميشير اسلام‘ ۽ ’خنجر هلال‘ اڙدوءَ تان ترجمو ڪيل ناول آهن، ۽ ’رياض البلاغت‘، ’اخلاقي خون‘، ’ستاره سنڌ‘ ۽ ’امام مهدي‘ تاليف ڪيل آهن. اڻڇپيل ڪتابن ۾ سندس خود نوشت سوانح عمري، ۽ ’محمود اللغات‘ موجود آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي سڀني  اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس مقالا ۽ تبصرا موجود آهن، جي به فن جي حيثيت سان پنهنجو مقام رکن ٿا.

خادم صاحب، پوئين دور ۾ دائم المريض رهيو ۽ رسالن جا سال صاحبِ فراش رهيو. تاهم، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي مسئلن متعلق ڪنهن به ميٽنگ، بزم، محفل يا ڪانفرنس کي قضا نه ڪيئاين. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جهڙن دور دراز شهرن تائين به پاڻ کڻائي اچي شريڪ ٿيندو هو. نه فقط شرڪت ڪندو هو، پر تجويزون لکندو هو؛ ۽ بعض وقتن تي وفدن ۾ به پاڻ کڻائي، وزيرن جي درن تي هلندو وتندو هو.رب ڪريم شال سندس خدمتن کي قبول فرمائي!

حاصل ڪلام، سنڌي ادب جي هن مخلص ۽ خاموش اديب، 65 سالن جي عمر ۾، ڇنڇر ڏينهن، 9- جنوري 1960ع تي وفات ڪري، دوستن کي اشڪبار ڪيو آهي. رب ڪريم شال کيس مرهي! – انان لله و انا اليـﮧ راجعون. (غ . م . گ.)

مرحوم ’عاجز‘ ساڪرائي

مرحوم ’عاجز‘ ساڪرائي، سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر به آخر الوداع ڪري ويو. مرحوم جو تعلق مغليه خاندان جي چغتائي شاخ سان هو. مرحوم ’عاجز‘ 1887ع ۾ ڄائو، ۽ 25 – جولاءِ 1959ع تي 72 سالن جي طويل عمر گذاري، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي آهي. سندس والد ماجد جونالو ملا محمد سليمان هو، جو پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ فاضل شخص هو.

عاجز مرحوم ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد وٽان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ فائينل پاس ڪيائين، ۽ ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ پڻ ٽي سال رهي تربيت حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڪراچي ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ ماستري ڪيائين. رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، گوشي نشين ٿي گذاريائين.

سندس شاعريءَ جو استاد مير عبدالحسين ’سانگي‘
 هو. ’سانگي‘مرحوم جي تربيت ۽ صحبت ۾ ’عاجز‘ مرحوم فن ۽ استادن جي ڪلام جو چڱو مطالعو ڪيو.  ’سانگيءَ‘ جي اصلاح ’عاجز‘ جي ڪلام ۾ آهستي آهستي پختگي پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي ’عاجز‘ جوڪلام سهڻو ۽ سلوڻو ٿيو. سندس شعر و شاعريءَ جو داد ان دور جي ٻين گهڻن استادن ڏنو، جن مان مرحوم شمس الدين ’بلبل‘، مرحوم محمد هاشم ’مخلص‘، مرحوم شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، مرحوم زمان شاهه ’ساقي‘ ٺٽوي، مشهور بزرگ آهن.

’عاجز‘ مرحوم جي شاعريءَ ۾ ياس ۽ حِرمان، غم ۽ اندوهه ججهو آهي. مرحوم ’عاجز‘ اول اول ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنهنجي والد جي وفات جو سـُور سَٺو – ان کان پوءِ ڄڻ ته سورن اچي منهن ڪڍيو. آخري عمر تائين گمنامي ۽ گوشي نشيني اختيار ڪري پئي وقت گذاريائين. سندس شاعري، حـُزن ۽ ملال جي زنده تصوير چئي وڃي ٿي.

دستور موجب، ڪن شاعرن سان معرڪا به ٿيا، جن مان زمان شاهه ’ساقي‘ ٺٽويءَ سان ٿيل شاعراڻو معرڪو مشهور آهي، جنهن ۾ آخرڪار ’ساقيءَ‘ جي غلط فهمي دور ٿي، ۽ پاڻ ۾ شيِر و شڪر ٿي ويا.

عاجز مرحوم جو منتشر، ڇپيل ۽ اڻڇپيل ڪلام سندس ڀائٽي مرزا غلام معصوم بيگ (سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد) وٽ موجود آهي. ”سنڌين جا سخن“ به ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن وٽ موجود آهي، جنهن ۾ قديم شاعرن جي ڪلام جو انتخاب ڏنل آهي.

سندس اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي، ۽ هڪ ڀائيٽو آهي.

آخر ۾ دعا آهي ته رب ڪريم شال مرحوم کي مرهي ‎! – انالله و انا اليـﮧ راجعون. (غ . م . گ .)

نواز علي’نياز جعفري

هيءَ خبر سنڌي علم ادب سان تعلق رکندڙ حلقن لاءِ نهايت ڏک پهچائيندڙ آهي ته سنڌ جي مشهور قادر الڪلام غزلگو شاعر، نواز علي خان جعفري، ’نياز‘، 12 – نومبر 1959ع تي لاڙڪاڻي ۾ 67 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي آهي – انالله وانا اليـﮧ راجعون.

”نياز“ جعفري، لاڙڪاڻي جي مردم خيز سرزمين مان هڪ گلِ نوشگفته وانگر ٽڙيو، ۽ اتي ئي موت جي ظالم هٿن سان مرجهائجي ويو! لاڙڪاڻي ۾، 18- آڪٽوبر 1892ع تي، سومرن جي مشهور خاندان ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد آچر خان هو. ’نياز‘ مرحوم، ننڍي وهيءَ ۾ ئي يتيم ٿي چڪو هو. پنهنجي مربي ۽ پياري والد جي جدائيءَ هن ننڍڙي ۽ نماڻي ٻالڪ کي ڪافي متاثر ڪيو. سندس نماڻائيءَ ۽ سادگيءَ ۾ ان ابتدائي عمر واري اوندوهه آگين حادثي جو وڏو دخل قائم رهيو. والد جي وفات کان پوءِ سندس تعليم ۽ تربيت جو بار سندس مامي، ماستر محمد پريل لاڙڪاڻائي، پنهنجي مذهبي مشرف ۽ تصنيفات جي ڪري، اهل تشيع فرقي جو سرگرم فاضل شخص هو. ماستر صاحب پنهنجي قلم ۽ ذوق سان سنڌي ادب ۾ ۽ سنڌ ۾ ڪافي طور پنهنجي مذهب جي اشاعت ڪئي آهي. ’نياز‘ جي تربيت ۾ سندس وڏي ڀاءُ غلام علي خان جعفريءَ جو به وڏو دخل رهيو آهي، جو صاحب به مذهب شيعه سان وابسته هو. انهن ٻنهي بزرگن جي تربيت ۽ صحبت جي ڪري، مرحوم ’نياز‘ به ان مشرب جو مخلص مومن پوئلڳ هو. پڇاڙيءَ تائين اهلبيت اطهار ۽ معصومين جي حب ۽ مشرب ۾ سرشار رهيو.

