ان کانپوءِ قدرت الله شهاب، جنرل سيڪريٽري،
رائيٽرس گلڊ پاڪستان، گلڊ جي ڪارگذاريءَ متعلق
اجمالي طور تبصرو ڪيو ۽ ٻڌايو ته ”اهو غلط آهي ته
گلڊ جو قيام فقط حڪومت جي تائيد ۽ خدمت لاءِ ئي
وجود ۾ آيو آهي. اديب ۽ دانشور پوري اخلاص ۽
آزاديءَ سان علمي ۽ فني خدمت ڪندا رهن. ائين ڪرڻ
کان کين ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي.“
گلڊ جي هن اجلاس ۾ ڪي تجويزون آيون، ۽ ٺهراءَ پاس
ڪيا ويا. هڪ مکيه ٺهراءَ ۾ علائقائي ٻولين جي حقن
۽ انهن جي آزاديءَ سان اشاعت متعلق متفقه طور چيو
ويو ته ”پاڪستان جي سڀني علائقائي ٻولين – بنگالي،
پشتو، سنڌي ۽ بلوچي - ۾ فن جي خدمت لاءِ معياري
ڪتاب تيار ڪري شايع ڪيا وڃن.“ گلڊ جو اهو ٺهراءُ
نهايت اميد فزا آهي. پاڪستان جي سڀني علائقائي
ٻولين جي اديبن ۽ دانشورن لاءِ لازم آهي ته هو
پنهنجي فني ۽ فڪري تخليقات سان ادب ۽ ثقافت جي جي
خدمت ڪن.
قدرت الله شهاب جي اپيل:
اديبن جي آزادانه راءِ، ۽ فني فڪري تخليقي ڪاوش ۽
انهن جي گلڊ سان اصولي وابستگيءَ متعلق پاڪستان
رائيٽرس گلڊ جي جنرل سيڪريٽريءَ، قدر الله شهاب،
صاف صاف ٻڌايو ته ”منهنجا دوست، هر قسم جي غلط
فهميءَ کي دور ڪري، يقين ڪن ته ’پاڪستان رائيٽرس
گلڊ‘ خالص ’ٽريڊ يونين‘ آهي، ۽ هڪ ادبي تنظيم آهي،
پر ڪو ’نظرياتي ادارو‘ نه آهي. ان جو واحد نظريو
اگر ٿي سگهي ٿو ته اهو فقط اهو آهي ته ذهن جي
ايماندارانه ڪاوش سان ۽ همت سان ادب جي تخليق ڪئي
وڃي، ۽ ان کي اشاعت ۾ آڻڻ لاءِ بهترين ذريعا ۽
وسيلا پيدا ڪيا وڃن. هر فرد پنهنجيءَ جاءِ تي
جداگانه انداز فڪر جو حامل آهي، تنهنڪري گلڊ جي
ڪنهن به رڪن جي تقرير ۽ تحرير کي گلڊ جي ترجماني
نه سڏڻ گهرجي، اها اهل قلم جي پنهنجي انفرادي راءِ
آهي، گلڊ جي تنظيم متعلق ان راءِ کي ڪو به معيار
نه سمجهڻ گهرجي، خواه گلڊ ۾ ان جي ڪهڙي به حيثيت
هجي. جن دوستن کي اهو گمان آهي ته ’گلڊ‘ سياسي
نمائندگيءَ جي آله ڪار آهي، تن کي گذارش آهي ته هو
يقين رکن ته گلڊ سياسي ادارو ڪين آهي. نمايان
حيثيت حاصل ڪرڻ يا واجبي حقن جي تقاضا ڪرڻ ڏوهه
ڪين آهي، پر اهو ياد رهي ته تخليقي ذهن آسودو به
ٿي سگهي ٿو، ۽ ان سان گڏ غير مطمئن به رهي سگهي
ٿو، ڇالاءِ ته اهي هميشه ناقابل حصول بلنديءَ جا
متلاشي رهن ٿا. جيستائين سندن بيقرار ذهن ڪنهن
داخلي يا خارجي دٻاءُ، رغبت يا الهام جي ماتحت
فڪري انقلاب يا ند رتِ خيال جي ڪوشش نه ڪندا،
تيستائين کين نڪا ادب ۾ نمائندگي ملي سگهندي، ۽
نڪو کين حق ئي پلئه پوندو.
آخر ۾ ملڪ جي سرمائيدار طبقي کي ’گلڊ‘ جي امداد
لاءِ توجهه ڏياريندي ٻڌايائين: ”اسان جي ملڪ ۾ مال
۽ دولت وارا گهڻا ئي صاحبِ دولت موجود آهن- اگر
اهي توجهه ڏين ۽ ڏسن ته ’رائيٽرس گلڊ‘ وٽ اديبن ۽
شاعرن جي بهبوديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ بهترين عملي
پروگرام موجود آهي، ۽ اسان انهن اديبن کي پنهنجي
قومي وسيلن سان ئي مستفيد ڪرڻ گهرون ٿا- ان جي
مقابلي ۾، اسين غير ملڪي امداد قبول ڪرڻ کان قاصر
آهيون. اسان وٽ دولتمند ماڻهو عجيب غريب طريقن
سان شهرت طلبي حاصل ڪرڻ لاءِ دولت کي لٽائين ٿا.
انهن لاءِ ته پاڻ سڀ کان وڌيڪ عالمن ۽ دانشورن جي
خدمت لاءِ موقعا ڳولڻ گهرجن. مون کي علم آهي ته
ڪيئن نه هڪ سرمائيدار عطر جون ويهه هزار شيشيون
پنهنجيءَ نياڻيءَ جي غسل لاءِ صرف ڪيون آهن! ظاهر
آهي ته ان ۾ محبت کي گهٽ دخل آهي، پر شهرت کي
زياده. اگر اهڙو سرمائيدار ان جي اڌ رقم به
’رائيٽرس گلڊ‘ کي ڏئي ها ته ان مان هوند ملڪ ۾ نظم
۽ نثر جي عطر فشان فضا قائم ٿي وڃي ها!“ اميد آهي
ته شهاب صاحب جي ان مخلصانه وضاحت کي پيش نظر رکي،
اسان جا اديب نهايت خلوص ۽ آزاديءَ سان فن جي
تخليق ڪندا رهندا، ۽ سرمائيدار ماڻهو پڻ دل کولي
هن ادبي ڪم ۾ حصو وٺندا.
آخر ۾ اسين رائٽرس گلڊ جي اهلڪارن کي گلڊ جي
نمائندگيءَ متعلق دوباره ياددهاني ڪرڻ مناسب ٿا
سمجهون ته هو ”سنڌي ادب“ کي پوري پوري نمائندگي
ڏين. سنڌي ادب ۽ زبان جي قدامت ۽ فني حيثيت جي
لحاظ سان ڏٺو ويندو ته فقط هڪ نمائندو ناڪافي آهي.
پشتو ۽ پنجابي ٻولين کان هر حال ۾ نمائندگي وڌيڪ
هئڻ گهرجي. اميد ته اسان جي گذارش تي غور ڪيو
ويندو. (غ . م . گ .)
ا
بيت:
مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘؛ محمد خان ’غني‘؛
سروپچندر ’شاد‘
دوها :
ذوالفقار راشدي؛ سروپچندر ’شاد‘
ڪافيون:
مصري شاهه؛ مرزا قليچ بيگ؛ حافظ شاهه ’حافظ‘
ٽکڙائي؛ مخدوم محمد زمان ’طالب المولا؛ ميران محمد
شاهه ’مير‘؛ محمد ’غني‘؛ حافظ محمد احسن؛ حسين بخش
’خادم’؛ مير محمد ’ميرل‘؛ جويو؛ پير محمد ’پياسي‘؛
نياز علي شاهه ’محسن‘؛ احمد خان ’آصف‘؛ علي بخش
’رضا‘.
وايون:
مخدوم محمد زمان ’طالب المولا‘؛ محمد خان ’غني‘؛
عبدالجبار ’شام‘؛ احمد خان ’آصف‘
گيت:
شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘؛ گوورڌن محبوباڻي؛ ’نياز‘
همايوني؛ نارائڻ ’شيام‘؛ عبدالڪريم گدائي؛ سراج؛
سروپچندر ’شاد‘.