سندس شاعريءَ جو ذوق، مرحوم ’بلبل‘ جي ديوان مطالعي ڪرڻ سان پيدا ٿيو. ان لاءِ سندس چوڻ آهي ته ”ديوان بلبل“ مون پنهنجيءَ والده ماجده وٽ ڏٺو، ۽ ان جي پڙهڻ کانپوءِ شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو.

’نياز‘ صاحب ڪجهه وقت لاڙڪاڻي مدرسي ۾ به ماستري ڪئي. سندس ذڪر شمس العلماء دائود پوٽي پنهنجيءَ مختصر آتم ڪهاڻيءَ ۾ ڪيو آهي، ۽ لکيو آهي ته ”ان وقت کهڙو محمد ايوب خان، ٽئين درجي انگريزيءَ ۾ هو، جنهن کي مسٽر نواز علي ’نياز‘ خاص طرح پڙهائيندو هو.“ تعليم جي شغل کي ڇڏڻ کان پوءِ، روينيو کاتي ۾ ويو. ترقي ڪري مختيار ڪار بنيو، ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملازمت جي سلسلي سان وابسته رهيو. هر هنڌ علمي ۽ ادبي خدمت ڪندو رهيو، ۽ مشاعرن ۾ بهرو وٺندو آيو. 1947ع ۾ رٽائر ڪري اچي اباڻي شهر کي وسايائين. ڪجهه وقت ”نياز ميڊيڪل هال“ به هلايائين؛ پر ڀاءُ غلام علي خان جعفريءَ جي وفات کان پوءِ، خانداني ۽ معاشرتي ڪمن ڪارين وڌڻ جي ڪري، حڪمت ۽ طب کان ڪناره ڪشي اختيار ڪيائين، ۽ ڀاءُ جي ڇڏيل مشغولين ۽ خدمتن کي جاري رکيائين. ’انجمن حسيني‘، امام بارگاهه ۽ ٻيا مذهبي وقف سنڀاليائين.

11- جنوري 1954ع تي سندس اهليه محترمه وفات فرمائي، انهيءَ صدمي کي هيڻو ڪري وڌو. سندس ڪلام اهڙي قلبي تاثرات سان ڀريل آهي.

پاڻ جيڪو وقت لاڙڪاڻي ۾ رهيو، شعر و ادب جي خدمت ۾ پيش رهيو. نوآموز شاعرن جي حوصلي افزائي ڪندي، ڪيئي قادر الڪلام ۽ استاد پيدا ڪيائين. سندس تربيت ۽ نڪته رس طبيعت، هري ’دلگير‘ ۽ پرڀو ’وفا‘ ڇڳاڻيءَ جهڙا چوٽيءَ جا شاعر پيدا ڪيا، جن کي هند ۽ سنڌ سڃاڻي ٿي.

سندس علمي ۽ ادبي خدمتن ۾ سندس ڪلام جا مجموعا وڏي حيثيت رکن ٿا. سندس ڪلام ۾ ”معراج النبي“ ۽ ”گل ۽ بلبل“ تي لکيل مسدس عظيم شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا. ’نياز‘ صاحب هڪ ننڍڙو انتخاب ”جوهر سخن“ به قلمبند ڪيو هو، جو افسوس آهي ته شايع ٿي نه سگهيو آهي.

’نياز‘ مرحوم پنهنجيءَ وفات کان ٻه ڏينهن اڳ هڪ غزل لکيو آهي، جو سندس غمگين طبع جو هڪ طرف آئينه دار آهي ته ٻئي طرف سندس وفات حسرت آيات لاءِ پيشنگوئي آهي.

اوچتو سڏ ٿيو، نه ڪنهن کان موڪلائي ٿو وڃان،

درد دنيا مان هي پنهنجي دل ۾ پائي ٿو وڃان.

اڻڏٺل هڪ ملڪ، ٻيو ساٿي هلي ٿو ڪين ساڻ،

واٽ جون سختيون سڀئي سر تي سهائي ٿو وڃان.

هئا عزيزن دوستن مان ڪير منهنجا خيرخواهه،

بس، ’نيازا‘، هر ڪنهين کي آزمائي ٿو وڃان.

بهرحال، هڪ ڪهنه مشق ۽ استاد شاعر جي وفات سنڌي ادب لاءِ ناقابل تلافي ادبي نقصان آهي. رب ڪريم شال مٿس مغرفت فرمائي ۽ مرهي!

(غ . م . گ.)

خواجه سلطان علي، مرحوم

قومي ڀلائيءَ جي هر مرحلي ۾ ڪيترا ئي اهڙا غير معروف ماڻهو پڻ موجود رهندا پئي آيا آهن، جيڪي پنهنجيءَ پَرِ ۾ پيا ڪا نه ڪا خذمت ادا ڪندا آهن. عملي طرح، انهن ماڻهن جو پڻ زندگيءَ جي مختلف شعبن جي واڌاري ۾ اوترو ئي حصو آهي، جيترو عام – مشهور ماڻهن جو. اهڙن خاموش خدمتگذارن جا احوال ۽ ڪارناما، سندن پردي مٽائڻ بعد اڪثر گم ٿي ويندا آهن، يا دير سان ظاهر ٿيندا آهن، جن کي جڏهن به ملن ته محفوظ ڪري ڇڏڻ کپي. خواجه سلطان علي مرحوم پڻ اهڙن خاموش خادمن مان هو، جنهن چوٽيهن سالن جي عمر ۾، 9- جنوري 1959ع تي، ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي. پاڻ خواجه قوم جو معزز فرد هو، ۽ پنهنجيءَ قوم جي نمايان خذمتن سان گڏوگڏ ادب جو ذوق پڻ پاليندو رهيو. سندس وڏا اصل رڙيءَ مان ميرپور بٺوري آيا، جتان پوءِ سندس والد سيٺ رمضان علي، جو شاهبندر ڊويزن جو وڏو زميندار ۽ چڱو مڙس هو، لڏي اچي ٽنڊي محمد خان ۾ رهيو. ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪيائين. گـُرداسمل هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ پاس ڪري، ڊي . جي . سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو؛ پر ڪانگريس تحريڪ ۾ بهري وٺڻ سبب مائٽن کانئس تعليم ڇڏائي ڍاري، ۽ کيس زمينداري ڪم سنڀالڻو پيو. ان بعد، جي . ايم . سيد جي اثر ۾ اچي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ويو، ۽ مرڪزي ڪميٽيءَ تي ميمبر چونڊجي ويو. پاڻ اسماعيلي مذهب رکندڙ هو. پهرين مرحوم هز هائينس آغا خان جي طرفان ٽنڊي طـُريل ڪائونسل جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو، ۽ انهيءَ عهدي تان رٽاير ڪرڻ بعد کيس هز هائينس مرحوم طرفان ’اعتمادي‘ جو خطاب عطا ڪيو ويو. ان بعد، کيس ’اسماعيليه مشن‘ ٽنڊي محمد خان سينٽر جو چيئرمن ۽ استاد نامزد ڪيو ويو، جتي پاڻ شاهه جي ڪلام، مولانا روميءَ جي مثنويءَ ۽ تصوف جي تعليم ڏيندو هو. ڪراچيءَ جي ڊاڪٽر پير محمد هود ڀائيءَ جي صحبت ۾، کيس اسماعيليه ائسوسئيشن پاڪستان جو پڻ ميمبر بنايو ويو. کيس پنهنجي قومي حلقي ۾ وڏي احترام سان ڏٺو ويندو هو، ۽ پاڻ پنهنجين منصبي ذميدارين کي پوريءَ دلچسپيءَ سان ادا ڪندا هو.