لوڪ گيت:
م . ع . ڏيپلائي
نظم:
گوورڌن محبوباڻي؛ ’تنوير‘ عباسي؛ سروپچندر ‘شاد‘؛
’ذوالفقار‘ راشدي؛ ’درد‘ دريشاڻي؛امين ’فهيم‘؛
’برده‘ سنڌي
آزاد نظم:
سروپچندر ’شاد‘.
سي حرفتي:
مير محمد ’ميرل‘، جويو
نيون طرزون:
سروپچندر ’شاد‘؛ ’پروانو‘ ڀٽي.
غزل:
’سرشار‘ عقيلي؛ شيخ ’اياز‘؛ عبدالحليم ’جوش‘؛ علي
محمد ’مجروح‘؛’برده‘ سنڌي؛ عبدالڪريم ’گدائي‘؛
عبدالله
’خواب‘؛ شيخ ’راز‘؛ شبير ’هاتف‘؛’درد‘ دريشاڻي؛
’ذوالفقار‘ راشدي؛ محمد علي ’جوهر‘.
قطعا:
احسن الهاشمي؛ سروپچندر ’شاد‘؛ ’ذوالفقار‘ راشدي.
رباعيون:
مرحوم مراد علي ’ڪاظم‘؛ ا . ح . جئسنگهاڻي
ادب لطيف
جهامنداس ڀاٽيا؛ ا . ح . جئسنگهاڻي؛ هريڪانت.
”قباحت ۽ حسن هڪ لڱا سمنڊ جي ڪناري تي اچي ملاقي
ٿيا. هڪٻئي کي چيائون، اچو ته سمنڊ ۾ وهنجون. پوءِ
ڪپڙا لاٿائون، ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ تڙڳيا. ٿوريءَ دير
کان پوءِ قباحت موٽي ڪناري تي آئي، ۽ حسن وارا لٽا
اوڍي رمندي رهي. حسن به سمنڊ مان نڪري ٻاهر ٿيو، ۽
ڏٺائين ته سندس ڪپڙا هئا ئي ڪو نه؛ ا ُگهاڙپ سو
ُرؤن نهايت شرمايو پئي، سو قباحت واري وڳي سان ئي
کڻي پاڻ ڍڪيائين. پوءِ حسن پنهنجي واٽ وٺي هليو
ويو.
”بنهه اڄ سوڌو، ماڻهو حسن کي قباحت ۽ قباحت کي حسن
ڪريو پيا سمجهن. ته به، ڪي آهن، جن حسن جو مـُکڙو
ڏٺو آهي، ۽ ا ُڌاري ويس ۾ به ان کي سڃاڻن ٿا؛ ۽ ڪي
آهن، جن کي قباحت جي مڪروهه مهانڊي جي ڄاڻ آهي، ۽
حسن وارو ويس قباحت کي سندن اکين کان لڪائي نٿو.“
– خليل جبران.
بيت
مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘
سورن ڏنا سـُک، سـُکن سورَ سوين ڏنا،
دلبر جي ديدار جي، بيحد آهي بک،
ايندي عجيبن جي، لهندا اندر جا اَهک،
پرت رکبي پاڻ ۾، تڏهن پوندي پرک،
مٽجيو وڃن محبت ۾، لاڳاپا جي لَک،
’طالب مولا‘ مرد ٿي، وڌندي رک تون وک،
ڪارڻ رب اَلک، سهه سڀوئي سر تي.
ڏکن ڪين ڏکوئيو، پر سکن ڏنا سـور،
ڏکن واري ڏيهه ۾، محبن جا مذڪور،
سـُکن جي سَڌُن ۾، اندر وَهن انبور،
ڏکن ڏاهپ نه اچي، آهن محو ۽ مخمور،
سکيا سورن کان سدا، وڃن ٿا وهلور،
”اِن مـَع العُسريـُسراً“، سدائين سرور،
’طالب مولا‘ مرد ٿي، محبت ڪر منظور،
آڌي ۽ آسور، ڏکن سان پيو ڏور تون.
سکن وارا سنرا، سدائين سرشار،
محبت رکن ٿا مال جي، اٿن دولت جي درڪار،
هو دور رهن ٿا درد کان، ويسلا هر وار،
ٻـُڌجن ته ٻَهون پيا، ڏکن جا ڏهڪار،
پر سوريتين سان ساڻ، سڄڻ سڀئين پار،
’طالب مولا‘ مرد ٿي، گوندر منجهه گذار،
ته سهڻن جو سردار، سورن ۾ ساڻي ٿئي.
ڏٺا اٿئون ڏيهه ۾، سکن وارا سَوَ،
خوف نه اٿن خدا جو، هو رُلندي ڪن ٿا رَو َ،
محبت رکن مال جي، ۽ مچيو ڪن ٿا مَوَ،
دنيا آهي ڍونڍ، تنهن کي ڍونڍيو ٿا ڪن ڍَوَ،
ڏکن جي ڏهڪاءَ کان، ڪنبيو ڪن هو ڪَوَ،
ڏکن واري ڏيهه کان، ڪن ڀورا ڀڄيو ڀَوَ،
’طالب مولا‘ ساڻ هـُو، نٿا لائين لـَوَ،
هنِئڙي اندر هَوَ، ڪا نه رکن ٿا قرب جي.
سڄڻ لـَهُه سماءُ، سوريتن جو سيگهه ۾،
ڏکن ڏکويو ڪين ڪي، پر سکن ڇڏيو ساءُ،
’طالب مولا‘ کي وڻي، ورهه وارو واءُ،
پرين پرچي آءُ، ته گڏجي گوندر لاهيون.
طلب نه وڻي تن کي، جن جي برهه لاٿي بـُک،
’طالب مولا‘ مرد ٿي، ڏوري ڏٺائون ڏک،
سورهيه ڇڏي سک، سورن ۾ سرشار ٿيا.
وصل واريءَ واٽ ۾، کڻ سورن جو ثمر،
ڀلي بـُک ڀرم جي، اٿئي سهڻو اهو سفر،
جي سـُکن ۾ سمهي رهيون، تن ووڙي لڌو نه وَر،
’طالب مولا‘ مرد ٿي، پڙهه دل سان ’الف‘ اَکر،
لنگهي دردن وارو در، وڃي مل محبوب سان.
عشق اندر آيو، ته سکن ڇڏيو ساءُ،
سکن مان ٿئي ڪين ڪي، سورن جو سماءُ،
ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍ تون، کونرا ويٺو کاءُ،
عاشق آر انگل سان، آڏيءَ تي پيو آءُ،
اکيون اندر جون اُپَٽي، پس لالڻ جو لقاءُ،
تڏهن ريجهي راءُ، جڏهن ’طالب مولا‘ مرد ٿين.
سـُکن سڀڪو ڀاءُ، سورن ڀائِي ڪو نه ڪو،
سورن جي سهاڳ ۾، آهي لالڻ جو لقاءُ،
سکن جو سامان آ، ورِهه جو وڻاءُ،
’طالب المولا‘ مرد ٿي، ته پئي سورن مان سماءُ،
سکن وارو ساءُ، جدا ڪندو جانب کان.
سورن سندس ساٿ، عشق اسان ڏي موڪليا،
ڪئين نچايا ناٿ، سکن پنهنجي سَڌن ۾.
سنگتي جن جا سور، اهي مرغوب آهن محب جا،
سکن سندا سيڪڙو، ڪئي ڏٺاسون، ڪنٽور،
ٿين نه حاصل هڙڪا، وڃن ورِهه کان وهلور،
سورن جي سنگت ۾، آهن پرين سندا پور،
سورن واري ساٿ ۾، محبوب جا مذڪور،
جن کي گهائي رکيو گهور، اهي ’طالب مولا‘ مرد ٿيا.
سک چون ته سمهي رهو، سور ڪن سجاڳ،
سکن جي سنگت آهي، نسورو ئي نڀاڳ،
سورن منجهان سدا ملي، محبت وارو ماڳ،
ته ويچاري ويراڳ، واٽ ڏيکاري ورهه جي.
سورن مٿي سور، سڄڻ سهڻي موڪليا،
مون به آندا اکين تي، چئي ”نور“ عليٰ نور“،
’طالب مولا‘ مرد ٿي، محبت ڪئي منظور،
تڏهن ڏوران ڏور، اچي سڄڻ ساٿي ٿيو.