مرحوم سلطان علي کي تاريخ سان ننڍي لاڪؤن لڳاءُ هو، ۽ ان ۾ ايترو مطالعو ڪيائين جو مسلسل 4 -5 ڪلاڪ اسلامي تاريخ تي گفتگو ڪري سگهندو هو. تصوف جي مسئلن ۽ فارسي زبان جي سٺي مهارت هيس. 1955ع ۾، ٽنڊي محمد خان مان ماهوار رسالو ”ميراث“ جاري ڪيائين، جنهن جو پاڻ سرپرست هو، ۽ محترم غلام علي الانا ان جو ايڊيٽر هو. رسالو چار-پنج مهينا هلي بند ٿي ويو، پر سندس ادبي ذوق جاري رهيو. شاهه جي رسالي جو انتخاب، ”چراغ حقيقت“ جي نالي سان ڇپائي شايع ڪيائين، جنهن ۾ ڪلام کي موضوع وار مرتب ڪيو اٿس. مولانا روميءَ جي مثنويءَ جو انتخاب پڻ، ساڳيءَ طرح موضوع وار ترتيب سان، معنيٰ سميت، ٻٽيهن ڀاڱن ۾ مڪمل ڪيائين، جنهن جو پهريون ڀاڱو “اولي الامر“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي. وفات کان ٿورو اڳ حضرت علي عليه السلام جي سوانحعمري مڪمل ڪيائين، جنهن کي هن وقت محترم مولانا گرامي نظر مان ڪڍي رهيو آهي.هزهائينس طرفان کيس انهيءَ تاريخ ڇپائڻ  لاءِ هر قسم جي مدد جو واعدو مليو هو – انهيءَ مان سندس تصنيف جي معياري هجڻ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ”شهيد تمنا“ نالي هڪ اسلامي تاريخي ڪتابڙو پڻ سندس ڇپايل آهي. 1957 – 58ع ۾ هفتيوار اخبار ”روشني“ ڪڍيائين، جنهن ۾ سندس اسلامي تاريخ ۽ تصوف تي مضمون ۽ شعر وغيره شايع ٿيندا هئا. مرحوم نثر به لکندو هو، ۽ شاعري به ڪندو هو. شاعريءَ جي مختلف صنفن – غزل، نظم، تاريخي مادا، رباعيون - ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪلام جو مجموعو محفوظ آهي، جو سندس دوستن کي ڇپائڻ جو ارادو آهي. ڪجهه افسانا پڻ لکيل اٿس، جي سماجي اصلاح ۽ سرمائيداري ظلمن خلاف موضوعن تي آهن. عمر خيام جي رباعين جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو به مڪمل ڪيو هيائين، جو اڃا ڇپيو نه آهي.

مرحوم خواجه سلطان علي ذاتي طرح تمام خليق، بامروت ۽ سخي هو. پنهنجي هڪ دوست کي ٽي هزار روپيا مدد ڪري دڪان ڪڍرايائين؛ پوءِ ان زمين ورتي، ته سترهن هزار روپيا ٻيا به ڏنائينس، ۽ وصيت ڪيائين ته کانئس واپسيءَ جي تقاضا نه ڪئي وڃي. اهڙو ئي سلوڪ هو پنهنجن هارين سان به ڪندو هو. کين اڪثر آئيءَ ويل امدادون ڏيندو هو، ۽ انهن جو حساب ڪتاب ڪو نه رکندو هو. مولانا گرامي، غلام علي الانا، سيٺ مدد علي خواجه، ڊاڪٽر پير محمد، جان محمد جمالي، راز بلڙائي ۽ ميرپور بٺوري واري ارباب نور محمد پليجي سان سندس خاص صحبت هوندي هئي. پوين ڏينهن ۾ مرحوم کي ڪئنسر جي بيماري ٿي پيئي. ٽي ڀيرا آپريشن ٿيو، پر شفا ڪا نه ٿي. رب سائين کيس پنجتن پاڪن جي پاڇي ۾ آرامي رکي! (ش. ح.)

تبصرا

افسوس آهي جو هن ڀيري ڪتابن تي تبصرا پيش نه ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ ادارو ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن توڙي ڪتابن جي ناشر صاحبن کان معذرت چاهي ٿو. اميد ته ايندڙ پرچن ۾ تبصرا ڪيا ويندا- ادارو.

پهچ

(1)              نيڪي ۽ بدي – صفحا 141 (ڪرائون سائيز)؛ ديده زيب سرورق؛ قيمت 0-8-1؛ سنڌيڪار مرحوم مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ  ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جوهنڌ ’سنڌي
 ادبي بورڊ‘ جوبڪ اسٽال، اسٽيشن روڊ، حيدرآباد سنڌ.

(2)             ٽي گهر – صفحا 360 (ڪرائون سائيز)؛ ديده زيب سرورق؛قيمت
0-8-3؛ سنڌيڪار مرحوم مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(3)             گلن جي ٽوڪري – صفحا 211 (ڪرائون سائيز)؛ ديده زيب سرورق؛ قيمت 0-4-2؛ سنڌيڪار مرحوم مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(4)             فيروز دل افروز – صفحا 189 (ڪرائون سائيز)؛ گردپوش سهڻو؛ قيمت 0-8-1؛ سنڌيڪار مرحوم مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(5)              گليور جو سير ۽ سفر – صفحا 126 (ڪرائون سائيز)؛ ڪور رنگين؛ قيمت 0-8-1؛ سنڌيڪار مرحوم مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(6)             ٽيلسمن، عرف غازي صلاح الدين – صفحا 115 (ڪرائون سائيز)؛ ديده زيب سرورق؛ قيمت 0-4-2؛ سنڌيڪار ساڌو هيرانند ۽ ڀيرومل؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(7)             دلپسند قصا – صفحا 384 (ڪرائون سائيز) قيمت 0-4-2؛ مصنف مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ”.

(8)             نل دمينتي – صفحا 281 (ڊيمي سائيز)؛ ديده زيب سرورق؛ قيمت 0-0-3؛ مترجم رشيد احمد لاشاري؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(9)             چندن هار – صفحا 600 (ڊيمي سائيز)؛ مجلد، آرٽ پيپر جو گردپوش؛  قيمت 0-0-9؛ مصنف مرزا قليچ بيگ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(10)         ڪيمياي سعادت – صفحا 18 (ڪرائون سائيز)؛ ديده زيب گردپوش؛ قيمت 0-0-2؛ سنڌيڪار غلام حسين جلباڻي؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(11)          سچل جو سرائڪي ڪلام – صفحا 377 (ڊيمي سائيز)؛ آرٽ پيپر جو ڪور؛ قيمت 0-8-6؛ مرتب مولوي محمد صادق راڻيپوري؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(12)         مداحون ۽ مناجاتون (لوڪ ادب) – صفحا 510 (ڊيمي سائيز)؛ مجلد، آرٽ پيپر جو گردپوش؛ مؤلف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(13)         تاريخ معصومي (اڙدو) – صفحا 570 (ڊيمي سائيز)؛ مجلد، آرٽ پيپر جو رنگين گردپوش؛ قيمت 0-8-10؛ مصنف مير معصوم؛ مترجم اختر رضوي؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘

(14)         جادو ۽ سائنس – صفحا 624 (ڊيمي سائيز)؛ آرٽ پيپر جو رنگين گردپوش؛ قيمت 0-0-8؛ مصنف سرجيمس جارج فريزر؛ مترجم سومار علي . م . سومرو؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

(15)          آءٌ ته چوريون چنگ – صفحا 112 (ڪرائون سائيز)؛ آرٽ پيپر جو رنگين ڪور؛ قيمت 0-8-1؛ مصنف موتي پرڪاش؛ ڇپائيندڙ ’جيوَن – ڪلا پبليڪيشن‘، 6- ماڌو ڀون، سگنل هِل اوينيو، بمبئي -15.

(16)         سجاڳيءَ جو سڏ – صفحا 214 (ڪرائون سائيز)؛ رنگين ڪور؛ قيمت 0-4-2؛ مصنف محمد دائود سولنگي؛ ڇپائيندڙ ’ادارهء سنڌي ادب‘، ٽنڊو محمد خان، سنڌ.

(17)         تعميرِ زندگي – صفحا 90 (ڪرائون سائيز)؛ رنگين ڪور؛ قيمت 0-4-1؛ مترجم رسول بخش ’خمار‘؛ ڇپائيندڙ ’اداره آواز ادب‘، حيدرآباد سنڌ.

(18)         حسنه – صفحا 112 (ڪرائون سائيز)؛ آرٽ پيپر جو ڪور؛ قيمت 0-8-1؛ مصنف رسول بخش ’خمار‘؛ ڇپائيندڙ ’اداره آواز ادب‘، حيدرآباد سنڌ.

(19)         بناءُ الاسلام – صفحا 262 (ڪرائون سائيز)؛ سادو ڪور؛ قيمت0-0-3؛ مصنف مرحوم مخدوم محمد هاشم ٺٽوي؛ ملڻ جو هنڌ: حاجي احمد خان ابڙو، ڪلاٿ مرچنت، نصرپور، سنڌ.

(20)        رسالو ”نئين دنيا“، بمبئي، (سنڌيت نمبر، جنوري – فيبروري 1960ع) – ملڻ جو هنڌ : 87، ڪاپڙ بزار، ماهم، بمبئي -16.

(21)         سورج شاخون ڪڍيون – صفحا 143 (ڪرائون سائيز)؛ آرٽ پيپر جو رنگين ڪور؛ قيمت 0-8-1؛ مصنف محمد علي ڀٽي؛ ڇپائيندڙ ’اداره آواز ادب‘، حيدرآباد، سنڌ.

(22)        ماهوار رسالو ”روح رهاڻ“، حيدرآباد (پهريون پرچو، اپريل 1960ع) – ناشر ’زندگي پبليڪيشن‘، حيدرآباد، قيمت في پرچو 0-8-0.

(23)        رسالو ”گل ڦل“ (سالنامو)، سنڌي ادبي بورڊ،

(24)        شيشي جي دل – صفحا 125 (ڪرائون سائيز)؛ قيمت 0-12-1، ليکڪ ڪلا پرڪاش؛ ملڻ جو هنڌ: ’ڪهاڻي پبلڪيشن‘، هنسالي ٽئنڪ روڊ، بمبئي – 28.

(25)         جن سوري ڀانئين سيج (ٻه ڀاڱا ) – صفحا 238 (ڪرائون سائيز)؛ قيمت ٻيئي حصا 0-0-3؛ ليکڪ گوبند مالهي؛ ملڻ جو هنڌ: ’ڪهاڻي پبليڪيشن‘، هنسالي ٽئنڪ روڊ، بمبئي -28.

(26)        تون ۽ مان – صفحا 132 (ڪرائون سائيز)؛ قيمت 0-4-1؛ ليکڪ ا.ح. جئسنگهاڻي؛ ملڻ جو هنڌ: ’اڪبر آشرم پبليڪيشن‘، ايم . زيڊ. هاسپيٽل جي مٿان، لاڙڪاڻو سنڌ.

(27)        دل جو جام سدا ڀرپور – (ڪرائون سائيز)؛ قيمت 0-0-1؛ ليکڪ ا.ح. جئسنگهاڻي؛ ملڻ جو هنڌ: ’اڪبر آشرم پبليڪيشن‘، ايم . زيڊ. هاسپيٽل جي مٿان، لاڙڪاڻو سنڌ.