ٻـُڌي منهنجي ڳالهڙي، اکين چيم اينءَ،
ته اچي خواب خيال ۾، چيو حبيبن هينءَ:
”اسان ديرو اِت ڪيو“، ننڊون ڪبيون ڪينءَ،
ٿيو آرو اِنهيءَ سينءَ، جو سمهڻ سهي ڪينڪي!
اکيون ٻيون گهوريون، اکيون اَو آهينِ،
پِرَ کي پسڻ لاءِ جي، ويٺيون واجهائين،
صورت ڏسي سڄڻين، لنؤن وڃي لائين،
پنبڻين پير پِرين جا، ڀاڳ وڏا ڀائين،
ڇڪي ڇپرن وچ ۾، لالڻ لڪائين،
هِڪَ ۾ وييون هِڪُ ٿي، نه ٻئي در واجهائين،
پاسي کڻي پَل ٿيا، ته ماتم مچائين،
رتي رات نه رمز ٿي، ته روئِي ريجهائين،
سي سيني سيبائين، آرو اکين جن تي.
اکيون پيون گهوريون، اکيون او آهين،
پِرَ ري پِرڀن ڪينڪي، پِرَ کي پرڀائين،
نڪي لاڙنِ لـُڙڪ سي، پڌر نه جي پائين،
جيڪا ڳجهي ڳالهڙي، سا ڳالهه نه ڳالهائين،
ته به دُورؤن ڏسائين، ته هِنن هيج حبيب تي. اک نه
ڇڀنديس آءٌ ڙي، متان انهيءَ وير،
اچي ڏين اکين تي، پرين منهنجي پير،
هيءُ جي ڀنجهر ڀير، متان اوکا لڳن اُن کي!
هي جي منهنجيون اکيون، تن ۾ رانجهن رو ُءِ،
اکين ويهي اُوءِ، ماڻي پيو مشاهدا.
جي ٿيون پڇو پِرَ جو، ته هلي اچو هِت،
هي جي منهنجيون اکيون، ڪريو تن نرت،
جانب جوڙيون جائيون، اچي آهن جت،
اوهين پهچي ات، ماڻيو سڀ مشاهدو.
سروپچندر ’شاد‘
منهنجا مٺڙا راڳ، توتي چَريا سُپرين،
سهي سـُور ساماڻا، منهن جا آهن ڀاڳ،
تون سپنو مان جاڳ، سڪون سرچڻ لئه اسين.
آهين چَريو چنڊ تون، چنچل آءٌ چڪور،
تون بادل مان مور، سِڪڻ اسان کي سونهي.
پاڇولا پيا، چانڊوڪين جا چِت تي،
سـُرڪيون ڀري سونهن جون، پاڳل پـُور ٿيا،
اُڏري سور ويا، توکي ڳولڻ لئه پرين.
منهنجن چپن تان ويئي، کسڪي مِٺي مـُرڪ،
حيران بڻي لـُڙڪ، اُن کي ڳولڻ لئه اٿيا.
چـُڪي پي، چريو ٿي، وٺي چوريم چنگ،
اُڪنڊيا اُمنگ، پر پکيڙي اُڏريا.
تـُنهنجين اکڙين ۾ سـُتل، آهن گهڻا مينهن،
سڄڻ تنهنجي نينهن، جيئڻ سيکاريو جاڳ کي.
صبح سڀاڳو، پليو رات جي پيٽ ۾،
مـُنهنجو اوجاڳو، ساماڻو سـؤ سور سهي.
ساوڻ ساماڻو، آئي مـند ملڻ جي،
چوڏس چِٽاڻو، جوڀن جي جلوي ڪيو.
پيتم پياليون، سـُرڪي سـُرڪي سونهن جون،
کڻي بسنت آئيو، پراڻيون ڳالهيون،
اکيون ڳوڙهاليون، چمڪي اٿيون چند جان.
لڳي مون کي اوچتو، منهنجي ئي نظر،
رهيم ڪين خبر، آلو آن ’يا آگ آن.‘
دنيا آهي رُڃ، آءٌ هرڻ هيڪلو،
ڊوڙي منهنجي ڊوڙ ٿِي، رڳو سـُڃ ئي سـُڃ،
ڪيئن اجهامي ا ُڃ، جت پاڻي پسجي ڪينڪي!