پڙهندڙن جا پيغام

-  محترم گرامي صاحب، السلام عليڪم. عرصي جي انتظار ۽ اوسيڙي بعد ’مهراڻ‘ مليو – روايتي رنگن ۽ رعناين سان ڀرپور.     ’تنوير‘ جو هڪ دوهو پڙهڻ سان من ۾ چـُڀي ويو:

’منهنجي من ۾ تنهنجو ديرو، او مٺڙا ايئن آه،

ڄڻ صوفيءَ جي دل ۾ هردم، وسي پيو الله!‘

سڄڻ جي سڪ جو ڪهڙو نه سليس، سادو ۽ ڀرپور اظهار آهي! منهنجي خيال ۾ بيت کان پوءِ دوهو ئي هڪ اهڙي صنفِ صخن آهن، جنهن ذريعي پرخلوص ۽ سادن جذبن جو موثر ۽ مڪمل اظهار ٿي سگهي ٿو. پر ان جي معنيٰ اها ڪا نه آهي ته خيالَ بجاءِ لفطن ۽ محاورن کي ايترو گهڻو سادي بنائڻ جي ڪوشش ڪجي، جو اها سادگي هٿرادو معلوم ٿيڻ لڳي. نه وري دوهو ڪن فلسفيانه، ڳوڙهن ۽ پيچيده خيالن جي اظهار جو ذريعو آهي. منهنجي خيال ۾، پيچيدگين کي پاڻ ۾ سمائڻ لاءِ نظم جو دامن زياده ڪشاده آهي. ڪافين ۽ واين جي پاڻ کي اهڙي پرک ڪا نه پوي، ان ڪري انهن لاءِ آءٌ ڇا چوان! تڏهن به، ’نياز‘ همايونيءَ جي هڪ وائي الائجي ڇو ويٺو جهونگاريان –

’ٽانڊاڻي جيان ٽيڙو ٽمڪيا، کِڙيا کٽڻهار، الا،

هاڻ ته ڪر ڪا مهر مـُٺيءَ تي، پرڏيهي پنهوار، الا،

گيت نويسن کي نه ڄاڻان ڇو هروڀرو جي سادگيءَ سان اُنس آهي. عام جي لطيف ۽ سادن جذبن جو سريلو اظهار ئي ڪرڻو آهي، ته ان لاءِ عام جي مروجه ٻوليءَ کي لطيف گيتن جو روپ نٿو وٺرائي سگهجي ڇا؟ ڳولي ڳولي لطيف ۽ نزاڪتدار لفظن ميڙڻ سان گيت وڌيڪ وڻندڙ ۽ سوادي ٿيڻ بجاءِ پنهنجو سمورو اصلي مزو وڃايو ڇڏي، ۽ لفظن جي اها سهڻي ميڙ – چونڊ بلڪل اوپري، اجائي ۽ بيجوڙ بڻجيو پوي. گيتن ۾ ’شمشمير‘ اسانجي هڪ ’عام دل‘ جي ڪيتري نه چڱي ترجماني ڪئي آهي:

’تون ئي منهنجو جيءَ جيارو، تون ئي جيوَن ساٿي،

تنهنجي درشن ڪارڻ ترسن منهنجا نيڻ اداسي،

پل پل ڀانيان، تو وٽ پهچي، پيچ پريت جا پايان –

توکي ڪيئن سمجهايان!‘

هي سڀ لفظ، جهڙا اسان جي ڌنارن پنهوارن جي سمجهه وٽان آهن، اهڙا ئي عام پڙهيي -  لکئي طبقي ۾ روزمره جا ڄاتل سڃاتل لفظ آهن، جن لاءِ نه ڪڏهن لغت اٿلائڻ جي ضرورت آهي، نه ڪنهن هنديءَ جي عالم جي تلاش جو احتياج؛ ان ڪري ڪا به اجنبيت محسوس ڪا نه ٿي ٿئي. شاعر کي هن عام فهم ۽ دل – پياري گيت لکڻ مهل، مان سمجهان ٿو، ڪنهن خاص ذهني ڪاوش يا لفظن جي ڳولَ ڦولهه جي ضرورت ڪا نه پيئي هوندي؛ ڇو ته گيت چئبو ئي اندر جي موسيقي ڀريءَ اٿل کي آهي. ’شمشير‘ بهرصورت گيت جو روح سلامت رکيو؛ ورنه اجائي جاکوڙ کيس ڪاميابيءَ بجاءِ وڌيڪ الجهن ۾ وڪوڙي ها، ۽ هو دلي جذبن جو اهڙو بيساخته ۽ سهڻو اظهار ڪري ئي ڪين سگهي ها.

نظمن ۾.... ”رهان ٿو زمين تي، نظر ڪهڪشان ڏي“ – ڪو مبارڪ خيال ڪونهي. جيڪڏهين طنز آهي ته ان جو مڪمل ۽ چٽو پٽو اظهار شاعر کان نه ٿي سگهيو آهي. ”سوا ان جي ’برده‘ ٻيو چارو نٿو ٿئي“ – ان ۾ به ڪا خاص وضاحت نه آهي. ’تنوير‘ عباسي پنهنجي نظم ”ڳالهيون“ ۾ اڙدوءَ جي ’ابن اِنشا‘ جون سڪون ٿو لاهي. ’نياز‘ همايوني ته آهي ئي نظم جو شاعر (جيتوڻيڪ هن ڪامياب غزل به لکيا آهن). ”اي درد هلي آءٌ“ – ڄڻ دردن جي ڪنهن اونهي کوهه مان ويهي ڳايو اٿس! ’بردي‘ جو قصيدو، ”سنڌ سنهاڻي“، وطن دوستيءَ جو وڏي واڪي اظهار آهي، جيڪو بهرحال مبارڪن جو مستحق چئبو. ويچاري ‘حيدر‘ جتوئيءَ وري هڪ ڀيري غزل ذريعي روايات سان بغاوت ڪئي آهي. ’انسانيت‘ ۽ ’انسان‘ ته هن جي انگ انگ ۾ سمائجي ويا آهن‘ ’گدائي‘،’تنوير‘،’شبير‘، ’امداد‘، ’درد‘ ۽ ’شمشير‘ به غزلن ۾ پاڻ موکيو آهي.

’وڃي پيو قيس ليليٰ ڏي، مگر ڏاڍو ڏکيو رسندو،

جي ويندي واٽ تي ان کي ڪٿي ٻارن ڏسي ورتو!‘

امين ’فهيم‘ جي مٿئين شعر ڏاڍو کِلايو، ۽ بي اختيار استاد ’اسلم‘ جوهڪ شعر دل تي تَري آيم:

’ڪوچهء جانان ۾ راهد ڪين ويندو ڪر، متان

ٿي وڃئه ’جبي سان گڏ گروي مسلماني وري!‘

اسانجن شاعرن جي ذهن تان ڪو رانه تقليد ۽ روايت پرستيءَ جو ڀوت اڃا نٿو لهي – ورنه، سچ پچ، سندن دور جي ڪنهن ’مجنونءِ‘ کي پنهنجيءَ ’ليلا‘ سان ملڻ لاءِ ’ٻارن‘ کان زياده ’ٻڍڙن‘ جو خطرو درپيش آهي. ڪاش، هيءَ مَک مٿان مَک مارڻ واري پراڻي عادت اسان وٽان تڙجي وڃي!