آهيان آءٌ رولاڪ، ڪڪري هڪڙي ڪارڙي،
دامن داغن سان ڀريل، چِتڙو اٿم چاڪ،
پاڳل آءٌ پياڪ، سِڪان پيئي شراب لئه.
ڪري پـَرَ، پريت! ا ُڏري آءُ ا ُڃئي وٽ،
سيکاريان سڀن کي، اڄ پيئڻ جي ريت،
مٺڙا مٺڙا گيت، آءٌ ته توتان گهوريان.
پيان، ڇو نه پيان، سـُرڪي آءٌ شراب،
تنهنجين نظرن ۾ سڄڻ، نيچ ڇو نه ٿيان،
ڀلي منهن موڙ تون، آءُ ايءُ گهران،
جيسين پيو جيان، تيسين سِڪان سـُپرين!
اچي مِٺل مـِل، ته اوريون ڳـُجهيون ڳالهيون،
آءٌ چنگ چوريان، ڀلي پيو تون کِل،
توکي ارپيان دل، سڄڻ مون کي سور ڏي!
دوها
’ذوالفقار‘ راشدي
راڻين ۾ مون رات گذاري، شهزادين ۾ شام،
ڪين انهن مان ڪنهن به پروڙي، منهنجي دل جي مام،
ڪارا بادل ڇانيا، آهي اوڻٽيهين ا ُماس،
منهنجي من ۾ وڄ جيان چمڪي، تنهنجي ملڻ جي آس.
دردن جا هي مينهن – مهينا، سورن جا هي سال،
لِيڙن ۾ مون رات لڪايو، پنهنجي دل جو لال.
نڌر ناري ٿڳڙن ۾ ٿي ٿڙڪِي ساري رات،
سيءَ جي آڏو الهڙ جواني کائي ويئي مات.
هاءِ اسان تي جادو ڪيو هو، ڪنهن چوڏهينءَ جي چنڊ،
مدت تائين موڳو رکيو، تنهن مانڊيءَ جي مَنڊ.
سالن تائين ساک ڀريسين تنهنجي سونهن سندي،
ڦٿڪي پيئي تنهنجي سڪ ۾ دلڙي درد وَ ندي.
عنبر جي دونهين جيان آيو دل ۾ تنهنجو نـُور،
من – مندر ۾ ٻي ڪا مـُورت مون نه سجائي مور.
سرو پچندر ’شاد‘
ڪَرَ موڙي پيئي جاڳي دل ۾ تنهنجي ايئن ا ُڪير،
پاڻيءَ جي ماٺيڻي ڳل کي چـُمي ويئي ڄڻ هير.
منهنجن چپڙن تي، او مٺڙا، تنهنجو ايئن آه نانءِ،
ڪوئي سانگيئڙو پيو ڳائي بيت ’شاه‘ جو ڀانءِ.
تنهنجن چپڙن تي اڄ مـُرڪن ايئن ڪيو آ وس،
تازن تازن انگورن مان ڄڻ پيو ٽپڪي رس.
ڦوهارو ٿِي تنهنجين اکڙين مان ايئن نڪري پريت،
وڻ جي ٽارين تي ڄڻ ڳائي چانڊوڪي پئي گيت.
ڇرڪي، مـُرڪي، هٻڪي، تنهنجو ڳالهائڻ جو ڍنگ،
چـُڪڙي پي، اوسائين، پيو ڄڻ، چارڻ چوري چنگ،
تنهنجن رخسارن تان ايئن ٿِي چانڊوڪي تِرڪي،
جيئرو ٿي سنگمرمر پيو ڄڻ مـُرڪي ۽ ڇِرڪي.
تنهنجين نظرن کي ائين چميو منهنجين نظرن آهه،
ملي چڪور کي ويو ڄڻ، سـُهڻا، چنڊ چرئي جو چاهه.
تنهنجي منهنجي پريت پراڻي، پنهنجو هڪڙو ماڳ،
مان مستانو شاعر آهيان، ۽ تون مٺڙو راڳ. |