افسانن ۾، سراج جي ”چنڊ گرهڻ“ جا هي جملا جرات ڀريا آهن: ”شاديءَ ۾ ڇا ٿو ٿئي، سو ته ڪين ٻڌائينديسانءِ، پر ائين سمجهه ته جڏهن قسمت سهاڳ جي گهڙي ڏيکاري ٿي، تڏهن ائين ٿو ڀائنجي ته ڄڻ ڪو ڏينڀن جو مانارو بدن کي چهٽي ويو آهي.... پر، ڏينڀن جي ڏنگن کان خوف کائيندي به، جيءُ ائين ٿو ڀانئي ته شل اهي ڏينڀو چهٽا ئي رهن، ۽ انهن ڏينڀن جي هلڪي ڀون ڀون ڪنن ۾ ٻـُرندي رهي!“ اسان وٽ مصنوعي اخلاقي ۽ تهذيب جي رکوالن کي اڳ ته انساني ذهني ڪيفيت، دلي وارداتن ۽ نفسياتي الجهنن جا ههڙا چٽا پٽا نقضا نسوري بغاوت ٿيندا هئا،  پر هاڻي البت برداشت ۽ ٺاپر جو ماحول پيدا ٿيندو ٿو وڃي – شڪر آهي! ’ثميره‘ ڀيڻ جو ”پلئه پايو ڪچ“ خوب آهي. ”شاهراه“ ۽ ”پرديس ۾“ افسانا ترجمي جي فن ۽ مقصديت جي لحاظ کان شاهڪار آهن. ”پونڊرچ“ ۾’ ڏيپلائيءَ‘ پنهنجي پسنديده ڪردار کي ڪاميابيءَ سان سنڌيءَ جو رڳو ڍڪايو آهي. هونئن به، ڏيپلائي پنهنجين لکڻين ۾ مڪاريءَ ۾ ملمعي سازيءَ کي ذليل ڪرڻ ۽ ڦٿڪائڻ ۾ جيڪا شهرت حاصل ڪري چڪو آهي، سا سچ پچ سندس ئي حق آهي.

مضمونن جي حصي ۾، ”ادب ڇا آهي“ ۽ ”سريلن گيتن جو مهاڳ“پنهنجي اندر وڏي اهميت ۽ افاديت رکن ٿا. اهڙا مضمون سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيڻ کپن، بلڪل گهڻي تعداد ۾. ’مهراڻ‘ جو باقي حصو به سمورو سون آهي.

آخر ۾ هڪ عرض آهي ته جهڙيءَ طرح جويي صاحب، 1957ع جي پهرئين گڏيل پرچي ۾، پروفيسر سي . اي. بم. جوڊ جي ڪتاب ”گائيڊ ٽو فلاسافي“ جو هڪ باب ترجمو ڪري پيش ڪيو هو، اهڙيءَ طرح هر دفعي جدا جدا فيلسوفن ۽ عالمن جا نظريا ۽ خيال ترجمو ڪري پيش ڪيا وڃن، تان ته اسين هن راڪيٽ ۽ ميزائيل جي زماني ۾ اندازو لڳائي سگهون ته ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪهڙيءَ ريت حضرت انسان پنهنجي چوڌاري پکڙيل گوناگون ڪائنات کي پڙهيو ۽ پرکيو: هن جي سوچ ويچار جا رخ ۽ سانچا ڪيئن ڪيئن بدلبا رهيا، ۽ آخر هو ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪٿي پهچي چڪو آهي.

مخلص، - ذوالفقار راشدي

پوسٽ آفيس وڳڻ، 27- نومبر 1959ع

- ڀاءُ شمشير الحيدري، نمستي.’مهراڻ‘جو تازو پرچو (2-3/ 1959ع) نظرن مان گذريو. پڙهي محظوط ٿيس. سنڌي زبان جا رسالا جن دقتن کي منهن ڏيئي زنده رهن ٿا، اهي اهلِ نظر کان پوشيده ناهن. اهڙيءَ حالت ۾، ’مهراڻ‘ جو ساڳئي اوج تي هجڻ اوهان جي ڪاوشن، جانفشانين ۽ ادبي سرگرمين جو قابل تعريف مثال آهي.

’مهراڻ‘ جو حصهء نظم هميشه بلند فڪريءَ ۽ بلند خياليءَ جو نتيجو هوندو آهي. ڀاءُ گوورڌن محبوباڻيءَ جي گيتن پڙهڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته هن درد و ڪرب ۽ ان جي تقاضائن جي روحاني قدرن جو ڪهڙي نه اونهي نموني اڀياس ڪيو آهي. سندس گيتن ۾ هڪ متانت ۽ سنجيدگي، مقصديت ۽ افايت آهي؛ رسمي پيار ۽ محبت جو ذڪر ڪو نه آهي. هڪ شاعري داخلي ڪرب ۽ دل جي درد ۽ سوز کان شروع ٿئي ٿي، ۽ ٻي حيات ۽ ڪائنات جي مشاهدي کان، جنهن ۾ ’غمِ جانان‘ گهٽ ۽ ’غمِ دوران‘ وڌيڪ ٿئي ٿو؛ پر گوورڌن جي شاعري انهن ٻنهي نظرين جو ميلاپ آهي. ٻين شعرن مان پڻ، مجموعي طرح، بلند ذوقي، صحتمندي ۽ فڪري باليدگي ظاهر ٿئي ٿي.

ڀاءُ سراج ”چنڊ گرهڻ“ ۾ واقعن جي نفسياتي ترتيب سٺي نموني بيهاري آهي. هو پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ افساني جي انجام تائين اهڙيءَ طرح وٺي هلي ٿو، جو ڪٿي به رڪاوٽ نٿي محسوس ٿئي. افساني ۾ موجوده معاشري جي حقيقي تصوير چٽي ويئي آهي؛ البت لفظن ۾ ضرورت کان زياده تڪلف ڀريو ويو آهي، جنهن کي ’خودلذتيت‘ کڻي چئج. مجموعي اعتبار کان افسانو تمام مؤثر، خوبصورت ۽ جنسي نفسيات جي سٺي تخليق آهي.

”پلئه پايو ڪچ....“ بيشڪ بلند ۽ حقيقت پسندانه افسانو آهي. جيتوڻيڪ ڀيڻ ثميره زرين فني قدرن جو گهڻو خيال رکيو آهي، پر ڪي واقعا ۽ جملا – جن جو اشارو جويي صاحب پنهنجي خط ۾ ڪيو آهي-  نامناسب پيا لڳن. سندس فن ۾ هڪ طرف مرندڙ دنيا جي آخري ۽ ڪربناڪ ڪيفيت ملي ٿي، ته ٻئي طرف وري دنيا جا حيات افزا امنگ، سندس همدردي پراڻي نظام سان وابسته ناهي، پر هوءَ نهايت پرجوش لفظن ۾ نئينءَ دنيا جو خيرمقدم ڪري ٿي. سندس اهو فن، ادب جي صحتمند قدرن جي آئينه داري ڪري ٿو.

”شاهراهه“ هڪ فلسفيانه ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ’زندگيءَ‘، ’پريم‘ ۽ ’شيوا‘ تي سنجيدا ۽ ڳوڙها ويچار ظاهر ڪيل آهن. جيتوڻيڪ ڪهاڻي ترجمو ڪيل آهي، پر تڏهن به منجهانئس اصليت پيئي بکي.

”پرديس ۾“ ۽ ”پونڊرچ“ ٻئي اعليٰ معيار جون فڪرانگيز ڪهاڻيون آهن، ۽ ترجمي کي سٺي نموني نباهيو ويو آهي.

ڀيڻ سندري اتمچنداڻيءَ ”وڻجارا“ لکي، ناٽڪ نويسيءَ ۾ نئين وسعت آندي آهي؛ انهيءَ لاءِ ليکڪا جس جي ڀاڳي آهي.

مضمونن مان، ”ادب ڇا آهي“ هڪ بنيادي مطالعو آهي ’مهراڻ‘ ۾ اهڙن مضمونن کي آئيندي پڻ جاري رکندا.

ڀاءُ ’تنوير‘ عباسيءَ ۽ مراد علي ’اختر‘ ”سريلن گيتن جي مهاڳ“ جو ترجمو تمام سليس ۽ بي تڪلف انداز ۾ ڪيو آهي. اسان جو شعر ۽ ادب تي اهڙا مقالا سٺو اثر قائم ڪندا؛ تنهنڪري سنڌي ادب لاءِ زبان ۽ مواد وغيره جي قدرن بابت مضمونن جو سلسلو هلايو ته بهتر.

ڀاءُ سروپچندر ’شاد‘ ”ٿر ۾ ميرن جا قلعا“ لکي نه صرف سنڌ جي تاريخي مواد ۾ اضافو ڪيو آهي، بلڪه ائين چوڻ بجا ٿيندو ته هن پنهنجيءَ تحقيق ۽ تلاش سان ٿر وارن ميرن جي قلعن جي ڄڻ ته صحيح تاريخ کي وجود ۾ آندو آهي. اڳي جيڪي ڪجهه ٿر جي قلعن بابت لکيو ويو آهي. تنهن کي تذڪرو ته چئي سگهجي ٿو، پر ان کي تاريخ جو درجو شايد نه ڏيئي سگهجي. اميد ته ليکڪ اڃا به رهيل حقيقتن کي واضح ڪري جس کٽندو.

”مهراڻ جا موتي“ واقعي هار پوئي هنڊائڻ جهڙا آهن.

”ادب ۽ سائنس“ تي ’رائيٽرس گلڊ‘ جو ادبي مذاڪرو ۽ مقالا عالمانه ۽ فڪر انگيز آهن. انهيءَ حصي جي ڪري ’مهراڻ‘ جو هيءُ پرچو گهڻو بلند ٿي ويو آهي.

هن پرچي جي مطالعي ۾ ڏٺم ته ”لوڪ ادب“ ۽ ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ عدم پيدا هئا. لوڪ ادب ٻوليءَ جي جان آهي، ۽ سنڌي ٻولي لوڪ ادب جو خزانو آهي. اميد ته ’مهراڻ‘ جي صفحن ۾ لوڪ ادب کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪندا.

آخر ۾ آءٌ سڀني اديبن ۽ ادارن کي هڪ اهم ضرورت جو احساس ڏيارڻ چاهيان ٿو ته جهڙي نموني سنڌي ادبي بورڊ قديم شاعرن جي ڪلام کي شايع ڪري رهيو آهي، تهڙي نموني موجوده نوجوان شاعرن – جهڙو شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، برده سنڌي، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، بشير مورياڻي، وغيره وغيره – جي ڪلام کي به ڇپائي، ايندڙ اديبن جي رهبريءَ جو اهتمام ڪيو وڃي ته ڏاڍو سٺو. ’مهراڻ‘ جي لکندڙن کي معاوضو به ڏنو وڃي، ته جيئن هو پنهنجين مالي مشڪلاتن سان چڱيءَ طرح منهن ڏيئي، وقت بچائي، ادب پيدا ڪري سگهن.

اوهان جو پنهنجو، - وليرام، ’ولڀ‘

ميرپورخاص، 22- جنوري 1960ع

- پريه شمشير، نمستي. ’مهراڻ‘ جو نئون پرچو (2-3/59ع) پڙهيم. شروع کان آخر تائين، مجموعي طرح، هي پرچو گهڻي قدر ڪامياب آهي. خاص طرح مضمونن جي حصي ۾ سٺيون چيزون آيل آهن. شعر واري حصي ۾ ’تنوير‘ جا دوها، ’نياز‘ همايونيءَ جي وائي، گوورڌن ۽ ’بردي‘، سروپچندر ۽ محسن عباسيءَ جا گيت، گوورڌن جو نظم ”نئون ويچار“، بردي جو نظم ”گذارو نٿو ٿئي“، تنوير جو نظم ”ڳالهيون“، نياز همايونيءَ جو نظم ”اي درد هلي آءٌ“، بشير مورياڻيءَ جو نظم ”خوابن جي خوشبو“، تمام سهڻيون تخليقون آهن. بردي سنڌيءَ جو قصيدو، ”سنڌ سنهاڻي“، حب الوطنيءَ جو شاهڪار آهي. سراج جو آزاد نظم، ”بازگشت“، عاليشان آهي. غزلن مان ’حيدر‘ جتوئي، ’نياز‘
همايوني، ’تنوير‘ عباسي، ’ذوالفقار‘ راشدي، رشيد ’ارشد‘ ۽ درد‘ دريشاڻيءَ جا غزل مون کي وڻيا. ڊاڪٽر ’خادم‘ جون رباعيون ته تبرڪ آهن؛ ۽ احسن الهاشميءَ جا ڪي قطعا ڏاڍا پسند آيم. ڪنهن کي ساراهي، ڪنهن کي ساراهيان؟ اڄ اسان جا اديب جنهن جديد طرز جي شاعري پيدا ڪري رهيا آهن، سا هڪ اهڙي مستقل دور جي شروعات آهي، جنهن کي آئيندي جي ادبي تاريخ ۾ سنڌ جي تخليقي شاعريءَ جو ’سنهري دور‘ سڏيو ويندو.

ڪـُل پنج افسانا ۽ هڪ ناٽڪ هن پرچي ۾ آهن. انهن مان ٽي افسانا ترجمو آهن. هونئن ته ٻاهرئين ادب جي ترجمن کي وڏيءَ دل سان آڻڻ کپي، جنهن سان اسان جي ادب ۾ فن ۽ مواد جو اضافو ئي ٿيندو، پر پنهنجين تخليقن کي البت وڌيڪ همتائڻ جي ضرورت آهي. جمال ابڙو، ابن الياس، علي احمد بروهي، سوڀو، ابن حيات، بشير مورياڻي، غلام حسين جعفري، غلام علي الانا، شِخ حفيظ، اياز قادري، ۽ ٻيا به ڪيترائي فنڪار آهن، جن جا افسانا گهڻي وقت کان نه اچي رهيا آهن. ڪوشش ڪري انهن کان سندن افسانا حاصل ڪري شايع ڪندا. گذريل ڪن پرچن ۾ اوهان گهڻن ئي نون لکندڙن کي متعارف ڪرايو آهي، سا ته ڏاڍي سٺي ڳالهه آهي، پر پختن ليکڪن کي ايترو جلد غائب نه ٿي وڃڻ کپي.

سراج جو افسانو ”چنڊگرهڻ“ هڪ بهترين نفسياتي افسانو آهي، جنهن ۾ عورت جي جنسي جذبن کي اثرائتي نموني سان پيش ڪيو ويو آهي. افسانه نگار هڪ نوجوان دوشيزه جي دل جي ڌڙڪنن کي ٻـُڌي سگهيو آهي، ڳڻي سگهيو آهي. هو نوجوان، الڙ نينگريءَ جي اڀرندڙ امنگن ۽ اڌمن جي صحيح ترجماني ڪرڻ ۾ گهڻيءَ حد تائين ڪامياب ويو آهي. هيءُ افسانو سچ پچ ته انهيءَ سماج تي قابل غور طنز آهي، جنهن ۾ عورت جي جذبن کي بي انصافين ۾ گهٽيو وڃي ٿو.

”شاهراهه“ افساني جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي! وري وري پڙهيم. بهترين افسانو آهي. جهڙو آهي اصل افسانو، تهڙو ئي وري ترجمي ڪرڻ واري ان ۾ زبان جي اهڙي خوبي ڀري آهي جو بنهه اصل جو گمان پيو ٿئي. پريم ۽ شيوا جي فلسفي کي ڏاڍيءَ ڪماليت سان نباهيو ويو آهي. سچ ته شيوا جو درجو پريم کان آهي به مٿي: پريم ته شيوا کانسواءِ ٿي سگهي ٿو، پر شيوا پريم کانسواءِ ٿي ئي نٿي سگهي!.... پريم سان پريتم ملي ٿو، ۽ شيوا سان ايشور!

”پونڊرچ“ پڻ انساني نفسيات جو سهڻو تجزيو آهي. انسان جا انسان سان ناتا، ويساهه ۽ عقيدتون، مڃتا ۽ پوڄا، پيار ۽ ڌڪار، ذهني ڪيفيتون ۽ اندازا، عيش ۽ افلاس، جنسي شڪست، ۽ خيالن جي مختلف حالتن ۾ تبديل- اهي سڀ ڳالهيون ’پونڊرچ’ ۾ ڏيکاريل آهن. افسانو به سٺو آهي، ۽ ترجمو به سٺو آهي.

”وڻجارا“ ناٽڪ، ڀيڻ سندريءَ جو لکيل، بيحد وڻيم، سنڌيءَ ۾ اها ڪوشش، ادبي اضافو آهي.

مضمونن ۾ بروهي صاحب جو ”ادب ڇا آهي“ ۽ ورڊ سورٿ جو ”سريلن گيتن جو مهاڳ، مهراڻ ۾ پيش ڪري اوهان سنڌي ادب ۽ شاعريءَ لاءِ تنقيدي دور جو دروازو کوليو آهي، جنهن لاءِ اوهان کي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ ڪي لفظ ئي نٿا ملن. بروهي صاحب انگريزي ادب تي گهڻو عبور ٿو رکي، ۽  سندس هن مضمون جي جامعيت کي انگريزي ادب سان وابستگي رکندڙ پوريءَ طرح معلوم ڪري سگهندا. ادب جو اهو بنيادي تعارف، سنڌي اديبن ۽ شاعرن لاءِ تمام ضروري مطالعي جو ڪم ڏيندو. اهڙا ٻيا مضمون پڻ جيڪڏهن پيش ڪندا رهو ته تمام بهتر.

”سريلن گيتن جو مهاڳ“ هن پرچي جو سڀ کان اهم مضمون آهي – بلڪه سنڌي ادب ۽ شاعريءَ لاءِ اهم ترين ڪوشش آهي. اسان جي ادب ۾، مون کي يقين آهي، هيءُ مقالو ضرور وڏي اٿل آڻيندو. هن باري ۾ مون کي گهڻو ئي ڪي لکڻو آهي، تنهنڪري ڪنهن موقعي تي پنهنجا خيال موڪلي ڏيندس.

’رائيٽرس گلڊ‘ طرفان حيدرآباد ۾ پهريون ڀيرو ادبي سمپوزيم ٿيو آهي، جنهن جي مفصل ڪارروائي اوهان ’مهراڻ‘ ۾ ڏني آهي. ادب ۽ سائنس – ٻئي انساني زندگيءَ جا اهڙا مـُک موضوع آهن، جن جي پاڻ ۾ نسبت ۽ اثراندازيءَ کي جاچڻ به پنهنجيءَ جاءِ تي اڄ جي دور جو وڏو موضوع آهي. انهيءَ موضوع تي جيڪي به مقالا ۽ خيال آرايون پيش ٿيون آهن، سي سنڌي ادب لاءِ وڏي غنيمت آهن. هيءُ حصو ’مهراڻ‘ لاءِ هميشه جي زينت آهي.

آءٌ ڀانيان ٿو ته خط جي ختم ڪرڻ جو موقعو آيو آهي، تنهنڪري پنهنجي پسند جو هڪ شعر دهرائي، موڪل وٺندس:

’هلڪين ڳالهين ساڻ دلين جا بارَ جهڪا ٿي پوندا،

تنهنجي چپن سان لڳندي لڳندي لفظ مٺا ٿي پوندا؟‘

(تنوير)

’مهراڻ‘ جو                                            متوالو، - نارائڻ شرما (بي . اي . آنرس)

حيدرآباد، فيبروري، 13، 1960ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com